عنوان
آءٌ هي ناچيز ڪوشش، محترم مير الهه بچائي خان
ٽالپر جي نالي سان معنون ڪندي، هن ڪري اطمينان
محسوس ڪريان ٿو، جو اڄوڪي قحط الرجال ۾ هن جي ئي
ذات آهي، جنهن جي دل ۾.
ذهني بلندي، قومي خودي ۽ انهن سڀني روايتن
کي برقرار رکڻ لاءِ بي انتها تڙپ ۽ بي پايان جذبه
موجود آهي، جن کي وري بيدار ڪرڻ ۽ زنده رکڻ لاءِ
هنن صفحن ۾ ڪوشش ڪئي وئي آهي.
قادر بخش نظاماڻي
ڪراچي 25 مارچ 1947
مير الهه بچايو خان ٽالپر
(ايم. ايس. سي. ٽيڪساس)
786
تمهيد
تاريخ نويسي ۽ وقايع
نگاري مسلمانن جو ڏاج آهي. جيڪڏهن اسلامي اتهاس تي
نظر ڪبي، ۽ ٻين قومن سان ان جو مقابلو ڪبو،
ته واضح ٿيندو ته ڪنهن به مذهب يا ملت ايترا تاريخ
نويس پيدا نه ڪيا آهن، جيترا مسلم قوم. ليڪن سنڌ
جي حالت ۾ قصو برعڪس آهي. يا ته اسان جي سلف صالح
اسان لاءِ ڪو تاريخي ذخيرو نه ڇڏيو، يا جيڪڏهن
ڇڏيو ته اهو اسان جي بي اعتنائيءَ ۽ غفلت وچان ناس
ٿي ويو. بهرحال انهيءَ حقيقت تي جيترو ارمان ڪجي
اوترو ٿورو آهي.
نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو اسان جي نوجوانن ۾
پنهنجي گذشته تاريخ کي زنده ڪرڻ ۽ ان کي تحقيق ۽
تدقيق
سان لکڻ جو جذبو پيدا ٿيو آهي. مسٽر قادر بخش
نظاماڻي جنهن نموني ۽ نوع ۽ طرز عبارت ۾ هي ڪتابڙو
لکيو آهي سو تحسين جي لائق آهي. ميرن صاحبن جي
حڪومت جي زواليت جا ڪارڻ ۽ خصيمن جون نيرنگيون
چڱيءَ طرح نروار ڪيون ويون آهن. اصلي ماخذن جو
ڳوڙهو اڀياس ڪري تاريخي حقائق کي مختصر پر مايه
دار لفظن
۾ ادا ڪيو ويو آهي. گاهگاهي پروف جون غلطيون سو
رهجي ويون آهن، ۽ پڻ تاريخي حوالن جا صفحا نه ڏنا
ويا آهن. اميد ٿي ڪجي ته ڪتاب جي ٻيءَ طباعت ۾ اهي
خاميون دور ڪيون وينديون، ۽ پڻ عجلت کي ڇڏي دٻي جي
لڙائي جي ايندڙ انجام ڪيل ڪتاب ۾ انهن ڳالهين تي
پورو توجهه ڏنو ويندو.
هي ڪتابڙو
مسٽر قادر بخش نظاماڻيءَ
جي تاريخي ذوق ۽ علمي حميت جو پيش خيمو آهي. اڃا
ته هي صبح جا آثار آهن، جڏهن سندس تصنيفي
تحمس جو
آفتاب جلوه گر ٿيندو، تڏهن قوم سندس بي لوث
ڪوششن ۽ دماغي ڪاوشن جو بيحد قدر ڪندي.
والله الموفق الي الصواب
اضعف الانام
عمر بن محمد داؤد
پوٽو عفي عنہ
|