سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنگ مياڻي

باب: --

صفحو :6

 

مياڻيءَ کان اڳ

 

کجا ست برق نگاهـﻶ که خانمان سوزد

مرا معاملئه کشت و حاصل است  هنوز

 

خيرپور ۾ سهراب خان پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي سندس وڏي پٽ رستم خان کي ”رئيسي“ جي پڳ ٻڌائي ڇڏي هئي پر سندس وفات بعد سهراب خان جو ننڍو پٽ علي مراد انگريزن سان ساز باز ڪرڻ لڳو ۽ کين چيائين ته جيڪڏهن ڪنهن طرح مونکي ”رئيس“ بنايو ته آئون هر طرح توهان جي اشاري تي هلڻ لاءِ تيار رهندس.

”آڪٽوبر 1842 تائين سنڌ جون حالتون عام طرح سانتيڪيون ۽ ٺيڪ پئي لڳيون. اهي جيتوڻيڪ بلڪل تسليٰ بخش نه هيون ان هوندي به ڪن (انگريز) ماهرن جو رايو هو ته سنڌ سان (انگريزن جو) جيڪو ان وقت تعلق هو ان ۾ ضرور ڪي تبديليون ڪيون وڃن جيئن سنڌوندي ۾ جهاز راني ۽ ملڪ اندر واپار جون سهولتون حاصل ڪري سگهجن ۽ ملڪ ۾ اهڙو بهتر حڪومتي انتظام قائم ٿي سگهي جنهن ۾ اسانجو وڌيڪ دخل هجي“ *

سيپٽمبر 1842 ۾ سرچارلس نيپئر سنڌ جو نئون ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو. چارلس نيپئر جي حيدرآباد پهچڻ شرط ئي انگريزن کي پنهنجي جاسوسن وسيلي اطلاع پهچڻ لڳا ته مير فرنگين خلاف جهاد جون تياريون ڪري رهيا آهن!*

سرچارلس نيپئر نويمبر 1842 ۾ حيدرآباد توڙي خيرپور جي ميرن اڳيان نئون معاهدو پيش ڪيو جنهن موجب ڪراچي، ٺٽو، سکر، بکر، روهڙي ۽ درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي هڪ سو وال اراضي انگريزن مستقل طرح پنهنجي طلب لاءِ ڪئي هئي، واپاري مال تان سمورن محصولن رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هئائون ۽ روهڙي کان سبزلڪوٽ تائين خيرپور جي سموري اراضي بهاولپور جي نواب لاءِ گهري وئي هئي جو هو انگريزن سان وفادار رهيو هو. نيپئر پنهنجي مطالبن کي زوردار بنائڻ لاءِ فوجي طاقت جي مظاهر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن موجب هن اول خيرپور ۽ پوءِ حيدرآباد تي فوج ڪشي جون تياريون ڪيون.

نيپئر جي مقرر ٿي اچڻ تي علي مراد جون پنهنجي وڏي ڀاءُ رستم خان خلاف سرگرميون به تيز ٿي ويون. اهي ڳالهيون قدرتي هيون ڇو جو لارڊ آڪلئنڊ سنڌ کي غلام بنائڻ جو پختو اردو ڪري، پوءِ ئي سرچارلس نيپئر کي حيدرآباد جو ريزيڊنٽ مقرر ڪيو هو.

علي مراد هڪ طرف پنهنجي پير مرد ڀاءُ کي انگريزن جي ارادن جا ڊپ ڏنا ته هو کيس گادي تان لاهي قيد ۾ وجهڻ ٿا گهرن ته ٻئي طرف انگريزن کي رستم خان جي مخالفانه سرگرمين جا قصا گهڙي موڪلڻ لڳو. سر چارلس نيپئر کي يقين ڏياريائين ته رستم خان جي اڳواڻي هيٺ اپر سنڌ جا مير انگريزن سان وڙهڻ لاءِ فوجون گڏ ڪري رهيا آهن.

سر ڊبليو – ايف – بٽلر جي لفظن ۾ ”علي مراد جنرل چارلس نيپئر جي دوربين هو جنهنجي ذريعي کيس ميرن جي جنگي تيارين جي هرڪا خبر پوندي رهندي هئي“ *

سر چارلس نيپئر جو ان وقت نئين معاهده واسطي خيرپور جي ميرن سان ڳالهين هلائڻ لاءِ سکر آيل هو تنهن هڪدم ڪوٽ ڏيجي ڏانهن ڪاهڻ جو فيصلو ڪيو. علي مراد رستم خان کي اهو احوال ٻڌائي کيس ڊيڄاري اتان ڀڄائي ڪڍيو ۽ هڪ منصوعي دستاويز رستم خان جي نالي ۾ تيار ڪيائين جنهن ۾ رستم خان طرفان انگريزن کي اطلاع ڏنو ويو هو ته هو رضا خوشيءَ سان علي مراد جي فائدي ۾ ”رئيسي“ تان دستبردار ٿي ويو آهي. نيپئر هڪدم علي مراد کي خيرپور جو رئيس ظاهر ڪري سڀني ميرن ۽ بلوچ قبيلن لاءِ علي مراد جي تابعداري ڪرڻ جون هدايتون ڪڍيون. علي مراد کي ”رئيس“ ظاهر ڪرڻ بعد نيپئر رستم خان جي پيڇي ڪرڻ جو ارادو ڪيو.

4 جنوري 1843ع تي ڪجهه فوج ۽ علي مراد کي پاڻ سان ڪري سر چارلس نيپئر امام ڳڙهه تي ڪاهڻ جو فيصلو ڪيو جو سمجهيو ويو ٿي ته رستم خان امام ڳڙه ڏانهن ڀڄي ويو آهي.

پر آئوٽرام، سر چارلس تي زور آندو ته اول رستم خان سان ڳالهين ٻولهين وسيلي ڪنهن ٺاهه تي اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ صلاح ڏنائين ته کيس رستم خان سان وڃي ڳالهين ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. سر چارلس، آئوٽرام کي اهڙي اجازت ڏني ۽ آئوٽرام علي مراد جي هڪ ايجنٽ ۽ ڪن ٻين عملدارن کي ساڻ ڪري وڃي ٿر ۾ رستم خان سان مليو. جنهن آئوٽرام کي ٻڌايو ته ڪيئن علي مراد کيس دوکو ڏئي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو هو.

آئوٽرام پنهنجي طرفان رستم خان کي صلاح ڏني ته خيرپور وڃي روبرو جنرل سر چارلس نيپئر سان ملي. هن ٿر ۾ رستم خان سان ملاقات ڪرڻ بعد تصديق ڪئي ته رستم خان انگريزن جي مقابلي لاءِ ڪا به فوجي تياري نه ڪئي هئي ۽ ساڻس ڪا به فوج يا بلوچن جو ڪو وڏو مجموعو ساڻ نه هو. آئوٽرام جي صلاح تي عمل ڪندي رستم خان اول پنهنجا نمائندا يا وڪيل سر چارلس سان ملڻ لاءِ موڪليا. پر علي مراد انهن کي به رشوتون ڏئي پنهنجي پاسي ڪري ڇڏيو ۽ رستم خان جو جنرل ڏانهن لکيل خط بدلائي، ان جي عوض، سخت لفظن ۾ لکيل هڪ ٻيو بناوٽي خط تيار ڪري، رستم خان جي نمائندن کي ڏنو ويو ته اهو وڃي جنرل اڳيان پيش ڪن. جنرل سان ملاقات ڪري موٽڻ تي، علي مراد جي ڪيل منصوبي موجب، انهن نمائندن يا وڪيلن پاڻ وڃي رستم خان کي وڌيڪ ڊيڄاريو ۽ بدظن ڪيو. کيس ٻڌايو ويو ته توکي ڦاسائڻ لاءِ ئي سرچارلس نيپئر سان ملڻ جي صلاح ڏني وئي هئي ۽ رستم خان کي خيرپور ڏانهن موٽڻ کان روڪيو ويو.

هي بهرحال هڪ حقيقت آهي ته انگريز هر صورت سنڌ کي قبضي هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪري چڪا هئا ۽ رستم خان ڪري جنرل نيپئر سان ملي به ها ته به انگريزن جي مقرر ٿيل بنيادي پاليسيءَ تي انجو ڪو به اثر ڪونه ٿئي ها.

11 جنوري تي سرچارلس نيپئر ڪاهي اچي امام ڳرهه ۾ پهتو. مير محمد خان جنهنجو اهو قلع هو سو اڳ۾ ٿي فرار ٿي چڪو هو ۽ وڃي رستم خان سان شامل ٿيو هو. امام ڳڙه ۾ فقط ڪجهه اناج ۽ بارود پيل هو. قلع مان هٿ آيل 7 هزار کن پائونڊ بارود، توبن وسيلي قلع کي اڏائڻ لاءِ ڪم آندو ويو ۽ قلع کي اڏايو ويو. امام ڳڙه خيرپور کان ڏکڻ ۾ ٿورو اوڀر طرف 100 ميلن جي فاصلي تي هو.

امام ڳڙه کي بارود سان اڏائڻ بعد سرچارلس پوئتي موٽيو 22 جنوري تي ڏيجي ويجهو پير ابوبڪر ۾ پهتو. اتي افغانستان ۾ پهتل ذلت جو بدلو چڪائي واپس موٽندڙ فوجن کي اچي گڏ ٿيڻو هو. جتان انهن کي، حيدرآبادي ميرن سان ٺاهه نه ٿيڻ واري صورت ۾ حيدرآباد تي ڪاهڻو هو. آئوٽرام کي حيدرآباد روانو ڪيو ويو ته وڃي ميرن سان نئين معاهده لاءِ ڳالهيون هلائي 8 فيبروري 1843 تي آئوٽرام حيدرآباد ۾ پهتو.

آئوٽرام جي سوانح جي مصنف سر جان گولڊ سمڊ لکيو آهي ته هن زماني جي باري ۾ گهڻيون ئي غلط فهميون ۽ اختلاف آهن پر هڪ ڳالهه بلڪل صاف آهي ته ”جنرل سرچارلس نيپئر سنڌ ۾ انگريزن جو بالا عملدار، پنهنجي ذاتي راءِ ۽ وائسراءِ هند جي منظوريءَ سان، جلد کان جلد معاملي کي نازڪ ڪڙيءَ تي پهچائڻ لاءِ منتظر هو ۽ آئوٽرام جنهن اها ڳالهه مناسب نٿي سمجهي تنهنکي پنهنجي ضمير جي خلاف ڳالهيون ڪرڻيون ٿي پيون.

 

حڪمرانن جي ٺاهه پسندي

هن زماني ۾ خيرپور توڙي حيدرآباد ٻنهي هنڌن تي انگريزن جي جاسوسي نهايت زور هئي. سمورن مکيه غير بلوچ منشين ۽ وزيرن کي تحفن جي صورت ۾ خرچيون ۽ پينشنون عام ڏنيون وينديون هيون جنجو درٻار ۾ زور هو. ٻيا بلوچ سردار ته ڇڏيو پر خود پنهنجي عزيزن سان به حڪمران ميرن جو ٺاهه ڪونه هو. انگريزن جي مخفي ايجنٽن جي سرگرمين کان متاثر ٿي حيدرآباد جا حاڪم هر طرح ۽ هر حالت ۾ انگريزن سان ٺاه تي اچڻ لاءِ منتظر هئا. بعض حالتن ۾ ته اها ٺاهه پسندي حد کان به لنگهي ٿي وئي، مثال طور جڏهن سرجان ڪين افغانستان سان پهرين جنگ ۾ فتح حاصل ڪري موٽيو ۽ بمبئي ويندي حيدرآباد وٽ پهتو تڏهن ميرن سندس ڪاميابي جي خوشيءَ ۾ کيس ٽوين جي سلامي ڏني هئي.

ان کان اڳ ڊسمبر 1939 ۾ جڏهن قلات تي انگريزن جي قبضي ۽ خان محراب خان جي شهادت جي حيدرآباد ۾ خبر پهتي تڏهن انهي خوشيءَ ۾ مير نور محمد خان قلع جي 21 توبن جي سلامي ڏياري ۽ ساري شهر ۾ روشني ڪري جشن ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا هئا!

پر خيرپور جي ٻڍڙي مير رستم خان ۽ ميرپور جي ماڻڪاڻي ميرن ۾ انجي برعڪس انگريزن جي خلاف ڪافي نفرت ۽ حقارت جو جذبو هو. ممڪن آهي ته ان جو سبب اهو هجي جو انگريزن پاڻ به حيدرآباد کي وڌيڪ اهم سمجهي پنهنجين ڪوششن ۽ سرگرمين جو انکي خاص طرح مرڪز بنايو هو.

عام بلوچن ۾ به حيدرآباد وارن ميرن جي انهيءَ ٺاهه واري روش تي عام ناراضپو هو پر رستم خان سان ٿيل تازي ظلم ته کين نهايت سخت ناراض ڪيو هو ۽ منجهن ڏاڍو تاءُ هو.

2 فيبروري 1843 تي رستم خان پنهنجي ڪن ٻين عزيزن سميت حيدرآباد پهچي ويو ۽ 4 فيبروري تي ميجر آئوٽرام به سرچارلس نيپئر طرفان نئين معاهدي بابت ڳالهين هلائڻ لاءِ حيدرآباد آيو:

رستم خان جي حيدرآباد پهچڻ تي غلام علي خان نظاماڻي، مرزا خسرو بيگ ۽ يوسف خدمتگار جي هڪ سفارت سر چارلس نيپئر سان ملڻ لاءِ موڪلي وئي جنهن جي ان وقت سيوهڻ وٽ ڇانوڻي هئي. هن سفارت جنرل نيپئر کي ٻڌايو ته رستم خان سان انصاف ڪري کيس واپس ”رئيس“ تسليم ڪيو وڃي جو انهيءَ سوال تي بلوچن ۾ نهايت سخت تاءُ آهي. جيڪڏهن رستم خان سان انصاف نه ٿيو ۽ انگريز حيدرآباد آيا ته بلوچ تلوارن کڻڻ تي مجبور ٿيندا ۽ بلوچن سان جنگ ڪرڻ ڪو چرچو نه آهي.

جنرل نيپئر کي ڪاوڙ آئي جنهن وفد سان وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪندي کين چيو ته مان پاڻ جنگ جي فائدي ۾ آهيان ۽ ڏسنداسون ته بلوچي تلوارون ۽ منهن سان ڀرڻ واريون بندوقون ڪيئن ٿيون سنگينن ۽ گولين وارين بندوقن جو مقابلو ڪن.

سفارت واپس موٽي آئي ۽ ميرن کي جنرل جي ارادن کان واقف ڪندي کين ٻڌايو ويو ته انگريز جنگ ڪرڻ ٿو چاهي. مگر ميرن ڪنهن به قسم جي جنگي تياريءَ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي ۽ تياري واسطي ڪنهن به قسم جا احڪام جاري نه ڪيا. هوڏانهن آئوٽرام ظاهري طرح عهدنامه جو نئون پيش ڪيل مسودو قبول ڪرائڻ پر حقيقت ۾ سرچارلس نيپئر جي خاص هدايتن هيٺ ڳالهين کي جلد کان جلد نازڪ ڪڙيءَ تي پهچائڻ لاءِ ”پنهنجي ضمير جي برخلاف“ پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون.

5 ۽ 6 فيبروريءَ تي آئوٽرام ميرن سان ڪانفرنسون ڪيون جن ۾ نصير خان ۽ مير محمد خان حيدرآباد جي ميرن جي طرفان، رستم خان سندس پٽ ۽ نصير خان ۽ مير محمد خان خيرپور وارا شامل هئا. درٻار ۾ ميرن طرفان آئوٽرام تي زور آندو ويو ته رستم خان کي واپس خيرپور جو ”رئيس“ تسليم ڪيو وڃي ۽ چارلس نيپئر جي اڳواڻيءَ هيٺ جيڪي انگريزي فوجون درياءَ جي اڀرندئين ڪناري سان حيدرآباد ڏانهن ڪاهي رهيون آهن انهن کي روڪيو وڃي. ٻي حالت ۾ بلوچن کي تلوارون کڻڻ کان هو اصل روڪي نه سگهندا. آئوٽرام کين صلاح ڏني ته اول هو نئين عهدنامه کي قبول ڪن ته پوءِ جنرل کي چڙهائي نه ڪرڻ لاءِ لکيو وڃي.

9 فيبروري تي ميرن جا نمائندا مئجر آئوٽرام وٽ آيا ۽ اچي هڪ قبوليت تي مهرون هنيائون ته مير نئون پيش ڪيل عهدنامون قبول ٿا ڪن (جنهن جا شرط مٿي ڏنا ويا آهن). 10 فيبروري 10 محرم هئي جنهن ڪري ان ڏينهن تي ڪابه ڪارروائي ڪانه ٿي.

 

نئون عهدنامه منظور

ميجر آئوٽرام وري 12 فيبروريءَ تي ميرن وٽ ويو جتي سڀئي مير موجود هئا ۽ هنن نئين عهدنامي تي صحيحون ڪيون. جنهن کان پوءِ ساڳئي ڏينهن ميجر آئوٽرام سرچارلس ڏانهن هڪ خط لکيو جنهن ۾ ميرن جي نئين عهدنامه کي قبول ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي کيس فوجي چڙهائي ملتوي ڪرڻ جي صلاح ڏيندي لکيائين ته:- هي بيوقوف (مير) ڏاڍا ڊنل آهن ڇو جو حيدرآباد تي اوهانجي ڪاهه باقاعده جاري آهي. ڪالهه هنن حيدرآباد ۾ گڏ ٿيل بلوچن کي ڇڙوڇڙ ڪري واپس موٽائي ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن اوهانجي ڪاهه جاري رهي ته پوءِ شايد هنن کي به ڊپ کان لاچار پنهنجي جڏي سڏي فوج کي جمع ڪري پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش ڪرڻي پوي.

ساڳئي ڏينهن انگريزن هڪ ٻيو نازڪ معاملو پيدا ڪيو. مري قبيلي جو سردار حيات خان پنهنجي ڪن ماڻهن سان حيدرآباد اچي رهيو هو ته واٽ تي سڪرنڊ وٽ هو جنرل جان جيڪب جي گهوڙيسوار ريجمنٽ جي ڇانوڻيءَ کان اچي لانگهائو ٿيو. سرچارلس جي حڪمن موجب ڪئپٽن جان جيڪب حيات خان کي سندس 24 ماڻهن سميت گرفتار ڪيو.

هن واقع متعلق سر وليم نيپئر پنهنجي ڪتاب ۾ ”فتح سنڌ“ ۾ لکي ٿو:-

”جان جيڪب کي حڪم مليل هو! ته هو پنهنجي ڪئمپ وٽان ڪنهن به مسلح بلوچ کي لنگهڻ نه ڏئي ۽ جيڪو به باهٿيار بلوچ، سندس ڪئمپ جي ڀرپاسي کان لنگهي ته انکي گرفتار ڪيو وڃي.

12 فيبروري تي 25 مري اچي جيڪب جي ڪئمپ وٽان لانگهائو ٿيا. هنن هٿيارن ڏيڻ يا هيڊ ڪوارٽر ڏانهن هلڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي سرچارلس جي حڪمن هيٺ کين گرفتار ڪيو ويو. حيات خان جي تلاشيءَ ۾ وٽانئس هڪ خط هٿ آيو. جو حيدرآباد جي مير محمد خان کيس لکيو هو ۽ چيو هئائينس ته پنهنجي قوم جا سمورا وڙهڻ لائق ماڻهو ساڻ ڪري 9 محرم تي حيدرآباد پهچي وڃي. شايد مير محمد خان کي خط لکڻ وقت وسري ويو هو ته 10 محرم تاريخ عاشورا آهن.“

مير محمد خان جي خط جو قصو ٿوريئي ويچار ڪرڻ تي نهايت کل جهڙو افسانو معلوم ٿئي ٿو، جو شايد انگلنڊ جي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪارآمد ٿئي باقي هندستان جي هر هڪ باشندي کي بخوبي معلوم آهي ته جڏهن ڪو مسلمان 9 محرم الحرام ذهن ۾ آڻيندو تڏهن هڪدم هن کي 10 محرم يوم عاشورا هئڻ جو خيال ايندو ۽ اهو چوڻ نهايت بي معنيٰ آهي ته ميرن جنگ لاءِ 9 تاريخ مقرر ڪئي جو کين اها ڳالهه ياد نه هئي ته 10 تاريخ عاشورا آهن!

تنهن کان سواءِ هيءَ ڳالهه به نهايت ئي حيرت انگيز آهي ته مير، مري سردار کي لکن ٿا ته حيدرآباد ۾ انگريزن سان جنگ ٿيڻي آهي ۽ هو فقط پنهنجا 24 ماڻهو ساڻ ڪري حيدرآباد روانو ٿئي ٿو!

انهن حقيقتن مان ظاهر آهي ته حيات خان نه رڳو ميرن وٽان جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت تي حيدرآباد ڪونه ٿي ويو پر کيس ان وقت جي فوجي حالتن جو پتو ئي ڪونه هو. جنهن کان اصل ۾ خود مير به ناواقف هئا.

حيات خان انگريزن کي ٻڌايو ته هو ملازمتن وغيره جي سلسلن ۾ ملندڙ ڪجهه باقي رهيل پئسا ميرن کان وصول ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وڃي رهيو هو.

چيو وڃي ٿو ته هن واقعي کانپوءِ نيپئر بلوچن سان جنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڄڻ وائسراءِ هند کان مليل واضح حڪمن جي تعميل لاءِ هو اڃا به ڪنهن بهاني جو محتاج هو!

13 فيبروريءَ تي ميجر آئوٽرام، سرچارلس نيپئر ڏانهن ٻيو خط موڪليو جنهن ۾ لکيائينس ته:-

”ڪالهه درٻار ۾ ۽ اتان موٽندي ماڻهن جي جذبات جي مون جيڪا حالت ڏٺي آهي ان مان ظاهر آهي ته حڪمران ميرن جي بزدلانه نموني ۾ اسانجي اڳيان پيش پوڻ واري روش تي عام بلوچ سخت لعنت ملامت وجهي رهيا آهن، جو هو حاڪم ميرن جي انهي روش کي ڌاڙيلن اڳيان پيش پوڻ جي برابر ٿا سمجهن. سنڌ ۾ منهنجي مقرر ٿي اچڻ کانپوءِ پهريون دفعو گذريل رات درٻار مان نڪرڻ تي مونکي ماڻهن جو غير معمولي انبوهه ڏسڻ ۾ آيو. اهي ماڻهو نعرا هڻي رهيا هئا جن ۾ انگريزن خلاف نفرت ۽ حقارت جي جذبن جو اظهار ڪيو پئي ويو.

جيتوڻيڪ درٻار ۽ قلع جون گهٽيون ماڻهن جي شاهي انبوهن سان سٿيون پيون هيون ان هوندي به ميرن جي عملدارن ڏاڍيون ڪوششون ڪيون جيئن عوام جي انگريزن خلاف جذبي جو ڪوبه مظاهرو نه ٿي سگهي. ليڪن اسانجي شهر مان لنگهندي ئي انهن عملدارن لاءِ ماڻهن جي جذبن تي ضابطو رکڻ ناممڪن ٿي پيو هو. اسان جيڪڏهن مکيه بلوچ سردارن جي نگراني ۽ ميرن جي گهوڙيسوارن جي پهري هيٺ نه هجون ها ته اسانجي خلاف تشدد جو استعمال ڪيو وڃي ها.

رواجي طرح شهر جي حدن ختم ٿيڻ تي آئون ميرن جي ماڻهن کي موٽائي ڇڏيندو هوس. هاڻي به حيدرآباد کان ٻاهر پهچڻ تي مون هنن کي موٽي وڃڻ لاءِ چيو پر هنن موٽڻ کان انڪار ڪندي چيو ته کين بلڪل واضح حڪم مليل آهن ته اسانکي ريزيڊنسي تائين پهچائي اچن. جو حقيقت ۾ انديشو هو ته بلوچ متان ڪا شرارت ڪري نه ويهن. ڪالهه به اوهان جي فوجي چڙهائي جو ٻڌي بي انداز بلوچ اچي حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا هئا جن سڀني کي ميرن واپس موٽائي ڇڏيو پر شام جو اهي وري اچي موجود ٿيا هئا منهنجي خواهش آهي ته اوهان فوجي چڙهائي بند ڪري پنهنجي سر هيڏانهن اچو“*

پر انهيءَ ڏينهن (13 فيبروري تي) جنرل نيپئر وٽان آئوٽرام کي هڪ اهم خط پهتو جنهن ۾ سرچارلس کيس لکيو هو ته ٺاهه وغيره جون سموريون ڪوششون يا اهڙا خيال بلڪل اجايا آهن جو ميرن خلاف سندس فوجي چڙهائي جي تائيد ۾ خود وائسراءِ هند لارڊ ايلن برو جا احڪام پهچي چڪا آهن.

انهيءَ خط ملڻ بعد 14 فيبروري کان وٺي آئوٽرام کي به ميرن جا ”جنگي ارادا“ چڱيءَ طرح محسوس ٿيڻ لڳا.

15 فيبروري تي جنرل سرچارلس نيپئر ميجر آئوٽرام کي هڪ خط لکيو جنهن جو مطلب هو ته اوهين ميرن کي ڪي به وعدا نه ڏجو. حيدرآباد تي منهنجي ڪاهه جاري آهي. مان ميرن سان ڪوبه ٺاهه نه ڪندس مان سندن فوج تي حملو ڪندس پوءِ ان جو کڻي ڪٿي به مون سان مقابلو ٿئي. جيڪڏهن حيدرآباد ڇڏي سگهو ته نڪري اچو. ٻي حالت ۾ اتيئي رهو ۽ پنهنجي حفاظت ڪريو ٻئي ڏينهن مان حيدرآباد ۾ اچي اوهان سان ملندس.

15 فيبروريءَ تي ريزيڊنسي تي حملو ٿيو ۽ آئوٽرام انهيءَ واقعي جي رپورٽ سرچارلس نيپئر کي لکڻ بعد پاڻ به ٻن دخاني جهازن ۾ سوار ٿي هالن وٽ وڃي ساڻس مليو.

 

بلوچن جي تياري نه هئي

واقعات جي رفتار وڌيڪ بيان ڪرڻ کان اڳ في الحال هتي ٻن خاص ڳالهين تي روشني وجهڻ ضروري آهي. پهرين ڳالهه آهي ته بلوچن جنگ لاءِ تياري ڪئي هئي ڇا؟ ان وقت جي ڪنهن به لکيت مان اها ڳالهه ثابت ڪانه ٿي ٿئي ته بلوچن انگريزن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪا تياري ڪئي هئي. حيدرآباد ۾ فقط اهي بلوچ سردار پنهنجي چند ماڻهن سان موجود هئا جي هميشه درٻارن وغيره لاءِ اتي ايندا رهندا هئا خيرپور جي مير رستم خان سان آيل ڪجهه ماڻهو به ان وقت حيدرآباد ۾ هئا. انهن کان سواءِ حيدرآباد جي تر جا اهي بلوچ به اتي هئا. واقعات جي نازڪ صورت حاليءَ جو احوال ٻڌي حالتن ڏسڻ لاءِ حيدرآباد آيل هئا.

حڪمران طبقي جي جنگ لاءِ ڪابه خواهش نه هئي انهيءَ ڪري هنن جنگي تياريءَ لاءِ بلوچ قوم جي ڪابه رهنمائي نه ڪئي.

ڪئپٽن پوسٽنس، اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ ۽ بلوچستان پنهنجي تصنيف ”پرسنل آبزرويشن آن سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته:-

”انهيءَ وقت بلوچن ۾ غير معمولي جوش ۽ ناراضگي هئي. ميرن آئوٽرام کي منتون ڪيون ته هو رستم خان سان انصاف ڪرڻ جو درٻار ۾ فقط ٺلهو وعدو ڪري ۽ چوي ته سرچارلس نيپئر پنهنجي چڙهائي بند ڪئي آهي ته بلوچن جو جوش ڍرو ڪيو وڃي ۽ کين ٿڌو ڪري واپس موٽايو وڃي. ڇو جو عام بلوچ هونئن ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نٿا ٿين ۽ جنگ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

”ميرن کي جڏهن معلوم ٿيو ته جوش ۾ آيل بلوچن 12 تاريخ آئوٽرام کي درٻار منجهان ٻاهر نڪرڻ تي سندس ساٿين سميت خون ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي تڏهن هنن ان ڏينهن تي آئوٽرام کي پنهنجي مکيه درٻارين ۽ بلوچ سردارن جي پهري هيٺ ريزيڊنسي ڏانهن واپس موڪليو هو.

”ان کانپوءِ به ميرن پنهنجا خاص ماڻهو موڪلي ميجر آئوٽرام کي واقف ڪيو ته، ياته ڪوڙو سچو وعدو ڏيئي بلوچن کي ٿڌو ڪري موٽائڻ جو موقعو ڏيو يا پنهنجي بچاءَ لاءِ اسانجي فوجي مدد وٺو ڇو جو بلوچن ۾ تمام گهڻو جوش آهي“.

پر آئوٽرام پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪابه مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو. هو پاڻ خواهان هو ته بلوچ من ان حالت ۾ ڪو اڳرائيءَ وارو قدم کڻن، يا ڪنهن ٻئي خيال کان هن ائين ڪيو، سو چئي نٿو سگهجي.

ساڳيو مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته:-

”ساڳئي ڏينهن وري به ڪن ميرن ۽ سندن مکيه ماڻهن جا پيغام آيا ته مهرباني ڪري ريزيڊنسي مان نڪري وڃو جو اوهان تي حملي ٿيڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ۽ ممڪن آهي ته حملي جي صورت ۾ اسانکي به پنهنجي منهن رکڻ لاءِ عام بلوچن سان گڏ رهڻو پوي“

پر آئوٽرام نه معلوم ڪهڙين مصلحتن جي بنا تي وري به انهن استدعائن ۽ گذارشن تي ڪوبه توجهه ڪونه ڏنو ۽ هيڏي جوش ۽ هيڏي ساري دشمنانه فضا جي باوجود حيدرآباد منجهه رهندو اچڻ جو فيصلو ڪيو.

ساڳئي مصنف هن نقطه جي وڌيڪ وضاحت ڪندي لکيو آهي ته:-

”مير شخصي طرح انگريز نمائندن سان ڏاڍو چڱو هليا. پنهنجي مفاد کي خطري ۾ وجهي به هنن آئوٽرام جي زندگي بچائي ۽ هو سمورو وقت ور ور ڪري انگريزن کي ٻڌائي رهيا هئا ته پاڻ بلوچي انبوهه جي اڳيان بلڪل بي وس آهن، جيڪو انبوهه سمجهي رهيو هو ته سندس مقدس حق (آزادي جا) اورانگهيا ويا آهن.

حاڪمن جي دل ۾ جنگ جو ڪوبه ارادو ڪونه هو اهو ئي سبب هو جو سرچارلس نيپئر جي چڙهائي بدستور جاري رهڻ واري حالت ۾، بلوچن سان سندس ٽڪر ٿيڻ واري امڪان هوندي به، کين يقين هو ته مٿن انگريزن جو ڪو به ڏمر ڪونه ٿيندو ۽ ساڻن ڪابه غير معمولي زيادتي نه ڪئي ويندي. ڇو جو هو انگريزن جي ناجائز ترين مطالبن سان ڀريل نئين معاهده تي به دستخط ڪري چڪا هئا! هنن کي اها خبر نه هئي ته انگريز گهڻو اڳ ۾ ئي سنڌ کي مڪمل طرح غلام بنائڻ جو فيصلو ڪري چڪا هئا.

انهي ڪري نه فقط حڪمرانن قلع ۾ جنگ جي ڪا تياري نه ڪئي، جو ان وقت جي حالتن ۾ بچاءَ خواه حملي جي جنگ لاءِ بهترين مرڪز هو، پر پنهنجي ديرن يا عيال کي به قلع مان نه ڪڍيائون. جنهن قدم کڻڻ جو، خطري واري حالت اندر بلوچن ۾ عام دستور هوندو هو. خزانه به قلع مان نه ڪڍيا ويا. قلع جي برجن تي توبون نه چڙهايون ويون. خود خيرپور وارا مير جي خيرپور ۾ انگريزن جي ويجهو اچڻ جو ٻڌي فرار ٿي ويا هئا. انهن به هاڻي حيدرآباد نه ڇڏيو. حالانڪ ٿر وانگر سنڌ جي مغربي پهاڙين ۾ به بلوچن جا ڪي مضبوط قلعا هوا پر انهن مان ڪنهن به فائدي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي.

حڪمران ميرن جي خاندان جا ڪيترا فرد ۽ قريبي عزيز خانگي ۽ سياسي تڪرارن سبب کانئن ناراض ٿيل هئا انهن سان صلح ڪري يڪي محاذ قائم ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش ڪانه ڪئي ويئي. پر خود پنهنجي روءِ سوءِ حيدرآباد ۾ اچي گڏ ٿيل بلوچن کي به ور ور ڪري منتشر ڪيو پئي ويو ۽ کين صاف جواب ڏنو ويو ته ”بلوچ حڪومت“ جنگ اصل نٿي چاهي تنهن ڪري گڏ ٿيل عام بلوچن کي حڪمرانن کان ڪنهن به مدد جي توقع نه ڪرڻ گهرجي.

صوبدار خان پنهنجي ماڻهن سميت کليو کلايو انگريزن جي پاسي ٿيو بيٺو هو. حاڪمن جي جيڪا ٿوري گهڻي گهوڙيسوار فوج هئي انجو سپهه سالار به سندن ڪيترن ٻين عملدارن وانگر انگريزن جو پگهاردار هو.

15 فيبروري تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته چند بلوچن جي هڪ جوش ۾ آيل گروهه وڃي شايد ريزيڊنسي تي حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ سو انگريز سپاهي ۽ عملدار رهيل هئا. اهي ٽي ڪلاڪ بلوچن جي حملي جو مقابلو ڪرڻ بعد جهازن ۾ چڙهي سر نيپئر ڏانهن روانه ٿي ويا ۽ ميجر آئوٽرام هن واقعي بابت سرچارلس نيپئر ڏانهن موڪليل رپورٽ ۾ لکيو ته:-

”اسان تي بندوقن ڇوڙڻ سان ابتدا ڪئي وئي آهي اوهان کي اطلاع ڏيڻ منهنجو فرض آهي.“ بس بهانو ملي چڪو هو.

آئوٽرام پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ريزيڊنسي تي حملو ڪندڙ بلوچن جو تعداد اٺ هزار هو ۽ وٽن توبون پڻ هيون. انهن اٺن هزارن ماڻهن توبن سان هڪ جاءِ تي حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ سو ماڻهو هئا، پر انهن هڪ سو ماڻهن مان فقط ٻه ڄڻا مئا ۽ ڪي ڦٽيا! جي توبن جي سچ پچ گوله باري ٿئي ها ۽ اٺ هزار ماڻهو حملو ڪن ها ته نهايت سولائي سان نه رڳو انهن هڪ سو انگريزن جي ڪا ٻوٽي نه لڀي ها پر ريزيڊنسيءَ جي جاءِ تي شايد کنڊر به نظر ڪين اچي سگهن ها. چه جائيڪه ان عمارت جي ڪا سر به نه ڀڄي جنهن تي اٺ هزار فوج توبن سان حملو ڪري!

کڻي قبول ڪجي ته ريزيڊنسيءَ جو واقعو سچ پچ ٿيو آهي ان هوندي به انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي حمله آورن يا انگريزن کي اشتعال ڏياريندڙن جو تعداد ڪنهن به حالت ۾ چند سون کان مٿي نه هو ۽ هنن وٽ ڪي به توبون نه هيون، ڇو جو اهي وٽن هجن ها ته ضرور انهن کان ڪم ورتو وڃي ها. ميجر آئوٽرام پنهنجي رپورٽ ۾ به بلوچي توبن جي گولن ڇوڙڻ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو آهي نه وري ڪنهن به ٻئي مصنف ڪا اهڙي ڳالهه لکي آهي جنهن مان حملو ڪندڙن وٽ توبن هئڻ جي ڪابه ثابتي ملي سگهي.

ريزيڊنسي وٽ ڪن بلوچن جي ڇيڙڇاڙ جو ٻڌي حاڪم ميرن بلوچن کي سخت تنبيهه ڪئي ۽ کين حيدرآباد ڇڏي منتشر ٿي وڃڻ جا حڪم ڏنا ته متان ڪاهيندڙ جنرل شهر کي ڪو نقصان نه پهچائي.

جنهن تي 15 فيبروري جي شام جو عام ٽالپرن سميت سڀني بلوچن واٽ تي مياڻي جي موزون هنڌ وٽ وڃي نيپئر جي مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ حڪمران ميرن کي پاڻ سان شامل ڪرڻ جي سڀني ڪوششن ۾ ناڪامياب ٿيڻ بعد کين طعنه طور چوڙيون ڏياري موڪليون ته گهرن ۾ وڃي ويهن. مياڻيءَ وٽ وڃي گڏ ٿيندڙ بلوچ سردارن ۾ جان محمد خان ٽالپر، غلام خان لغاري، غلام علي خان نظاماڻي، غلام شاهه خان ٽالپر ۽ 7، 8 ٻيا بلوچ سردار هئا. ٻين مجاهدن جا اسماءِ گرامي معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

چيو وڃي ٿو ته حيدرآباد ۽ تر جا ڪي هندو به بلوچن سان گڏ مياڻيءَ جي ميدان ۾ موجود هئا پر افسوس آهي جو انهن جي باري ۾ ڪي به تفصيل معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

هڪ پاسي بلوچن جي اها حالت هئي ته ٻئي پاسي انگريز جنرل ڪنهن به حالت ۾ اهڙي ڪا به گنجائش ڪرڻ لاءِ تيار نه هو جنهن مان مير حڪمرانن کي وڌيڪ وقت رهي سگهڻ يا ٺاهه ڪري سگهڻ لاءِ ڪو رستو ملي سگهي. انهيءَ ڪري هن ميرن کي چوائي موڪليو ته منهنجي حيدرآباد تي چڙهائي جاري آهي ۽ رهندي، ۽ ڪنهن به بلوچ طرفان مقابلو ٿيو ته ان لاءِ اوهين سڀ جوابدار ۽ ذمه دار رهندا.

جيتوڻيڪ انگريزن کي به اها بخوبي خبر هئي ته بلوچ سردار يا عام بلوچ، ٽالپرن سميت مير حاڪمن جي سخت ضابطي يا پابندي هيٺ به نه هئا! اهڙي وسيع ۽ واضح اطلاع ملڻ کانپوءِ حاڪم ميرن فيصلو ڪيو ته مياڻي ۾ وڃي ڪنهن نه ڪنهن طرح بلوچن کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي.

ڪن انگريز پرست تاريخ نويسن بنا ڪنهن حوالي ڏيڻ يا ثبوت پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندي ويهي گهڙيو آهي ته مير حڪمران تيار ٿي مياڻيءَ ۾ وڙهڻ لاءِ ويا هئا! حالانڪ اهي پاڻ قبول ٿا ڪن ته هنن محسوس پئي ڪيو ته زور ۽ طاقت ۾ انگريز کانئن بلڪل گهڻو وڌيڪ آهن ۽ بنا تياريءَ جي مقابلو بلڪل بيسود هو. اهي نام نهاد تاريخ نويس حڪمرانن جي تياريءَ جو ڪو ڏيکاءُ به ڪنهن ثبوت سان پيش نٿا ڪري سگهن.

انجي برعڪس هن ڳالهه جون بي انداز ثابتيون موجود آهن ته ميرن نه رڳو مقابله جي ڪابه تياري نه ڪئي پر پنهنجي سموري طاقت انهي ۾ صرف پئي ڪئي ته ڪيئن به ڪري جنگجو ۽ مجاهد بلوچ عوام کي ٿڌو ڪيو وڃي.

انهن حالتن ۾ هيءَ ڳالهه بلڪل صاف ظاهر ٿي ٿئي ته حاڪمن جي مقابله لاءِ تياري واري ڳالهه، محض انگريزن جي کنيل قدمن کي جائز ٺهرائڻ لاءِ انگريزن ۽ انگريز پرستن طرفان پوءِ گهڙي ويئي آهي.

 

لڙندڙن جو انداز

ٻيو جاچ طلب اهم نقطه هي آهي ته ڌرين جي طرف کان لڙندڙن جو ڪيترو انداز هو؟

مرزا قليچ بيگ جي ”تاريخ سنڌ“ ۾ ڄاڻايل آهي ته 16 فيبروريءَ تي بلوچن کي خبر پيئي ته جنرل نيپئر پنجن هزارن ماڻهن جي فوج سان حيدرآباد تي ڪاهي رهيو آهي.

سر بٽلر پنهنجي مٿي ذڪر ڪيل تصنف ۾ جنرل نيپئر جي ڪاهه جو احوال پيش ڪندي جيڪي لکيو آهي ان جو مطلب آهي ته ڊسمبر 1842 ۾ جڏهن سنڌ کي فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪري سر چارلس نيپئر اول خيرپور ۽ پوءِ حيدرآباد تي ڪاهڻ جي رٿا ٺاهي ۽ هن درياءِ سنڌ پار ڪري ان جي اڀرندئين ڪناري تي ڇانوڻي هنئي تڏهن ساڻس ڏهه هزار لشڪر هو.

مياڻيءَ جي واقع کانپوءِ جڏهن بمبئي ٽائيمز جي ايڊيٽر ۽ ڪن ٻين مرڪزن طرفان انگريزي فوج جي اڳرائي ۽ سنڌين سان خراب ورتاءَ بابت نڪته چيني ٿي تڏهن انجي جواب ۾ حيدرآباد مان فوج جي مکيه عملدارن 10 مئي 1843ع تي پنهنجي صفائي ۾ جيڪو خط لکيو هو ان تي پنجويهين نمبر، ويهين نمبر، اٺين نمبر ۽ ڇهين نمبر ريجمنٽن، توبخاني، سئپرس مائينرس، گهوڙي سوار فوج جي نائين نمبر، ٽئين نمبر ۽ ٻين دستن جي ڪل هڪ سو کن مکيه انگريز عملدارن جا دستخط پيل آهن.

مياڻي جي جنگ ۾ خاص طرح سرخرو ئي حاصل ڪندڙ ۽ پاڻ ملهائيندڙ عملدارن ۾ هڪ ليفٽننٽ ڪرنل، 13 ميجر ۽ ڪيترا ٻيا عملدار ڏيکاريل آهن.

ان طرح انگريزن جي پنهنجي پيش ڪيل حساب ۽ مري ويلن ۽ ڦٽيل انگريزي عملدارن جي عهدن ۽ درجن مان ظاهر آهي ته جنرل نيپئر سان گهٽ ۾ گهٽ 5 کان 7 ريجمنٽون هيون.

هڪ ريجمنٽ جي رواجي طاقت هڪ هزار کان ساڍن ٽن هزارن ماڻهن تائين هوندي آهي. گهڙيسوار دستي ۾ گهٽ پياده دستن ۾ وڌيڪ ماڻهو هوندا آهن.

جنرل نيپئر سان ٽي گهوڙيسوار ريجمنٽون ۽ ٽي چار پياده فوج جون ريجمنٽون گڏ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ان طرح سندس ڪل فوجي طاقت گهٽ ۾ گهٽ 8 کان 15 هزارن تائين هئي. جنهن مان ڪجهه ماڻهو رسد ۽ اسباب جي پهري تي ڇڏي، هڪ حصو مخصوص رکي باقي فوج هن جنگ جي شروعات ۾ ئي ميدان جنگ ۾ اڇلائي وڌي هئي.

هوڏانهن ساري سنڌ جي بلوچن جي لشڪري طاقت جڏهن ٽنهي ڀاڱن جي حاڪم ميرن ۽ سمورن بلوچ سردارن ان کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي، اڳ تاريخ ۾ ڪڏهن به 18 هزارن * کان مٿي ثابت ٿي نه سگهي آهي.

ڪلهوڙن خلاف هالاڻي وري جنگ ۾ مير فتح علي خان جي ڪمان هيٺ فقط 6 هزار بلوچ گڏ ٿي سگهيا هئا. جيتوڻيڪ ائين آهي ته ان وقت ڪيترا بلوچ ڪلهوڙن سان به شامل هئا.

مياڻيءَ جي جنگ وقت ڪهڙي حالت هئي؟ خيرپور جي فوج ۽ ان علاقه جا عام بلوچ قبيلا خيرپور ۾ ئي رهيل هئا. اتان جي بلوچ سردارن کي علي مراد کانئن جاگيرون وغيره ڦري وٺڻ جا دڙڪا ڏيئي اتي ئي پريشان رکيو هو. ميرپورخاص جو شير محمد خان ۽ سندس ڪو به ماڻهو مياڻي نه پهچي سگهيو هو. خود حيدرآباد جي ميرن سان شامل بلوچي طاقت به پوري انداز ۾ گڏ نه ڪئي ويئي هئي جو حاڪمن مقابلي لاءِ تيار نه هجڻ ڪري قوم کي گڏ ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪانه ورتي. خود ڪيترا سندن عزيز ۽ ڀائر جي ڪن سببن ڪري ساڻن ناراض هئا سي به نڪي پاڻ شامل ٿيا نه هنن جا ماڻهو. صوبدار خان ۽ مير محمد خان نڪي پاڻ شامل ٿيا نه سندن ماڻهو.

مياڻيءَ ۾ فقط اڳ حيدرآباد آيل ڪجهه تر جا مشتعل ٿيل بلوچ، حيدرآباد منجهه رهندڙ بلوچ سردار (جي سڀ مقابلي ڪرڻ جي حق ۾ هئا) پنهنجي قوم جي چند چونڊ ماڻهن ۽ خدمتگارن سميت اچي گڏ ٿيا هئا.جن جو ڪل تعداد وڌ ۾ وڌ ٽن ۽ چئن هزارن جي وچ ۾ هو. 16 تاريخ جڏهن نصير خان ڪن ٻين ميرن سان حقيقت ۾ بلوچن کي باز آڻڻ ۽ ظاهري طرح  ساڻن شامل ٿيڻ جي بهاني پنهنجي ڪجهه ماڻهن ۽ توبن سان مياڻيءَ ۾ پهتو تڏهن وڌ ۾ وڌ بلوچن جي انداز ۾ 500 کان هڪ هزار وڌيڪ ماڻهن جو اضافو ٿيو هوندو.

اهو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي ته انگريزي فوج ڪل 27 سو هئي ۽ بلوچ لشڪر 22 هزارن کان به مٿي هو ۽ ايڏي لشڪر کي انگريزن ”ڀڳڙن وانگر پئي ڀڳو“

اهو وڌاءُ سر چارلس نيپئر ۽ سندس ساٿين فقط پنهنجي شهرت لاءِ ڪيو جو پوءِ انگريز پرست قصيده خوانن انهيءَ وهم هيٺ هميشه لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ ئي داخل ڪري ڇڏيو ته حاڪم جي بيانن ۾ شڪ آڻڻ يا انهن کي عقل جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي ڪوشش ڪرڻ غلامن لاءِ حرام آهي.

در پس آئينه طوطي صفتم داشته اند

آنچه استاد ازل گفت همان مي گويم

 

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انگريزن جي فتح ۾ سندن بهتر هٿيارن ۽ گولين وارين بندوقن جو وڏو حصو هو. بلوچي لشڪر ۾ گڏ ٿيل ماڻهن مان ڪيترن وٽ ته هٿيار اصل هئائي ڪونه جو انهن گڏ ٿيل ماڻهن ۾ وڏو انداز ذاتي خدمتگارن جو هو.

مياڻي جي جنگ کانپوءِ سرچارلس نيپئر جي قدم بابت جيڪي چميگويون ٿيون تن ۾ ڪيترن نيڪ طبيعت رکندڙ انگريزن به سرچارلس نيپئر تي سخت نڪته چيني ڪئي ۽ چيو ته مياڻي وارو معاملو ٻن فوجن جي جنگ نه پر هڪ باقاعدي تربيت يافته اعليٰ هٿيارن سان مسلح فوج جي هڪ بي هٿيار انبوهه سان جهڙپ هئي!

چنانچه مسٽر رچرڊ برٽن کي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ري وزيٽيڊ“ ۾ ڪن انگريزن جي انهي نڪته چيني واري رخ تي اظهار افسوس ڪندي پنهنجي ڪتاب ۾ لکڻو پيو ته:-

”سرچارلس نيپئر جي فتح جي حمايت گهٽائڻ جون گهڻيئي ڪوششون ڪيون ويون آهن. ائين برابر آهي ته جنرل جيڪي دعوائون ڪيون آهن تن جي ميدان مياڻي ۾ موجود ڪن ٿورن ماڻهن کان تصديق ٿي سگهي آهي. ڪي ته وري ائين چون ٿا ته ميرن کي وڙهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو جي اسانجي رشوت بازي سبب ڪمزور ٿيل هئا ۽ پنهنجي گهرو ڪشمڪش سبب پنهنجي گڏيل دشمن (انگريز) کان به وڌيڪ هڪ ٻئي کان متنفر ۽ هڪ ٻئي جا مخالف هئا. ان طرح دشمن (بلوچن) جي اهميت هڪ شاهي انبوهه کان مٿي نه هئي. سندس پياده فوج وٽ هٿيار به پورا نه هئا سندس گهوڙي سوار فوج اهڙن سوارن تي مشتمل هئي جن ۾ ڪو به ضابطو نه هو ۽ جي جنگي فن کان بلڪل ناواقف هئا. ڪن ٿورن وٽ چڱا گهوڙا هئا ورنه اڪثريت گڏهن جهڙن ٽٽئن تي سوار هئي ۽ تنهنجو به سپہ سالار وري مخفي طرح اسانجي پگهار ۾ هو“

اڳتي هلي ساڳئي مصنف ٽنڊي فضل جي مير ابراهيم خان ٽالپر سان پنهنجي ملاقات جو احوال شايع ڪيو آهي جنهن ۾ ابراهيم خان کيس مياڻيءَ جي جنگ بابت ٻڌائي ٿو ته: -

”اسين اوهان سان وڙهڻ ائين نڪتا هئاسون ڄڻ هرڻن جو شڪار هو. گڏ ٿيل بلوچي انبوهه ۾ ڪن وٽ تلوارون ۽ منهن سان ڀرڻ واريون بندوقون هيون ته ڪن وٽ ڀالا يا لٺيون هيون.“


 

*  ڪئپٽن پوسٽنس ”آبزرويشنس آن سنڌ“ ۾

*  سر وليم نيپئر ”ڪانڪئَيسٽ آو سنڌ“ ۾

*  سوانح حيات ”سرچارلس نيپئَر“

*  سر وليم نيپئر جو ”فتح سنڌ“

*  پٺاڻن خلاف بلوچن جي شڪارپور تي ڪاه وقت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org