پيش لفظ
هن تصنيف جو مکيه مقصد آهي ڪن تاريخي غلط بيانين
جو پردو چاڪ ڪري بلوچ قوم کي انهن حقيقي سببن کان
واقف ڪرڻ جيڪي سندس سياسي زوال جو ڪارڻ بنيا.
سنڌ کي انگريزن جي غلامي هيٺ آئي تقريباً سو ورهيه
ٿيا. انگريزن ۽ سندن خوشامدڙين ان عرصه اندر
پنهنجي پروپئگنڊا
جي ذريعي دنيا تي اهو اثر پئي وهاريو آهي ته سنڌ
تي انگريزن کي انهيءَ ڪري لاچار ٿي قبضو ڪرڻو پيو
جو، سنڌ جا حڪمران مير، انگريزن جي ڪن. ”جائز
طلبن“ قبولڻ لاءِ تيار نه ٿيا. هنن ڪي عهدنامه پڻ
ڀڳا ۽ جڏهن انگريزن کي ڪن مجبورين سبب سنڌ ۾ فوج
آڻڻي پيئي تڏهن هنن وٺي جنگ لاءِ تياريون ڪيون. پر
بلوچن جي ”بي انداز لشڪر کي“ جنگ ۾ فرنگين ”ڀڳڙن
وانگر پئي ڀڳو“ ۽ انگريزن جنگ فتح ڪري ورتي.
پر حقيقتون خود انگريزن جي پنهنجي تصنيفن مان ٻيو
قصو ظاهر ٿيون ڪن. اهي ڏيکارين ٿيون ته انگريزن
گهڻي عرصي جي گهري سوچ ويچار بعد سنڌ فتح ڪري ان
کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. جنهن
ڪري ئي هنن جنگ کان ڪي سال اڳ ۾ ئي آهسته آهسته
خاموشيءَ سان مختلف بهانن ذريعي سنڌ جي چپه چپه جي
سروي ۽ پڙتال پئي ڪئي ۽ ميرن جي وزيرن ۽ درٻار جي
مکيه ملازمن کي رشوتون وغيره ڏئي پاڻ سان پئي
ملايو. جن جي ذريعه هو هميشہ ميرن کي اهو سبق
ڏيندا رهيا ته انگريز نهايت ”طاقتور آهن“ تنهن ڪري
انهن جي مقابلي جو خيال به نه ڪرڻ کپي.
ازانسواءِ ملڪ ۾ جاسوسيءَ جو نهايت وسيع ڄار وڇايو
ويو هو. حڪمران خاندان جي هڪڙن فردن کي ٻين کان
جدا ڪري کين پنهنجي تائيد جا آسرا ڏئي منجهن
نااتفاقيءَ جو ٻج پئي ڇٽيو ويو ۽ رفته رفته جنگ
لاءِ باقاعده فضا پيدا ڪري نيٺ جنگ جو تماشو ڪيو
ويو.
سرنيپئر جي لفظن ۾ حڪمران مير اهڙا ته مظلوم مسڪين
۽ فرمانبردار هئا جو جيسين هو ڪنهن نه ڪنهن طرح
جنگ لاءِ آماده نه ٿين تيسين کين سزاياب ڪرڻ تي
جنرل جو ضمير کيس ئي ملامت ڪري رهيو هو. ”ريزيڊنسي
وارو
واقعو“ انگريزن جي نقطه نگاهه مطابق اهڙي جنگي
آمادگيءَ جو پورو پورو دليل ثابت ٿيو.
الغرض ميرن جي انگريزن ڏانهن ”سخت روش“ ۽ ميرن
طرفان ”معاهدن جي خلاف ورزي“ ۽ ”جنگي تياري“ نه پر
سندن نرمي، هر معاهده تي سختيءَ سان پابندي ۽ ميرن
جي آخري وقت تائين مقابلي جي تياري نه ڪرڻ ئي، سنڌ
۾ بلوچي اقتدار جو خاتمو آندو.
انگريزي پروپئگنڊا جو ٻيو وڏو ڪوڙ اهو آهي ته
”بلوچن جو بي انداز لشڪر“ هو پر ان کي انگريزن
”ڀڳڙن وانگر پئي ڀڳو“ ۽ تاريخ ان جي برعڪس ثابت ٿي
ڪري ۽ حقيقتون ٻيو قصو پيش ٿيون ڪن. اهي ظاهر ٿيون
ڪن ته اهو بلڪل غلط آهي ته مياڻيءَ جي ميدان تي”بي
انداز بلوچي لشڪر“ جمع ٿيو هو ۽ اهو به غلط آهي ته
بلوچ ”ڀڳڙن وانگر پئي ڀڳا“. حقيقتون ۽ آثار
ڏيکارين ٿا ته انگريزي لشڪر 28 سو نه پر گهٽ ۾ گهٽ
5-6 هزار هو ۽ بلوچن جو انبوهه وڌ ۾ وڌ فقط 4 – 5
هزار هو. تاريخ شاهد آهي ته انگريزن جي نهايت اعلى
تربيت يافته فوج، غير معمولي ۽ وڌيڪ فوقيت رکندڙ
هٿيارن جي مقابلي ۾ اهي مختصر، غير تربيت يافته ۽
نيم مسلح بلوچ مياڻي جي ميدان ۾ ” اهڙيءَ طرح
وڙهيا جيئن ڪو زندگي کان گهڻو وڌيڪ عزيز شيءِ لاءِ
وڙهندو آهي“ ۽ جنهن
جي
وڃائجي وڃڻ تي زندگي کي ڪا به شيءِ نه سمجهندو
آهي.
ممڪن آهي ته ڪتاب کي ڪي قدر مبهم ۽ غير واضح بنائڻ
۽ ڪن ڳالهين تان پردي نه کڻڻ سان ڪن خاص حلقن جي
خوشنودي ۽ نظر عنايت حاصل ڪري سگهجي ها، جيئن اڄ
ڪلهه جا گهڻائي مصنف حقيقتن کي مروڙي سروڙي تاريخي
ڪتابن کي ڪن شخصن يا قبيلن جي ڍنڍوري لاءِ استعمال
ڪري پئسن ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن ليڪن ائين
ڪرڻ ۾ هڪ طرف خودداري مانع هئي ته ٻئي طرف اهڙي
دروغ باني ڪتاب جي اصلي مقصد کي ختم ڪري ڇڏي ها.
انهيءَ ڪري ان طريقي سان حاصل
ٿيندڙ سرمايه تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽
اقتصادي نفع ۽ نقصان جي خيال کي بلڪل نظر انداز
ڪندي حتي الوسع انهن سڀني حقيقتن کي گڏ ڪري بلڪل
بيباڪي سان عوام جي اڳيان پيش ڪيو ويو آهي، جن جو
معلوم ڪرڻ قوم جي آينده نسلن لاءِ ضروري آهي.
هن تصنيف وسيلي جيڪڏهن انگريزي درسگاهن ۾ پرهندڙن
جي ذهن تي ويهاريل ڪي غلط فهميون دور ٿي ويون ۽
بلوچ قوم جي بزرگن ۽ نوجوانن هن مان ڪي قومي سبق
حاصل ڪري انهن جي فائده وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته مان
پنهنجي تصنيفي مقصد جي تڪميل ۽ پنهنجي پورهئي کي
ثاب پيل سمجهندس.
آخر ۾ محترم سيد حسام الدين شاه صاحب راشدي جي شڪر
ادائي ڪرڻ بيجا نه ٿيندي
جنهن هن ڪتاب جو مسودو نظر مان ڪڍي، بنده کي
پنهنجي نهايت ئي ڪار آمد مشورن سان مستفيد فرمايو.
1- مارچ 1947ع
قادر بخش نظاماڻي بلوچ
ڪراچي.
|