سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2012ع

مضمون

صفحو :15

شبنم گل

رنگين پر هوا بنا اڌورا آهن!

هوءَ آزاد فضائن ۾ وڻن مٿان اُڏامندي رهي ٿي، اڏامڻ ۾ هڪ وڻندڙ احساس لڪل آهي جيڪو لهرن ۾ ترندي سمي محسوس ٿيندو آهي پر پاڻي لهرن جي دائري ۾ قيد آهي پر فضا لا محدود آهي.

زمين جي حدن کان ٻاهر هر شيء مختلف آهي. زندگيءَ سان ڀرپور لڳي ٿي.

هوءَ هڪ انتهائي خوبصورت پوپٽي آهي. حسين رنگن واري. سندس انڊلٺ ورنا رنگ اُس ۾ گهرا لڳن ٿا. ڇانوَ ۾ هوءَ وڌيڪ حسين لڳي ٿي. اهو هڪ خوبصورت باغ آهي. گهاٽا وڻ قطار در قطار پريمين جيان، هڪٻئي جي ڳچين ۾ ٻانهون وجهي راز و نياز ۾ مصروف نظر ايندا آهن. باغ ۾ ڇٻر جو هڪ چهچ سائو گلم وڇايل آهي. جنهن مٿان، انيڪ گل ۽ ٻوٽا هوائن جي سُرن تي رقص ڪندا رهن ٿا. هوا جي هر جهوٽي سان ساهه گلن جي لطيف خوشبوء سان معطر ٿي وڃن ٿا. پوپٽي، گلن جو مٺو رس پنهنجي وجود ۾ اوتي ٻيهر فضا ۾ اڏامي ٿي. جنهن رنگ جي گلن جو رس پيئي ٿي، گهڙي پل لاءِ اُهي رنگ سندس پرن مان جرڪڻ لڳن ٿا.

هوءَ فضا ۾ ائين اڏامي ٿي ڄڻ لهرن ۾ ترندي هجي. اڏامڻ سمي سندس پرن مان هڪ مڌر آواز نڪري ٿو، جيڪو ڪنهن ساز کان وڌيڪ دلڪش آهي.

آزاديءَ جي نغمي جيان.....

گهري سائي پنهنجي سڪون ۾ مدهوش ڇٻر تي، شاخن مان ڇڻيل پِيلا پن هڪ غير محسوس اداسيءَ ۾ ويڙهيل آهن ۽ مٿي روشن فضا ۾ پوپٽي، وجد جي ڪيفيت ۾ اڏامي رهي آهي.

ڪڏهن ٿڪجي ڪنهن سائي ٻوٽي تي اچي ويهي ٿي ته سارن پنن جي جهرمٽ ۾ ڪو گل لڳي ٿي.

فضا ۾ پکين جي ٻولين جا سر وکريل آهن. سج جي روشنيءَ جي عڪس ۾ باغ جو هر منظر حسين لڳي ٿو.

روشنيءَ جو ساوڪ سان هڪ گهرو سُنٻنڌ آهي، جيئن دل جو محبت جي ڪشش سان هوندو آهي.

سج جا ڪرڻا پوپٽي جي اکين کي ڳرا لڳن ٿا. ٻارن جو هجوم مرڪي ٻيهر اڏامي ٿي. هن جي پرن ۾ گلن جي سڳنڌ آهي. ٻار هن جي پٺيان ڊوڙندا رهن ٿا ۽ هوءَ هنن کان خائف ٿي هر گل تان ڇرڪي اُٿي وڃي ٿي.

اڃايل رهجي وڃي ٿي. گلن جي خوشبوءَ جو نشو کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو پر امرت کان محروم نظر اچي ٿي.

مٿي تمام گهڻو مٿي اڏامي ٿي، جتي بادل هوائن سان ڪچهرين ۾ مشغول آهن ۽ سج جي ڪرڻن ۾ مختلف رنگ ورهائجي ويا آهن.

هوءَ فضا ۾ ٽڙندڙ رنگن سان کيڏڻ لڳي ٿي.

مٿي کان باغ هڪ گلدستي جيان لڳي ٿو. تيز هوا ۾ هوءَ بنا پرن چورڻ جي اڏامي ٿي.

خاموشي ۽ سرشاريءَ سان.....

گلن جا نِيرا، پِيلا، ڳاڙها ۽ واڱڻائي رنگ کيس پاڻ ڏانهن ڇڪن ٿا.

پر خوف، سيراب ٿيڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو آهي. جڏهن ٻار هليا وڃن ٿا ۽ ماڻهن جو تعداد گهٽ ٿي وڃي ٿو ته هوءَ هيٺ لهي اچي ٿي. گلن جي رنگ ۾ پوپٽن جو ويساهه جيئي ٿو. هوءَ هڪ گهري ڳاڙهي گل سان چهٽي ان جو رس مزي سان پي رهي آهي. جيئن مڌ پيئندي هجي.

ساوڪ مان پوپٽي کي پنهنجو رشتو مضبوط ٿيندي محسوس ٿئي ٿو.

ساوڪ برسات بنا اڌوري آهي. پوپٽي، گلن جا خواب ڏسي ٿي، ساوڪ بادلن جا. شين جي تعلق ۾ هڪ عجيب سونهن آهي. پوپٽي ٽيڏي اک سان ان گل ڏانهن ڏسي ٿي، جنهن کي ماکيءَ جون مکيون چُهٽي، ان جو رس مزي سان پي رهيون آهن.

پوپٽي بي چين ٿي گل مٿان ڦيرا پائي ٿي. ان گل جو رس باغ جي تمام گلن کان وڌيڪ مِٺو آهي.

ماکيءَ جي مک چالاڪ ٿئي ٿي. پوپٽيءَ کي وارو نه ٿو ملي، ان ڪري هوءَ دير تائين انتظار ڪري ٿي پنهنجي واري اچڻ لاءِ.....

پوپٽي، ماکيءَ جي مکين سان حسد محسوس ڪري ٿي. انهن جي ڏنگ کان ڊڄي ٿي. شڪر ڪري ٿي ته کيس ڏنگ ناهي. هوءَ  ڪنهن لاءِ به نقصانڪار نه آهي.

ماکيءَ جون مکيون رس پِي وينديون ته پوءِ گل جو رس ڦڪو ۽ بي مزي ٿي پوي ٿو.

ان رس مان ماکي ٺهندي. ان ڪري گل تي ماکيءَ جي مک جو وڌيڪ حق آهي. پوپٽي پاڻ کي سمجهائي، ٿڌو ساهه ڀري ٿي.

ماکيءَ جي مکين جي جيئڻ جو ڪو مقصد آهي.

پوپٽي وڻن جي پناهه ۾ هلي وڃي ٿي،جتي جهرڪيءَ جو آکيرو آهي. آکيري ۾ ٻچا کاڌي لاءِ واجهائي رهيا آهن. سمورا وڻ پکين سان ڀريا پيا آهن. کيس طرح طرح جا پکي نظر اچن ٿا.

منهنجي زندگيءَ جوبه ڪو ضرور مقصد هوندو. وڻ جي پن تي هوا جي دوش تي لڏندي پوپٽيءَ کي ننڊ اچي وڃي ٿي. ڪانءَ جي ڀوائتي آواز تي ڇرڪي، جاڳي پوي ٿي. کيس لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن تيز سٽ سان هن جا پر ٽٽي هوا ۾ وکري ويا هجن......

هوءَ ڪِرڻ واري انداز ۾ وڻ تان هيٺ لهي ٿي ۽ هڪ سڪل پن تي ويهي مٿي ڏسي ٿي. روشني وڻ جي وٿين مان جهرمر ليئا پائي رهي آهي. ڪانءُ وڻ تي مستقل بي سري آواز ۾ ٻولي پيو. سمورن پکين ۾ هوءَ ڪانءَ کان خوف محسوس ڪري ٿي.

ماکيءَ جون مکيون گلن تي لامارا ڏيئي رهيون آهن.

وڻ وٽ هڪ هيبتناڪ چهري وارو شخص بيٺو آهي جنهن کي هن اڳي ڪڏهن به باغ ۾ نه ڏٺو هو. ان شخص جي هٿ ۾ سنهي ڄاري هئي. جنهن ۾ ڪجهه پوپٽ ڦٿڪي رهيا هئا. پوپٽي خوف وچان ڏڪڻ لڳي ۽ اڏامي ٻوٽن جي جهرمٽ ۾ لڪي وئي.

هو Entomologist ’ريان‘ هو. پوپٽن کي قيد ڪري گڏ کڻي ويندو هو. ائين هڪ خاص عمل تحت کين محفوظ ڪري، فريم ڪري ڇڏيندو هو. هو هڪ سئي 'Pin' پوپٽن جي 'Thorax' يعني ٻنهي پرن جي وچ واري حصي ۾ هڻندو آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن هنن جا پر سڪي وڃن ٿا ته هو پِن ڪڍي هڪٻئي عمل تحت کين محفوظ ڪري فريم جي زينت بنائي ٿو. هن جي ان منفرد فن جي ملڪي توڙي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ وڏي گهرج آهي. هر ماڻهو هليو ويو، پر پوپٽيءَ جو ڄڻ ته سک ڦٽي ويو. هوءَ باغ جي سڀ کان خوبصورت مخلوق هئي. کيس عجيب خوف دل ۾ محسوس ٿيندو هو ته، ڪٿي هوءَ انسانن جي ظالم هٿن جي ور نه چڙهي وڃي. هوءَ ته انسانن کان خوفزده هئي، هن انسانن کي ٻوٽن سان به برو سلوڪ ڪندي ڏٺو هو. هن ڪيترا دفعا شاخن کان جدا ٿيندڙ گلن جون رڙيون به ٻڌيون هيون.

جڏهن کان ان خوفناڪ چهري واري شخص باغ ۾ اچڻ شروع ڪيو آهي ته پوپٽي ان جڳهه کان پري اڏامندي آهي. باغ جي هڪ اهڙي حصي ۾ جيڪو ويران ۽ خاموش آهي، جتي ڇٻر خشڪ ۽ بي جان آهي، اڪثر ٻوٽا به سڪل آهن. زمين تي هر طرف پِيلا پن وکريل هوندا آهن. هڪ عجيب اداسي هوندي آهي، باغ جي ان حصي ۾. ان ڪري پوپٽيءَ کي باغ جو اهو حصو اڃايل لڳندو آهي. سيراب ٿيڻ کان پوءِ شايد هتان جي رُٺل بهار واپس موٽي اچي. پوپٽيءَ کي ساوڪ سان پيار آهي پر هاڻ کيس خزان وگهي سٽيل خشڪ ٻوٽن ۽ اجڙيل وڻن سان انسيت ٿي وئي آهي. هتي هوءَ پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿي. ان حصي ۾ هڪ ٻيو پوپٽ به خاموشيءَ سان اڏامندو رهندو هو.

پر پوپٽي خاموش رهندي هئي پر پوءِ به پوپٽ همت نه هاري. هوبه ڪافي عرصي تائين پوپٽيءَ جي خاموش لمحن جو ساٿي بڻيل رهيو. پوپٽيءَ کي پوپٽ جي اها خاموش ادا وڻي وئي. هڪ ڏينهن ٻئي سٺا دوست بڻجي ويا.

ان ڏينهن پوپٽي خاموش ۽ اداس هئي. پڇڻ تي هن پوپٽ کي پنهنجي انديشن جي باري ۾ ٻڌايو.

”اهو تنهنجو وهم آهي.“ پوپٽ پرڙا پکيڙي ٻوٽن مٿان اڏامڻ لڳو.

’هو ماڻهو روز پنهنجي ڄار ۾ پوپٽ ڦاسائي کڻي وڃي ٿو.‘

”پر تون هڪ هوشيار پوپٽي آهين. هو توکي ڪونه پڪڙي سگهندو.“ پوپٽ شرارت مان چيو:

’مون وڏن کان ٻڌو آهي ته جنهن شيءِ جو گهڻو چاهه ٿئي ٿو، اها کسجي وڃي ٿي.‘

پوپٽيءَ جي لهجي ۾ اداسي هئي.

”توکي ڪنهن شيءِ جو چاهه آهي؟“ پوپٽ تجسس مان پڇيو:

پوپٽي هوريان هوريان باغ ۾ ٽڙندڙ هڪ خوبصورت نيري گل تي لهي، ان جو رس چوسڻ لڳي.

”تو منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو“. پوپٽ هن جي ڀرسان ويهندي چيو:

’مون کي آزاد فضائن ۾ اڏرڻ جو چاهه آهي. هيءُ باغ مون کي پسند آهي، هتي جي ساوڪ گلن جي سرهاڻ ۽ وڻن جي ڇانوَ منهنجي روح ۾ سمائجي وئي آهي.‘

”ان جو مطلب ته تون رڳو بي جان شين جي چاهه ۾ مبتلا آهين.“ پوپٽ جي لهجي ۾ مايوسي هئي.

’ها شايد‘.

پوپٽ ڪاوڙ مان گل تان اڏامي ويو. ان ڏينهن پوپٽي خماريل ڪيفيت ۾ آزاد فضا ۾ اڏامندي رهي.

هوءَ پوپٽ سان گهري محبت ڪرڻ لڳي هئي.

کيس ائين لڳو، ساوڪ جي ڪشش سان گڏ، پوپٽ جو چاهه به هن جي اکين ۾ شامل ٿي ويو آهي ۽ هو به هن سان گڏ خاموشيءَ سان اڏامي رهيو هجي.

اڏامندي اڏامندي رات ٿي وئي. رات هن کان اڏامڻ جي سگهه کسي وٺي ٿي. ان ڪري پوپٽيءَ کي ساوڪ سان گڏ سورج سان به پيار آهي. صبح جو هن جي ٿڌي ۽ بي جان وجود ۾ ان وقت ساهه پوندو آهي جڏهن سج جا ريشمي ڪرڻا هن جي پرن تي پوندا آهن. ائين کيس ٻيهر اڏرڻ ۾ سگهه موٽي ملندي آهي. پوپٽي هڪ سائي ٻوٽي جي اندر پنهنجي بستري تي سمهي رهي ٿي. جيڪر سج ڪڏهن به نه لهي! هوءَ سج جي روشن ڪرڻن کي ياد ڪري سڏڪي پوي ٿي. هوءَ چاهي ٿي ته جيڪر رات جو به اڏامي سگهي. هوءَ ان وقت اڏرڻ چاهي ٿي، پر بي ستي وجود ۾ هڪ اداسيءَ کي محسوس ڪري ٿي. رنگين پر پنهنجي سگهه وڃائي ويٺا آهن.

صبح جو هوءَ ساڳي طاقت ۽ زندگيءَ جو احساس پرن ۾ سموئي اڏامي ٿي. ڪڏهن وڻن کان تمام گهڻو مٿي هلي وڃي ٿي. نيري آسمان ۾ ڇانوَ جهڙو سڪون ڀريل آهي. سج هلڪن ڪڪرن سان اکٻوٽ کيڏي رهيو آهي، تمام گهڻو مٿي، بادلن جي ڀرسان پکي پر ڦهلائي اڏامي رهيا آهن.

هوءَ حسرت سان مٿي ڏسي ٿِي. هن جي دل ۾ آسمان کي ڇهڻ جي تمنا آهي.

بادل کيس سفيد گلن جيان لڳن ٿا.

”انهن جو رس به مٺو هوندو!“

سوچي وات ۾ پاڻي ڀرجي اچيس ٿو.

پوپٽيءَ کي پنهنجي نرم، رنگين ۽ ريشمي پرن سان پيار آهي. هوءَ جنهن وقت چاهي زمين جي حدن مان نڪري آسمان جي رنگن ۾ اڏامندي رهي ٿي. هن کي آسمان سان پيار آهي. جنهن جي هنج ۾ اڏامندي هوءَ هوائن کان سک ۽ آزاديءَ جا گيت ٻڌندي آهي. هوا سندس ويجهي سرتي آهي. جيڪا کيس پيار سان پنهنجي ٻانهن ۾ سنڀالي رکي ٿي. جڏهن ڪاوڙ مان گهُلندي آهي تيزيءَ سان ته، پوپٽي هن جي ڀرسان وڃڻ کان پاسو ڪري ٿي.

پوپٽ ڪيترن ڏينهن کان ناراض آهي، هو خاموشيءَ سان پري اڏامندو آهي. پوپٽي، ان ڏينهن به پوپٽ جي خيالن ۾ هئي ته ان ظالم شخص جي ڄار ۾ ڦاسي پئي.

ساوڪ، گل، هوا ۽ سج جا نرم ڪرڻا هن لاءِ محض خواب بڻجي رهجي ويا.

سندس سهڻن پرن جي خوبصورتي ڪنهن مرجهايل گل جيان باسي لڳي ٿي.

رنگن جي جوت جهڪي لڳي ٿي.

پرن جو اُتساهه کسجي ويو آهي. سندس پر ڪيڏا بي معنيٰ ٿي پيا آهن، آزاد فضا کسجي وڃڻ کان پوءِ.....

شين جي خوبصورتي، تعلق جي روشنيءَ ۾ آهي، ان تعلق جي نوعيت بدلجي وڃي ته سرشاري جي ڪيفيت هڪ مستقل ڪسڪ ۾ بدلجي وڃي ٿي.

سرشاري ظاهري سچ آهي يا ڪسڪ ۾ زندگيءَ جي سموري حقيقت پوشيده آهي. ان ڳوڙهي فلسفي کي پوپٽيءَ جو ننڍڙو ذهن سمجهڻ کان قاصر آهي. پوپٽي، جاڳي ٿي ته قيد جي بدصورتيءَ ۾ سندس پر سڏڪندا رهن ٿا. سمهي ٿي ته خوابن ۾ ساڳي آزاد فضا آهي. موسم جي هڳاءَ ۾ واسيل هوا جي هنج ۾ هوءَ دير تائين ترندي رهي ٿي.

ڪاش! پوپٽ سان سچ ڳالهايان ها. کيس پنهنجي محبت جو يقين ڏياري سگهان ها!

هڪ اڌوري جملي جو ڏک زهر بڻجي هن جي جسم ۾ ڊوڙي ٿو.

ان پڃري کي ڦيٿا لڳل آهن، جنهن ۾ پوپٽي قيد آهي. اهو ظالم شخص ڏينهن جو پڃري کي ٻاهر باغ ۾ رکي ٿو جيئن سج جا ڪرڻا پوپٽ جي پرن کي ڇُهي کين تازگي ڏيئي سگهن. رات جو پوپٽن جا پر باسي گلن جهڙا ٿي وڃن ٿا. ڏينهن، انهن پرن کي مکڙيءَ مان تازي ڦٽل گل جيان سهڻا رنگ عطا ڪري ٿو. اينٽامالاجسٽ ’ريان‘ کي خبر آهي ته مسلسل ڇانوَ ۾ رکڻ ڪري پوپٽن جا پر بي رنگ ۽ بي جان ٿي وڃن ٿا. پوپٽ کي گهڻو وقت قيد نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڪري هو جيئن پوپٽ پڪڙي اچي ٿو ته هنن کي هڪدم Styrofoam تي ليٽائي پوپٽ جي وچ جسم (Thorax) ۾ پِن هڻي ٿو، پوءِ کين فريزر ۾ ڪيترا ڏينهن رکي ٿو ڇڏي. پوپٽ جا پر جڏهن هڪ اسٽل فوٽوگراف (Still Photograph) جو ڏيک ڏين ٿا ته هو پِن 'Thorax' مان ڪڍي کين فريم ۾ سجائي ديوار تي لڳائي ٿو ڇڏي. نمائش ۾ اهي تصويرون سٺن اگهن تي وڪامجي وڃن ٿيون. ان ڪري پوپٽيءَ کي احساس ٿي ويو آهي ته هن جي زندگيءَ جا باقي ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن.

پڃري مان هڪ هڪ ڪري سمورا پوپٽ فريم ۾ قيد ٿي ديوارن جي زينت بڻجي ويا. هاڻ پوپٽيءَ جو وارو هو. ان ڏينهن ’ريان‘ جي محبوبا ’شينا‘ کيس چيو: ”ريان! تون پوپٽن جي زندگي وٺڻ بدران ڪو ٻيو ڪم ڇو نه ٿو ڪرين؟ مون کي فريم ۾ قيد انهن پوپٽن کي ڏسي سخت دهشت ٿيندي آهي.“

’خوبصورت شيون قيد ڪرڻ لاءِ ٿين ٿيون.‘

اها ڳالهه ٻڌي پوپٽي اکيون بند ڪري اذيت سان سوچي ٿي: ”ڪاش مان خوبصورت نه هجان ها! ائين قدرت مون کي ڪمزور مخلوق بدران هڪ خوفناڪ جانور ٺاهي ها، جنهن کان انسان ڊڄي پري ڀڄي وڃي ٿو.“

’شينا‘ ديوار تي لڳل فريم ۾ قيد پوپٽن کي غور سان ڏسي ٿي.

”اها خوبصورتيءَ سان وڏي زيادتي ناهي جو کيس قيد ڪري رکيو وڃي.“ شينا، احتجاج ڪندي چيو.

’پوپٽن کي قيد ڪرڻ منهنجو پسنديده مشغلو آهي. ننڍپڻ ۾ کين ڪتابن ۾ قيد ڪندو هيس. هاڻ فريم ۾ کين محفوظ ڪري ٿو ڇڏيان.‘

’ريان‘ خبر ناهي ڇو پوپٽيءَ کي اذيت پسند لڳو.

”خدا انسانن کي سڀ ڪجهه ڏيئي ها پر خوبصورت شين کي قيد ڪرڻ لاءِ هٿ نه ڏيئي ها!“

پوپٽي اداس ٿِي سوچي ٿِي.

پوپٽ آزاد فضا ۾ اڏامندو هوندو. سج جا ريشمي ڪرڻا سندس پرن کي ڇُهندا هوندا. هو منهنجي پسنديده گل تي ويهي، ان جو رس مزي سان پيئندو هوندو.

نئين موسم جي هڳاءَ سان مهڪندڙ هوا جي هنج ۾ لڏندي کيس پل ڀر لاءِ به منهنجو خيال نه آيو هوندو!

هو آزاديءَ جي نشي ۾ ٻڏل آزاد فضا ۾ اڏامندو هوندو شايد ڪنهن ٻي پوپٽيءَ سان......

اهو سوچي پوپٽيءَ کان لُڙڪ وهڻ شروع ٿيا.

پوپٽي، پنهنجي بي جان پرن کي ڏٺو، جن جا رنگ جهڪا ٿي رهيا هئا. هوائن سان تعلق ختم ٿيڻ سان پرن جي اهميت به اها ساڳي نه رهي هئي.

پوپٽيءَ ڏٺو ته پڃرو خالي ٿي چڪو هو. هاڻ هن جو وارو هو. پڃري ۾ بند هن جا ساٿي پوپٽ فريزر ۾ قيد ٿي چڪا هئا.

”پوپٽن جا پر ڪيڏا نه سهڻا ۽ رنگين ٿين ٿا.“ شينا پڃري ۾ هڪ ننڍي ڪونڊيءَ ۾ ٽڙيل نارنگي گلن تي ويٺل پوپٽيءَ کي ڏسي چيو:

’ان ڪري مان انهن پرن جي سونهن ۽ رنگن کي هميشه لاءِ امر ڪري ٿو ڇڏيان.‘

”پر اڏامندي سٺا لڳندا آهن.“ شينا سراپا احتجاج بڻيل لڳي ٿي.

’پر انهن کي هر ماڻهو نه ٿو ڏسي سگهي. ماڻهن باغن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. موجوده دور جا ٻار هاڻ پوپٽن کي فقط فريمن ۾ بند ڏسي خوش ٿيندا.‘ ريان، هٿ وڌائي پوپٽيءَ کي آڱرين ۾ جهلي ٻاهر ڪڍيو.

پوپٽي، خوف وچان ڏڪڻ لڳي. سندس اکين ۾ ساوڪ جي يادگيري لهي آئي. بهار جي موسم جي سڳنڌ سان واسيل هوا جو جهوٽو هن جي احساس ۾ هُرڻ لڳو. اڏرڻ سمي پرن جو آهنگ سندس يادن ۾ ڦٿڪڻ لڳو. پوپٽ جي سنگت جي سونهن ڀرين لمحن کيس آواز ڏنو، باغ ۾ ٽڙندڙ پسنديده ڳاڙهي گل جي ڪشش کيس بي چين ڪري وڌو ۽ هوءَ هڪ بي رحم انسان جي سخت هٿن مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڦٿڪڻ لڳي.

’مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙي خوبصورت پوپٽي نه ڏٺي آهي. فريم ۾ قيد ٿي هڪ شاهڪار فن پارو ٿي پوندي.‘ ريان، غور سان پوپٽيءَ جي رنگين پرن کي ڏسي چيو:

”ها هيءَ انتهائي خوبصورت پوپٽي آهي.“

شينا پوپٽيءَ جا پر ڇُهي چيو. پرن جي نرمي سندس روح ۾ لهي آئي.

”انسانن جا هٿ ڪيڏا نه سخت ۽ بي رحم آهن. شايد ان ڪري هو پنهنجي هٿن سان ايڏو ظلم ڪن ٿا. ايڏي ئي بي رياء سندن دل آهي. ڪاش! سندن دل پوپٽ جي پرن جهڙي نرم ۽ رنگين هجي ها!“

ريان، پوپٽيءَ کي ڦاسي گهاٽ جهڙي 'Styrofoam' تي ليٽائي ڇڏيو. پوپٽيءَ جي جسم جا سٺا رنگ ڳوڙها بڻجي هوا جي آهن ۾ جذب ٿي ويا.   

عبدالحفيظ قريشي

سَڌُون ۽ ساک

سڀ وڏي رستي تي، انتظار ۾ ائين بيٺا هئا، ڄڻ هو صدين کان ائين رستن مان ڦُٽي نڪتا هجن، اڃا گاڏيون ڪين پهتيون هيون، جنهن ۾ کين شهر رسڻو هو.

ٻار ٽهه ٽهه ڪري کِلي رهيا هئا ۽ زالن رکي رکي ٿي هڪ ٻئي جي ڪنن ۾ پئي ڀڻڪيو ۽ جوان هڪٻئي جي هٿن کي مضبوطيءَ سان جهلي پينگهون ڏئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي رهيا هئا، سڀني جا منهن خوشيءَ مان ٻهڪي رهيا هئا.

ماڻهن جي انهيءَ انبوهه ۾ لڌو ڪوري به پنهنجن چوڏهن ٻارن کي هڪ ٻئي جي هٿن سان مضبوطيءَ سان جهلائي، کين جائتو ڪري بيٺو هو، جيڪي کانئس ڀڳا ٿي ويا.

سڀني جون نظرون شهر واري رستي ۾ کُتل هيون جتان کين شهر نِيڻ وارين گاڏين کي اچڻو هو. ڪالهه هڪ وڏي اٽالي ساڻ نِيرن، پِيلن ۽ ساون جهنڊين ۽ بينرن سان سينگاريل گاڏيون انهيءَ ڪچي آباديءَ ۾ پهتيون هيون، جنهن کي ’غريب آباد‘ جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي، اتي اچي انهن گاڏين وارن لائوڊ لڳائي تقريرون ڪيون جنهن کي ٻڌڻ لاءِ سڄو غريب آباد اچي مِڙيو هو. هنن وڏين گاڏين وارن چيو ته:

”اوهان اسان کي ووٽ ڏيو! اسان اوهان کي زندگيءَ جا سمورا سُک ڏينداسين! اسان جي حڪومت اچڻ سان اوهان جا درد ختم ٿي ويندا، هتي اوهان کي بجلي ملندي، اسڪول ٺهي ملندا ۽ مفت علاج لاءِ اسپتالون ملنديون ۽ پڪا رستا ٺهي ملندا ۽ اسان جي سوڀ ٿيڻ سان ملڪ ۾ سهانگائي اچي ويندي.“

هنن جون تقريرون ٻڌندي، پوڙهين پنهنجن مٿن تي ڦاٽل ۽ ميرا روا سنوان ڪيا، ڪنوارين جا روا سندن مٿن تان سِرڪي ڪُلهن تي ڪري پيا، پوڙهن جي پٽڪن جا پراڻا ۽ ميرانجهڙا طُرا مٿي ٿي ويا ۽ جوانن جا شهپر سندن پُسيءَ رڱي چپن مٿان جهنگلي پوپٽن جيان ڦڙڪڻ لڳا، اڌ اگهاڙا ٻار جيڪي ذري ساعت اڳ ٽهڪڙا ڏيندي گوڙ ڪري رهيا هئا سي هاڻ ماٺ هئا، ڄڻ اُهي سڀ ڪجهه سمجهندا هجن.

هنن تقريرون ڪري پوريون ڪيون ته ڪيترن ۽ پوڙهن ۽ پوڙهين جا ڳل ڳُوڙهن سان آلا ٿي ويا هئا، جوانن ۽ ڪنوارن جون اکيون مُڪيش مڙهيل چولن جي گُلن واري چِٽن جيان جرڪي رهيون هيون ۽ ٻار تاڙيون وڄائيندي بس ئي نه پيا ڪن.

تقرير ٻڌندي پوڙهي ڦاپان پنهنجي ڀر ۾ بيٺل، شهر جي بنگلن ۾ ٿانءُ ٻهاري ڪندڙ مائي سينت کي هوريان چيو:

”جي پر سال هتي اسپتال هجي ها ته منهنجي نُنهن ويم جي سورن ۾ ٻار سوڌو ايئن نه مري وڃي ها.“

سِڻي جي مل ۾ ٻورين جا سيبا ڪندڙ ڦڪي منهن واري مريم ٻهڪندي پنهنجي نٻل ڪاري پٽ کي سيني لائيندي چيو ته: ”هاڻ هتي اسڪول ٺهندو ۽ منهنجو پٽ پڙهي وڏو آفيسر ٿيندو.“

گندي پاڻيءَ جي نالي مٿان جهوپڙين ۾ رهندڙ ڀرت ڀرڻ ۽ رليون ٺاهڻ وارين بيواهن ۽ سندن ڌيئرن چيو ته: ”بجلي اچي وئي ته اسان سياري جي ڊگهين راتين ۾ وڌيڪ ڀرت ڀرينديون سين ۽ رليون ٺاهڻ جو ڪم وڌيڪ ڪنديون سين.“

آخر ۾ گاڏين ۾ آيل ماڻهن منجهان هڪ ٿلهي ماڻهو لائوڊ تي اپيل ڪئي ته: ”سڀاڻي شام جو شهر جي وڏي چؤڪ تي وڏي رئيس جو جلسو آهي، جتي اوهان وڏي رئيس جي تقرير ٻڌڻ اچجو، اُتي اوهان سڀني کي ماني کارائبي ۽ هرهڪ کي سؤ سؤ رپيا پڻ خرچي به ملندي. ان لاءِ اوهان کي هِتان گاڏيون کڻڻ ۽ رسائڻ اينديون.“

سڀني ماڻهن وڏي واڪ چيو ته: ”اسان وڏي رئيس کي ٻڌڻ لاءِ شهر جي جلسي ۾ ضرور اينداسين.“

هنن جي وڃڻ کان پوءِ لڌو ڪوري تڪڙو تڪڙو پنهنجي گهر ڏانهن ويو ۽ گهر ۾ گهڙندي ئي جوڻس کي يڪ ساهيءَ ۾ چيائين: ”بختاور! آءٌ سمورن ٻارن کي سڀاڻي شهر وٺي ويندس، اتي وڏي رئيس جو جلسو آهي جتي سڀني کي ماني ملندي ۽ سؤ سؤ رپيا خرچي به ملندي.“

جوڻس اِها ڳالهه پوريءَ ريت نه سمجهندي هڪدم چيو: ”ڪٿي آهن چوڏهن سؤ رپيا، مون کي ڏي ته ٻارن لاءِ اٽو وٺان!“

لڌي وراڻيو ته: ”بختاور ڏوڪڙ ته شهر وڃڻ کان پوءِ اتي وڏي رئيس پاران ورهايا ويندا.“ هن وڌيڪ زال کي چيو: ”تون ٺيڪ نٿي رهين نه ته انهيءَ بهاني توکي شهر به گهمايان ها.“

لڌي جي زال ڪڪ ٿيندي چيو: ”چڱو چڱو! خيال سان ٻارن کي وٺي وڃجانءِ، پرئين اوهان کي آءٌ ٻن ويلن جي اٽي مان پيٽ ڀري مانيون کارائينديس.“

لڌو ڪوري نالي جو ڪوري، هن جا وڏا گهڻو وقت ٿيو جو ڪورڪو ڪم ڇڏي هارپو ڪرڻ لڳا هئا، ڇو ته هاڻ نصرپور جي کيسن ۽ لُنگين جو بازار ۾ اگهه ڪونه رهيو هو. ان ڪري هنن اباڻي ڪرت ڇڏي هارپو شروع ڪيو هو. جنهن مان هو مڙيوئي پيٽ قوت ڪرڻ لڳا هئا.

لڌي ڪوري ننڍپڻ ۾ تڏهن پنهنجي ڳوٺ کان لڏيو جڏهن ٻوڏ ۽ مينهن ڪارڻ بک ۽ ڏُڪر سندس ملڪ ۾ منهن اچي ڪڍيو ۽ انهيءَ ڪارڻ ملڪ ۾ ڪارو ڏڪر پيو، سندس پيءُ کي نانگ ڪَکي وڌو، ۽ پوءِ گهر ۾ ويلا پوڻ لڳا، ايستائين جو منهن تي ڪانگن به لنوڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪُئا به راتو رات ڳوٺ مان لڏي ويا.

جڏهن لڌي، گهر ۾ بکن کي ڊوڙون پائيندي ۽ واڪا ڪندي ڏٺو، تڏهن هن پنهنجي اَڀرئي گڏهه تي رليون ۽ ڌڙڪيون رکيون ۽ ٻيا ڏٻرا وهٽ ڪاهيندو پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ ڀينرن ساڻ پراڙ واري شهر وڃي نڪتا، اتي شهر کان ٻاهر هڪ هيٺاهين پٽ تي، جتي هڪ وڏي کڏ ۾ سڄي شهر جو گندو پاڻي اچي نيڪاس ڪندو هو، اُتي تڏا هڻي رهي پيا، اتي لڌي جهڙا ٻيا ڪيترا ڏتڙيل ۽ ٻوڏ سٽيل انسان پڻ اڳي ئي جهوپيون ٺاهيو رهندا هئا. اها آبادي پوءِ غريب آباد جي نالي سان مشهور ٿي وئي، سڀني وڏن شهرن جي پيرن ۾ اهڙا ڪيترائي غريب آباد هوندا آهن، جن جو ڌرتيءَ تي ڪوبه ڌڻي سائين نه هوندو آهي.

لڌي جي ملڪ مان پاڻي ۽ ڏڪر ڪين ويو ۽ لڌو پوءِ شهر ۾ ئي رهي پيو. مُنڍ مُنڍ ۾ هو شهر ۾ ڇُڙڪ مزدوري ڪري وقت گذارڻ لڳو. ڪجهه سال پڄاڻان هن جو ۽ هن جي ڀينرن جا وهانءَ اتي ئي رهندڙ پاڻ جهڙن پورهيتن جي گهرن ۾ ٿي ويا. لڌي جي سهري لاڙ مان تڏهن لڏيو هو، جڏهن وڏيري ٻه ٽريڪٽر ورتا جن کي اوپرا ماڻهو هلائيندا هئا، پوءِ لڌي جي سهري ۽ ان جهڙا ٻيا هاري ڪنهن ڪم هاج جا نه رهيا ۽ چاليهن جوڙن مان اٺٽيهه جوڙن وارا ڀرپاسي جي واهڻ ۽ شهرن ڏانهن لڏي ويا ۽ لڌي جو سهرو انهيءَ غريب آباد ۾ اچي رهيو. لڌو ۽ سندس سهرو ڇُڙڪ مزدوري ڇڏي هاڻ هڪ مل ۾ مزدوري ڪرڻ لڳا هئا.

شادي ٿيڻ بعد لڌو خوش رهندو هو. هڪ ڏينهن نيرن ڪندي لڌي زال کي چيو: ”بختاور! پنهنجي وهانءَ کان اڳ هڪ جوڳي مون کان ٻه رپيا وٺي، ڍارو هڻي مون کي ٻڌايو هو ته تنهنجو جلد ڀاڳ کُلڻ وارو آهي، هڪ لڪل خزانو به ملندئي ۽ سچ پچ منهنجو ڀاڳ کليو، جو توسان شادي ٿي آهي ۽ ٻي ڳالهه به ضرور پوري ٿيندي.“

انهيءَ وير بختاور ڪاٺين جي باهه جي اُهاءَ ۾ مينهن وساڙي جيان ڳاڙهي ٿي لڳي. لڌي ڪوريءَ کي لڪل خزانو ته ڪونه مليو پر هر سال هڪ ٻار جو واڌارو ايندو ويو، تان جو لڌي کي چوڏنهن ٻار ٿي ويا، پر قدرت وري اها ته چوڏهن جا چوڏنهن ٻار هڪ لفظ کان سواءِ ٻيو لفظ ڪڇندا ئي ڪين هئا ۽ ماڻهو ڏک ڪندا هئا ته: ”لڌي ويچاري جا هڙئي ٻار گونگا آهن.“

جيئن ته لڌي جا سمورا ٻار گونگا هئا، انهي ڪري منجهانئن سيٺين، رئيسن ۽ ڀوتارن ۽ ملڪ کي ڪوبه ڀوءُ ۽ خطرو ڪونه هو. لڌي جا اڌ اگهاڙا، سنهڙا ۽ مرگهيل ٻار سڄو ڏينهن شهر جي گهٽين ۾ ڪچرن جي ڍڳن کي ڦلهوريندا ۽ ماٺ ڪيو غريب آباد جي هِن هُن گهٽيءَ ۾ پيا گهمندا هئا ۽ لڌي واري زال انهن لاءِ سڄو ڏينهن ماني پئي پچائيندي هئي جيڪا ڪڏهن به کين پوري نه پوندي هئي.

هاڻ لڌي واري ڳاڙهي ڳوڙهي ۽ رتي روپ واري زال به رنگ روپ وڃائي هيڊ جيان پِيلي ۽ سُڪي ڦانگون ٿي وئي هئي. شادي جي شروعات واري بختاور جيڪا ماکي جهڙي مٺي ۽ آسمان جيان خاموش رهندي هئي سا هاڻ ڦري چهڙون ڏيندڙ، ڪرڪر ۽ گهپي ڪندڙ عورت ٿي وئي هئي، لڌو اوور ٽائيم به ڪندو هو تڏهن به گهر جي پورت ڪانه ٿيندي هئي.

پورهئي کان پوءِ واپسيءَ ۾ گهر ۾ گهڙندي ئي لڌي جي زال آري تي ويٺل ڪڪڙ جيان کيس طعنن ۽ مهڻن جي ٺونگن سان وڪوڙي ويندي هئي. لڌو روز روز وڌندڙ مهانگائي، پنهنجي ٻارن جي گونگائپ ۽ کاڌي جي اڻپورائپ تي ڏاڍو ڏکارو رهندو هو.

اڄ ٻنپهرن کان ئي لڌو، لڌي جا ٻار ۽ غريب آباد جا سڀئي ماڻهو، اچي وڏي رستي بيٺا هئا، انتظار ڪندي ڪندي ڪي جهونا، وڻن جي ڇانورن ۾ ويهي سُکن ۽ ڏکن جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا، ڪي جوان ائين تپيل روڊ تي پلٿي هڻي ويهي رهيا هئا. ايتري ۾ پريان کان نِيرن، پِيلن ۽ ساون جهنڊين سان سينگاريل ٽَرڪَ ۽ ٽرالا ايندي ڏسي، جوانن جي واتن مان ڪوڪرا نڪري ويا ۽ ٻار خوشي مان تاڙيون وڄائڻ لڳا. ٽرڪ ۽ ٽرالا ويجها اچي بيٺا، ساڳئي ڪالهوڪي ٿلهي ماڻهو داٻا ڏيندي ماڻهن کي چيو ته:  ”جلدي جلدي گاڏين ۾ چڙهو، اسان کي ٻيا ماڻهو به شهر رسائڻا آهن.“

سڀئي ماڻهو تڪڙا تڪڙا ٽرڪن ۽ ٽرالن ۾ وڃي چڙهيا، لڌو ڪوري به پنهنجي چوڏهن ٻارن ساڻ وڃي هڪ ٽرڪ ۾ چڙهي ويٺو. ٿوري دير ۾ سموريون گاڏيون وڏي شهر جي چؤڪ تي اچي بيٺيون، هڪ هڪ ٿي سڀئي ماڻهو هيٺ لهي پيا، سڄو چؤواٽو ماڻهن سان ڀريل ۽ نيرن، ساون ۽ پيلي رنگ وارن جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاريل هو، لڌو ۽ سندس غريب آباد جا ماڻهو به اتي بيهي رهيا، ماڻهو گڏ ٿيندا رهيا، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ساڳيو ٿلهو ۽ ان سان ڪجهه ٻيا ماڻهو آيا جن اچي کين نِيرن، پِيلن ۽ ساون رنگن وارا جهنڊا ۽ جهنڊيون هٿن ۾ ڏنيون ۽ کين سمجهائڻ لڳو ته جڏهن چواٽي جي ٿلهي تي وڏو سائين اچي تڏهن آءٌ چوندس: رئيس عبدالله!

اوهان چئجو: ”زنده باد!“

وري آءٌ چوان:

رئيس عبدالله!

اوهان چئجو: ”وزيراعليٰ کپي!“

وري آءٌ چوان:

ڀوتار عبدالله!

اوهان چئجو: کپي! کپي!

ٿلهي ماڻهو لائوڊ تي جلسي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ تقريرن جي وچ ۾ نعرا هڻائڻ شروع ڪيا:

رئيس عبدالله!

ماڻهن زوردار آواز ۾ وراڻيو: زنده باد!

جيئن ته لڌي جا هڙئي ٻار گونگا هئا ۽ رڳو هڪڙو لفظ اُچاريندا هئا. ان ڪري لڌي جي سمورن ٻارن اهو ئي هڪ اکر زور سان ورنايو: ماني!!!

ماني!!!

پويان ڪن ماڻهن کان ”زندهه باد“ وارو اصلوڪو نعرو وسري ويو ۽ انهن لڌي جي چوڏهن ٻارن جي يڪي ۽ وڏي آواز: ”ماني!!!“ جي موٽ ۾ چيو: ”کپي! کپي!“

ٿوري دير ۾ سڄي جلسي تي لڌي ڪوري جي ٻارن جو اهو آواز پڙلاءُ ڪندڙ نعري جي شڪل ۾: ”ماني!!! ماني!!!“ ڇانئجي ويو ۽ موٽ ۾ ماڻهن جا نعرا: ”کپي! کپي!… ماني کپي!“

پوءِ ٿلهو ماڻهو، رئيس عبدالله سوڌو جلسي مان اوچتو گُم ٿي ويا ۽ هوڙدنگا لٺين سان اچي ڪڙڪيا، لٺين جي وسڪاري سان ڪيترا ماڻهو ڦٽيا ۽ ڇڙوڇڙ ٿي شهرن، بازارن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ پکڙجي ويا. ان سان گڏوگڏ اهو نعرو به هرجاءِ ۽ هر وسنئون ۾ پڙلاءُ ڪرڻ لڳو:

”کپي! کپي!“

”ماني کپي!“

(2 ) کيڪار

هڪ هئي بڊي جي مند، مٿان وري آڙنگ، جنهن هيڪاري من ماندو ڪري ڇڏيو هو، ڪانون پئي ٻارن جي هٿن مان لوليون ڦريُون، لڙاٽيل اُڀ سڄو تتر کوڙي ٿيو پيو هو، وِڃڻو هڻي هڻي ماڻهس جون ٻانهون ٿڪجي پيون هيون. ماندي ٿي کٽ تي پاڻ کي اُڇليندي چيائين:

”مولا! واهوندا وار، هينئڙا ٺار“.

هيڏي رُگهه ۽ هيهات ۾ وڻن جو پن به نٿي چريو، پر هوءَ هئي جنهن پئي ڀرت ڀريو، پهراڻ جي پاندن جي اوٽي ورائي، اُرمي جون ٻه ليڪون ڏيئي ڪري، هاڻ چِڪني تي ڳچي، ڀرڻ شروع ڪيائين، هڪڙا پگهر بوڇڻ سان اُگهي ٿي بس ڪيائين ته ٻيا ريڳاڙا ڏيو، جابلو نئن وانگر چوٽيءَ کان وهندا سڄو بت ڀڄائيندا ٿي ويس ۽ ململ جو چولو هو، جو لڱن سان چهٽيو ٿي ويو.

ماڻهس کٽ تي ليٽندي ئي هڪل ڪري چيس:

”مائي! ڪڍ هٿ سئيءَ منجهان، منهنجا ته هٿ ئي سُڪي ويا آهن، وڃڻو هڻندي اُٿي! وٽو پاڻيءَ جو ڀري ڏيم ۽ ٿورو ونڃڻو هڻيم ته ساهي پٽيان.“

اڃان مس پهراڻ ٿهو ڪيائين ته ماڻهس ٻيهر چيس:

”ڄڻ اڄ ئي ٿو اچي، جو سُڀون (صُبحون) لاڪون، سُئيءَ مان هٿ ئي نه پئي ڪڍين..... هيڏانهن پهر کن کان گابي پئي رنڀون ڪري، مجال آهي جو بالدي (باٽلي) پاڻي جي کڻي اڳيان رکينس، هٿ ڪونه گسي ويندءِ، لهي ڪونه ويندين.“

جاري ۾ پهراڻ رکي، ماڻهس کي پاڻي پياري، بالدي کڻي مال جي مَنَهَه ڏانهن ويئي، واپس وري ته ماڻهس جي ساڳي گهپي ۽ ڪِر ڪِر لڳي پئي هئي. هن ماءُ جي ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪندي، وڏيون ۽ ڪاريون اکيون ڏانهس ڦيرائيندي چيو:

”اڳوڻڪو پهراڻ، ڪنهن سنگتيءَ کي وڻيو، تنهن لهرائي ورتو هُس. هاڻ چونديسانس ته هيءُ پهراڻ ڪنهن کي ڏنئي ته مون جهڙي ٻي ڪانه ٿيندئي.....“

ماڻهس جا گرميءَ ڪري ماندي ٿي هاڻ اُٿي ويٺي هئي، تنهن چلم مان ڦوڪ ڀري، ڪاوڙ مان نڙ اُلاريندي چيو: ”ها! تو جهڙي ڇٽيهه لکڻي… ٻي ڪا ٿيندي !!!؟ مائي نه شرم نه حيا، مڱڻا ۽ پرڻا اسان به لوڪ جا ڏٺا! پر اڄوڪيون آهن جو اَهلجي پيون آهن.“

ماڻهس وڌيڪ چيو:

”شرم ڪر ڌيءُ! شرم ڪر! ڳوٺ سڄو کڻي کلايو ٿئي، مڱيندي سان ڪچهرا، کيٽن ۾ کٽرن جيان سير ڪندي وتين، ڦليلي جي ڪپر تي ڇٻراٽي تي ويهي، اهي چِلولاين واريون ڪچهريون ڪرڻ.... مون کي اهي ڳالهيون نٿيون وڻن.“ ماڻهس هيڪر وري هٿ نچائيندي چيو: ”اڙي ها! اهي ڪهڙا ڪتاب هر ڀيري توکي ڏئي وڃي ٿو، جو سارو ڏينهن.... ڪم ڪار ڇُٽا، ڪتابن ۾ منهن وجهيو ويٺي آ هيئن.... کولي ڏٺئي ڪڏهن نورنامو ڪڏهن ڀلارو کولي ڏٺئي؟“

ماڻهس وڏا دوڏا ڦوٽاريندي دهمان ڪندي چيو: ”ڪڏهن ڀلجي ماسي مُلي وٽ دور ڪرڻ لاءِ وئين. سڀاڻي مرڻو به اٿئي مائي!!! اَئي آءٌ مٺيس، منهنجو کير کريو جو تو جهڙي ڦاپان ڪُٽڻ ڄڻي وڌم جيڪا دين جي، نه ڌرم جي.“

ماڻهس جا ڳچ ڏينهن کان ڀري ويٺي هئي سا اڄ ٻرندڙ جبل جيان ڦاٽي پئي. ڏکويل به ننڍي لاڪون هئي، ننڍپڻ ۾ يتيم ٿي، جوانيءَ ۾ بيواهه ٿي وئي. اهي مجيرين جون بيگرون، رئيسن جي گهر جا ساري ڏينهن جا پورهيا، سارين جا رونبا، ڪيلن جي باغن جو گُڏون ۽ ٻيا انيڪ پورهيا ڪري هن کي جوان ڪيائين. ڀائٽي سان مڱايائين. ڀاڻس سال جو اڳ آرڙهه ۾ رات جو پاڻي ورائندي لُنڊيءَ کان ڪکجي ويو هو. هاڻ هن جو ٻنهي ۾ ساهه پيو هو پر ڇوڪر شهر ڇا پڙهڻ ويو، افلاطون ٿي ويو. ڳوٺ ايندو ته راتين جون راتيون هِن هُن جي گهر پيو ڪچهريون ڪندو هو. ڳوٺ وارا به کيس ڀائيندا هئا پر سال جي شهر ۾ لُڙ ٿيا ته ٻڌجي پيو هو، پوءِ اها پڦي هئي جيڪا پئي سندس پٺيان ڏوريندي هئي. هاڻ پيري ۾ چيڙاڪ به ٿي وئي، پر ٻئي ڄڻا هن جا دڙڪا دهمان ٻڌي به ادب ۾ ماٺ رهندا هئا.

ماڻهس ذري ساعت کان پوءِ وري ٻانهن لوڏيندي وڏي سر چيائين:

”اَئِي مرڪڻي! ٻڌائي ته، اهو ڪالهه نم هيٺان ڇوريون ميڙي ڪهڙيون کبرون (خبرون) پئي ڪيئي؟ اهي ڳالهيون جي رئيس تائين پهتيون ته ڳوٺان لڏرائي ڇڏيندو.“

هوءَ هُئي جا ماٺ هئي ۽ رڳو اکيون ٽمڪائيندي ماءُ ڏانهن ڏسندي رهي ۽ اڄ ماڻهس جي اها بي وقتائتي ناراضگيءَ تي اندر ۾ پريشان به هئي. اوچتو ماڻهس بُجو گهروڙي ڏنس.

”اَئِي شرم نٿو اچئي، رئيس کلاف (خلاف) ڳالهائيندي، اچي رانجهو ته وٺانس ٿي کبر، ڪهڙيون ٿو پٽيون پڙهائي وڃنئي، سال پيو هوجيل ۾، ورتس سنگت مان ڪنهن کبر؟ شياشت (سياست) ٿو ڪري، وري به رئيس ڇڏايس. روز وڃي ايلاز، منٿون ڪندي هُيس، روز آڏو روئندي هيس…“

نيٺ هڪ ڏيهاڙي چٽو چئي ڏنائين: ”مائي! تولاءِ عزت آهي، نه ته ڇورو اصل افعالن ۾ ڪونه ٿئي، قانون کلاف (خلاف) ٿو ڳالهائي.“

ماڻهس وڏي سر چيو:

”ائي ڇوري تو به جي اهي افعال ڌاريا ته تون به پوندين جيل ۾، پوءِ لوڪ جا ڪتا به ڪونه لَڪيندئي.“

ماڻهس هاڻ پيريءَ ۾ جهڙي ماڃرجي گاريال مُهاڻي بڻجي وئي هئي، سو اُهي سموريون افتالون ٻڌائيندي کيس ڏيندي ويرم نه ڪندي هئي.

اهي ست سُريون ٻڌائي، هوءَ ته اچي روئڻ ۾ ڇٽي، ڌيڻس کي روئندي ڏسي پاڻ به ڏک ۾ وٺجي وئي ۽ وڏي سر روئڻ شروع ڪيائين. جتي انسان پڄي نه سگهندو اتي روئي رڙي رتو راس ڪندو آهي.

ماءُ کي روئندي ڏسي هوءَ به اچي روئڻ ۾ ڇُٽي، ڳچ پهر تائين ٻنهي روئي دنگ ڪيو ته ڌيڻس کي پاڻمرادو ڳراٺڙي پائي چوڻ لڳي:

”ڳالهيون ته ٻئي سچيون ٿا ڪريو پر سچ ۾ رڳا مچ آهن. ساڙيو وجهن ٿا… اڱر سڙن ته ڦلهيار پر سچ جو ساڙي ته ڪجهه نه ٿو بچي...“

هن جو ماڻهس کي ريجهندي ڏٺو ته ڳوڙها اُگهندي چيائين:

”امان مٿو ته ڪيڏو نه اڻڀو ٿي ويو اٿئي، تيل لايان؟“

اهو چئي ويٺي وارن کي سيرون ڏيئي تيلهاڙيون ڏيڻ لڳي. اَئِي امان! ليکون ته ڏس ڪيڏيون اٿئي!؟ سنهي ڦڻيءَ سان ڳچ پهر ماڻهس جو مٿو اُجاريندي رهي ........ ڪنهن ويل اوچتو گاڏين جا گرڙاٽ ٻڌي، ماڻهس جي مٿي مان هٿ ڪڍي، ٽپ ڏئي اٿي کڙي ٿي، ڊوڙي وڃي ٻنجري تي چڙهي، پٻن ڀر اُڀي ٿيندي، لوڙهي کان ڪنڌ مٿي ڪري ٻاهر نهارڻ لڳي. ماڻهس اُتاولي ٿيندي پڇيس:

”ڇا آهي!؟“

ڪروڌ مان وراڻيائين: ”پوليس جون گاڏيون آهن.“ وري چوڻ لڳي: ”خاڪي به آهن.....!!!“

”هائو.....“ هن هوريان وراڻيو:

”ڇا لاءِ آيا آهن!؟“

”ڪهڙي کبر (خبر)؟ رئيس جي اوطاق ٻاهران ميڙو ڪيو بيٺا آهن.“

هن سج جي تئه کان بچڻ لاءِ منهن کي هٿ ڏيندي چيو:

ٻاهر ماڻهن جا ميڙاڪا گڏ ٿيندا ويا، ايتري ۾ شيولي ۽ ڏيواري ڊوڙنديون لوڙهي کان اندر آيون. اچڻ ساڻ ڦُنڊيل ساهه سان تڙتڪڙ ۾ چوڻ لڳيون: ”ماسي بيڪان! ماسي بيڪان!“ شيولي ٿورو هٻڪيو پر نيٺ ڪڇيائين:

”هو پنهنجو ادل رانجهو آهي نه.. رانجهو.....“

ماڻهس سراپجي کٽ تان اٿي بيٺي ۽ اُڻ تڻ مان شيولي کي ڪلهن کان جهليندي پڇيائين:

”ڇا ٿيو منهنجي رانجهي کي!!؟

”هن جونيورسٽيءَ ۾ جهيڙو ڪيو… هو نه....“ شيولي اڃا به هٻڪي پئي.... اُتي پوليس.....

”ڇا ٿيو منهنجي رانجهي کي، ٻڌائين ڇو نٿي!؟“

بيڪان شيولي کي ڪلهن کان ڌونڌاڙيندي چيو.....

”ڪٿي آ منهنجو رانجهو؟…“ اَئِي جيجل! هو ته شهر پڙهڻ ويو هو....“

”اَئِي امان! اهو ته محبتي ماڻهو آهي… هو ته ڪنهن سان وڙهي نه ٿئي سگهيو.“ هُنَ هٿ ڇاتيءَ تي هڻندي رڙ ڪري چيائين: ”منهنجو محب! منهنجو محبتي! شهر پڙهڻ ويو هو…“

”چون ٿا ته جونيورسٽيءَ ۾ وڏو جهيڙو ٿيو آهي. الائي ڪيترا ماڻهو مري ويا آهن.“ نيٺ ڏيواريءَ همٿ ڪري ڳالهائي وڌو....

بيڪان دوڏا ڦوٽاريندي روئندي چيو: ”اَئِي! هو پڙهڻ ويو هو! ائي جيجل! هو پڙهڻ ويو هو.“

هوءَ جا چپ چاپ بت بڻجي دير کان اهي احوال ٻڌي رهي هئي، تنهن ڇرڪ ڀريو… سڄي اڱڻ ۾ ڳوٺاڻين جو ميڙ اچي بيٺو هو. سڀني جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا..... ايتري ۾ ڏاڏهنس به لٺ ٽيڪندي هُن جي سامهون اچي بيٺي، عينڪ جي ڌاڳن کي سنئون ڪندي، ڏانهس رومڙ ڪري چوڻ لڳي:

”لاهه نڀاڳي اهي ڳاڙهيون چوڙيون.....“

”ڄمندي تي پيءُ موڪلايو.... هاڻ منهنجو رانجهو به.....“

هن ڇرڪ ڀري اڱڻ ڀريل زالن ڏانهن منهن ڪندي پڇيو:

”ڪٿي آهي رانجهو!!!؟ ڪٿي آهي!!؟....“

”پوليس وارا، سائين گُلام (غلام) شاهه جي اوطاق ۾ ميٿ (ميت) رکي، هُڙي واري مقام ۾ قبر کوٽرائڻ ويا آهن..... شيولي ۽ ڏياري هڪ ٻئي جي منهن ڏانهن ڏسندي سڏڪندي چئي ڏنو…

اهو ٻڌي بيڪان اُتاولي ٿي رڙ ڪري در ڏانهن ڊوڙي، ماڻهن کي ڌڪا ڏيندي رئيس جي اوطاق ڏانهن ڊوڙڻ لڳي پر ٿاٻڙجي رستي تي بي ستي ٿي ڪري پئي ۽ هوءَ ماڻهس کي رستي ۾ ڪِريل ڇڏي، ڊوڙندي پئي ويئي. سڄو ڳوٺ کيس ڊوڙندي ڏسي رهيو هو. ماڻهن ايترو ٻڌو ته هو ڊوڙندي چئي رهي هئي:

”رانجهو چئي ويو هو، آءٌ جڏهن ڳوٺ اچان ته مون کي ’جيئي لطيف!‘ چئي کيڪارجانءِ.“

ڊوڙندي ڊوڙندي، هوءَ اوچتو بيهي رهي ۽ ٿورو واپس وري … سمورين ڳوٺ وارين زالن ڏانهن ڏسندي وڏي سر چيائين:

”هلو نٿا؟ منهنجي رانجهي کي کيڪارڻ!!“

”ڊوڙي اچو!.....“

”سڀئي ڊوڙي اچو!.....“

”مون سان گڏ هلو! منهنجي رانجهي کي کيڪارڻ!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com