ضميمو پهريون
هندي رڻ پٽ جي وڃايل ندي
وڃايل نديءَ (هاڪڙو) جي مسئلي تي ويچار ڪرڻ جو سٺي
۾ سٺو طريقو آهي ان جي مٿئين ۽ هيٺين وهڪري کي ڌار
ڌار ڪري کڻڻ: يعني سواليڪ ٽڪرن جي ڇرن کان وٺي هيٺ
ديراواڙ تائين ڌار ۽ وري غوثبور واري ڍوري کان وٺي
هيٺ ڪڇ جي رڻ تائين ڌار.
مختلف نظرين تي بحث وقت مٿئين ڀاڱي کي ”هاڪڙو“ ۽
هيٺين کي ” نارو“ سڏڻ سهنجو به ٿيندو ۽ مونجهارو
به پيدا نه ڪندو؛ پوءِ کڻي اهي نالا تز نه آهن.
”ناري“ جي اڳينءَ چال چلگت
(Antecdents)
جي پهرين چوک چڪاس هاڪڙي ۾
دلچسپي پيدا ٿيڻ کان ڪيئي ورهيه اڳ ٿي هئي. ”بمبئي
واري لشڪر“
(Bombay Army)
جي هڪ سائنسي عملدار، ڪئپٽن جيمز مئڪمرڊو، ان ڦاٽ
بابت جا معلومات هٿ ڪئي، تنهن ان کي ائين سمجهيو
ته ”اهو سنڌونديءَ جو ڪو پراڻو پيٽ هو، جنهن تي
سنڌ جي اڳوڻيءَ سرڇائيءَ جو دارومدار هو – اها
سرڇائي، جنهن جو احوال ”تاريخ- طاهريءَ“ ۽ ”تحفته
الڪرام“ جهڙين تاريخن ۾ آيل آهي.
بدقسمتيءَ سان مئڪمرڊو ”ناري“ کي ”پراڻو درياهه“
ڪوٺي ٿو، ڇو ته پويون نالو دراصل هڪ ٻئي ڦاٽ جو
آهي، جنهن جا نشان ميرپور خاص جي ڀرپاسي کان وٺي
ڪڇ جي رڻ تائين اڃا به ڏسي سگهجن ٿا. پر اها ڀل
سڀاوڪ هئي، ڇو ته نارو ڪڇ جي رڻ ۾ وڃي پوڻ کان ڪي
پنجاهه ميل اورتي پراڻ سان (يا پراڻ ناري سان) اچي
ملي ٿو. مئڪمرڊو جي ويچارن تي ڳڻ ڳوت وقت ”پراڻ“
جي جاءِ تي ”نارو“ پڙهبو ته مونجهارو نه ٿيندو.
هو انهيءَ نتيجي تي پهتو هو ته نارو، بکر کان
مٿڀرو، سنڌوءَ جي موجوده پيٽ کان ڌار ٿيو. جن کان
هن کي اهي احوال هٿ آيا هئا، تن جو چوڻ هي ته ڌار
ٿيڻ جو هنڌ چاليهارو ميل اوڀارو هڪڙي ”سيد گنج
بخش“ نالي هنڌ وٽ هو. نارو اتان ”شايد ويهارو ميل“
بکر جي اوڀر ۾ رهندو، اروڙ وٽان لنگهندو، ڏکڻ ۾
اڳتي هليو ٿي ويو. سندس معلومات موجب، ٻانڀڻاه
(برهمڻ آباد: ان شهر جي ساکيات بيهڪ سڀني کان اڳ ۾
ڏسڻ جو جس مئڪمرڊو کٽيو هو) کان ڪي ويهه ميل اوڀر
۾ ناري منجهان هڪڙي اولهه طرف شاخ ڦٽندي هئي، جيڪا
اڳي ”لوهاڻو درياهه“ سڏبي هئي. اها شاخ ”هاڻوڪي
خدا آباد طرف يا شايد ان هنڌ ۽ هالا ڪنڊيءَ جي وچ
مان وهندڙ هئي. اتي اها هاڻوڪي ڦاٽ اورانگهيندي،
آڳاٽو ڀنڀور ٽپندي، وڃي ديبل وٽ سمنڊ ۾ ڇڙندي هئي“
(1).
ناري جي اوڀر واري شاخ پنهنجو پراڻ ”نالو قائم
رکندي، ڏکڻ ڏانهن وهندي هئي ۽ وڏي رڻ پٽ جي حد
وارن هاڻوڪن بُٺ ضلعن کي زرخيز ڪندي، جوڻ
(Jone)
۽ بادبان
(Badban)
پرڳڻن منجهان لنگهندي، الله
بندر وٽ موجوده درياهه (يعني پراڻ، جو نالو صحيح
اٿس) ۾ وڃي پوندو هئي، ۽ اتان تراکڙي تر پکڙجي،
لکپت نديءَ سان ملي، وڃي سمنڊ منجهه ڇوڙ ڪندي
هئي.“
مئڪمرڊو کي جو هيءَ سڌ پيئي ته ”ناري“ جو پويون
وهڪرو ٻن ڊگهين شاخن ۾ ورهائجي ٿي ويو، ته هن
قدرتي طرح اهو انومان ڪڍيو ته اهي ئي شاخون سنڌوءَ
جي قديم ڊيلٽا ٺاهينديون هيون، جيئن اها سڪندر جي
ڏينهن ۾ هئي ۽ برهمڻ آباد پاتل واريءَ جاءِ تي يا
ان جي ڀرپاسي ۾ موجود ظاهر ڪيائين.
اهو نظريو مئڪمرڊو پنهنجي ليک، ”سنڌو نديءَ تي
مقالو“ ۾ پيش ڪيو جو 1843ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو (2).
سنڌ جي سڪندر جي زماني ۾ جاگرافيءَ بابت جيڪي
ويچار هئا، تن ۾ هن نظريي انقلاب آڻي ڇڏيو ۽
جيتوڻيڪ پوءِ جي ليکڪن ۾ پاتل جي بيهڪ تان خلاف
ٿيا آهن، پر هيءُ نظريو ته تڏهن سنڌو گهٽ ۾ گهٽ
جمڙائو هيڊ تائين ناري ماٿريءَ منجهان وهندي هئي،
سو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ ڪولوڏو نه آيو اٿس.
(3). آءٌ جن ڳالهين جي ڪري ان نظريي کي درست نٿو
سمجهان، تن جي اپٽار متن ۾ ڪري ڇڏي اٿم.
ان کان پوءِ جنهن صاحب سنڌوءَ جي پاتال ڪئي، سو
اليگزنڊر برنس هو. پر بدقسمتيءَ سان هن ”ناري“
بابت جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو موضوع کي سمجهائڻ جي
بدران منجهائي ٿو ڇڏي. ڪڇ جي ڪن ماڻهن کيس ٻڌايو
ته 1826ع ۾ ناري ۾ جا وڏي ٻوڏ آئي هئي، سا ”اروڙ
جي ٻنڌ ڀڄڻ“ ڪري آئي هئي، ۽ ايندڙ مند ۾ پاڻي ان
ڪري کُٽو هو، جو اها ٻنڌ وري ٺهي ويئي هئي (4).
1831ع ۾ برنس ۾ ٻئي سال ڪئپٽن ڊيليو. پاٽنجر ۽
ليفٽيننٽ ڊيل هاسٽيءَ مٿينءَ سنڌ مان ٿي آيا، ته
ٻڌل ڳالهين تان سندن هيءُ ويچار ويتر پختو ٿي ويو
ته روهڙيءَ ۽ اروڙ جي ڀر پاسي ۾ ڪي ٻنڌون ڀڃبيون
ته نارو وري سنڌوءَ جي شاخ ٿي وهڻ لڳندو. پائنجر ۽
ڊيل هاسٽيءَ جو هيءُ رايو به هو ته نارو اڳي ”مکيه
درياهه“ – يعني خود سنڌوءَ جي ڇڙ وارو وهڪرو-
هوندو هو (5).
انهن عملدارن مان ڪنهن کي به ناري جي ڦاٽ جانچڻ جو
وجهه نه مليو هو. ان جي مٿئين ڀاڱي جي پهرين چڪاس
1844ع ۾ ”بنگال انجنيئرس“ جي ڪئپٽن ڊيليو. بيڪر
اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ڪئي ته ڇا ڪجي جيئن ناري کي
باقاعدي پاڻي ملندو رهي. بيڪر ڏٺو ته ڪنهن به ٻنڌ
جي بيهڪ اهڙي نه آهي، جو ليٽ کي ناري ۾ وڃڻ کان
روڪي سگهي. هن اهو پڻ ڄاڻايو ته هن وقت ان ۾ هڪ
ڍوري کان پاڻي اچي ٿو، جيڪو سنڌوءَ سان پور-
وڇوٽيءَ تي ان جي کاٻيءَ ڀر آهي. هي به ڄاڻايائين
ته ساڳئي نموني جو هڪڙو ٻيو ڍورو ستلج سان
پور-وڇوٽيءَ تي روپڙ
(Ropar)
کان بهاولپور جي ڀرپاسي تائين آهي ۽ انومان آهي ته
اهو سبزلڪوٽ تائين ۽ اتان ”روڙيءَ“ کان اٽڪل 11
ميل اڀرندي ناري جي منڍ تائين“ هوندو. بيڪر اهو پڻ
ٻڌايو ته ”نارو“ ، ”سنڌوءَ جي آڳاٽن ڦاٽن ڦاٽن
منجهان هڪڙو“ آهي (6).
ناري جي سموري وهڪري جي پرتال 1851ع ۾ ليفيٽننٽ
جي.جي فائيف ڪئي. هن معلوم ڪيو ته ان کي ٻن ٻوڏن
جو پاڻي ملي ٿو، ”هڪڙي اها جا سبزلڪوٽ جي ڀرپاسي
مان اچي ٿي ۽ ٻي....... روڙيءَ کان ڪجهه ميل
مٿي...... هيٺاهين پٽ مان اچي ٿي“ (7). هن اهو پڻ
ڏٺو ته اهي ٻوڏون جڏهن پٽ جا ڪجهه ميل لتاڙي
وٺنديون آهن، تڏهن پنهنجي لاءِ گهارا ڪڍنديون آهن،
خاص ڪري اتي جتي ڪا رنڊڪ پاڻيءَ کي روڪي ڇڏيندي
آهي ۽ اها رنڊڪ نڪرندي آهي ته پاڻيءَ ڌوڪيندو اڳتي
وهڻ لڳندو آهي. هن اهو پڻ ڏٺو ته ٻوٽن جو جيڪو
پاڻي ناري ڏي ويندي، انهن گهارن مان وهڻ لڳندو
آهي، سو بلڪل اجرو هوندو آهي، ڇو ته جيئن پاڻي
درياهه منجهان نڪرندو آهي، تيئن آهستي آهستي ان جو
لٽ مٿي رهجي ويندو آهي (8). فائيف جيئن ته هڪ عملي
ماڻهو هو، ان ڪري هن پاڻي کي هٿ ۾ کنيل مسئلي
تائين محدود رکيو ۽ ناري جي مول منڍ بابت ڪنهن به
نظرياتي بحث ۾ ڪونه پيو. هن ان کي سنڌوءَ جو هڪ
ساتو گهارو ٿي ڄاتو ۽ بس.
1859ع ۾ ناري کي فائيف جي رٿا موجب ۽ سندس
نظرداريءَ هيٺ سنڌوءَ منجهان روهڙيءَ کان مٿي هڪ
ڀرتي واهه ڪڍي، ذري گهٽ دائمي طرح وهندڙ واهو
بڻايو ويو. انهيءَ وچ ۾ وڏي ٽپاسائين پڙتال
(Tiangulation Survey)
جو ڪم پنجاب تائين وڌيو، ته ان پاسي جو درياهن جي
پراڻن ٻيٽن بنسبت وڌيڪ ڄاڻ ملي. بهاولپور جي نواب
جي صغيرسنيءَ وقت جڏهن ڪرنل منچن
(Col. Minchin)
ان رياست جو ڪم هلائيندو هو، تڏهن ڏٺو ويو ته ستلج
۾ کنڊ وجهي ”تريوڻا“ ۽ ”هندو“ نالي ”شاخن“ کي پاڻي
ڏبو ته خود هاڪڙي جي آبپاشي وڌي ويندي. اهڙيءَ
ريت، جيئن فائيف ”ناري“ کي وري جالارو ڪيو هو،
تيئن هاڪڙي جو ڪجهه ڀاڱو به ننڍي پيماني تي جالارو
ٿي پئي سگهيو (9).
ان معلومات جي آڌار تي هڪڙي ”نامعلوم“ لکندڙ-
حقيقت ۾ ڊاڪٽر سي.ايف. اولڌام- ”هندستاني ريگستان
جي وڃايل نديءَ تي نوٽ“ نالي ليک لکيو، جو ”ڪلڪته
ريويو“ جي جولاءِ 1874ع واري پرچي (نمبر سؤ
سترهين) ۾ ڇپيو. ان لکندڙ جيڪو نظريو پيش ڪيو، سو
هيءُ هو ته هاڪڙو ۽ نارو هڪڙي ئي درياهه يعني ستلج
جو اڳوڻو ٻيٽ جو پاڻي به وچ ۾ هنڌان وڃي هاڪڙي-
ناري ۾ پوندو هو، اهو ڪڏهن به خود سنڌوءَ جو پيٽ
نه رهيو آهي. ان نظريي جو پٺڀرائيءَ ۾ اتر- اولهه
هندستان جي اوائلي تاريخنويسن ۽ جاگرافيدانن جا
چونڊ بيان ۽ حوالا ۽ مڪاني نالن مان ڪڍيل انومان
ثابتي طور پيش ڪيا.
هڪ ٻئي لکندڙ ”نيارڪس“ جي نالي هيٺ ان نظريي جي
مخالفت ڪئي. سندس ليک 1875ع واري ڪلڪته ريويو
(نمبر سو ويهين) ۾ نڪتو. هن صاحب نئينءَ پڙتالي
معلومات مان، پنهنجي پيشرو نسبت، وڍيڪ ڪم ورتو ۽
تاريخي مواد ۽ مڪاني نالن جي نئين چونڊ ۽ تاويل
ڪري ڳالهه کي ذري گهٽ بنهه نرالي رنگ ۾ پيش
ڪيائين. سندس نظريو هيءُ هو ته ”هاڪڙي“ جو ڦاٽ
ڪنهن زماني ۾ جمنا ٺاهيو هو، تڏهن جڏهن اها ٽڪرن
منجهان نڪري اوڀر طرف لڙڻ بدران اولهه طرف لڙندي
هئي، ۽ هاڪڙو بکر کان مٿڀرو سنڌوءَ (تڏهن اها
پنهنجي هاڻوڪي دڳ جي اوڀر ۾ وهندي هئي) سان ملندو
هو ۽ يارهين صديءَ عيسويءَ تائين سنڌوءَ جو پويون
وهڪرو ناري منجهان وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو. هن
اهو مڃيو ته هاڪڙي کي ستلج جي اٿل جو پاڻي پڻ
ملندو هو؛ پر سندس چوڻ هو ته ستلج سچ پچ ان منجهان
ڪڏهن ڪانه وهي هئي. هي جو هاڪڙي جي نئوال جهڙن
ڀرتي واهن جا مٿيان ڀاڱا ”ميسارجي“ ويا آهن، تنهن
کي هن ان ڳالهه جي ثابتي ڪري پيش ڪيو ته اهي رڳو
آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ ئي ستلج جا سائو گهارا رهندا
هوندا.
آر. ڊي. اولڌام ”پنجاب ۽ ان جي ندين جي جاگرافيءَ
۾ امڪاني تبديلين بابت جي سري سان هڪڙو ليک لکيو،
جو هن بنگال واريءَ ايشياٽڪ سوسائٽي جي رسالي جي
جلد پنجونجاهين، ڀاڱي ٻئي (1887ع) ۾ وجهرايو. ان ۾
هن ڪلڪته ريويو جي اصلوڪي ليکڪ جي انهيءَ نطريي جي
پٺڀرائي ڪئي ته پاڻ ستلج اڳي هاڪڙي منجهان ۽ ان
ڪري ناري منجهان وهندي هئي ۽ سنڌو ڪڏهن به ناري
منجهان ڪانه وهي آهي، البت اڪثر ان کي پنهنجي اٿل
جو پاڻي ڏيندي رهي آهي. هن اهو مڃيو ته ٿي سگهي ٿو
ته ڪنهن پراڻي وقت ۾- ويدن واري زماني کان اڳ –
جمنا پڻ هاڪڙي کي چينانگ رستي پاڻي ڏيندي هجي؛ پر
ساڳئي وقت سندس چوڻ هو ته اوائلي تاريخي زماني ۾
هاڪڙي جي پاڻيءَ جو مکيه وسيلو ستلج هئي. آر. ڊي.
اولڌام پاڻ ڌرتي- ڄاڻ جا ماهر هو. هن بکر واريءَ
وٿيءَ جي ڪجهه مٿان واري علائقي ۾ سنڌوءَ جي وهڪري
جون ڪي علمي سمجهاڻيون ڏنيون ۽ ان جي آڌار تي
”نيارڪس“ جي دليلن جو رد ڏنائين ته ستلج ۽
”هاڪڙي“ جي وچ ۾ سڪل گهارن جو طبعي ڏيک ثابت ڪري
ٿو ته خود ستلج انهن مان نٿي وهي سگهي. هن اصلوڪي
لکندڙ جا ڪيترا تاريخي دليل به ورجايا.
ميجر ايڇ. جي. ريورٽيءَ پنهنجي ليک ”سنڌ جو مهراڻ
۽ ان جون ڏاني نديون“ (ب. ا. س. ر.، 1892ع ڀاڱو
پهريون) ۾ جيڪي ويچار پڌرا ڪيا آهن، سي گهڻي ڀاڱي
”نيارڪس“ جي ويچارن سان ملن ٿا، توڻي جو هو
”نيارڪس“ جو ڪو حوالو نٿو ڏئي. پر نارڪس وانگر هن
کي پڪ هئي ته ”نارو“ تاريخ واري زماني ۾ سنڌوءَ جي
ڇڙ جو هڪ وهڪرو ضرور هو (10). پر جنهن مدي تائين
ٻين لکندڙن جو انومان هو ته ”هاڪڙو- نارو“ وهندو
رهيو هوندو، تنهن مدي کي وڌائيندي، هو چوي ٿو ته
سنڌوءَ جي اولهه طرف دڳ- مٽ پوءِ به ستلج ”هاڪڙي-
ناري“ منجهان وهندي رهي هئي.
ريورٽي ان امڪان کي ليکي ۾ ئي نٿو آڻي ته ڪو جمنا
به ڪنهن زماني ۾ هاڪڙي کي پاڻي ڏنو هوندو. هو
پنهنجي دليلن جو بنياد گهڻو تڻو (جيئن ڪلڪته ريويو
جي اصلوڪي لکندڙ جي دليلن جو هو) تاريخنويسن ۽
جاگرافيدانن جي اضافي بيانن جي تاويلن تي رکي ٿو.
هن اهڙا اضافي بيان تمام گهڻا ڏنا آهن.
آر. بي. وائيٽهيڊ، ”هندستان جي جهونين وٿن واري
مخزن“ جي جلد 61 (1932) (11). ۾ لکندي، پاڻ کان اڳ
وارن لکندڙن جي نظريي کي پنجاب ۾ واهن جي تازو
ڪرايل سطح پڙتال
(Survey-Levelling)
جي روشنيءَ ۾ بحث هيٺ آندو.
اها سطح وار پرتال پڪيءَ طرح ظاهر ڪري ٿي ته جمنا
ڪنهن زماني ۾ اولهه واري واٽ وٺي وهندي هئي. اها
واٽ هاڻ جيتانگ ۽ ”هاڪڙي“ جو پيٽ آهي. وائيٽهنڊ
ان ويچار کي مڃيندو نظر اچي ٿو ته تڏهن ”هاڪڙو ۽
”نارو“ يڪي پاڻ- وهيڻي ندي ٺاهيندا هئا. جا ڪڇ جي
رڻ تائين هوندي هئي. ساڳئي وقت اهو به قبول ٿو ڪري
ته ناري کي نسبتي طرح تازي زماني ۾ اروڙ کان مٿي
سنڌوءَ جي اٿل جو پاڻي ڌار ملندو هو. پر هو اهو
نٿو مڃي ته ڪو ”هاڪڙو“ ستلج جي پاڻيءَ منجهان جڙيو
هوندو.
سر آريل اسٽائين، 41-1940 ۾ ڪن آڳاٽن اهڃاڻن جي
پڙتال ڪندي، هاڪڙي جي باريڪ چڪاس ڪئي. سندس ٽوليءَ
۾ ”سروي آف آنڊيا“ کاتي جو هڪڙو عملدار به هو. هن
پنهنجي ليک، ”وڃايل“ سرسوتي نديءَ جي سنوت ۾ آڳاٽن
ماڳن جي چوک چڪاس (”جاگرافيڪل جرنل“، نوانوي نمبر
4، 1942ع) ۾ جيڪي هنڌن- ماڳن بابت چيو آهي، تن کي
چڱو وزن ڏيڻو پوندو. هاڪڙي جي ساڄي ڪپ تي ٻن هنڌن
وٽ هن درياهه جي اهڙن پيٽن جا نشان ڏٺا، جي اچي ان
سان مليا ٿي: جيڪو ولار
(Walar)
وٽ هو، تنهن جي کيس خاطري هئي
ته اهو ”ستلج جو آڳاٽو ور وڪڙ پيٽ“ آهي ۽ جيڪو ان
کان هيٺ ڪدوالا
(Kudwala)
وٽ هو، سو به شايد اهڙو ئي ڇڏيل پيٽ هو. ستلج براج
مان جي نوان واهه ڪڍيا ويا آهن، سي لڳ ڀڳ اهائي
واٽ وٺي وهن ٿا، جا انهن پراڻن پيٽن جي هئي. هاڪڙي
واري تر ۾ جيڪي اڳتاريخيءَ زماني جا ۽ پوءِ جا ماڳ
آهن، تن جي ڏک مان اسٽائين انومان ڪڍيو ته ستلج اڳ
تاريخ زماني جي پوين ڏينهن ۾ هاڪڙي وارو پيٽ ڇڏي
ويئي هئي. هن ديراوڙ جي ڀرپاسي واري پٽ جي هڪڙيءَ
خاصيت ڏانهن به ڌيان ڇڪايو – ڄڻ اهو درياهه جي
شاخن وارو پيٽ هو، جهڙوڪر ڊيلٽا هڪڙو ”پوين وهڪرن
جو تاڃي ڀيٽو“، يعني اهو ظاهر ڪندڙ ته ڪنهن زماني
۾ اتان پاڻي ججهو وهندڙ هوندو.
آءٌ ڀانيان ٿو ته انهن منجهان هر هڪ لکندڙ ان
مونجهاري کي سمجهائڻ ۾ ٿوري ڪي گهڻي واهر ڪئي آهي
۽ هاڻ هنن جون مکيه ۾ مکيه ڳالهيون کڻي اهو پروڙي
سگهجي ٿو ته حقيقت ڇا هوندي.
اهو قبول ڪري سگهجي ٿو ته ”هاڪڙو“ گهڻي ڀاڱي جمنا
جو ڄائو آهي، تڏهن جڏهن هوءَ ڪنهن پرانهين وقت ۾
اوڀر واري واٽ وٺڻ جي بدران اولهه واري واٽ وٺندي
هئي، ستلج به ممڪن آهي ته ان کي اوتري ئي آڳاٽي
وقت کان پاڻي ڏيندي هجي، جڏهن جمنا وڃي پنهنجو
هاڻوڪو دڳ ورتو، تنهن کان پوءِ ستلج پڪ ئي پڪ ان
کي گهڻي وقت تائين اٿل جي پاڻيءَ تاتيندي رهي
هوندي. جيڪڏهن هاڪڙو ۽ نارو ڪا سمنڊ ۾ وڃي ڇڙندڙ
پاڻ- وهيڻي ندي ٺاهيندا به هئا، ته اها تيستائين
رهي هوندي، جيستائين ان ۾ جمنا پوندي رهي هوندي.
هيءَ ڳالهه شڪ جوڳي ٿي لڳي ته ڪو ستلج جو سمورو
وهڪرو ڪڏهن اها واٽ وٺي وهيو هوندو. جڏهن پهريون
ڀيرو ان سوال جي چوک ڇڪاس ڪئي ويئي، تڏهن جيڪي
اهڃاڻ بچل هئا، تن ڏسو ته ان نديءَ جو رڳو هڪڙو
ڀاڱو ئي وڃي هاڪڙي ۾ پوندو هو. ستلج ۽ هاڪڙي جي وچ
۾ جيڪي سڪل گهارا آهن، سي رڳو آبڪلاڻيءَ جي مند ۾
ٻوڏ جي پاڻيءَ تي وهندا هئا، پر مند تي وهڻ ۾
ڀيري- ڀڃَ ورلي ئي ڪندا هئا، منهنجي ويچار ۾،
ديراوڙ جي ڀرپاسي وارو جهڙوڪر ڊيلٽا اهو زمانو
ظاهر ٿو ڪري، جڏهن هاڪڙي مان دائمي وهڪرو وهڻ بند
ٿي ويو هو ۽ اهو رڳو ٻوڏ جي پاڻيءَ تي تڳندو هو.
اها ڳالهه ته نارو رڳو هڪ هيٺانهون ڍورو آهي ۽
جڏهن پهريون ڀيرو ڏٺو ويو هو تڏهن ان ۾ لٽاشي
درياهه وارا ڪي به نشان ڪونه هئا، سا ڳالهه اهو
ثابت نٿي ڪري ته ڪو سنڌوءَ جي پوڇڙ وارو ڪو وهڪرو
ان منجهان ڪڏهن وهيو ئي ناهي، البت ايترو ثابت ٿئي
ٿو ته سنڌوءَ کي اهو دڳ ورتي ڪو زمانو ٿي ويو آهي-
گهٽ ۾ گهٽ ايترو زمانو، جيترو اولهه طرف واري
مٿانهين ميدان کي ٺهڻ ۾ لڳو هوندو. جيڪڏهن سنڌوءَ
جي ڪنهن وهڪري ڪڏهن ناري وارو دڳ ورتو هوندو ته
اهو فقط تڏهن ڇڏيو هوندائين، جڏهن ان کي وڌيڪ
هيٺانهون دڳ مليو هوندو.
ڌرتي- ڄاڻ کي الڳ رکندي تاريخي جاگرافيءَ جي عملي
مقصدن لاءِ اسان کي ناري بابت ائين وسهڻو پوندو ته
اهو سنڌوءَ جو هڪ نيمائتو سائو گهارو هو، جنهن کي
ڪيترن ئي هنڌن تان ٻوڏ جو پاڻي ملندو هو. انهن ۾
مٿانهين ۾ مٿانهون هنڌ شايد ان جاءِ جي سامهون هو،
جتي پنجاب جا درياهه اچي سنڌوءَ سان ملندا هئا.
سو جيستائين تاريخي زماني جو لاڳاپو آهي ته وسهڻ ۾
ائين ٿو اچي ته هاڪڙي ۽ ناري کي الڳ الڳ ذريعن کان
پاڻي ملندو هو. ديراوڙ، جتي سلتج جي هاڪڙي منجهان
ويندڙ اٿل جو اثر پورو ٿيندو نظر اچي ٿو، ۽
غوثپور، جتان هيٺ ناري ڏي ويندڙ ڍورو شروع ٿئي ٿو،
انهن ٻنهي جي وچ ۾ جا وٿي آهي، تنهن بابت پڪو گمان
آهي ته اتان به هاڪڙو لنگهندڙ هوندو. اها وٿي هاڻ
اڏامي آيل واريءَ سان ايتري سٿجي ويئي آهي، جو
اتان لنگهندڙ پيٽ سڄي جو سچو ڪونه لهي سگهبو.
انهيءَ ڪري ”وڃايل نديءَ جو اهو ڀاڱو نسبتي طرح
ڏورانهين زماني جي انهن ڏينهن جو نظر اچي ٿو، جن
ڏينهن ۾ جمنا، جيئن اڳيئي چيو اٿئون، اولهه طرف
وهندي هئي، ۽ ”وڃايل ندي“- شايد ستلج جي ڪنهن ڇاڙ
جي واهڙ سان گڏجي- سمنڊ ۾ وڃي پوندي هئي.
ان اڳوڻي لاڳاپي ۽ ترتيب جي سنئين سڌي ثابتي هيءُ
آهي ته ڏکڻ- اڀرنديءَ سنڌ ۾ ”وڃايل نديءَ“ جو
هيٺين ۾ هيٺيون وڪرو اڄ ڏينهن تائين هاڪڙو سڏجي
ٿو. تاهم ان جي ڪنڌيءَ سان رهندڙ ڳوٺاڻا ان کي اڄ
تائين – جيئن سندن وچينءَ ۽ مٿينءَ سنڌ وارا ڀائر
ناري ۽ ان جي ڀرتي واهن ”ريڻي“ ۽ ”واهندا“ کي
سمجهڻ ٿا- سنڌوءَ جو هڪ سائو گهارو ئي سمجهن ٿا ۽
ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه.
حوالا ۽ سمجهاڻيون
حقيقت ۾ برهمڻ آباد جي ڀرسان ۽ ان کان مٿڀرو ۽
هيٺڀرو ٻين هنڌن وٽ (اڪثر ڪري ٻين نالن هيٺ) جيڪو
ڦاٽ اڃا تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو ناري منجهان نٿو
نڪري، پر ريگستان جي الهندي ڇيڙي جي ٿورڙو اولهه
طرف وارو عام دڳ وٺي هيٺ اچي ٿو. اهو دڳ ٿلهي ليکي
اڄوڪن ميرواهه ۽ نصرت واهه سان ملي اچي ٿو.
ر. ا. س. ر، جلد پهريون (1834)، ص ص 44- 20.
ڏسو مثال طور: ڪننگهام، ”هندستان جي آڳاٽي جا
گرافيءَ“ ص ص 2-251 ۽ نقشو، مئڪڪرنڊل، ”آڳاٽو
هندستان“ (آيريئن)؛ ٽارن، ”سڪندر اعظم“، جلد
پهريون،ص ص 4-103، سي. سي. ڊيويز، ”هندي اپٻيٽ جي
تاريخي ائٽلس“، نقشو نمبر 4.
”سنڌوءَ جي اڀرندي شاخ جي هڪ نقشي جي ياداشت“، از ليفٽيننٽ
اليگزنڊر بزنس، (گورمنينٽ لٿو گراف پريس، بمبئي،
1828)، پئرا 12، ضمني ياداشت، پئرا 5، 6، ۽ 11.
ڪئپٽن ڊيليو. پاٽنجر، ”سنڌ تي ياداشت“، 1832، پئرا
”نارو“ يا ”نالو“، ليفٽيننٽ ڊيل هاسٽي، ”سنڌ تي
ياداشت“، 1832، پئرا ”پراڻ“.
ب. س. د. ا، پنجيتالهيون، نئون سلسلو، (1857)، ص ص
5- 1.
ايضاً، ص 26.
ايضاً، ص 44.
آر. بي. بڪلي، ”هندستان ۾ آبپاشيءَ جا ڪم“، 1880،
ص ص 6- 155.
ريورٽي سنڌوءَ جي پوڇڙ واري وهڪري کي ”مهراڻ“ جي
نالي سان سڏي ٿو ۽ سنڌوءَ جي پنجند کان مٿين ڀاڱي
کي ڇڙو مهراڻ جي ”ڏاني“ ندي ڪري ليکي ٿو.
”پنجاب ۽ سنڌ ۾ درياهن جا دڳ“، (”هندستان جي جهونين وٿن واري
مخرن“، 1932).
|