(8)
سنڌ پوءِ جي ڪلاسيڪي
تذڪرن موجب
اسٽرابو پنهنجي هندستان جي جاگرافيءَ سهيڙڻ لاءِ
رڳو اُنهن راوين جو سهارو ورتو هو، جي کانئس ٽي سو
ورهيه اڳي يا ته سڪندر اعظم جا سهيوڳي هئا يا وري
سڪندر کان ٿورو وقت پوءِ ٿي گذريا هئا. سندس خيال
هو ته پوءِ جا راوي ڪا پوري معلومات نٿا ڏين ۽
ويندي جيڪي وڻجارا ”اڄڪلهه مصر کان نيل ۽ عربي نار
منجهان ٻيڙا هاڪاري هندستان اچن ٿا.“ سي به بي خبر
۽ اڻڄاڻ ماڻهو آهن ۽ انهيءَ جوڳا نه آهن جو جيڪي
ولايتون ڏسن ٿا، تن جو ڪو احوال ڏيئي سگهن (1).
ڪلاسيڪي جاگرافيدانن جي قطار ۾ هن کان پوءِ وڏو
پلائني اچي ٿو، جيڪو ڀانئجي ٿو ته اسٽرابو جي عظيم
تصنيف کان بيخبر هو. هن معياري ماخذن مان استفادي
ڪرڻ وقت ڪا خاص ڇنڊڇاڻ ڪانه ڪئي آهي؛ ماڳهين انهن
سان اهڙن ماخذن جي معلومات به گڏي ڇڏي اٿئين، جن
کي اسٽرابو ننديو آهي. اسٽرابو جي لکڻ پڄاڻان سٺ
ستر ورهين جي اندر مصر (ان وقت رومي سلطنت جو
ڀاڱو) ۽ هندستان جي وچ ۾ وڻج واپار گهڻو زور وٺي
ويو هو. ان واڌاري جو گهڻو تڻو ڪارڻ هيءُ هو ته
هڪڙي هپالس
(Hippalus)
نالي شخص ڏکڻ - اولهه واري چوماسي جي واهر سان ڏکڻ
عربستان کان سنڌو هندستان پهچڻ جو طريقو ڳولي لڌو
هو (2) عرب شايد گهڻي وقت کان ان طريقي تي هلندڙ
هئا. ڀانئجي ٿو ته ان مضمون تي ڪو ڪتاب به موجود
هو. پلائنيءَ ان ڪتاب جي آڌار تي ئي ملباري ڪپر جي
بندرن جو ڪارائتو احوال لکيو. هن انهيءَ احوال ۾
اهڙن مکيه شهرن جا نالا به ڏنا، جن کي اهي بندر ڪم
ايندا هئا. سيلون بابت به ڪجهه تازي پر نادرست
معلومات پڻ ڏني اٿئين.
اهو خاطريءَ سان نٿو چئي سگهجي ته پلائني سنڌو
ماٿريءَ بابت جن ڳالهين ۾ اسٽرابو سان نٿو ٺهڪي،
تن مان ڪهڙيون ڪهڙيون ميگاسٿينيز جو ذڪر ڪيو آهي،
توڻي ستلج ۽ بياس جي وچ ۾ ۽ اتان ”شاهي رستي“
وسيلي پاتلي پتر تائين جيڪي مفاصلا ڄاڻايا اٿس
(3)سي سڀ ميگاسٿينيز تان کنيا اٿس، جنهن کي
اسٽرابو معتبر نٿو سمجهي.
اسٽرابو جيان پلائني به سنڌوءَ جي سيلابي ڦهلاءَ
بابت وچٿرن ڪاٿن تي ڀاڙڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. هو چوي
ٿو ته هوءَ ڇهن ميلن کان وڌيڪ ويڪر نٿي وٺي ۽ نه
ئي ان جو مٿاڇرو 45 فٽن کان چڙهي ٿو. هو اسان کي
هيءُ به ٻڌائي ٿو ته ان درياهه ۾ هڪ هنڌ هڪڙو تمام
وڏو پرسياني نالي ۽ ٻئي هنڌ ٻيو ننڍو پاتل نالي
ٻيٽ آهي (4). پويون ٻيٽ، هو چوي ٿو ته ان جا پاسا
ٻه ٻه سو ميل ڊگها ٿيندا (5). ٻئي هنڌ هو ڄاڻائي
ٿو ته سنڌوءَ لڳ پرساءِ
(Prasii)
لوڪ اهي آهن، جن بابت انومان آهي ته ڄامڙا آهن.
هڪڙي ڳالهه هو صحيح به ٿو چوي ته رنگ جا ڪارا هندي
گنگا واري پٽ جي ڏکڻ ۾ آهن ۽ جيڪي سنڌوءَ جي
ڀرپاسي ۾ آهن، سي ڪڻڪ رنگا آهن. (6)
هو اهڙن ڪيترن قبيلن جا نالا ٻڌائي ٿو، جن بابت
چيو وڃي ٿو ته اهي سنڌوءَ جي ٻنهي پاسي رهندڙ هئا،
پر انهن قبيلن جا ماڳ ڪٿان هئا، سا ڳالهه چٽي نه
ٿو ٻڌائي ۽ نه ئي وري هن جا ٻڌايل نالا اڳين ليکڪن
جي لکڻين ۾ ڄاڻايل نالن سان ملن ٿا (6 الف). هن
سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي اولهه واري ڪپر جو مختصر ۽
اڻپورو احوال به ڏنو آهي. اهو احوال ونيسيڪريٽس
تان کنيل ٿو لڳي ۽ نه نيارڪس تان. ان منجهه هيءَ
دلچسپ ڳالهه به ڪيل آهي ته اورئتي لوڪ ڪا هندي
ٻولي نه پر پنهنجي ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ هيءَ
عجيب ڳالهه پڻ ان ۾ چيل آهي ته سڪندر ”سڀني اچٿايو
ڦاگين
(Ichthyophagi)
لوڪن کي مچيءَ تي گذران ڪرڻ کان جهلي ڇڏيو هو.“
(7)
مطلب ته پلائنيءَ جيڪو به احوال ڏنو آهي، سو اڻ
تڪيل توريل ۽ ڀڳل ٽٽل ڳالهين جي صورت ۾ آهي.هن کي
ڇڏي اسين هڪ بنهه نرالي نوعيت جي تصنيف ڏانهن اچون
ٿا.اها آهي ڪنهن اڻڄاتل ليکڪ جي ”ايرٽرئين سمنڊ
جو پيريپلس“. اها لکڻي هندي وڏي سمنڊ ۾ واپار
بابت معلومات جو تت آهي. ساڳئي وقت ان ۾ ڳاڙهي
سمنڊ کان هڪ طرف زنجبار تائين ۽ ٻئي طرف راس
ڪامورن تائين ناکئن جي رهبريءَ لاءِ رستو پڻ ڏسيل
آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اهو رسالو پلائنيءَ جي
لاڏاڻي کان ڪي ٿورا ورهيه پوءِ ظاهر ٿيو هو. ان ۾
ڪيترا اهڙا تفصيل به آهن، جي هڪڙي ٻئي ننڍي رسالي
تان کنيل آهن. ان ننڍي رسالي بابت اسان کي اوس فرض
ڪرڻو پوندو ته اهو تنهن زماني ۾ موجود هو ۽ ان
نامعلوم ليکڪ ان مان استفادو ڪيو هو. پيربپلس کي
پلائنيءَ واري ڪتاب جي ساڳئي احوال وارن ٽڪرن سان
ڀيٽي ڏسبو ته پيربپلس گهڻو وڌيڪ رٿائتو، صحيح ۽
مفصل نظر ايندو. سو اسان کي انت سنڌ جي ڪپر جي
تڏهوڪين حالتن جي احوال لاءِ پيربپلس واري بيان کي
پلائنيءَ جي بيان تي ترجيح ڏيئي قبول ڪرڻو پوي ٿو.
پيربپلس ۾ ڄاڻايل آهي ته سمنڊ جي ڀر وارو ڪپر تمام
هيٺانهون ۽ تراکڙو آهي ۽ منجهس سنٿاس (سنڌو) جا
ڇوڙ آهن ۽ اهو درياهه ايترو ته گهڻو پاڻي سمنڊ ۾
ڇوڙي ٿو ”جو ماڻهو ڇوڙ جي ڀرواريءَ زمينن کان اڃا
گهڻو پري هوندو، تڏهن به سمنڊ ان جي پاڻيءَ جي ڪري
اڇو ٿيل نظر ايندو.“ درياهه جا ست ڇوڙ هئا، جي سڀ
تانگها ۽ ريٽن سان ڀريل هئا. وچ واري ڇوڙ کي ڇڏي
ٻيو ڪو به جهاز رانيءَ لائق نه هو. ان وچ واري ڇوڙ
تي هڪڙو وڻجارڪو بندر باربريڪن
(Barbarikon)
نالي هو، جنهن جي سامهون هڪ
ٻيٽاري هئي. هتي جهاز اچي لنگر هڻندا هئا، جهاز جو
مال لاهي ننڍن ٻيڙن ۾ وڌو ويندو هو، جيڪي اهو مال
درياهه ۾ مٿي وڃي گاديءَ کي پهچائيندا هئا. گاديءَ
جو نالو مين نگر
(Minnagar)
هو ۽ ملڪ جو راجا اتي رهندو
هو. ان زماني (سن 50 عيسويءَ جي لڳ ڀڳ) ۾ راجا
پارٿيائي
*
(Parthian) قوم جو هڪ شهزادو هو، جيتوڻيڪ ملڪ
اسڪائٿيا
(Skythia)
*سڏبو هو.
باربريڪن جي وڻجارڪي بندر تان جن وکرن جو روانگي
۽ آمدني واپار ٿيندو هو، ليکڪ تن جا نالا ڄاڻائي
ٿو. ويندڙ وکر ۾ قيمتي پهڻ، ريشم جو ڌاڳو ۽ چين جي
پشم
(Fun)
توڙي گرم مصالحا، کونر، سوٽي
ڪپڙو ۽ نير، جي ضرور مڪاني پيدائش هوندا، شامل
هئا. ملڪ بابت اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ”ان جو
اندريون ڀاڱو، جو اسڪائٿيا جي حد سان وڃي ملي ٿو،
سو ابيريا
(Aberia)
جي نالي سان ۽ ان جو سامونڊي ڪپر سوراشٽرين
(Sturastrene)
جي نالي سان سڏجي ٿو. هيءُ
اهڙو علائقو آهي، جنهن ۾ انُ ۽ چانور، ترن جو تيل
۽ مکڻ جام ٿين ٿا ۽ شربتائين ململ ۽ هندي ڪپهه مان
ٿلهو ڪپڙو به گهڻو ٺهي ٿو. چوپايو مال به جهجهو ئي
اٿس. اتان جا رهاڪو ڊگهي قد ۽ ڪاري رنگ جا آهن.
ملڪ جي گادي مين نگر آهي، جتان وڏي انداز ۾ سوٽي
ڪپڙو باريگازا
(Banygaza)
موڪليو وڃي ٿو. ملڪ جي هن ڀاڱي ۾ اڄ به سڪندر جي
مهم جا، هن جي ٺاهيل عبادت گهرن جا، ڇانوڻين ۽ وڏن
کوهن جي بنيادن جا يادگار موجود آهن“ (7 -الف).
پيريپلس ۾ اڳتي هلي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جو بيان آهي ۽
”وڏي“ ۽ ”ننڍي“ جي نالي ٻٽي نار جو ذڪر آهي، تنهن
۾ اسان ڪڇ جي رڻ ۾ ويندڙ کاري، جا هاڻ ”ڪوري“
ڪوٺجڻ ۾ اچي ٿي ۽ ڪجهه اڳڀرو ڪڇ جي نار جي سڃاڻپ
ڪريون ٿا. ٻيئي جهاز رانن لاءِ هاڃيڪار هيون ۽ کين
انهن کان پري رهڻ جي هدايت ڪيل آهي.
ڊيلٽا جي الهندي پاسي واري ڪپر جو بيان گهٽ چٽو
آهي. مورنتوبار يا ”زالاڻي“ بندر جو ڪو ذڪر ڪونهي؛
پر ڪنهن هنڌ، جيڪو اورمار
(Ormara)
ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته اها ٻاهر
تي نڪتل راس هئي) جي اوڀر ۾ هوندو، هڪڙي ندي هئي،
جا ايتري وڏي هئي، جو ان ۾ جهاز به وڃي پئي سگهيا.
”ان جي ڇوڙ وٽ اوڙايا
(Oraia)
جي نالي سان هڪڙو ننڍو بندر
هو. ان جي پٺيان، ملڪ اندر، ڪپر کان ستن ڏهاڙن جي
مسافريءَ تي هڪ شهر آهي، جتي راجا رهي ٿو. ان شهر
جو نالو رهامباڪيا
(Rhambakia) آهي.“ اندرئين علائقي ۾ ان کان
سواءِ شراب، چانور ۽ ڪتل پيدا ٿئي ٿي، پر سمنڊ جي
ڀر واري تر ۾ رڳو سُرهو کونئر، گُگر نالي، ٿئي ٿو
(8).
گمان آهي ته جنهن نديءَ تي اوڙايا نالي بندر هو،
سا شايد آگور
(Agor)
کاري هئي جنهن ۾ هنگول اچي ڇڙي
ٿي -ٻين لفظن ۾، نيارڪس جي مسافريءَ واري تو ميرس.
ان جي ڀرسان هڪڙو آڳاٽو ماڳ به ڄاڻايو ويو آهي
(9). سمجهيو وڃي ٿو ته رهامباڪيا لسٻيلي جي ڀرسان
يا ان جي اتر ۾ ويلپٽ
(welpat) واري زرخيز نيابت ۾ هو (10). اهي ٻئي هنڌ
هڪٻئي کان ستن ڏهاڙن جي پنڌ تي ٿيندا. پر اهو
سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر جبلن ۽ سمنڊ جي وچ ۾ ڦاٿل
آگور هڪ ننڍڙ مهاڻن جي ڳوٺ کان، جڏهن نيارڪس اتي
پڳهه ٻڌا هئا، ايتري ۾ ڪيئن وڌي وڏي راس ٿي ويئي
هوندي، جيڪو بندر رهامباڪيا جي ڪم ايندو هوندو، سو
قدرتي طرح اڃا اوڀر ۾ لس واري پٽ جي پيرانديءَ کان
هوندو. ڦوڙ نديءَ جو ڇوڙ به ايترو وڏو نه هوندو،
جو ”ان ۾ جهاز داخل ٿي سگهن.“ شايد اسان جو اهو
انومان صحيح هجي ته وندر يا پوراليءَ جي ڇوڙن جي
ڀرپاسي ۾ پراڻي ڪپر ليڪ جي سامهون جيڪي ريٽ هئا،
سي تنهن زماني تائين ڪنهن کاريءَ کي لٽڻ لڳا
هوندا. سونمياڻي ويلپٽ کان اٽڪل ڇهن رواجي منزلن
تي آهي.
سنڌوءَ جي ڊيلٽا ڏانهن موٽندي اهو اوس مڃڻو پوندو
ته باريريڪن ۽ مين نگر جي سڃاپڻ جو ڪو امڪان ڪونهي
(11). ٿي سگهي ٿو ته پويون شهر سڪندر جي ڏينهن
وارو پاتل هجي، جنهن کي اسڪائٿيائي نالو ڏنو ويو
هجي. ايترو ته مڃڻو پوندو ته اهو شهر درياهه جي
ڪناري تي يا ان ڀرسان هو. پر ٿي سگهي ٿو ته سڪندر
۽ سندس لشڪر جي سنڌ منجهان ڪوچ کان پوءِ، چئن سون
ورهين ۾، درياهه جي رخ ۾ ايترو ئي وڏو ڦيرو اچي
ويو هجي، جيتروڪ خود ڊيلٽا ۾ آيل ڏيکاريو ويو آهي.
ان کان پوءِ اسان کي جيڪو معتبر مصنف ملي ٿو ۽
آڳاٽي جاگرافيءَ ۾ سڀني کان مشهور هو، سو آهي
سڪندريا جو ڪلاڊيئس ٽالمي، جنهن پنهنجو مهان ڪتاب
160-150 عيسويءَ ڌاري جوڙيو. هن جو ڏانءُ اسٽرابو
کان نرالو هو. اسٽرابو ڇا ڪيو هو، جو ان زماني ۾
جن ملڪن جي کيس ڪجهه ڄاڻ هئي، تن جو عام احوال
لکيو هئائين. ٽالميءَ جو گهڻو ڌيان دنيا جي نقشي
کي سڌراڻ ڏانهن هو ۽ هن جي جاگرافيءَ ۾ گهڻو تڻو
سندس نقشن تي حوالن جون جدولون ڏنل آهن. اهي نقشا
هن نسبتي طرح محدود ايراضيءَ اندر ڪيل تمام ٿورن
هيئتي مشاهدن جي آڌار تي ٺاهيا هئا ۽ گهڻو سفرنامن
(12). ناکڻن جي سونهن ۽ ساڳيءَ طرح جي ٻيءَ
معلومات منجهان ڪيل ٿلهن ليکن تي ڀاڙيو هئائين.
اهڙيءَ ريت ٺاهيل نقشن مٿان هن پنهنجيون ڊگهائي ۽
ويڪرائي ڦاڪون وڌيون، جي هن پنهنجي مختصر هيئتي
اڀياس مان انومان رستي ڪڍيون هيون. پوءِ هن سڀني
مکيه هنڌن جي بيهڪ ڊگهائي ڦاڪ ۽ ويڪرائي ڦاڪ تي
ڊگرين ۽ منٽن ۾ ڏيکاري، ائين ڄڻ انهن جي عملي طرح
خاطري ڪري ورتي هجئين (13).
جيترو مواد کانئس اڳين لکندڙن وٽ موجود هو، تنهن
کان گهڻو وڌيڪ مواد، خاص ڪري هندستان بابت،
ٽالميءَ کي ميسر هو. پر بدقسمتي چئجي. جو هن جا
ٻڌايل هنڌن ۽ ماڳن جا ڪئين نالا، جي ٻئي ڪندڙ
لکندڙ نه ڏنا آهن، سي هاڻ سڃاڻپ ۾ نٿا اچن. جنهن
معلومات جي آڌار تي هن پنهنجن نقشن ۾ انهن هنڌن جي
بيهڪ ۽ اهڙيءَ ريت ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڊگهائي ڦاڪ ڏني
آهي، تنهن معلومات جي نوعيت جو ڪو پتو نٿو پئجي
سگهي ۽ انهيءَ ڪري ان معلومات جي ڪارائتي هجڻ ۾ شڪ
ڪرڻ ڌاران رهي نٿو سگهجي.
ٽالميءَ جو اڀياس سندس نقشن رستي ڪرڻو پوي ۽ اها
ڳالهه ته سندس نقشا هن پاڻ نه پر ٻين ڪڍيا هئا، ڪا
اهميت ڪانه ٿي رکي، ڇاڪاڻ ته اهي بهرحال ويڪرائي ۽
ڊگهائي ڦاڪن بابت سندس هدايتن موجب ئي تيار ڪيا
ويا هئا. هن جو اتر-الهندي هندستان جو نقشو ناقص
هوندي به، ڪنهن اهڙي بنيادي عيب جي ڪري باطل نٿو
ٿي وڃي، جيئن سندس دکن ۽ سيلون جو سڄو نقشو غلط ٿي
ويل آهي. پر هو سنڌو ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ ندين جي
بيهڪ ڏيکارڻ ۾ هڪ عجيب چڪ ڪري ويو آهي. هو پنجاب
جي ندين جي گڏيل وهڪري کي سنڌوءَ ۾ ڪابل نديءَ جي
ڇوڙ کان فقط هڪڙي ڊگري هيٺ ڇوڙ ڪندي ڏيکاري ٿو،
جڏهن ته اصل مفاصلو ڇهه ڊگريون آهي.اهڙيءَ ريت هو
سنڌوءَ جي هيٺين وهڪري کي ان جي اصل ڊيگهه کان ذري
گهٽ ٻيڻو ڏيکاري ٿو ۽ پنجاب جي درياهن جي اصل
ڊيگهه جو اڌ کائي وڃي ٿو (14) تاهم، مکيه ڏاني
ندين جا ميلاپ صحيح ترتيب ۾ ڏيکاريل آهن ۽ انهن
جوعام رخ به ٺيڪ ڄاڻايل آهي. ڌيان جوڳي ڳالهه هيءَ
آهي ته بياس جو ستلج سان ميلاپ پهريائين ڏيکاريو
ويو آهي، جيڪو سندن اڄوڪي لاڳاپي سان گهڻي ڀاڱي
ٺهڪي اچو ٿو.
پر ٽالميءَ موجب هيٺينءَ سنڌوءَ جي سڀ کان دلچسپ ۽
خاص ڳالهه آهي ڊيلٽا کان مٿڀرو مکيه وهڪري منجهان
شاخن جوڦٽڻ. هو ساڄي پاسي کان ٻه (15) ۽ کاٻي پاسي
کان هڪڙي شاخ ڦٽندي ڏيکاري ٿو. پوئينءَ شاخ کي ٻين
کان اوڀارو نڪرندي ڄاڻايو ويو آهي. ٽالمي هڪ عجيب
جملو (16) ڪم آڻي ٿو، جنهن جي معنيٰ هيءَ ٿي
ڀانئجي ته ڏاني نديون انهي شاخن منجهان ڪن ۾ ڇڙن
ٿيون. سينٽ مارٽن
(Saint Martin)
چواڻيءَ پڪ ناهي ته ٽالميءَ
کي ڏاني نديءَ ۽ شاخ جي وچ ۾ تفاوت جي ڄاڻ به هئي
يا نه پر ان قسم جو مونجهارو اسان جي زماني تائين
هلندو اچي ٿو: ويندي ميجر ريورٽي به گهاڙ کي ”بکر
کان ڪي سورهن ميل اولهه طرف“ آب-سنڌ (سنڌو) ۾ ڇوڙ
ڪندي ڄاڻائي ٿو. ائين ڪرڻ لاءِ گهاڙ کي ته ٽڪرن تي
چڙهڻو پوندو (17) حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ ۾ سنڌوءَ
جي اولهه طرف درياهه جون شاخون ٽڪرن ڏانهن وهنديون
آهن ۽ ساڻن ٽڪرن تان درياهه واري پاسي وهي ايندڙ
ڇرون اچي گڏبيون آهن. آبڪلاڻيءَ جي مند ۾، برساتن
کان پوءِ، سنڌوءَ جو پاڻي ۽ ٽڪرين جو پاڻي ”ماٿري“
جي ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻ ۾ گڏجي ٿو. اها ماٿري
جيڪب آباد جي اتر کان اولهه ڏي هلندي ڏکڻ -اولهه
ڏي ۽ پوءِ ڏکڻ ڏي لڙندي، پري منڇر ڍنڍ تائين هلي
وڃي ٿي. اهڙيءَ ريت، بگٽي ٽڪرين تان ايندڙ لهري،
ناڙي ۽ بولان
(Lahri, Nari, Bolan)
نديون توڙي ڪڇيءَ ۽ سنڌ جي
اولهه وارين ٽڪرين جون سڀ نيون ڪڏهن ڪڏهن سنڌوءَ
جي شاخن جون ڏن-ڀرو بڻجي وينديون آهن.
ٽالميءَ سنڌوءَ جي ساڄي پاسي کان جي ڇاڙون ڦٽندي
ڏيکاريون آهن. تن مان اترئين ۾ اترين شاخ آرڪوسيا
(Archosia)
ڏانهن ويندي ڏيکاري ويئي آهي ۽ ڪن صاحبن جو چوڻ
آهي ته انهيءَ شاخ مان هن جي مراد ڪو ڪڙيو
(Loop)
يا پاسي مان نڪرندڙ واهو آهي، جنهن ۾ گومل ندي
چاڙهه وقت اچي پوندي هئي (18). پر هتي اهو ڄاڻائڻ
ضروري آهي ته هيءَ اولهه واري شاخ ٽالميءَ موجب،
پنجند ۽ سنڌوءَ جي سنگم کان چڱو پنڌ هيٺڀرو-سندس
ويڪرائي ڦاڪ جي اڍائي ڊگرين تي-مکيه وهڪري منجهان
نڪرندڙ هئي، جڏهن ته گومل سنڌوءَ ۾ پنجند سان ان
جي ميلاپ کان ويڪرائي ڦاڪ جون اڍائي ڊگريون مٿي
ڇوڙ ڪري ٿي.ٽالميءَ جي نقشن ۾ سنڌوءَ جي جا وڏي
ڊيگهه ڏيکاري ويئي آهي، تنهن کي آڏو رکندي، هيءُ
انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته اها شاخ اها قديم شاخ
هوندي، جيڪا ڪشمور کان هيٺ سنڌ ڍوري کان شروع ٿي،
هاڻوڪي جيڪب آباد جي اتر کان لنگهندي مُهمل ٽپندي،
”سنڌ ڇنڊڻ“ ۾ وڃي پوي ٿي. بولان نئين جي ليٽ به ان
شاخ ۾ اچي پوي ٿي. بولان انهيءَ ملڪ مان وهي اچي
ٿي، جنهن ملڪ کي ٽالمي آرڪوسيا جي نالي سان بيان
ڪيو آهي (19).
ٽالميءَ آرڪوسيا جي پاڻين
(Hydrographr)
جو جيڪو احوال ڏنو آهي ان مان
ملڪ جي مٿين ۽ هيٺين ڀاڱي جي وچ واريءَ سر زمين
بابت مونجهارو پيدا ٿي پوي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته
آرڪوسيا اوڀر ۾ سنڌو ماٿريءَ جي ڀر پاسي تائين
ڦهليل هو، جنهن مان سمجهجي ٿو ته ان ۾ ڪڇي به شامل
هوندو. هن هڪڙي آرخوتوس ڪرين
(Arakhotos Krene) نالي ڍنڍ ڄاڻائي آهي، جا ملڪ منجهان وهندڙ درياهه ٺاهي هئي
(20) ۽ قدرتي طرح اهي سمجهيو ويو آهي ته ان ڍنڍ
مان مراد هامون
(Hamun)
آهي، جنهن ۾ هيلمند
(Helmand)
نئن اچي ڇُري ٿي. پر هو صاف صاف چوي ٿو ته ان ملڪ
منجهان جا ندي وهي ٿي، سا سنڌوءَ منجهان نڪري ٿي:
هن انهيءَ شاخ جي، ڍنڍ جي ۽ ڏاني نديءَ جي سرچشمي
جي جا بيهڪ ڏني آهي، سا مٿي ڄاڻايل ان نظريي سان
ٺهڪي اچي ٿي ته ”ڍنڍ“ اهو وڏو هيٺاڙهه هو، جيڪو
هاڻ سنڌ جي اتر-الهنديءَ حد کان ٿورو پرتي آهي ۽
بولان، ناڙي ۽ مُولا نين رستي جبلن جو پاڻي ملندو
هو (21). عجيب ڳالهه آهي ته ٽالميءَ سيستان جي
وڏيءَ ڍنڍ هامون يا زراهه
(Zarah) کي جنهن ۾ هيلمنڊ اچي ڇڙي ٿي، ان جي اصلوڪي
درنگيانا
(Drangiana)
جي ايراضيءَ ۾ نه ڏيکاريو آهي ۽ اسان کي اهو شڪ به
ٿئي ٿو ته ته متان هو هري رود
(Hari Rud)
۽ هيلمند جي وچ ۾ منجهي پيو
آهي ۽ انهيءَ ڪري آريئا
(Areia) ڍنڍ کي هامون ڍنڍ سڏيو اٿس. هو ڄاڻائي ٿو
ته درنگيانا جي ايراضيءَ کي اربس نديءَ جي هڪڙي
شاخ پاڻي پهچائيندي آهي- اها بهر حال هن جي زبردست
چڪ آهي (22).
ٽالميءَ سنڌوءَ جي ساڄيءَ ڪنڌيءَ کان جا ٻي ڇاڙ
ڦٽندي ڄاڻائي آهي، تنهن کي هو اربيتا
(Arbita) جبلن ڏانهن ويندي ڏيکاري ٿو (23). اها ڇاڙ
ان هنڌ کان ڪا گهڻي هيٺ ڦٽندي ناهي ڏيکاريل، جنهن
هنڌ هن بينگر
(Binagara)
جو شهر ڏنو آهي. هيءُ شايد
ساڳيو ”پيربپلس“ وارو مين نگر جو شهر ڏنو آهي.
البت اربيتا جبلن بابت ڀروسي سان چئي سگهجي ٿو ته
اهي کير ٿر جبل ۽ ان جون شاخون آهن ۽ جيڪا ڇاڙ
انهن ڏانهن وهندڙ هئي، سا پڪ ئي پڪ گهاڙ، يا شايد
الهندو نارو هئي (24).
هيٺينءَ سنڌوءَ جي ساڄيءَ ڪنڌيءَ ڇڏڻ کان اڳ اهو
ڄاڻائڻ واجبي ٿيندو ته ٽالميءَ جو چوڻ آهي ته
اربيتا جبلن کان ڪي ”نديون“ اچي سنڌوءَ سان ملن
ٿيون ۽ هو انهن منجهان هڪڙيءَ جي مول منڍ جو ڏس
پتو به ڏئي ٿو، جنهن مان گمان ٿئي ٿو ته اها اڙل
هوندي يا سن يا باران نئن هوندي (25) جيستائين
ڊيلٽا جي الهندي پاسي واري ڪپر جو لاڳاپو آهي ته
هو ”زالاڻي“ بندر (گنائڪن لائيمن
Gunikon Limen)
کي اربيس نديءَ جي ڇوڙ ۽ سنڌوءَ جي الهندي ۾
الهندي ڇوڙ وچ ۾، پر قدري اڳ ڄاڻايل ڇوڙ جي ويجهو
ڏيکاري ٿو. هيءَ بيهڪ اها ساڳي آهي، جا ايرئين جي
”انڊيڪي ۾ مورنتوبار“ جي ڏيکاريل آهي؛ پر مفاصلا
تمام وڏا ڄاڻايل آهن. ٽالميءَ جي اربيس ندي اولهه
۾ ايترو ته پري ڇوڙ ڪري ٿي، جو سنڌوءَ جي نسبت سان
ان جي بيهڪ لڳ ڀڳ اها ئي وڃي ٿئي ٿي، جا اصل ۾ دشت
نديءَ
(Dasht)
جي آهي (26). ساڳيءَ ريت، هو اربيتي لوڪن
(Arabiti)
جي گاديءَ جو هنڌ اربيس
(Arbis)،
ڪرمانيا جي سرحد تي ڏيکاري ٿو. ڪرمانيا جي ڪپر تي
پارسيداءِ
(Parsidai) لوڪن جي ۽ سندن اوڀر ۾ اربيتي لوڪن
جي والار ڄاڻايل آهي، پر سنڌو نديءَ جي طرف وارا
ڀاڱا رهامني
(Rhamni) لوڪن جي قبضي ۾ ڏيکاريل آهن.
ٽالميءَ ۾ نه ته اورئتي لوڪن جو ڪو مذڪور آهي، نه
ئي ”پيربپلس“ جي ڄاڻايل اورايا بندر جو. اسان
قدرتي طرح رهامنيءَ کي رهامبا ڪيا سان ڳنڍينداسون،
جو رهامباڪيا بابت اسان کي پتو آهي ته اهو شهر
ٽالميءَ کان صديءَ کان به گهٽ مُدو اڳ موجود هو
(27). ڌيان ۾ رهي ته ٽالميءَ هڪڙن ايورئتي
(Eoreiti)
لوڪن جو ذڪر ڪيو آهي، جي آرڪوسيا جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾
رهندڙ هئا. ٿي سگهي ٿو ته اها قوم پهرين لسبيلي ۾
رهندي هجي ۽ پوءِ اتان، شايد پارسيداءِ ۽ اربيتي
لوڪن جي دٻاءَ جي ڪري ايڏانهين لڏي ويئي هجي.
سنڌو جي ڊيلٽا بابت ٽالميءَ جوبيان ”پيريپلس“ جي
لکندڙ جي بيان جي تصديق ڪري ٿو. سنڌوءَ جا ست ڇوڙ
هئا، سڀني جا نالا ڏنل آهن ۽ هرڇوڙ جو هڪرو چٽيءَ
طرح ڏيکاريل آهي. الهندي ۾ الهندو ڇوڙ ساگپ
(Sagapa)
سڏبو هو، جنهن تان اسان کي
علائقي جونيارڪس طرفان ڄاڻايل نالو، سنگد
(Sangada) ياد اچي ٿو (28). ترتيب ۾ ٻيو نمبر
سنٽان
(Sinthon)
وارو ڇُوڙ هو، جنهن مان، ڀانئجي ٿو ته، مکيه وهڪرو
اهو هو، توڻي جو جنهن وقت ”پيريپلس“ لکيو ويو هو،
تنهن وقت چوٿين يا وچين شاخ ئي جهاز رانيءَ لائق
هئي. اولهه کان ڳڻيندي ٽيون نمبر ڪرائيسن
Chryson)
سونهري) هو ۽ ان کان پوءِ ڪاريفرن
(kariphron)،
ساپر (Sapara)،
سباليسا
(Sabalessa)،
۽ سڀني ۾ اڀرندو ڇوڙ لوني بر
(Lonibare)
هئا. اهو پهريون نالو ڀانئجي
ٿو ته سنسڪرت جي هڪڙي لفظ تان ورتل آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي ”لوڻ واري“، شايد اهونالو ان ڪري پيس،
جو ان جي وهڪري ۾ لوڻي ندي، صحيح نالو
(Lavani)،
ڀائيوار هئي، جا اراولي ٽڪرن تان وهي، اچي ڪَڇ جي
رڻ ۾ پوي ٿي (29) تڏهن به لاسين ان ويچار جو هو ته
ٽالمي سنڌوءَ جي جنهن ڇاڙ کي اوانڊيان ٽڪر
Mount Oundion)
ونڌيا
جبل) ڏانهن وهندي ڄاڻائي ٿو ۽ جنهن ۾ هڪ ڏاني
نديءَ کي ڇوڙ ڪندي ڏيکاري ٿو، سا دراصل لوڻي ندي
هئي: ”هن کان اها چُڪ ان ڪري ٿي آهي جو لوڻي ندي
اراولي جبلن منجهان نڪري وڃي رڻ
(Rin)
يا ايرنيا
(Eirina)
نالي جنهن کاريءَ ڍنڍ ۾ ڇڙي ٿي، تنهن ۾ سنڌوءَ جي
اڀرندي شاخ پڻ اچي پوي ٿي“. (30) اراولي جبل
ٽالميءَ جي جدولن ۽ نقشي ۾ ايپوڪاپي
(Apocopi)
جي نالي سان ڏيکاريل آهن ۽ ان
اندازي جي صحيح هجڻ ۾ ڪو شڪ شبهو نٿو ٿي سگهي.
منهجو خيال آهي ته ”ونڌيا جبلن ڏانهن وهندڙ ڇاڙ“
جي پتي لهڻ وقت سنڌوءَ، ان جي ڏاني ندين ۽ شاخن
جي، جا عام بيهڪ ٽالميءَ ڄاڻائي آهي، تنهن جو لحاظ
رکيو وڃي. ان ڇاڙ کي پنجند جي ميلاپ کان هيٺڀرو ۽
ساڄي پاسي کان ڦٽي آڪوسيا ڏي ويندڙ ڇاڙ کان مٿيرو
نڪرندي ڏيکاريو ويو آهي. مون ٻڌايو آهي ته اها
ساڄي پاسي واري ڇاڙ اهو پراڻو واهو آهي، جيڪو
ڪشمور جي ڀرپاسي کان هلي، ڪڇيءَ ۾ وڃي پوي ٿو.
جيڪڏهن اهو قبول ڪيو ويندو ته پوءِ، جا ڇاڙ کاٻي
پاسي ان کان اوڀاري نڪري ٿي، سا ان سائو گهاري سان
ٺهڪي ايندي، جيڪو سنڌوءَ جي پيٽ مان ٻوڏ جو پاڻي
کڻي، مٺڻ ڪوٽ جي ڏکڻ -اوڀر ۾ غوثپور وٽ وڃي، هاڪڙي
جي پيٽ ۾ وجهندو هو ۽ ڇاڙ کي واهندا واري رستي جي
پوئواري ڪندي، ڄاڻي سگهجي ٿو. اهو چوڻ اجايو آهي
ته هيءَ ويچار بنهه غلط آهي ته ڪو اها ڇاڙ ونڌيا
جبلن تائين ويندي هئي (31) يا انهن جبلن تان ڪائي
ندي وهي اچي منجهس پوندي هئي: پر متان اهو اندازو
واهندا جي رخ منجهان ڪيو ويو هجي، جيڪا مٺڙائو
تائين ڏکڻ طرف وهي ٿي! انهيءَ ڏس ۾ ميجر ريورٽيءَ
جو هيءُ نظريو به ڌيان لهڻي ته جيسلمير جي ڀرپاسي
کان هڪ ڏاني ندي اچي مٺڙائوءَ وٽ هاڪڙي ۾ پوندي
هئي. پر اها ڏاني ندي ڪا دائمي وهندڙ هوندي، سا اڻ
ٿيڻي ڳالهه ٿي لڳي (32).
ٽالميءَ سنڌو نديءَ جي سرشتي کي جيئن بيان ڪيو
آهي، تنهن کي جڏهن ٻين ماخذن مان هلندڙ ثابتين جي
حوالي سان جانچجي ٿو، تڏهن ٿلهي ليکي هن جو احوال
درست ٿو ڏسڻ ۾ اچي.خاميون ان سرشتي جي انگن جو
جيڪو عام سٽاءُ ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ نه، پر گهٽ وڌ
ڏيکاريل مفاصلن ۽ سرشتي جي ڪن ڪن ڀاڱن جي رخن ۾
آهن.
جيتوڻيڪ ٽالميءَ پنهنجي نقشي ۾ درياهه ۽ ان جي
شاخن جا دڳ چٽيءَ طرح ڏيکاريا آهن، پر اسان وٽ
اهڙا ڪي به انگ اکر ڪونهن، جن جي آڌار تي اسين اهو
پروڙي سگهون ته سنڌ جي جاگرافيءَ جي دائمي نشانن،
جهڙوڪ روهڙيءَ واريون ٽڪريون، لڪي ڇپر يا گنجو
ٽڪر- جي نسبت سان درياهه جي بيهڪ ڪهڙي هئي. هن جي
ڪن سڃاڻپ کان ٻاهر هنڌن ماڳن تان هٿ کڻي به اها
ڄاڻ ملي ته جيڪر خوشيءَ سان ائين ڪريون. ان ڄاڻ جي
نه هئڻ جي حالت ۾ سنڌوءَ جي تڏهوڪي دڳ بابت ڪو به
نظريو اوس حالاتي ثابتيءَ تي قائم ٿيندو. اسان کي
پلائنيءَ جو اهو واضع بيان ڌيان ۾ کڻيو پوندو ته
سنڌوءَ ڊيلٽا کان مٿي هڪ وڏو ٻيٽ (پاتل) ٿي ٺاهيو،
هيءَ ڳالهه ٽالميءَ سنڌ جي پاڻين جو جيڪو احوال
ڏنو آهي، تنهن سان ٺهڪائي سگهجي ٿي، بشرطيڪ اسين
اهو فرض ڪريون ته هو جنهن شاخ کي اربيتا جبلن
ڏانهن وهندي ۽ هڪڙيءَ ڏانيءَ کي ساڳين جبلن تان
واهي اچي سنڌوءَ چڙندي ڏيکاري ٿو، سي ٻئي دراصل
ساڳيءَ ريت ڳنڍيل هيون، جهڙيءَ ريت اڄوڪي زماني ۾
الهندو نارو ۽ اڙل ندي منڇر ڍنڍ رستي ڳنڍيل
آهن.اهو ته اهڙيءَ ريت ٺهندڙ ٻيٽ ڊيلٽا جي ٺاهيل
ٻيٽ کان، پلائني جو چوڻ موجب وڏو هجي، تنهن لاءِ
سنڌوءَ کي پنهنجو هاڻوڪي دڳ کان ڪافي اوڀر ۾ وهڻو
پوندو. پر ٽالميءَ ڊيلٽا جاجيڪي مهانڊا ڏنا آهن.
تن مان هيءُ انومان ڪڍڻو پوي ٿو ته درياهه روهڙيءَ
وارين ٽڪرين جي اولهه ۾وهندڙ هو.
ٽالمي جنهن علائقي کي انڊو-اسڪائٿيا ڪوٺي ٿو، تنهن
۾ سنڌو ماٿريءَ جو وڏو ڀاڱو ۽ ڪاٺياواڙ جوگهٽ ۾
گهٽ ڪجهه ڀاڱو شامل ڪري ٿو. هو انهيءَ علائقي کي
اجهو هيئن ورهائي ٿو:”درياهه پنهنجي ڇوڙ واري
پاسو دوشاخو ٿي، جيڪو ٻيٽائون ٽڪرو ٺاهي ٿو، سو
پتالين
(Patelene)
آهي، ان کان مٿيون علائقو ابيريا
(Abiria)
آهي ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙن ۽ ڪنٺيءَ
(Kantbi)
واريءَ نار جي ڀرپاسي وارو ملڪ
سوراشٽرين آهي.“
ابيربا نالو اڀير
(Abhiras)
لوڪن جي اهميت جي ساک ٿو ڀري.
ڀانئجي ٿو ته اهي لوڪ سڪندر جي ڪاهه کان پوءِ هڪ
يا ٻن صدين جي اندر اتر کان هيٺينءَ سنڌو ماٿريءَ
۾ آيا هئا. پتجليءَ جي مهاڀاشيه ۾، جيڪو شايد
عيسوي سن کان ٻه صديون اڳ لکيو ويو هو، انهن لوڪن
کي شودرن سان لاڳاپيل ڏيکاريو ويو آهي. وري هنن جو
ذڪر ڪي پنج سو ورهيه پوءِ الهندي هندستان جي هڪ
نيم خود مختيار قوم جي حيثيت ۾ ملي ٿو. تڏهن به
سمندر گُپت جا ڏن-ڀرو هئا(33). سوراشٽرين ڪاٺياواڙ
جي اپبيٽ، سوراشٽر، سان موافق آهي. ان جو اهو
پراڻُو سنسڪرتي نالو تازو سرڪاري طرح بحال ڪيو ويو
آهي. وشنو پراڻ ۾ ۽ بريهت سمهتا جي ڏکڻ-الهندي ورڇ
۾ پڻ، اڀيرن سان گڏ سوراشٽر وارن به اولهه جون
قومون ڄاڻايو ويو آهي (34).
ٽالميءَ انڊو-اسڪائٿيا ۾ شهرن جي چڱي وڏي تعداد جي
بيهڪ ڏيکاري آهي (35) انهيءَ ڄاڻائڻ جو ڪو خاص
ضرور ڪونهي ته ان علائقي جي هنڌن جي ، شايد ڪن
ٿورڙن کي ڇڏي، پڪي سڃاڻپ ڪرڻ ناممڪن آهي. جيڪو به
شهر سنڌوءَ جي ٻوڏ جي پهچ اندر ٻڌو ويندو، تنهن جو
وجود جوکائتو رهندو. درياهه پنهنجو رخ ڦيرائي يا
ان جا بنياد ٻهاري ويندو يا جنهن پاڻيءَ تي شهر جي
جياپي جو دارومدار هوندو، سو نه رهندو ته اهو ڦٽي
ويندو، تنهن کان سواءِ، سنڌ جهڙي ملڪ ۾، جنهن تي
ڌارين ايتريون گهڻيون ڪاهون ڪيون هجن، شهرن جا
نالا به تيترائي ڦرندا گهرندا رهن ٿا، جيترو ان جو
درياهه شاهه.
اچو ته پهرين انهن هنڌن جي چڪاس ڪريون، جي اوائلي
ليکڪن ڄاڻايا آهن. ٽالميءَ پاتل جي جا بيهڪ ڏيکاري
آهي، سا جي بنهه غلط نه آهي ته پوءِ اهو ضرور ڪو
ٻيو پاتل هوندو ۽ اهو نه، جو سڪندر ۽ سندس ساٿارين
ڏٺو هو. ڇاڪاڻ جو ٽالميءَ وارو پاتل گهڻو هيٺ
ڊيلٽا جي اندر ننڍي ۾ ننڍن ڇوڙن ساپر ۽ سباليسا جي
وچ ۾ ٻُڌايل آهي. هو باربرائي
(Barbarei) کي، جنهن پيريپلس جو باريڪن سمجهڻو
پوندو. گهڻو مٿي ان هنڌ رکي ٿو، جنهن هنڌ ڊيلٽا جي
سڀني ۾ الهندي ۽ سڀني ۾ اڀرندي شاخ الڳ ٿين ٿيون.
دل ته ائين وسهڻ تي ٿي هر کجي ته متان ٽالمي جي
قلم ٿڙي ويو هجي ۽ هو ڀُل وچان پاتل جي جاءِ تي
باربرائي ۽ باربرائي جي جاءِ تي پاتل ڏيکاري ويو
هجي. ياد رهي ته پيريپلس جو لکندڙ نه ته پاتل جو
ڪو ذڪر ٿو ڪري ۽ نه ئي ڊيلٽا واري علائقي کي
”پتالين“ ٿو سڏي. جنرل هيگ جوچوڻ آهي ته سڪندر
وارو پاتل، درياهه جي دڳ-مٽ جي ڪري، عيسوي سن جي
پهرين صديءَ جي وچ ڌاري نابود ٿي ويو هو. پر جيئن
ته ايرسٽوبولس ۽ نيارڪس جهڙن معتبر رواين ان جو
ذڪر ڪيو هو، سو ٽالميءَ جنهن کي نالن جو شوق ته
هونءَ تي هو، پاتل به ڪٿي نه ڪٿي ڏيکارڻ ضروري
ڄاتو هوندو (36).
مين نگر، جنهن کي پيريپلس جو لکندڙ ”باربريڪن جي
پٺيان ملڪ اندر“ ڏيکاري ٿو، سو شايد ٽالميءَ جي
جدولن ۽ نقشي ۾ ڄاڻايل ”بيپنگر“ آهي. هيءُ به انهن
شهرن جي سلسلي مان هڪڙو آهي، جي سنڌوءَ جي کاٻيءَ
ڪنڌيءَ سان ڏيکاريل آهن ۽ پرينءَ ڀر جي نشانن
(Features)
کي ڏسڻ سان هيءَ ڳالهه بلڪل چٽي ٿي وڃي ٿي ته
بينگر جو شهر ”آرڪوسيا ڏانهن وهندڙ شاخ“ کان هيٺ ۽
”ايبتا جبلن ڏانهن وهندڙ شاخ“ کان مٿي هو. انهن
ٻنهي شاخن جي جا سڃاڻپ مون ڪئي آهي، تنهن موجب
بينگر اروڙ واري پاسي هوندو ۽ جي ائين آهي ته پوءِ
ان ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته ٻئي هنڌ هڪڙي ڳالهه
هوندا. جيڪڏهن ميوزيڪانس جي ان اڳواڻيءَ گاديءَ ۾
ٽي صديون پوءِ به اهي گُڻ موجود رهيا هوندا، جن
سڪندر کي هر کايو هو، ته پوءِ اسڪائٿيائي حملي
آورن ۽ کانئن پوءِ پارٿيائي راجائن جي به اتان راڄ
ڪرڻ تي دل ٿي هوندي (37).
ڪي معتبر مصنف وري ڪاميگر
(Kamigar)
کي اروڙ سمجهن ٿا. ڪاميگر،
ٽالميءَ جي چوڻ موجب، بينگر کان پوءِ اوڀاري پاسي
ٻيو شهر هو ۽ اهو به کاٻيءَ ڪنڌيءَ تي هو (38).
اهي لکندڙ بينگر جي بيهڪ بهمڻ آباد واري سمجهن ٿا.
عيسوي سن جي تيرهنءَ صدي جي اوائل جي هڪ رسالي ۾
مين نگر نالي هڪ شهر جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪو ساڳيءَ
ڇڪَ ۾ هو. اهو تڏهن هڪ هندو راڻي جي گادي هو، جيڪو
سلطان نصرالدين قباچه جي تابع هو (39).
ٽالميءَ انڊو-اسڪائٿيا ۾ جيڪي ٻيا شهر ڏيکاريا
آهن، تن کي اڳين ۽ پوءِ جي زماني وارن شهرن سان
ملائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن. سوسيڪاڻ
(Sousikana)
کي ميوسڪاڻ
(Musikana)
جي بگڙيل پڙهئي ڄاتو ويو آهي،
پر اهو اروڙ نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ جو ٽالميءَ
سُوسيڪاڻ جي بيهڪ سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي ساڄيءَ هٿ
واريءَ مکيه شاخ تي ڏني آهي. ساگپ شاخ جي ڪنڌيءَ
واري شهر ڪولَڪ
(Kolaka)
کي ايرئين وارو ڪروڪل سمجهيو
وڃي ٿو. بونس
(Bonis)
کي پنياديءَ جي ڪپ وارو هاڻوڪي شهر ٻنو، پاسيپڊ
(Pasiped)
کي اوائلي جاگرافيدانن وارو باسيد
(Basmeid)
سمجهيو وڃي ٿو، وغيره وغيره ان
ڄاڻائڻ جي ڪا خاص ضرورت نه آهي ته نالن جون
هڪجهڙيون تمام خبرداريءَ سان ورجائڻيون پونديون
پوءِ کڻي انهن جي برخلاف ڪا ٻي ثابتي نه به هجي.
منهنجي گذارش آهي ته ٽالميءَ جي ڄاڻايل شهرن جي
نشاندهي ڪرڻ وقت هڪڙي پاسي هن سنڌوءَ ۽ سندس شاخن
۽ ڏاني ندين جي دڳن جو جيڪو خاڪو ڏنو آهي، تنهن جو
پورو پورو خيال رکيو وڃي ۽ ٻئي پاسي انهيءَ
ايراضيءَ جي انهن حقيقي ماڳن کي ڌيان ۾ رکيو وڃي،
جن بابت اها سڌي ثابتي هجي ته اتي پهرينءَ ۽ ٻيءَ
صديءَ عيسويءَ ۾ ڪي شهر موجود هئا. انهن مان گهڻا
ماڳ ٻڌمت جي يادگارن رستي سڃاڻي سگهجن ٿا. اهڙا
ڏهاڪو ماڳ هيٺينءَ ۽ وچينءَ سنڌ ۾ ۽ پنج کن ٻيا
مٿينءَ سنڌ ۾ موجود آهن.
ان مان جا تصوير اڀري ٿي، تنهن مان لڳي ٿو ته انهن
زماني ۾ سنڌو روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي اولهه ۾ ،
شايد لوهاڻي ڍوري
(Lohono Dhoro)
وٽان وهندي هئي ٽالميءَ جيڪو
”درياهه سان لڳو لڳ“ وارو اصلاح وري وري ڪم آندر“
ورتي وڃي، ڇو ته ڪنهن به زماني ۾ درياهه جي مکيه
وهڪري جي بنهه ڀڪ تي، رڳو ٽاڪرو هنڌ کي ڇڏي، ڳوٺ
يا شهرن ٻڌڻ معنيٰ تباهيءَ جي ڳٽ پوڻ. انهيءَ
بنياد تي ڪئين هڪجهڙايون ڏسي سگهجن ٿيون، پر ڪو ٻڌ
جو ٺل ۽ ان جي پاسي ۾ ڀڪشن جون مڙهيون، جن جا پڊ
باڊهه لڳ ڌامراهن ۾ (40)، ميرپور خاص ۾ (41) ۽
سڌيرن جي دڙي ۾ (42) لڌا ويا آهن، تن جو هجڻ
هروڀرو شهر ظاهر نٿو ڪري . دراصل انهن حالتن هيٺ
”سڃاڻپ“ کڻي ڪيتري به سچيتائيءَ سان ڪجي، نجي
ڌڪيبازي رهندي. اسان کي وري به اها ڳالهه ڌيان ۾
رکڻ گهرجي ته ٽالميءَ جي ڏينهن ۾ هيٺينءَ سنڌوءَ
جي ڪنڌيءَ سان جيڪي شهر وسيل ۽ آباد هئا، سي ٿي
سگهي ٿو ته ذري گهٽ سڀ اڳتي هلي درياهه جي هاڃيڪار
دڳ-مٽَ سبب لڙهي ويا هجن.
حوالا ۽ سمجهاڻيون
اسٽرابو، ڇهون ، 3، 4.
پلائني، ”قدرتي تاريخ“، ايڊيٽر سي. ميهاف، ڇهون،
23. ڀيٽيو: ”ايريئريئن سمنڊ جو پيريپلس“، ايڊيٽر
مئڪڪرنڊل، پئرا 57 (138).
پلائني، اڳ ڄاڻايل ڪتاب، ڇهون، 17، 63.
ايضاً، ڇهون، 20، 71.
ايضاً،ڇهون، 21، 80 (2،20،000 رومي وکون)،
ايضاً، ڇهون 19، 70.
الف. موسيو ويويان دسين ماختان ڪٿ ڪئي هئي ته
پلائنيءَ جمنا ۽ سنڌوءِ جي وچوارن ۽ سنڌو ماٿريءَ
جي جن 53 قبيلن جا نالا ڏنا آهن، تن مان 26 کي هن
”پڪيءَ طرح“ سڃاتو؛ ۽ ٻين 24 کي ”ڪجهه گهٽ پڪيءَ
طرح“” سڃاتو آهي. (”جاگرافيءَ جي تاريخ ۽ دريافتن
جي جاگرافي“، پئرس، 1873، ص ص213).
پر اسان هن کي (ڏسو ص 207) پلائنيءَ جي نالن جي
اهڙن بلوچ قبيلن-سهرياڻي،عمراڻي ۽ نوبتي -جي نالن
سان ساڳوڻائي ڏيکاريندي ڏسون ٿا، جيڪي چوڏهين
صديءَ عيسويءَ کان اڳ سنڌوءَ ماٿريءَ آيا ئي ڪين
هئا. ٻئي طرف لاسين چوي ٿو، ”سندن نالا معلوم نه
آهن سو کين بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي“، (”هندستان جو
پراڻو تمدن“، ٻيو 690؛ ڇاپو 1852) وري چوي ٿو ته:
“Nomina harum gentium fere solo Plinio memorari et Indis aeque ingnota
esse ae Graecis” (Pentapotamia Indica p
32).
ويويان دسين ماختان جو خيال هو ته هو ”جلد نراس ٿي
ويو هو.“ پر لا سين جو چوڻ صحيح هو.
پلائني، ڇهون، 23، 95.
الف. ”پيريپلس“، ايڍيٽر مئڪڪرنڊل، پئرا 41.
ايضاً، پئرا 37.
ايضاً، ص 106، فوٽ نوٽ، آگور کاريءَ ۽ اتي جيڪو
پراڻو ماڳ هو، تنهن لاءِ ڏسو ليسٻلا گزيٽيئر، ص
ص191، 198.
اسٽائين، ”جاگرافيڪل جرنل“، 102 نومبر (1943)، ص
215. چانور ٻيلي جي اتر ۾ ويلپٽ نبابت ۾ پوکيو وڃي
ٿو. ”لسٻيلا گزيٽيئر“، ص 207)
ڀيٽيو: هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص
ص32-30.
مثال طور ڏسو سڪندر جي
Bnuatioreis
(وکن سان ڪڇيندڙ) جا ليکا، جي پلائنيءَ ڄاڻايا
(ڇهون، 17، 61) آهن.
بنبري، ”آڳاٽي جاگرافي“، جلد ٻيو، ص ص550-548،
243-642.
”آڳاٽو هندستان“، ٽالميءَ جي نظر ۾، ايڊيٽر: آءِ. ڊيليو.
مئڪڪرنڊل (1885)، ي 84.
مون ”پاروپني سداءِ
(Paropanisadai)
ڏانهن ويندڙ شاخ“ ڇڏي ڏني آهي، ڇاڪاڻ جو اها ظاهر
ظهور ڏاني (ڪايل ندي) آهي.
اتي ڪم آيل لفظ جي معنيٰ آهي ”پاسي مٽائڻ جو منڍ“.
ڀيٽيو: ڪننگهام ”آڳاٽي جاگرافي“، ص 261، پر
”مهراڻ“ جو ص 307 (فوٽ نوٽ 307) پڻ ڏسو ريورٽيءَ
جو چوڻ آهي ته گاج يا گهاڙ، يعني ”جيڪا مُولا لڪ
تان وهي اچي ٿي.“ سو سنڌ ڇنڊڻ (Hollow)
۾ وڃي پوي ٿي.
لاسين، ”هندستان جو پراڻو تمدن“، جلد ٽيون، ص 129.
”مهراڻ“، ص 300. نوٽ 293، ص 307، نوٽ 307 ۽ ص ص 310-309، ڳڙهي
خيري کان اتر-اولهه طرف نصيرآباد تعلقي جي سر گوند
ڍنڍ
(Sargonda)
(جيتري ياگيري مون کي آهي ته نالو اهو اٿس) سنڌ
ڇنڊڻ (Hollow)
جو حصو آهي.
ٽالمي، سرو، 20 (مئڪڪرنڊل، ص 316) ڀيٽيو: ايميانس
مارسياينس، فصل ٽيويهون، ايضاً ۾ 329 تي مذڪور.
ٻيءَ صورت ۾ ائين به ٿي سگهي ٿو ته ٽالميءَ منڇر
ڍنڍ بابت ٻڌو هجي ته ان کي سنڌوءَ توڙي ٽڪرين تان
ايندڙ ڇرن جو پاڻي ملي ٿو ۽ هن ان جي بيهڪ اتر ۾
گهڻي پري ڏيکاري هجي.
ٽالمي، فصل ستون، سرو 17، 19، 20. مئڪڪرنڊل واري
شرح، ص ص309، 314، 18-317.
ٽالمي، فصل ستون، سرو 1، 28.
مئڪڪرنڊل ڄاڻائي ٿو ته سنڌوءَ ۾ گندو
(Gandav)
نالي هڪ ڏاني هالا (کير ٿر) جبل کان اچي ”ڇوڙ ڪري
ٿي.“ پر حقيقت ۾ ڪي به ”ڏانيون“ ڪشمور ۽ سيوهڻ جي
وچ ۾ خود سنڌوءَ منجهه ڪونه ٿيون ڇڙن. ٽاڪرو ڇرون
سڀ سنڌوءَ جي ڇاڙن ۾ پونديون آهن يا الهندي ماٿري
ليڪ منجهان لنگهي منڇر ڍنڍ ۾ وڃي ڇڙنديون آهن.
ٽالمي، فصل ستون، 2، 1،3. (مئڪ ڪرنڊل، ص 295)
ٽالميءَ جو ڊگهائي ڦاڪ وارين ڊگرين موجب، اربيس
نديءَ جو ڇوڙ 105 ڊگريون، زالاڻو بندر 107 ڊگريون،
سنڌو جو ساگپ وارو ڇوڙ 110 ڊگريون 20 منٽ هو: ڪتاب
ستون، سرو 21-2، سرو 1، 2. مئڪڪرنڊل، ص ص 33، 319.
ايريئن، ”انڊيڪي“، باب ايڪيهون.
ايرئين، ”انڊيڪي“، باب ايڪهيون.
هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 33 ۽ ضميمو
الف (124).
لاسين، ”هندستان جو پراڻو تمدن“، جلد ٽيون، ص
ص121، 129.
”اونڊيان“ ٽڪر نان جي هڪجهڙائيءَ جي ڪا خاص معنيٰ ڪانهي.
ريورٽي، ”سنڌ جومهراڻ“، ص ص454-450، ۽ پليٽ ڇهين.
بي. سي. لا، ”آڳاٽي هندستان جا قبيلا “، (پونا،
1943)، ص 78. ڏسو هن ڪتاب جي باب 11 جو حوالو نمبر
15.
”وشنو پراڻ“، انگريزي ترجمو: ايڇ. ايڇ. ولسن، جلد ٻيو، ص 133،
”بربهت سمهتا“، انگريزي ترجمو: ايڇ ڪرن، باب
چوڏهون، ر. ا. ر. نئون سلسلو، جلد پنجون.
ٽالمي، ستون 1، 61-55. (مئڪڪرنڊل، اڳ ڄاڻايل لکڻي،
ص ص152-136.
هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 30.
ڪننگهام سمجهي ٿو ته متان ٽالميءَ وارو بينگر اروڙ
هجي؛ پر هو پيربپلس مين نگر کي بينگر کان ڌار
ڄاڻندي ان جي بيهڪ ٺٽي وٽ يا ان جي ڀر پاسي ۾ رکي
ٿو.
مئڪڪرنڊل، اڳ ڄاڻايل لکڻي، ص ص 2-151.
مئڪ مرڊو، ”سنڌونديءَ تي مقالو“، ر. ا. س. ر، جلد
پهريون، ص ص 2-31 ۽ فوٽ نوٽ، ”مهراڻ“، ص 202، نوٽ
105.
مجمدار ص 48.
ڪزينس، ص ص 97-82.
ايضاً، ص ص 2-101.
ڀيرومل مهرچند آڏراڻيءَ موجب، پرٿو لوڪ، جي
پرٿيا جا هئا. ڏسو ”قديم سنڌ“، (1957) ص 151.
------مترجم.
|