سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: جنگ مياڻي

باب: --

صفحو :7

 

نصير خان جو خط

 

وائـﻶ آن دريا که موجش کم تپيد

گوهر خودرا زغو اصان خريد

 

هتي مير نصير خان جي انهي خط جا ڪجهه حصا ڏيڻ بيجاءِ نه ٿيندا جو هن 22 ڊسمبر 1843ع تي ساسور (پونا) مان نظربندي جي وقت انگريزي اختياري وارن ڏانهن لکيو هو. اهو خط مياڻي کان اڳ جي واقعات تي اهم روشني ٿو وجهي. هيءُ خط مرزا قليچ بيگ جي ”تاريخ سنڌ“ انگريزي ڇاپي ۾ شايع ٿي چڪو آهي.

خط ۾ مير صاحب انگريزن ڏانهن پنهنجي دوستي ۽ نيڪ نيتي واري رخ جو ذڪر ڪرڻ بعد لکي ٿو ته:-

”افغانن سان جنگ وقت حيدرآباد ۾ ريزيڊنسي قائم ڪرڻ ۽ سنڌ مان فوجن لنگهائڻ جي اوهان کي اجازت ڏئي اسان پنهنجن بلوچن ۽ خود افغانستان جي دشمني پرائي. اسان سمورا خيال ڇڏي اوهانجي دوستيءَ کي مقدم رکيو. مون ۽ نور محمد خان اوهانجي لنگهندڙ فوجن لاءِ اٺن ۽ ٻيڙين وغيره موجوده ڪري ڏيڻ جي هرڪا ڪوشش ڪئي. اسان بلوچن لاءِ عام اعلان ڪيو ته جيڪو اوهان کي لٽيندو يا ٻي طرح تنگ ڪندو ان تي اسان ناراض ٿينداسون ۽ ان کي سخت سزا ڏينداسون. هن حڪم جي پوئواري به ڪئي وئي. پر سر جان ڪين پنهنجي فوج کي جهرڪن ۾ آڻڻ بعد، فوج جي خرچ لاءِ 21 لک رپيه نقد طلب ڪيا. جو بلڪل ناجائز هو. جي اوهان چوندا ته اها رقم شاهه شجاع جي مدد لاءِ گهري وئي هئي ته مان اوهانکي ٻڌائيندس ته شاه شجاع اسانکي قرآن شريف تي لکي ڏنو هو ته هو ڪو به اهڙو قدم نه کڻندو جو اسانجي يا اسانجي ملڪ جي مفاد جي خلاف هجي. سر جان ڪين جي فوجن جي افغانستان ڏانهن روانگي بعد اوهان جي نمائندي ڪرنل پاٽنجر 12 نقطن وارو هڪ ٻيو معاهدو دستخطن ڪرڻ لاءِ اسانجي اڳيان پيش ڪيو. جو هن جو چوڻ هو ته سد سڪندري وانگر دائمي ٿيندو. خدا جو شڪر آهي ته مون هڪڙي به معاهدي جي خلاف ورزي نه ڪئي آهي جنهن لاءِ رڪارڊ شاهن آهن. ٿورو وقت پوءِ وري 1842ع ۾ اوهان جي طرفان اڃا به ٻيو معاهدو قبول ڪرڻ لاءِ اسانکي چيو ويو جنهن موجب مونکان پنهنجي ملڪ جي ڳچ حصي تان دستبردار ٿيڻ جي طلب ڪئي وئي هئي. مون انتي پنهنجا وڪيل آخوند بچل ۽ سيد سعد علي شاهه جنرل نيپئر وٽ سکر ڏياري موڪليا.، سندن روانگي کان پوءِ مونکي جنرل نيپئر جو ڪاوڙ ڀريو خط پهتو جنهن تي مون غلام علي خان نظاماڻي، خسرو بيگه ۽ يوسف خدمتگار کي نوشهري ۾ جنرل نيپئر سان ملڻ لاءِ ڏياري موڪليو. جن کي جنرل نيپئر ٻڌايو ته نئين رٿيل معاهدي تي حيدرآباد ۾ مهرون هڻڻيون پونديون ۽ اسان رستم خان کي به حيدرآباد ۾ سڏايون، جنهن جو ميجر آئوٽرام اتي فيصلو ڪندو. مون 8 فيبروري تي خسرو بيگه ۽ محمد خان کي مهرون ڏئي آئوٽرام ڏانهن روانو ڪيو ته وڃي نئين عهدنامه قبولڻ جي قبوليت تي مهرون هڻي اچن. مان آئوٽرام کي چوائي موڪليو ته هو جنرل نيپئر کي ٻڌائي ته مان ڪهڙو نه جلد ۽ بلڪل نيڪ نيتي سان معاهدي قبولڻ لاءِ تيار ٿيو آهيان، جنهن ڪري سندس چڙهائي جو ضرور ڪونهي. 9 تاريخ صبح جو آئوٽرام، جنرل نيپئر ڏانهن انهيءَ مطلب لاءِ ماڻهو به موڪليا، پر هنن موٽڻ تي ٻڌايو ته جنرل نيپئر پنهنجي ڪاهه ملتوي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. 12 تاريخ ميجر آئوٽرام معاهدي جو مسودو کڻي آيو ۽ چيائين ته ان تي اسان سڀئي خيرپور وارن ميرن سميت، پاڻ پنهنجي  سر مهرون هڻون ته پوءِ هو جنرل کي خط لکندو. جا ڳالهه به منظور ڪئي وئي. بلوچن اها خبر ٻڌي ميجر آئوٽرام جي درٻار مان نڪرڻ تي، مٿس حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ميجر آئوٽرام جي زندگي مون کي پنهنجي زندگي جهڙي پياري هئي انهيءَ ڪري مون 10-12 قابل اعتماد سردار ساڻ ڪري ڏنس ته وڃي کيس ريزيڊنسي ۾ پهچائي اچن. هنن واپس موٽڻ تي مون کي ٻڌايو ته رستي ۾ ٻن ٽن هنڌن تي بلوچن جون ٽوليون هنن ويٺل ڏٺيون جي شرارت لاءِ تيار نظر ٿي آيون. مان هڪدم منشي ماڌاجيءَ کي ميجر آئوٽرام ڏي موڪليو ته وڃي کيس خطري کان آگاه ڪري اچي. 13 تاريخ مان بلوچن تي زور بار آندا ۽ کين ڌمڪايو ته هو ڪا به شرارت نه ڪن جو عهدنامون ٿي چڪو هو ۽ انگريزي فوج جي چڙهائي هاڻي روڪي ويندي. پر 14 فيبروريءَ تي اطلاع مليو ته جنرل نيپئر جي فوجي ڪاهه بدستور جاري آهي. انهيءَ اطلاع ملڻ تي بلوچن حيدرآباد ڇڏي 6 ميل پريان مياڻيءَ جي ڳوٺ وٽ ڦليليءَ جي اورئين پاسي وڃي خيمه  هنيا. هنن طرفان مونتي به زور آندا ويا ته آئون ساڻن مقابلي ۾ شريڪ ٿيان. مون کين ٻڌايو ته اسين انگريزن سان نئين عهدنامه تي صحيحيون ڪري چڪا آهيون. هاڻي ڪيئن هلي سندن خلاف جنگ ۾ شامل ٿيون پر جنرل نيپئر اعلان ڪيو ته ڪو به بلوچ سندس مقابلو ڪندو ته هو ان لاءِ اسان کي ذمه دار قرار ڏيندو. مون ڏٺو ته بلوچ بهر صورت نيپئر جو مقابلو ڪندا ۽ هر حالت ۾ مون تي ذمه داري پوندي. ان ڪري بهتر صورت اها آهي ته مان پاڻ بلوچن جي ڪئمپ ۾ وڃي اها به کين سندن ارادن تان باز آڻڻ جي ڪوشش ڪريان، جو انگريزن خلاف جنگ بي معنى هئي. مان بلوچن تي سخت ناراض هوس پر خيال ڪيم ته منهنجي وٽن موجودگي سندن جوش گهٽ ڪرڻ لاءِ مفيد ٿيندي ۽ شايد کين جنرل جي مقابله ڪرڻ کان روڪي به سگهان. انهيءَ ڪري بلوچن وٽ ويس (شايد 16 فيبروري 1843 تي) هڪڙو ڏينهن ۽ رات کين سمجهائيندو رهيس نيٺ هو پنهنجي ضد کان باز آيا ۽ مون ٻئي ڏينهن صبح جو سوير (17 فيبروري) جنرل کي ماڻهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ته کيس وڃي چون ته هو وڙهي نه ۽ دوستاني نموني رستم خان جي ”رئيسي“ وارو معاملو طئي ڪري. پر ٻئي ڏينهن صبح ٿيڻ شرط سوير ئي اطلاع پهتو ته جنرل پنهنجي فوجن سميت بلڪل قريب پهچي چڪو آهي ۽ انگريزي فوجن پهچندي ئي بلوچي ڪئمپ تي توبن سان گوله باري شروع ڪري ڏني. مان مٿي ڦليليءَ جي ڪناري تي چڙهان ئي چڙهان ان کان اڳ ۾ ئي عام دوبدو جنگ شروع ٿي وئي. مان شخصي طرح ڪوشش ڪري ان وقت به بلوچن کي انهن انگريز عملدارن تي حملي ڪرڻ کان روڪيو جي شروعات ۾ شايد بلوچن جي فوجي پوزيشن ۽ بيهڪ کي چڪاسڻ ۽ نظر مان ڪڍڻ لاءِ گڏ ٿيل بلوچن جي بلڪل قريب آيا هئا. * جنگ جي خاتمي تي مان حيدرآباد موٽيس ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو پاڻهي جنرل وٽ ويس. مون کي اميد هئي ته هو مون تي خوش هوندو. مان پنهنجي عيال يا خزانن کي به حيدرآباد مان ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جو مون کي پنهنجي وفاداريءَ جي قدر ٿيڻ جو يقين هو. مان شروع ۾ رستم خان جي حيدرآباد ۾ اچڻ جي به برخلاف هوس پر جنرل نيپئر جي خواهش تي ئي کيس حيدرآباد اچڻ جي دعوت ڏني وئي هئي.“

مير صاحب پنهنجي خط ۾ وڌيڪ، قلع جي وحشتناڪ نموني ڦرلٽ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پڇاڙيءَ  ۾ ٻڌايو آهي ته شير محمد خان سان انگريزن جي دٻي واري جنگ وقت ڪيئن پاڻ نظر بندي مان به ڪوشش ڪيائين ته بلوچ شير محمد خان سان شامل ٿي انگريزن خلاف جنگ ۾ حصو نه وٺن.

مير صاحب جي خط ۾ ريزيڊنسي  واري واقعي جو ڪو به ذڪر ڪونهي نه وري مياڻيءَ بابت بلوچن طرفان بيان ڏيندڙ ڪنهن به احوال ۾ ان جو ڪو ذڪر آهي، اهو فقط انگريزن جو بيان ڪيل قصو آهي جنهن جي تائيد ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد انگريزن ڪن محڪومن کان به اظهار ورتا. جن کان هو ڪنهن به قسم جا بيان حاصل ڪري ٿي سگهيا.

هيءَ ڳالهه به اهميت واري آهي ته نصير خان جي خط ۾ بلوچن جي حيدرآباد ڇڏي مياڻيءَ ڏي وڃڻ جي تاريخ 14 فيبروري ڏيکاريل آهي. پر انگريزن جي چوڻ موجب ريزيڊنسي وارو واقعو 15 فيبروري تي ٿيو جنهن تاريخ تي بلوچ حيدرآباد ۾ موجود ئي ڪين ها!


 

*  هن واقعي جو ڪئپٽن جان جيڪب 23 فيبروري 1843 تي پنهنجي پيءُ ڏانهن لکيل خط  ۾ ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي ته هو جڏهن بلوچي فوج جي ڪٿ ڪرڻ ۽ پوزيشن چڪاسڻ لاءِ پنهنجي گهوڙيسوار دستي سان گڏ ٿيل بلوچن کان ٻن سون والن تائين آيو تڏهن بلوچ مٿس حملي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا پر نصير خان کين انهيءَ اميد  ۾ ائين ڪرڻ کان روڪيو ته من اڃا به سلوڪ ۽ سازي جون ڳالهيون ٻولهيون ٿي سگهن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org