سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنگ مياڻي

باب: --

صفحو :9

 

دشمن جا خدشا

 

ريگ عراق منتظر کشت حجاز تشنم کام

خون حسين بازده کوفه و شام خويش را

 

ڪئپٽن پوسٽنس اسستنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ و بلوچستان پنهنجي تصنيف ” پرسنل آبزرويشنس آن سنڌ“ ۾ مياڻي جي واقعي تي تبصره ڪرڻ بعد پنهنجي قوم کي صلاح ڏني آهي ته ميرن کي هاڻي ڪافي سبق ملي چڪو آهي ۽ بهتر ائين ٿيندو ته هاڻي کين اسان پنهنجي سهاري هيٺ وري سنڌ جو حاڪم بنايون. جو ان طرح اصلي طاقت به اسان جي هٿ ۾ رهندي ۽ بلوچن کي به ٿڌو رکي سگهبو. ٻي صورت ۾ سنڌ کي غلام رکڻ تي اسان جو وڏو خرچ اچي ويندو جو هتي ضابطي رکڻ لاءِ فوج جي وڏي انداز کي سنڌ ۾ سيڙائڻو پوندو.

آينده ڇا ٿيندو ان تي بحث ڪندي هو لکي ٿو ته:

”سنڌ اڳه فقط افغانستان تي ڪاه لاءِ اڏو يا بنياد هئي پر هاڻي فتح ڪيل علاقو آهي. سنڌ جو اڳوڻو نظام حڪومت جيتوڻيڪ سٺو نه هو ان هوندي به هتي مشرق جي ٻين حاڪمن جهڙو آزاد ڪونه هو.“

 جنهن ڪري ڪيترن انگريزن کي انديشو هو ته هندستان جي ڪن ٻين غلام ڪيل علاقن ۾ مقامي حڪمرانن کان رعيت جي بيزار هئڻ ڪري، ماڻهن انگريزن ڏانهن جيڪو چڱو رخ اختيار ڪيو، سا ڳالهه شايد هتي نه ٿئي. ڏسجي ٿو ته پوسٽنس، پنهنجي قوم جي پروپئگنڊا جي طاقت کان پورو واقف نه هو جنهن جي اثرائتي استعمال سان ٿوري ئي عرصه اندر، انگريزن ڪاميابي سان، بلوچي دور حڪومت کي نهايت ظالمانه ۽ بي انصافي وارو دور ظاهر ڪري ڏيکاريو!

اڳتي هلي مسٽر پوسٽنس وري به پنهنجي قوم جي طاقتن ۽ حرفتن جي اثر جو گهٽ اندازو لڳائيندي لکيو آهي ته:

”بلوچ خطرناڪ جنگجو قوم آهي جن جو قبائلي زندگيءَ ۾ گهرو اعتماد آهي. ساڳيو مذهب اٿن ۽ هڪ ٻئي ۾ شاديون ڪن ٿا ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين وسيلي هو پاڻ ۾ مليل آهن. انهن ماڻهن ئي (حاڪم) ميرن کي وڙهڻ تي مجبور ڪيو هو. سوال آهي ته هاڻي اهي ماڻهو خاموش ٿي وهندا؟ ڇا هو هاڻي به پنهنجي شڪست خورده اڳواڻن جي مقصدن لاءِ پاڻ کي ٻڌل نه سمجهندا؟ هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ اهي اڳواڻ پاڻ قيدن ۾ آهن، ان هوندي به سندن پٽ، ڀائر، ڪيترا ويجها عزيز ۽ بي انداز پوئلڳ اڃا آزاد آهن. جن ۾ سخت جوش آهي ۽ هو ڪنهن به نموني انتقام يا بدلي وٺڻ لاءِ بيحد منتظر آهن. اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته بلوچن ۾ اهڙو ڪو به عنصر يا جزو ڪونهي جنهن جي عام طرح هندستان جي ٻين فتح ٿيل قومن ۾ موجودگي اسان جي راه مان تڪليفن دور ڪرڻ جو باعث ٿي. بلوچن کي مقصدن کان ٽوڙڻ ۽ کين ٿڌو ڪري ڪمزور بنائڻ لاءِ ڪو به خاص سبب منجهن موجود نه آهي. مذهب ۽ ذات جو منجهن تفاوت ڪونهي. سندن ملڪ ۾ هندن، مسلمانن، عيسائين يا مختلف قومن جو گڏيل آدم ڪونهي. بلوچي سردار، اڳواڻ، فوج رکندڙ ۽ شخصي طرح عام بلوچ سڀ پاڻ ۾ متحد ۽ متفق آهن. سڀ ڪنهن جي دل ۾ قدرتي جنگي جذبو ۽ قبيلي جي عزت جي احساس جي آگ موجود آهي. بلوچن جا پويان نسل ۽ سندن پوئلڳ جي جنگين ۾ هار کائڻ بعد روپوش آهن، بلوچي سردار جن قوم کي اسان جي خلاف تلوارن کڻڻ لاءِ ڀڙڪايو هو ۽ اهي بلوچ نوجوان جي پنهنجي والدين ۽ بزرگن جي شهادت ۾ سوڳوار آهن، سي سڀ پنهنجي فاتحن ۽ غلام بنائيندڙن کان انتقام يا بدلي وٺڻ لاءِ متحده نه ٿي ويندا؟ ۽ جيستائين هڪڙو به تلوار کڻڻ جي لائق بلوچ موجود آهي. تيستائين هو پنهنجي قوم جي عزت لاءِ تلوار هٿ ۾ کڻڻ کان انڪار ڪندو؟

” سنڌ جا پهاڙ ۽ ريگستان حمله آور بلوچن جي سرگرمين جا پناه گاه ۽ ڍڪ بنجي ويندا، درياءَ سنڌ، هينئر کان به وڌيڪ غير سلامت بنجي ويندو ۽ بلوچ ڊگهي عرصي لاءِ نهايت تڪليف ده ۽ خطرناڪ گوريلا جنگ جاري رکي سگهندا.“

انهن خطرن جي مد نظر ڪئپٽن پوسٽنس پنهنجي قوم کي صلاح ڏني آهي ته سنڌ جي مسئلي جو بهترين حل اهو آهي ته ميرن کي سبق سيکارڻ بعد کين واپس اسان جي زير سايه سنڌ جي انتظام جو ذمه ڏنو وڃي جو ٻي حالت ۾ هن علاقه تي قبضه رکڻ لاءِ فوج جو نهايت وڏو تعداد هتي رکڻو پوندو ۽ خواه مخواه اسان کي پاڻ تي خرچ جو نهايت وڏو بار برداشت ڪرڻو پوندو.

پرڪئپٽن پوسٽنس جا اهي سمورا خدشا غلط ثابت ٿيا. بلوچن کي سندن مقصد کان ٽوڙڻ ۽ کين ٿڌو ڪرڻ لاءِ زبردست پروپئگنڊا وسيلي منجهن بلوچ- غير بلوچ، اصلي بلوچ- نقلي بلوچ ۽ اوچ ۽ نيچ بلوچ جا بحث پيدا ڪري، سندن يڪ وجودگيءَ کي ٽوڙي کين اندروني ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪيو ويو. اتحاد ۽ اتفاق جو اهو سلسلو جنهن بلوچي سردار، اڳواڻ، فوج رکندڙ ۽ عام بلوچ کي هڪ يڪي قومي اخوت جي زنجير ۾ يڪجا رکيو هو اهو ختم ٿي ويو. هن ملڪ ۾ هندستان جي ٻين صوبن جي باشندن کي آڻي هتي آباد ڪرڻ جا وسيع پروگرام عمل ۾ آندا ويا جيئن تازن غلام ٿيلن ۾ وري متحد ٿيڻ جا امڪان بلڪل نه رهن. انهن بلوچي سردارن کي، جن هڪ دفع قوم کي قومي ناموس جي حفاظت واسطي تلوارن کڻڻ لاءِ چيو هو جاگيرون ۽ پينشنون ڏئي ٿڌو ڪيو ويو.

اهي بلوچ نؤجوان جي پنهنجي والدن ۽ بزرگن جي شهادت ۾ سوڳوار ۽ پنهنجي فاتحن کان انتقام وٺڻ لاءِ بيقرار هئا تن جي ذهن تي اهو اثر وهاريو ويو ته سندن اجداد جو انگريزن سان مقابلو ڪابه قابل فخر ڳالهه نه هئي ۽ سندن ضدي طبيعت ۽ اجايو هٺ ئي سندن مصيبتن جو باعث ٿيو!

ڪئپٽن پوسٽنس جو بلوچ بابت اندازو غلط ڪونه هو پر بلوچ قوم جي مخالفن ۽ ان جي قومي وجود مٽائڻ جي خواهشمندن جي لياقتن، قابليتن ۽ طاقت جو هن غلط اندازو لڳايو هو. جنهن ڪري چند سالن اندر نه رڳو انگريز بنا کٽڪي حڪومت ڪرڻ لڳو، نه فقط بلوچي پويون نسل پنهنجي اجداد کان ورثه ۾ مليل فرض کي وساري ويٺو، پر آهسته آهسته  بلوچي قوميت جي احساس جو جزو ئي منجهانئس ختم ٿيڻ لڳو. جنهن جو هر ئي صدين تائين مشرق ۽ مغرب ۾ هنن لاءِ عزت ۽ احترام پيدا ڪيو هو ۽ جنهن جي ڪري ئي بغداد کان دهلي  ۽ ڪابل کان ڪراچي تائين سندس شجاعت، مردانگي، انصاف ۽ رواداري جا گيت ڳايا ٿي ويا.

 

وه کل کـﻶ غم و عيش په کچهه حق نهين رکهتا

جو آج خود افروز و جگر سوز نهين هـﻶ

وه قوم نهين لائق هنگامئه فردا

جس قوم کـﻶ تقدير مين امروز نهين هـﻶ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org