سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: جنگ مياڻي

باب: --

صفحو :3

 

اوائلي دؤر

 

انگريز واپاري سرمائيدارن هندستان ۾ نين مارڪيٽن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڪهڙي طرح پاڻ کي هندستان جو مالڪ بنائي ورتو ان کي اڻويهين صديءَ جي هڪ وڏي انقلابي فلاسفر ۽ سرمايه داريءَ جي زبردست دشمن ڪارل مارڪس 1853ع ۾ پنهنجي هڪ لکيل مضمون ۾، جو ان وقت ”نيويارڪ هيرالڊ ٽربيون“ ۾ شايع ٿيو هو، هنن مختصر ۽ جامع لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

”هندستان ۾ انگريزي اقتدار ڪيئن قائم ٿيو؟ مغل بادشاهن جي ڪلي ۽ مطلق العنان طاقت کي سندن ئي مقرر ڪيل وائسرائن يا حاڪمن ڌڪ هنيو ۽ انهن مغليه وائسرائن ۽ حاڪمن جو زور مرهٽن ختم ڪيو. مرهٽن جو زور وري افغانن ڀڳو. ان ريت اهڙي وقت ۾ جڏهن هندستان جا حاڪم ۽ اثر واريون قومون پاڻ ۾ لڳل هيون تڏهن انگريز آيا ۽ سڀني کي دٻائي پاڻ مالڪ بنجي ويٺا. هندستان انهيءَ وقت اهڙو ملڪ هو جو نه رڳو هندن ۽ مسلمانن ۾ ورهايل هو پر قبيلي جو قبيلي سان ۽ هڪ ذات جو ٻي ذات وارن سان جهيڙو لڳو پيو هو.“

اڳتي هلي مارڪس لکي ٿو:

”جيڪڏهن اسان کي هندستان جي ابتدائي تاريخ جي کڻي گهڻي خبر نه به هجي ان هوندي به هڪ کليل حقيقت کان ته ڪير به انڪاري ٿي نه سگهندو ته اڄ به، انگريز، هندستان جي خرچ تي قائم ٿيل، هندستاني فوج جي ئي زور سان، هندستان کي غلام رکيو ويٺو آهي.“

ڪارخانه داريءَ جي زور وٺڻ ۽ ٻاڦ تي هلندڙ مشينن جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ يورپين سرمايه داري جڏهن نئين زور سان هندستان ۾ داخل ٿي تڏهن هندستان نه فقط سياسي خواه مجلسي لحاظ کان انگريزن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمزور هو، پر انگريزن جو جنگي فن ۽ فوجي نظم و نسق پڻ هندستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترقي يافته هو. انهن خاص ڪمزورين کان سواءِ هندستان ان وقت مختلف ڪمزور ۽ ننڍين ننڍين طاقتن ۾ تقسيم ٿيو پيو هو. انگريزن اچڻ سان انهيءَ اندروني نفاق کي پاڻ وڌيڪ تيز ڪيو. هنن هميشه هڪ وقت هڪڙي دشمن کي ختم ڪرڻ واري پاليسيءَ جي مد نظر، جڏهن هڪ ڌر سان جنگ ٿي ڪئي تڏهن اول ٻين سڀني آس پاس وارين طاقتن سان ”دائمي دوستيءَ“ جا معاهده پئي ڪيا ۽ ڪجهه وقت بعد وري انهن جو وارو ٿي آيو جن سان چند سال اڳ ۾ ”دائمي دوستي“ جو معاهدو ڪيو ويو هو. ان ڪري سندن ڪمزور هندستاني مخالف سندن خلاف ڪڏهن به اثرائتو متحده محاذ قائم ڪري نه سگهيا.

ان کان سواءِ ساري ملڪ ۾ انگريزن پنهنجي جاسوسي ۽ رشوت بازيءَ جو وسيع ڄار وڇائي ڇڏيو هو جيئن سندن پروگرام ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿئي.

جيڪي حڪومتي ۽ مجلسي ڪمزوريون باقي هندستان جي غلاميءَ جو باعث بنيون. اهي سڀئي سنڌ ۾ انگريزن جي آمد وقت موجود هيون ۽ سنڌ ۾ انگريزن جي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيون.

 

بلوچي اقتدار

1782ع ڌاري ڪلهوڙن جي بيڪار ۽ ظالمانه نظام حڪومت کان بيزار ٿي بلوچن قومي اتحاد قائم ڪري ڪلهوڙن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بلوچ ان وقت جي ڪلهوڙا راڄ جي اهم فوجي طاقت ۽ مکيه پشت پناهه هئا. مير فتح علي خان ٽالپر جي رهنمائي هيٺ ڇهن هزارن بلوچن، ڪلهوڙن جي ٽيهه هزار فوج کي هالاڻيءَ جي ميدان ۾ شڪست ڏئي ڪلهوڙن جي اقتدار جو خاتمو ڪيو ۽ مير فتح علي خان کي ”رئيس“ چونڊيو ويو.

ڪلهوڙن جي آخري حاڪم عبدالنبي حڪومت ڪابل (افغانستان) جو باج گذار يعني ڍل ڀريندڙ هو. انهيءَ ڪري جنگ هالاڻيءَ ۾ فتح حاصل ڪرڻ بعد سنڌ جي حڪومت ۾ ٿيل تبديلي لاءِ بلوچن طرفان ڪابل جي رضامندي حاصل ڪرڻ واسطي قيصر خان (نظاماڻي سردار) کي افغانستان جي بادشاهه وٽ موڪليو ويو ته وڃي کانئس سنڌ ۾ قائم ٿيل بلوچي اقتدار تسليم ڪرائي اچي. جا ضرورت (سردار) قيصر خان نظاماڻي جي ڪوششن ۽ شخصي اثر ڪري پوري ٿي ۽ مير سنڌ جا مستقل طرح مالڪ ٿي ويٺا. مڪمل اقتدار حاصل ڪرڻ بعد ميرن سنڌ کي ستن حصن ۾ تقسيم ڪيو. لاڙ ۽ وچولي جا چار حصا فتح علي خان پنهنجي چئن ڀائرن سميت کنيا، اپر سنڌ جا ٻه حصا مير سهراب خان کي ڏنا ويا ۽ ميرپورخاص وارو هڪڙو حصو مير ٺاري خان نظاماڻي جي سپرد ٿيو.

سنڌ ۾ بلوچي اقتدار قائم ٿيڻ بعد بلوچ قوم اندر اهڙي رهنما جي ڪمي هئي جو ڪلهوڙن خلاف قائم ٿيل قومي اتحاد کي ذاتي جاه ۽ دٻدٻي وڌائڻ واسطي استعمال ڪرڻ بدران قوم کي وڌيڪ طاقتور ۽ متحد بنائڻ لاءِ استعمال ڪري.

مير رهنمائن انهي قومي اقتدار ۽ حاصل ڪيل قومي اتحاد کي وڌيڪ منظم ۽ مضبوط بنائڻ جي ته ڪا خاص ڪوشش ڪانه ڪئي پر پاڻ انهي حاصل ڪيل متحده حڪومت کي هڪ رواجي ملڪيت طور ورهائي ڇڏڻ سان هنن انهيءَ اتحاد ۽ گڏيل قوت کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو جا ڪلهوڙن کان حڪومت حاصل ڪرڻ وقت قائم ڪئي وئي هئي.

1801 ڌاري مير فتح علي خان وفات ڪئي ۽ سندس ٻيو ڀاءُ مير غلام علي خان ”رئيس“ چونڊيو ويو.

 

پهريون تعلق

آگسٽ 1809 ۾ انگريزن جو سنڌ جي بلوچن سان پهريون تعلق قائم ٿيو جڏهن انگريزي وفد اچي ميرن سان هڪ معاهدو ڪيو جنهن ۾ هڪ ٻئي سان ”دائمي دوستي“ ۽ نمائندن جي تبادله جا فقرا هئا ۽ ميرن طرفان وعدو ڪيو ويو هو ته هو فرينچن کي سنڌ ۾ نه ڇڏيندا. فرانس فوجي خواه تجارتي لحاظ کان انگريزن جو ان وقت مکيه مد مقابل هو.

1811 ۾ مير غلام علي خان وفات ڪئي ۽ ٽيون ڀاءُ ڪرم علي خان ”رئيس“ چونڊيو ويو. 1820ع ۾ انگريزن جو سنڌ سان ٻيو معاهدو ٿيو جنهن موجب آميريڪي باشندن جي سنڌ ۾ اچڻ يا اڏن قائم ڪرڻ تي به بندش پئي.

1827ع ۾ مير مراد علي خان (چوٿون ڀاءُ) ناچاڪ ٿي پيو ۽ سندس وزير نواب ولي محمد خان لغاري جي صلاح تي انگريزن کان ڊاڪٽري مدد ورتي وئي. ڪڇ مان ڊاڪٽر برنس مير صاحب جي علاج لاءِ سنڌ ۾ آيو. ڊاڪٽر صاحب کي هدايتون هيون ته مير صاحب جي علاج ڪرڻ سان گڏ هڪ طرف ميرن ۽ سندن خاص اثردار ماڻهن سان تعلقات قائم ڪري ته ٻئي طرف پنهنجي روءِ سوءِ سان سنڌ جي عام حالتن جي به چڪاس ڪري.

 

انگريزن جا ارادا

ڊاڪٽر برنس ڪڇ واپس موٽڻ تي برطانيه سرڪار کي لکيو ته: ”سنڌ بي حساب دولت سان ڀرپور ۽ هڪ نهايت زرخيز علاقو آهي جنهن تي جاهلن جو راڄ آهي. انهيءَ ملڪ جي وڌيڪ جاچ پڙتال ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجا پير کوڙڻ نهايت ڪارآمد ٿيندو.“

1830ع ۾ مير ڪرم علي خان وفات ڪئي ۽ مير مراد علي خان ”رئيس“ چونڊيو ويو. سنڌ جي جاچ پڙتال ۽ سروي جي مقصد جي مدنظر انگريزن پنهنجي فوجي ۽ سياسي ماهرن جي هڪ سفارت رنجيت سنگهه کي سوغاتون پهچائڻ جي بهاني ئي سمنڊ کان سنڌوندي رستي پنجاب موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. وقت جي حڪومت هن وفد جي راهه ۾ جيتوڻيڪ ڪي به رڪاوٽون نه وڌيون ان هوندي به سنڌ جي عام باشندن ۽ بلوچن هر ممڪن طريقي سان پنهنجي روءِ سوءِ انگريزي سفارت کي تڪليفن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هنن جون سموريون سرگرميون بيڪار ثابت ٿيون ۽ انگريز ماهرن جي سفارت ساري سنڌ جي پڙتال ڪندي، هر هنڌ اتان جي مقامي باشندن کان خبرون چارون وٺندي، ملڪ جي اندروني حالتن کي چڪاسيندي خيرو عافيت سان وڃي لاهور پهتي.

ڊاڪٽر برنس جي حيدرآباد ۾ آمد ۽ سنڌونديءَ جي چڪاس ۽ سروي کانپوءِ اپريل 1832ع ۾ مير مراد علي خان سان ڪرنل پاٽنجر انگريزن طرفان نئون معاهدو ڪيو. جنهن موجب سنڌ ۾ انگريزن کي فوج يا ڪنهن به قسم جي فوجي اسباب آڻڻ تي بندش پئي. پر واپار سانگي سنڌ ۾ اچڻ جي کين عام اجازت ملي.

ساڳئي وقت خيرپور وارن ميرن سان انگريزن ڌار معاهدو ڪيو جنهن موجب انگريزن کي واپار واسطي خيرپور جي حدن ۾ رستن ۽ سنڌونديءَ جي استعمال جي عام اجازت حاصل ٿي. هن معاهده ۾ ڌرين طرفان هڪ ٻئي سان ”دائمي دوستي“ رکڻ ۽ هڪٻئي جي ”ملڪ ۾ بدنگاهه“ نه ڪرڻ جو به وعده ڪيل هو.

 

ٻي چوياري

1833ع ۾ مير مراد علي خان وفات ڪئي ۽ سندس پٽ نور محمد خان ۽ نصير خان، مير فتح علي خان جي پٽ صوبدار خان ۽ مير غلام علي خان جي پٽ مير محمد خان سان گڏجي ملڪ جو انتظام سنڀالڻ لڳا. مير ڪرم علي خان بنا اولاد وفات ڪئي هئي اهي چار مير ”ٻي چوياري“ طور مشهور آهن. اهي چارئي مير پنهنجي پنهنجي ورهايل حصي ۾ خود مالڪ مختيار هئا. پر نور محمد خان کي گڏيل مفاد ۽ معاملن جي نگهداشت لاءِ سڀني جي نمائندگي جو حق مليو ۽ کيس ”رئيس“ چونڊيو ويو.

1837ع ۾ سنڌ جي اترين سرحد تي آباد مزاري بلوچن جي سکن سان ڪجهه جهڙپ ٿي ۽ رنجيت سنگهه ان بهاني سنڌ تي ڪاهڻ جو فيصلو ڪري چڙهائي ڪئي.

انگريز جن اڳ۾ ئي سنڌ ۾ پنهنجن پيرن کوڙڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو تن ميرن کي لکيو ته جيڪڏهن کين حيدرآباد ۾ مستقل طرح ريزيڊنٽ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ته هو وچ ۾ پئي رنجيت سنگهه سان سندن فيصلو ڪرائيندا. ميرن رنجيت سنگهه جي مقابلي جي ڪا به وڏي پيماني تي تياري ڪرڻ بدران انگريزن کي وڌيڪ رعايتون ڏئي، رنجيت سنگهه کان بچڻ لاءِ سندن مدد وٺڻ جو رستو پسند ڪيو ۽ 1838ع ۾ ڪرنل پاٽنجر ميرن سان هڪ نهايت اهم معاهدو ڪيو جنهن موجب رنجيت سنگهه ۽ ميرن جي وچ ۾ تڪرار نبيرڻ جو انگريزن کي ذمه ڏنو ويو ۽ انگريز ريزيڊنٽ کي مستقل طرح حيدرآباد ۾ رکڻ جو انگريزن کي اختيار ڏنو ويو.

هن زماني جي مير حاڪمن جو بلوچي قومي طاقت ۾ گهٽ اعتماد ڏسڻ ۾ ٿي آيو. حڪومت جا ڊزن کن ٽڪرن ۾ ورهايل هئي ان ۾ غير بلوچن جو اثر ۽ اقتدار وڌيل هو. ”وٽن بيڪار ۽ نڪمن خوشامدڙين جو قدر هوندو هو“.*

سر ڊبليو – ايف – بٽلر پنهنجي تصنيف ”سر چارلس نيپئَر“ ۾ آخري حڪمرانن بابت لکي ٿو:

”خوشحالي، طاقت، عيش عشرت ۽ نفس پرستيءَ ڪري پراڻيون بلوچي عادتون ۽ اطوار منجهائن نڪري چڪيون هيون. هو شراب پيئندا هئا، موجون ۽ مزا ڪندا هئا، شڪار جا شوقين هئا ۽ ايشيائي طرز جي عشق بازين مان لطف حاصل ڪندا هئا – پر انهن سمورين شخصي ڪمزورين اچي وڃڻ جي باوجود مجموعي طرح، سندن نظام حڪومت اهڙو ڪريل نه هو جهڙو ان وقت هندستان جي ڪيترين ٻين رياستن ۽ ننڍين حڪومتن جو هو. انهيءَ جو سبب اهو هو جو هو اڃا پنهنجي انهن آبائي پهاڙين کان گهڻو پري نه هئا جن جي ڪشش رکندڙ ٽڪرين کي فقط ٽي پيڙهيون اڳ هو ڇڏي آيا هئا. انهن گنڀير پهاڙين کي ڇڏي جيڪا به شيءِ هيٺاهين خشڪ ميدان ۾ پئي آئي آهي سا هميشه پنهنجي اصليت وڃائي خراب پئي ٿي آهي.“ پوءِ اهو چاهي ڪو ماڻهو هجي، جانور يا ڪي ٻي شيءِ.

سنڌ جا اڳم ۾ ئي ٽن حصن (حيدرآباد، خيرپور ۽ ميرپور) ۾ تقسيم ٿيل هئي تنهن جا اڃا به وڌيڪ حصا ٿيڻ لڳا. ميرپورخاص ۾ ٺاري خان جي ٽن پٽن پنهنجي حڪومت کي رواجي ملڪيت وانگر ٽي حصا ڪري وراهي ڇڏيو ته اتر ۾ خيرپور واري سهراب خان جي پٽن رستم

خان ۽ مراد علي خان جو وري پاڻ ۾ تڪرار ٿي پيو. حيدرآباد ۾ به صوبدار خان جو سوٽن سان هڪ طرف تڪرار هو ته ٻئي طرف خاندان جا ننڍا فرد پاڻ ۾ هڪ ٻئي خلاف منصوبه بازيون ڪرڻ لڳا. سنڌ ڊزن کن ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهائجي ويئي هئي. نفاق، ناسازي، ۽ نااهل ماڻهن جي عزت ۽ حوصله افزائي ڪري بلوچي اقتدار جون پاڙون ڪمزور ٿي ويون هيون.


*  ڪئپٽن پوسٽنس اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ ۽ بلوچستان جو ”آبزرويشنس آف سنڌَ“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org