17 فيبروري
ان زمينـﻶ که برو گريئه خونين زده ام
اشک من درجگرش لعل گران خواهد برد.
17 فيبروريءَ جو ڏينهن بلوچي تاريخ ۾ يوم ماتم طور هميشه
يادگار رهندو. ان ڏينهن تي دشمنِ سان هڪ ئي چڪري ۾
ٻن ڪلاڪن اندر سنڌ جي ويهارو کن بلوچ سردارن ۽
هزارين عام بلوچن ۽ غير بلوچ باشندن هندن ۽
مسلمانن پنهنجي آزاديءَ جي مقدس حق ۽ پنهنجي وطن
جي حفاظت لاءِ وڙهندي جام شهادت پيتو هو.
انهيءَ ڏينهن تي دشمن زور ۽ طاقت ڪري نه پر
پنهنجي نااتفاقي ۽ پنهنجي حاڪم رهنمائن جي ڪمزوري
سبب
سنڌ جا بلوچ نه رڳو حڪومت ۽ اقتدار وڃائي ويٺا پر ڌارين
غلاميءَ جي خطرناڪ اوڙاهه ۾ وڃي ڪريا. اهو ڏينهن
يادگار رهندو انهن مردان حريت جي شهادت لاءِ جن
انهي نااتفاقي ۽ حاڪم رهنمائن جي ڪمزوري ۽ بيوفائي
جي باوجود ڌارين جي غلامي کان موت کي بهتر سمجهي،
تلوارن، منهن سان ڀرڻ وارين، بندوقن، ڀالن ۽ بعضي
ته محض ساده لٺين سان، سنگينن، گوليون وسائيندڙ
بندوقن ۽ توبن جي اڳيان پنهنجا سينه سپر ڪرڻ جو
عزم ڪيو، ۽ هو ”ائين وڙهيا جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي
اهڙي شيءَ لاءِ وڙهندو آهي جا کيس زندگيءَ کان
بدرجها وڌيڪ عزيز هجي.“
آزادي يقينا زندگيءَ کان وڌيڪ عزيز شيءَ هئي. 17 فيبروري محرم
الحرام جي به 17 تاريخ هئي ۽ جمع جو ڏينهن هو!
بلوچي خون سان ڦليليءَ جي سڪل پيٽ ۽ مياڻيءَ جي
اڃايل زمين کي انهيءَ لاءِ سيراب ڪيو ويو جيئن
ماضيءَ جي تاريخ لکندڙن کي ائين چوڻ جو وجهه نه
ملي ته بلوچن پنهنجي حاڪم اڳواڻن جي ڪمزوري ۽
اندروني نفاق سبب بنا مقابلي غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي
ڳچيءَ ۾ وڌو.
هنن کي جنگ جي نتيجي جي بخوبي خبر هئي ڇو جو انگريزي فوج وڌيڪ
منظم، وڌيڪ تعداد ۾ ۽ وڌيڪ بهتر هٿيارن سان مسلح
هئي. پر غلاميءَ جي ڀيٽ ۾ هنن موت کي ترجيح ڏني!
مياڻيءَ جي انهي ميدان ۾ ڪيترا انهن قبيلن جا مجاهد به بلوچن
سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انگريزن خلاف وڙهيا جن
پنهنجي قسمتن کي بلوچ قوم جي قسمتن سان وابسته ٿي
سمجهيو ۽ جي اڄ افسوس آهي ته پاڻ کي غير بلوچ ۽
بلوچن کان ڌار ٿا سمجهن حالانڪ انهن جو ۽ بلوچ قوم
جو مياڻي جي ميدان ۾، گڏ خون وهائڻ کان پوءِ رت جو
رشتو ٿي چڪو آهي.
جنرل نيپئر جي فوج جنهن ۾ افغانستان کان موٽندڙ
بمبئي واري فوج ۽ بنگالي فوج جا دستا شامل هئا سا
صبح جو ساڍي نوين بجي مهل ڦليليءَ وٽ انهي هنڌ تي
پهتي جتي ان کي ور آهي ۽ هتي ڦليلي ٿوري پنڌ لاءِ
اتر کان ڏکڻ عوض ڪي قدر الهندي کان اڀرندي وهي ٿي.
ڦليليءَ جي ڏکڻ ۾ بلوچي ڪئمپ هئي ۽ ڦليلي جي تري ۾
به بلوچي دستا مقيم هئا. سندن کاٻي ٻانهيءَ تي
ڦليليءَ جي پرينءَ ڀر شڪار گاه جو ٻيلو هو (جو اڃا
تائين ساڳئي هنڌ موجود آهي ۽ ”ٻيلو ڪاٺڙيءَ“
طور مشهور آهي.) ساڄي پاسي هتان ڦليليءَ مان
نڪرندڙڪمال واهه جي ڀر ۾ ٿورو مٿڀرو هڪ ڳوٺ هو
(جنهن کي ان وقت سلطان شاهه جو ڳوٺ چيو ويو ٿي ۽
هاڻي”ڪاٺڙي“
سڏيو وڃي ٿو)
جنرل نيپئر مياڻيءَ جي بلڪل ويجهو پهچي
ڪئپٽن جان جيڪب کي حڪم ڏنو ته پنهنجي گهڙيسوار
دستي سان وڃي گڏ ٿيل بلوچن جي پوزيشن ۽ بيهڪ وغيره جي ٺيڪ ٺيڪ چڪاس ڪري
اچي ۽ جيڪب جي موٽڻ تي اتر کان ساڄي پاسي توبون نسب ڪري گوله
باري شروع ڪرڻ جا حڪم ڏنائين جنهن کان پوءِ هڪدم
جنگ شروع ٿي وئي.
مياڻي واري واقعي جي ٻئي ڏينهن 18 فيبروريءَ تي جنرل نيپئر لارڊ
ايلن برو ڏانهن هن چڪريءَ بابت جيڪا رپورٽ موڪلي
هئي، ان ۾ هن لکيو آهي ته:- توبون نسب ڪرڻ کان
پوءِ اسان ڄاڻي ٻجهي پنهنجا ٿورا ماڻهو بلوچن تي
حملي ڪرڻ لاءِ موڪليا جيئن هو پنهنجي سموري طاقت
ٻاهر ڪڍي ظاهر ڪن ته پوءِ مٿن فوجن سان حملو ڪيو
وڃي. اسان دشمن جي کاٻي پاسي کان حملو ڪيو جيئن
پاسي واري ڳوٺ مان اسان تي توبزني نه ٿي سگهي. مان
نائون نمبر بنگالي گهوڙيسوار فوج کي کاٻي پاسي
مخصوص فوج طور رکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پونا گهوڙيسوار
دستي کي پياده فوج جي چئن ڪمپنين
سان فوجي سامان تي پهري لاءِ ڇڏيم. توبخاني،
پنجويهون نمبر ٻاوهيون نمبر، ٻارهون نمبر ۽ چوٿون
نمبر ريجمينٽن ۽ هٿ جي گولن اڇلائيندڙ دستي سان
حملو شروع ڪيو ويو. ( هيءَ رپورٽ نيپئر جي
ڀاءُ سر وليم نيپئر جي ڪتاب ”فتح سنڌ“ تان ورتل آهي.)
هن خط ۾ اڳتي هلي جنرل نيپئر لکيو آهي ته ”دشمن اسان کان هزار
والن جي مفاصلي تي هو ۽ يڪدم اسان تي وڌيو. ڪناري
کان 100 والن جي مفاصلي تان اسان جي بندوقبازن
گوليون وسائڻ شروع ڪيون چند منٽن اندر ڪناري تي
عام چڪري شروع ٿي وئي جنهن ۾ وڙهندڙن ٽي چار ڪلاڪ
سخت جدوجهد ڪئي.“
سرچارلس نيپئر جي ڀاءُ ۽ سندس ڪمن جي وڏي ۾ وڏي ثنا خوان سر
وليم نيپئر پنهنجي تصنيف ”فتح سنڌ“ ۾ جنگ بابت
لکيو آهي ته:-
”جنگ تمام ڇتي هئي ۽ ٽن والن جي فاصلي تان ۽ بعضي ته هٿون هٿ
سخت چڪريون لڳيون جن ۾ سنگين ۽ تلوار جو سخت
مقابلو ٿيو. ڪيترن ئي وقتن تي بلوچن جي سخت مقابلي
ڪري سارين ريجمينٽن کي پنهنجا پير کوڙي نه سگهڻ
ڪري پٺتي هٽڻو ٿي پيو. بلوچن جو مقابلو ڪهڙو نه
سخت هو ان جو اندازو هن هڪ واقعي مان ڪري سگهجي
ٿو:
”ٻاويهين
نمبر ( آئرش) گوري ريجمينٽ جي هڪڙي سپاهيءَ هڪ
بلوچ جي سيني ۾ پنهنجي سنگين لنگهائي وڌي ته اهو
بلوچ زمين تي ڪرڻ عوض پنهنجي ڍال کي ڦٽو ڪري دشمن
جي سنگين کي کاٻي هٿ ۾ جهلي بت کي اڳڀرو ڌڪي ساڄي
هٿ سان تلوار جو اهڙو وار ٿو ڪري جو مٿس حملو ڪندڙ
سپاهي ۽ پاڻ، ٻئي ساڳي جاءِ تي مرن ٿا! بلوچ تلوار
جي هڪ ئي ڌڪ سان ڪم پورو ڪندا آهن ۽ بلڪل ورلي هنن
کي ٻئي ڌڪ هڻڻ جي ضرورت ٿي پوي.“
جنرل سر چارلس نيپئر پنهنجي مٿي ڄاڻايل رپورٽ ۾ وڌيڪ لکيو آهي
ته؛-
هن جدوجهد ۾ تلوار ڍال ۽ منهن سان ڀرڻ واري بندوق تي گولين واري
بندوق ۽ سنگين کي جيڪا فوقيت آهي، اها اسان کي ڪم
آئي. بهادر بلوچ پنهنجي منهن سان ڀرڻ وارين بندوقن
۽ پستولن کي ڦٽو ڪري تلوارون کڻي ڪناري تي وڌيا.
اسان جو گولين وارين بندوقن ۽ سنگين سان مٿان
ڪناري تي بيٺل لشڪر، جيتوڻيڪ کين وڏي تعداد ۾
پوئتي ڪيرائي رهيو هو، ان جي باوجود هڪ وقت ان مهل
ائين پئي لڳو ته بلوچن جي غير معمولي شخصي شجاعت ۽
سندن وڏو تعداد اسان جي فوجن تي غالب پئجي رهيو
آهي.“
سر نيپئر جي پنهنجي لفظن ۾ ” وقت وڃائڻ جو نه هو“ ۽ هن هڪدم
گهوڙيسوار فوج (شايد مخصوص رکيل) کي بلوچن جي ساڄي
پاسي کان ڪاهيندو ڦليلي پار ڪري پرينءَ
ڀر هلئي وڃڻ جو حڪم ڏنو.
مٿئين واقعي جو ذڪر ڪندي مياڻيءَ کان چند سال پوءِ ٽنڊه فضل جي
مير ابراهيم خان ٽالپر سر رچارڊ برٽن کي چيو هو
ته:-
”ڪنهن مهل اسان ڏٺو ته انگريز گهوڙيسوار اترئين ڪپ تي ۽ تري ۾
مقابله کي ڇڏي ڏکڻي ڪناري تان ڦليلي پار ڪندا پيا
وڃن. اسان جا ماڻهو پڇڻ لڳا ته ”الله الله هي ڪتا
ڀڄن ٿا ڇا؟“شاهي توبون پنهنجي دهانن مان آتش وسائي
رهيون هيون. فرنگي زور زور سان خطرناڪ آوازن ۾
شيطان کي پڪارڻ لڳا ۽ اسان پنهنجي رب کي سڏيو.
ڀڄندڙ گهوڙيسوارن کي اسان هڪلون ڪيون پر هو بي
تحاشا ڦليليءَ جي ڏکڻئين ڪناري ڏانهن گهوڙا
ڊوڙائيندا ويا. اسان ڪجهه دير خاموش بيهي کين ڏسڻ
لڳا سون ته به هو لگهندا ويا. پوءِ اسان تلوارن
سان مٿن حملو ڪيو ۽ ڪيترن کي ڊاهي رکيو سون ته به
هنن اسان کي منهن نه ڏنو“
هن واقعي کان پوءِ غير تربيت يافته ۽ بنا رهنمائي جي نيم مسلح
انبوهه ۾ يڪدم هل پئجي ويو ته ” انگريز ڀڳا“ ۽
سمورا بلوچ بلڪل بي خياليءَ سان انهن گهوڙيسوارن
جو پيڇو ڪندا واپس ڏکڻئين ڪناري تي چڙهي ٻاهر
آيا ۽ انگريز ڪمانڊر جي دوکي بازي ”يا فوجي چال“
ڪامياب ٿي وئي. بلوچن تي پٺيان اترئين ڪناري واري
فوج، جا هن وقت تائين حيران و پريشان فقط پنهنجي
بچاءَ ۾ مشغول هئي ۽ جنهن کي جنرل نيپئر ڪيترين
ڪوششن جي باوجود جوابي حملن لاءِ آماده نه ڪري
سگهيو هو، پنهنجو حملو شروع ڪري ڏنو ۽ سامهون
اڳيان نڪري ويل گهوڙيسوار دستن پڻ موٽي جوابي حملو
شروع ڪيو. بلوچي لشڪر جا مکيه رهنما جان محمد خان
خاناڻي
۽ غلام شاهه خان شاهواڻي اڳ ۾ ئي ڪيترن مشهور
انگريز مؤرخ مسٽر ايڇ – ٽي لئمبرڪ پڻ تائيد ڪئي
آهي ته هن جنگ ۾ ٽالپرن مان خاناڻي، شاهواڻي ۽
چاڪراڻي شامل هئا. بجاراڻي، محمداڻي ۽ ماڻڪاڻي
شامل نه ٿي سگهيا. ٻين بلوچ قبيلن ۾ نظاماڻين گهڻي
۾ گهڻو داد شجاعت حاصل ڪيو. (سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي
جرنل جلد ڇهون نمبر 3 صفحه 278) باگڙاڻي (مري)،
جمالي ۽ چانگ نهايت شاندار نموني ۾ وڙهيا ۽ چانگ
سردار ميرو خان شهيد ٿي ويو. قرائي، جتوئي،
گوپانگ، ڇلگيري ۽ لشاري پڻ ڪنهن کان به پٺتي نه
پيا. رند لغاري ۽ ٺوڙها پڻ جنگ ۾ شامل هئا. انهن
بلوچ قبيلن کانسواءِ جيڪي غير بلوچ مجاهد، وطن جي
آزاديءَ جي حفاظت لاءِ مياڻيءَ جي ميدان ۾ بلوچن
سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انگريزن خلاف وڙهيا تن ۾
ميرن جي فوج جي کٽياڻ پٺاڻن شاندار مقابلو ڪيو.
ڪيترن خدمتگارن به مردانگي ۽ شجاعت جا مثال قائم
ڪيا. خاص طرح هوش محمد قنبراڻي. انهن کانسواءِ
ڪيترا مشهور سيد ۽ پير به مياڻي جي جنگ ۾ شامل هئا
۽ فتح محمد شاهه لڪياري وارو ان جنگ ۾ شهيد ٿي
ويو.
بگذرد از صف ماهرکه مرد غوغا ليست
کسـﻶ که کشته نه شد از قبيلئه ما نيست
مياڻيءَ ۾ بلوچن جي هار جو ذڪر ڪندي سر وليم نيپئر پنهنجي تصنيف
”ڪانڪئيسٽ آف سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته:-
جڏهن بلوچ شڪست بعد هٽيا تڏهن هو بار عب نموني منتشر ٿيا پر هنن
۾ ڪا به ڀاڄ نه پيئي هئي سندن چهرن تي خوف يا هراس
جا ڪي به آثار نه هئا. هو جڏهن هٽڻ لڳا ۽ انگريزي
فوجن جو مٿن پٺيان موتمار حملو ٿيو تڏهن به قاتل
کين قتل ڪندي ٿڪجي پيا پر هنن ۾ ڪا به ڀاڄ،
گهٻراهٽ ۽ حواس باختگي پيدا ڪانه ٿي ۽ سندن رخ ۾
ڪو به ڦيرو ڪونه آيو.“
اهو سڀ انهيءَ حالت ۾ ٿيو جڏهن فتح جون سموريون اميدون بلڪل ختم
ٿي چڪيون هيون ۽ سر وليم نيپئر جي لفظن ۾ ” موت
سندن پيرا کنيو پئي آيو!“
مٿيون مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته:
”انهن هٽندڙن جو تعداد ايڏو گهڻو هو ۽ هنن جي دلين ۾ وڙهڻ جو
جذبو اڃا تائين ايترو مضبوط هو جو جنرل نيپئر سندن
پيڇو ڪندڙ دستن کي هڪدم بيهي رهڻ جو حڪم ڏئي پوئتي
موٽڻ جون هدايتون ڏنيون.“
ڇو ته پيڇو ڪرڻ واري حالت ۾ انديشو هو ته متان بلوچ ڪٿي وري
جوابي حملو نه ڪن، جو ان حالت ۾ انگريزي فوج کي
پهرين چڪريءَ وقت ڦليلي جي بندن جي، جيڪا آڙ ملي
سگهي هئي اها نه هجي ها ۽ ٻئي فوجون کليل ميدان ۾
هجن ها. جتي وڙهڻ انگريزي جنرل پنهنجي لاءِ
نامناسب سمجهيو ٿي.
سر وليم وڌيڪ لکي ٿو ته:
”چڪريءَ ۾ ڪنهن به هڪ ڌر ٻيءَ سان ڪا به نرمي ڪانه ڪئي ۽ نه وري
ان جي ڪنهن کي ڪا اميد ئي هئي. يورپين، ديسي سپاهي
يا بلوچ هر ڪو هڪ ٻئي کان وڌيڪ بي رحمي ۽
جانڪنيءَ سان وڙهيو. زندگيءَ عوض زندگي ورتي ٿي وئي ۽ موت جو بدلو موت
سان ادا ڪيو ٿي ويو. ٻنهي ڌرين ۾ بي انداز جوش هو
۽ بي حساب خونريزي ۽ تباهي ٿي.“
سر وليم جو چوڻ آهي ته جنگ ۾ ڪل ويهه يورپين فوجي عملدار ۽ 250
سرجنٽ ڪم آيا ته بلوچن جا هڪ هزار لاش ڦليليءَ ۾
ڳڻيا ويا هئا.
ميجر وئڊنگٽن جو پاڻ جنگ ۾ شامل هو، ان جو چوڻ آهي ته ٻئي ڏينهن
صبح جو جڏهن لاش ڳڻيا ويا تڏهن ڏٺو ويو ته اهي 400
هئا. هن جو خيال آهي ته ممڪن آهي ته ڪي لاش راتجو
مقامي باشندن ميدان مان هٽايا هجن.
سر نيپئر جنهن هميشه مياڻيءَ واري چڪريءَ کي وڏي عظيم الشان جنگ
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ان جو چوڻ آهي ته جنگ ۾ 5 هزار بلوچ
شهيد ٿيا هئا ۽ انگريزي فوج جا فقط 62 ماڻهو
مئا
۽
194 ڦٽيا.
جنرل نيپئر جي بيان تي سندس ئي پيش ڪيل حقيقتن جي روشنيءَ ۾
ٿورو غور ڪبو ته ان جي ڪمزوري هڪدم ظاهر ٿي پوندي.
هو پاڻ چوي ٿو ته بلوچي لشڪر
22 هزار ۽ سندس فوج 28 سو هئي. هو وائسراءِ ڏي لکي
ٿو ته لڙائي شروع ٿيڻ بعد هڪ دم دوبدو چڪري شروع
ٿي وئي جنهن ۾ وڙهندڙن ٽي چار ڪلاڪ سخت جدوجهد
ڪئي، ”بهادر بلوچن جڏهن بندوقون ۽ ڍالون ڦٽيون ڪري
تلوارن سان حملو ڪيو تڏهن هڪ مهل ائين پئي معلوم
ٿيو ته بلوچن جي شخصي مردانگي ۽ گهڻو تعداد اسان
جي فوج تي غالب نه پئجي وڃي.“
22 هزار ماڻهن 28 سون ماڻهن سان ٽي چار ڪلاڪ دوبدو سخت مقابلو
ڪيو ۽ هڪ مهل ته جنرل نيپئر کي خطرو پئي معلوم ٿيو
ته سندس دشمن جي ذاتي بهادري ۽ وڏو انداز انگريزي
فوج تي غالب نه پئجي وڃي. جنهن مهل تلوارون کڻي
بلوچن ڪاهيو ٿي تنهن مهل انگريزي ريجمينٽن
جا پيرئي نڪري ٿي ويا، ۽ ڪيترو وقت هنن کي محض
پنهنجي بچاءَ ۾ لڙڻو ٿي پيو ۽ ڪيترين ڪوششن جي
باوجود جنرل نيپئر انهن کان جوابي حمله نٿي ڪرائي
سگهيو! نه فقط ايترو پر انگريزي جنرل جي ڀاءُ سر
وليم نيپئر جي راءِ موجب مياڻي واري چڪري اهڙي هئي
جنهن جهڙي پلاسيءَ جي جنگ کان پوءِ ڪا به جنگ نه لڳي هئي پر انهيءَ جنگ
عظيم
۾ انگريزن جا مئا ڪل
62
ماڻهو!
انهن حالتن تي غور ڪرڻ مان معلوم
ٿيندو ته يا ته مري ويلن جو تعداد بلڪل ڪوڙو
ڏيکاريل آهي يا بلوچي لشڪر 22 هزار ۽ انگريزي فوج
28 سو نه هئي ۽ جنگ به اهڙي سخت نه هئي جهڙي جو
انگريزن پوءِ دنيا کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
”فتح سنڌ“ ۾ سر وليم نيپئر لکي
ٿو ته:
”اهڙي ڪا به ڳالهه موجود نه آهي جنهن مان چئي سگهجي ته ميرپور
واري شير محمد خان يا حيدرآباد واري مير محمد خان کان سواءِ ٻئي ڪنهن (
حڪمران) مير اسان جو ڪڏهن مقابلو ڪيو آهي ۽ اهي
ذڪر ڪيل ٻه مير به مياڻيءَ جي جنگ ۾ نه هئا. انهي
ڪري سمجهيو وڃي ٿو ته مياڻيءَ جي ميدان ۾ جيڪا هڪ
خوبصورت تلوار رت ۾ ٻڏل لڌي وئي هئي، جنهن لاءِ
چيو ويو ٿي ته اها نادر شاهه واري تلوار آهي، اها
به ڪنهن مير جي ڇڏيل نه هئي جو منجهائن ڪو به
مياڻي (جي مقابلي) ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه
ٿي آيو. پر ڪنهن بهادر شيديءَ جي ڇڏيل هوندي جي
تمام گهڻي مردانگي ۽ بهادري سان مياڻي ۾ وڙهيا.“
انهيءَ اعلى تلوار کان سواءِ مياڻي جي ميدان مان هڪ نهايت قيمتي
زره پڻ انگريزن کي هٿ آئي هئي جنهن کي سر چارلس
پنهنجي شخصي ملڪيت بنائي ڇڏيو. انهيءَ زره بابت
ساڳئي مصنف لکيو آهي:
”نوجوان مير حسين علي جنهن کي سندس والده قيمتي زره پارائي
مياڻي ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو هو سو مياڻي اچڻ تي
ڪشت و خون جي گرما گرمي ڏسي شروع ۾ ئي زره اڇلائي،
رواجي ڪپڙن ۾ واپس حيدرآباد موٽي ويو هو.“ انهي جي
اها زره نيپئر کي هٿ آئي هئي.
جنرل نيپئر جي وائسراءِ هند ڏانهن موڪليل رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته
بلوچي لشڪر جي شڪست بعد سندس ڇانوڻيءَ تي قبضو ڪيو
ويو. توبخانو، بارود مال اسباب ۽ ڪجهه خزانو هٿ
آيو. ٻئي ڏينهن خيرپور وارا رستم خان، نصير خان،
ولي محمد خان ۽ حيدرآباد جا نصير خان، شهداد خان ۽
حسين علي خان نيپئر جي ڪئمپ ۾ آيا ۽ پنهنجون
تلوارون پيش ڪيائون جي جنرل کين موٽائي ڏنيون.
انهيءَ رات صوبدار خان پنهنجي منشي آوتراءِ کي مٺاين جا شاهي
ٿالهه ڏئي جنرل کي اهي تحفه پيش ڪرڻ لاءِ مياڻيءَ
ڏانهن موڪليو پر منشي پنهنجي ماڻهن سميت ڊپ کان
واپس موٽي آيو. حيدرآباد ۾ ڀاڄڙ هئي ۽ عام ماڻهو
ٻارن ٻچن ۽ قيمتي اسباب سميت شهر کي ڇڏي رهيا هئا.
(ان
وقت به ميرن نه پاڻ حيدرآباد ڇڏي نه عيال يا خزانا
ڪڍيائون، حالانڪ مٿن جنگ جوٽڻ جو الزام هنيو ويو
آهي.)
مياڻي جي ميدان تان سڀئي بلوچ ان رات حيدرآباد موٽيا، انگريزن
جو چوڻ آهي ته سندن تعداد 10 هزار هو، ۽ وري به
انگريزن سان وڙهڻ لاءِ آمادگي ظاهر ڪيائون پر
حڪمرانن جو مايوس ڪندڙ رخ ڏسي ٻئي ڏينهن منتشر ٿي
ويا پر مهينو پوءِ شير
محمد خان
سان
شامل ٿي دٻي
۾ ٻيهر انگريزن خلاف وڙهيا.
ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ انگريزن قلع جي
تلاشي وٺي خزانن جي ڦرلٽ ڪئي جنهن ۾ پرده نشين
بيگمات کان به زيور لهرائي ڦريا ويا. اندازو ڪيو
ويو آهي ته ڪروڙ سوا جي ملڪيت انگريزن کي ان طرح
هٿ آئي.
|