سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ هڪ عام جائزو

باب:

صفحو: 6

  

(6)

سنڌو تهذيب

 بيهڪ ۽ آبهوا

 

سنڌو ماٿريءَ جي تاريخ زماني کان اڳ جي مهان تهذيب جي اڀياس شروع ڪرڻ کان پهرين ان جي تڏهوڪي جاگرافيائي بيهڪ جو جائزو وٺڻ ضروري آهي، ڇو ته ان بابت ڪي وڏيون غلط فهميون موجود آهن.

منڍ ۾ ڪجهه انگ اکر ، اٽڪل ٽي لک چورس ميل ايراضيءَ اندر، جنهن جو ذري گهٽ اڌ سنڌوءَ ۽ سنڌو-گنگا جي ترائيءَ جي وچ وارين ننڍين ندين جي لٽاشي ترائيءَ تي مشتمل آهي (1)، هڪ تهذيب، جنهن جي اهڃاڻن جي هڪجهڙائي اچرج ۾ وجهي ڇڏي ٿي، عيسوي سن کان ڪي 15 سوء ورهيه اڳ تائين موجود هئي ۽ هزار ورهيه کن موجود رهي. ان تهذيب وارن جو تمدن شهري نوعيت جو هو ۽ سندن ”سلطنت“ شايد ٻن شهرن جي حڪومت هيٺ هئي. اهي شهر هڪٻئي کان 350 ميل پري هئا ۽ منجهانئن هر هڪ ذري گهٽ هڪ چورس ميل ايراضي تي پکڙيل هو. ننڍا شهر ۽ ڳوٺ ميدانن ۾ پکڙيل هئا. ان اڳ تاريخي تهذيب جي ابتدائي کوج کان پوءِ جي پهرين ٽيٽيهن ورهين ۾ ان جا گهٽ وڌ 90 ٻيا ماڳ به لڌا ويا (2): يعني ان تهذيب جي والار هيٺ جا ڪل ايراضي فرض ڪئي ويئي آهي، تنهن جي هر ٽئي هزار چورس ميلن پويان هڪ ماڳ.

ان تهذيب جون ٻيون بيٺڪون به ضرور هونديون، جن مان ڪي ته شايد موجوده شهرن ۽ ڳوٺن هيٺان لڪل آهن، ڪن کي ٻوڏن يا واريءَ جي اڏان يا درياهن جي پائيندڙ ميساري ڇڏيو هوندو ۽ ٻيون به ڪي اڃا پوريءَ چوک چڪاس نه ٿيڻ جي ڪري نظر ۾ اچڻ کان رهجي ويون هونديون. اهو پڻ چئي سگهجي ٿو ته شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهڻ وارن کان سواءِ چڱو چوکو تعداد ماتحت، گهڻو ڪري خانه بدوش، ماڻهن جو به هوندو، جي جهاتر جي ڀونگين ۽ تڏن جي اجهن ۾ رهندا هوندا. پر اهڙين حالتن کي ليکي ۾ آڻڻ کان اڳ، جن جي تڪ تور لاءِ ڪو به اصول باقي نه رهيو آهي، اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته سنڌو تهذيب واري زماني ۽ هاڻوڪي زماني جي ثابت ٿيل حقيقتن کي پاڻ ۾ ڀيٽڻ سان ڇا پرائي سگهجي ٿو.

ڪاٿو ڪيو ويو آهي ته هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جا ٻئي ”شهر“ گهيري ۾ ٽن ميلن کان مٿي هئا (3) ۽ پوئين نالي واري جي کوٽائيءَ مان پتو پوي ٿو ته اهو گهاٽيءَ آدمشماريءَ وارو شهر هو، خاص ڪري پوئين دور ۾ جڏهن ان جا گهڻا گهر ننڍن ننڍن گهرڙن ۾ ورهايل هئا (4). سڀ کان هيٺينءَ سطح تي هڪڙي ننڍي گهر جي پٽ جي سراسري پکيڙ 27 ضربيان 30 فٽ هئي. ڊاڪٽر مئڪي جو انومان هو ته رهڻ جون توڙي ٻيون جايون گهڻو ڪري ٻه ٻه ٽي ٽي ماڙ اتانهيون هيون (5).

پوئين دور ۾ ته موهن جي دڙي جي آدمشماري حد کان چڙهي ويئي هئي. پر ان کان اڳ ڪيتريءَ هئي؟ عام استعمال جي جاين جو معقول تعداد ڇڏي، باقي جاين جي آڌار تي ڪهڙو انگ ڪٿجي؟

سنڌ جي هڪ اتر-اولهه واري ”شهر“ جا انگ اکر اسان جي سامهون آهن. اهو شهر پکيڙ توڙي سٽاءَ ۾ موهن جي دڙي وارين حالتن سان گهڻي قدر ملندڙ ڄاڻي سگهجي ٿو. اهو شهر آهي شڪارپور.

پوسٽنس اسان کي ٻڌائي ٿو ته ان جي شهر پناهه دڙي وارين حالتن سان گهڻي قدر ملندڙ ڄاڻي سگهجي ٿو، اهو شهر آهي شڪارپور.

. . . شڪارپور اسان کي ٻڌائي ٿو ته ان جي شهر پناهه گهيري ۾ ذري گهٽ ٽي ميل هئي. ان جي ويڪري ڍڪيل بازار اڌ ميل ڊگهي هئي ۽ هڪ ”صحيح ڳڻپ“ موجب اتان جي آدمشماري 22 هزار هئي. اها ڳڻپ هن پاڻ 41-1840 ۾ ڪرائي هئي، اڳتي هلي هو ان سنڌي شهر جي اندر جو نقشو چٽي ٿو: خاص ڪري اهو ته جايون ”مٿانهون ڪمرن“ واريون آهن، ڪمرا ننڍا ۽ هوا جي پوري بندوبست کان سواءِ آهن. گهرن جي وچ ۾ لنگهه ايترا سوڙها آهن، جو ”انهن منجهان لاڏو اٺن جو لنگهڻ به ڏکيو آهي“ (6) جن به پوسٽنس جي زماني کان صدي کن پوءِ شڪاپور يا لاڙڪاڻي جا پراڻا محلا ڏٺا هوندا سي ان ڳالهه ۾ ضرور شامل راءِ ٿيندا ته اهي پڻ سوڙهي ۽ گهٽ واريءَ رهائش جا اهڙائي مثال آهن.

تاهم، سمجهو کڻي ته پوسٽنس جو انگ حقيقت کان ڪُجهه گهٽ آهي-شايد ان ڪري جو اشراف ماڻهو پنهنجن گهر جي ڀاتين، خاص ڪري زناني آدم، بابت ڪجهه ٻڌائڻ کان لهرائيندا آهن (7) ۽ 1941 ۾ شڪاپور جي آدمشماري دراصل ٽيهن هزارن جي لڳ ڀڳ هئي. اهو پڻ سمجهو کڻي ته موهن جي دڙي جي ٽن ميلن واري گهيري اندر شڪاپور کان ڪجهه وڌيڪ ماڻهو 35 هزار کن-رهندا هئا.

اهڙيءَ ريت، اسان اڳ تاريخي سنڌو تهذيب جي انهن ٻن شهر-موهن جو دڙو ۽ هڙاپا-جي گڏيل آدمشماري، ٿلهي ليکي، 70 هزار ماڻهو وٺي سگهون ٿا. انهن شهرن جا رهاڪو مُلڪ جي ڪُل آدمشماريءَ جي ڪهڙي پتي هئا؟ 1941 ۾ حيدرآباد شهر جا رهاڪو، ڪراچيءَ کي ڇڏي، باقي ملڪ جي ڪُل آدمشماريءَ جي ٽيهين (8) ۽ لاهور شهر وارا پنجاب جي ڪُل آدمشماريءَ جي پنجاهين پتي هئا. جيئن ته هائوڪن سنڌ ۽ پنجاب پر ڳڻن ۾ آبپاشي ۽ رزاعت تمام گهڻي سڌريل آهي، ان ڪري اسان کي سنڌو تهذيب وارن شهرن جي ماڻهن جي ڪُل آدمشماريءَ سان نسبت وڌيڪ رکڻي پوندي. جيڪڏهن اسان ٻنهي شهر جي رهاڪُن کي ڪُل آدمشماريءَ جي پنجويهين پتي سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته پوءِ انهيءَ ميدانن واري راڄ مهاڄڻ جي ڪُل آدمشماريءَ اٽڪل ½ 17 لک هوندي يا سراسري طرح هڪ چورس ميل ۾ ڏهه ماڻهو.

منهنجي صلاح آهي ته علائقي ۾ جيڪي گذران جا وسيلا موجود هئا،  تن جي واسطي سان ڪاٿن ڪرڻ وقت ڪو اهڙو ئي ٿلهي ليکي وارو انگ آڏو رکيو وڃي (9).

ويجهڙائيءَ وارن ليکڪن کي جيڪي گنڀير غلط فهميون آهن، سي سنڌو ماٿر جي قدرتي حالتن جي حوالي سان آهن. هڪڙن ٻين جي بيانن کي ٽيڪو ڏيئي ڪيترين پراڻين ۽ ڪن نين غلطين کي بدقسمتيءَ سان سند جي حيثيت ڏيئي ڇڏي آهي. لٽاشي سنڌ کي ”سنڌ جو ريگستان“ سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ ”اڄوڪي آبپاشي نه هجي ته هوند سڃو وارياسو هجي“. (10). ”لاڙڪاڻي جي چوڌاري اجڙ مُلڪ“ جو ذڪر ڪري ڪلراٺن پٽن جو اهڙو ته اثرائتو نقشو ٿو چٽيو وڃي، ڄڻڪ اهي پٽ ان تر جي غالب خاصيت هجن (11) جيڪي ماڻهو بئراجي واهن جي وهڻ کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ رهيا هوندا، تن کي انهن ساريال پوکن جي گهاٽي اڻسهائيندڙ ساوڪ ياد هوندي، جيڪي نيڻ -نهار تائين ڦهليل هونديون هيون. اهو ڏيک البت آگسٽ مهيني جو آهي (12). جديد آبپاشيءَ جي آندل انقلاب بابت ايترو چئبو ته بئراج جي واهن گهاڙ واريءَ وڏيءَ ساريال ايراضيءَ ۾ ڪو خاص سُڌارو ڪونه آندو هو، ڇو ته ان ۾ سُڌاري جي گنجائش خير ڪا هئي. اهو ”سنڌ جو باغ“ ڪا ڪالهوئي ڳالهه نه آهي؛ ليفيٽينٽ هوجيمز 1847 ۾ ان جي ساراهه جا جيڪي ڍڪ ڀريا آهن، اهو باغ تنهن کان گهڻو اڳ اُتي پاڙون پختيون ڪري چُڪو هو. (13).

اهو پڙهي ته ”هر سال بهار ۾ درياهه جو وهڪرو وڌي وڃي ٿو“ (14) سنڌوءَ جو اهو عظيم الشان مندائتو چاڙهه خيال ۾ ئي نه ايندو،جيڪو وچ جون کان وچ سيپٽمبر تائين، سياري جي ڀيٽ ۾، ويهوڻ کان چاليهوڻ ٿيو وڃي. ۽ جڏهن ”آڳاٽين حالتن“ جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي، تڏهن اهو چوڻ ڀلائيندڙ آهي ته درياهه سکر ۽ ڪوٽڙي وٽان هٽي نٿو سگهي. اهو ته ظاهر آهي ته 1758 ڌاري سنڌو حيدرآباد کان ڪي پندرهن ميل اوڀر ۾، يعني پنهنجي هاڻوڪي پيٽ کان ويهارو ميل پري، وهندي هئي ۽ اهو وسهڻ جوڳو نه آهي ته ان سکر ۽ روهڙيءَ جو وچوڌاري واٽ سنڌو تهذيب واري زماني کان ڪجهه ٿوروئي پوءِ ورتي هوندي (15).

گذريل ويهن صدين اندر سنڌوءَ جي چُرپُر بابت جا معلومات اٿئون، تنهن جي ورشنيءَ ۾ هيءَ ڳالهه ايتري اچرج واري نٿي لڳي ته موهن جي دڙي واري هنڌ جو ڪجهه ڀاڱو ٻوڏن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا لوڙهي ڇڏيو هو ۽ وري به ساڳيءَ رٿابنديءَ موجب ٺاهيو ويو هو، جيتري هيءَ ڳالهه ته اهو شهر هزار ورهين جهڙو وڏو مُدو ذري  گهٽ لاڳيتو وسيل رهيو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ سان ويڌن سنڌوءَ ۾ پاڻي مڪاني طرح گهٽجي وڃڻ ڪري ٿيندي آهي ۽ نه ٿور-وقتي چاڙهه جي ڪري، ۽ اها ڳالهه شڪ جوڳي آهي ته سيوهڻ کي ڇڏي سنڌ جو ٻيو ڪوبه موجود شهر ايترو گهڻو وقت لاڳيتو آباد رهيو هوندو، جيترو موهن جو دڙو. عيسوي سن جي ڏهين صديءَ جي عرب جاگرافيدانن جن به ٻين شهرن جو ذڪر ڪبو آهي، سي يا ته سڃاڻپ کان نڪري ويا آهن يا ڦٽي ويا آهن. ڏهين صديءَ کان اڳ توڙي پوءِ اوڻهين صديءَ تائين جيڪي به شهر ڇڏيا يا وسايا ويا آهن، تن جو وڏي ۾ وڏو سبب سنڌوءَ جي رُخ ۾ ڦيريون گهيريون رهيون آهن (16).

ان ڳالهه جا جيڪي دليل عام طرح ڏنا وڃن ٿا ته سنڌو تهذيب واري زماني ۾ سنڌ جي آبهوا نسبتي طرح وڌيڪ سڻائي هئي، تن مان گهڻن کان سنڌوءَ جي رستي-مَٽ وارو دليل وڌيڪ وزنائتو آهي. سنڌوءَ جو پاڻي کُٽي ويندو هو ته تڏهوڪا ماڻهو رڳو برسات تي ايترو فصل اُپائي وٺندا هئا، جو ڪن ورهين جو قوت ٿي پوندو هون. انهيءَ حد تائين پروفيسر پگٽ جي ان بيان سان شامل راءِ ٿي سگهجي ٿو ته ”هٿ آيل وٿن جي آڌار تي جنهن هڙاپا رياست جو انومان ڪري سگهجي ٿو، ان جو وجود سنڌ جي هاڻوڪيءَ آبهوا ۾ شايد ئي ممڪن ٿي سگهي ها“ (17).

هي جو سنڌو تهذيب وارن پنهنجين ذري گهٽ مڙني ميدان وارين جاين ۾ پڪيون سرون ڪم آنديون آهن، تنهن کي پڻ ان ڳالهه جي ثابتي ڄاڻائي سگهجي ٿو ته هو پنهنجن پوين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهميل آبهوا ۾ رهندا هئا (18). ٻئي طرف ان راءِ تي ڌيرج سان بحث ڪرڻ ڏکيو آهي ته ايتري تعداد ۾ سرن پچائڻ لاءِ ”ضروري آهي ته بٺن ۾ ٻارڻ جو ڪاٺ ان کان تمام گهڻو هجي. جيترو هن وقت موجود لئين ۽ ٻيءَ وڻڪار مان ملي ٿو“. (19). هاڻوڪيءَ آبهوا هيٺ به سنڌ جي ڪچي وارن پنجاب جي حد کان وٺي موجوده ڊيلٽا تائين ڦهليل جبلن ۽ جهنگن ۾ جيڪو ڪاٺ ٿئي ٿو، تنهن مان ڪروڙين ۽ اريبن سرون بچائي سگهجن ٿيون. سال 4-1903 ۾ سنڌ جي ريلن کي هلائڻ لاءِ انهن ٻيلن جو هڪ ڪروڙ مڪعب فوٽ ڪاٺ واپرايو ويو هو. ان کان سواءِ جنهن ستر لک مڪعب فٽ ڪاٺ مان ان سال جون ”مڪاني گهرجون“ پڻ پوريون ڪيون ويون هيون، سو پڻ ساڳين ٻيلن جو هو (20). ساڳئي سال عمارتي ڪاٺ جي پيداوار البت رڳي 2 لک 20 هزار مڪعب فٽ هئي. اهو انومان ڪري سگهجي ٿو ته اڄوڪي زماني جيان موهن جي دڙي وارن ڏينهن ۾ به چڱو چوکو عمارتي ڪاٺ چوٽي هماليه تان لڙهي هيٺ ايندو هوندو (21).

وڌيڪ گهميل آبهوا واري نظريي جي فائدي ۾ جيڪو ٻيو دليل ڏنو وڃي ٿو، سو سنڌو تهذيب وارن جي مورتي-مهرن تي چٽيل ڪن جانورن جي شڪلين تي ٻڌل آهي ۽ ان سان گڏوگڏ انهن جانورن جي هڏن جي سڃاڻپ تي پڻ جيڪي کوٽائيءَ وقت هڪ يا ٻئي هنڌان هٿ آيا هئا. ”انهن مان اسين ڏسون ٿا“. پروفيسر پگٽ چوي  ٿو، ”ته آبهوا اهڙي هئي جو ان ۾ گينڊو ۽ چيتو توڻي مينهن ۽ هاٿي رهي پئي سگهيا. انهن مان ڪوبه هاڻ ان علائقي اندر جهنگلي جانورن جي حيثيت ۾ نٿو ملي (سواءِ چيتي جي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن سنڌ ۾ ملي ٿو)“ (22). هاڻ جانورن جي جوءِ جن ڳالهين تي مدار رکي ٿي، تن ۾ هڪڙي مکيه ڳالهه انهن ڏانهن ساڳيءَ جوءِ ۾ رهندڙ ماڻهن جو رويو پڻ آهي. سنڌ ۾ آخري چيتو 1886 ۾ گولي هئي ماريو ويو هو. ان کان ڪي پنجاهه ورهيه اڳ جڏهن انگريز پهرين پهرين مٿينءَ سنڌ ۾ رهڻ لڳا هئا، تڏهن اتي چيتو چڱيرڙو عام هو (23). گينڊو پڻ ويندي 1333ع تائين سنڌ ۾ اڻلڀ نه هو، زنگي سيلاني، ابن بطوطه، سنڌ مان لنگهندي ٻه ڏٺا هئا، انهن مان پهريون سنڌوءَ جي ويجهو هڪڙي ڪانهن سان ڇانيل مڃر ۾ ڏٺو هئائين. هن ان جا جيڪي پار پتا ڏنا آهن، تن مان ان جي گينڊي هجڻ ۾ ڪو شڪ نٿو رهي (24) ۽ اهو پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته تنهن زماني ۾ سنڌ جي آبهوا تهڙي ئي هئي. جهڙي اڄڪلهه آهي. سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ يا آڪٽوبر جي منڍ ڌاري جڏهن هو سيوهڻ ۾ هو، تڏهن هُن جي ساٿين پاڻ کي ٿڌڪارڻ لاءِ ور ور ڪري پنهنجن اگهاڙن پٺن تي آلو لٽو پئي رکيو، ڇو ته سخت خشڪ گرميءَ ۾ لٽو ترت سُڪي ٿي ويو (25).

البيروني ڪي ٽي سو ورهيه اڳ پنهنجو سفرنامو لکندي ڄاڻايو ته هندستان ۾ گينڊو عام جام آهي، خاص ڪري گنگا سان لڳو لڳ. هن اهو پڻ ڄاڻايو ته گينڊي جي هيءَ جنس آفريڪي جنس کان نرالي آهي (26).

مينهن - اهو صحيح آهي ته پالي وڃي ٿي- اڄوڪي زماني ۾ به سنڌ اندر عام جام آهي. اها سنڌوءَ سان لڳو لڳ گهميل جهنگن ۾، ڊيلٽا ۾ ۽ سڀني ساريال ٽڪرن ۾ ملي ٿي (27).

ائين برابر آهي ته جهنگلي هاٿي سنڌ جي موجوده نباتات تي (ماڻهوءَ جي پوکيل نباتات کي ڇڏي) تڳي ته سگهندو، پر ڇا اسان لاءِ هيءُ انومان ڪڍڻ واجبي ٿيندو ته جيڪڏهن سنڌ جي آبهوا ٿوري وڌيڪ گهميل هجي ته ان ۾ ٿيندڙ نباتات انهن علائقن جي نباتات جهڙي هوندي، جن ۾ جهنگلي هاٿي رهندڙ آهن؟ ڇا هيءُ انومان وڌيڪ واجبي نه ٿيندو ته موهن جي دڙي وارين مهرن تي ان جانور جي سوڌپوڌ صورت جو چٽجڻ ظاهر ٿو ڪري ته اتان جا رهواسي هاٿيءَ سان ان جي گهريلو حالت ۾ واقف هئا؟ سڀني ۾ صاف ۽ چٽيءَ مهر تي ڏيکاريل هاٿي سنجيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو (28).

اهڙيءَ ريت آبهوا جي سلسلي ۾، جانورن جي ثابتي چڱيءَ طرح غور ڪرڻ تي پوري نٿي بيهي؛ ۽ اهو گمان ته سنڌو ماٿر جي آبهوا، تاريخ واري زماني جي ڀيٽ ۾، تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ وڌيڪ گهميل هئي، گهڻي ڀاڱي انهن انومانن تي ٻڌل ڏسڻ ۾ ايندو، جي سنڌو تهذيب وارن شهرن ۽ ڳوٺن جي جاين ۾ ڪتب آيل سامان مان ۽ موهن جي دڙي جي آباديءَ جي طويل مدت مان ڪڍيا ويا آهن، جنهن جو ٻيو ڪو مثال ڪم ازڪو سنڌ ۾ ورلي ملندا. اسين هن انومان ڪڍڻ ۾شايد صحيح هجون ته ان زماني ۾ جهڙي آبهوا ميدانن جي هئي، تهڙي ٽاڪرو ملڪ جي به هئي (29). ساڳئي وقت اسين سر مارٽيمر ويلر جي انهيءَ چوڻ لاءِ به اهو لازم آهي ته تر جون زمينون، اڄوڪين زمينن جي ڀيٽ ۾ گهڻيون وڌيڪ ڀليون هجن“ (30). ان جي رد ۾ اسين لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جا مثال پيش ڪري سگهون ٿا، جيڪي انگريزن جي صاحبيءَ ۾ اچڻ کان اڳ به ترتيبوار 12 هزار ۽ 22 هزار آدمشماريءَ سان موجود هئا، يعني تڏهن جڏهن سنڌ پرڳڻو ”اڻ سڌريل حالت“ ۾ هو ۽ اتان جي آبهوا اڄوڪي زماني کان ڪا گهٽ سڻائي ڪانه هئي.

ان دور جي سنڌو رياست جو ذرعي اقتصاد ڪهڙو هوندو؟ ان سوال تي پهرين ان ڄاڻ جي روشنيءَ ۾ ويچار ڪبو، جيڪا اسان کي سنڌونديءَ جي هلت بابت آهي. آبهوا نرالي هجڻ واري ڳالهه پوءِ کڻبي.

تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ سنڌو ماٿريءَ جو عام ڏيک ۽ حالتون ٽئين باب ۾ اڳيئي بيان ٿي چڪيون آهن. انهن کي انهن ماڻهن جي مشاهدن جي آڌار تي بيان ڪيو ويو آهي، جن هندستان جي وڏن لٽاشن دريارهن جي اڀياس ۾ حياتي ڳاري ڇڏي آهي (32). اهو قبول ڪري سگهجي ٿو ته ان زماني ۾ نه رڳو سنڌوءَ جو ڀرپاسو پر ان جي پيٽ جي ٻنهي پاسي اهي ويڪرا ميدان، جي سنڌوءَ جي موسي ٻوڏ هيٺ ايندا هئا. الڳ الڳ پکيڙ ۽ گهاٽائيءَ وارن ٻيلن سان ڇانيل هئا (33). اهي ٽڪرا هوندا ته ڀلا هئا، پر ايترو پوک لائق نه هوندا هئا . ان جا ٻه ڪارڻ آهن: پهريون ته ان زماني ۾ ٻوڏ تمام گهڻي ۽ ماڻهن جي ضابطي کان ٻاهر ايندي هئي ۽ ٻيو ته سخت ۽ پختي قدرتي اوڀڙ کي مناسب اوزارن کان سواءِ پاڙان پٽڻ ذري گهٽ اڻ ٿيڻي ڳالهه هوندي.اهو گمان ڪري سگهجي ٿو ته هڙاپا جي ڏينهن ۾ پوک ڪنڌيءَ وارن ٻيلن سان لاڳو ٽڪرن ۾ ۽ هر مند تي ڀرجندڙ سائو گهارن جي سموريءَ سنوت ۾، ۽ سنڌوءَ جي ڪچي ۾، ڪئي ويندي هوندي.

ان مان ظاهر آهي ته تاريخ کان اڳ جي زماني ۾ پوک جي مکيه ۾ مکيه مند ريبع هوندي ۽ پوک جو گهڻي ۾ گهڻو واپرائجندڙ ڏانءُ سيلابي هوندو. سيلابي پوک ۾ ڇا ٿيندو آهي ته جيڪي زمينون درياهه يا ڪنهن ٻئي قدرتي يا (اڄڪلهه) هٿراڌو واهه جي پاڻيءَ هيٺ اينديون آهن، تن ۾ آبڪلاڻي کان پوءِ ٻج ڇٽبو آهي ۽ مارچ يا اپريل ۾ فصل لڻبو آهي. (34). ڪچي ۾ ته هر به ناهي ڏبو، (آءُ هاڻوڪي نموني جي ڳالهه پيو ڪريان) ۽ ڪٿي ڪٿي ته ڀاڻ به ناهي ڏبو ۽ نه ئي وري ڪو وڌيڪ پاڻي ايندو. البت ربيع جي فصل کي برسات کان چڱو فائدو ٿيندو آهي، جا هاڻوڪين حالتن ۾ جنوريءَ جي مند ڌاري پوي ٿي.

اهڙيءَ ريت، سڄيءَ ڪاروائيءَ ۾ نه ته ڪو گهڻو هنر ۽ پورهيو ٿو گهرجي، نه ئي اوازار ۽ اها ڳالهه حيرت جهڙي نه آهي، ته هڙاپا وارن شهرن جي دڙن مان جي ان داڻا لڌا ويا آهن. سي ڪڻڪ ۽ جَونَ جا آهن، جي ٻيئي ريبع جا فصل آهن (35).

ان دور ۾ خريف جي فصل جي به ثابتي ملي ٿي. انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ دلچسپيءَ وارو فصل ڪپهه جو آهي، جنهن جي پوک جو اندازو سوٽي ڪپڙي جي انهن ٽڪرن مان لڳايو ويو آهي، جي موهن جي دڙي مان هٿ آيا آهن (36). گمان آهي ته سنڌ ۾ توڙي هڙاپا جي ڀرپاسي ۾ تر به پوکيا ويندا هئا. البت، تين جا داڻا هٿ رڳو هڙاپا مان لڌا آهن. اهو فصل اڄوڪيءَ سنڌ ۾ عام آهي. تاريخ جي زماني کان اڳ خريف جي پوک جو ڪهڙو طريقو هو، تنهن جو اندازو ان نموني مان چڱيءَ پر لڳائي سگهجي ٿو، جنهن نموني ۾ اها پوک پراڻن سائو گهارن تي ۽ سنڌوءَ جي ڀر پاسي ۾ اکين سان ٿيندي ڏٺي اٿئون. هنڌائتي زمين کي ٻنا ڏيئي، هڪڙي وٿي ڇڏي ڏيندا آهن. جتان درياهه ۾ پهرين چاڙهه اچڻ شرط پاڻي زمين ۾ اچي پوندو. پوءِ اها وٿي بند ڪري، هر ڏيئي، ٻج ڇٽي ڇڏيندا آهن. تيتر عام ليٽ شروع ٿي ويئي هوندي آهي. پوک جي چوڌاري ٻني کي سڄو سوگهو رکڻو پوي ٿو ۽ ان ۾ پاڻي گهرج آهر ڇڏيو وڃي ٿو. سڀڪجهه ٺيڪ ٺاڪ رهيو ته جيتر پاڻي لهندو، تيتر فصل به زمين- جهل ڪري ويندو ۽ مهينو سواءِ پوءِ لاباري لاءِ تيار هوندو، اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اهڙي پوک ڪيتري نه جوکائتي ٿئي ٿي. ليٽ گهڻي هوندي ته ٻنا ٻوڙي ڇڏيندي يا لوڙهي ويندي يا ٿي سگهي ٿو ته ماڳهين اهو پاسو ڇڏي ڪنهن ٻئي پاسي منهن کڻي ڪري. خريف جي فصل ٿيڻ جو وڏو آسرو اهڙن ڪناتا وهندڙ گهارن جي ڀرپاسي ۾ هوندو آهي، جتي آبادگار انهن گهارن منجهان ڪڙيا ڪسبون ڪڍي، پاڻيءَ کي ٿورو گهڻو هٿ وس رکي سگهن، ڇوته اهي ڪڙيا ڪسيون ٻنين کي پاڻي ڏيڻ وقت کولي ۽ بند ڪري سگهجن ٿا. هي جو هڪڙي ليڪائين سورت ۾ هڪڙو ماڻهو (Shadoof) يا هُرلو هلائيندي ڏيکاريو ويو آهي، تنهن مان لڳي ٿو ته سنڌو تهذيب وارا پاڻي اتانهينءَ تي پهچائڻ جي ڏانءَ مان به واقف هئا. پر ان دور ۾ پوک لاءِ ان طريقي جي عام هجڻ جو امڪان ڪونهي.

اسان جي موجوده ڄاڻ موجب، سنڌو تهذيب جي زراعت ۾ جيڪي ڌاتوءَ جا اوزار ڪم ايندا هئا، سي ڪهاڙي ۽ شايد ڏاٽو هئا. چٽمٽي پهڻ جي ڪن کهري ٽڪيل ٻٽي ڌار وارين شين بابت ڊاڪٽر مئڪي جو چوڻ آهي ته اهي هر جو ڦار آهن (38). ڪوڏر يا کوٽڻ جي رنبي جهڙو ڪارائتو اوزار ضرور ڪاٺ جو هوندو (39) وٽن جيڪي ڪهاڙيون هيون، سي نرم ٽامي جون هيون. سو کين جهنگ صفا ڪرڻ لاءِ ضرور ساڙڻ تي ڀاڙڻو پوندو هوندو ۽ جيئن ته سندن کاٽيءَ جا اوزار ڪاٺ کان وڌيڪ سخت شيءَ جا ٺهيل نه هئا ان ڪري هو سڄا سارا واهه ڪونه کوٽي سگهيا هوندا. سنڌو تهذيب جي ٻنين جي سرشتي جا ڪي به اهڃاڻ ميدانن ۾ ڪونه بچيا آهن. ان ڳالهه تي اسان کي ڪو ايترو عجب يا افسوس به نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهو اسان جو هاڻوڪيءَ سنڌ ۾ به هر هنڌ روز ٿيندڙ آزمودو آهي: جي جهنگ صاف نٿو ٿئي يا پيچ ڪافي نه آهي ته يا ته فصل پوکجي ئي ڪونه پر جي پوکجي به، ته به ترت سڪيو ۽ وقتي لٽجيو وڃي.

سر مارٽيمر ويلر موهن جي دڙي مان ڪوٽ واري دڙي تي جيڪو وڏو ڀانڊو ڳولي لڌو هو، تنهن سان پڻ سنڌو رياست جي اقتصاد تي ڪجهه روشني پوي ٿي. اهڙو ئي ڀانڊو ان کان اڳ هڙاپا ۾ لڌو ويو هو. پڌرا انومان آهن ته گهٽ ۾ گهٽ ڍل جنس ۾ ورتي ويندي هئي ۽ رياست جي عملدارن کي پگهار به جنس ۾ ڏنو ويندو هو. (40). اهو بندوبست هڪ بي-ناڻي دور ۾ اڻٽر ته هوئي، پر ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ به سنڌ اندر اهوئي دستور هو، ويندي انگريزي جي صاحبيءَ جي پهرين ڏهن ورهين ۾ ڪنهن حد تائين اهو بندوبست هلندو رهيو هو (41).

هيءُ گمان پڻ ڪري سگهجي ٿو ته سرڪاري ڀانڊي جي هڪڙيءَ اهميت اها به هوندي ته جڏهن درياهه جو پاڻيءَ پورو نه پوندو هوندو يا ماڳهين فصل لوڙهي ويندو هوندو، تڏهن ڀانڊي ۾ پاسيرو رکيل ان ورهائبو هوندو. موهن جي دڙي ۾ ان ڀانڊي جي فرش واري جاءِ، واڌيءَ کان پوءِ 12 هزار چورس فٽ هئي. جيڪڏهن اسان ان جي اونهائي 10 فٽ وٺون ته سڄي ڀانڊي ۾ 95 هزار بشيل (اٽڪل 85 هزار مڻ) ان ماپي ويندو هوندو. اهو ڀانڊو جڏهن سڄو ڀريل هوندو، تڏهن موهن جي دڙي جي ڪل آدمشماريءَ ۾، جنهن جو انگ اڳيئي اسان 35 هزار وٺي چڪا آهيون، هر ماڻهوءَ کي 200 پائونڊن کان مٿي (سوا ٻه مڻ) ان ملي سگهندو هوندو (42).

هڙاپا ۾ وڏو ڀانڊو ڪوٽ واريءَ ايراضيءَ کان ٻاهر ان کان ٻه سو وال کن پري آهي. اهو پڻ ٿي سگهي ٿو ته ٻنهي شهرن جا جي وڏا وڏا ڀاڱا اڃا تائين کوٽيا نه ويا آهن، اتان انهن ڀانڊن کان سواءِ ڪي ٻيا ڀانڊا به لڀن. انهيءَ وچ ۾ اهو ڄاڻائڻ واجبي ٿيندو ته هي جو ”سوڪهڙي لاءِ ڪو بندوبست ٿيل نظر نٿو اچي.“ اها ڳالهه ڪري ڊاڪٽر مئڪي هيءُ نتيجو ٿو ڪڍي ته سنڌو تهذيب واري تهذيب واري زماني ۾ اڄوڪي زماني کان وڌيڪ برسات پوندڙ هئي، ان جو ارشارو دارصل اهڙن واهن جي اهڃاڻن نه هجڻ ڏانهن هو، جيڪي ان زماني جا هجن. پر سرمارٽيمر ولمر جو اهو چوڻ درست آهي ته اهڙا ڪي واهه هوندا به سهي ته اهي گذريل ٽن چئن هزارن ورهين ۾ سنڌوءَ جي پَٽَ جي لٽ سبب جيڪو چاڙهه ٿيندو رهيو آهي، تنهن ۾ميسارجي ويا هوندا (43). تنهن کان سواءِ جيئن اسين اڳيئي ڏسي چڪا آهيون، ائين سهڻ لاءِ ڪافي سبب آهي ته سنڌو تهذيب جي ڌڻين وٽ وڏي پيماني تي کاٽيءَ جا وسيلا ڪونه هئا. ته ڇا اسين ڊاڪٽر مئڪي جي دليل کي ابتو ڪندي هيءُ انومان ڪڍون ته اهي وڏا ڀانڊا، جي ڊاڪٽر مئڪي جي لکڻيءَ وقت لڌا نه ويا هئا، تن جو هجڻ ان نظر ئي کي رد ٿو ڏئي ته تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ سنڌ اندر وڌيڪ جهجهي برسات پوندڙ هئي؟ هيءُ انومان هڪ ته ان ڳالهه جي ڪري وزنائتو نٿو رهي ته ان ضرور مڪاني مٽا سٽا ۾ ڪارپت جو وسيلو به هوندو. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته هڙاپا وارو ڀانڊو، جيڪو نه ته ڪوٽ جي اندر آهي ۽ نه ان کان سڏ پنڌ تي، تنهن کي سرڪاري بئنڪ يا خزانو سمجهڻ ڏکيو ٿو لڳي. اهي ادارا اهڙيءَ حڪومت هيٺ، جهڙي اسان جو گمان آهي ته سنڌو ماٿريءَ ۾ هوندي، ظاهر آهي ته ڪوٽ اندر به ڪو ڀانڊو هجي، پر هاڻ سڃاڻڻ ۾ نٿو اچي، ڇو ته اتي سرن جي لاڳيتي چوريءَ اڳوڻين جاين کي سڃاڻڻ مشڪل بنائي ڇڏيو آهي (44). ٿي سگهي ٿو ته راويءَ جي پراڻي پيٽ سان ڪو مڪاني حڪومت جو يا برادريءَ جو ٺهيل ڀانڊو هجي، جتي شهر وارا پنهنجي گهرج کان وڌيڪ ان، پنهنجو اُپايل يا ڪمايل، امانت ڪري رکندا هجن ته جيئن آئيندي واپرائي سگهن. ضرور ڀانڊي-منشي به هوندا، جي ان توري وٺندا هوندا، رسيدون ڪڍي ڏيندا هوندا ۽ هر ڌر جو کاتو ڌار هوندو. اسان سنڌو تهذيب جي شهر وارن جي رهڻي ڪهڻيءَ جا جيڪي ٻيا نقشا چٽيا آهن، تن سان هي ڳالهيون ڪو اڻٺهڪندڙ نه آهن (45).

شهر کان ڏورانهين ايراضين جا ماڻهو پنهنجي اُپايل اَن مان يا ٻيءَ ڪنهن پيدائش جي عيوض مليل ان مان پيٽ قوت ڪندا هوندا. ان اَن جو وڏو حصو شايد سنڌوءَ جي پاڻيءَ کان سواءِ اُپايو ويندو هو. اوڀر بلوچستان ۽ سنڌ جي سرحد مٿان پوندڙ برسات جي چوکي انداز ۽ باقاعدگيءَ جو هڪڙو لازمي نتيجو هيءُ به ٿيندو ته الهندن ٽڪرن جي نئين ۾وهڪرو وڌي به ويندو ۽ لاڳيتو به ٿي ويندو. انهن نين مان وڏي ۾ وڏي گاج آهي، جا هاڻ به ٽڪرن جي ٻاهرين ڇپرن سان ڳنڍيل ڪاڇي کي ريج لاءِ ٿورو پاڻي ڏئي ٿي، ۽ ان جي ليٽ کان پوءِ، جا ٻنين جا ٻنا لُوڙهيو وڃي، اڪثر سيلابي پوک ڪئي وڃي ٿي. ان  ايراضيءَ ۾، ڪيترائي تاريخ جي زماني کان اڳ جا ماڳ سڃاتا ويا آهن. هوڏانهن، کينجي نئن تي لالڻ -جي-ماڙي، جا ٻاهرئين ڇپر جي اندر آهي، تنهن جي پکيڙ مان ائين ٿو لڳي ته ان جي ڀر پاسي وارين زمينن تي ان کان گهڻي وڌيڪ کيڙ ٿيندي هوندي، جيتري هاڻ ٿي سگهي ٿي.

اهو اڪثر وساريو ٿو وڃي ته سنڌ ۾ اڄڪلهه چڱي چوکي کيڙ ڇڙي مينهن تي ڪئي وڃي ٿي. ٿر، جيڪو هٿرادو آبپاشيءَ کان بنهه وانجهيل آهي، اتي ذري گهٽ هر سال فصل اُپايا وڃن ٿا. البت انهن جي ڀلاڻ ۽ پکيڙ جو دارومدار ان ڳالهه تي رهي ٿو ته برسات ڪيتري ۽ ڪٿي پوي ٿي. اتي مينهن عام ڪري سنڌو ماٿريءَ ۽ الهندن ٽڪرن کان وڌيڪ جهجا ۽ نيم سان پون ٿا. تڏهن به ڪاڇي ۾، جيڪو سنڌو ماٿريءَ ۽ الهندن ٽڪرن جي وچ وارو ٽڪرو آهي، ۽ ڏاکڻي ڪوهستان جي پاسن سان لڳو لڳ باراني پوک جا دائمي سٽاءَ مٽيءَ جي مضبوط بندن جي شڪل ۾ موجود آهن (47). سنڌ ۾ ڪو نٿون ماڻهو اچي رهي ۽ برسات ٻه ٽي ورهيه ساندهه سراسريءَ کان به گهٽ پوي ته هو انهن اڪيچار بندن کي ڏسي اهو به چئي سگهي ٿو ته آبهوا انهن جي ٺهڻ پڄاڻا مٽجي ويئي آهي. داصل، سنڌ ۾ برسات جو جيڪو مشاهدو گذريل هڪ صديءَ کان ڪيو پيو وڃي، تنهن مان لڳي ٿو ته برسات جي گهٽ واڌ جا چڪر آهن، جن مان ڪوبه پنجويهن ورهين کان گهٽ مُدي جو نٿو ٿئي. ان هيڏي ساري مُدي ۾ ڪي ڇهه يا ست هيکلا ورهيه مس هوندا، جن ۾ زميندارن لاءِ انهن ٻنن ٻڌل ٻنين جي پوک مس پوري هوندي، پر جي برساتيون ٻه ٽي ورهيه لاڳيتون وسيون ته همراهه هر سال ڀلا فصل لاهيندو.

جملي مينهن جي انداز ۾ ڀل ٿوروئي واڌارو ٿئي، پر جي اهو ان سان گڏوگڏ وڌيڪ نيم سان ۽ گهربل مند ۾ مهل سر پوي، ته به هوند باراني خريف فصلن جي پوک ڪافي وڌي وڃي. سنڌ جي ميداني علائقي ۾ ربيع جا ڪي به فصل رڳو برسات تي نه ٿيندا آهن. البت سرحد واري ٽاڪرو علائقي ۾ ۽ بلوچستان ۾ ڪڻڪ رڳو برسات تي به ٿئي ٿي. ٻنهي حالتن ۾ پوک جا طريقا سادي ۾ سادا ٿين ٿا ۽ سنڌو تهذيب جي ڏينهن کان ورلي ڦريل هوندا.

اهو نظريو ته اوائل ۾ سنڌو ماٿريءَ جي آبهوا نسبتاً وڌيڪ گهميل هئي، جيڪو هت نظر مان ڪڍل ”ثابتين“ مان اندازي مطابق اخذ ڪيل ڏٺو ويو، تنهن کي آبهوا جي ڄاڻن به ڪجهه هٿي ڏني آهي. هيءُ مفروضو ته اتر ائٽلانٽڪ وارو مينهن -پٽو وڌيڪ ڏاکڻو رخ وٺندي، اتر آفريڪا کان ويندي اتر-اولهه هندستان تائين هليو ويو، تنهن کي لڳي ٿو ته اڳ تاريخي تهذيب وارين ايراضن جي سلسلي ۾ مصر ۽ ميسوپوٽهيا جي آڳاٽن اهڃاڻن جي شاهدي رد ڪري ڇڏي آهي (48). البت هيءُ ويچار شايد وڌيڪ صحيح آهي ته عربي سمنڊ جو ڏکڻ -اولهه وارو چوماسو جنهن ايراضيءَ تي هينئر وسي ٿو، سا اڳي اتر ۽ اولهه ۾ اڃا اڳتي هلي ٿي ويئي. آءُ اڳيئي ڏيکاري آيو آهيان ته سنڌ واري ٿر جي کائر ۾ جيڪي ڀٽون آهن ، تن جي بناوت مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڳين ڏينهن ۾ چوماسو اڄوڪن ڏينهن کان وڌيڪ سگهارو هو (49). وڌيڪ سگهه سان ان کاٻي پاسي وارو ٻاهر ڀرو وارڪو هاڻوڪيءَ ليڪ کان ٿورو اولهه طرف  لڙيل هجي (50)ته ان جو هڪ يقيني نه پر امڪاني نتيجو والارجندڙ ايراضيءَ ۾ برسات به ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي، سر جان مارشل، ريورٽيءَ جي ”سنڌ جومهراڻ“ مان، جي تاريخي حوالا ڏنا آهن،تن ۾ مون کي گهڻيءَ يا ٿوريءَ برسات جو ڪو به ذڪر نه مليو آهي. اهي حوالا ڄاڻائن ٿا ته دريائن جي دڳ -مٽَ سان ۽ ڌرتيءَ جي ڌٻڻ جي اثر هيٺ ايراضين ۾ ڪهڙيون ڦيريون ڦاريون اچن ٿيون.

سرمارٽيمر ويلر آبهوا جي ڄاڻن جي مٿين انومانن جو ڪيقدر مشروط بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ آءُ کيس حق بجانب سمجهان ٿو. آبهوا ۾ جيڪا ٿوري گهڻي گهٽتائي آئي آهي، تنهن لاءِ هو صاحب ماڻهوءَ جي ڪوتهه انديش ڪارواين کي جوابدار سمجهڻ ڏانهن وڌيڪ لاڙو رکي ٿو (51). هن ،آر.بي وائيٽهنڊ جي حوالي سان، سواليڪ ٽڪرين جي ٻيلن جي برباديءَ جو جيڪو مثال ڏنو آهي. تنهن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اتر -اولهه واري سرحدي علائقي جي رهواسين وٽ اهڙيون ڪئين  روايتون آهن ته اڳي اتي هاڻي کان تمام گهڻي وڻڪار هوندي هئي. اوائلي انگريز سيلانن ڪن ٽڪرن جو جيڪو احوال لکيو آهي، تنهن کي جيڪڏهن انهن ٽڪرن جي اڄوڪي حالت سان ڀيٽي ڏسبو ته انهيءَ راءِ جي پٺڀرائي ٿيندي. ان برباديءَ جو هڪ سبب شايد هيءُ به آهي ته انهيءَ تر ۾ آدمشماريءَ جي وڌڻ سان ٻڪرين جو چرڻ به وڌي ويو آهي. ان سلسلي ۾ هڪڙو رايو هيءُ به آهي ته ممڪن آهي ته ميدانن مان ٻيلن کي ناس ڪرڻ ۾ سنڌو تهذيب وارن شهرن جي بٺن وارن جو به هٿ هجي، جنهن جي ڪري آبهوا ۾ گهم گهٽجي ويئي هجي، پر اهو سبب خسيس ڄاڻي رد ڪري سگهون ٿا (56). ڇو نه سنڌ جي آبهوا جي بگاڙ توڻي ٻين مڪان آفتن جو ڪارڻ سنڌوءَ جي رخ ڦيرائن واريءَ حالت ۾ ڳوليو وڃي. ان لاءِ البت سنڌوءَ جي رخ ۾ ان کان وڌيڪ وڏو ڦيرو خيال ۾ آڻئو پوندو. جنهن جي اسان کي هيلتائين ڄاڻ پئجي سگهي آهي؛ اهو خيال ڪو اهڙو اڻ -سڀاويڪ به ناهي.

سنڌو تهذيب جي موهن-جي دڙي، لوهم جي دڙي، چنهون جي دڙي وارين بيٺڪن توڙي ڪتاسر ۽ ڏجيءَ - جي ٽڪريءَ وارين وسندين جو هجڻ ئي اهو ظاهر ڪري ٿو ته تن ڏينهن ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو-ضروري نه آهي ته هڪڙي ڦاٽ مان-ا ن جي هاڻوڪيءَ ماٿريءَ يعني روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۽ کيرٿر ڇپر جي وچ مان ئي ڪنهن هنڌان لنگهندو هو. ٿي سگهي ٿو ته سنڌوءَ کي پنهنجي وهڪري جي ان ڀاڱي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ بکر واري چورلڪ منجهان وهڻ جي ضرورت نه به پيئي هجي ۽ هُوءَ سکر وارين ٽڪرين جي اتر کان لنگهي ويو هجي. پر جي هوءَ ان هنڌ کان مٿي پنهنجي محور واري سنڌو تان کسڪي، کاٻي پاسي لڙي وڃي، ته ڪهڙو لازمي نتيجو نڪرندو؟ درياءُ وڃي روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي ڏکڻ کان نڪرندو، ۽ پنهنجي مکيه ماٿريءَ ڏي موٽڻ لاءِ ان کي چينهون.جي-دڙي واريءَ ويڪرائي ڦاڪ کان هيٺڀرو وڃڻو پوندو. اهڙيءَ ريت ڪٿ ڪبي، ته سنڌو ماٿريءَ جا ڪي ڏيڍ سو ميل پنهنجي درياءُ کان محروم ٿي ويندا.

ايترو وڏو ڦيرو ٻنهي ڄاڻايل هنڌن جي پسگردائيءَ ۽ وچواري ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو. موهن-جي-دڙي جي سرڇائيءَ کي ان کان گهڻو ننڍو ڦيرو ختم ڪري سگهيو ٿي. اسين سمجهون ٿا ته موهن-جي -دڙي جي ڦُوهه واري زماني ۾ سنڌو، جي پنهنجي هاڻوڪي وهڪري کان پري وهندي به هئي، ته اهو پنڌ ڪو گهڻو پري نه هوندو ۽ موهن-جي-دڙي جي حياتيءَ جو ايترو وڏو مدو ڏيکاري ٿو ته درياءُ عام ڪري ساڳئي ئي هنڌان وهندو رهيو هوندو. ان جي ڪري درياءَ جو ترو مٿي ٿيندو ويو هوندو، تان جو، شايد، اهو ان حد کي وڃي پهتو هوندو، جتي ان جي رخ ۾ وڏا وڏا ڦيرا اچن ٿا. (53) جيڪڏهن ان تري-چڙهه جي نتيجي ۾ درياءُ ڪا چُرپر موهن-جي-دڙي کان ڪافي اوڀارو شروع ڪري ۽ اها ان کي اوڀر ۾ ڪجهه پرڀرو خيرپور ميرواهه واريءَ ليڪ جي ڀرپاسي ۾ وٺي وڃي، ته درياءَ جو پيٽ موهن -جي-دڙي کان ٽيهه ميل پري ٿي ويندو. ان سان منهنجو ڪو اهو مطلب ڪونهي ته ان کان پوءِ ان جي ڦٽل پيٽ مان پاڻيءَ جو هڪڙو ڦڙو به نه لگهندو؛ گهٽ ۾ گهٽ سالياني چاڙهه وقت ليٽ جو ڪجهه پاڻي ڪافي پنڌ ان پيٽ مان به وهندو. پر پاڻ کان گهڻي ويڪري پيٽ منجهان وهندڙ اها ڌارا مکيه درياءَ جي سرجيندڙ اٿل سان، جنهن تي موهن-جي-دڙي جي پوکيءَ راهيءَ جو گهڻو دارومدار اوس رهيو هوندو، ڪهڙو برميچي سگهندي ۽ جيڪڏهن سنڌو ويهارو ميل پرتي وڃي، ڪنهن چڱي هيٺانهين پيٽ منجهان وهڻ لڳي هوندي، ته ان جي ليٽ ان کان پوءِ ته شهر جي ڀرپاسي وارن ميدانن تائين به نه پهچندي هوندي.

اهو اسان اڳيئي ڄاڻائي چڪا هيون ته جڏهن سنڌو قدرتي حالتن ۾ وهندڙ هئي، تڏهن جيڪا زمين هر سال آبڪلاڻيءَ وقت ٻڏندي هئي. اتي پاڻيءَ جي مقدار موجب گهٽ وڌ گهاٽا جهنگ ۽ ٻيلا ٿيندا هئا. اها قدرتي وڻڪار گهڻو ڪري هن کان ڳپل وڌيڪ ايراضي والاريندي هئي، جيتري اڄوڪن ڏينهن ۾ ڪچي جي ٻيلات والاري ٿي. اوائلي زماني ۾ ايتريءَ جهجهيءَ وڻڪار کي، جنهن کي درياهه جو لٽُ تاتيندو هو، روڪڻ ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر هو. اهي ٻيلا هاڻي جيان اڳي به برسات تي منحصر نه هئا. پر ڇڙو انهن جو هجڻ ئي قدري وڌيڪ ۽ نيمائتي برسات کي، جا ٻين شاهدين جي آڌار تي اسان سمجهون ٿا ته تن ڏينهن ۾ پوندڙ هئي، قائم رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هو. جيڪڏهن اسين اهو انومان مڃون کڻي ته سنڌو، اُتر-اولهه سنڌ جو ڪو وڏو ٽڪرو ڇڏي، پرتي اوڀر ۾ وڃي ڪنهن هنڌان وهن لڳي هوندي، ته ان اتر-اولهه واري ٽڪري جي وڻڪار، ليٽ جي اڳ جيتري پاڻيءَ نه ملڻ ڪري، گهٽجي وڃي نيم-ريگستاني ٻوٽن جي حد کي پهتي هوندي. جيڪڏهن اهي حالتون ڪيئي صديون (۽ ائين سمجهڻ ۾ ڪو اهم به ڪونهي) رهيون هونديون ته ان تر مٿان برسات يا ته ٿوري گهٽ پوڻ لڳي هوندي يا وري بيقاعدي ٿي ويئي هوندي، تاهم، آبهوا تي اهڙو مڪاني اثر، ڏکڻ -اولهه واري چوماسي جي اڀرائيءَ جي ڀيٽ ۾، غير اهم ٿي وڃي ٿو.  ان اَڀرائيءَ جي ساک ٿريلي ڀٽن جي بناوت ڀري ٿي، پر اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، جا ظاهر ڪري ته چوماسي کي نستي ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو هوندو.

سنڌو تهذيب واري زماني ۾ ملڪ ڪهڙو ڏيک رکندڙ هو، تنهن سوال ڏانهن موٽندي، اسين هيءَ آس رکي سگهون ٿا ته منڇر ڍنڍ جي ڀرپاسي ۾ پوک جي ڪا مکيه ايراضي ضرور هوندي، اهو اسين اڳيئي ٻڌائي آيا آهيون ته نه فقط سنڌوءَ جي ساڄيءَ ڪنڌيءَ وارن وڏي ۾ وڏن سائو گهارن مان ڪن جو پاڻيءَ وڃي ان ڍنڍ ۾ پوندو آهي، پر ڳچ ڪوهستاني علائقي جي باراني ڇَرن  جو ڇوڙ به اهائي ڍنڍ آهي. ان ٻٽي ڇوڙ جي ڪري، جو اڪثر جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ هڪ ئي وقت ٿيندو آهي، ڍنڍ جو پاڻي هاڻ اُتر ۽ اوڀر ۾ ڪيترن ئي چورس ميلن تي پکڙجي وڃي ٿو. جڏهن درياهه لهي ويندو آهي ۽ ڍنڍ جي اُٿل جو پاڻي اڙل نديءَ رستي وهي ويندو آهي، تڏهن هڪڙو وڏو ٽڪرو ربيع جي پوک لاءِ نروار ٿي بيهندو آهي. هت سنڌو تهذيب جا ڪيترائي ماڳ- لکيو، لوهري ۽ شايد، بوبڪ (54)- هئا، ۽ سنڌو تهذيب وارن ۽ سندن ٽاڪرو پاڙيسرين جي وچ ۾ مکيه لاڳاپو انومان آهي ته هتان ئي ڪٿان هو. ٽڪر واسي وڌيڪ اَن گهڻو ڪري هتان وٺي پورت ڪندا هوندا. ڇو ته منڇر وارو تر کانئن وڌيڪ سرڇو هو.

ان ڍنڍ جي پسگردائيءَ ۾ جيڪي اڳ تاريخي ماڳ آهن، تن جي هڪ ڌيان جوڳي خاصيت هيءَ آهي ته سڀ تمام گهٽ اتانهينءَ تي آهن. مجمدار ڏٺو ته لال ڇتي Lal Chato (ترهڻي) Trihni جو دڙو 8 ڊسمبر تي منڇر جي مٿاڇري کان رڳو 8 فٽ مٿي هو ۽ پيرمشاق Pir Mashak (شاهه حسن) جي اوچائي به گهٽ وڌ ايتري ئي هئي. آبڪلاڻيءَ ۾ انهن ماڳن جو وڏو حصو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو هوندو ۽ روهندو Rohindo ۽ مادي بُت Made But ته سڄي جا سڄا ٻڏي ويندا هوندا. پير لوهري ۽ پير لکيو، جي منڇر جي سياري واريءَ حد کان ڪي چار ميل پري آهن، سي پسگردائيءَ واري پٽ کان اڃا به هيٺ آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ لوهري آبڪلاڻيءَ ۾ سڄي جو سڄو ٻڏي ويندو آهي (55).

مجمدار جو خيال آهي ته ڀنگار واري زماني ۾ سنڌو هن ويڪرائي ڦاڪ ۾ هاڻي کان وڌيڪ اوڀر طرف وهندي هئي؛ منڇر ڍنڍ کي پنهنجي ذري گهٽ سموري پاڻيءَ لاءِ ڪوهستاني نين تي ڀاڙڻو پوندو هو ۽ ان ڪري اها تڏهن اڄوڪي زماني کان ننڍي هوندي (56). جي اهو ائين هو ته پوءِ اهي ماڳ جي هاڻ رهڻ وٽان نٿا لڳن، تڏهن شايد وڏي ۾ وڏي ٻوڏ کان به چڱا مٿي هوندا. اهو پڻ ٿي سگهي ٿو ته انهن جي چوڌاري بچاءَ لاءِ مٽيءَ جا بند آيل هجن، جي ڪڏهوڪر درياهه جي ليٽ ۾ لڙهي ويا هجن. ٻوڏن رهائشي ايراضين کي به ذري گهٽ پاسي واريءَ زمين جي سطح تي آڻي بيهاريو آهي، ايتري تائين جو هاڻ اهي به سال جو ڳپل ڀاڱو پاڻيءَ هيٺ رهي سگهن ٿيون.

مجمدار هڪ ٻئي دلچسپ امڪان ڏانهن به اشارو ڪري ٿو. اهو هيءُ ته متان تاريخ کان اڳ جي زماني ۾ ٻيا نه ته لال ڇتو ۽ مشاق اهڙا ڳوٺ هجن، جن جون ڀونگيون، منڇر ڍنڍ جي هاڻوڪن مهاڻن جي مڏن جيان ڪاٺ جي بنڊن تي، پاڻيءَ جي مٿاڇري کان مٿڀريون بيٺل هجن (57) ان نظريي جو هڪڙو آڌار هيءُ به آهي ته مجمدار کي انهن هنڌن جي کوٽائي ڪرائيندي اڏاوت جي عام سامان، سرن يا پهڻن جا ڪي به اهڃاڻ نه مليا هئا ۽ ٺڪر جا ٿانو توڙي گهر جا  ٻيا ٽپڙ ٽاڙي به نجي لٽ جي تهن مان کوٽي ڪڍيا هئائين. هت هيءُ واڌارو ڪري سگهجي ٿو ته اڄوڪين حالتن ۾ انهن هنڌن تي اهڙيون جايون ڏکيون قائم رکي سگهبيون. ٻئي طرف، لوهڙيءَ ۾ پهڻ جي پيڙهه وارا گهر ٺاهيائي نه وڃن ها، جيڪڏهن ڍنڍ جو ٻوڏ وارو مٿاڇرو اڄوڪن ڏينهن کان گهڻو هيٺ نه هجي ها.

اها ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته لال ڇتي ۽ مشاق جي ”ٻيٽاون“ ماڳن تان هڪ قسم جا ٺڪر-ٿانو هٿ آيا آهن. جي ٿلهي ليکي جهڪر ۽ لوهم جي دڙن مان لڌل ٿانون جو سن آهن. پويان ٻيئي دڙا، کوٽائي ڪرائيندڙ صاحب جي خيال ۾، سنڌو سڀيتا جي آخري دور سان واسطو رکندڙ آهن (58).خاص ڪري چنهون دڙي جي تنهان پوءِ ڪيل کوٽائيءَ جي روشنيءَ ۾ اهي ٿانو انهن ماڻهن جا ٺهيل ڏسڻ ۾ ايندا، جن سنڌو تهذيب وارا ماڳ ان جي زوال کان پوءِ وڃي وسايا هئا. انهن ٿانون جو جيڪو نمونو آهي، تنهن تي پروفيسر پگٽ هنن مختصر لفظن ۾ تبصرو ڪري ٿو: ”انهن ۾ ڪيترائي عنصر آهن، جن مان ڪُلي ۽ شايد هڙاپا وارا وڌيڪ نمايان آهن ۽ ٿوري گهڻي ڇٽ آمريءَ جي به اٿن“ (59) چنهون دڙي جي جهڪر وارن مٿاڇرن تان جيڪي ٻيون وٿون هٿ آيون آهن. سي سنڌو ماٿريءَ ۽ اوڀر بلوچستان جي اڳتاريخي ماڻهن جي ٺاهيل ڪنهن به شيءَ سان تر جيترو ميل به نٿيون کائين. البت اولهه ۾ اڃا اڳتي انهن جون مَٽُ شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انهن هٿ آيل شين مان لڳي ٿو ته اهو هنڌ ڪن اهڙن ماڻهن جي والار ۾ هو، جي هلڪيءَ سنبت سان، شايد فاتحن جي حيثيت ۾ آيا هئا.

سڀ ساکون سهيڙيون ته هيٺيون نقشو جڙندو: موهن جي دڙو پنهنجن پوين ڏينهن ۾ آدم سان ڳاهٽ ٿيل شهر هو؛ آدمشماريءَ ۾ واڌ جو سبب گهڻو ڪري پناهگيرن جي پالوٽ هئي، جي يا ته وچ بلوچستان (60) کان يا سنڌ جي ”سنڌوءَ“ وارن ننڍن ۽ گهٽ بچي سگهندڙ شهرن کان آيا هئا. ”سنڌوءَ“ وارن شهرن مان ڪن کي اولهه بلوچستان کان يا اولهه ۾ اڃا به پري کان ڪاهي ايندڙن اچي والايو هو. ڀائنجي ٿو ته انهن نون ماڻهن آمريءَ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي انهن هنرن ۽ ڪاريگرين کي پنهنجو ڪيو هوندو. جن تي سندن دل وري هوندي (61). ان لاءِ شايد کين مڪاني فنڪارن ۽ ڪاريگرن کي زوريءَ ڀرتي ڪرڻو پيو هوندو. خيال ۾ اهڙن ”وحشين“ جي تصوير اڀري ٿي، جن سهنجي سوڀ پاتي هوندي ۽ جي پنهنجي ماري مڃايلن جي ڪارنامن کي ڌڪار جي نظر سان نه ڏسندا هوندا. پر موهن جي دڙي جي جتان زوال هيءُ انقلاب برپا ڪيو، تنهن جو مکيه ڪارڻ ڪهڙو هو؟ ڇا اهو ڪارڻ انهن وحشين جي برجستائيءَ ۽ هٿيارن جي برتريءَ ۾ ڳوليو وڃي (66)، جن جي اڳيان شهر وارن جو وڏو تعداد توڙي هنر به ڪم نه  آيو؟ اها به پوري سمجهاڻي آهي؛ پر آءُ گذارش ڪندس ته جيڪڏهن اسين سنڌو تهذيب وارن جي آخرين ڪمزوريءَ جو ڪارڻ هڪڙُو ٻيو انومان ڪري وٺنداسون، ته جا تصوير اکين آڏو ايندي، سا پاڻ وڌيڪ ۽ سڀاوڪ دل سان لڳندڙ هوندي.

سمجهو کڻي ته سنڌوءَ جي رخ ۾ سکر کان مٿڀرو جنهن مصبيت آڻيندڙ ڦيري ڏانهن اڳيئي اشارو ڪيو اٿئون، سو سچ پچ اچي ويو آهي. ڦيري واري هنڌ ۽ سيوهڻ جي وچواري پَٽ کي سالياني ليٽ جي پوري پاڻيءَ ملڻ جي بدارن پراڻي پيٽ جي معرفت رڳو بيقاعدي ۽ عارضي وهڪرو ملي ٿو. انهيءَ ڦيري جو وڏي ۾ وڏو ڌڪ ان تر جي ڏکڻ واري تر کي لڳي ٿو. سو ان تر جا ماڻهو لڏي وڏيءَ گاديءَ ۾ ڳاهٽ ٿين ٿا، ان آسري ۾ (اتان جي پروهت-راجا جي سڳورپ جي ڪري شايد) ته اتي سندن ڀرجهل ٿيندي. شهر کي بچائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي وڃي ٿي. پوک ۾ جنهن جو آڌار هاڻ نين ۽ برسات تي وڃي رهيو آهي، واڌارو ڪيو وڃي ٿو. جتان ڪٿان اَن جا انبار گهرايا  وڃن ٿا- درياهه جي ديوتا کي ٻاجهه ڪرڻ لاءِ جيڪي لڳاتار پرارٿنائون ڪيون وڃن ٿيون تن جو ذڪر ئي ڪهڙو-پر سڀ اجايو. ٽاڪرو ملڪ ۽ ڪاڇي جي چشمن ۽ نين جو وري قدر ٿيڻ لڳي ٿو؛ وڏا ڀاڳ چئبا تن جا، جي اتي اجهو ڳولي سنڌوءَ ۽ ان جي ريچڪن کان آجا ٿي وڃن ٿا. هيءَ خبر پهاڙن جي آرپار پکڙجي ٿي وڃي ته سنڌ جا چراگاهه ان قوم جو  انعام آهن، جا وارو ڪندي، ۽ وارو ڪيو ٿو وڃي. اولهه وارا وحشي اٻهرا ڪوچ ڪندا چڙهي اچن ٿا ۽ پنهنجا اڍنگا ڇاپرا تياڳيل وستين ۾ کڙا ڪن ٿا. جنهن زمين هڙاپا جي ڪڙمين جي دل کٽي ڪري ڇڏي هئي. تنهن زمين مان هڪ مالوند قوم، ڏکڻي سکڻي گذارن ڪرڻ تي هريل هجڻ ڪري، چڱو قوت ڪڍي ويندي. هوڏانهن، موهن-جي دڙي جي خلق جون قطارون اُتر-اوڀر ڏي وڃي رهيون آهن، جتي سندن درياهه ساڳي ئي پراڻي رنگ ڍنگ سان وهي رهيو هوندو. باقي ڪي ٿورا ماڻهو، هيڻا ۽ مسڪين وڃي بچن ٿا، جو نوان-آيل جانٺا، لُٽ ڦر جي بُک کان ڇتا، حملي لاءِ سنبري اچن ٿا ۽ ”جيريڪو“* جُن ڀيتون ستت ئي نمي وڃن ٿيون.

هيٺينءَ سنڌو ماٿر جي اڳتاريخ ۾ آيل موڙ جي هن اندازي (re-construction) ۾ ڌڪيبازي برابر گهڻي آهي، پر اهو مڃيو ويندو ته ان ۾ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانهي، جا آڳاٽن اهڃاڻ جي ٿوري گهڻي ساک سان يا سڌوءَ جي طبعي خاصيتن ۽ وهنوار جي جيتري ڄاڻ اٿئون، تنهن سان اڻ ٺهڪندڙ هجي. سنڌو تهذيب سنڌ جي اندر پاڻ ۾ چڱيءَ پر پوتل هئي ۽ ان کي هن ماڻهن تباهه ۽ برباد ڪيو هو، تن پنهنجا ورلي ڪي نشان ڇڏيا آهن. اهڙن ماڻهن هٿان برباديءَ کان اڳ جيڪڏهن درياهه جي رستي -مٽ واري قدرتي آفت اچي ڪڙڪي ته ان تهذيب جو ائين ڦٽي ناس ٿيڻ اڻ ٽر ٿي وڃي ٿو.

ٻيون حقيقتون پنهنجي پنهنجي جاءِ وٺي بيهن ٿيون. جن ڳوٺن جا اهڃاڻ منڇر ڍنڍ جي هاڻوڪي ڇيهه اندر لڌا ويا آهن (63)، سي سنڌ ۾ سنڌو رياست جي زوال واري دور جا يا ان کان ترت پوءِ جا لڳن ٿا. تر جي ماڻهن جو مکيه ڌنڌو اوائل کان ضرور مڇيون مارڻ هوندو: پر ”آمري“ ۽ هڙاپا وارا ماڳ اڄوڪي رواجي پاڻيءَ ليڪ کان چڱيرڙي پنڌ تي آهن. ان جي پڌري سمجهاڻي هيءَ آهي ته جنهن زماني ۾ اوائلي ماڻهو ان ڍنڍ ۾ مڇي ماريندا هئا، تنهن زماني ۾ اها ڪافي سسُي ويئي هئي. انهيءَ سوس جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اهو ٿو ڀائنجي ته ان کي سنڌوءَ جي ليٽ جو پاڻي نه ملندو هوندو. سکر کان مٿڀرو درياهه جي رستي -مَٽَ جو قدرتي نتيجو اهو ئي ٿي سگهي ٿو (64).

* ماٺي سمنڊ واريءَ ماٿريءَ (هاڻ اردن ۾ آهي) جو هڪ آڳاٽو شهر؛ ڪنعانين جو پهريون شهر، جنهن تي بني اسرائيل حملو ڪري قبصو ڪيو هو. مترجم

۽ جي اسان سنڌوماٿريءَ تي آيل انهيءَ قدرتي مصيبت جي اڳياڙي ٻڌئون ته منڇر  ڍنڍ  جي   اولهه ۽ ڏکڻ ۾ ڪوهستاني ۽ ڪاڇي  جي  آڳاٽن  اهڃاڻن  جي هڪ عجيب خاصيت جي خاطريءَ جوڳي سمجهاڻي ڏيئي سگهون ٿا. اها عجيب خاصيت آهي آمريءَ جي زماني وارن ڳوٺن (65) جي پسگردائيءَ ۾ سنڌو تهذيب وارن جي ٿاڪن (66) جي موجودگي: اهي ٿاڪ يا ته مذڪور ڳوٺن جي وچ ۾ پکڙيل آهن (67) يا وري انهن سان ائين رليل مليل آهن، جو وري ڌار نٿا ٿي سگهن (68).

خود آمريءَ ۾، لوهريءَ ۾ ۽ غازي شاهه ۾ چٽي تهبندي اهو ثابت ڪري ٿي ته سنڌوءَ وارن اهي ماڳ آمريءَ وارن جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ- شايد گهڻو، گهڻو پوءِ-والايا هئا. اُها اِهائي ثابتي آهي، جنهن تي آڳاٽن اهڃاڻن جي ڄاڻن جي هيءَ راءِ ٻڌل آهي ته آمري تهذيب ميدانن جي مهان تهذيب کان آڳاٽي آهي. مڃيوسين ته ائين هوندو، پوءِ ڀلا هي جو ٻين هنڌن تي ٻنهي تهذيبن جي وچ ۾ لوهه وچڙ جا اهڃاڻ ملڻ ٿا، تن جي ڪهڙي تاويل ڪجي؟ ڇا اهي ماڻهو، جن اڳتي هلي موهن جي دڙو ٺاهيو، سي ڏکڻ بلوچستان کان ٿيندا سنڌو ماٿريءَ ۾ گهڙيا هئا ۽ ڇا اهي هنڌ سندن درجي بدرجي ترقيءَ جون عارضي منزلون هئا؟ يا جي سنڌو تهذيب وارا ڪنهن ٻئي هنڌان آيا هئا ته ڇا هنن پنهنجي گادي ميدانن ۾ رکندي، وڌي وڃي ٽڪرن جي اوٽ ۾ بيٺڪون وڌيون هيون؟ ٻنهي حالتن ۾هو آمريءَ وارن ساڻ گڏجي جيئندا نظر اچن ٿا. پر اسين سندن ناتن بابت ڌڪوئي هڻي سگهون ٿا. جيڪا ثابتي آهي، تنهن مان، يا ائين کڻي چئجي ته برخلاف ثابتي نه هجڻ جي ڪري (69)، ائين معلوم ٿو ٿئي ته ٻنهي جي وچ ۾ رواداري هئي، پر ايتري ڊيگهه نه هئن، جو هڪٻئي جي تمدن تي اثر انداز ٿي سگهن. شڪ ناهي ته ته ٻنهي جي وچ ۾ مالُ مٽ به ٿيندي هئي ۽ جيئن ته سنڌو رياست وڌيڪ طاقت واري هئي، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته آمريءَ وارا سندن ڏن-ڀرو هجن(70).

ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته سنڌوءَ وارن ڪوٽ عليمراد ڦوسي لڪ جي منهن جي بچاءَ لاءِ ٺاهيو هو. اهو لڪ وچ بلوچستان ۽ سنڌ جي وچ ۾ هڪ مکيه واٽ آهي. پر هنن جون ڏکڻ طرف وارن ٽڪرن ۾ جي بيٺڪون آهن، سي رواجي کليل ڳوٺ آهن ۽ نه حاڪمن جا ڳڙهه. اها ڪهڙي ڳالهه هئي. جنهن هنن کي ان ٽاڪرو ملڪ ۾ آمريءَ وارن سان گڏجي رهڻ يا ماڳهين ان ملڪ ۾ اچي رهڻ تي راضي ڪيو هو؟ ڪرچات ۽ شاهه-جي-ڪوٽڙي وارا ”سنڌو“ ٿاڪ ڄڻ ته ڪي خال ٿا پرين، جي ٽاڪرو ملڪ مان اتر کان ڏکڻ ويندڙ ”شاهراهه“ سان لڳ لڳ ”آمري“ بيٺڪن جي زنجير ۾ هجن. ان مان اهو انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته هو گڏجي جيئندا هئا. اها شاهراهه، سنڌونديءَ جي اولهه پاسي، مٿينءَ ۽ هيٺينءَ سنڌ جي وچ ۾ ضرور هڪ سڻائي واٽ هوندي. ڇا اسين اهو ڀانيون ته اها واٽ ڪنهن سامونڊي بندر تائين ٿي ويئي، يا اها اڳتي وڃي ۽ الهندن ملڪن سان خشڪيءَ رستي ٿيندڙ  واپار جي ڪنهن مکيه واٽ سان ملي؟ ڄاڻايل هنڌن جي ڏکڻ ۾ ڏسوي Desvi نالي هڪ ننڍو سنڌو تهذيب جي زماني جو ماڳ آهي. اهو ماڳ تڏهن ٿرڙي گُجي Tharri Gujo ڏانهن ويندڙ واٽ ۽ ان واٽ جي ٻه-واٽي وٽان هوندو، جيڪو عاملاڻو (71) Amilano ٽپندو، پاٻوڻي Paboni ناڪي، لسٻيلي جي پَٽُ ۽ ان کان پرتي وڃي ٿو.

اهي ڄاڻايل نالن وارا هنڌ ضرور ان واٽ سان وکر کڻي لنگهندڙ قافلن جي ڪري اُسريا هوندا، پر هڪ ٻي سمجهاڻي به آهي، جا نه رڳو انهن ننڍڙين وسندين کي پر سنڌ جي ٽاڪرو سرحد واري ڏيهه ۾ جي سنڌو تهذيب جا ٿاڪ هئا، تن سڀن کي به ليکي ۾ آڻي ٿي ۽ انهن بيٺڪن جي ساڳئي ڏيهه اندر آمري بيٺڪن سان لاڳاپي جي جا الڳ الڳ نوعيت آهي، تنهن جي پڻ وضاحت ڪري ٿي. اها سمجهاڻيءَ هيءَ آهي ته سنڌوءَ وارن جون بيٺڪون سندن تهذيب جي پوڻائيءَ واري زماني جون آهن؛ ته ان تهذيب وارن مان ڪي پَٽن ۾ پيٽ قوت نه ڪري سگهيا ته اتان لڏا پٽي وڃي ٽڪرن کان نڪتا ۽ پنهنجن آمريءَ وارن پاڙيسرين جا مزمان ٿيا. پنهنجا اجها ڏنڀ ۽ ڍال ۾ آمريءَ وارين وسندين جي ڀر ۾ اڏيائون. توءنگ ۽ نئنگ ۾ لڳي ٿو ته آمريءَ وارن کين پنهنجي ڳوٺ اندرئي رهڻ ڏنو (72). ڪرچات ۽ شاهه-جي-ڪوٽڙي ۾ هنن پنهنجا ڳوٺ آمريءَ وارن جي ڳوٺن جي وچ ۾ جي خال هئا، اُتي ٻڌا. انهن سڀني هنڌن تي اڄ به ٻارهوئي پاڻي ملي ٿو ۽ ٿوري گهڻي پوک به ڪئي وڃي ٿي. اُتي اهي مٺ جيترا لڏي آيل ڪم ڪري ۽ پراڻن ٿانيڪن رهاڪن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي نئين حيثيت تي راضي رهندي هانوَ-جهل جيترو قوت ته ڪڍي ٿي سگهيا.

درياهه جي رستي-مَٽَ واري اها فرضي مصيبت نه به اچي ها، تڏهن به مٿينءَ سنڌ تي اتر کان حملي ٿيڻ جي حالت ۾ پڻ ساڳي ٽڪرن ڏي لڏ پلاڻ ٿئي ها. يا ماڳهين ائين به ٿي سگهي ٿو ته ”سنڌو“ وارن جا جيڪي ڳوٺ آمريءَ وارن جي ڳوٺن سان رليل مليل آهن، سي محدود پيماني تي بيٺڪن وجهڻ جا مثال هجن؛ اهي بيٺڪون متان گهڻو اڳ وڌيون ويون هجن. اڃا به ڪا اهڙي ثابتي ملي سگهي ٿي، جا ظاهر ڪري ته جيڪي ماڻهو سڀيتا جو سمورو ٽڪساٽ کڻي سنڌوءَ جي ميدانن ۾اچي پر گهٽ ٿيا هئا، تن اهو سڀڪجهه نيٺ به پرايو ڪٿان هو. پر آءُ نٿو سمجهان ته پوءِ ٽڪرن جي پاسن کان اهي هنڌ سندن سنڌ ڏانهن ڪوچ جُون آخري منزلون معلوم ٿيندا (72-الف)

هيءُ موهن-جي -دڙي جي پوين ڏينهن جو خيالي ناٽڪ رچايو اٿم، تنهن جي هڪ گهٽ پوئين ڏيک ۾ شهر وارن جي اڪثريت کي اتر-اوڀر ڏانهن لڏيندي ڏيکاريو اٿم ته جيئن وڃي درياهه ڀيڙا ٿين، جو سندن شهر کان منهن مٽي ويو هو. انهيءَ خيال بابت کڻي ڇا به سوچيو وڃي، پر اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ويچار ته ڪرڻوئي آهي ته آخر موهن-جي-دڙي جي اڪيچار رهواسين ساڻ ڪهڙي ويڌن ٿي هئي-آيا سندن رياست جي تباهي هوريان هوريان آئي هئي يا اوچتي ۽ اها تباهي ڪنهن آسماني آفت جي ڪري آئي هئي يا انساني دشمن هٿان. ”آخري ڪوس“ جا جيڪي شڪار کوٽاين نروار ڪيا آهن (73)، سي ٿي سگهي ٿو ته رهيا کهيا بيحال شهر واسي هجن، جيڪي عام لڏ پلاڻ کان پوءِ به پنهنجا ڪک نه ڇڏي سگهيا هجن- شاهي آدمشماريءَ جا ڪڻا، جن ڪاهي آيل ڪٽڪ سان پڇاڙيءَ تائين ويڙهه کاڌي هوندي. جيتوڻيڪ ان ڳالهه جي ڪا سڌي ثابتي ڪانهي ته موهن-جي-دڙي مان ڏسيل مفروضي موجب ئي ڪا لڏ پلاڻ ٿي هوندي، پر انهيءَ تر ۾ چقمقي پهڻ جا اوزار واپرائيندڙ ماڻهن جي والار جا انيڪ اهڃاڻ مليا آهن، جنهن تر مان آءُ سمجهان ٿو ته درياهه جو مکيه وهڪرو اتر-اولهه سنڌ جي تر تياڳي، وڃي وهڻ لڳو هوندو. هيءَ حقيقت ته انهن مان گهڻا هنڌ ڏسڻ ۾ وڏي پيماني تي عارضي پڙاءَ ٿا اچن، سا حقيقت ان نظريي جي فائدي ۾ آڻي سگهجي ٿي، تُوڻي جو ڀڳل ٿانون جي ٺڪرن جي گهڻ مان هيءُ انومان پڻ نڪري سگهي ٿو ته جڏهن جڏهن به ريڻي واهه ان ترکي ٻوڙيندو هوندو، اتان جا ماڻهو تڏهن تڏهن اجهي وٺڻ لاءِ وڃي انهن هنڌن تي ڇڙوڇڙ ٿاڪ ڪندا هوندا. انهن آڳاٽن واهڙن جي سنوت ۾ اڪيچار ڀٽن ۽ ٻيٽن جي هلڪين اتانهين تي جيڪي ٿانون جا ٺڪر ڦهليل آهن، تن ۾ چقمقي پهڻ جي ڌار وارن اوزارن جو اڪثر لڀڻ گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ثابت ڪري ٿو ته جن هت ڊاٻو ڪيو هو، تن ۾ تاريخ جي زماني کان آڳاٽا ماڻهو به هئا. هنن مان گهڻا ماڳ ويجهي ۾ ويجهي چقمقي پهڻ واري ٽڪر کان به پنجاهه ميل پري آهن (74).

ساڳئي تر ۾ هڪڙي ٻي جاءِ، جا پڌري پٽ وڌيڪ ٿانيڪي ۽ ٿرائتي وسندي هئ، سا آهي ڊب ڊيٿري (75). هيءَ ڏسڻ ۾ هيکلي ويڳاڻي ڀٽ ٿي اچي، جا پٽ کان سو فٽ کن اتانهين آهي ۽ ان جو مٿاڇرو، جو اڌ چورس ميل کن هوندو، سو ٺيڪراٺ سان ڍڪيل آهي. اولهه واري پاسي اها ٺيڪراٺ قدري ويجهڙائيءَ ۾ اُڏري آيل واريءَ جي هيٺان لڪي ويئي آهي. ائين چئي سگهجي ٿو ته ڊٻ ڊيٿريءَ جا رڳو مٿيان تهه واريءَ جا آهن ۽ ان جي هيٺان ڪو وڏو شهر پوريل آهي؟ ترت ڏکڻ -اوڀر واري پٽ تي هڪڙو کوهه لڌو ويو هو، جيڪو زمين جي مٿاڇري کان ڪي چار فٽ هيٺتي هو. اهو کوهه گهير ۾ پنج فٽ کن آهي. پر پاسن جي هر قطار ۾ رڳو نو سرون اٿس، جي سڀ هڪ ئي ڪاڇي ۽ قالب جُون نه آهن. سرون اڀيون نه پر اڏيون گولائي ۾ لڳل آهن ۽ پاسي کان ڏسڻ تي ونگ جو ڏيک ٿيون ڏين. اوساريءَ جو اهو نمونو موهن جي دڙي جي انيڪ کوهن جي اوساريءَ کان بنهه نيارو آهي.

وڌيڪ ثابتيءَ کان سواءِ ڊٻ ڊيٿريءَ جي عمر ٻڌائڻ ممڪن نه آهي. اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڪڏهن نه ڪڏهن اتي پڻ کوٽائي ڪئي ويندي. ريڻي ماٿر کان ڪي پنجاهه ميل هيٺڀرو ڏکڻ-اولهه ۾ هڪڙو ماڳ آهي، جو پڻ سنڌو تهذيب سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو. هيءَ هڪ دڙي آهي، جنهن جي پکيڙ ايڪڙ کن ٿيندي. ان جو مٿاڇرو پڻ ڪيترن ئي وڻن سان ڀريل آهي، جن ۾ چقمقي پهڻ جا ڌار وارا اوزار ۽ ٺڪر جا ٽئنگر ٿانو به اچي وڃن ٿا. کوٽائيءَ ۾ هڪڙيءَ جاءِ جي ڀت به نڪتي آهي، جا پڪين سرن جي آهي. ان دڙيءَ جو نالو ”ٿيڙ“Ther  آهي ۽ ”ممڙي“ کان ڪي ٽي ميل اوڀر ۾ هڪڙيءَ واهيءَ وٽ، آهي، جيڪا ريڻي نديءَ ڏي وڃي ٿي (76). ممڙي جي ويجهو ٻه وڏيون اتانهيون ايراضيون ٺڪرن سان ڇانيل آهن.هتان جهونا واهڙ-هاڪڙي جون شاخون-، جي سُڃ منجهه پري پري نڪري ويون آهن، گڏجي ناري جي وڌيڪ موڙهيءَ ماٿري ۾ ڏانهس وڌڻ شروع ڪن ٿيون.

مٿينءَ سنڌ ۾ سنڌوءَ جي اوڀر طرف هڪ ٻيو ماڳ آهي، جو ضرور ڪنهن اهميت وارو هوندو ۽ گهڻو ڪري سنڌو تهذيب سان واسطو رکي ٿو. اهو ماڳ روهڙيءَ کان اڍائيءَ ميل کن ڏکڻ-اوڀر طرف آهي ۽ هڪ صدي اڳ نارا واهه جي کوٽائيءَ ڪندي زمين جي مٿاڇري کان ڏهه ٻارهن فٽ هيٺان نڪتو هو. ان جي انيڪ گهرن جا بنياد پڪين سرن جا هئا. اهي گهر اٽڪل پنج وال ڊگهي مفاصلي تي ڦهليل هئا. هڪڙو چئن فٽن کان وڌيڪ ويڪرو کوهه به هو، جنهن کي کوٽي ڏٺو ويو ته ٻيا ٻارنهن فٽ اونهون نڪتو. هڪڙي پٿرائين اوساريءَ سان ڀت به لڌي ويئي ۽ کڄڻ جهڙين شين ۾ ٺڪر جا ٿانو، وڏي تعداد ۾ ٻارن جا ٺڪر جا رانديڪا ۽ پهڻ جا تور-وٽ به هٿ آيا (77).

ناري ماٿريءَ کان ڪي اڍائي سو ميل هيٺ ڏکڻ ۾، جتي ڦاٽ وري هاڪڙو سڏجڻ لڳي ٿو. اسان کي سنڌو تهذيب جو هڪڙو ٻيو هنڌ ملي ٿو. اهو مٺي تعلقي ۾ ”نهٽي“ Nuhto جي ڀرسان آهي ۽ ”ڳاڙهو ڀڙو“ Garho Bhiro اٿس. هيٺينءَ سنڌ ۾ ٿر جي الهندي ڇيڙي جي سنرت ۾ جي ڀٽون آهن، تن بابت آءُ اڳيئي ٻڌائي چڪو آهيان (78) ته اهي سڌي پٽ تان ائين اُمالڪ اٿن ٿيون، ڄڻڪ سمنڊ جي ڪپر سان اڀريل ڇپون. ڳوٺ نهٽي جي ويجهو ٻه دڙا آهن. انهن مان هڪڙو ميدان ۾ اڳتي نڪتل ڀٽ تي آهي. ٻيو دڙو وري انهيءَ ميدان ۾ فرلانگ کن ”ڪپر کان اندر“ بيٺل آهي، جيئن جهنگ جي سمنڊ ۾ ڪو ٻيٽ.

ڀٽن سان لاڳاپيل دڙي ٿي هڪڙي ڪوٽ جا چٽا اهڃاڻ آهن، جو نسبتي طرح نئين زماني جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر ان تي ڦهليل ٺڪرن ۾ اهڙا نمونا به آهن، جي الهنديءَ سنڌ جي اڳتاريخي تمدنن جي خاصيت آهن.هتي لڌل پيلي رنگ جي هڪ ٺڪري ٿي سگهي ٿو ته جهڪر واري زماني جي ٿانون جي هجي. ”ٻيٽ“ جهڙو دڙو، ڳاڙهو ڀيڙو، پٽ کان 25 فٽ کن اتانهون ۽ پنجن ڇهن ايڪڙن تي پکڙيل آهي. جيئن ان جي نالي مان ظاهر ٿئي ٿو، اهو پڪل مٽيءَ جي دز ۽ ٿانون جي ٺڪراٺ سان لال لڳو پيو آهي.

مٿاڇري تان لڌل وٿون گهڻو ڪري سنڌوءَ جون آهن. جا ڳالهه خاص ڌيان لهڻي، سا آهي ٽئنگر ٿانون جي گهڻ ۽ گوناگوني. ٺڪر جا ڪنگڻ، چقمقي پهڻ جا ڌار وارا اوزار، نيم قيمتي پهڻن جي ڇل ۽ ٽامي جي ڪانٽن جا ٽوٽا توڙي ڳاريل پر اڻسوڌيل ڌاتوءَ جا ننڍا ڳنڍا پڻ هٿ آيا آهن. چٽساليءَ وارن ٿانون جي ٺڪرين تي جيڪي شڪليون ٺهيل آهن، تن ۾ هڪڙي کجيءَ جي پن جهڙي آهي؛ ۽ اڪريل ٿانو به چڱي خاص تعداد ۾ آهن. اهڙا ٿانو ڀر واري ”اپٻيٽ جهڙي“ دڙي تي به نمايان آهن. انهن جو چوکو انگ رنگ جو گهاٽو خاڪي آهي ۽ جهانگاڙ Jhangar وارن ٿانون سان ميل کائيندڙ لڳي ٿو (79).

هيل تائين هٿ آيل ثابتين مان ظاهر ٿو ٿئي ته نهٽو سنڌو تهذيب جي زماني جي وسندي هئي، جنهن کي پوءِ، چنهون دڙي جيان، جهڪر ۽ جهانگاڙ وارن ماڻهن اچي والاريو. ان جي بيهڪ دلچسپيءَ واري آهي. جيڪڏهن اسين ميجر ريورٽيءَ جي نظريي کي قبول ڪريون ته پوءِ اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته نهٽو سمنڊ جي هڪ کاريءَ جي اڀرندي ڪپر تي هو. اها کاري سنڌو تهذيب جي ڏينهن ۾ اتر ۾ گهڻو پري هلي ٿي ويئي. هينئر به نهٽو سمنڊ جي مٿاڇريءَ کان رڳو 25 فٽ مٿي آهي، حالانڪ ڪڇ جي رڻ کان ان جو مفاصلو پنچاهه ميلن کان گهٽ ناهي، ۽ اڄوڪي کليل سمنڊ کان ٻه سو ميل کن پري ٿيندو. سمنڊ جي اڳتاريخي ڪپر ۽ ان جي لاڳاپي سان نهٽي جي بيهڪ بابت ڪنهن راءِ قائم ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ تيستائين، جيستائين اسان کي اها پڪ نٿي ٿي وڃي ته هاڪڙي جي ڪنڌيءَ سان اڃا هيٺڀرو ڀنگار واري زماني ۾ڪابه ٻي وسندي ڪانه هئي. هيءَ ڳالهه ڄاڻائڻ جوڳي آهي ته نهٽي کان اٺ ميل هيٺ، نئين ڪوٽ وٽ هڪڙو پڊ اهڙو آهي، جيڪو شايد ٻوڌي زماني جو آهي. اهو دڙو هاڪڙي جي ساڄيءَ ڪنڌيءَ تي يعني لٽاشي زمين ۾ آهي (80) ڪي ٿورا ميل اڃا به هيٺ ڍوري پُراڻ ۽ هڪڙي جو دوآبو آهي.

جيڪڏهن نهٽي واري بيٺڪ انهن ڏينهن جي آهي، جن ڏينهن ۾ سنڌو نديءَ جي پاڻيءَ جو وڏو يا گهٽ ۾ گهٽ چڱو چوکو مقدار نيم سان هاڪڙي واري گهاري منجهان وهندو هو، ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته نهٽو، درياءَ جي پتڻ هجڻ ڪري موهن-جي-دڙي واريءَ رياست لاءِ ڪا اهميت رکندو هجي. جڏهن انهيءَ امڪان کي ته مکيه اندروني اچ-وچ پاڻيءَ رستي ٿيندي هئي آڏو رکجي ٿو، تڏهن هيءَ ڳالهه عجيب ٿي لڳي ته ان تهذيب جي اهڃاڻن ۾ ٻيڙين جا تمام ٿورا چٽ مليا اٿئون. انهن ۾ جنهن نموني جون ٻيڙيون ڏيکاريل آهن، سي سامونڊي ته ٿي نٿيون سگهن، اهي رڳو ڍنڍن ۽ندين ۾ هلڻ جهڙيون هونديون. جيسين ڪي ٻيون ثابتيون هٿ اچن، تيسين اهو سمجهڻ واجبي  ٿيندو ته سنڌو تهذيب وارو سمنڊ جهاڳيندڙ قوم نه هئا، ۽  جيڪڏهن هنن جو ڪو سمنڊ رستي واپار ٿيندو به هو ته اهو ٻين جي هٿن ۾ هوندو (80-الف) ناري هاڪڙي جهڙا واهڙ، جن جا وهڪرا ڪي گهڻا ڦرندا گهرندڙ نه هوندا، تن ۾ ٻيڙين هاڪارڻ لاءِ ڪنهن وڏيءَ اٽڪل يا ڪاريگريءَ جي ضرورت نه پوندي هوندي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه هجڻ کپي ته ڳاڙهي ڀيڙي تان جيڪي چقمقي پهڻ جا ڌار وارا اوزار لڀن ٿا يا اهو پهڻ جنهن مان اهي اوزار نڪتل آهن، سي اوزار يا پهڻ اڍائي سو ميل پري اتر ۾روهڙيءَ جي ڀرپاسي کان پاڻيءَ رستي آندا ويندا هئا. توڻي جو سُڪيءَ رستي اولهه ۾ ان کان به اڌ پنڌ تان اهو پهڻ اچي پئي سگهيو. ائين وسهڻ لاءِ سبب آهي ته ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ناري-هاڪڙي رستي ساڳئي هنڌان اڏاوتي پهڻ آندو ويو هو، البت ائين تنهن سال ٿي ٿيو هوندو، جنهن سال تمام وڏي ٻوڏ آئي هوندي (81).

جنهن ٻئي هنڌ بابت اسان کي پڪ آهي سو آهي ته اهو به سنڌو تهذيب جي ڏينهن ۾ سمنڊ تي يا سمنڊ جي تمام ويجهو هو، سو آهي ٿرڙو گُجو Tharro Gujo جو  پڻ ڪوٽ اندر هو. اهو هنڌ ٺٽي کان ڏهاڪو ميل اولهه طرف آهي. پر اهو بنيادي طرح هڪ ”آمري“ بيٺڪ آهي ۽ اتان جيڪي به ٿوريون گهڻيون سنڌو تهذيب جون وٿون هٿ آيون آهن، سي ايتريون اهم نه آهن (82).

اسان سنڌو ”رياست“ جي ڏاکڻي ڀاڱي جو هيءُ جيڪو جائزو پيش ڪيو آهي، تنهن مان ڪيترائي انومان ڪڍي سگهجن ٿا. ان جائزي ۾ ڪيترا خال به آهن، جن کي حال في الحال قياس آرائيءَ سان ئي ڀري سگهجي ٿو. جيستائين اها قياس آرائي لاڳاپيل ثابتيءَ سان ٺهڪي اچي ٿي، تيستائين ان کي ليکت ۾ آڻڻ ۾ ڪو اهم ڪونهي. آءُ ڪين ويچارن ڄاڻائڻ جو جوکو ته کڻان پيو، پر اها پروڙ اٿم ته متان ٻيون سمجهاڻيون وڌيڪ مناسب هجن، يا ماڳهين نيون کوجنائون منهنجن ويچارن کي غلط ثابت ڪري ڇڏين.

ڀائنجي ٿو ته چوماسي جُون ڏکڻ -اولهه واريون هوائون اڳتاريخي زماني ۾ هاڻي کان وڌيڪ سگهاريون هيون، ممڪن آهي ته اهي سنڌ جي اولهه ۽ اتر-اولهه تائين لڳنديون هجن؛ ۽ اهو ته سنڌوءَ جي هيٺينءَ ماٿر ۾ برسات شايد قدري سرس ۽ نيمائتي پوندڙ هئي، توڻي جو تڏهوڪيءَ ۽ هاڻوڪيءَ برسات ۾ فرق ايترو گهڻو نه هو. جيترو ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻايو وڃي ٿو. هي جو اُنُ وڏي شاهي پيماني ٿي ميڙيو ويندو هو، تنهن مان ڪنهن حد تائين ظاهر ٿئي ٿو ته تن ڏينهن ۾ سنڌوءَ جو مکيه وهڪرو ضرور، اڄوڪن ڏينهن جيان، اتر-اولهه سنڌ جي گهٽ وڏ ساڳئي ئي تر منجهان لنگهندو هوندو. ماڻهن پنهنجي گادي درياءَ جي ڀرپاسي ۾ ٺاهڻ جي ڀُل ڪانه ڪئي هئي، ڇو ته اتي ان کي سدائين درياءَ جي پائيندڙ وگهي ناس ٿيڻ جو ڊپ رهي ها. ٻئي طرف، سنڌو جي وڏي اٿل مند مند تي سندن شهر ٻوڙي ڇڏيندي هئي؛ پر ان کان هو ڪونه ٿي ڊنا. موهن جو دڙو ۽ ٻيا شهر ۽ ڳوٺ جن هنڌ تي وسايا ۽ ٻوڏن پڄاڻان وري وري نئين سر ٻڌا ويا هئا، تن هنڌن جي ڪشش هيءَ هوندي ته اهي ضرور اهڙين ڇوٽين ندين يا سائو گهارن جي ڀر پاسي ۾ هوندا، جن ۾ ورهين جا ورهيه ڪافي پاڻي رهندو هوندو، پر ايترو گهڻو به نه جو هاڃيڪار ثابت ٿئي.

اها ڳالهه گهگهر ۽ مٿئين هاڪڙي جي ڪنڌين سان ”سنڌو“بيٺڪن جي سلسلي مان چٽيءَ طرح پڌري ٿئي ٿي. پر جيئن ته انهن مان گهڻيون بيٺڪون انهيءَ مٿانهين ۾ مٿانهين هنڌ کان به مٿي آهن، جتان برف-کائو ستلج ڪنهن سائو گهاري منجهان وهي وڃي گهگهر ۾ پوندي هجي(83)  .سو اسين اهو انومان ڪري سگهون ٿا ته متان جمنا پوءِ به پنهنجو واڌو پاڻي آڻي چيتانگ ماٿريءَ ۾ اڇلائيندي هجي؛ يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته انهن ڇوٽين ندين جي منهن واريءَ ايراضيءَ ۾ جيترو مينهن هاڻ پوي ٿو، تنهن کان ضرور وڌيڪ پوندو هوندو. بيشڪ هاڪڙو هنن اڪيچار ماڳن جي ميڙ کي اتر-اوڀر سنڌ ۾ ريڻيءَ جي پاسي وارن ماڳن سان ڳنڍيندو هو. پر انهن جي وچ ۾ ئي ته اها ميجر ريورٽيءَ جي بيان ڪيل ايراضي آهي، جنهن جي سيني تي مهراڻ پنهنجي پراڻيءَ ڦرڻي گهرڻيءَ هلت جا چٽي ۾ چٽا نشان ڇڏيا آهن.

اهو ئي اهو ٽڪرو آهي، جتي سنڌوءَ جو کاٻي پاسي هلڪو لوڏو به سندس رخ ۾ اهو وڏو ڦيرو آڻي سگهي ٿو، جو، منهنجي انومان موجب، سنڌ جي اتر-اولهه ۾ سنڌو رياست جي ڦٽڻ جو مکيه ڪارڻ ٿي ٿي سگهيو: يعني سنڌوءَ جي گهڻي پاڻيءَ جو ڦري وڃي ناري ۽ هيٺين هاڪڙي منجهان وهڻ. شايد هيٺين هاڪڙيءَ جي ڪنڌي تي نهٽي جهڙيون وستيون اهڙي ڦيري جي نتيجي ۾ اسريون هيون، توڻي جو ائين به ٿي سگهي ٿو ته جڏهن سنڌو پنهنجي اولهه واري پيٽ ۾ ئي وهندي هجي، تڏهن به ان جي آٿل جو پاڻي ناري ۾ ايتريءَ باقاعدگيءَ سان وهندو هجي، جو سنڌ جي واديءَ جي ڏکڻ-اوڀر واري اها ڪنڊ ان سبب اوتري ئي سائي ستابي ۽ آباد رهندڙ هجي.

بهر حال اسان کي اهڙي امڪان کي رد ڪرڻ نه کپي ته سنڌو ندي سنڌ منجهان پنهنجيءَ هڪ منزل تي ٻن جدا جدا شاخن مان وهندي هئي، جيڪي هڪٻيئي کان پري پري هيون ۽ ٻنهي مان ٿي سگهي ٿو ته هڪ، سال جو فقط هڪ حصو، وهندي هئي.

حاصل مطلب ته اسان کي سنڌو تهذيب جي پراڻن هنڌن جي وڌيڪ کوٽاين جو انتظار ڪرڻو پوندو، ته جيئن اتان هٿ ايندڙ معلومات منجهان اسين قديم زماني جي انهن گذري ويل ماڻهن جي گهرو زندگيءَ، سندن سماجي رسم رواج ۽ روايتن ۽ سندن ڌنڌن ۽ ڪاريگرين وغيره بابت پنهنجي ڄاڻ ۾ گهربل واڌارو آڻي سگهون.پر ايترو سو آهي ته ان سنڌو تهذيب جي اصلوڪي ماڻهن جي کاڌ خوارڪ، سماجي رهڻي ڪرڻيءَ توڙي انهن جي راڄ ۽ رياست جي طور طريقي متعلق اسين هن لٽ ڀريل دائمي وهندڙ سنڌو درياهه جي هاڻوڪي وهڪري، رخ رمز ۽ موج مستيءَ جي ڏسڻ ۽ جانچڻ سان به ڪافي ڪجهه عام قسم جا نتيجا ڪڍي سگهون ٿا ۽ ائين پنهنجي ان علمي مشاهدي ۽ عملي تجربي منجهان پرايل معلومات جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن سنڌو تهذيب جي ان قديم معاشري جو ڪو نقشو پنهنجي سامهون آڻينداسون ته ان ۾ شايد غلطين ۽ اڻپوراين جو امڪان گهٽ موجود هوندو.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

 

پنجاب، بلوچستان، سنڌ، ڪاٺياواڙ ۽ اتر پرديش ۾ ان تهذيب جا جيڪي”ٻاهرين ۾ ٻاهريان“ ماڳ اڄ تائين سڃاتا ويا آهن. تن کي نقشي تي ليڪ سان ڳنڍيو ته جيڪو گهڻ-ڪنڊو ٺهندو، تنهن جي اندرين پکيڙ پنجن لکن چورس ميان جي لڳ ڀڳ وڃي بيهندي. سُڪتاجن. ڊور (Sunktagen dr) گهڻو ڪري ”سنڌو“ رياست جي انتظامي حد کان ٻاهر هڪ وڻجارڪي چونڪي هو؛ ۽ اهو بنهه اڻ ٿيڻو ٿو لڳي ته ڪو الهندي راجپوتانا ۽ اڀرنديءَ سنڌ واري ٿر ريگستان ۾، جيڪو پکيڙ ۾ ٿلهي ليکي هڪ لک چورس ميل آهي، ”سنڌوءَ وارن“ جي والار هوندي.

انهن جو انگ سال به سال وڌندو رهي ٿو. سرمارٽيمر ويلري 1953ع واريءَ وچور (سنڌو تهذيب، ص 6-95) ۾ 62 ماڳ ڄاڻايل هئا. انهن ۾اهي پنجويهه کن ماڳ به شامل آهن، جي تڌهن اتر بيڪانير ۾ تازو تازو سڃاتا ويا هئا. سر مارٽيمر انهن مان رڳو ٻن جا نالا ٻڌائي ٿو. هن جي چوڻ موجب، اها وچور گهڻي ڀاڱي ٺڪر جي ٿانون جي ثابتيءَ تي ٻڌل آهي ۽ ان ۾ شڪ جوڳا ماڳ شامل نه ڪيا ويا آهن.

سنڌ جا هي ماڳ ڄاڻايا نه ويا آهن: خاص الخاص ”لکيو“ (مجمدار، ص 8-67)، ”عاملاڻو“ (ايضاً، ص 143، ڀيٽيو پگٽ، ص 3-172، 212) بشرطيڪ ”الهڏنو“ نالي ماڳ، جيڪو وچور ۾ ٽيون نمبر آهي ۽ جيڪو صفحي 3 تي ڏنل نقشي ۾ عاملاڻي واريءَ جاءِ تي ڏيکاريل آهي، سو ان نالي (عاملاڻو) جي بگڙيل شڪل نه هجي؟ (هلندي هلندي، اهو به ڄاڻائي ڇڏجي ٿو ته ڏيجي -جي-ٽڪريءَ جو نالو ڏيجي-جي- ٽڪري ڏنل آهي)، پاڻيءَ- جو-ڪوٽڙو، راجو ديرو ۽ نئنگ (”جهونو هندستان“، نمبر پنجون، جنوري 1949ع)، تونگ، ٿيڙ، نهٽو ۽ س.ت.س.ر، جلد پنجين نمبر ٻئي (1941ع)، جلد ستين، ص 69-59 (1944ع) ۽ جلد اٺين نمبر پهرئين (1946) ۾ بيان ٿيل ٻيا ماڳ به انهن سان شامل ڪري سگهجن ٿا.

1953ع ۾ ”سنڌو تهذيب“ جي ڇپجي پڌري ٿيڻ کانپوءِ ڪاٺياواڙ ۾ ان تهذيب جا ڪيترائي ماڳ لڌا ويا آهن. رنگپور واري ماڳ کي 1934ع ۾ ايم. ايس. وئٽس (M.S.Vats) سنڌو تهذيب جو ڪري سڃاتو هو (هه.آ.ا.س.،ي. 35-1934، ص 8-34). ”جهونو هندستان“ جي نمبر 3 جي صفحي 129 تي جا هڙاپا وارن ماڳن جي مئڪرائون واري فهرست ڏنل آهي، تنهن ۾ هيءُ ماڳ پڻ ڄاڻايل آهي. ويلر جي هڙپا بابت رپورٽ (1946)  اها فهرست  ضميمو ” ب“ ڪري ڏني ويئي آهي. ويلر پنهنجي 1953ع واريءَ فهرست ۾ ان ماڳ جو نالو شايد ان رپورٽ جي ڪري نه ڏنو آهي، جا ايڇ.ڊي. ڊڪشٽ رنگپور ۾ ڪرايل کوٽاين بابت ڏني هئي(”دکن ڪاليج جي کوجنا واري اداري جو خبر نامو“، جلد يارهون، ص 55-2)، جيتوڻيڪ پگٽ 1950ع ۾ (”تاريخ جي زماني کان اڳ جو هندستان“ ص 137) ان جو ذڪر ڪيو هو. اهو ماڳ سنڌو تهذيب جو هو، تنهن بابت سڀ شڪ شبها ايس.آر. رائو (”هندستان جا آڳاٽا اهڃاڻ“، 4-1953ع، ص 7) آخرين طرح دور ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌو تهذيب جا ٻيا ماڳ گجرات ۾ تابتيءَ ۽ نريدا جي ڇوڙن وٽ ۽ هڪڙو، اکلينا، (Ukhlina) اتر پرديش ۾ ميرٺ کان نو ميل اولهه طرف لڌا ويا آهن. جيڪي ماڳ سنڌ ۽ بلوچستان مان شامل ڪرڻا آهن، سي آهن: جيڪب آباد کان 18 ميل اتر -اولهه طرف جو ڊيئر-جو-دڙو، ڪوٽ ڏيجيءَ واري قلعي (جو ڏيجي-جي-ٽڪريءَ کان جدا آهي) جي ترت اولهه ۾ هڪڙو هنڌ؛ ۽ اهي هنڌ، جي مس بي.ڊي.ڪارڊي (Miss B.D. Cardi)  1957ع ۾ لڌا هئا، جهڙوڪ هرباب لڪ کان هيٺ پير-ٽڪرين ۾ لڌل، ڪڇيءَ ۾ مولا لڪ ويجهو ”ڪوٽڙو“ (Kotra) جي ڀرسان لڌل؛ ”جهان“ وارن ماڳ، جو مولا لڪ جي اڌ ۾ آهي؛ ۽ جهالاوان ۾ اورناچ وٽ لڌل ٻه ماڳ.

”هندستان جا آڳاٽا اهڃاڻ“، 58-1957ع، ص 14-13: سر مارٽيمر ويلر، ”اوائلي هندستان ۽ پاڪستان“، ص 8-94: ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“، 24 مئي 1958ع؛ ”پاڪستان نيوز“، 26 آڪٽوبر 1957، 11 مارچ 1958ع).

سر مارٽيمر ويلر، ”سنڌو تهذيب“، (1953ع).

ڊاڪٽر اي.مئڪي، ”اوائلي سنڌو تهذيب“، ٻيو ڇاپو، 1948ع)، پليٽ 34.

مئڪي، ”اوائلي سنڌو تهذيب“، ص 26-25. ڀتين جي ٿولهه مان ڪڍيل ان انومان جو واجبي هجڻ شڪ جوڳو آهي. اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته ڀتيون ان ڪري رکيون ويون هجن ته جيئن آرهڙ جي ڏينهن ۾ ٿڌڪار رهي.

”سنڌ بابت شخصي تاثرات“ از ڪئپٽن ٽي. پوسٽنس ص 34-32 رچرڊ برٽن، 1851ع ۾ لکندي، شڪاپور جي آدمشماري ”اٽڪل 24 هزار رهاڪو“ ڪئي هئي. (سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ قومون“، ص 10)

ان ڳالهه جو ڪو مڪاني اثر هجي ته هجي، باقي 1851ع واريءَ ڳڻپ موجب سنڌ جي آدمشماريءَ ۾ زالن جي مردن سان نسبت، 1931ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي. ڏسو: ”هندستان جي آدمشماريءَ، 1941ع، جلد ٻارهون، سنڌ، ص 27، ۽ پڻ جدول ٻي ص 7.

سنڌ، خيرپور رياست سوُڌي، ڪراچي کان سواءِ. ”هندستان جي آدمشماريءَ“، 1941 جلد ڏهون ۽ ٻارهون.مون آدمشماريءَ جا 1951 وارا انگ ڪم نه آندا آهن، ڇو ته انهن کي 1947ع دوران ۽ ان کان پوءِ هندستان کان لڏي ايندڙن جي زبردست پالوٽ بگيڙي ڇڏيو هو.

انگريزن جي قبضي کان اڳ سنڌ جي آدمشماريءَ ٿلهي ليکي ڏهه لک ڪٿي ويئي هئي. يعني هڪ چورس ميل تي ويهه ماڻهو . (”سنڌ بابت شخصي تاثرات“، از ڪئپٽن ٽي. پوسٽنس، ص 69).

اسٽوئارٽ پگٽ، ”تاريخ جي زماني کان اڳ جو هندستان“، 1950، ص 66، 67، 133: ويلر، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 50 پروفيسر پگٽ جو اهو رد-ويچار (Anit thesis) سخت ڀلائيندڙ آهي ته ”اڄ پنجاب ايشيا جي وڏي ۾ وڏن آن-اُپائيندڙ علائقن منجهان هڪڙو آهي، پر سنڌ ريگستان آهي، جنهن کي آبپاشيءَ جي وڏين وڏين رٿائن وسيلي وري پوک لائق بڻايو ويو آهي.“ پنجاب وڏو اَن- اُپائيندڙ علائقو ”آبپاشي جي  وڏين وڏين رٿائن“ جي ڪري ئي بڻيو آهي، جيئن سنڌ. ”سنڌ ريگستان“ وارو غلط تصور، جنهن کي خام مشاهدي جو يا ريگستان بابت ڪنهن عجيب سوچ جو نتيجو ئي ٺهرائي سگهجي ٿو، سو ، سڌارڻ جي هر ڪوشش جي باوجود، لڳي ٿو ته ابد تائين قائم رهندو. ڏسو: ”سنڌ ۾ واهن رستي اوائلي آبپاشي“، 1937، س.ت.س.ر جلد ٽيون، ڀاڱو پهريون،ص 14.

پگٽ، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص، 67: ويلر، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 5 سر جان مارشل (”موهن جو دڙو ۽ سنڌو تهذيب“، جلد پهريون، ص1) ڏيکاري ٿو ته موهن-جو-دڙو ”سنڌ جي ڀلين ۾ ڀلين اَن-اپائيندڙ زمينن“ جي وچ ۾ ”هڪڙي ننڍڙي ٽڪري“ تي واقع آهي.

راقم الحروف 1928ع کان 1930ع تائين لاڙڪاڻي جو اسٽنٽ ڪليڪٽر  هو .

ب.س.د.ا، جلد سترهون، (نئون سلسلو) 1855، ڀاڱو ٻيو، ”مٿينءَ سنڌ جي چانڊڪا پرڳڻي بابت رپورٽ“، ص 4-713. ڀيٽيو: مئسن، ”مختلف مسافرين جو احوال“ وغيره، جلد پهريون، ص 461.

پگٽ، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب،ص 70 سنڌ ۾ سنڌوءَ جو مشاهدي ۾ آيل گهٽ ۾ گهٽ وهڪرو 20 هزار مڪعب فٽ في سيڪنڊ آهي.سر ڪلاڊ انگلس موجب، وڌ ۾ وڌ رڪارڊ ٿيل انگ 7 لک 30 هزار ڪيوسڪ آهي. ”سنڌ گزيٽيئر“، ص 12: ”درياهن ۽ واهن جي هلت ۽ انهن تي ضابطو“، از ر ڪلاڊ انگلس، ص 183.

پگٽ. ساڳيو ڪتاب، ساڳيو صفحو؛ ڀيٽيو: هئگ، س، ڊ. م.س 30 جي سامهون ڏنل نقشو ۽ ص 9-118. سکر جي نسبت سان سنڌوءَ جي وهڪري لاءِ ڏسو ساڳئي ڪتاب جو باب ٽيون، ص 4-33؛ باب ستين جي ص 168 جو قلم تازو.

مثال طور، نصوپور. اهو شهر ارڙهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ وچينءَ سنڌ جي مکيه پڙي هو، پر 1758ع ۾ سنڌوءَ جي رستي مٽ کان پوءِ وري سنئين لڱين نه ٿي سگهيو آهي.

پگٽ، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 134.

پر سر جان مارشل ان بابت به خبردار ڪري ٿو (اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، جلد پهريون، ص 21). اسين ڏسون ٿا ته ”بامبي ٽائيمز“ ان (گهڻو ڪري) هڙاپا واري ماڳ بابت ساڳيا انومان ڪڍيا آهن، جيڪو ڪئپٽن ڪربيءَ (Capt.Kirby) 1855ع ۾ يا ان سال جي لڳ ڀڳ روهڙيءَ ويجهو اوچتو لڌو هو. ”رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي بمبئيءَ واريءَ شاخ جو رسالو“، جلد پنجون، (1857ع)، ص 473.

پگٽ، ساڳيو ڪتاب، ساڳيو صفحو سر مارٽيمر ويلر بظاهر ان خيال جي پٺڀرائي ڪندي اهوپڻ چوي ٿو ته ” جيڪي ماڳ وڏن درياهن جي ڪنڌيءَ تي يا انهن جي ڀرپاسي ۾ آهن، تن کي هاڻي جيان تڏهن به هماليا جي ٻيلن جو ڪجهه ڪاٺ لڙهندو اچي ملي سگهيو ٿي.“ (”سنڌو تهذيب“، ص 5) پر، بهرحال مٿان ايندڙ اهو ڪاٺ سنڌ جي بٺن ۾ ۾ ٻارڻ کان وڌيڪ قيمتي ٿئي ٿو. انهن بٺن ۾ مڪاني ٻَٻُر ڪنڊي ۽ لئيءَ جون ڪاٺيون ٻاريون وڃن ٿيون. سنڌو تهذيب جي ڏينهن ۾ به قدرتي طرح ائين ئي ٿيندو هوندو.

”سنڌ گزيٽيئر“. 1907، ص 47 اهو ڪاٺ رڳو سرڪاري ٻيلن جو هو. انهن ٻيلائي زمينن ۽ جهنگن جي وڏين وڏين ايراضين جو ڪاٺ ليکيو نه ويو آهي، جيڪي سرڪاري ٻيلات کان ٻاهر هيون.

پروفيسر پگٽ (آڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 135) ڄاڻائي ٿو ته ”سرنهن اڃا به سنڌ ۾ ٿئي ٿو.“ جيتوڻيڪ اسسٽنٽ سرجن، جي.اي. اسٽاڪس (J.E Stockes) 1948ع ۾ان وڻ بابت لکيو هو ته ”اهو سنڌ جو سڀني ۾ شاندار وڻ آهي،، ۽ لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ ضلعن ۾ تمام قداوار ٿئي ٿو“ (ب.س.د.ا. نمبر سترهون (نئون سلسلو) ڀاڱو ٻيو، ص 596)، تنهن هوندي به ان کي عام طرح ديسي وڻ نٿو سمجهيو وڃي. (”سنڌ گزيٽيئر 1907، ص 45).

پگٽ، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 134. ڀيٽيو: ويلر، ”حيوانات قسم قسم جي ۽ اهڙي آهي، جنهن لاءِ جزوي طرح جهنگ يا مڃر جو ڀر پاسي ۾ هجڻ ضروري آهي، جي هاڻ هن سوڪ ماريل تر ۾ ڪونه ٿين.“ (سنڌو تهذيب، ص 23). اڄوڪيءَ سنڌ ۾ ڪافي مڃر ۽ جهنگ آهن: موهن-جي- دڙي جي ڀرسان ۽ ٻين هنڌن تي.

”سنڌ گزيٽيئر“، ص 48. ”ننڍي مصر کان سُڪل پَن“ از اڳوڻو سياسي (اي. بي. ايسٽوڪ)، (ڇاپو 1849)، ص 165.

”ابن بطوطا جون مسافريون“، (فرينچ ٻوليءَ ۾)، سي.دفريميريءَ ۽ بي. آر. سانگينيني جو ترجمو، پئرس (1855)، جلد ٽيون، ص 100. ابن بطوطا گينڊي لاءِ عام عربي لفظ ڪتب آڻي ٿو، يعني کرکدن.

ايضاً، ص  14 هئگ پنهنجي مضمون، ”ابن بطوطا سنڌ ۾“ صحيح چيو آهي ته ”اهو پڙهڻ ۾ ”چاليهو“ يعني چاليهه ڏينهن، ٿو لڳي، جيڪڏهن مئي ڌاري شروع ٿيندو آهي.“ پر سنڌ ۾ منهنجيءَ ڄاڻايل مند ۾ به لڪون لڳنديون آهن. سيوهڻ نالي چڙهيو آهي ۽ ابن بطاطا کي پوري پني آبهوا وارن علائقن کان آئي ڪي ٿورا ڏينهن ٿيا هئا.

موسيو رينو، ”هندستان سان واسطو رکندڙ عربيءَ ۽ فارسيءَ جا اڻ ڇپيل احوال“، (پئرس، 1845)، ص 84، 190. البيروني هندي گيندي کي کرکدن کان الڳ ڏيکارڻ لاءِ کندي سڏي ٿو، جيڪو هن سنسڪرت جي هڪ لفظ تان کنيو آهي.

”سنڌ گزيٽيئر“. ص 252.

مئڪي، ”اوائلي سنڌو تهذيب“، پليٽ 17، نمبر 17 ص 63 ۽ 107 پڻ. ڀيٽيو: پگٽ، ص 157، سر جان مارشل (اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، جلد پهريون، ص 2) ان ثابتيءَ جي اهميت مڃڻ ۾به احتياط کان ڪم ورتو آهي.

ڏسو مٿي، ص 6-55. (”سنڌ جون تاريخ کان اڳ جون اوائلي تهذيبون“) ڀيٽيو: سر جان مارشل، اڳيئي ڄڻايل ڪتاب، جلد پهريون ، ص ص 3-2.

ويلر، ”سنڌو تهذيب“، ص 6. جولاءِ کان سيپٽمبر تائين اهو ٽڪرو ايترو ته سرڇو ٿئي ٿو. جو ان کي آڪٽوبر کان جون تائين ڏسبو ته ويساهه ئي نه ٿيندو ته هيءَ ڪا ساڳي ايراضي آهي.

جيمز، ”چانڊڪا پرڳڻي بابت رپورٽ“ وغيره، ب.س.د.ا.، جلد سترهون، نئون سلسلو، ڀاڱو ٻيو، ص  72.

ڏسو مٿي، ”سنڌ جا ميدان“ وغيره، ص ص 8-27.

هندستاني انجنيري“، از ڊيليو.ايل. اسٽرينج، ص 149.

اڄوڪيءَ سنڌ ۾ پوک جي طريقن لاءِ ڏسو ”سنڌ گزيٽيئر“، 1907، ص ص 7-236. انگريزن جي ”سوڀ“ وقت جيڪي طريقا رائج هئا، تن لاءِ ڏسو ”نيري ڪتاب“ ۾ سنڌ جي بندوست تي رپورٽ، 1857، ص ص 79-83.

ويلر، ”سنڌو تهذيب“، ص 62.

مئڪي ”اوائلي سنڌو تهذيب“، ص 82، ”تاريخ جي زماني کان اڳ جو هندستان“، ص 155.

ويلر، ”سنڌو تهذيب“، ص 79.

مئڪي، ”اوائلي سنڌو تهذيب“، ص 132. مون کي اهو وسهڻ ڏکيو ٿو لڳي ته ڪو اهڙو ڪارج به هوندو. ڀيٽيو مارشل، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، جلد پهريون، ص 27. ڊي.ڊي. ڪوساسيءَ بلڪل صحيح واضع ڪيو آهي ته هڙاپا جو ڳوٺاڻو اقتصاد گهڻو ڪري واهن واريءَ نه پر بندن واريءَ آبپاشيءَ ۽ هَرَ واريءَ نه بلڪ رونبي واريءَ پوک تي ٻڌل هو. (”هندستاني تاريخ جي اڀياس جي تمهيد“، بمبئي، 1956: ڏسو مخزن ”جهونيون وٿون“، جلد ٻٽيهون، پرچو 125، مارچ 1958).

سنڌي ڪوڏر جو ڦر ڳن سان 60 ۽ 70 ڊگرين جي وچ واريءَ ڪنڊ تي رکيل هوندو آهي.

ويلر، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص ص 24-21، 33-31.

”سنڌ سان واسطو رکندڙ پارليامينٽي ڪاغذ“، 1854، ص ص 68، 70 ، 71، 3-72، 102.

ٿلهي ليکي حساب هيءُ آهي: 10،000، 1 مڪعب فٽ برابر آهن 708، 95 بشيل جيتريءَ جاءِ جي 95708 بشيل ونڊيان 35000 ماڻهو ته ونڊ اُپت نڪتي 2073 بشيل في ماڻهو يعني 2184 پائونڊ في ماڻهو.

مئڪي، ”اوائلي سنڌو تهذيب“، ص 132، ويلر، ”سنڌو تهذيب“، ص 62. پڻ ڏسو مٿي باب 1، ص 1.

ويلر، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 20 .

هڙاپا ۾ ننگهون (Pounding pits) ڀانڊي ۽ ڪوٽ جي وچ ۾ اڌ پنڌ تي هيون، سو اهي ڪوٽ اندر ڪو ٻيو ڀانڊو هوندو ته ان لاءِ پڻ ڪم اچي سگهنديون هونديون.

سنڌ گزيٽيئر، ص ص 6، 231.

سر مارٽيمر ويلر آمريڪا جي ريڊ انڊين ماڻهن جو مثال ڏئي ٿو، جن وٽ پڻ سيلابي پوک جو طريقو رائج آهي. (”سنڌو تهذيب“، ص 7) ان ڏانءَ جو اڀياس سنڌ ۾ به سهنجاڻيءَ سان ڪري سگهجي ٿو: هت ٻنن آيل ٻٺين جو گهڻو ڪري اهو پاسو کليل ڇڏيو ويندو آهي، جيڪو لاهيءَ ڏي هوندو آهي ته جيئن ان تان وهي ايندڙ پاڻي ۽ رائو ٻنيءَ ۾ اچي پوي.

سر جان مارشل، ”موهن جو دڙو ۽ سنڌو تهذيب“، جلد پهريون ص ص 5-3، ۽ فٽ نوٽ.

مٿي، باب 2، ص ص 11-10.

مٿي، باب 1، ص ن 5-6

ويلر، ”سنڌو تهذيب“، ص ص 8-6.

ويلر، ”سنڌو تهذيب“، ص ص 8-7. ڏسو مٿي هن باب جو ص 73. سر مارٽيمر جي جنهن دليل ڏانهن هت اشارو ڪيو ويو آهي. تنهن کي هن پنهنجي ڪتاب، ”اوائلي هندستان ۽ پاڪستان“ (ص ص3-112)، ۾ اپٽاريو آهي. لڳي ٿو ته ان ۾ سنڌوءَ جي وري آباد ڪرڻ جي ثابت ٿيل خاصيت کي ليکيو ئي نه ويو آهي. درياهه ڪچي جي ٻيلن ۽ جهنگن ۾ جيڪا تباهي-انسان جي مٿان ايندڙ تباهيءَ کان گهڻي گهڻي وڌيڪ-آڻيندو آهي، تنهن کي وري پاڻ ئي ٿورڙي مدي اندر سنواري به ڇڏيندو اهي. (ڏسو مٿي، باب 3، ص 22-21) هيءُ معاملو اتر-الهندن ٽڪرن ۾ انسان (۽ ٻڪرين) جي هٿان جا وڻڪار جي تباهي ايندي آهي، تنهن کان بلڪل نيارو آهي؛ ڇو ته ٽڪرن ۾ برسات بلڪل ٿوري پوي ٿي، جنهن ڪري تيتري وڻڪار وري نٿي ڦٽي، جيتري وڍجي (يا کاڄي) وڃي ٿي.

جيستائين سنڌو موهن جي دڙي کان سڏ پنڌ تي وهندي رهي هوندي:  تيستائين شهر جي سمورين گهرجن جيترو ڪاٺ سوالائيءَ سان ملي ويندو هوندو ۽ پري کان گهرائڻ جي گهرج نه پوندي هوندي.

اها هڪ پڌري حقيقت آهي ته سنڌوءَ جهڙيون لٽاشيون نديون جيترو گهڻو وقت ڪنهن خاص هنڌان وهنديون آهن.سندن رخ ۾ ڪنهن وڏي ڦيري اچڻ جو تيتروئي گهڻو خطرو هوندو آهي. هي جو سنڌوءَ کي بچاءَ بندن جي لاڳيتي سلسلي اندر واريءَ زمين جو مٿاڇرو هيڪاري تيزيءَ سان مٿي ٿي رهيو آهي ۽ سنڌوءَ جو وڏي ۾ وڏو ڄاڻو، سرڪلاڊ انگلس، ڄاڻائي ٿو ته ان ڳالهه جو وڏو خطرو بلڪ پڪ آهي ته جيڪڏهن جوڳا اُپاءُ نه ورتا ويا ته اهو وقت گهڻو پري ڪونهي، جنهن وقت سنڌ اندر درياهه جي رخ ۾ ڪو وڏو ڦيرو ايندو. (”درياهن ۽ واهن جي هلت ۽ انهن تي ضابطو“، ص 274). سنڌوءَ جي رخ ۾ اهڙي ڦيري ۽ ان جي اثرات لاءِ ڏسو هيٺ، باب 7، ص 181، جتي اسٽراپو جي حوالي سان اريسٽوبولس جي بيان نقل ڪيو ويو آهي.

اهو چڱيرڙي اهميت وارو شهر آهي ۽ جيئن ته اهو پاسي واري پٽ کان اتانهون آهي، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ان جي هيٺان ڪا اڳ تاريخي وسندي پوريل   هجي.

مجمدار، ص ص 68-60، پليٽ ڇهين (الف)، (ب)، (ج) ۽ پليٽ پنجيتالهين.

ايضاً، ص 64.

ايضاً، ص 65، ”خلاصته التواريخ“ نالي ڪتاب ۾، جو 17 صدي عيسويءَ جي پڇاڙيءَ ۾ لکيو ويو هو، منڇر ڍنڍ جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي: ”ڪيترائي مهاڻا مٽيءَ جا ٿلها ٺاهي انهن تي رهندا به آهن، ته روز مڇي به ماريندا آهن“ وغيره. ڀٽيو: ”آرائش مخفل“، ترجمو از ايڇ ڪورٽ، ص 118 (ڪلڪتو، 1882).

مجمدار، ص 63-62.

پگٽ، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 223.

پگٽ، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 221-223.

مثال طور، ”ٺڪر ۽ ڪاشيءَ جون ٿانون ۽ ٻين وٿن تي ٿيل چٽساليءَ جي طرز“. پگٽ، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص ص 223-226.

چنهون دڙي جي جهڪر وارن تهن مان هٿ آيل ڳن جي ٽنگ سان ڪهاڙي ۽ موهن جي دڙي جي مٿين تهن مان لڌل واهولو ”سنڌو“ جا ماڻهو عام طرح جيڪي ڪهاڙيون ۽ ڪوڏرون ڪم آڻيندا هئا، تن کان گهڻا سٺا آهن. پگٽ اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص ص 224-228.

مٿي، ص 6-105. ”مشاق“ ۽ لال ڇتي مان هٿ آيل ”پونين“ ٺڪر جي ٿانون جا مهانڊا ظاهر ظهور ”آمري“ وارا آهن؛ ۽ اهو انومان ڪڍڻ واجبي ٿيندو ته اڳ تاريخي ڍنڍواسي اُنهن ماڻهن سان لاڳاپيل هئا، جيڪي ان جي اوسي پاسي واري تر ۾ رهندا هئا.

شايد چڱو وڏو پنڌ اوڀارو، ڇو ته منڇر کي پاڻي ڏيندڙ مکيه سائو گهارا ڪشمور ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ آهن. ڏسو مٿي باب 3، ص 26.

ڏنڀ بُٺي ڍال.

ڏسو مٿي باب 5، ص 79-78. هت دليل ۾ اهو فرض ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل هنڌن تان لڌل ٿانون ۽ ٻين وٿن جي ٺڪرن جي مجمدار طرفان ڪيل شروعاتي درجي بندي ته اهي سنڌو تهذيب جا آهن. پگٽ ۽ ٻين صاحبن طرفان ٻيهر ڪيل تپاس کان پوءِ به صحيح رهي ٿي.

ڪرچات، شاهه جو ڪوٽڙو.

نئنگ، تونگ، پاڻي جو ڪوٽڙو.

ڪانڌي واهيءَ جو مکيه ماڳ لڳي ٿو ته باهه ۾ سڙي ويو هو. پر اهڙي ڪا ثابتي ڪانهي ته ان لاءِ سنڌوءَ وارا جوابدار هئا.

ڀيٽيو: ويلر، ”سنڌو تهذيب“، ص 52.

عاملاڻي لاءِ ڏسو مجمدار، ص 143، س.ت.س.ر، جلد ڇهون، نمبر ٻيو، ص 109، پگٽ، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 173.

ساڳيءَ ريت، نئن گاج جي مُنهن وٽ ڪاڇي جي ڳوٺن ۾، ”جهونو هندستان“، نمبر پنجون، (جنوري، 1949)

الف. هت مون عبارت ائين ئي رهڻ ڏني آهي، جيئن 54-1953 ۾ لکي هُيم.

ان کان پوءِ ڪيتريون ئي دريافتون ڪيون ويون آهن (ڏسو مٿي حوالو 2)، پر انهن سان سنڌو تهذيب جي مول منڍ وارو منجهيل سُٽ سلجهيو ناهي. ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سمنڊ ويجهو ان تهذيب جي ڪيترن ئي ماڳن جي سڃاڻپ جي پيش نظر، ”ماڻهوءَ جو خيال“، سرمارٽيمر ويلر چواڻيءَ، ”قدرتي طرح ميسوپوٽيميا ڏي وجي ٿو ته (سنڌو تهذيب جو) جو  سرچشمو اهو هوندو.“ پر هو وڌيڪ چوي ٿو ته ”سنڌو تهذيب جي ٿانون ۽ اوزارن توڙي هٿيارن پنهوارن مان اهو بنهه نٿو لڳي ته اها ڪا ٻاهريان آئي هوندي. ان جا ٿانو بنهه نرالي ڏانءَ جا هوندي به بلوچستاني ڳوٺن جي ڪن ٺڪرن جي ٿانون سان به تيترائي ملن ٿا، جيترا سُميرا جي ٿانون سان.“ اڳتي هلي، هو ٻيون به ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ڳڻائي ٿو، جي سنڌو تهذيب کي ميسوپوٽيميا جي تهذيب کان اڳ ڪن ٿيون.

سنڌ ۾ ڪوٽڏيجيءَ وٽ، جنهن بابت اهو ڄاڻائڻ واجبي ٿو لڳي ته اهو سنڌوءَ جي اوڀر ۾ روهڙي ٽڪرين جي قطار واريءَ هڪ ٽڪريءَ تي آهي، ڊاڪٽر ايف.اي. خان هڪ ننڍي ”سنڌو“ بيٺڪ جي هيٺان هڪڙو ڪوٽ آيل شهر لڌو هو، جو ڪنهن وڌيڪ اوائلي تمدن جو هو. ڀانئجي ٿو ته اهو باهه ۾ سڙي ويو هو، جنهن کان پوءِ سنڌوءَ وارن ان مٿان پنهنجو ڳوٺ ٻڌو هو. ان اوائلي والار جا جيڪي ٺڪر جا ٿانو هٿ آيا هئا، تن جي آمريءَ، ڪُليءَ يا ڏکڻ بلوچستان جي ٻين وسندين مان لڌل ٿانون سان ڪابه مشابهت ڪانه هئي، البت انهن کي ڏسي زوب جي پرياڻي  گهنڊائيءَ Perianio Ghondai جا ٿانو ياد ٿي پيا. اها ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته پرياڻي جهڙو ٺڪراٺ 1940 ۾ هڙاپا جي ڪوٽ هيٺان، کوٽائي ڪندي، لڌو هو. ان ڪوٽڏيجيءَ واري هنڌان پرياڻي جي ٿانون سان ملي ايندڙ ٿانون کان سواءِ ٻيا اهڙا ٿانو به مليا هئا، جن تي هڙاپا جي ٿانون جهڙي چٽسالي ٿيل هئي. ڊاڪٽر خان جي لفظن ۾، ”يا ته ڪوٽڏيجيءَ وارن ۾ سنڌو  تهذيب جون ڪي خاصيتون اڳيئي نروار ٿيڻ لڳيون هيون. . . .يا وري، جيئن وڌيڪ امڪان آهي، هو وڌندڙ ويجهندڙ سنڌو تهذيب سان اڳ ئي لهه وچڙ ۾ هئا ۽ ڪن ڳالهين ۾ ان جو نقل ڪري رهيا هئا.“

ڪوٽڏيجيءَ واري ماڳ جي عام نوعيت منڊيگڪ واري ماڳ سان وڏي مشابهت رکي ٿي. منڊيگڪ Mvndigak افغانستان جي قنڌار پرڳڻي ۽ ارغنداب نديءَ سان هڪ پور وڇوٽ ماٿريءَ ۾ آهي. اتان جي کوٽائي موسيوز ان ميري ڪاسل (Jean.Mraie Casal) ڪرائي هئي. کوٽائي ڪرائيندي ڏهينءَ والار واري دڙي وٽ اوچتو ئي اوچتو اهڙا ڳوٺ ملڻ بند ٿي ويا؛ جتان جو ٺيڪراٺ ڪوئيٽا واري ٺيڪراٺ سان مشابهت رکندڙ هو ۽ هڪڙو ڪوٽ آيل شهر ڏسڻ ۾ آيو. ان جي ڪوٽ جون ڀتيون هيٺان اڍنگائيءَ سان ٽُڪيل چورس پٿرن جون ۽ مٿان ڪچين سرن جون ٺهيل آهن. اوساري گچ گاري جي اٿن. ڪوٽ تي چورس بُرج به آهن. ڪوٽ جو هيءُ نمونو اوائلي ڪوٽڏيجيءَ واري ڪوٽ سان گهڻو ملي اچي ٿو. ٻنهي شهرن ۾ جو ٺڪراٺ گهڻو مليو آهي، تن جي پاڻ ۾ وڏي مشابهت آهي. ساڳئي وقت ٻنهي هنڌن تي ”سنڌوءَ“ جي چٽساليءَ جا ڪي نمونا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. منڊيگڪ جي مٿين تهن مان هڪڙو پهڻ جو مٿو لڌو  ويو آهي، جو موهن جي دڙي مان لڌل جڳ مشهور ”پروهت راجا“ جي مٿئين ڌڙ جي مورتيءَ سان وڏي مشابهت رکي ٿو. منڊيگڪ مان هٿ آيل ٻيون وٿون زوب تهذيب وارن وٿن سان گهڻي قدر ملن ٿيون. پر موسيو ڪاسل انهن جو سُوسا ۽ ٻين ايراني ماڳن تان لڌل وٺن سان هڪجهڙائين ڏانهن به ڌيان ڇڪائي ٿو.

ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته منڊيگڪ ۽ ڪوٽڏيجيءَ وارن جو پاڻ ۾ ويجهو ناتو هو ۽ انهن ٻنهي جو سنڌوءَ وارن سان به ڪو اڻ-چٽو سٻنڌ هو. اهي ٻيئي ڳالهيون برابر هيون، پر هيءَ پڻ ياد رکڻ گهرجي ته ٻيئي هنڌ هڪٻئي کان، ڪانگ جي اڏام تي، گهٽ ۾ گهٽ 350 ميل پري آهن ۽ وچ ۾ نه رڳو نديون نارا اٿن پر جبل پڻ. سو سندن پاڻ ۾ ناتو اهڙو ويجهو ۽ اونهون نه هوندو، جهڙو هڙاپا ۽ موهن جي دڙن وارن جو پاڻ ۾ درياه جي معرفت هو. قنڌار کي مٿينءَ سنڌ سان ملائيندڙ واٽن سان لڳولڳ آڳاٽن اهڃاڻن جي پرتال ڪئي وڃي، ته ٿي سگهي ٿو ته منڊيگڪ. ڪوٽڏيجيءَ وارن جون ڪي ٻيون وسنديون ملي پون. هي لکڻيءَ تائين انهن واٽن سان جيڪي تمدن سڃاتا ويا آهن، سي زوب، ڪوئيٽا ۽ توگاءُ جي نالن سان سڏجن ٿا ۽ اهي سڀ هيلتائين بولان لڪ سان لڌا ويا آهن، پر ان واٽ سان نه، جيڪا ڪوئيٽا کان قلات وڃي ٿي ۽ اتان مُولاڪ کان ٿيندي هيٺ ڪڇيءَ ڏي اچي ٿي. ان پوئينءَ واٽ سان، لڪ جي اڌ پنڌ تي ۽ اتي جتي اها واٽ جبلن مان نڪري ميدانن ۾ اچي ٿي، ويجهڙائيءَ ۾ سنڌو تهذيب جون وسنديون لڌيون ويون آهن. پر ان مان اهو نه ڄاتو وڃي ته ڪو سنڌوءَ وارن اها وٽ وٺي، وڃي اُتي پنهنجون بيٺڪون وڌيون هيون. ڪڇيءَ جي اتر، اولهه ۽ وچ ۾ جيڪي اڪيچار پراڻا دڙا آهن، تن جي چوک چڪاس ۽ ڇلڳريءَ وارن دڙن جي نئين سر تپاس سان گڏوگڏ خود بولان لڪ اندر (مثال طور، بيبي نانيءَ (Bibi Nani)  جو ڀرپاسو) پرتال ڪئي وڃي، ته ٿي سگهي ٿو ته ڪي ٻيا نتيجا نڪرن.

پر آءُ هيءَ قياس آرائي ضرور ڪندس ته سنڌو تهذيب وارا ماڻهو اتر کان يعني ڪڇيءَ رستي سنڌ ۾ آيا هئا ۽ نه اولهه کان. آءُ اهو پڻ چوندس ته جهالاوان ۾ سنڌوءَ وارن جون جيڪي اورناچ جهڙيون بيٺڪون آهن، سي ظاهر ڪن ٿيون ته اهي سنڌ کان ٻاهر ويندي وڌيون ويون هيون ۽ نه سنڌ ڏانهن ايندي. البت، وچ ۾ جيڪي سارونا واريون وسنديون آهن، تن جي اصل جو اڃا فيصلو ٿيڻو آهي.

(سر مارٽيمر ويلر ”اوائلي هندستان ۽ پاڪستان“  ص ص 1107-1100، ”ايشيا جا هنر“، 1954، جلد پهريون، نمبر 3، ص ص 178-143، ”پاڪستان جي ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو رسالو“، جلد ٻيو، ڊاڪا (1957)، ص 1؛ ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“، 7 مئي 1955، 24 مئي 1958؛ ”پاڪستان نيوز“ 26 آڪٽوبر 1957، 11 مارچ ۽ ا جولاءِ 1958. سارونا لاءِ ڏسو هن ڪتاب جو باب 5، ص ص 106-108.

ويلر،”سنڌو تهذيب“، ص ص 92-91، پليٽ 24 (الف).

س.ت.س.ر. جلد اٺون، ڀاڱو پهريون، ص ص 53-52.

هيءَ جاءِ يارولئڊ ۽ صاحب خان لنڊ جي وچ ۾ آهي.

س.ت.س.ر.، جلد اٺون، ص ص52-51.

ڪئپٽن جي. ايڇ. ڪربي، جنهن ان دريافت جي سُڌ ڏني، سو خوزه (سنڌيءَ ۾ ”ڪوزو“ يعني گهگهي يا صراحي)، (Water spowts) پيئڻ جي پيالن ۽ ٽوٽين جو ذڪر به ڪري ٿو. ”رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي بمبئيءَ واريءَ شاخ جو رسالو“، جلد پنجون (1857)، ص ص 3-1 43.

مٿي، باب 1، ص 2.

س.ت.س.ر، جلد اٺون، ص ص60-59.

ايضاً، ص 61.

-الف. هتي پڻ مون عبارت ائين ٿي رهڻ ڏني آهي، جيئن 54-1953 ۾ لکي هُيم. ڪاٺياواڙ ۽ گجرات ۾ سمنڊ جي ڪپر تي يا ان جي ويجهو جيڪي سنڌو تهذيب جون وسنديون لڌيون ويون آهن-خاص ڪري انهن مان سڀني ۾ مکيه وسنديءَ، لوٿل (Lothal) جي جا پوري کوٽائي ڪرائي ويئي آهي- انهيءَ ڪري ائين وسهڻ لاءِ ڪافي سبب ٿئي ٿو ته ”سنڌو رياست“ جي ڏاکڻي ڀاڱي جا ماڻهو سمنڊ ۾ هلڻ جهڙا جهاز جوڙي، ايراني نار ۽ ٻين ملڪن سان واپار ڪندا هئا.

سر مارٽيمر ويلر جو چوڻ آهي ته ”آڳاٽي هندستان جا وڻجارا ڪيترن ئي زمانن ۾ سمنڊ رستي به واپار ڪندا هئا“ ۽ ڊاڪٽر آر. ڪي. مُڪرجيءَ، ”هندستاني جهاز راني“ ۾، ان لاءِ ثابتيون گڏ ڪيون آهن ۽ انهن تي وڏيءَ لياقت سان بحث ڪيو آهي.“ سُپارڪَ جَاتَڪ“ نالي ڪتاب جي فصل ڏهين جي نمبر 463 (ايڊيٽر: اي. بي. ڪانويل، جلد چوٿون، ص 8-87) ۾ ڀَروڪَڇ (اسٽرابو جو برگوسا ۽ هن زماني جو ڀڙوچ) جي هڪ ٽنڊيل يا مکيه ناکڻي جو نهايت ئي دلچسپ احوال ڏنل آهي. ڀڙوچ جي پاسي ۾ تازو سنڌو تهذيب جي ڏينهن جي هڪڙي وسندي لڌي ويئي آهي.

لوٿل جو بندر خود سنڌ جي ڪم ايندڙ هوندو، سو ڏکيو ٿو لڳي ۽ اهڙي بندر جا سنڌ ۾ ڪي به اهڃاڻ نه لڌا ويا آهن. پر ان پوئين ناڪاري حقيقت جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو، جو باربريڪن (Barbaikon) جي اهڃاڻن نه ملڻ جو آهي-يعني سنڌونديءَ جي پائڻ ۽ لٽڻ واري سگهه.

تڏهن به اهو ٿي سگهي ٿو ته ”سنڌو رياست“ جي حاڪمن جي، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ اندر، اهائي حالت ٿئي، جا ڪاليڪٽ جي زموريئن (Zamorin)  ۽ ملباري ڪپر جي ٻين حاڪمن جي تنهن وقت هئي، جنهن وقت واسڪو ڊي گاما وٽن پهتو هو: هو سمنڊ رستي ٿيندڙ واپار جا سرپرست هئا ۽ گهڻي ڀاڱي آسودا ذري گهٽ سڀ ٻاهران-جهڙوڪ (15 صدي عيسويءَ ۾) عرب، ملايائي ۽ موپلا-هئا يعني ”پرڏيهي“ سامونڊين جا پويان، جيڪي ڪئلڪٽ ۽ اڀرندي ۽ الهندي واپار جي ٻين مرڪزن (Intrepots) جي ڀرپاسي ۾ آباد ٿي ويا هئا. (لوٿل لاءِ ڏسو ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“، جلد 238، نمبر 6343 ۽ 6344 (25 فيبروري ۽ 4 مارچ 1961) ”سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تي نئين روشني.“)

س.ت.س.ر، جلد اٺون، ص 9-58.

مجمدار، ص ص 22-20 س. ت. س. ر، جلد ڇهون، ص ص 11-109؛ پگٽ، ص ص 8-77.

ڏسو اسٽائين، ”جاگرافيڪل جرنل“ جي جلد چورانوي جو نمبر چوٿون (اپريل 1942)؛ ڀيٽيو: ويلر، ”سنڌو تهذيب“، ص 96.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org