سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: جنگ مياڻي

باب: --

صفحو :5

 

افغانستان تي انگريزن جي ڪاهه

 

دانش افر فگيان تيـغـﻶ بدوش

در هلاک نوع انسان سخت کوش - (اقبال)

 

1836ع کان وٺي انگريزن کي پنهنجي فتح ڪيل هندستان جي مغربي سرحدن جي سلامتيءَ جو وڌيڪ فڪر ٿيو. ڇو جو ان وقت زار روس وچ ايشيا ۾ پنهنجو اثر وڌائي رهيو هو جنهنڪري انگريزن کي مغربي سرحدن لاءِ خطرو محسوس ٿيڻ لڳو.

انهيءَ خطري کي روڪڻ لاءِ انگريزن افغانستان جي امير دوست محمد خان ڏانهن هڪ سفارت موڪلي ته وڃي ساڻس دوستيءَ جو معاهده ڪري اچي. دوست محمد خان معاهده لاءِ رضامندي ڏيکاري پر سفارت اڳيان خواهش ظاهر ڪيائين ته انهي عهدنامي جي عوض انگريز به کيس پشاور جو ضلع واپس حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪن (جو ان وقت رنجيت سنگهه جي هٿ ۾ هو). انگريز اها ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا ڇو جو رنجيت سنگهه سان ان وقت ڦٽائڻ ٺيڪ نٿي سمجهيائون. جنهن ڪري دوست محمد خان انگريزي سفارت کي مايوس واپس موٽائي روسين سان دوستانه تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون. انگريزن کي انهيءَ ڪري پاڻ وڌيڪ خطرو ٿيو ۽ هنن هڪدم افغانستان تي ڪاهي طاقت جي زور سان دوست محمد خان کي تخت تان هٽائي، ان جي جاءِ تي افغاني تخت جي هڪ دعويدار شاهه شجاع کي وهارڻ جو فيصلو ڪيو، جو انهن ڏينهن ۾ لڌيانه ۾ انگريزن جي سهاري هيٺ تڳي رهيو هو.

انهيءَ مطلب لاءِ رنجيت سنگهه، شاهه شجاع ۽ انگريزن جي وچ ۾ هڪڙو ٺاهه ٿيو. پر رنجيت سنگهه انگريزي فوجن کي پنهنجي علاقه مان لنگهي افغانستان وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ ڪري جنهن بنگال واري فوج کي پنجاب رستي خيبر جي لڪ کان افغانستان ۾ داخل ڪرڻ جو خيال ڪيو ويو هو انکي به انگريزن ڏکڻ پنجاب کان سڌو روهڙي روانه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

 بمبئي واري فوج کي سمنڊ رستي سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽان درياءَ وسيلي سکر لهي شڪارپور پهچڻو هو. 25 کان 50 هزارن جي تعداد ۾ گوري ۽ ديسي انگريزي فوج کي، جا ان وقت جي سمورن اعليٰ جنگي هٿيارن سان مسلح هئي، سنڌ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪري ميرن ڏانهن هدايتون موڪليون ويون ته اٺن ٻيڙين ۽ رسد جي ٻئي سامان جو انتظام ڪن.

بمبئي واري انگريزي فوج سر جان ڪين جي ڪمان هيٺ ڊسمبر 1838 ۾ اچي سنڌوندي جي ڇوڙ وٽ سرزمين سنڌ تي لٿي. سنڌ ۾ فوج داخل ڪرڻ بعد انگريزن انکي قانوني صورت وٺڻ لاءِ ميرن سان نئين معاهده ڪرڻ جو خيال ڪيو.

افغانستان تي انگريزي ڪاهه جو ذڪر ڪندي سرچارلس نيپئر جي سوانح جو مصنف سر ڊبليو. ايف. بٽلر سندس اڳ ذڪر ڪيل تصنيف ۾ لکي ٿو ته:-

”1836 ۾ افغانستان اسانجي ويجهي ۾ ويجهي سرحد کان سوين ميل پري هو ۽ انهيءَ ڳالهه چوڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي ته روس ان وقت افغانستان جي آخري سرحد کان هزارين ميل ٻيا به پري هو. ان هوندي به هندستان جي وائسراءِ سر آڪلئنڊ ۽ سندس ڪائونسل فيصلو ڪيو ته سکن جي علاقه يا سنڌ مان لنگهي وڃي افغانستان تي ڪاهجي ۽ انجي حاڪم کي هٽائي سندس جاءِ تي اهڙي ماڻهوءَ کي وهارجي جو مدت کان اسانجي هٿ ۾ هٿيو يا هٿ ٺوڪيو ٿي رهيو هو ۽ اسانجي پينشن کائيندڙ هو! انهيءَ بيان ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ته اسانجي انهي پينشن کائيندڙ هٿ ٺوڪئي اسان جي انهن ڪوششن جي بدلي وري پنهنجي تخت جون ٽنگون پنهنجي بادشاهت جون ڪنجيون ۽ خزاني جو ڳچ حصو اسان کي ڏيڻو ڪيو هو.“

هو وڌيڪ لکي ٿو ته:-

”افغانستان جي حاڪم دوست محمد تي ڪاهڻ لاءِ اسانکي سکن يا ميرن جي ملڪ کي لتاڙڻو هو. رنجيت سنگهه شاهوڪار، وڏي فوج رکندڙ ۽ پنهنجي ملڪ جو اڪيلو حاڪم هو ۽ اسانجا ساڻس گهاٽا تعلقات هئا. مير به شاهوڪار هئا پر وٽن ڪابه باقاعده فوج نه هئي. هو پاڻ ۾ وڙهيل هئا. سندن ملڪ ننڍڙن ننڍڙن جدا جدا حاڪمن ۾ ورهايل هو. رنجيت سنگهه کي اهو آسرو ڏئي اسان پاڻ سان ملايو هو ته کيس شاهه شجاع کي حاصل ٿيڻ واري نئين ملڪ ۽ سنڌ مان ڪجهه اراضيون ڏنيون وينديون ۽ اسان پنهنجي خزاني مان به کيس ڏينداسون. پر ميرن جي خلاف طاقت استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان رٿا موجب سنڌ اندر فوج داخل ڪري، مٿان رنجيت سنگهه جو دٻاءُ وجهي ميرن کان سخت ۾ سخت شرط قبول ڪرائڻا هئا. 1842 ۾ ڪابل جي انگريزي فوجن تي وڏي مصيبت آئي ۽ ڏاڍي خواري ٿي.وائسراءِ لارڊ آڪلئنڊ کي واپس گهرائي، ايلن برو کي نئون وائسراءِ مقرر ڪيو ويو. لارڊ ايلن برو فيصلو ڪيو ته افغانن کي اول شڪست ڏجي پوءِ کين ساڳيو حاڪم (دوست محمد) ڏنو وڃي ۽ هندستان جي سرحد افغانستان جي سرحد تي قائم ڪئي وڃي. انهي فيصلي ڪرڻ بعد سرچارلس نيپئر کي سنڌ جو نئون ريزيڊنٽ ڪري موڪليو ويو.“

 

ان وقت جي سنڌ

ان وقت جي اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ڪئپٽن ايسٽ وڪ جو منشي لطف الله جو بمبئي واري انگريزي فوج سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو سو فارسي ۽ اردو جو اڳ ۾ ئي ماهر هو ڪي قدر ڪاٺياواڙي ۽ ڪڇي ٻوليون به ڄاڻندو هو. ان وقت سنڌ جي ماڻهن جي تاثرات ۽ جذبن بابت هن پنهنجي سوانح حيات ۾ جيڪي لکيو آهي ان مان ظاهر آهي ته سياسي طرح سنڌ جا باشندا ان وقت به ڪافي سجاڳ هئا ۽ انگريزن جو سنڌ ۾ داخلو کين نهايت ناپسند هو ۽ خطرناڪ معلوم ٿي رهيو هو پر بيوس هئڻ سبب سواءِ خاموش نفرت ۽ حقارت ظاهر ڪرڻ جي هنن لاءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو.

 

لطف الله لکي ٿو:-

”سنڌ جي ڪناري تي لهندي ئي مون سنڌين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي. ناکئا سارو ڏينهن منهنجي تنبوءَ جي ٻاهران ويٺا پاڻ ۾ گپ شپ هڻندا رهندا هئا. سندن بحث جو موضوع گهڻو ڪري سرڪاري معاملا هوندا هوا. مان اهي خاموش ويٺو ٻڌندو هوس هڪ دفع هڪ ڌر چوڻ لڳي ”ملڪ هاڻي ڄاڻ ته ويو. سگهو ئي انگريزن جو مٿس مڪمل قبضو ٿي ويندو“ هو چوڻ لڳا ته ان ۾ ٽالپرن جو پنهنجو ڏوهه آهي، خاص طرح مير صوبدار خان جو، جي انگريزن اڳيان جهڪندا ٿا وڃن ۽ انگريزن جهڙي خطرناڪ قوم جي دوستيءَ جي خيالن ۾ آهن. انگريز اڳم ۾ ئي ساري هندستان تي قبضو ڪري چڪا آهن جلد سنڌ تي به سندن قبضو ٿي ويندو. ٻيو چوڻ لڳو ته دوستو اوهين ڀليل آهيو.حيدرآباد وارا مير کڻي صفا عيسائي ٿي وڃن پر جيستائين مير پور وارو شير محمد خان اسانجي پاسي آهي تيستائين ڪو ڊپ ڪونهي. (شير محمد خان ان وقت تازو انگريزي فوج جي بمبئي کان ايندڙ اٺن کي، ڏکڻ سنڌ مان لنگهائڻ جي، اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو) مرحوم مير ڪرم علي خان جي بيوه بيگم صاحبه هنکي انگريزن جي مقابله لاءِ ڪافي خزانو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اڃا به ايترو ڏيڻ لاءِ تيار اٿس جنهن سان هو ساري دنيا جي فرنگين جو مقابلو ڪري ٿو سگهي. جي خدا چاهيو ته انگريز جيڪو خزانو، هٿيار ۽ سارو سامان پاڻ سان هتي آڻي رهيا آهن اهو سڀ اسانجو ٿيندو. قرآن مجيد ۾ آهي ته هڪڙو مومن ڏهن ڪافرن جي برابر آهي“.

”ان تي هڪ سفيد ريش سنڌي ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳو ته آهه! دوستو اوهين خواب ڏسي رهيا آهيو. توهان ٽي رنگه ڏٺا ئي ڪين آهن يعني اڇا ڳاڙها ۽ ڪارا شيطان( يورپين ۽ ديسي سپاهي) گڏ وڙهندي اوهان ڪين ڏٺا آهن. مان پيشوا * جي ملازمت وقت دکن ۾ هنن کي وڙهندو ڏٺو آهي، ائين چئي هن پنهنجي کاٻيءَ ٻانهن ۾ لڳل گوليءَ جو نشان ڏيکاريو جتان گولي آرپار لنگهي ويل ٿي ڏٺي پوءِ هو وري چوڻ لڳو ”برابر مڙس مڙس جي مٽ آهي ۽ بعضي جوان ٻن ٽن کي به منهن ڏئي سگهندا آهن بشرطيڪ تلوار جو تلوار سان مقابلو هجي. هنن بزدلن (انگريزن) وٽ تلوارون ڪين آهن. جي اٿن ته به اهي اسانجي لٺين جي برابر مس آهن. پر هو پري کان پنهنجي بدمعاشي جي گولي واري هٿيار سان مڙس کي ڪيرايو ٿا وجهن جڏهن ماڻهو اڃا کانئن ميل پنڌ تي هوندو آهي. انجو ڪهڙو علاج ڪبو!“

 

اڳتي هلي لطف الله لکي ٿو:-

”بعضي آئون وچ ۾ دخل ڏئي کين ڀڳل ٽٽل سنڌي ۾ چوندو هوس ته:- ”انگريزن کي سنڌ وٺڻ جي ضرورت ڪانهي. تنهن کانسواءِ هو ميرن جا دوست آهن.هن ملڪ ۾ آهيئي ڇا؟ هو فقط هندستان ۾ پنهنجي ٻين فتح ڪيل علاقن جي سلامتي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ هتان فوجون لنگهائي رهيا آهن.“ منهنجي انهيءَ چوڻ تي هو سڀ ٽهڪ ڏيئي وٺي کلندا هئا ۽ بعضي چوندا هئا ته ’سائين اوهين جيڪي چئو ٿا سو ٺيڪ هوندو اسين ڄٽ ماڻهو سرڪاري معاملن مان ڇا سمجهون، ائين چئي وري وڏا ٽهڪ ڏئي کلندا هئا“!

ان وقت سنڌ ۾ مري، کوسا، لاڪي، چانڊيا، مگسي، ڀرڳڙي، جمالي، جلباڻي، جتوئي، ٽالپر، نظاماڻي، لغاري، جوکيا، نومڙيا، لشاري، ڪلوئي، ڪهيري، رند، ڪرمتي ۽ ڪي ٻيا بلوچ قبيلا آباد هئا. جوکين ۽ نومڙين جا بلوچ قبيلا ان وقت لاڙ ۾ آباد هئا.

بلوچي نظام حڪومت انتهائي جمهوريت تي ٻڌل هوندو هو ۽ ڪو غريب کان غريب ماڻهو به سڌي طرح خود وڏي ”رئيس“ (حاڪم) تائين پهچي سگهندو هو ۽ فريادي عورتون سڌيءَ طرح ديرن (ميرن جا حرم) وٽ وڃي فرياد ڪنديون هيون. بلوچن، پٺاڻن ۽ فوجي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ سنڌي قبيلن کي تمام گهڻي آزادي هوندي هئي. کليل درٻار ۾ حاڪم مير کي هو ڪجهه به چئي ويندا هئا. حڪومتي لحاظ کان ميرن کي آزاد حاڪمن جو درجو هوندو هو ان هوندي به سڀڪو کين ”سائين“ سان خطاب ڪندو هو جو سنڌ ۾ بلڪل عام استعمال ۾ هوندو آهي. جيئن هندستان ۾ ”صاحب“ يا انگريزي ۾ ”سر“ يا ”جنٽلمين“ جا لفظ استعمال ۾ ايندا آهن.* معلمن يا استادن کي به سنڌي ۾ ”سائين“ چيو وڃي ٿو. مغلن ۽ ان زماني جي ٻين حاڪمن وانگر ميرن پنهنجي لاءِ ڪي به القاب ايجاد نه ڪرايا هئا.

شاهي درٻار ۾ مسلح بلوچ ۽ پٺاڻ پنهنجي هٿيارن سميت بيڌڙڪ لنگهي ايندا هئا ۽ پاڻ ۾ ويٺا گپ شپ هڻندا هئا. هندستان جي ٻين درٻارن وانگر هتي درٻارين لاءِ درجا، خاص جايون، ڪي درٻاري آداب يا پابنديون نه هونديون هيون. مير حاڪمن پاڻ لاءِ ڪي به مخصوص تخت ڪين ٺهرايا. شروع ۾ ته هو سڀني سان گڏجي هيٺ قالينن تي وهندا هئا. پوءِ حاڪمن لاءِ هڪ صندل ٿورڙو اوچو ٺهرائي مٿانس قالين وڇايو ويندو هو. باقي درٻاري هيٺ وڇايل قالينن تي وهندا هئا.

اڪثر سرڪاري ڪاروبار ۽ فيصلا انهن وڏين شاهي عام کليل درٻارين ۾ ئي سڀني جي مشوري سان ڪرڻ ۾ ايندا هئا. پوئين زماني ۾ اهم سرڪاري معاملن طئي ڪرڻ وقت فقط قبائلي سردارن کي سڏيو ويندو هو. جتي سرڪاري لکپڙهون وڏي آواز سان پڙهيون وينديون هيون جيئن هرڪو حاضر ماڻهو ٻڌي سگهي. سموري لکپڙهه ۽ ٻيو ڪاروبار فارسي زبان ۾ ٿيندو هو جا بلوچن جي دفتري زبان هوندي هئي.

 

حيدرآباد ڏانهن سفارت

اڳ ڪيل معاهدن کي ڀڃي، سنڌ ۾ فوجون داخل ڪرڻ بعد ان کي قانوني صورت وٺائڻ ۽ اڳتي هلي سنڌ کي مڪمل طرح پنهنجي غلامي هيٺ آڻڻ لاءِ، انگريزن ميرن سان نئين عهدنامه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪئپٽن ايسٽ وڪ ۽ ميجر جيمس آئوٽرام کي نئين معاهدي جي مسودي سان حيدرآباد موڪليو ويو ته وڃي ڳالهيون هلائين.

هن معاهدي جا 23 فقرا هئا جن ۾ اول صلح ۽ دوستي جي دستوري اعلانن کانپوءِ ٺٽي ۾ انگريزي فوجن جي مستقل رهائش ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سمورين انگريزي فوجن جو خرچ ميرن کان طلب ڪيو ويو هو. جنهن مان انگريزن جي دعويٰ مطابق سنڌ کي وڏا فائدا ٿيڻا هئا! سنڌ جي سرحدن جي بچاءَ جو ذمه انگريزن پاڻ تي کنيو هو ۽ ان سان گڏ خطري جي حالت ۾ سنڌي فوج کي انگريزن طرفان هر ڪنهن مدد ڪرڻ جا پڻ وعده ڪيل هئا. معاهدي جي مهاڳ ۾ ان وقت جي ”رئيس“ مير نور محمد خان جو ڌيان انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڇڪايو ويو هو ته ”انگريز چاهين ٿا ته سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت ۽ انگريزي حڪومت پاڻ ۾ ملي بلڪل هڪ ٿي وڃن“*

ڪئپٽن ايسٽ وڪ ۽ ميجر آئوٽرام 20 جنوري 1839 تي حيدرآباد ۾ پهتا. ميرن جو هڪ عزيز، دوست علي خان ولد خيرالله خان انگريزي وفد جو استقبال ڪيو.

22 جنوري تي مير صوبدار خان جو خاص ماڻهو پير بدرالدين شاهه انگريزي وفد وٽ آيو ۽ مير صاحب وٽان مخفي پيغام آندائين ته ”آئون هميشه انگريزن جو دوست ۽ خير خواهه هوس ۽ هاڻي به آهيان“ انهيءَ ڪري سندس سوٽن (جي نظام حڪومت سنڀالي رهيا هئا) جي روش لاءِ مٿس ڪا به ذمه داري پوڻ نه گهرجي ۽ انگريز کيس اهڙي خاطري ڏين. ان تي ڪئپٽن ايسٽ وڪ پنهنجي هندستاني منشي لطف الله کي پير بدرالدين سان گڏي موڪليو ته وڃي مير صاحب کي انگريزن طرفان خاطريون ڏئي اچي.

لطف الله پنهنجي خود نوشت سوانح ۾ لکي ٿو ته:-

”بلوچن جون ٽوليون شهر ۾ ويٺيون هيون جن مونکي انگريزن جو ماڻهو سمجهي پير بدرالدين جي منهن تي ئي بدشد ڳالهايو. منهنجي پير صاحب اڳيان احتجاج ڪرڻ تي پير صاحب چوڻ لڳو ته اهي جهنگلي سولجر آهن انهن کي فرنگين لاءِ ڌڪار آهي ۽ توهان کي انگريزن جو ماڻهو سمجهي هو پنهنجو وات خراب ڪري رهيا آهن انهن کي نه ٻڌو. خود ريزيڊنٽ صاحب به انهن جي بڪوات تي ڪو به ڌيان ڪونه ڏيندو آهي.

صوبدار خان کي انگريزن طرفان خاطريون ڏئي موٽڻ بعد لطف الله، ايسٽ وڪ ۽ آئو ٽرام سان گڏجي، صوبدار خان جي سوٽ حڪمران ميرن جي درٻار ۾ ويو. لطف الله پنهنجي خود نوشت سوانح ۾ درٻار جو هيٺيون احوال لکيو آهي:-

”بلوچ توڙي ٻيا درٻاري اسانکي نفرت ۽ حقارت جي نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. رسمي خير و عافيت کانپوءِ ڪئپٽن ايسٽ وڪ معاهدي جي مسودي جو فارسي ترجمو درٻار ۾ پڙهي ٻڌايو جنهن جي خاتمي تي بلوچن ۾ جوش جا آثار پئي ڏسڻ ۾ آيا. ان وقت ميرن جي هڪڙيئي اشاري تي اسان سڀ ختم ٿي وڃون ها.

”مير نور محمد خان اول بلوچي جي زبان ۾ پنهنجي ٻن ساٿين نصير خان ۽ مير محمد خان کي چيو ته ”فرنگين جي وعده تي جيڪو اعتبار ڪري تنهنکي لعنت هجي“ ۽ پوءِ فارسيءَ ۾ انگريزن کي مخاطب ٿي چيائين ته:-

”مان سمجهان ٿو ته اوهانجا معاهدا اوهانجي سهولتن ۽ ضرورتن مطابق تبديل ٿيندا رهندا آهن. ڇا دوستن ۽ محسنن سان اوهان وٽ اهڙي ئي سلوڪ ڪرڻ جو دستور آهي؟ جيڪڏهن اسانکي خبر هجي ها ته اوهان پنهنجي معاهدن کي ٺوڪر هڻي اسانجي سلامتي خطري ۾ وجهندا ۽ اسان تي نوان ذلالت آميز معاهدا مڙهيندا ته اسان پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ مناسب قدم کڻون ها. اوهان کي خبر هجي ته اسان بلوچ آهيون ۽ واڻيا نه آهيون جن کي سولائي سان ڊيڄاري سگهبو. اسان ملڪ جا اڪيلا مالڪ نه آهيون. پر ساري بلوچ قوم جا مفاد حڪومت سان وابسته آهن“

”نور محمد خان کي ٻڌڻ بعد ڪئپٽن ايسٽ وڪ عربي ۽ فارسي جون تمثيلون چئي جواب ڏنا جن جو مطلب هو ته: اسانجي حڪومت جو اوهان کي تڪليف ڏيڻ جو ڪوبه ارادو ڪونهي. پر ضرورت اڳيان ڪوبه قاعدو ڪونه بيهندو آهي دوست کي تڪليف وقت دوست جي مدد ڪرڻ گهرجي. افغانستان سان جنگ نه رڳو هندستان جي بچاءَ لاءِ پر خود اوهانجي بچاءَ لاءِ ضروري آهي. وغيره.

”مير نور محمد خان اول مشڪيو ۽ پوءِ ٿڌو ساه کڻي ايسٽ وڪ کي چيائين ته ڪاش! جيڪر آئون لفظ ”دوست“ جي معنيٰ سمجهي سگهان ها جيڪو اوهان استعمال ڪري رهيا آهيو! اسان اوهانکي في الوقت ڪوبه جواب ڏئي نٿا سگهون جو اسانکي انهن سڀني سان صلاح ڪرڻي پوندي جن جا مفاد هن معاملي سان وابسته آهن ۽ جي هروڀرو اسانجا زبردست ۽ اسانجي ضابطي هيٺ به نه آهن.“

 

لطف الله پنهنجي سوانح ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:

23 تاريخ انگريزي وفد کي ميرن وٽان جواب اچڻو هو. پر عام بلوچن ۾ نهايت گهڻو جوش هو ۽ آثار چڱا نٿي ڏسڻ ۾ آيا انگريزن جي هڪ مقامي جاسوس اطلاع موڪليو ته اسانکي خبردار رهڻ گهرجي. 24 جنوري تي اسان حيدرآباد ڇڏي سرجان ڪين جي ڪئمپ ڏانهن روانه ٿياسون جا ان وقت جهرڪن ۾ هئي.

29 تاريخ اسماعيل شاهه آيو ۽ ميرن طرفان نئين معاهده قبولڻ لاءِ آمادگي ظاهر ڪيائين جنهن تي سندس پٽ تڪي شاهه کي دستخطن حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد موڪليو ويو.

هڪ جرمن فوجي عملدار ڪئپٽن فان آرلڪ لئو پولڊ جو 1842 واري افغان مهم ۾ انگريزي فوج سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو تنهن ان وقت هتان جرمني موڪليل پنهنجي هڪ خط* ۾ لکيو آهي ته:

”1839 ۾ جڏهن افغانستان تي ڪاهڻ لاءِ انگريزن کي سنڌ ۾ پنهنجي فوج آڻڻي پيئي تڏهن هنن پنهنجي پٺ جي سلامتيءَ جي خيال کان ميرن سان هڪ معاهده ڪيو جو ميرن رضا خوشي سان قبول ڪيو پر بلوچ سردار ان تي راضي نه هئا. هنن صاف سمجهيو ٿي ته انگريزن جهڙي طاقت جي اثر وڌڻ جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو جو بلوچن جو اثر صفا ختم ٿي ويندو. تنهن ڪري ميرن جي انهي معاهده ڪرڻ جي باوجود بلوچن ڪيترن ئي موقعن تي دشمنانه ڪارروايون پئي ڪيون. 1839ع واري معاهدي کان پوءِ حڪمران مير انگريزن جا محتاج بنجي چڪا آهن ۽ مٿن نظرداري رکڻ لاءِ حيدرآباد ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيل آهي.

3 فيبروري 1839 تي بمبئي واري فوج جهرڪن مان اتر ڏانهن ڪوچ ڪري ڪوٽڙي وٽ اچي منزل ڪئي. هتي پهچڻ تي انگريز فوجي ماهرن جي هڪ ٽولي توبخاني جي برگيڊ ميجر جي اڳواڻيءَ هيٺ قلع ۽ انجي پسگردائي جي چڪاس لاءِ موڪلي وئي. جن آئوٽرام جي اڳ ڪيل سروي جي تصديق ڪئي ۽ حمله جي رٿا کي پسند ڪيو.

پنجاب کان فيروز پور رستي روهڙي ۾ پهتل بنگال واري فوج، فبيروري جي ٽئين هفتي ۾ سيوهڻ پهتي جتي انکي سمنڊ رستي سنڌوندي جي ڇوڙ وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ بمبئي واري فوج گڏجڻي هئي، جتان ٻنهي کي گڏجي شڪارپور پهچڻو هو جتي انگريزن جي هٿ ٺوڪئي، افغان بادشاهه، شاهه شجاع کي به آندو ويو هو.

حيدرآبادي خواه خيرپوري ميرن جي سمورين ڪوششن ۽ ڌمڪين جي باوجود، انگريزي فوج جي چڙهائي جي ساري رستي تي، ويندي بولان تائين بلوچ خواه ملڪ جا ٻيا عام باشندا انگريزن تي حملا ڪندا رهيا. هر ممڪن موقع تي انگريزي فوج جي دستن تي ننڍين نڍين ٽولين ۾ حملا ڪري رڪاوٽون پئي وڌائون. انگريزي فوج کان هٿيارن ۽ اٺن ڦرڻ جا ڪيترائي واقعا ٿيا، جن مان ظاهر هو ته عام بلوچ ۽ ملڪ جا ٻيا باشندا ميرن جي اختيار ڪيل رخ تي سخت ناراض هوا. پر انهن ننڍين ننڍين چڪرين جو انگريزن تي ڪوبه خاص اثر ڪونه ٿيو ۽ افغانستان تي انگريزن جي چڙهائي ڪامياب ٿي.

1839 جو سال ڪنهن به غير معمولي واقعي کان سواءِ گذري ويو. فيبروري 1840 ۾ آئوٽرام وري پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿي آيو. 1841 ۾ انگريزن ميرپورخاص واري مير شير محمدخان سان هڪ معاهدي وسيلي پنهنجا تعلقات سڌاريا.

1841 ۾ مير نور محمد خان وفات ڪئي ۽ نصير خان کي ”رئيس“ منتخب ڪيو ويو.


* ”پيشوا“ مرهٽا خاندان جي حاڪمن جو خطاب هو جنجي انگريزن سان آخري جنگ 1818 ۾ لڳي هئي.

*  ڪئپٽن پوسٽنس ”آبزرويشنس آن سنڌ“ ۾

*  سنڌ بابت پارليامينٽ اڳيان پيش ڪيل ڪاغذات

*  ”مصنف جو ”ٽرئولس ان انڊيا“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org