11
سنڌ جا نسل ۽ ماڻهو
سنڌو تهذيب جي لڀڻ پڄاڻا، سنڌ جي هاڻوڪن رهاڪن جو
نسلي
(Ethnologieal)
لحاظ کان ڪو به جائزو ان سوال
کي اڪلائڻ سان شروع ڪرڻ واجبي ٿيندو ته انهن
رهواسين ۾موهن جي دڙي وارن جا پويان ڳولي لهڻ ممڪن
آهي يا نه.
بروهي ٻوليءَ ۾ دراوڙي عنصر جو موجود هجڻ ظاهر ڪري
ٿو ته ان جا ڳالهائيندڙ بنيادي طور آرين کان اڳ جي
نسلن مان آهن، توڻي جي اڳتي هلي هنن ۾ توراني ۽
ٻئي خون جي ملاوت به ٿي. بروهين جو وطن جهالاوان ۽
ساراوان جون ٽڪريون آهن. ان ڏيهه بابت سر آريل
اسٽائين چوي ٿو: ”اهو پاسو اهڙو ته سُڃو بُٺ آهي،
جو ڪو حملي آور اتي رهڻ نه چاهيندو ۽ نه ئي وري
ڪنهن حملي آور لاءِ اتي رهڻ جي ڪا جاءِ ئي نڪري
سگهندي. دراصل اهائي اهڙي جُوءِ آهي، جتي انهيءَ
قديم ٿانيڪي نسل جا ائين چئجي ته خانه بدوش، مسڪين
نيم- وحشي مائٽ بنا ڪنهن ڊپ داءِ جي رهي پئي
سگهيا. اهڙيءَ ريت هو آريائجڻ جي حشر کان بچي ويا،
جنهن جو سندن وڌيڪ سکين ڏيهن وارن هم نسل ماڻهن کي
شڪار ٿيڻو پيو هو“ (1). آرين جي مکيه چُرپُر پنجاب
ڏانهن ۽ اتان گنگا واري ماٿريءَ ڏانهن هئي. ان کان
پوءِ هو هيٺينءَ سنڌ ماٿر ۾ داخل ٿيا ۽ انهيءَ
ڳالهه جي مڃڻ لاءِ ڪو سبب ڪونهي ته سنڌ ۾ جيڪي
”داسيه“ ڏٺائون، سي نابود ڪري ڇڏيائون. آڳاٽن
اهڃاڻن جي ساک مان اکين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته آرين جي
اچڻ کان اڳ سنڌو تهذيب وارن کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ اندر
هڪڙن اهڙن ٻين ”وحشين“ جي تابع ٿيڻو به پيو هو،
جيڪي بلوچستان رستي اوڀر طرف آيا هئا.
انهن ۽ کانئن پوءِ وچ ايشيا جي قبيلن جي آمد جي
ڪري سنڌو تهذيب وارن جي رت ۾ اوس ايتري ته ملاوت
ٿي ويئي هوندي جو هاڻوڪيءَ سنڌ جي قبيلن ۾ موهن جي
دڙي وارن جو خالص نسل ڳولڻ فضول ٿيندو. درحقيقت،
موهن جي دڙي مان جيڪي هڏاوان پڃرا هٿ آيا آهن، تن
مان پتو پوي ٿو ته خود ان شهر جا ماڻهو ڪيترن نسلن
مان هئا. تڏهن به ان ڳالهه جو ٿورو گهڻو امڪان آهي
ته متان منڇر ڍنڍ جي مهاڻن ۾ اصلوڪن رهاڪن هجڻ جو
انگ ايترو هجي، جو ٻيو ڪو به سنڌي قبيلو انهن
جيتري دعوا ڪرڻ چاهي ته هوند نه ڪري سگهي (2)*:
يعني اهي مهاڻا سڌيءَ طرح سنڌو تهذيب واري زماني جي ڍنڍ- رهواسين جا
پونير آهن ۽ سندن رت ۾ ٻئي ڪنهن رت جي نسبتي طرح
گهٽ ملاوت آهي. انهن سان ماڇي به شامل ڪري سگهجن
ٿا ۽ شايد ڇُٽا ۽ الهندن ٽڪرن جا ڪي غير معروف
قبيلا جهڙوڪ بڪڪ ۽ گائجا پڻ، جن جون ڪي خاصيتون ۽
ريتون رسمون بنهه پنهنجيون آهن ۽ جن بابت سندن
پاڙيسري چوندا آهن ته اهي ”اصل ميربحر“ آهن. پر
اهڙين باريڪ شاهدين مان ڪي به انومان ڪڍڻ نسوري
ڌُڪيبازي ٿيندي.
پلاتني پنهنجي ”قدرتي تاريخ“ ۾ اتر-اولهه هندستان
يعني سنڌوءَ جي ترائيءَ جي ٽيهارو قبيلن جا نالا
ڏنا آهن (3)، ۽ سنسڪرت جي چئن پراڻن ۾ علائقائي
فهرستون به آهن، جن مان ڪي ٿي سگهي ٿو ته خود
پلائنيءَ جي زماني ڌاري سڌاريون ويون هجن (4).
تنهن کان سواءِ، اسان کي مهاڀارت ۾ قبائلي نالن جي
هڪ ڊگهي ياداشت ملي ٿي، جنهن ۾ ڪيترا نالا ورجايل
آهن ۽ منجهس ڪا ترتيب به ڪانهي. ساڳئي ئي ڪتاب ۾
”کشتريه ڪُلن“ جي وچور به آهي، جن مان گهڻا شايد
اتر- اولهه هندستان ۾ هئا (5). ورهمهير
(Varahamihira)
پنهنجي ڪتاب ”بريهت سمهتا“ ۾ انهن قبيلن جا نالا
ڏئي ٿو، جيڪي ”وايو پراڻ“ ۾ ڄاڻايل ڀارت ورش جي
نون ڀاڱن ۾ رهندڙ هئا. ”بريهت سمهتا“ ڇهين صديءَ
عيسويءَ جي وچ ڌاري جوڙيو ويو هو ۽ عجيب ڳالهه آهي
ته ان پلائنيءَ جا ڏنل ٻه ٽي نالا به ملن ٿا،
جڏهن ته ان کان اڳ جي ڪتابن ۾ رڳو هڪڙو نالو پڪيءَ
طرح سڃاڻپ ۾ اچي ٿو (6). ڇو جو عام طرح ائين
سمجهيو ويندو آهي ته پلائنيءَ پنهنجي وچور
ميگاسٿينيس جي وڃائجي ويل ليک تان کنئي هئي، جو هن
چوٿين صديءَ ق- م جي پڇاڙيءَ ڌاري جوڙيو هو. سو
اسان کي مَلي
(Malli)،
سوگدي
(Sogdi)
۽ ٻين اهڙن لوڪن جي نالن ملڻ
جي آس رکڻ کپي، جي سڪندر جي وقت ۾ برک هئا، پر
نالو رڳو آگزيڊريڪاءِ
(Oxydracae)
جو ملي ٿو-ته سڪندر جي
پيشقدميءَ جو دنگ سندن ملڪ ۾ ٿيو هو (7). ملي لوڪن
جو مقام هو هيٺين گنگا ۽ اوڙيسا جي وچ ۾ ڪٿي
ڄاڻائي ٿو. اهي ظاهر آهي ته اسٽرابو ۽ ايريئن جا
(Malloi)
يعني سنسڪرت ڪتابن جا مَلو نه آهن، پر گهڻو ڪري
مَل آهن، جن بابت مهاڀارت ۾ آيل آهي اهي بنگال
واري پاسي جو هڪ قبيلو هئا (8).
ان ڪري سمورو ڌيان سنسڪرت جي ڪتابن تي ڏيڻ وڌيڪ
فائدي وارو ٿيندو، جو انهن ۾ انهن قبيلن جا نالا
نه ڄاڻايل آهن، جن جو ذڪر اولهه جي ٻين ڪلاسيڪي
ليکڪن ڪيو آهي. هندستان جي مختلف ڀاڱن جي بيهڪ
”پراڻن“ ۾ هڪڙي ڏنل آهي ته ”بريهت سمهتا“ ۾ ٻي.
پوئين پستڪ ۾ ٻاهرين اٺن ڀاڱن جا طرف ڀارت ورش جي
وچين ڀاڱي کان ليکيا ويا آهن. اهڙيءَ ريت، سنڌ ان
جي ڏکڻ- الهندي ڀاڱي ۾ اچي ٿي، جو ”وشنو پراڻ“ ۾
الهندي ڀاڱي اندر اچن ٿا، جڏهن ته ”وايو پراڻ“ ۾
اهي اترئين ڀاڱي جا ڏيکاريل آهن (9).سچ پچ ته هي
اهي قبيلا آهن، جن بابت معلوم آهي ته اهي اتر-
اولهه کان هندستان آيا هئا. سندن آمد جا اهي الڳ
الڳ طرف ممڪن آهن ته سندن چُرپُر جا مختلف مرحلا
ظاهر ڪندا هجن. ٻئي طرف، اهو ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته
انهن مان تازي ۾ تازو پستڪ، ”بريهت سمهتا“، مَلي
(مَلوَ) کي پنهنجي اترئين ڀاڱي جوڏيکاري ٿو،
جيتوڻيڪ ٻي ساک آهي ته اهي لوڪ ڇهين صدي عيسويءَ
کان گهڻو اڳ ڏاکڻي پنجاب مان لڏي ڏکڻ طرف هليا ويا
هئا (10).
مهاڀارت ”کشتريه فهرست“ ۾ مَلو ۽ کشودرڪ لاڳاپيل
يا گڏيل قبيلا ڏيکاريل آهن، جنهن مان ڀائنجي ٿو ته
هنن يعني مَلي ۽ آگزيڊريڪاءِ لوڪن جي پاڻ ۾ سڪندر
خلاف ٻڌي قائم هئي. مهاڀارت واري ڊگهيءَ ياداشت ۾
شُودر- ساڳيا کشودرڪ لوڪ- اڀيرن کان پوءِ ڄاڻايل
آهن. ٻي صدي عيسويءَ ۾ اڀيرن جي ڏيهه جو ڏس
ٽالميءَ جي انهيءَ نالي مان ملي ٿو، جنهن نالي
سان هو سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي پاتلينيءَ جي ترت مٿان
واري ملڪ کي سڏي ٿو. اهو پڻ ٿي سگهي ٿو ته شودر ۽
ايريئن وارا سوگدي ساڳيا هجن ڊايوڊورس سائڪولس،
سوگدين کي سودراءِ
(Sodrai)
لکي ٿو (11). هيئن به ٿي سگهي ٿو ته سو گدي لوڪ
سووير لوڪ هجن، جي سڀني سنسڪرت ماخذن ۾ سنڌو تر جي
برک قبيلن مان هڪڙو قبيلو ڪري ڏيکاريل آهن. سندن
نالو اڪثر ڪري سنڌوءَ سان گڏي ڏنو ويو آهي، جيئن
سنڌو- سووير مهاڀارت ۾ هنن سان سيِو لوڪ- شايد
اسٽرابو وارا سباءِ
(Sibai)
- ۽ تر گرت لوڪ ۽ مدرڪ لوڪ به شامل ڪيا ويا آهن
(12). انهيءَ پستڪ موجب، ڪُرُ کيتر واريءَ لڙائيءَ
۾ سنڌو- سوويرن مکيه بهرو ورتو هو.
اهو ڌيان ۾ رکڻو پوندو ته اولهه جي اڪثر ڪلاسيڪي
ماخذن جيان، سنسڪرت جي پستڪن ۾ ڏنل احوال به اڳين
تصنيفن تان نقل ڪيل آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن سان
سهيوگي احوال به ڳنڍيو ويو آهي. ان ڪري هڪ اهڙي
مرڪب صورت جڙي پيئي آهي، جنهن جو ڪجهه ڀاڱو ڪنهن
خاص زماني جي چٽيءَ تصوير طور پيش نٿو ڪري سگهجي
جنهن زماني سان انهن جو واسطو آهي، تنهن زماني
اندر اتر- اولهه هندستان ۾ وڏيون لڏپلاڻون ٿيون
هيون. اهي لڏپلاڻون عيسوي سن جي شروعات کان ٻه
صديون اڳ ۽ ٻه صديون پوءِ خاص ڪري گهڻيون ٿيون.
اتر ۽ اولهه کان ڪاهي ايندڙن جي اثر هيٺ ڪن پراڻن
قبيلن کي بيوطن ٿيڻو پيو ۽ ڪي وري ملي جلي هڪ ٿي
ويا. فاتح پاڻ گهڻو ڪري هندو سرشتي ۾ جذب ٿي
کشتريه سڏجڻ لڳا. پر جيئن ته هو ڏيهي کشتريه جي
ڀيٽ ۾ گهٽ سمجهيا ويندا هئا (13). جتي جتي به هو
گهر ڪري ويٺا، اتي اتي هو قدرتي طرح حاڪم طبقو
بڻجي ويا. اهڙيءَ ريت، سوويرن کي هڪٻئي پٺيان سَڪه
لوڪن، پَهلو لوڪن، ڪُشن لوڪن ۽ وري هندو- ٿي-ويل-
سڪه لوڪن يعني الهندي هندستان جي کَسترپ لوڪن جو
محڪوم ٿيڻو پيو (13- الف).
ٻئي طرف مَلوَ لوڪن بيوطن ٿيڻ قبوليو پر آڻ نه
مڃيائون ۽ اسان وٽ ثابتي آهي ته هو عيسوي سن جي
اوائل ۾ راجپوتانا جي شهر جئپور جي ڀرسان وڃي ويٺا
هئا (14). پوءِ گپت راڄ جي الهندي ڇيڙي وارن
قبيلن ۾ اڀير لوڪن سان گڏ، لڳ ڀڳ ساڳئي ئي تر ۾
سندن نالو به نظر اچي ٿو. اڀير لوڪ پنهنجي خود
مختياري قائم رکندي، سمندر گپت جي اطاعت ڪندا هئا
(15).
سنڌ جي تڏهوڪيءَ آدمشماريءَ جي وڌيڪ پائدار ۽
مسڪين طبقن لاءِ سنسڪرت جي هڪ ٻئي ڪتاب تي نظر
وجهڻ وڌيڪ فائدي وارو ٿيندو. اهو ڪتاب ”مهاڀارت“
کان اڳ جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ رڳو تت جي شڪل ۾ ملي ٿو-
تت به فارسي ترجمي جي صورت ۾ آهي ۽ فارسي ترجمو
وري ڪنهن اڳئين عربي ترجمي تان ڪيل آهي.”مجمل
التواريخ“، جو دنيا جي تاريخ جو خاڪو آهي، تنهن جي
لکندڙ سنڌ ۽ اتر- اولهه هندستان جي اوائلي تاريخ
بيان ڪرڻ لاءِ اهو فارسي ترجمو لفظ بلفظ پنهنجيءَ
تصنيف ۾ شامل ڪيو آهي (16).
سنسڪرت جي ان وڃائجي ويل ڪتاب موجب، سنڌ جا
اوائلي رهاڪو جت ۽ ميد هئا. جت ٻيڙين وارا ۽ ميد
مال وند لوڪ هئا. ممڪن آهي ته مترجم کان يا ڪاتب
کان ڀل وچان، نالن جي ادل بدل ٿي ويئي هجي، ڇو ته
لسٻيلي ۽ مڪران جا هاڻوڪا ميد سامونڊي قبيلو آهن
(17) ۽ سنڌ جا جت اوٺي آهن. ڪجهه به هجي، اهي ٻيئي
ڌنڌا- مڇي مارڻ ۽ مال چارڻ- ڪسابن کان سنڌو ماٿر
جي ماڻهن جي ڪرت رهيا آهن. ان هڪڙيءَ ڳالهه مان ئي
اسين سمجهي سگهون ٿا ته ان ڪتاب ۾ ڏنل احوال ضرور
سچو هوندو. ان ڪتاب جي هيءَ ڳالهه بلڪل سچي ٿي
سگهي ٿي ته برهمڻن جي اچڻ کان اڳ سنڌ جي حڪومت تان
ميدن ۽ جتن جا پاڻ ۾ تڪرار ٿيا هوندا ۽ برهمڻن جي
اچڻ سان سنڌ ۾ تهذيب ۽ خوشحاليءَ جو وڌيڪ دور دورو
ٿيو (18). جن عربن پهرين پهرين سنڌ تي قلم کنيو
هو، سي ڏيکارين ٿا ته سندن ڏينهن ۾ جت ۽ ميد مکيه
قبيلا هئا. اهڙيءَ ريت، ابن- خزدازيه زتن (جتن) کي
ڪرمان ۽ منصوري جي وچ واريءَ سرحد جي حفاظت ڪندي
ڏيکاري ٿو ۽ چوي ٿو ته ميد، جي ڪڇ جي رڻ جا ڏسڻ ۾
اچن ٿا، سي ڌاڙيل آهن (19).
البلاذري ڄاڻائي ٿو ته خليفي جي سنڌ واري نائب،
عمران، 836ع کان پوءِ ڪنهن وقت ميد لوڪن سان جنگ
جوٽي هئي ۽ جتن کي پڻ دٻايو هئائين ۽ پوءِ جتن جا
سردار وٺي وري ميدن تي ڪاهي ويو هو (20). ادريسيءَ
موجب، ميد ڪڇ جي رڻ طرف رهندا هئا، پر اروڙ تائين
چڙهي ايندا هئا ۽ بعضي بعضي ته مڪران جي حد کان
وڃي نڪرندا هئا (21). ابن- حوقل جتن بابت ڄاڻائي
ٿو ته ”منصوري ۽ مڪران جي وچ ۾ مهراڻ جي پاڻيءَ جي
ڪري ٻيٽ ٺهي ويا آهن ۽ ملڪ جا رهاڪو هند جي هڪ زت
نالي هڪڙا لوڪ آهن، جيڪي درياهه کي ويجها آهن، سي
بربرن وانگر، ڪکائين ڀونگين ۾ رهندا آهن ۽ مڇي ۽
پاڻيءَ جا پکيءَ کائيندا آهن...... هنن جو هڪڙو
ٻيو قبيلو، جيڪو ڪپ کان پري رهي ٿو، سو ڪُردن جهڙو
آهي؛ اهي کير، پنير ۽ جوئر جي مانيءَ تي گذر ڪندا
آهن“. (22)
انهن لکندڙن پنهنجا ڪتاب ڏهين صديءَ عيسويءَ ۾
جوڙيا هئا ۽ ”مجمل التواريخ“ جي شروعات پانڊون جي
لڙائين کان اڳ واري دور سان ٿئي ٿي. ٻنهي زمانن ۾
وڏي وڇوٽي آهي. پر ستين صديءَ جي پهريئن اڌ جو
احوال اسان کي هڪ ٻئي ليکڪ، يوئان چوانگ، کان ملي
ٿو. سندس احوال مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس ڏينهن ۾
به سنڌ جا رهاڪو لڳ ڀڳ ساڳيائي هئا. هو لکي ٿو،
”سن- تو (سنڌو) الڳ هيٺانهن مڃرن ۾ اٽڪل هڪ هزار
لي تائين اڪيچار ڪٽنب رهندڙ هئا، جن جا سڀاءَ ڏاڍا
ڪرڙا ۽ تکا هئا. خون ڪرڻ سندن مشغلو هو ۽ گذران
مال پالي ڪندا هئا. هنن ۾ نه ته ننڍ وڏائي هئي، نه
ڪائي سرڪاري (23). ڀائنجي ٿو ته اهي جت هئا، جو
”چچ نامي“ ۾ به سندن اهڙو ئي ذڪر آهي. چيو وڃي ٿو
ته محمد بن قاسم ”لهاڻي قبيلي جي جتن“ جي پڇا ڪئي
ته کيس ٻڌايو ويو ته ”هنن ۾ ننڍي وڏي جو فرق ئي
ڪونهي؛ سڀ سڀاءَ جا وحشي آهن، جهڙا ڍور. اصل کان
سرڪش ۽ حاڪمن جا نافرمان آهن ۽ رستن تي ڌاڙن هئڻ
تي هريل آهن“ (24). تنهن تي مسلمان سپهه سالار هنن
سان اهي ساڳيا سخت ۽ ذليل ڪندڙ قاعدا لاڳو ڪيا،
جيڪي راءِ چچ ڪيا هئا ۽ چيو وڃي ٿو ته صديءَ کان
وڌيڪ مدو پوءِ امير عمران سندن هٿ ڏنڀائي ڇڏيا ۽
حڪم ڪيائين ته “جيڪو به مون سان ملڻ اچي، ڪتو ساڻ
ڪري اچي“ (25). راجپوت ته هاڻوڪي زماني ۾ به ماتحت
قوم کي ريشمي ڪپڙي پهرڻ يا هني سان گهوڙي سواري
ڪرڻ ۽ اهڙين ٻين ڳالهين کان جهليندا آهن (26).
محمد بن قاسم کي ٻڌايو ويو ته راءِ چچ سمن ۽ لاکن
تي به ساڳيون لهاڻن جتن واريون بندشون رکيون هيون.
پر عرب سپهه سالار هنن سان ۽ سهتن سان پڻ، نرميءَ
وارو ورتاءُ ڪيو (27). هيءَ ڳالهه ڌيان جوڳي آهي
ته ان تاريخ ۾ سهتن کي انهيءَ ساڳئي علائقي جو
ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو هاڻ سندن نالي پٺيان سڏجي
ٿو. اسين اهو پڻ پڙهون ٿا ته جت اولهه ۾ پري
قندابيل ۾ به رهندڙ هئا (28). ۽ ٻارهن سو ورهيه
پوءِ اسين ڏسو ٿا ته ڪڇيءَ جا گهڻا هاري ناري،
ڪڙمي ڪاسبي اڃا به جت ۽ سماٽ آهن.
ياد رهي ته موريا دور ۽ محمد بن قاسم جي وچواري
مدي ۾ ماڻهن جو نسل اتر ۽ اولهه کان هڪٻئي پٺيان
ريل ڇيل ايندڙ وحشين- سَڪ، يوهچي ۽ هُوڻ لوڪن- جي
ڪري ضرور گهڻو بدلجي ويو هوندو. جت ۽ راجپوتن جا
گهڻا قبيلا انهن لوڪن جي بُڻ مان سمجهي سگهجن ٿا،
جيڪي ڪٿي گهڻا ڪٿي ٿورا ڏيهي نسلن سان ملي هڪ ٿي
ويا هوندا. هاڻوڪن سنڌين جي وڏي اڪثريت وري انهن
جتن ۽ راجپوتن جي پونير آهي.
مسلمانن جي فتح سان عربن سنڌ ۾ رهڻ شروع ڪيو
جيتوڻيڪ اهي عرب تعداد ۾ ٿورا هئا، تڏهن به هنن جو
ملڪ جي سماجي ۽ مذهبي تاريخ تي وڏو اثر پيو. نبي
ڪريم صلعم جي پوين مان ڪيترا سيد فارس، افغستان ۽
وچ ايشيا جي گهڻن پرڳڻن ۾ وڃي وسيا هئا ۽ ڪيترا
اتان شايد ڏهاڪو صدين جي عرصي دوران مختلف وقتن تي
سنڌ ۾ لڏي آيا. هندن جي اڪثريت کي اسلام تي آڻڻ جو
موڙ انهن سيدن جي سر تي آهي. اهو سلسلو چوڏهينءَ
(29) ۽ اڙهين صدي عيسويءَ ۾ تمام تکو ٿي ويل ڏسڻ
۾اچي ٿو.
سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي قبيلا پنهنجو حسب نسب وڃي
عربن سان ملائيندا آهن ۽ قريش نسل مان هجڻ جون
اڪثر دعوائون اهڙيون ئي هونديون آهن، جهڙيون
دعوائون برطانيا جا ڪيترا ڪٽنب جڙتو ۽ڪوڙن شجرن جي
آڌار تي نارمن فاتحن جي ساٿارين جي يا اڃا به
آڳاٽي اُوچي بُڻ مان هجڻ جون ڪندا آهن. سنڌ جا
جيڪي قبيلا عربن مان هجن جون دعوائون ڪندا آهن، تن
جا اصل نالا وٺڻ، جي بيواجي نه ٿيندو، ته به انهن
۾ ناراضپور ضرور پيدا ڪندو.
سنڌ جي آدمشماريءَ جو هڪ ٻيو مکيه جزو آهن بلوچ،
جي پڻ عرب هجڻ جي دعوا ڪندا آهن. اڃا پندرهين صدي
عيسوي پوري نه ٿي هئي، جو هو پنهنجي موجودگي محسوس
ڪرائڻ لڳا. (30) هي مال وند ۽ نيم – لاڏائو ماڻهو
هئا جهيڙي جهٽي جا ڪوڏيا پڻ. چيو وڃي ٿو ته ان نسل
جو پڻ شام ۾ اسريو، جتان سندن اوڀر طرف واڌارو
ڪڏهن ڪڏهن تيز به ٿي ويندو هو، خاص ڪري تڏهن جڏهن
انهن ملڪن جا حاڪم، جتي هي رهيل هوندا هئا، سندن
خلاف ڪات ڪهاڙا کڻندا هئا. سندن آخري لڏ پلاڻ سنڌو
ماٿريءَ ڏانهن هئي. هتي هو سيستان کان آيا، جتي هو
ڳچ زمانو رهيا هئا. اتان سندن لڏڻ جو ڪارڻ شايد
گهڻو تڻو اقتصادي هو، ڇو ته هو پاڻ توڙي سندن ڌڻ
جيئن پوءِ وڌندا ٿي ويا.
سندن ڪيترائي قبيلا اچي ڪڇيءَ ۾ ويٺا، ۽ اتي ٽڪر
وٺي اتر پاسي ديراجات ۽ ڏکڻ پاسي سيوهڻ ۽ ان کان
پرتي پکڙجي ويا. ماڻهو ويڙهاڪ هئا، سو ترت قدر ٿيڻ
لڳن ۽ اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته سبيءَ جي گورنر کين
پنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ڪري شاهه بيگ ارغون سان وڙهيو
هو. وري اسين پڙهون ٿا ته ان بادشاهه ٿورا ورهيه
پوءِ جڏهن مٿينءَ سنڌ تي به قبضو ڪيو، تڏهن هنن
مان اهڙو اچي تنگ ٿيو، جو ملڪ جي انهن مان جند
ڇڏائڻ لاءِ هڪ ئي وقت وڏي پيماني تي انهن جو ڪوس
ڪرايائين. اهو واقعو 1521ع ڌاري ٿيو ۽ 1523ع ۾
شاهه بيگ جو پٽ مرزا شاهه حسين سبيءَ تي چڙهي، وڃي
رندن ۽ ٻين بلوچن کي سيکت ڏيئي آيو (31). ريورٽيءَ
موجب، ملتان جي لانگاهه جاٽ حاڪمن سورهين صدي
عيسويءَ جي پهرينءَ چوٿائيءَ ۾ بلوچن کي جاگيرون
ڏيئي، ديراجات ۾ اچي رهڻ تي هرکايو؛ جاگيرن جي
عيوض کين فوجي خذمت سرانجام ڏيئي هئي (32). سنڌ ۾
هو مال وند رهندي ۽ چاري جي سانگ تي سڄو ڏيهه
رلندي، هوريان هوريان حد دخلي ڪندا نظر اچن ٿا.
ڪٿي ته ائين به ٿيو ته جتي ڪنهن قبيلي ٿاڪ ڪيو، سو
تر ئي سندن نالي پويان سڏجڻ لڳو، جيئن چانڊڪو ۽
بڙديڪا. ڪلهوڙا سنڌ جا پهريان حاڪم هئا، جن بلوچن
کي، سپاهين جي حيثيت ۾ ڪمائتو ڏسي، سنڌ لڏي اچڻ تي
همٿايو. هو مرشد هئا ۽ انهيءَ زور تي ٽالپرن ۽
مرين کي خذمت لاءِ گهرائي ٿي سگهيا. تاهم، ڪجهه
سندن قبائلي سرشتي جي تقاضا، ڪجهه پراڻا پَلو
پاڙڻا ۽ ڪجهه وري هونئن ئي ڦڏي جو چشڪو، سو بلوچ
ٻيا ته ٺهيو خود پنهنجن هم قوم حاڪمن هيٺ به سنڌ
جي آدمشماريءَ جو وڳوڙي عنصر ئي رهيا.
ٽالپرن جي صاحبي برپا ٿي ته بلوچن جي گهڻي ڀاڱي
پنجاب مان اصل لانڍ لڳي ويئي ۽ سندن سردار ملڪ جا
فوجي امير بڻجي ويا. برطانيا سرڪار پڻ جاگيردارن
جي حيثيت ٿوري ڦيرڦار سان قائم رکي ۽ ٻهراڙيءَ جي
سماجي جوڙجڪ ۾ بلوچ زميندار اڃا به وڏي اثر وارو
آهن. ۽ اها ڳالهه هر ڪڙمي مڃي ٿو.
جنهن زماني ۾ بلوچ سنڌ اندر پاڻ ٿانيڪو ڪري رهيا
هئا، تنهن زماني ۾ سياسي انقلابن جي نتيجي طور
ڪجهه ٻيا پرڏيهي ماڻهو به اچي وسيا، پر نسبتي طرح
ٿوري تعداد ۾. اهڙيءَ ريت، مغل آهن، جي ارغون ۽
ترخان گهراڻن سان ۽ ٺٽي جي شاهي پرڳڻي- ڌڻين سان
ڳنڍيل عملدارن ۽ سپاهين جا پونير آهن. وڌيڪ مکيه
ڳڙهي ياسين ۽ شڪاپور جا پٺاڻ آهن، جي تڏهن اچي
وسيا هئا، جڏهن مٿينءَ سنڌ جو اهو ڀاڱو افغانستان
جي دراني گهراڻي جي ماتحت هو.
ساڳيءَ ريت، ٻيا به ڪيترا قبيلا ۽ جاتيون آهن، جي
نسبتاً جديد زماني ۾ اتر ۽ اوڀر جي پاڙيسري ڏيهن
کان لڏي سنڌ ۾ اچي ويٺا آهن. سندن لڏي اچڻ جا
ڪيترائي سبب هئا، جهڙوڪ: پنهنجن سان تڪرار، اباڻين
زمينن جو پورو نه پوڻ يا ظالم حاڪمن کان ڀڄي جند
ڇڏائڻ. گهڻائي پنجاب جي جاٽ قبيلن، جهڙوڪ سيالن،
جوين ۽ کُهاوڙن جي آهي. سرائيءَ وارو لقب انهن
سان ئي لاڳو ڪيو وڃي ٿو. اهي سنڌ ۾ تڏهن آيا، جڏهن
ڪلهوڙا، جن جا اهي مريد ۽ حمايتي هئا، سي ۾مغلن
سان پرچي ويا ۽ بکر جا حاڪم ٿيا.
پهرين پهرين سرائيءَ جي معني اتر جو ماڻهو هوندي
هئي پر پوءِ اهو لفظ ڪهلوڙن جي گهراڻي سان لاڳاپي
جي ڪري تعظيمي لقب ٿي ڪم اچڻ لڳو. انهن جا اڪثر
قبيلا پاڻ ۾ لهندا يا الهندي پنجابي ڳالهائيندا
هن، جا ٻولي سنڌ ۾ سرائڪي سڏي وڃي ٿي. اوٺي جتن
توڙي ڪيترن اهڙن بلوچ قبيلن يا قبيلن جي پاڙن جي
ٻولي به اهائي آهي، جيڪي ڳچ وقت پنجاب ۾ گهارڻ کان
پوءِ هت آيا هئا.
سنڌين جا اڪثر نسل جي راجپوت سمن ۽ جتن جا پونير
آهن، تن جي وچ ۾ جيڪو به اصلوڪو فرق هو، سو هاڻ،
ڪن ٿورن مثالن کي ڇڏي، غير حقيقي آهي. ويندي اهڙا
قبيلا به، جي ڄاتل سڃاتل راجپوت نالن سان سڏجن ٿا،
تن کي پنجاب ۾ جاٽ ۽ سنڌ ۾ سماٽ سمجهيو وڃي ٿو.
ڏکڻ اولهه پنجاب ۾ ته ڀانت ڀانت جا قبيلا جاٽ
ڪوٺيا وڃن ٿا. اتي جاٽ لفظ ڪنهن نسلي معنيٰ ۾ نه
پر ڌندي ڌاڙيءَ جي معنيٰ ۾ واپرايو وڃي ٿو. جيئن
ڪڙمي، آبادگار يا وري سماجي معنيٰ ۾، جيئن اهي
قبيلا، جن جي پنهنجي زمينداريءَ جي ڪري ڪا سماجي
حيثيت هجي. عام طرح اهڙن قبيلن کي جاٽ نه سڏيو
ويندو آهي، جن بابت پتو هوندو اٿن ته اهي ويجهڙ ۾
ڪنهن ٻئي هنڌان لڏي آيا آهن. پر ڪنِ ايراضين ۾
ڄاتل سڃاتل بلوچن کي، جي پنهنجي پنهنجي تمن کان
ڌار رهندڙ هوندا آهن، مڪاني طرح جاٽ ليکيو وڃي ٿو.
پنجاب ۾ اهو لفظ ويجهڙائيءَ وارين صدين اندر وڏيءَ
آبرو وارو ٿي ويو آهي، ۽ جاٽ قبيلي ۾ گهڻو ڪري
پنهنجيءَ ڳالهه ڳت وارو ۽ آبرودار آبادگار شامل
سمجهيا وڃن ٿا. سچ پچ ته جيترو ان نالي کي مانائتو
ليکيو وڃي ٿو، تيترو راجپوت کي نٿو ليکيو وڃي.
هونئن به مسلمانن جي وڏي اڪثريت واريءَ آدمشماريءَ
۾ راجپوتن جو مُلهه ايترو نٿو ٿي سگهي جو هنن سان
مسلمان- دشمن روايتون منسوب آهن. ساڳيءَ ريت، گهٽ
۾ گهٽ انهن بلوچن کي، جيڪي پنهنجي قبائلي علائقي
کان ڏور وچين پنجاب ۾ جاٽن سان گڏ رهندڙ آهن، اوٺي
يا اُٺ پاليندڙ سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ وري معاملو
ان جي ابتڙ آهي. سو، جيئن سنڌونديءَ جي اوڀر پاسي
الهندي پنجاب ۾ سڀني قبيلن جو لاڙو پاڻ کي جاٽ
سڏائڻ ڏانهن آهن ، تيئن سنڌ ۾ ڪتيرائي جت ۽ سماٽ
قبيلا پاڻ کي بلوچ سڏائڻ چاهيندا آهن.
سنڌ ۾ لڏي ايندڙ بلوچ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي بنا
ڪنهن ساڱاهه جي جت سڏيندا هئا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي
صاحبين ۾ جڏهن هو وڌندڙ تعداد ۾ اچڻ لڳا، تڏهن هنن
پاڻ سان گهڻا اوٺي يا نوڪر يا قبائلي جنگين ۾پڪڙيل
ٻانها به ضرور آندا هوندا. انهن سڀني کي گڏي ڌڪار
وچان جت سڏيو ويو. جئين ته بلوچ قبيلا ملڪ جا فوجي
امير ٿيندا ٿي ويا، جنهن جي معنيٰ هئي اوٺي يا اُٺ
وارو. آنجهاني مسٽر ڪورنٽن
(Mr.Covernton)
ٻڌائي ٿو ته پنجاب ۾ نسل يا ذات لاءِ لفظ ”جاٽ“ يا
”جٽ“ آهي، جڏهن لهندا ٻوليءَ ۾ اوٺيءَ لاءِ ”جت“
آهي، جيئن سنڌ ۾، جيڪو ”ٽ“ اکر وارو ”ڄٽ“ لفظ
ويجهڙائي واري وقت تائين سنڌي هندو، مسلمان هاريءَ
يا ڳوٺائي لاءِ ڪڏهن ڪتب آڻيندا هئا، سو شايد
پنجاب اندر نسلي مفهوم ۾ ڪم ايندڙ لفظ سان ڳنڍيل
آهي. پر سنڌ ۾ بيعزتيءَ واري معنيٰ اختيار ڪري ويو
آهي. سنڌ ۾ پنجاب جي جاٽ يا جٽ لفظ جي بي ماني ٿيڻ
جي سمجهاڻي هيءَ به ٿي سگهي ٿي ته بلوچن وٽ اصل ۾
”ٽ“ اچار هوئي ڪونه، سو هو ملڪ جي ڏيهي ڪڙمين کي
”جٽ“ جي بدران ”ت“ سان جت سڏيندا هئا ۽ جت جي
معنيٰ جيئن اڳئي ڄاڻايو اٿئون، لهندا ٻوليءَ ۾ آهي
”اوٺي“.
منڍ منڍ ۾ ”راجپوت“ لفظ ڪنهن خاص نسلي جي ماڻهوءَ
لاءِاستعمال نه ٿيندو هو، بلڪ ان مان مراد اوچي پد
وارو ۽ خانداني ماڻهو هوندي هئي ۽ ڪي راجپوت قبيلا
شايد آهن ئي جاٽ، جٽ، جت بُڻ مان. هيءَ ڌيان جوڳي
ڳالهه آهي ته ”چچنامي“ ۾ راءِ ڏاهر جي فوجي اميرن
کي ”ٺڪر“ ڪوٺيو ويو آهي. انومان آهي ته اهي ٺڪر
راجپوت لفظ جي اصلوڪيءَ معنيٰ ۾ راجپوت هوندا.
سندن قبيلن جا نالا نه ڏنا ويا آهن. عجيب ڳالهه
آهي ته اڄڪلهه سنڌ ۾ راجپورتن جو جيڪو قبيلو
(سوڍا) گهڻي کان گهڻو آهي، سو ٺڪر سڏبو آهي، ڄڻ ته
اهو سندن قبيلي جو نالو هجي. اهي سوڍا راجپوت
هيٺينءَ سنڌ جي تاريخ ۾ تيرهينءَ کان پندرهين
صديءَ عيسويءَ تائين چڱا برک هوندا هئا ۽ سومرن ۽
سمن جي لشڪرن جو چڱو چوکو ڀاڱو سندن ڏنل هوندو هو.
سوڍا گهڻو ڪري جاڙيجن سان ٻيٽ هوندا هئا. جاڙيجا
پاڻ کي سنڌ جي سمن جي شاخ سمجهندا آهن، پر گهڻو
ڪري ليکبا راجپوت آهن، جو سڀاويڪ به آهي، ڇو ته
سندن هڪڙو گهراڻو ڪڇ تي راڄ ڪندو هو.
ڪيترن سماٽ قبيلن جيان، سنڌ جي ڪنهن ڀاڱي جا
جاڙيجا مسلمان آهن ته ڪنهن ڀاڱي جا هندو. البت
سوڍا منڍ کان پڪا هندو آهن. توڻي جو ٽاڊ هڪڙيءَ
روايت جو ذڪر ڪري ٿو ته سومرا، جي پوءِ مسلمان
ٿيا، سي سندن بڻ مان هئا. سنڌ جا کوکر، جي راجپوتن
جي راٺوڙ ڪُل مان سمجهيا وڃن ٿا، سي گهڻا مسلمان
آهن ۽ سرائي سڏيا وڃن ٿا، ڇو ته اهي ويجهڙائيءَ
واري زماني ۾پنجاب کان آيا هئا.
هيءُ سوال اڃا نبري نه سگهيو آهي ته سنڌ جي واڻين
۾، جيڪي گهڻا لهاڻا آهن، سي تن لهاڻن جاٽن جا رهيل
کهيل غير مسلم عيوضي آهن يا نه، جن جو ذڪر
”چچنامي“ ۾ اچي ٿو. اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته
جيڪي اصلوڪا هندو يا ٻُڌ سنڌ ۾ ٿر جي اولهه پاسي
هئا، سي ذري گهٽ سڀ مسلمان ٿي ويا ها ۽ جيڪي بچيا
ها، سي لڏي ويا هئا، اها حقيقت آهي ته هندو لهاڻا،
سنڌ سان گڏ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ به آهن؛ پر پنجاب ۾
ڪونهن، جو پڻ اوائل ۾ ئي سلام جي دائري اندر داخل
ٿيو هو. ڪي هاڻوڪا چوندا آهن ته اسين عرب فتح کان
گهڻو گهڻو وقت پوءِ سنڌ ۾ پنجاب کان آيا هئاسون،
لهاڻن جاٽن تي محمد بن قاسم جيڪي بندشون وڌيون
هيون. سي انهن بندشن کان وڌيڪ سخت ڪونه هيون، جي
برهمڻ راجائڻ مٿن مڙهيون هيون. انهن بندشن کي ڇڏي،
عربن جو غير مسلمان سان سلوڪ نرميءَ وارو ڏسڻ ۾
اچي ٿو- مذهب جي بنياد تي انهن سان ڪابه ارهه
زورائي ڪانه ٿي هئي. اهو ته محمود عزنويءَ جي وقت
کان پوءِ لهاڻن جو سنڌ جي قبيلي يا جاتيءَ جي
حيثيت ۾ ذڪر نٿو اچي، ان مان ڪجهه به ثابت نٿو
ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ ان قبيلي جي هڪڙي راڻي جو مذڪور
ملي ٿو. اهو هو ڌماج جو پٽ سانر
(Sanir s/o Dhamaj)
ذات جو ”ڪوريجو سمو لهاڻو“، جو
انهن ستن جاگيردار سردارن مان هڪڙو هو، جيڪي تيرهن
صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ ڏيهه جا حاڪم هئا، جڏهن
مَلڪ ناصرالدين قباچا نواب هو (34).
سنڌ ۾ رهندڙ سهتا، جن مان ڪي مسلمان آهن ته ڪي
هندو، سي ضرور ”چچنامي“ وارن سهتن جا پونير هوندا
۽ جيئن ڪورنٽن چوي ٿو، اهڙن لهاڻن ۽ هاڻوڪن مسلمان
سماٽ قبيلن جي وچ ۾ بدني يا دماغي خاصيتن جا فرق
ڪي ايترا وڏا نه آهن.جو انهن جي تشريح ان ڳالهه
سان نه ڪري سگهجي ته سوين ورهين کان لهاڻا شهري ۽
واپاري رهيا آهن ۽ سما ڪڙمي. هي جو ايتري وڏي مدي
کان لڳاتار مسلمان حاڪم لهاڻن کي نيچ نسل ڪري
ليکيندا رهيا آهن، سا ڳالهه ظاهر آهي ته سندن
اصلوڪي نسلي سڀاءَ کي ميسارڻ لاءِ ڪافي هئي.
جيڪڏهن لهاڻا مسلمانن جي صاحبيءَ جي اوائلي ڏينهن
۾ سنڌ مان لڏي ويا هئا ۽ پوءِ موٽي آيا هئا، تڏهن
به سندن غير حاضري ايتري ڊگهي ڪانه هئي، جو سندن
ريتن رسمن يا ٻوليءَ تي ڪي اثر ڇڏي ها. ۽ پنجاب ته
هو ڪنهن به حالت ۾ ڪونه ويا هوندا، ڇو ته ڪي ضرور
اتي رهي پون ها، ۽ پنجاب ۾ لهاڻا آهن ئي ڪونه.
پنجاب جي جيڪا جاتي لهاڻن جومَٽُ آهي، سا آهي
اروڙا. هنن تي اهو نالو ضرور سنڌ جي شهر اروڙ تان
پيو هوندو ۽ هي شايد خلافت جي ڏينهن ۾ ان شهر جي
ڦٽڻ تي اتر طرف لڏي ويا هئا.
ڪيترا اروڙا سنڌوءَ جي ديوتا، اڏيري الال جا،
پوڄاري آهن، جو گهڻو ڪري لهاڻن جو پنٿ آهي ۽ ٻنهي
جاتين جي نکن جا ڪيترائي نالا ساڳيا آهن- اروڙا
پنهنجين نکن لاءِ حالت اضافت جو سنڌيءَ وارو اکر
”جا“ ڪم آڻيندا آهن ۽ نه پنجابيءَ جو ”دا“. ان
سڄيءَ اپٽار جو مقصد هيءُ ڏيکارڻ آهي ته لهاڻا ۽ا
روڙا ٻيئي اصل سنڌ جا ويٺل هئا، اروڙا پوءِ پنجاب
لڏي ويا، جتي هنن پنهنجو هاڻوڪو امتيازي نالو
اختيار ڪيو ۽ اڄوڪن لهاڻن جي اڪثريت انهن جي پونير
آهي، جن پنهنجو اهوئي پراڻو نالو قائم رکندي،
ڪڏهن به سنڌ ڪانه ڇڏي هئي؛ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وارا
لهاڻا عربن جي اچڻ کان اڳ اتي وڃي وسيا هئا.
سنڌ خاص يعني سنڌونديءَ جي ميدان جي آدمشماريءَ جو
تاڃي پيٽو آبپاشيءَ ۾ واڌاري ۽ سڌاري سان جيئن
پوءِ تيزيءَ سان ڦرندو پيو وڃي. ٻه صديون اڳ تائين
ان جي جوڙجڪ ۽ ورڇ سادي هئي، هاڻ اها گهڻي
تبديليءَ ڏانهن مائل رهي ٿي. جيوت جو خانه بدوشي
ڍنگ اڻلڀ پيو ٿيندو وڃي؛ ساڳئي وقت ٿانيڪن رهاڪن ۾
پڻ بنياد ۽ رهائشي مدي جي ايتري ته گوناگوني آهي،
جو ان کي سماجي تاريخ جي ڪن ڄاڻو عالمن ۽ محققن
جون کوجنائون ئي سَلي ۽ ڪٿي سگهنديون ۽ ان جي
اپٽار لاءِ دفترن جا دفتر درڪار ٿيندا.
سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾، ٿر ۾ ۽ ڪنهن حد تائين
لاڙ ۾ نسبتي طرح پائيداري آهي، ڇو ته انهن علائقن
۾نون ايندڙن لاءِ ڪا گهڻي ڪشش ڪانهي ۽ نه ئي پراڻا
رهاڪو ڪي انهن جا سانتيڪا پاڙيسري ثابت ٿيندا. سو
هاڻوڪي اتر- الهندي حد کان ڏکڻ ۾ پري سيوهڻ تائين
ٽڪرن ۾ ۽ ڪاڇي ۾ بلوچ قبيلا رهندا اچن ٿا. هنن ۾
اهي قبيلا به اچي وڃن ٿا، جن بابت گمان ٿي سگهي ٿو
ته اهي تر جي تمام آڳاٽي بُڻ، ڇٽن ۽ گائچن جاپويان
آهن.
سيوهڻ، ڪوٽڙيءَ ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ جيڪو وڏو ٽاڪرو
علائقو آهي، اتي جا مکيه رهاڪو نومڙيا ۽ برفت آهن،
جي پڌري پٽ گهڻو تڻو راجپوت بڻ مان آهن. جوکيا به
ساڳئي بڻ مان آهن. اهي مٿين قبيلن جي ڏکڻ ۾، ملير
۽ ٺٽي طرف، ٽڪرين جي پاسن کان رهن ٿا. نومڙيا برفت
ڪنهن وقت سنڌ کان وڌيڪ لسٻيلي سان لاڳاپيل هئا؛
نومڙيا ته سترهين صديءَ عيسويءَ ۾ ٿوري وقت لاءِ
لسٻيلي جا حاڪم به هئا. اهو ته هي قبيلا راجپوت بڻ
مان آهن، سا ڳالهه سندن ٽڪيل پهڻ جي قبن جي نموني
مان ثابت ٿئي ٿي. اهي قبا انهيءَ تر ۾ عام آهن،
جتي انهن قبيلن جي گهڻائي آهي، يعني جهرڪن کان
ويندي پري اتر ۾ حب نديءَ جي ساڄيءَ ڪنڌيءَ کي
هنيدن
(Hinidan)
تائين.
انهن ٽڪرن ۾ بلوچ ۾ رهن ٿا. گبول، جي اولهه طرف
سيوهڻ تعلقي جي ڏکڻ کان ويندي ذري گهٽ ڪراچيءَ
تائين آهن ۽ کوسا، جي ڪوٽڙيءَ طرف اوڀر واري ٽڪر ۾
آهن. ٽڪرن جي ڏکڻ ۾ ميرپور ساڪري جو ڀرپاسو وري
ڪرمتي بلوچن جو ڳڙهه آهي. چيو وڃي ٿو ته اهي
سورهين صدي عيسويءَ شروعات کان اڳ سڌا مڪران کان
آيا هئا ۽ اهو نالو ڪلمت هور، يعني ڪملت کاريءَ ،
کان مليو اٿن، جا مڪران ۾ آهي.
ٿر جي پريان ننگرپارڪر جي ڀرپاسي ۾ به کوسا آهن.
ڪڇ جڏهن انگريزن جي حفاظت هيٺ آيو هو، تڏهن کوسن
ان تي جهلون ڪيون هيون. انهن جلهن جي ڪري ئي بمبئي
سرڪار ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ اها سفارتي ڏي وٺ ٿي هئي،
جنهن جي نتيجي ۾ 1820ع وارو عهدنامو عمل ۾ آيو هو.
ڏکڻ وارين ٽڪرين جي کوسن وانگر هي کوسا به پڪ ئي
پڪ مڪران کان نسبتي طرح اوائلي وقت ۾آيا هئا (35).
ٿر جي سنڌ واري ڏاکڻي اڌ جا رهاڪو گهڻو ڪري سوڍا
راجپوت آهن، جن جو ذڪر اڳيئي ٿي چڪو آهي. راجپوت ۽
سماٽ نسل جا ڪيترا قبيلا به انهن سان رليل مليل
آهن، جن کي مسلمان ٿئي ڪو گهڻو مدو ناهي ٿيو-راڄڙ،
پلي، نهڙيا ۽ ڪيئي ٻيا. سنڌ منجهه سنڌوءَ جي اوڀر
۾ جي ڪولهي ۽ ڀيل آهن، سي هاڻوڪي زماني اندر لڏي
آيا آهن.
اتر- اوڀر سنڌ جي وارياسي تر ۾ ان جي ڀر واري
ميداني علائقي جو سڀني ۾ مکيه قبيلو مَهر آهن، جي
ڀانئجي ٿو ته ڪنهن اوائلي وقت کان اتي رهندڙ آهن.
وارياسي ۾ ڪي مهر راجپوت به آهن، جي هندو ڌرم جا
پوئلڳ آهن، پر وڏي اڪثريت انهن جي مسلمان آهي، جي
چڱا بيٺل ماڻهو آهن. هاڻوڪي پرڳڻي جي بنهه اتر-
اوڀر ۾ جيڪي ڏهر آهن، سي شايد پوءِ راجپوتانا کان
آيا هئا. انهن ۽ مهرن سورهينءَ صديءَ عيسويءَ جي
ٻهرئين اڌ ڌاري چڱو زور ورتو هو. ڏهرن جي ڏيهه جو
ڪجهه ڀاڱو ته سڏبو ئي سندن نالي پٺيان آهي. اتان
ويجهو ماڇڪي جو علائقو آهي، جيڪو ماڇي قبيلي جي
نالي تي آهي (36). ان قبيلي جا ماڻهو هاڻ سڄيءَ
سنڌ ۾ آهن ۽ پنجاب ۽ گجرات جي ڪن ڀاڱن ۾ پڻ هن
قبيلي جا ماڻهو آباد آهن. سندن مول منڍ اڻ چٽو
آهي. عام طرح کين گهٽ سمجهيو ويندو آهي. ڪنهن
زماني ۾ هي ضرور مهاڻا هوندا، پر هاڻ ناهن. اهي
اڪثر ڪري ڪاٺيون ڪندا ۽ تڏا ٺاهيندا آهن ۽ سندن
رهڻي ڪرڻي مهاڻن کان بلڪل نرالي آهي.
ماڇڪي کان سنڌوءَ جي ٻيءَ ڀر اهو علائقو اچي ٿو،
جتي بلوچ گهڻائيءَ ۾ آهن. جيڪو تر اتر طرف
ديروغازي خان ۽ اولهه طرف جيڪب آباد ٽپي وڃي ٿو،
تنهن ۾ ۽ ڇڪيءَ جي اولهه ۽ اوڀر ۾ ٽڪرين جي هيٺان
به گهڻو تڻو بلوچ آهن. پر ڪٿي ڪٿي رهيا کهيا جت ۽
سما به آباد آهن، جن جا وڏا بلوچن کان اڳ انهن ترن
جا مکيه زميندار هوندا هئا.
هيءُ سنڌ جي انهن ايراضين جو تمام اڻپورو تت آهي،
جتي جي آدمشماريءَ جي ترتيب ۾ ويجهڙائيءَ وارن
ڏينهن اندر ٿوري کان ٿوري ڦيرڦار آئي آهي. ڪوهستان
۾ ۽ ٿر ۾ آدمشماريءَ جي هاڻوڪي ترتيب گمان آهي ته
اڃا ايامن جا ايام هلندي، ڇو جو انهن علائقن ۾
ترقيءَ جي ڪا گهڻي گنجائش ڪانهي. ٻين علائقن ۾ هڪ
نئين تبديل اچي رهي آهي.
سنڌ جي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ تي جيڪي هندو وڌيڪ
شاهوڪار ۽ سڌريل هئا، سي گجرات ۽ بمبئي طرف لڏي
ويا ۽ سک زميندار ۽ ڪُڙمي پنهنجيون ويجهڙ ۾ وڌل
”بيٺڪون“ ڇڏي، اصلوڪي وطن پنجاب موٽي ويا. موٽ ۾،
هرنسل جي ۽ هندستان جي ذري گهٽ هر صوبي ۽ رياست جي
مسلمانن جي لهر آهي، جا ورهاڱي جي ڏينهن کان سنڌ ۾
داخل ٿي رهي آهي. هنن کي ملڪ جي اقتصاد ۾ جذب ڪرڻ
حڪومت لاءِ هڪ اؤکو ۽ اڻانگو مسئلو آهي ۽
آدمشماريءَ جي سماجي تاڃي پيٽي تي هنن جو اوس وڏو
اثر پوڻو آهي. جيڪي پٺتي پيل ايراضيون اڃا رهيل
آهن، تن ۾ آبپاشيءَ جي نين رٿائن جي عمل هيٺ اچڻ
سان نون آيلن مان گهڻن جو پنهنجي هن نئين ساڻيهه
سان مفاد وابسته ٿيندو. جيڪي ايراضيون اڳيئي آباد
آهن، تن ۾ زراعت کي اڃا وڌائڻ سان به بيشڪ فائدو
پوندو ۽ ڪارخانن جي واڌاري سان پاڻ وڌيڪ فائدو
ٿيندو. نون آيلن مان جن کي زمينن تي جاءِ ملندي،
سي سمن ۽ جتن، سراين ۽ بلوچن سان ڪُلهي گس ڪندا
ڪندا نيٺ وقت گذرڻ سان سنڌ جي ايام- پراڻي موهه ۾
منڊجي ويندا- اهو موهه، جنهن جي ڪري ڪيترن گونا
گون سببن کان ڇڪجي آيل هيترا سارا ڌاريا پاڻ کي
سنڌ جو اولاد سمجهن ٿا.
حوالا ۽ سمجهاڻيون
”گيدورشيا ۾ آڳاٽن اهڃاڻن جو گشت“، هه. آ. س. ي،
نمبر 43، ص 14.
ڀيٽيو: ”موهن- جي- دڙي وارن ماڻهن جا پونير ڪير
آهن؟“ ۾ سر پي. ڪئڊل
(Sir P. Cadell)
جو رايو؛ ”بمبئي جي ماڻهو- ڄاڻ واريءَ سوسائٽي جو
رسالو“، جوبلي پرچو، 1937ع.
پلائني، ”قدرتي تاريخ“، فصل ڇهون، باب 20 (23).
مون ڪارل ميهاف، لائپزگ، 1906ع (ص ص 4- 460)، وارو
ڇاپو ڪم آندو آهي.
وشنو، وايو مستيه ۽ مارڪڻڊيه پراڻ. ولسن جو رايو
هو ته وشنو پُراڻ واري وچور ”عيسوي سن ڌاري
هندستان جي جا سياسي ۽ جاگرافيءَ ورڇ هئي، تنهن
سان لاڳو“ ٿئي ٿي.(”وشنوپراڻ“، انگريزي ترجمو:
ايڇ. ايڇ. ولسن، ٽربنر،لنڊن 1865ع، جلد ٻيون ٽيون،
ص ص 133، 136، نوٽ).
وڏي وچور ”مهاڀارت“ جي ڀيشم پرو، ڀاڱي ڏهين ۾ آهي.
(”مهاڀارت، انگريزي ترجمو: پي. سي راءِ، ڪلڪتو،
1925، جلد چوٿون، ص ص 24- 21). کشتريه قبيلن جي
وچور سڀا پرو جي ڀاڱي ٻاونجاهين ۾ آهي.
”بريهت سمهتا“، انگريزي ترجمو: ايڇ. ڪرن، ر. ا. س. ر، نئون
سلسلو، جلد پنجون، (1871ع)، باب چوڏهون، ”دنيا جا
ڀاڱا“ آءٌ سمجهان ٿو ته پلائني جا ارباءِ
(Arbac)
لوڪ ”بريهت سمهتا“ (ڏکڻ- الهندو ڀاڱو) جا اَروَ
آهن ۽ سندس سرحد وارو قبيلو يعني ايسٽاسيني
(Astaceni) لوڪ اتر- الهندي ڀاڱي وارا اشمڪ
آهن: انهن پوين لوڪن کي عام طرح اسٽرابو جا
“Aooakavoi”
سمجهيو وڃي ٿو، جي سنڌوءَ ۽ ڪوڦيس
(Coghes):
ڪابل ندي جي وچ ۾ رهندڙ هئا.
پلائني، ٻارهون، 12.
ايضاً، ڇهون، 21، (ميهاف واري ڇاپي جو ص 457).
”بريهت سمهتا“ مَلو لوڪن کي اترئين ڀاڱي جو ڏيکاري
ٿو. مَل لوڪن لاءِ ڏسو ”مهاڀارت“، سڀا پرو، 1077 ۽
1086.
ولسن (”وشنو پراڻ“، ص 168، نوٽ) ڄاڻائي ٿو: ”وسهڻ
۾ ائين ٿو اچي ته سنڌوءَ جي سنوت ۾، سورت کان
هماليه تائين رهندڙ ماڻهن کي، ليکڪ جي هنڌن ماڳن
واري بيهڪ پٽاندر، گهڻو ڪري اولهنديون ۽ اتريون
قومون ڪري ليکيو وڃي ٿو.“
ڏسو هيٺ حوالو 14 ۽ 15.
اي. واشبرن هاپڪنس، ”دي گريٽ ايپڪ آف انڊيا“،
(لنڊن، 1901)، ص 393، آر. جي. ڀنڊارڪر ”هندستان جي
جهونين وٿن واري مخزن“ (جلد پهريون، ص 23) ۾
اسٽرابو ملي ۽ آگزيڊريڪاءِ لوڪن کي، ”مهان لوڪ“
سڏي ٿو ۽ پوين جو نالو
(Evopakai)
ڪري وٺي ٿو ته
Oevspakai
به (پندرهون، پهريون، 33).
ڀيٽيو: ولس، ”وشنو پراڻ“، ص ص 5- 184، نوٽ.
”مهاڀارت“ ۾ شودرن کي انهيءَ علائقي ۾ رهندڙ
ڏيکاريو ويو آهي، جتي سرسوتي ندي رڻ پٽ ۾ غائب ٿي
وڃي ٿي. پڻ ڏسو موسيو ويويان دُسين ماختان، ”يونان
جي جاگرافيءَ جو اڀياس“، پئرس 1858)، ص ص 3- 152؛
ٽاڊ، ”راجستان جي تاريخ“ وغيره، جلد ٻيون، ص ص301،
311؛ ر. ا. س. ر. جي جلد ڇهين جو ص 33، جتي
مئڪمرڊو سو گدي لوڪن جي سوڍن راجپوتن سان ساڳوڻائي
ڏيکاري ٿو.
”مهاڀارت“، تَڻ پَروَ، 65- 262. راءِ اڳ ڄاڻايل
ڪتاب، جلد ٻيون، ص ص 72- 559. اسٽرابو، اڳيون
حوالو.
منو، ڏهون، 43- 44. سڪه پَهلو ۽ پَوڻ لوڪ ان زمري
۾ اچن ٿا.
الف. اهو رايو ته باختري يوناني حاڪمن جي هٿ هيٺ
هئي، تنهن جي ثابتي اهڙي نه آهي جو هنن کي ان
فهرست ۾ شامل ڪيو وڃي.
ڪننگهام، ”آڳاٽن اهڃاڻن جي پرتال جون رپورٽون“،
جلد ڇهون، 3- 1871ع، ص 72 لاڳيتو. ڀيٽيو: تاڊ،
”راجستان جي تاريخ“ وغيره، جلد ٻيون ص ص 7-296،
301.
الله آباد واري ٿنڀي تي اڪريل اکر، ر. ا. س. ر.،
1897ع، ص 856؛ ايضاً، 1898ع، ص 386. پنجاب وغيره
جا اهير لوڪ عام طرح اڀير لوڪن جا عيوضي ليکيا وڃن
ٿا. (بي.سي. لا، ”آڳاٽي هندستان ۾قبيلا“، پونا،
1943ع، ص 78). آءٌ
سمجهان ٿو ته ڪڇ جي ابير لوڪن جو به ايتروئي حق آهي. (ر. ا. س.
ر. (جلد پهريون، ص ص 9- 248) ۾ مئڪمرڊو). پڻ ڏسو
هه. ڪ. ت.، ص 592.
موسيو رينو، ٽڪرا، ص 35 لاڳيتو. ايليئٽ، جلد
پهريون، ص ص 105- 100. ڀيٽيو: هوديوالا، ص ص 5-
74. هوديوالا جو هيءُ انومان پڪ ئي پڪ غلط آهي ته
ان زماني جا جت ۽ ميد ”لوڻ وارين کاڻين جي ٽاڪرو
علائقي“ ۾ وهندڙ هئا.
”بلوچستان جي ضعلن جو گزيٽئر“، سلسلو 1907، جلد اٺون، ”لسٻيلو“،
ص ص 9- 57.
هيءَ ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته ”ٻؤڌياڻ ڌرم سُو تر“
موجب، سووير لوڪن جي ملڪ کي ناپاڪ ۽ آريا ديش خاص
جي حدن کان ٻاهر سمجهيو ويندو هو: جيڪي آريا
اوڏنهن ويندا هئا، تن کي موٽي اچڻ تي شڌ ٿيڻ لاءِ
ٻليون چاڙهڻيون پونديون هيون، ڏسو بي. سي. لا،
”آڳاٽي هندستان ۾ قبيلا“، ص 344؛ ۽ ڀيٽيو:
”مهاڀارت“، ڪرڻ پَرو، چاليهون، 8، 40 (راءِ جلد
ڇهون، ص 101).
ايليئٽ، جلد پهريون، ص ص 14، 15. ابن خردازبه هجري
سن 300 (مطابق 918ع) ۾ وفات ڪئي هئي.
ايضاً، ص 128.
ايضاً، ص 79.
ايضاً، ص 40. اهي منڇر ڍنڍ جا مير بحر ۽ اٺ
پاليندڙ جت ٿا ڀانئجن.
واٽرس، ”يوئان چوانگ“، جلد ٻيون، ص 252.
قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص 170.
البلاذري، ايليئٽ، جلد پهريون، ص 128.
هوديوالا، ص 85.
قليچ بيگ، ”چچنامو“، ص ص 5- 174.
ايضاً، ص 173.
هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص 79.
”تاريخ- معصوميءَ“ موجب، ڪجهه بلوچ 1326ع جيترو اڳ سنڌ ۾ آيا
هئا، تڏهن جڏهن خسرو خان محمد شاهه تغلق طرفان سنڌ
جي گورنر مقرر ٿيڻ تي پنهنجي بادشاهه خلاف بغاوت
ڪئي هئي ۽ بکر ۾ بلوچي جو لشڪر کڻي گڏ ڪيو هئائين.
ان ماخذ موجب، ساڳيءَ صديءَ ۾ ڪنهن وقت بلوچن،
راجپوت سوڍن ۽ جاڙيجن سان گڏجي، سومرن حاڪمن جي
مخالفت جئي هئي. انهن ٽن قبيلن جي ٻڌي به عجيب
هئي.
(”تاريخ- معصومي“، انگريزي ترجمو: مئلٽ، ”بمبئي
سرڪار جا دفتر“، نمبر تيرهون، نئون سلسلو، 1855ع ص
ص 32، 43.
قليچ بيگ، ”سنڌ جي تاريخ“، جلد ٻيون، ص ص 61، 70.
”مهراڻ“، ص ص 9- 358 تي نوٽ 359.
سماٽ سمو، جو سما جمع آهي ۽ ان ۾ اهي سڀ پوک ڪندڙ
سنڌي قبيلا اچي وڃن ٿا، جيڪي پراڻي هندو راڄ جي
زماني جي پوک ڪندڙ قبيلن مان آهن.
فهرست ”تحفته الڪرام“ ۾ ڏنل آهي. مون ريورٽيءَ
(”مهراڻ“، ص 312) جي سند تي لڳندي سمي کان پوءِ
نهاڻو آندو آهي.اهو نالو قليچ بيگ (”سنڌ جي
تاريخ“، جلد ٻيون، ص 28) ۽ پوسٽنس (ب. ا. س. ر.
جلد چوڏهون، ص 162) جي ترجمن ۾ ڄاڻايل ڪونهي.
ٽالپرن جو کوسن تي اعتبار ڪونه هو، ۽ کانئن فوجي
خذمت ڪانه ورتي ويندي هئي، ڇو جو هو ڪلهوڙن جي
لشڪر ۾ وڏيءَ حيثيت وارو هوندا هئا: نمردي
(نومڙيا) به ساڳئي سبب جي ڪري عتاب هيٺ هئا. جي.
مئڪمرڊو، ”سنڌ ملڪ جو احوال“ وغيره، ر. ا. س. ر،
جلد پهريون، مضمون ويهون، ص 254.
مير مصعوم اسان کي ٻڌائي ٿو ته 1521ع ۾ ڏهر ۽
اُٻاوڙي جا ماڇي ماٿيلي جي مهرن سان سدائين پيا
وڙهندا هئا*
۽ تر جي بلوچن کي پيا چوريندا هئا ته اسان سان اچي
شامل ٿيو. ”تاريخ معصومي“، انگريزي ترجمو: مئلٽ،ص
ص 7- 94.
مهرن ۽ ڏهرن جا تڪرار هلندڙ صديءَ ۾ به جاري
نظر اچن ٿا. تازو 1975ع ۾ سندن جهيڙي جون
خبرون اخبارن ۾ آيون هيون، ۽ ڪي سياسي اڳواڻن
کي وچ ۾ پٺي، ڌرين جو ٺاهه ڪرائڻو پيو هو. ___
مترجم
|