سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ هڪ عام جائزو

باب:

صفحو: 4

  

(4)

سنڌ جو ٽاڪرو علائقو

 

سنڌ جو الهندو ٽاڪرو علائقو (1)، انهن ننڍين ڇڙو  ڇڙ ٽڪرين سميت، جي سنڌ جي ميداني تر ۾ آهي، ذري گهٽ سڄي جو سڄو ڪئنوا زائڪ جڳ جي ٽرشري زماني جي ٽڪر جو ٺهيل آهي. انهن جي وڏي اڪثريت تهي (Sedimentary)، يعني سامونڊي، مُول جي آهي، اهي ٽڪر چن پٿر جا آهن، جو فورامنيفيرا (Foraminifera) جي سٿيل کوپن (Shells) مان جڙيل آهي. انهن جيتامڙن جيون جي زرخيزي بي حساب هئي ۽ آڳاٽا سمنڊ انهن سان ڀريل هئا. اُپٻيٽي هندستان ڏورانهين زماني کان خشڪي آهي، پر سنڌ ۽ ان جي ترت اولهه وارو ملڪ ٽرشري زماني جي ايوسين ايام جي پڇاڙيءَ تائين گهڻي ڀاڱي سمنڊ هيٺان رهيو آهي، جيتوڻيڪ وچ ۾ ڪي بري حالتن جا دور به آيا آهن. ڌرتي علم جي ڄاڻن، خاص جنسن (Species) جي هوند يا اڻهوند کي تهبنديءَ جي حوالي سان جانچي، هڪ خاڪوتيار ڪيو آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو ته دنيا جو هيءُ ڀاڱو ميسوزائڪ جڳ جي ڪريٽيشس زماني جي پڇاڙيءَ کان وٺي ان زماني تائين جنهن کي تازو سڏيو وڃي ٿو، ڪهڙين گردشن مان لنگهيو آهي.

سمنڊ جي تٿري ۾ کوپن جا هزارين فٽن تائين سٿيل تهه ڌرتيءَ جي چرپر جي ڪري جبلن ۽ مٿانهن پٽن ۾ مٽجي ويا. اها چر پر خاص قسم جي هئي،

جنهن ڪري جبلن جا تهه اوڀر ۽ اولهه طرف لڙيل ۽ اُڀريل هئا. ان ڪري ئي سنڌ جي ٽڪرن جا ڇپر (Ranges) اُتر ۽ ڏکڻ مُنهان آهن. اهي گهنجيل تهن جا اُپيٽَ (Anticlinals) يعني مَٽ-مُنهان لهرا (Folds) آهن، جن جي وچوارن لاڪن (Synclinals) جي شڪل مٿن آيل وڌيڪ تازن ٽاڪرو سٿن جي ڪري سُڌريل آهي. اهي پويان ساموندي، ۽ ڪجهه نسبتاً ننڍا درياهي سَٿَ، اپيٽن جي مٿاڙ جي کاڌ جي ڪري، غائب ٿي ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي سخت ۽ ڳتيل چن-پٿر نروار ٿي پيو آهي،  جيڪو نمولائيٽ (Nummulites) جي پنڊ پهڻ ٿي ويل باقيات جو جڙيل آهي.

سنڌ جي ٽڪرن جا سڀ مکيه ڇپر چن-پٿر جا آهن انهن تي جيڪو منجهانئن اُتانهين ۾ اُتانهون ۽ ڊگهو جبل آهي، تنهن جو نالو کير ٿر رکيو ويو آهي. کيرٿر ڇپر جي ڊيگهه اٽڪل ڏيڍ سو ميل آهي ۽ سڄي جو سڄو  ٻنهي طرفين وهي ويندڙ پاڻيءَ جو سنڌو (Watershed) آهي، سواءِ هڪڙي هنڌ جي، جيڪو ان جي مرڪز کان گهڻو پري ڪونهي، جتان نئن گاج اولهه واري طرف کان هڪ بي گذر چورلڪ منجهان ڌوڪيندي نڪري ٿي. هي جو اهي جبل ميدانن مان هڪ لاڳيتي شهر پناهه جهڙا لڳندا آهن، سو حقيقت جي برخلاف به ناهي. ان سموري ڇپر ۾ اهڙا ڏهاڪو هنڌ مس هوندا، جتان لاڏو اُٺ لنگهي سگهن، ۽ انهن منجهان اڌ ته هڪٻئي جي بلڪل ويجهو آهن. کيرٿر، جنهن جي سمنڊ جي مٿاڇري کان سراسري اُوچائي 5 هزار فٽ آهي، سو ڏکڻ ۾ ويندي منڇر ڍنڍ تائين سنڌ لاءِ قدرتي سرحد جو ڪم ڏئي ٿو.

ان ڇپر جي نمايان خاصيتن مان هڪڙي ان جي پهڻ جو گهڻو ڪري ڦڪو رنگ آهي،پر ڪٿي ڪٿي هلڪو ڦڪو ۽ اڇيرڙو به اٿس. ڇپ جي ڪرڻ ڪري هيٺان جيڪو تهه ظاهر ٿئي ٿو، سو چاڪ جهڙو اڇو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. نئنگ ماٿريءَ جي مٿان گوزبانيءَ وٽ اهڙا تهه وڏي پيماني تي آهن. کير ٿر جي اُترئين ڀاڱي کي ماڻهو سڏيندا ئي اڇو جبل آهن (2). جتي انهن جبلن جي پاسن مٿان پوءِ جي بناوت واريون ڇپون اچي ويون آهن، اتي انهن کي سندن وڌيڪ ڳوڙهو رنگ نمايان ڪري ٿو. کير ٿر جي چن-پٿر جا مٿيان تهه اهڙا ته نهرا ۽ لسا آهن، جو حيرت ٿئي ٿي. اها نهرائي ۽ لساڻ ڇپر جي اُترئين ڇيڙي وٽ ”ميان گڻ“ جي اڏول چوٽي کان ٿورو ڏکڻ ۾ نهايت سهڻي نموني ۾ ڏيکارجي ٿي. اتان هڪ ننڍڙو ڇپر مکيه محور جي اوڀر ۾ ان سان ذري گهٽ پور-وڇوٽيءَ تي هلندو، پهرين هوريان ورندڙ اُپيٽ، پوءِ تانگهيءَ ترائيءَ، وري اُڀي پيٽ جو روپ وٺي ٿو، جيڪو سڌو وڃي بلوچستان واري پاسي گهڻي وڌيڪ اونهيءَ ترائيءَ ۾ پوي ٿو. اهي لهرا بلڪل باقاعدي ۽ اڻ ڀڳل آهن، سواءِ تانگهيءَ ترائيءَ وٽان هيٺ ويندڙ قدري کرڙيل ڏار جي جتان نئن کينجي نڪري ٿي. انهيءَ ڇپر جي اُڀي چوٽي، جا ٿورو ڏکڻ ۾ شروع ٿئي ٿي ۽ اڳيان به ٽڪڻيون، مچل ۽ رنگو، ٽپندي، ڪن وٿين سان ڏهاڪو ميل هلي وڃي ٿي، سا، ٻئي طرف، اُپيٽ جو ڀڳل ونگ ظاهر ڪري ٿي، اُتي جتي اولهه ڏي لڙيل تهه (Strata) ڪٿي ڪٿي اوڀر کان ايندڙ تهن جي مٿاڇري کان ڪافي مٿيرو نروار آهن. اڃا وڌيڪ ڏکڻ ۾، اهي تهه ڇپر جي چوٽيءَ تي ذري گهٽ افقي طرح ليٽي، ”لاکاڻيءَ“ ۽ ”ڏرياري“ وٽ ننڍا پوٽا ٺاهين ٿا. پوئين پوٺي جي اوچائي ڇهه هزار فٽ کن ٿيندي ۽ چوڌاري ننڍين ننڍين ڇپن جون قطارون اٿس. ان پوٺي ٿي ڇوٿائي ميل جيتري سنئين پوکي جوڳي زمين به آهي. ڇپر جي چوٽيءَ سان لڳو لڳ ٻين به ڪيترن هلڪن تانگهن هنڌن تي اهڙا پوکيل زمين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا آهن.

ڏرياري واري پوٺي کان ترت ڏکڻ ۾ ڪتي -جي-قبر جي نالي سان هڪ اڏول چوٽي 6877 فٽ اتانهين وڃي ٿي. اها اوچائي ٽڪرن جي ان ڀاڱي جي عام مٿاڇري کان ذري گهٽ هزار فٽ مٿي آهي. اها چوٽي ڪافي پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. خود مکيه ڇپر هري هري چڙهندو، ڪي ڏهاڪو ميل ڏکڻ طرف ڪوري-جي-مٽ نالي تکيءَ چوٽي تي پهچي ٿو، جا مٿينءَ اوچائيءَ کان ڇڙا ٽي سو فٽ گهٽ اُتانهين آهي. تنهن کان پوءِ اهو امالڪ ٻه هزار فٽ لهي، وڃي ”هر باب“ جي هني (Saddle)  ۾ پوي ٿو. سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ جبلن جي آرپار آترئين ۾ اُتريون اُٺن جوگس هتي آهي. اهو گس عام طرح هڪڙي ميدانن کي ويجهي چورلڪ جي نالي پٺيان، ”شاهه گودڙيو“ سڏجي ٿو (3). هر باب جي ڏکڻ واري پاسي بندي- جي قبر وٽ ٽڪر 7112 فٽن جي بلنديءَ کي پهچن ٿا. اهو سنڌ جو اتانهين ۾ اُتانهون هنڌ آهي. هتان کان ٻيءَ چوٽيءَ، ڪچرڪ، تائين کيرٿر ٻٽي ڇپر ۾ آهي. اهو اوڀر وارو ڇپر مکيه الهندي ڇپر کان ذري گهٽ هزار فٽ هيٺانهون آهي. انهن ٻنهي جي وچ واري ترائي گهڻي ڀاڱي پوءِ جي ٽرشري گروهه واري ”ناري“ نالي پهڻ سان ڍڪيل آهي، جيڪو اُپيٽن کان اُڊڙجي آيل آهي. ڪجهه ميل اڃا ڏکڻ طرف نئن گاج ڇپون چيريندي، اوڀر ڏي نڪري ٿي. اتان کير ٿر جي چن-پٿر منجهه سوڙهو چپر آهي، جنهن جا پاسا اُڀا آهن ۽ جيڪو وڏين وڏين ڇپن سان اهڙو ته رنڊيل آهي، جو بي گذر ٿي پيو آهي. ان چپر جي ٻنهي پاسي ڇپر مٿان لَڪ  آهن.

کير ٿر جي جنهن اُترئين ڀاڱي کي هيئنر بيان ڪيو اٿئون، تنهن جي اوڀر ۾ سراسري طرح چئن چئن ميلن جي مفاصلي تي چنهبارين ٽڪرين جي زنجير آهي، جا پوءِ جي ٽرشري بناوت واري آهي. ان بابت اڳيئي چئي آيا آهيون ته اها ڪٿي ڪٿي نمولائيٽ چن-پٿر مٿان آيل آهي ۽ ناري  سلسلي جي نالي سان مشهور آهي. اها ڪجهه پيلي ۽ ڪَڪي رنگ جي چن – پٿر جي ۽ ڪجهه گپ – پٿر ۽ واري جي سنهن سنهن پٿرن جي ٺهيل آهي. ٽڪر گهڻو ڪري پوئين مادي مان جڙيل آهي. انهن ٽڪرين جي تمام گهڻي کهرائپ گهڻي ڀاڱي انهن جي مرڪب بناوت جي ڪري آهي. انهن ٽڪرين جي پهڻ جي ڀڃ ڀور بيقاعدي ٿئي ٿي ۽ سندن تهن ۾ ڪافي کسڪون ۽ ٽوٽون ۽ ٿوريون خاميون (Slips, Fractures and Faulting) به ٿين ٿيون. انهن کي پاڻيءَ جون اهي جهرون به کرڙينديون کائينديون رهن ٿيون، جيڪي وڃي نين ۾ پونديون آهن. اهي نيون کيرٿر جي اڀرندين لاهين تان لڙهي آيل رائو کڻي، ان ٻاهرئين زنجير کي جاءِ بجاءِ ڪپين ٿيون. انهن ۾ اتانهين ۾ اُتانهين ٽڪري ٽن هزارن فٽن تائين پهچي ٿي. انهن جي اوڀر ۾ ساڻن ذري گهٽ ميلاپ ڪندڙ ”گاج“ گروهه جا ٽڪر آهن، جي سنڌ جي ڇپرن ۾ عمر جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي اچن ٿا. گاج ٽڪر کينجي نئن جي ٿورو اتر ۾ اولهه ڏي نميل آهن ۽ سندن نمڻ جي ڪنڊ چڱي اتانهين آهي. سندن تهه (Beds) سخت ڳوڙهي ڪڪي چن-پٿر  جي پٽين جي ڪري نمايان آهن. تاهم سندن بناوت جو وڏو ڀاڱو گپ. پهڻ ۽ مٽيءَ جو ٺهيل آهي. ڏکڻ ۾ اڃا اڳتي اهو سلسلو اڪيلي ڇپر جي صورت وٺي ٿو، ۽ ان جون ”آمرو“ ۽ ”هاشم“ جهڙيون چوٽيون 2700 فٽن کان وڌيڪ اوچائي کي پهچن ٿيون.

کير ٿر ڇپر جو ٻاهرئين جو ٻاهريون ڪنو سنڌ جي انهن ٽڪرن مان آهي، جيڪي تازي ۾ تازا آهن. ان کي ”منڇر سلسلي“ جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو مرڪب پهڻ، جنهن ۾ چن-پٿر جون وڏيون وڏيون ڪڪريون به آهن، واري -پهڻ ۽ مٽيءَ مان جڙيو آهي. ڪافي وڏي ايراضي خسيس ڪڪرالو پوٺو ٿي پيئي آهي، جنهن ۾ پهاڙي ڌارائن يعني جهرين جي پيٽن جا جهيرئي جهير آهن. سڀني ۾ مٿيان سَٿ سنڌوءَ جي ميدانن لٽ جي هيٺ کان اُڀا اُسري، قطار ٺاهين ٿا، جنهن کي اُن جي اُوچائي نه پر تکائي نمايان ڪري ٿي. تاهم، مزاواڻي ڍاڍر نئن جي وچ ۾ هڪ نمايان چوٽي، ڪڪريو، به آهي، جا ذري گهٽ 1800 فٽ اتانهين آهي. اها قطار ”منڇر“ سلسلي جي ٻن پور-وڇوٽ ٽڪرن جي وچ واري ترائي رائي سان ڍڪيل آهي.

انهن ٽڪرين کي ”بان“ سڏيو وڃي ٿو ۽ انهن منجهان ٿوري ٿوري پنڌ تي نيون وهن ٿيون، جي پاڻ سان وڌيڪ اتانهن ٽڪرن جو سڄو رائو کڻي ٿيون اچن. برساتن کان پوءِ پاڻيءَ جو زبردست وستار وٿين منجهان لنگهي ٿو ۽ بعضي بعضي ميدانن ۾ پري تائين راڱا ڪريو ڇڏي. پر عام طرح گاج کان سواءِ ٻي ڪا به نئن ٽڪرين جي آخري ڇپر کان ٻاهر وهندي نٿي ملي. انهن ننڍين جهرين جي دائمي وهڪرن جي سنوت ۾ ٻارنهن ميلن تائين قدرتي سونهن جا گونا گون ڏيک ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هتي جهرڻا آهن، اونهان تلاءُ آهن، نالا آهن، ننڍڙيون ڍنڍون آهن، جن جي مٿان اُڀيون ڇپون جهڪيل آهن ۽ جتي ماٿري ٿورو ويڪر ۾ اچي ٿي، اُتي وڪڙن جي وچ وارا نارا (Reaches) آهن، جن منجهان پتڪڙا پتڪڙا آبشار ڪپ جي لڳو لڳ جهڪي جهڪي لاهه سان وهن ٿا، ائين ڄڻ هوريان نارن تان اٿلي ويندا هجن، تان جو اهي وڪڙن تان ڦري، وڃي ٿورڙن لتاشن ٽڪرن تي ايڪڙ ٻن جي پوک کي ريجين ٿا. جيڪي نيون گاج جي اُتر ۾ اُتانهين کيرٿر منجهان نڪرن ٿيون، سي تعداد ۾ نو يا ڏهه آهن ۽ ان ٽاڪرو علائقي جي وچ ۾ جيڪي اچ وڃ جا گس ۽ پيچرا آهن، سي گهڻي ڀاڱي انهن نئن ۽ سندن ڏاني ڇرن جي ماٿرين مان لنگهن ٿا.

گاج جي ڏار جي ڏکڻ ۾ ڪي ساٺيڪو ميل کيرٿر ۽ ان جي ثانوي ڇپرن جي نوعيت اهائي رهي ٿي، جا اترئين ڀاڱي جو بيان ڪندي ڄاڻائي ويئي آهي، توڻي جو ان جي سراسري اوچائي جيئن پوءِ گهٽجي وڃي ٿي. ڏار جي هڪدم ڏکڻ ۾ پيچ 4000 فٽن کان مٿي آهي، پر اٽڪل ٽي ميل اڃا ڏکڻ ۾ اها 5000 فٽ لهي، اچي هڪڙي ”شڪلوئي کنڊ“  (Shakloi khand) نالي هئني ۾ ڪري ٿي. اتان اٺن جي لنگهڻ جهڙو هڪڙو لڪ به آهي. ٽڪر پوءِ گوراگ (Gorag) وٽ، جا گاج جي ڏکڻ ۾ اتانهين ۾ اتانهين چوٽي آهي، 5600 فٽ چڙهي ٿو. اتان ڪيترن ميلن تائين کيرٿر جي مٿاڙ ويڪري آهي، جنهن مٿان ڇپن جا سٿ تراکڙا ليٽيل آهن، جن جا پاسا ڪجهه پنڌ تائين اُڀا آهن. ”ڦوسيءَ“ وٽ ٽڪر جي چوٽي 3500 فٽن کان ٿوري وڌيڪ اتانهين آهي. اتان چوٽيءَ ڏي اوڀر ايندڙ رستو سڻائو ٿي وڃي ٿو، ڇو جو ناڙي نئن (Nari) جي مٿينءَ ماٿريءَ کان ان ڏانهن جا چاڙهي وڃي ٿي، سا ڪافي ويڪري آهي. اٽڪل پندرهن ميلن جي اندر اڪرڻ جا پنج هنڌ آهن، جن مان سڀني ۾ مشهور ”روهيل“ (Rohel) آهي. هتان ويجهو کيرٿر جي اوچائي ٿوري گهٽ ٿي وڃي ٿي ۽ وري سليمانيءَ (Suleimani)  وٽ وڌي ٿي. ان جي پاسي ۾ گرو (Garu) نالي هڪ ٻي نمايان چوٽي کيرٿر منجهان نڪرندڙ هڪ ويڪري ٽڪر مٿان آهي. اهو ٽڪر اُتر -اوڀر طرف لهوارو هليو وڃي ٿو. ان جاءِ جي لڳ ڀڳ کير ٿر جو ڇپر ڏکڻ- ڏکڻ-اوڀر طرف ويندي، نيٺ پورو ٿي وڃي ٿو. سليمانيءَ کان ڪجهه قدر ڏکڻ ۾ هڪ ٻيو گهڻو لتاڙيل لڪ گاڙ (Garre) لڪ نالي آهي. ان ڏي سنڌ کان انگائي نئن جي مٿان ٿيندو اچجي ٿو. هاڻ اسان منڇر ڍنڍ جي ويڪرائي ڦاڪ وٽ اچي پهتا آهيون. ان جي ڏکڻ ۾ سنڌ جي ٽڪرين جو سرشتو وڌيڪ منجهيل ٿي وڃي ٿو. ان سرشتي کي ان  مٿان پوندڙ برسات جي پاڻيءَ جي ترتيبوار اُتر ۽ ڏکڻ ڏانهن وهڪرن جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ سهنجائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هت آخر ڪار اسان کي اهڙي پيچ ملي ٿي، جنهن جورخ اوڀر ۽ اولهه آهي.

سو سليمانيءَ کان سڌو اوڀر طرف ڪڪين ٽڪرين ۽ ماٿرين جي جنهن منجهيل تاڃي پيٽي منجهان ”انگائي“ وهي ٿو، تنهن جي هُن پار ڏسبو ته ڪي بارنهن ميل پرتي کيرٿر جي ڦڪي چن-پٿر جي اڏول ڇپر جي پڇڙي ڌيان ڇڪائيندي هيءُ ”ڀٽ“ ڇپر آهي، هڪ ويڪرو اپيٽو هنو،  ذري گهٽ چوٽيءَ سان تراکڙو، جنهن جي اتانهين ۾ اتانهين چوٽي 2700 فٽن کان مٿي ٿوري مٿي ٿيندي. اهو ڇپر ويهارو ميل سڌو ڏکڻ ۾ وڃي کيرٿر سان ملي ٿو. پوءِ ”ڀٽ“ جي اوڀر واري ڇيڙي ڏي جي، اُتان هيٺ نئنگ نئن جي ماٿريءَ کي ڏسبو، ته ان جو مٿيون ڀاڱو بيحد پٿرائون ۽ هيٺيون لتاشي نظر ايندو. نئنگ نئن ٽيهارو ميل اتر پاسي وهڻ کان پوءِ ”منڇر“ سلسلي جي ننڍين ٽڪرين وٽان ڏکڻ ڏي ڦري، وڃي اُن ڍنڍ ۾ پوي ٿي، جنهن جو نالو ان سلسلي تي پيو آهي.

نئنگ ماٿريءَ جي مٿئين ڀاڱي جي اڀرندي پاسي کان ”بڊڙو“ (Badro)  ٽڪر آهي، جيڪو ٽيهارو ميل اتر ۽ ڏکڻ ڏي هليو، وڃي ٿو ۽ ذري گهٽ 2400 فٽ اتانهون آهي. اهو ٽڪر نمولائيٽ چن-پٿر جو اُپيٽ آهي، جيڪو پنهنجي ويسر مڇيءَ جي ڪنڊي جهڙي شڪل ۽ آڏن ڪڙين جي ڪري مري-بگٽي علائقي جي ”سرتف“ (Sartaf)  سان گهڻي مشابهت رکي ٿو. بڊڙو ڇپر کير ٿر سان ان جي پڄاڻيءَ کان ڏهاڪو ميل اورتي هڪ سوڙهيءَ ڳچيءَ رستي مليل آهي، جتان ”دارنگ“ (Darange) لڪ لنگهي ٿو.

بڊڙي ٽڪر جي وچ کان هڪوار وري اوڀر طرف وڃبو، ته وڃي ”ٻانڌاڻي“ (Badhini) نالي هڪ ٻيءَ وڏيءَ نئن جي ماٿر ۾ نڪربو، جا اتر طرف منڇر ڍنڍ ڏانهن وهي ٿي. ان ماٿر جي چڱي چوکي ايراضي لٽاشي آهي، پر ڪيتريونئي ڇپون ۽ ڏونگريون به اٿس. ان جي پرانهين پاسي کان ”کيرٿر“ چن-پٿر جي هڪ ٻئي اُتر ۽ ڏکڻ ويندڙ اُپيٽ جي دنگ کان ٻاهر نڪتل ٽڪريون ”لڪي“ جبل جي نالي سان آهن. اُتر ڏي وهندڙ ٻانڌڻي نئن ۽ ڏکڻ ڏي ويندڙ نين جي وچ واري پيچ ”مليريءَ“ وٽ آهي. اتان ٽڪرين جي هڪ ننڍڙي قطار به آهي، جا پنهنجين پاڙيسري ٽڪرين سان پور-وڇوٽيءَ تي هلي ٿي.

وري خود کير ٿر ڇپر ڏي لاهه رکندڙ ملڪ چڪاسبو ته ”ميهي“ ٽڪريءَ جي نالي سان هڪڙو ڪيقدر تکو اُپيٽ نظر ايندو. ان اپيٽ جو منهن ڏکڻ کان ٿورو اولهه ڏي آهي ۽ اتان ڪي ڇهه ميل ڏکڻ ۾ هليو وڃي ٿو، جتان ”ڀٽ “ سلسلو اچي کير ٿر سان ملي ٿو. ميهي ٽڪريءَ جي ليڪ هڪڙي وڌيڪ هيٺانهين ۽ وڌيڪ ويڪري ڇپر، گز ۽ ڊمبر، جي ڪري هڪ ماٿريءَ جي ڏکڻ تائين وڌيل آهي. گز ۽ ڊمبر  ڇپر به ساڳيءَ بناوت وارو آهي، جنهن بناوت واري ميهي آهي. ميهي ۽ کير ٿر جي وچ ۾ نئن باران شروع ٿئي ٿي. ان جي ڊيگهه 90 ميل کن ٿيندي. ان جو رخ عام طرح ڏکڻ-ڏکڻ-اوڀر آهي، پر کير ٿر جي پڄاڻيءَ وٽ اوڀر ڏي لڙي وڃي ٿو. ان هنڌ کيرٿر هڪ زبردست اُپيٽ آهي، جنهن جا پاسا بنهه اُڀا آهن ۽ جنهن جي اوچائي ذري گهٽ 3300 فٽ ٿيندي. ان ڏاکڻي پڇڙيءَ جي اوڀر ۾ هڪ ويڪري پر بيڊولي ماٿر آهي، جتان ٽاڪرو جهرين جا پيٽ لنگهي، وڃي نئن باران ۾پون ٿا. انهن مان ٻن تي اوڀارو وڃبو، ته وڃي دارنگ لڪ ۽ مليري پيچ وٽ نڪريو، جن جو ذڪر اڳيئي ٿي چڪو اهي. ان مانٿر جو اڀرندو پاسو ”داڦڙي“ (Daphro) ڇپر تائين وڃي ٿو، جو کيرٿر جي چن پٿر جو هڪ دستوري اُتر ۽ ڏکڻ منهن سان لڳل اُپيٽ آهي. ڏونگرن جي هيءَ ننڍڙي قطار 2000 فٽ اُتانهين آهي ۽ لڪي ڇپر سان، جو ان جي ترت اوڀر ۾ آهي، ويجهو لاڳاپو رکي ٿي. ان کي هڪ لڪ رستي اُڪري پوکر ان (Pokhran) کان رني ڪوٽ وڃي سگهجي ٿو. رني ڪوٽ هڪ حيرت انگيز ڪوٽ آهي، جيڪو لڪي ٽڪرين تي هڪ اڀي لڪ مٿان اڏيل آهي. ان هنڌ ذري گهٽ لڪي ڇپر جي بلڪل اڌ تان نئن موهن نڪري ٿي؛ بلڪل ائين ئي، پر ڪجهه ننڍي پئماني تي، جيئن کير ٿر منجهان نئن گاج نڪري ٿي.

لڪي جبل جي رڳو اتر واري ڀاڱي کي تر جا ماڻهو ان نالي سان سڏيندا آهن، ۽ ان جي ٻين ڀاڱن مان هر هڪ جو نالو پنهنجو آهي (4). ان ڇپر جي اوڀر ۾ ڦوڙيءَ يعني ڀڳل ڀونءَ جو هڪ وڏو ٽڪرو آهي، جنهن ۾ ڪا نمايان خاصيت ڪانهي ۽ جنهن جي پريان - وچ ۾ رڳو لٽ جو ڪهڙو سوڙهو پٽو اچي ٿو. سنڌو ندي آهي.

ڌرتي ڄاڻ جي لحاظ کان سنڌ ۾ لڪي ٽڪريون سڀني کان وڌيڪ دلچسپيءَ واريون آهن. هت ڌرتيءَ جي چرپر جي پاسائتي اُڇل نه رڳو اُپيٽ جي ڪُٻ کي ڀڃي وڌو آهي، پر اڀرندي پاسي کي عمودي ۽ ڪٿي ڪٿي ابتي ٽوٻ ڏيئي ڇڏي اٿس، ۽ ان جي مٿي کڄيل الهندي پاسي جي وچ ۾ ڇپن جو هڪ ڍڳ ڌڪي آندو اٿس، جيڪو کير ٿر سلسلي جي تري واري پهڻ سان واسطو رکي ٿو. انهن مان سڀني ۾ جهونو ڪريٽيشس زماني سان لاڳاپو رکي ٿو، ۽ سڀني ۾ عجيب دکن جبل (Deccan Trap) جي پهڻ جهڙو هڪ سنهو تهه آهي، جنهن جو مُول منڍ آتشي يعني ٻرندڙ جبل وارو آهي. ٻرندڙ ڳاڙي جي ان وهڪري ”بري“ حالتن وارو زمانو شروع ٿيندي ڏٺو، جڏهن ”رنيڪوٽ“ سلسلي جا هيٺيان تهه، جي درياهي مول جا آهن، سٿيا هئا. ڪوٽڙيءَ جي اُتر-اولهه ۾ ”لليان“ (Leilan) وٽ انهيءَ سلسلي جا وڏا وستار آهن. ڪڪي رنگ جي ڪرئلي جو تهه سوکن ورهيه اڳي پهرين ”لليان“ وٽ ۽ پوءِ پرڀرو ڏکڻ ۾ لڌو ويو هو.

لڪي ڇپر جي اوچي ۾ اوچي چوٽي ان جي اترينءَ پڇڙيءَ کان ڪا گهڻي پرتي نه آهي. اها چوٽي 2300 فٽ ٿيندي. اڳتي ڏکڻ ۾ ٻه ٻه هزار فٽ اوچيون چوٽيون ڪيتريون ئي آهن. نئن باران انهن ٽڪرين جي ڏاکڻي اڌ جي اولهه واري پاسي هڪ وسيع ماٿر منجهان ڏکڻ ڏي وهي ٿي، ۽ اڳتي وڃي ڏکڻ -اوڀر ڏي لڙي، انهن ٽڪرين منجهه ڦاڙ ڪندي، بلڪ انهن ۽ سرجاڻو (Sarjano) ٽڪريءَ جي وچ مان لنگهي ٿي. سرجاڻو ٽڪري ”دراوت“ (Darwat) لڪ وٽان ڏکڻ اولهه ڏي مڙي وڃي ٿي. نئن باران ڪي ٽيهه ميل ٻيا ڪڪرالن پوٺن تان وهندي، وڃي سنڌوءَ ۾ پوي ٿي. پر اها ٽڪرين کان ٻاهر رڳو تڏهن وهندي آهي، جڏهن چاڙهه ۾ هوندي آهي.

باران ماٿر جي آرپار لڪي ٽڪرين جي سامهون ڪانڀو ڇپر آهي، جنهن جي ڊيگهه 20 ميل ۽ اوچائي 2300 فٽ آهي. اهو پڻ کيرٿر چن-پٿر جو هڪ هڪڙو ٻيو ڳرو اُپيٽ آهي. ساڳيءَ بناوت وارين ٽڪرين جي هڪ هيٺيانهين هيکلي زنجير ڪانڀي جي انت وٽان ڏکڻ جي اولهه ۾ وڃي ”ڪاري“ ڇپر تي انتها کي پهچي ٿي، جو ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي وچ تي آهي.

انهيءَ تر جي الهندي پاسي حب ماٿريءَ سان لڳو لڳ، جي ٽڪريون آهن، سي پوئين ٽرشري سلسلي جي پهڻ جون آهن. انهن مان سڀني ۾ نمايان ”مول“ (Mol) ۽ ”ميهر “ (Mehar) وارا پوٺا آهن، جن جي موڪر ڪئين ميل آهي ۽ جي اُمالڪ اوڀر، اتر ۽ اولهه طرفن واري ملڪ کان هزار فٽ مٿي چڙهي وڃن ٿا. انهن پوٺن جو مٿين ٽن طرفن ڏي اُڀو لاهه آهي، باقي ڏکڻ ڏي جهڪو لاهه اٿن. اهي ٻئي پوٺا درحقيقت ”گاج“ جا تهه آهن، جي ”ناري“ تي تراکڙا بيٺل آهن ۽ ٽي پاسا کاڌ اٿن. هر هڪ کي وچ ۾ هلڪي ترائي آهي ۽ ڏکڻ-رخي نئن وهيس ٿي. ميهر واري نئن 1500 فٽن جي اُوچائيءَ تان لهي اچي، هڪدم اُتر ڏي لڙي وڃي ٿي ۽ ٻنهي پوٺن جي وچ مان وهندي وڃي حب ۾ پوي ٿي. مول نئن 2000 فٽن جي اُتانهين تان شروع ٿي، ڏکڻ طرف وهندي هلي ٿي، تان جو وڃي گڏيجي نئن سان ملي ٿي ۽ اهو گڏيل وهڪرو جو ملير نديءَ جي نانءَ سان مشهور آهي، ڪراچيءَ کان ٿورو اوڀر ۾ گذري کاريءَ کان ٿيندو، وڃي سمنڊ ۾ ڇڙي ٿو.

ڏکڻ- رخي لاهه سان هيءَ وسيع ٽاڪرو ملڪ اتر-رخي لاهه واري ملڪ کان گهڻو وڌيڪ کليل ۽ وائکو آهي. هتي جون ٽڪريون به دستور پٽاندر ڏکڻ ۽ اتر-منهيون آهن، البت ڏکڻ-اولهه ۾ اهي ڏکڻ-ڏکڻ-اولهه منهيون يا ڏکڻ -اولهه منهيون آهن.انهيءَ ڏس ۾ جيئن اڳتي وڃبو، تيئن سندن عام اوچائي گهٽ ٿيندي ويندي. انهن جي وچ ۾ ٽاڪرو اوڀڙ سان ڪڪريءَ جا موڪرا لهريدار ميدان آهن. هتي  لٽاشي زمين جا وڏا وڏا ٽڪرا به آهن. حب نديءَ کان پرتي، لسٻيلي ۾، اهي ٽڪر سنڌ واري پاسي کان گهڻا وڌيڪ اُتانهان، اڀا ۽ ڊگها آهن، پر سندن بناوت ساڳي آهي. اهي سنڌ وارن ٽڪرن سان پور-وڇوٽيءَ تي آهن. انهن مان سڀني ۾ مکيه ڇپر پٻ آهي.

سنڌ جي ڪوهستان جي ڏکڻ-اوڀر واري ڪني جو ڏيک ويک ڏکڻ- اولهه واري پاسي کان گهٽ سنئون ـ ڊولائتو آهي، ۽ ڇپون ۽ ٽڪريون پاڻ وڌيڪ بي ترتيبيءَ سان اڀريل اٿس. اهو علائقو ”رني ڪوٽ“ سلسلي جي پهڻ جو ٺهيل آهي، ۽ ان ۾ ڪافي مقدار ۾ اجري رنگ وارو گپ-پٿر ڪجهه ڪاري رنگ جو لوهه گاڏڙ واري- پٿر ۽ ڳاڙهو لوهه-پٿر به آهي. ان ملڪ جي ڪنار سان جيڪي هيٺانهون آهن، تن ۾ ڪيتريون ئي وڏيون دائمي ڍنڍون، جهڙوڪ سونهري، ڪينجهر ۽ هاليجي آهن، جن کي پاڻي گهڻي ڀاڱي ٽڪرين تان ايندڙ نئيون ڏين ٿيون. ڪن کي سنڌوءَ جو پاڻي به ملي ٿو.

ڪوهستان تي مجموعي نظر وجهبي،  ته اسان کي ٻه خاص ڳالهيون ڏسڻ ۾ اينديون. پهرين هر ڇپر جي پاڙ وٽ ڪڪرالي لاهين جي اوسر آهي، جي ڪڏهن ته ٻه ٻه چار ميل ويڪريون ۽ وچ وارين ماٿرين جي گهڻي ڀاڱي تي ڇانيل ٿين ٿيون. ڪڪريءَ جو سٿ نئين جي منڍ وٽ ٿلهي ۾ ٿلهو ٿئي ٿو، جي اڪثر ان جي مٿاڇري کان گهڻيون هيٺ وهن ٿيون. ڪڪريءَ جا اهڙا سٿ ويندي نئن گاج جي ويجهو هيکلين ٽڪرين ۽ روهن جي ٽڪڻين تي به نظر اچن ٿا. انهن سٿن جي ٺهڻ جو سبب گهڻو ڪري برسات جي گهٽتائي آهي. جيڪا برسات پوي ٿي، تنهن ۾ ايترو زور نٿو ٿئي، جو رائي کي وڌيڪ اڀين لاهين جي تري کان اڳڀرو لوڙهي وڃي سگهي.

ٻي ڌيان جوڳي خاص ڳالهه آهي گندرف جي گرم چشمن جي گهڻائي. سڀني ۾ مشهور جوڙي مان هڪڙو ڪراچيءَ جي ڀرسان منگهي پير تي آهي. ان چشمي جو گرمي پد 127 ڊگريون فارنهائيٽ آهي. ٻيا اهم چشما لڪي، تونگ، نئنگ، غازي شاهه ۽ سنڌ جي هاڻوڪي اترين سرحد کان پرتي، پير لاکي وٽ آهن. هڪڙو ٻيو ننڍو گرم چشمو گهارو کاريءَ جي منهن جي ڀرسان واگهي در کان ڪي ٿورڙا فٽ مٿي آهي. انهن مان گهڻا چشما وڏي انداز ۾ چونائي ٽوفا Tufa) ڪيلشم ڪاربونيٽ جو سهڻو مواد) ڪڍندا رهن ٿا.

هيکليون ٽڪريون، جي الهنديءَ سنڌ جي مکيه ٽڪرين سان سڌيءَ ريت لاڳاپيل آهن، تن جي چڪاس شروع ڪرڻ کان اڳ ان اڪيلي ٽڪريءَ جو بيان ضروري آهي، جا هاڻوڪي پرڳڻي جي ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ ۾ آهي ۽ جنهن جو مکيه ٽڪرين سان ڪوبه وسطو ناهي. اها آهي ننگرپارڪر جي ويجهو ڪارونجهر ٽڪري (5). هيءَ وارياسي پٽ منجهان اُمالڪ اڀري، 1200 فٽن جي اتانهينءَ کي پهچي ٿي ۽ ان تان ڪڇ جو رڻ ڏسي سگهجي ٿو. اها ”آرڪيئن“ سلسلي سان تعلق رکندڙ ڳاڙهي رنگ جي کهري ساق پهڻ مان جڙيل آهي. ان سلسلي ۾ ڌرتيءَ جي کل جا جهوني ۾ جهونا پهڻ اچي وڃن ٿا. راچپوتانا ۾ ان سلسلي جا پهڻ گهڻا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ طبعي لحاظ کان هي تر لاڳاپيل به راجپوتانا سان آهي.

سنڌ ۾ ”ايوسين“ سلسلي جون هيکليون ٽڪريون ڪيترين ئي ڳالهين کان دلچسپيءَ واريون آهن. انهن ٽڪرين جو ڊگهي ۾ ڊگهو ڇپر سکر کان ٽي ميل کن اُتر-اولهه ۾ شروع ٿي، روهڙي کان چاليهارو ميل ڏکڻ ۾ هليو وڃي ٿو. ان جي وڌ ۾ وڌ موڪر پندرهن ميل کن آهي. اهو نمولائيٽ چن-پٿر جو آهي ۽ بيهڪ ذري گهٽ افقي اٿس. الهندو پاسو لاهيارو اٿس ۽ ميدان کان رڳو 200 فٽ مٿي ٿيندو. سنڌو ندي انهن ٽڪرين مان اترئين ڇيڙي وٽان ڦاڙ ڪندي وهي ٿي ۽ بکر ۽ ٻه ٻيون ٽاڪرو ٻيٽاريون ٺاهي ٿي. اهو وسهڻ لاءِ سبب آهي ته سنڌوءَ انهن ٽڪرين منجهه اهوئي هڪڙو ڦاڙ ناهي ڪيو. جنهن ٽڪريءَ تي پراڻو سکر ٻڌل آهي ۽ جا ان جي هڪدم اُتر ۾ آهي. تن ٻنهي جي وچ ۾به هڪڙو ڦاڙ آهي. اهو ڦاڙ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ڄڻ ڪو درياهه جي لٽجي ويل پيٽ هجي. پراڻو سکر واهه انهيءَ ڦاڙ منجهان وهندو هو. وڌيڪ اچرج جهڙو ڦاڙ روهڙيءَ کان ڪي چار ميل ڏکڻ ۾ اروڙ وٽ آهي. عام روايت آهي ته عيسوي سن جي ڏهين صديءَ جي وچ ڌاري سنڌو ان ڦاڙ منجهان وهندي هئي. البت اها ڳالهه شڪ جوڳي آهي ته سنڌوءَ جي وهڪري جو سمورو پاڻي ان ڦاڙ منجهان لنگهي سگهيو هوندو. براج جي ٺهڻ کان اڳ ان ڦاڙ مان ناري جي هڪ ننڍڙي ڇاڙ وهندي هئي. بئراج جي ٺهڻ پڄاڻان، ان منجهان ناري کي پاڻي ڏيندڙ هڪ زبردست نئون واهه ابتو يعني اولهه کان اوڀر وهي ٿو.

سکر ۽ روهڙيءَ لڳ چن-پٿر جي مٿين تهن ۾ چقمق جا جي وڏا وڏا وٽ آهن، سي پڻ ڌيان جوڳا آهن. انهن جي رتُ وگهي ڀڃ ڀور پيئي ٿيندي آهي ۽ ڪنهن ڪنهن هنڌ اهي پٽ تي پکڙيل به ٿين ٿا. سو پٿر ٽڪڻ وارا به گهڻائي اچي نڪرندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي اتي چمقمق جي ڇوڏن (Cores) ۽ انهن کان ڇڳل پُردن (Flakes) *جا انبار ملن ٿا.

جنهن ٽڪريءَ تي حيدرآباد ٻڌل آهي ۽ ان جي ترت ڏکڻ ۾ جيڪو گنجو ٽڪر آهي، سي ٻئي ڪجهه ننڍي پيماني تي سکر روهڙيءَ وارين ٽڪرين سان گهڻي قدر مشابهت رکندڙ آهن (6). ٽڪڻيون تراکڙيون ۽ سڀئي پاسا اڀي لاهه وارا اٿن، خاص ڪري ڏکڻ وارو پاسو، جتي گنجو ٽڪر لتاشي پٽ کان امالڪ ٻه سو فٽ اتانهون هليو وڃي ٿو. انهن منجهه سڀني ۾ مٿيون سٿ اڇي چن-پٿر جو آهي، جنهن جي هيٺان ميٽ جو سٿ آهي. چن پٿر واري سٿ ۾ چٽا پڌار وڍ پئجي ويا آهن، جن جو عام طرف اوڀر -25 ڊگريون اتر آهي. اهي وڍ ظاهر آهي ته هوا جي آندل واريءَ کرڙي وڌا آهن.

مٿانهين پٽ جو ٻيو هيکلو چوڌاري لٽ سان وڪوڙيل ٽڪرو آهي ٺٽي جي ويجهو مڪليءَ جي ٽڪري. اها پکيڙ توڻي ڏيک ويک ۾ حيدرآباد وارين ٽڪرين جهڙي ئي آهي، پر ان جي بناوت ڪجهه ڦريل ۽ ان جي اتانهين ٿوري گهٽ آهي. مڪليءَ جي ڏاکڻي ڇيڙي وٽ هڪ ڏونگري، پير پٺو، آهي جنهن کي مڪليءَ کان بگهاڙ واهه ڌار ڪري ٿو.

پير پٺي کان يارنهن ميل ڏکڻ-ڏکڻ-اوڀر ۾ ننڍين ٽڪرين جو هڪ ميڙ هڪڙي ڏيڍ ميل ڊگهي ۽ اڌ ميل کن ويڪريءَ ايراضيءِ ۾ آهي. انهن مان اتانهين ۾ اتانهين ٽڪري ”ابن شاهه“ جي نالي سان آهي، جا پٽ 75 فٽ مٿي ٿيندي. اهو ميڙ سنڌ جي ڏاکڻي ۾ ڏاکڻو ٽاڪرو اوڀڙ آهي (7) ۽ کهري

واري-پٿر مان جڙيل آهي. هڪ صديءَ کان به سرس مدي کان سنڌو ندي پير پٺي ۽ ابن شاهه جي وچ مان وهي ٿي ۽ درياهه جو اصل ڊيلٽا پوئينءَ ٽڪريءَ کان ڪي ٿورا ميل پرتي شروع ٿئي ٿو. عجيب ڳالهه اها آهي ته انهن ٻنهي هنڌن جي وچ ۾ اڌ پنڌ تي درياهه جي اندر به ڇپون آهن. درياهه جي پيٽ ۾ ڇپن جو ٻيو مثال جهرڪن کان ڪي ٻه ميل مٿي ملي ٿو. هتي پڻ هڪڙي هيکلي ٽڪري ٻڌ جو ٽڪر نالي آهي، جنهن کي درياهه اولهه واري مکيه ٽاڪرو علائقي کان ڌار ڪري ٿي.

سنڌ جي ٽاڪرو علائقي جي کهڙائي ۽ ويراني ساوڪ جي اڻاٺ جي ڪري هيڪاري وڌي وڃي ٿي. پري کان نهاريو ته ٽڪر بنهه اُگهاڙا نظر ايندا، پر ويجهو وڃبو ته انهن تي گونا گون وڻڪار ۽ گاهه ئي گاهه ڏسڻ ۾ ايندو.گاهه ته ستت ئي سڪيو ان پهڻ جي رنگ سنئون ٿيو وڃي. جنهن مان اڀري ٿو، باقي ڪي ٻه چار تيلا ڪنهن وٿيءَ يا چير ۾ وڃيو بچن. اهي گاهه رڍن ۽ ٻڪرين لاءِ بهترين چارو ٿين ٿا ۽ سرهه ۽ روجهن ۽ ڦاڙهن لاءِ پڻ، جي انهن ٽڪرن ڏي پيا ايندا آهن. ڄامڙي کجي کيرٿر جي الهندن پاسن تي ٿئي ٿي ۽ ڪجهه مٿيرو، پر ورلي، جابلو زيتون به ٿئي ٿو. ٽاڪرو علائقي جي ڏکڻ-الهندي ڀاڱي ۾وري ٿوهر گهڻو ٿئي.

نئن جي سنوت ۾ ڪيترائي ميداني وڻ ٻوٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جهڙوڪ لئي، ڪنڊي ۽ ڪانهن گاهه. سخت لٽاشي زمين ۾ ٻير چڱي ٿئي ٿي ۽ جنهن زمين تي ڪڏهن ڪڏهن لهندڙ ٻوڏ سبب ڪلر رهجيو وڃي، اتي کٻڙ پڻ ٿئي ٿو. جيڪي ٽُڪراٽا نئن مان ڦٽل گهارن تي آباد ٿيندڙ آهن، تن مان ڪن ۾ ٻٻر به ٿئي ٿو. چوڌاري سڃ جي وچ ۾ اهڙن ٽڪراٽن جي ساوڪ دل بهار ڪيو ڇڏي. کينجيءَ تي لکن-جي-کنڊ ان جو هڪ سٺو مثال آهي. وڌيڪ وڏين پوکن کي جهرڻن جي پاڻيءَ جو ريج ڏنو وڃي ٿو. اهي جهرڻا ٽڪرين جي پاسن کان نڪرن ٿا، يا وري ڪوهستان جي ڪن وڏين ماٿرين، خاص ڪري تئونگ ۽ نئنگ جي پوٺن مان. باقي جيڪا ايڪڙ ٻيڪڙ پوک کيرٿر جبل جي اتانهن پوٺن تي ڪئي وڃي ٿي، سا، جيئن اڳيئي چيو اٿئون، برسات تي ٿئي ٿي. هيٺ ڏاکڻي ٽاڪرو علائقي جي پاڙن وٽ اهڙيون ٻنيون پاڻ گهڻيون آهن. انهن ٻنين کي لاهين تان ايندڙ ڇرن کي روڪڻ لاءِ ٻنا ڏنا وڃن ٿا.

ڪوهستان جي ست هزار چورس ميل علائقي اندر هڪڙي سراسري سال ۾ پوک هيٺ ڪن ايراضي ٿي سگهي ٿي ته به ٻن هزارن ايڪڙن کان وڌي. سو ان تر جي اقتصاد جو دارومدار پوک ته آهي ته ڪونه. رڍون ۽ ٻڪريون، ڏکڻ واري هيٺاين ۽ وڌيڪ وائکي تر ۾ ڳئون مينهون، ۽ کيرٿر جي اوڀر ۾ ڪاڇي اندر اُٺ پالڻ ۽ چارڻ ماڻهن جو مکيه ۽ دائمي ڌنڌو آهي. رهاڪن جو وڏو حصو خانه بدوش آهي، جي جتي پاڻي ڏسن، اتي ڪک اڏي ويهيو رهن ۽  ڀر پاسي ۾ چارو کپيو وڃي ته پنهنجا ڌڻ ڪاهيو اڳتي اسهن. ٻيا، خاص ڪري ڪوهستان جي اتر ۾، سياري جو نئن جي ويجهو محفوظ ماٿرين ۾ گهر ٺاهي رهن ۽ اونهاري ۾ ٽڪرن تي هليا وڃن. جتي سندن پٿر جا گول گهرڙا سندن ٻنين جي ويجهو اڏيل نظر ايندا. پر جي برسات بنهه نه پوندي ته ٽڪرن جا سب ماڻهو لڏي وڃي ڀروارن ميدانن جي انهن ڳوٺن ۾ ويهندا، جن سان مال جي ڏي وٽ جي ڪري ڪو لڳ لاڳاپو هوندو اٿن.

جن گسن تان اهڙي مڪاني ڏي وٺ ٿئي ٿي، تن کي ڇڏي ٻه ٻيا ”آرون پار“ وڻجارڪا رستا به آهن. اهي منڇر ڍنڍ جي پسگرداڻيءَ ۾ ڌار ٿي وڃن ٿا. هڪڙي اولهه طرف ناڙي ۽ انگائي نئن تان ٿيندو، کير ٿر اڪرندڙ لڪن جي مکيه ميڙ ڏانهن وڃي ٿو (8)، ۽ اتان پوءِ ”پٺاڻي واٽ“ ۽ جهالاوان منجهان لنگهندڙ ٻين رستن سان وڃي ڳنڍجي ٿو. ٻيو رستو وري ڏکڻ طرف لڪيءَ ۽ ان جي پاڙيسري ٽڪرين جي وچان ٿيندو، نئن بارن جي ماٿر ۾ وڃي نڪري ٿو  ۽ اتان ان جون شاخون هيٺين ٽاڪرو تر مان ٿينديون، ڪيترن ئي طرفن ڏي هليون وڃن ٿيون (9). انهن واٽن تان اٺن تي جيڪو مال اچي وڃي ٿو، سو لانگهاڻو مال ٿئي ٿو؛ خود ٽڪرين اندر مال جو ڪو کاپو ڪونه ٿئي. بي شڪ، انهن واٽن کي ڦورو قبيلا غارت ڪندا رهن ٿا، خود مڪاني قبيلن جون پاڻ ۾ لڙايون پڻ، جن جا نشان ۽ يادگار ڪيترن ئي هنڌن تي پسي سگهجن ٿا. سنڌ جي لکيل تاريخ جي ڪي به مکيه واقعا ڪوهستان ۾رونما نه ٿيا آهن، ۽ ان جي اقتصاد جو عام سٽاءُ، جيڪو اڀرندي ريگستان جيئن طبعي حالتن ۽ آبهوا جي هٿ وس آهي، جيڪڏهن آڳاٽا اهڃاڻ ابتڙ ساک نه ڀريندڙ هجن ها ته ائين چئجي ها ته ان ۾ تهذيب جي پرهه کان وٺي اڄ تائين ڪا خاص تبديلي ناهي آئي.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

 

هيءُ باب گهڻي ڀاڱي ڊيليو. ٽي. بلانفور جي مضمون، ”الهندي سنڌ جي ارضيات“، هه.ا.س.ي. جلد سترهين (1880)، تان کنيو ويو آهي.

”اڇو جبل“، سنڌ پرڳڻي جي گزيٽيئر ”ب“ جي جلد پهرئين ۾ ص 3 (ڪراچي ضلعو) تي اهو بلڪل صحيح چيو ويو آهي ته تر جا ماڻهو ٽڪرن جي ڇپرن کي نه پر چوٽين ۽ اسٿانن کي نالا ڏين ٿا. سو کيرٿر مان سندن مراد خاص ڪري ان ٽڪر جو ڏاکڻو ڇيڙو هوندي آهي. ٻئي پاسي، ابوالفضل وٽ ”سيوهڻ کان وٺي سويءَ تائين“ سموري ڇپر جو نالو ”ڪهتر“ هو. (”آئين-اڪبريءَ“، ريورٽيءَ جو ”بلوچستان جي ڪن ڀاڱن ۽ افعانستان تي نوٽ“، 1888-ص 558 ۾ ڏنل حوالو). انگريز، سنڌ سان لهه وچڙ جي اوئلي ورهين ۾، کيرٿر ۽ لڪي ٽڪرن کي بيپرواهيءَ سان ”هالار جبل“ سڏيندا هئا.

”جهالاوان گزيٽيئر“، ص 336.

هيءُ ڇڀر ڀڳي ٽوڙي کان دراوت تائين 70 ميل آهي ۽ بيهڪ ذري گهٽ اتر ڏکڻ اٿس.

سر اي. پاسڪو، ”هندستان ۽ برما جي ارضيات جو رسالو“ ٽيون ڇاپو، (1950)، جلد پهريون، ص 424.

اهي ڊيگهه ۾ وڌ ۾ وڌ اٽڪل 21 ميل ۽ ويڪر ۾ وڌ ۾ وڌ 6 ميل آهن.

ننگر پارڪر ويجهو ڪارونجهر ٽڪريءَ کي ڇڏي.

”جهالاوان گزيٽيئر“ ص 366، 323.

ب.س.د.ا، سترهون، نئون سلسلو، جلد ٻيون (1855) ۾ بيان ٿيل؛ ص 775 کان پوءِ واري ضميمي ۾ ڏسو واٽ ڏهين ۽ سورهين.


* پٿر واري زماني ۾ اهي ڇوڏا ۽ پُرد ترتيبوار مڏا ۽ ڌار وارا اوزار يا هٿيار ٿي ڪم ايندا هئا. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org