(5)
سنڌ جون تاريخ کان اڳ
*
جون اوائلي تهذيبون
سنڌ ۾ ماڻهوءَ جي جهوني ۾ جهوني وستيءَ جا اهڃاڻ
پهڻ جي انگهڙيل اوزارن جي شڪل ۾ ڏٺا ويا آهن. ٿي
سگهي ٿو ته اها وستي ”پلئسٽوسين“ زماني جي پوين
ڏينهن جي هجي. پر انهن انگهڙيل اوزارن سان لاڳاپو
رکندڙ ڪي به هڏاوان پڃرا يا پنڊ پهڻ ٿي ويل جانور
يا وڻ ٻوٽا نه لڌا ويا آهن، ۽ ٿوري گهڻي مشابهت جي
آڌار تي ئي اهو انومان ڪري سگهجي ٿو ته اهي اوزار
اوائلي ”پهڻ واري زماني“+ جي
ماڻهوءَ جي ڪاريگري هوندا. پهريون پهريون اهي
روهڙيءَ ويجهو چن-پٿر جي ٽڪرن تي ڏٺا ويا هئا، جت
چقمقي پهڻ گهڻو ٿئي ٿو. اتان 250 ميل ڏکڻ طرف
ڪراچيءَ جي اڀرندي ڪپر تي واگهي در وٽ ۽ ان جي ڀر
پاسي ۾ پڻ اهڙن اوزارن جي ڪجهه سڃاڻپ (1) ڪئي ويئي
آهي. هڪڙو وڌيڪ اوچي قسم جو اوزار ته پاڻ گهڻن
هنڌن تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو اوزار آهي ڳاري ۽ چقمقي
پهڻ جو تکيءَ ڌار وارو پُرد يا ڦُڙ. چقمقي پهڻ ڀڃڻ
جا هنڌ روهڙيءَ ۽ ٻيا ڪيترا سامونڊي ڪپر مان
ڏاکڻين ٽڪرين وٽ به آهن. ڪيترين جاين تي انهيءَ
قسم جا اوزار ڀنگار واري زماني
(Bronze Age)
سان واسطو رکندڙ ٺڪر جي ٿانون وارين تهذيبن سان
سڌي لاڳاپي ۾ ملن ٿا. چقمقي پهڻ ڀڃڻ جي جن هنڌن تي
گول-مُڏا ۽ ڌار وارا پهڻ ڇڙوڇڙ ملن ٿا. سي ٿي سگهي
ٿو ته گهڻين حالتن ۾ پهڻ جي نئين زماني جي بدارن
هن تهذيب جا هجن.
هڪ ٻيو نرالو تمدن، جنهن ۾ پهڻ جي ڦر سان تمام
ننڍا اوزار ٺاهيا ويندا هئا، سو پڻ سنڌ جي
ڏکڻ-اولهه ۾ موجود هو (2). پهڻ جا اهي پتڪڙا
اوزار گهڻو ڪري پهرينءَ جي چنڊ جهڙا آهن ۽ انومان
آهي ته اهي مڇي مارڻ جي ڀالن، يا شايد تيرن جا ڦر
هوندا، جن جا ڳن ڳري ڀُري ويل آهن. هڏاون ڳنن وارن
ڀالن يا تيرن ۾ ٻئي قسم جا ڦر هنيا ويندا هوندا.
پهڻ مان اهڙن اوزارن وغيره ٺاهڻ جو هنر ڏاکڻي ۽
الهندي هندستان ۾ گهڻو ڦهليل هو ۽ گمان آهي ته اهو
اتر-اولهه کان ايندڙ ماڻهن رائج ڪيو هوندو. اهڙي
ڪا شاهدي ڪانهي، جنهن مان معلوم ٿئي ته اهي ماڻهو
عام طرح رڳو شڪاري هئا يا کين ڍورن پالڻ ۽ پوکي
راهيءَ جو هنر به ايندو هو. سنڌ جي انهيءَ پتڪڙن
پهڻي اوزارن واري تمدن جي تاريخ
يورپ جي ساڳين
تمدنن کي سامهون رکي، معلومڪرڻ ممڪن نه آهي. وڏو
امڪان ماڳهين ان ڳالهه جو آهي ته اهو تمدن ڀنگار
واري زماني جي نسبتي طرح وڌيڪ سڌريل تهذيبن جو
سهيوگي هو. ياد رهي ته تنهن زماني ۾ چقمقي پهڻ ۽
ڳاري جا ڌار وارا اوزار اڃا چالو هئا. پاڪستان ۽
هندستان ۾ اڄ به اهڙيون قومون هڪٻئي جي پاسي ۾ رهن
ٿيون، جن جي حياتيءَ جي طور طريقن ۾هزار ورهين جي
وڇوٽي آهي. نئون ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته اهو ڏسي
دهلجي وڃي، پر پراڻي ماڻهوءَ لاءِ اها عام ڳالهه
آهي. عسيوي سن کان 325 ورهيه اڳ نيارڪس ۽ سندس
ساٿاري اتر هندستان جي ”گهٽ سڌريل“ بادشاهتن ۾،
جيڪي بظاهر ”اوريتائي“ تائين پکڙيل هيون، تمدن جو
چڱيرڙو پد ڏسڻ تي هري ويا هئا. انهن، جو
”اوريتائي“ جي پاڙيسرين، اچٿايوڦاگين، جي حياتيءَ
جو اڻسڌريل نمونو ڏٺو ته ڇرڪ نڪري ويا هئن. (3).
هنن ڏٺو ته ”مڇي -کائو“ ڄٽن شين ڪپڻ لاءِ تکا پهڻ
ٿي ڪم اندا، ڇو ته وٽن لوهه ڪون هو. اهو انومان
ڪرڻ ۾ اسين حقيقت کان ڪو گهڻو ڏور نه هونداسون ته
اهي مڇي-کائو انهن ماڻهن جا ڪَسا، شايد نسُل-کريل،
مائٽ هئا، جي اوائل ۾ هن ملڪ جي اندرين ڀاڱن ۾
وسيل هئا. جنهن ڪپر کي اهي مڇي -کائو ماڻهو چهٽيا
پيا هئا، سو اڻانگو ۽ نسورو بُٺ هو. ان ڪري هُنن
گمناميءَ ۾ٿي گهاريو. ان گمناميءَ سبب هو ان
مصيبت کان به بچي ويا هئا، جا اندرين ڀاڱن جي
رهواسين تي ڪڙڪي هئي. اها مصيبت ڪهڙي هئي، تنهن
بابت اسين اندازو ئي لڳائي سگهون ٿا. ٿي سگهي ٿو
ته ڪوهه قاف واري پاسي کان جيڪي وڏيون لڏپلاڻون
ٿيون هيون، تن مان ڪنهن هڪڙيءَ ۾ وڌيڪ سخت جان
ماڻهو هت اچي نڪتا هجن ۽ ڏيهي ماڻهن کي نابود ڪري
يا هڪالي ڪڍي ڇڏيو هجين. يا وري ائين به ٿي سگهي
ٿو ته ملڪ هوريان هوريان سوڪهڙي جي ور چڙهندو ويو
هجي ۽ ان ڪري اصلوڪن ماڻهن کي پاڻ لڏڻو پيو هجي.
گهٽ ۾ گهٽ اهو ته پڌرو آهي ته جڏهن سڪندر اعظم هن
پاسي کان لنگهيو هو، تڏهن گيدروشيا (مڪران) جي
آبهوا ايتري ئي سخت ۽ اُن جا وسيلا ايترائي ٿورو
هئا، جيترا اسان جي زماني ۾ سڪندر جي تاريخ نويسن
سندس واٽ جي هن ڀاڱي جو جيڪو احوال ڏنو آهي، سو
اهم ۽ دلچسپ تفصيل سان ڀريل آهي، ملڪ جي جن خاص
حالتن جي ڪري لشڪر کي جي تڪليفون ڀوڳڻيون پيون
هيون، تن کي هو، دستور خلاف، پورو پورو بيان ڪن ٿا
(4) لشڪر کي ڪو واٽ تي بک، اُڃ ۽ ڳڻتيءَ ڏاڍو
تپايو هو، ايترو جو سپاهي هٿن مان ئي نڪتا ٿي ويا،
۽ دشمن ويجهو نه هو، تڏهن به، ائين ٿي لڳو ته لشڪر
ويو ڪي ويو. ان جي بقا جو دارو مدار سپهه سالار جي
ارادي ۽ فيصلي جي قوت تي جيترو تنهن وقت هو، تيترو
ڪنهن وقت نه هو (5). جڏهن اهو پڙهجي ٿو، تڏهن ان
ڳالهه تي ڪو خاص اچرج نٿو ٿئي ته انهن مورخن ڪُوچ
واري رستي سان اڳوڻين وسندين جا جيڪي اڪيچار نشان
آهن، تن جو ڪو احوال ناهي ڏنو (6). کين دلچسپي
اُتان جي گذري ويل تاريخي حالتن سان نه، پر جيڪي
ٿورا گهڻا مسڪين ماڻهو ان دور ۾ موجود هئا، تن سان
هئي، جو اهي ئي ته هئا جن کي سندن سونهون ٿيڻو هو
۽ پنهنجين جهڙين تهڙين پوکن مان رسد رسائڻي هئي.
ٿي سگهي ٿو ته يونانين جي سونجهيندڙ رڳ ڦرڪي هجي ۽
هنن پنهنجن سونهن کان پڇيو هجي ته ڪٿي اهي دڙا
انهن شهرن جا ته نه آهن،
جي راڻي ميميراميس
* ڪاهي اچي تاراج ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڪٿي پٿر جي وڏين اڏاوتن کي تر
جا ماڻهو هيرا ڪليس
+ جون ڦٽي ويل اڏاوتون ته نه ٿا ليکين. جي اسان سونهن جي ورنديءَ
هيءَ کڻي سمجهون ته بيواجبي نه ٿيندو: ”اسان وڏن
کان ٻڌو آهي ته اهي اڏاوتون هڪ قديم قوم جي ماڻهن
جون آهن، جي ڪڏهن هن ڌرتيءَ جا ڌڻي هئا. پر هو ڪير
هئا ۽ ڪهڙي ويڌن ٿين، اهو ڪوبه ٻڌائي نه سگهندو.“
بلوچستان ۽ سنڌ جي گهڻن ئي ڀاڱن ۾ تاريخ کان اڳ جي
وسندين کي ڍڪيندڙ دڙا ۽ ٽڪيل پهڻ جا وڏا وڏا بند
هڪٻئي جي پاسي ۾ نظر ايندا. اهو سوال ته انهن کي
ساڳيءَ تهذيب سان لاڳاپيل سمجهيو وڃي يا پنهنجي
پنهنجي تر جي تمدنن سان، سو اڃا تائين نه نبري
سگهيو آهي. دڙن جي شروعاتي چڪاس لاءِ ڪرايل
کوٽائيءَ مان پتو پوي ٿو ته انهن جو تعلق عيسوي سن
کان ٽي ٽي ۽ ٻه ٻه هزار ورهيه اڳي جي مختلف زمانن
سان آهي.
وڏين پٿرائين اڏاوتن جي عمر جي ڪا سڌي ثابتي ڪانهي
ملي. اهي پاڻيءَ جي ڪڙين جي آرپار ۽ ماٿرين ۾
اڀريل ٽڪرين جي وچ ۾ ٺهيل آهن. انهن جو مقصد ظاهر
آهي ته برسات جي پاڻيءَ کي پوک لاءِ هٿ وس رکڻ هو.
انهن مان گهڻين جي بيهڪ اهڙي آهي ته جيئن ٽڪرين جي
لاهين تان لڙهي
ايندڙ رائو روڪجي سٿجي وڃي ۽ اهڙيءَ ريت اهي
ٽڪرائتون لاهيون پوک لاءِ سنئيون ٻنيون ٿي ڪم اچن.
انهن اڏاوتن جا سڀني ۾ مڪمل نمونا سنڌ جي هاڻوڪيءَ
حد جي ڀر واري تر ۾ ملن ٿا. انهن جي اڏيندڙن
پنهنجين رٿائن کي جنهن ڪاريگريءَ سان تر جي طبعي
حالتن سان ٺهڪايو آهي، تنهن مان لڳي ٿو ته هو
پهرئين درجي جا انجنير هئا، اهڙا جو هاڻوڪن رهاڪن
۾ سندن لياقت جو ڪسيرو به ورلي لڀندو. اهي هاڻوڪا
رهاڪو، يعني سانگي ۽ ڌنار ۽ قبيلن جا اڻ پڙهيل
سردار ۽ متعصب مُلا هنن وڌيڪ اتانهين درجي جي
نشانن کي گبرن، يا زردشتين، جي نالي ليکيندي،
گبربند يا گوهر بند سڏيندا آهن، شايد ان ڪري جو
سندن ڏند ڪٿائن ۾ ڪنهن اهڙيءَ ٻيءَ قوم جو نالو نه
ٿو اچي، جنهن جو سندن ڏيهه تي اسلام جي اچڻ کان اڳ
قبضو هجي (7).
هن گمان ۾ ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪانهي ته فارس جي
هخمانشي يا ساساني حاڪمن مان ڪن پنهنجيءَ سلطنت جي
هن اڀرندي پرڳڻي کي، جو قدرت طرفان ڪو ايڏو گهڻو
نوازيل نه هو، عام ڀلائيءَ جا ڪم ڪري سڌارڻ جو عزم
ڪيو هجي. جن صاحبن گبربندن جي مسئلي تي پهرين
پهرين ويچار ڪيو هو، تن ۾ آنجهاني آر. هوز بلر
(R.Hughes Bulltr)
به هو. هيءُ صاحب الهندي فارس
۾ ڪرڻ
(Karun) نديءَ تي شستر
(Shustar) ۽ ٻين هنڌن وٽ جيڪي ”بند“ آهن، تن جو حوالو ڏيندي، چوي ٿو ته
اهي ڏيکارين ٿا ته آڳاٽا ايراني پاڻي محفوظ ڪرڻ
لاءِ ساڳئي قسم جا بند ٺاهيندا هئا (8). البت
ايترو سو مڃڻو پوندو ته ايرانين جو پوک وڌائڻ جو
پنهنجو ڏانءَ ڪاريز وارو طريقو هو: انهيءَ نموني
جون اڏاوتون بلوچستان جي اتر ۾ ته عام آهن ئي، پر
انهن ٽڪرن ۾ به ملن ٿيون، جن ۾ گبربند نمايان آهن.
لسٻيلي جي اتر ۽ ڪيترائي ڪاريز آهن ۽ ٻيا مڪران ۾
آهن. انهن مان هڪڙو ته اڃا تائين خسرو جي نالي
پٺيان سڏجي ٿو (9). خود هوزبلر کي بلوچستان جي هڪ
اهڙي ڀاڱي ۾، جيڪو گبربندن جي واپرائجڻ وارن ڏينهن
۾ ضرور گهاٽيءَ آدشماريءَ وارو هوندو، ڪي به
اهڙيون قبرون ڏسڻ ۾ نه آيون هيون،
جيڪي مسلمانن واري زماني کان اڳ جون هجن، ۽ هو
ساڳيءَ ايراضيءَ ۾ موجود ڪن گول اڏاوتن کي، جن جو
مرڪزي فرش پٿرن جي ڌار سرن جو هو، ”دخمار“ يا ”ماٺ
جا ٺل“ سمجهڻ تي مائل هو (10). پر هڪ پاسي ”پورڻ“
۽ ٻئي پاسي ”کولي رکڻ“، انهن ٻنهي جي وچ ۾ مڙهه،
نيڪال ڪرڻ جا ڪيترائي اهڙا طريقا آهن، جيڪي پويان
ڪو نشان ناهن ڇڏيندا، جهڙوڪ اڻپورو پورڻ ۽ ساڙڻ ۽
اسان وٽ ائين وسهڻ لاءِ سبب آهن ته هن علائقي ۾
تاريخ کان اڳ جي ماڻهن ۾ پويان ٻه طريقا رائج هئا.
سڀ ڳالهيون ڳڻبيون ته ان ڳالهه جي فائدي ۾ حالتن
جي ساک وڌيڪ پختي نظر ايندي ته گبربند ايرانين جي
صاحبيءَ کان اڳ جا آهن. پهرين ته ظاهر آهي ته انهن
بندن جو، سندن ڀرپاسي ۾ جيڪي وسندين جا اڪيچار
اهڃاڻ آهن، تن ساڻ ضرور ڪو لڳ لاڳاپو هوندو. انهن
بندن جي اڌار تي جا پوک ٿي سگهندي هوندي، سا
هاڻوڪي زماني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏيءَ ۽ ٿانيڪيءَ
آدشماريءَ کي تاتڻ لاءِ ڪافي هوندي. گهڻن بندن جي
ته اتانهين ئي ظاهر ڪري ٿي ته اُتي چڱي ڊگهي مدي
تائين، شايد لاڳيتي، وسنئن رهي هوندي. هن لکت جي
وقت تائين انهن دڙن جي کوٽائي، ڪن ٿورن مثالن کي
ڇڏي، تجرباتي حد کان ناهي وڌي. پر جيڪي به شيون
لڌيون ويون آهن، سي سڀ ڀنگار واري زماني جي هڪ يا
ٻئي ڪڙمت واري تمدن سان واسطو رکن ٿيون. اهي تمدن
عيسوي سن کان ٽي هزار ورهيه اڳ ۽ هڪ هزار ورهيه اڳ
جي وچ واري عرصي ۾ سموري وچ ايشيا ۾ وکريل هئا. ڇا
اسان اهو سمجهون ته اهي ماڻهو، جي پنهنجا ڳوٺ گهڻو
ڪري پٿر مان جوڙيندا هئا سي اهڙيءَ آبهوا سان
نوازيل هئا، جنهن ۾ رائي کي لڙهي وڃڻ کان روڪيندڙ
بندن جي واهر ڌاران ايتري گهڻي پوک ٿي سگهندي هئي،
جو ان مان سندن پورت ٿي ويندي هئي؟ ٻيو ته آبهوا
پوءِ ايتريءَ حد تائين بگڙي ويئي هئي، جو کانئن
پوءِ ايندڙ ماڻهن کي قوت ڪڍڻ لاءِ وڏا وڏا بند ۽
بئراج ٺاهيا ۽ اڀين لاهين کي ٻنا
(Terraces)
ڏيڻا پيا هئا-۽ بهر حال، پنهنجي هستيءَ جي عملي
طرح ٻي ڪانشاني نه ڇڏي اٿئون، سواءِ انهن بندن جي،
ڇا، جيڪي ماڻهو ”احمد“ ۽ پير ”مناغره“ (11) جهڙن
شاندار بندن رٿن ۽ ٺاهڻ تي قادر هئا، سي اوڏڪين
ڀتين ۽ جهاتر جي ڇنن ۾ رهڻ تي راضي ٿي ويٺا ٿي
رهيا؟ جيترا اهي انومان اڻ -ٿيڻا ٿا لڳن، ايترو
هيءُ نظريو وري به ناممڪن نٿو لڳي ته تاريخ کان اڳ
واري زماني ۾ جيڪي ماڻهو هن علائقي جي اڪيچار ڳوٺن
۾ رهندا هئا، اهي ساڳيا ماڻهو پوکي راهيءَ جا ماهر
انجنير هئا ۽ اوسي پاسي وارين زمينن کي وڏي جاکوڙ
ڪري اهڙو ٺاهيو هئائون، جو اتي وڌ ۾ وڌ پوک ٿي
سگهندي هئي.
هارگريوز، جنهن وچ جهالاوان ۾ نال ۽ ان جي ڀر پاسي
جي باريڪ پرتال ڪئي هئي، سو ان پوئين خيال جو هو
(12). سر آريل اسٽائين انهيءَ ويچار جو هو ته
خاران ۾، خاص ڪري ٽوجيءَ وٽ، جيڪي گبربند ۽
ڳوٺ-ماڳ
(Village sites)
آهن، تن جو مُول منڍ ساڳيو ۽
تاريخ جي لحاظ کان پاڻ ۾ گهاٽو ناتو آهي (13).
ان ڳالهه جي سڌي ثابتي شايد اڃا به ملي وڃي ته اهي
گبربند پهڻ-ٽامي واري
*جي
ماڻهن جوڙيا هئا. پر اهڙيءَ ثابتيءَ جو اڃا تائين
نه ملڻ اسان جي مفروضي کي رد نٿو ڪري. هت ڪي رهڻ
جون بستيون نه، پر پوکي راهيءَ جون ٻنيون هيون.
انهن جي ڀر سان فصل لڻندڙ لايارن، مال چاريندڙ
ڇوڪرن، پاڻيءَ ۾ خطرناڪ چاڙهه واريءَ مند ۾ بندن
تان جانچ رکڻ وارن ۽ بندن جي مرمت ڪرڻ وارن
پنهنجيون ڪي مخصوص شيون ڪيرايون به هونديون ته اهي
تعداد ۾ ڪي گهڻيون نه هونديون. جيڪڏهن اهڙيون ڪي
به وٿون اڳتي هلي ڀرپاسي ۾ ملن ۽ انهن جو لاڳاپو
هخامنشي يا ساساني بادشاهن جي زماني سان ثابت ٿئي،
ته به اسان کي انهن جي بنياد تي گبربندن جي اڏاوت
تڪڙ ڪري زردشين جي نالي نه ليکڻ گهرجي. ڇا لاءِ ته
اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته زردشتين پاڻ کان اڳ وارن
جا ٺهرايل زرعي بند قائم رکندي، پاڻ واپريا هجن.
ويندي هاڻوڪا رهاڪو، جن لاءِ پوک گذران جو ثانوي
وسيلو آهي، تن وٽ به ايتري سمجهه آهي، جو انهن
بندن کي، جي گهڻيءَ محنت کان سواءِ اڃا به ڪم ڏيئي
ٿا وڃن، جهڙي تهڙي مرمت ڪري ڪتب آڻيندا ٿا رهن.
تاريخ واري زماني کان اڳ جي ماڳن ۽ انهن کان ٿورو
ئي پري گبربندن وارو ساڳيو تاڃي پيٽو هاڻوڪيءَ
سنڌ جي ڪوهستان جي ڪن ڀاڱن ۾ به نظر اچي ٿو. شايد
بندن جو سڀني ۾ دلچسپ ميڙ کير ٿر ڇپر جي ڏاکڻي
ڇيڙي جي لڳ ڀڳ ۽ ڪوهتراش جي ڀرپاسي ۾ آهي.
منجهانئن هڪڙو خاص ڪري وڏو ۽ ڳرو هڪڙي اونهي گهاري
مٿان آهي. ان جو مقصد شايد پاڻي هڪڙي هنڌ گڏ ڪرڻ
هو (14). ساڳئي نموني جو هڪڙو ٻيو شاندار بند
ٽيهارو ميل اتر طرف کيرٿر ۽ نئن نئنگ جي مٿانهينءَ
ماٿريءَ جي وچ ۾ گوزبانيءَ جي گوشائتيءَ ماٿر ۾ملي
ٿو. نگهند
(Nighand)
جي اوڀر پاسي وري اهڙن ٻنن جا نشان ڏسي سگهجن ٿا،
جي پوک لاءِ اڀي لاهيءَ کي وڏي ڪاريگريءَ سان ڏنا
ويا هئا. نگهند ”وچين ڇپر“ جي چوٽين مان هڪڙيءَ جو
نالو آهي ۽ سو ميل کن اتر ۾ سيتا ۽ ترپڻ
(Trapan) نئن جي وچ ۾ آهي.
اهي سڀ بند ڦٽل آهن ۽ هاڻوڪا رهاڪو انهن ڏانهن
اشارو ڪري ڪيقدر ڪُرڪندي ساراهه ڪندا آهن ته ڪافرن
جي اسلام کان اڳ هن ڌرتيءَ جا ڌڻي هئا، ڪهڙا نه
عجيب آڏاڻا اڏايا هئا. اسٽائين چواڻيءَ، اهي
اڏاوتون هنن بي هنر ڌنارن جي وت کان گهڻو مٿي آهن:
کين اهو سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته آخر ايتري ٿوري
ظاهري فائدي لاءِ ايترو گهڻو پورهيو ڇو ڪيو ويو
هو. بيشڪ، اهي پيچيديون رٿائون عمل ۾ ئي نه آنديون
وڃن ها، جيڪڏهن اهڙيءَ آدشماريءَ جي گهرجن جو
پورائو نه ڪرڻو هجي ها، جا ايتري ته گهاٽي ۽
ٿرائتي هئي، جو ان جيتري ان سرزمين ۾ تاريخ جي
ڪنهن به دور ۾ نه رهي آهي (15).
انهن اڏاوتن کي ڏسي هڪڙو ٻيو خيال به سجهي اچي ٿو.
اهو هيءُ ته تن ڏينهين برسات هاڻوڪي ڏينهن کان
وڌيڪ جهجي، يا گهٽ ۾ گهٽ وڌيڪ نيمائتي، پوندڙ هئي
۽ اهي اڏاوتون ان برسات مان فائدي وٺڻ لاءِ کڙيون
ڪيون ويون هيون. پر هيءُ انومان شڪ کان آجو نه
آهي. دکن ۾ مرهٽو ڪڙمي ننڍيءَ ماٿر جي منهن کي يا
ٽاڪرو ڳتي کي ڇيڙي وٽ اڪثر پهڻ جي بندن سان بند
ڪندو آهي، ته جيئن رائو اندر گڏ ٿيندو رهي. اهي
سنڌ وارن بندن جهڙا ئي هوندا آهن. پر اڏاوت اڍنگي
هوندي اٿن. مرهٽو ڪڙمي اهي بند انهيءَ پڪي آسري تي
ٺاهيندو آهي ته چوماسو مند تي ايندو ۽ جا وس
وسائيندو، سا ٻيو نه ته ويهن انچن کان مٿڀري ضرور
هوندي. سنڌ جي ڪوهستان ۾ برسات سالياني سراسري ستن
انچن کان ڪنهن به حالت ۾ مٿي نٿي وڃي ۽ اها سراسري
به ڇيهه واري آهي؛ شايد ڏهن مان هڪڙو ورهيه ويهه
انچ ۽ ٻه ورهيه ٽي ٽي انچ يا ان کان به گهٽ برسات
پوي. سنڌ ۽ بلوچستان اندر ايوسين دور جي پوين
ڏينهن ۾ جيڪي ٽڪر ٺهيا هئا، تن جي ڀڄ ڀور، گرمي پد
۾ وڏيءَ گهاٽا واڌيءَ جي ڪري، دکن جي ٽڪر
(Trap)
کان وڌيڪ ٽڪڙي ٿي آهي. جتي جي آبهوا پوري پني آهي.
کيرٿر مٿان جيڪي اوهيڙا وڏي پر مختصر ڇوهه سان
وسندا آهن، تن جي ڪري ٽڪرين جي هر پاسي تان
ڳاڙهسريون ڇرون وهڻ لڳنديون آهن. انهن ڇرن اڳيان
جتي به ڪا نهري رنڊَڪ اچي، پاڻيءَ کي روڪي ٿي، اتي
چڱو چوکو رائو سٿجي وڃي ٿو. هاڻوڪين حالتن جي لحاظ
کان به گبربندن جو ايڏو قدبت بلڪل جائز نظر ايندو،
خاص ڪري انهن جو، جي ڇرن کي بندن ڪن ٿا ۽ وهڪري کي
اڀين لاهين ڏانهن موڙين ٿا. سنڌ جي ٽاڪرو علائقي
جي ڏاکڻي ڇيڙي جي سنوت ۾ ٻنين کي جيڪي مٽيءَ جا
ڳرا ٻنا آيل آهن، تن ۾ اهڙا طوفاني وسڪارا ذري گهٽ
هر ڀيري گهارا وجهي ڇڏيندا آهن.
اسين البت پاڻ کان هيءُ سوال پُڇي سگهون ٿا: سمجهو
کڻي ته اڄوڪا انجنير گبربندن جي مرمت ڪري انهن کي
سندن اصل صورت ۾ آڻين ٿا ۽ پوءِ اُن صورت ۾ قائم
رکن ٿا، ايتري مهلت به ڏجي ٿي، جيئن رائو وري ۾
ايتري پوک اُپائي وٺندي، جنهن مان هوند تاريخ کان
اڳ واري زماني جي اثرائتيءَ آدشماريءَ جون گهرجون
پوريون ٿي وڃن؟ آءُ سمجهان ٿو ته ان جو سڌو سنئون
جواب اوس ”نه“ ٿيندو. منهنجي خيال ۾، اسان جو اهو
اندازو ويلر جي لفظن ۾ بيان ٿيڻ گهرجي: ”ان زماني
۾ برسات اڄوڪي زماني کان وڌيڪ جهجي پوندڙ هئي ۽
اها ايتري بي يقيني به هئي جو ماڻهن کي اَنُ وري
به سنڀالي رکڻو ۽ صرفي سان هلائڻو پوندو هجي“.
(16).
پر انهيءَ ڳالهه لاءِ ڪوهستان جي اڳ-تاريخي ماڳن
مان جيڪا ثابتي ملي آهي، سا ايتري پختي به نه آهي.
پهرين ڳالهه ته گربند تعداد ۾ نسبتاً ٿورا آهن،
جڏهن ته جن وسندين کي نسبتاً محدود ايراضيءَ اندر
سُڃاتو ويو آهي، تن جو تعداد ثابت ٿو ڪري ته ڀنگار
واري زماني ۾ اتان جا رهاڪو هاڻوڪي زماني جي رهاڪن
کان تعداد توڙي سڪونت ۾ سرس هئا. پر انهن ، مان
گهڻن هنڌن جي ڀر پاسي واري زمين ايتري ته کهري ۽
ٿوري آهي، جو بندن ۽ ٻنن کان سواءِ پوک ڏاڍي ڏکي
ٿيندي هوندي، پوءِ ڀل ته برسات اڄ کان گهڻي ۽
باقاعدگيءَ سان پوندڙ ڇو نه هوندي هجي. انت اسان
کي اهو انومان ڪڍڻو ٿو پوي ته ان علائقي جون قديم
قومون بنيادي طرح مالوند
(Pastoral)
هُيون، البت خانه بدوش نه
هُيون؛ ۽ شايد گهربل اَنَ جو چڱو چوکو ڀاڱو ڪنهن
ٻئي هنڌان هٿ ڪنديون هُيون. انهن قومن جي مکيه
مرڪزن مان ڪيترا قدرتي چشمن جي ڀر پاسي ۾ آهن. اهي
چشما اڄ به سوين ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهن ٿا. هن
پاسي جي جهونين وٿن جي پرتال سڀني کان اڳ ۾
آنجهاني مٽر اين. جي.مجمدار ڪئي هئي. مٿي ذڪر ڪيل
”وڻجارڪي واٽ“ جيڪا ڪوهستان منجهان ذري گهٽ سڌي
ڏکڻ طرف هلندي، منڇر ڍنڍ کان ڪي ستر ميل پرتي ان
هنڌ تائين وڃي ٿي، جتي نئن باران ميدان ۾ داخل ٿئي
ٿي، ان واٽ جي سنوت ۾ ٻارهن ٻارهن پندرهن پندرهن
ميلن جي وٿيءَ تي ڪئين منزل گاهون آهن. مجمدار کي
انهن مان هر هڪ منزل گاهه جي ويجهو هڪڙي تاريخي
زماني کان اڳ جي وسندي لڌي هئي. پوئينءَ صديءَ جي
ڇهين ڏهاڪي ۾ انگريزن ٽاڪرو روڊ کي سڌارڻ وقت انهن
منزل گاهن وٽ لانڍيون اڏايون هيون (17). اهي نوان
پڙاءَ کين اهڙن هنڌن تي ٺاهڻا پيا هئا، جتي پاڻي
هميشه ملندڙ هو. آڳاٽن ماڻهن پڻ اُهي هنڌ ساڳين
سببن جي ڪري والاريا هئا. انهن کان سواءِ ٻيون به
ڪيتريون والارون ننڍن چشمن ۽ نئين جي مدامي وهڪرن
کي بنهه ويجهيون آهن. رڳو هڪڙي وسندي، ڪوهتراش
بُٺي، اهڙي آهي، جنهن جو وهندڙ پاڻيءَ کان پنڌ
ٿورن والن کان مٿي آهي.
پر ان هنڌ جي ڳالهه ٻي آهي، ڇو جو ڀائنجي ٿو ته ان
کي بچاءَ جي خيال کان موزون ڏسي چونڊيو ويو هو.
يعني اتان بلوچستان ۽ سنڌ جي وچ ۾ هڪ مکيه واٽ جي
حفاظت ٿي پئي سگهي. ان واٽ جو ڪجهه احوال اڳتي
ايندو. ٿي سگهي ٿو ته جهڙو کوهه مجمدار، عليمراد
وٽ لڌو هو، تهڙو ڪوهتراش وٽ به لڀي پوي. اهو کوهه
به ساڳيءَ طرح جو بچاءَ مورچو آهي. يا شايد ماڻهو
انهن ٻن گبربندن جي وچ ۾ هڪڙي تلاءَ مان پاڻي
کڻندا هئا، جيڪي ڪوٽ ڏنل ٽڪريءَ کي مٿانهين پٽ سان
ڳندين ٿا (18). هي جو ان علائقي ۾ تاريخي زماني
کان اڳ جا ذري گهٽ سڀ ماڳ دائمي پاڻيءَ جي ڀر پاسي
۾ ملن ٿا، تنهن مان لڳي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ هت ڪو
چشمو به هوندو، جو ڪڏهوڪو سڪي ويل آهي. سنڌ جي
ٽاڪرو علائقي ۾ ٻين به ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻيءَ جا
وسيلا ڌرتيءَ جي ڌوڏن سبب ائين سڪندا رهيا آهن
(19). ڪجهه به هجي، ڀائنجي ٿو ته ڪوهتراش وٽ ڪوٽ
جي ڀرسان چڱي پکيڙ واري وسنئن هئي. اسان تصور ۾
ماڻهن کي خطري وقت مال سوڌو ڪوٽ ۾ گڏ ٿيندي ڏسي
سگهون ٿا. مکيه هنڌ کان هيٺ کلئي ميدان ۾ وڏي
پيماني تي رهائش جا نشان ملن ٿا. اهي نشان هڪڙن
ڊگهن گبربندن جي ڀرپاسي ۾ آهن، جيڪي ظاهر آهي ته
ڪنهن زماني ۾ کيرٿر ڇپر جي پڄاڻيءَ هيٺان جهڪيءَ
لاهيءَ تي ٻينين کي ڏنل هئا (20).
مجمدار جو سنڌ جو ٽاڪرو ملڪ ۽ ٻين علائقن جي پرتال
سان پهريون مقصد اهو معلوم ڪرڻ هو ته سنڌوءَ يا
هڙاپا تهذيب جي پکيڙ ڪيستائين هئي. تن ڏينهن
هڙاپا، موهن جي دڙي ۽ موهن جي دڙي جي ڀر پاسي ۾ هڪ
ٻن ٻين هنڌن بابت پتو هو ته اهي انهيءَ تهذيب جا
پڊ آهن. جهڙيون وٿون چوکي انداز ۾ موهن جي دڙي مان
لڌيون ويون هيون، تهڙين وٿن جو ٽڪرن مان ڪيترن ئي
هنڌن تان لڀڻ ان ڳالهه جي ثابتي هو ته ٻنهي جو پاڻ
۾ ويجهو ناتو هو يا اهو شايد ساڳيو تمدن هو: پر
ٽڪرن اندر ۽ انهن جي ڀر پاسي وارين ڪيترين وسندين
مان بلڪل ٻيءَ طرح جي ٺڪر جي ٿانون جي ٽُڪر ٽوٽ پڻ
لڌي ويئي هئي. اها ڳالهه ته اهي ٿانو موهن جي دڙي
کان به اوائلي تمدن جا هئا، سا آمريءَ جي تهبنديءَ
مان ثابت ٿيل ٿي لڳي. آمريءَ جو پڊ سنڌونديءَ ۽
لڪيءَ ڇپر جي ويجهو آهي: هت اهي ”عجيب“ ٿانو ان
کان به هيٺانهين تهه مان کوٽي ڪڍيا ويا هئا، جنهن
تهه مان سنڌو تهذيب وارا مليا هئا. ان دريافت کان
ستت پوءِ مجمدار کي ٽڪرن اندر ۽ انهن جي ڀر ۾ ٻين
هنڌن تان ”آمريءَ“ ۽ ”سنڌوءَ“ وارا ٿانو (21) پاڻ
۾ رليل مليل مليا، ۽ ڪن هنڌن تي رڳو آمريءَ وارو
يا رڳو سنڌوءَ وارا ٿانو ڏسڻ ۾ آيس: جن هنڌن تي
رڳو هن قسم جا ٿانو يا وري ٻيئي قسم رليل مليل
مليا ٿي، تن جي هڪٻئي جي نسبت سان بيهڪ بنهه اڻ
-ٿيل ۽ اتفاقي ٿي نظر آئي. مجمدار کي هڪڙيءَ مند
جي ڪم ۾ جيڪو مواد هٿ لڳي سگهيو، تنهن جي آڌار تي
هن رڳو ايترو چوڻ واجبي ڄاتو ته ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي
ته تهذيب جا مخصوص ڳاڙهي-تي-ڪاري رنگ وارا ٿانو
ان علائقي ۾ ڳپل وقت چالو هئا ۽ آمريءَ جا بنهه
نرالا ٿانو ٿي سگهي ٿو ته سنڌو تمدن جي اوائلي دور
جا سهيوڳي هجن. هن جو خيال هو ته آمريءَ جي ٿانون
کي ”سنڌو ماٿريءَ ۾ حد دخلي ڪري ايندڙ عنصر ليکڻو
پوندو“. هن انهن ٿانون جي تن ٿانون سان زبردست
جنسي هڪجهڙائيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪايو، جي سر آريل
اسٽائين مڪران ۾ ڪُليءَ وٽ ۽ اولهه جهالاوان ۾
ميهيءَ وٽ ۽ ڪنهن حد تائين نال ۽ نندر
(Nundara)
وٽ، جي پڻ جهالاوان ۾ آهن، لڌا هئا (22).
مجمدار جي ان لکت کان پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان مان لڌل
ٺڪر جي ٿانون جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري، وري درجيبندي ڪئي
ويئي آهي، جنهن موجب آمري ٿانون جي مشابهت نال
نندر-جي ٿانون سان آهي ۽ نه ڪُلي -ميهيءَ جو
ٿانون سان. البت، پوئين قسم جي ٿانون جا نمونا
الهندي سنڌ جي دڙن مان لڌا ويا آهن (23). هڪ ٻيءَ
طرز جي ٿانون جون ٺڪريون به مليون آهن. ان طرز جي
ٿانون کي ”ٽو گاءَ ٿانو“
(Togan) سڏيو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته اهي ڪوئيٽا کان وچ مڪران تائين ۽
سنڌ ۾ نئن گاج کان ويندي آمريءَ تائين رائج هئا
(24). اهڙيءَ ريت، هوريان هوريان اهڙو مواد ڪٺو
ٿيندو وڃي ٿو، جنهن جي آڌار تي سنڌ ۾ سرحد وٽ ۽
بلوچستان ۾ جي ڪڙمت ڪندڙ قومون هيون، تن جي ماهيت
پروڙي سگهبي. شڪ ناهي ته آڳاٽن اهڃاڻن جي علم جي
نئين پرجهه ۽ سڌاري سان اڳيئي لڌل مواد مان يا
ماڳهين نين کوجنائن مان ڪي ٻيا تمدني نمونا به
سامهون ايندا، شايد نوان ۽ وڌيڪ ڏورانهان تمدني
ناتا سڃاتا ويندا. تيتر (1961) تائين هٿ آيل
ثابتين مان ڪچا انومان ڪڍڻ ئي واجبي ٿيندو.
سنڌو نديءَ جي اولهه وارن ٽاڪرو علائقن جي تاريخي
زماني کان آڳاٽيءَ تهذيب جو جيڪو بيان هيٺ ايندو،
تنهن جو واسطو گهڻو تڻو سنڌ بلوچستان جي سرحد جي
ٻنهي پاسي وارن ماڳن مان خاص طرح لڌل ٿانون جي
تفصيلات سان نه، پر انهن ماڳن جي عام خاصيتن سان
هوندو. جتي تفصيل ضرور ڏسبو، اُتي آءُ پنهنجا ڪي
آزمائيشي انومان ڄاڻائيندس. ان ڳالهه جو پورو پورو
احساس اٿم ته متان ڪن نين کوجنائن جي ساک تي
منهنجا اهي انومان ليکت ۾ ايندي ئي ريٽجي وڃن.
تاريخ جي زماني کان اڳ سنڌ-بلوچستان سرحد واري ملڪ
۾ ماڻهن جون جيڪي وسنديون هيون، تن ۾ وڏي اڪثريت
ننڍن ڳوٺن ۽ واهڻن جي نظر اچي ٿي، جتان جا رهاڪو
گهڻو ڪري مال وند هئا. انهن ڳوٺن ۾ ننڍا مستطيل
گهر هئا. جن جي پيڙهه ۽ عام طرح ڀتين جون پهريون
ٻه-چار قطارون پهڻ جون هيون. مٿين اڏاوت ٿي سگهي
ٿو ته چيروليءَ مان پختي ڪيل ڪپچي
(Rubble) جي يا اوڏڪي هجي ۽ ڇتيون ڪاٺ جي پاٺي مٿان رکيل پيس جي
پترن جون هجن، جن تي گاري جو ليپو آيل هجي. پر اهو
انومان ته مٿينءَ اڏاوت ۾ هي شيون ڪم آيل هونديون،
سو اسان ان ڪري ڪريون ٿا، جو اهي شيون اڄڪلهه
انهيءَ علائقي اندر ملندڙ آهن. ذري گهٽ سڀئي گهرن
وارا هنڌ اُتي ۽ چوڌاري پيل پهڻ جي ٽوٽن ٽڪرن مان
سڃاڻي سگهجن ٿا.
ڪن ڳوٺن ۾ گهر هڪٻئي سان ڳاهٽ ٿيل ۽ اڪثر ڪنهن
قدرتي مٿانهين پٽ تي اڏيل هئا، جنهن جو مٿاڇرو
لاڳيتيءَ رهائش جي ڪري هوريان هوريان مٿي ٿيندو
ويو آهي، ۽ ڦٽڻ کانپوءِ واري وڏي مدي ۾ اهو کاڄندو
کاڄندو، ٽڪر لوٻ جي مخروطي دڙي جي شڪل اختيار ڪري
ويو آهي.ڪن ڳوٺن ۾ وري گهر ڌار ڌار چڱي وڏيءَ
ايراضيءَ تي پکڙيل آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته اتان
جا رهاڪو صلح سانت ۾ گذاريندڙ مالوند هئا. ڪانڌي
واهي
(Kandhi Wahi)
اهڙيءَ طرح جي وسنديءَ جو چڱو
مثال آهي. اهو هنڌ کير ٿر ڇپر جي هيٺان هڪ
مٿانهينءَ ماٿر ۾ آهي. هت جاءِ شيءِ پهريان پهرين
ڌيان ڇڪائي ٿي، سا آهي هڪڙي ننڍي پر نمايان مرڪزي
رهائشي ايراضي. اها هڪڙي قدرتي ماٿر تي بيٺل دڙي
تي آهي. سڄي ايراضي پڪل مٽيءَ جي ڌڌڙ ۽ ٺڪرين جي
ڀور سان ڳاڙهي لڳي پيئي آهي. سمجهجي ٿو ته هت ڳوٺ
جي چڱي مڙس ۽ سندن عزيزن جا گهر هوندا. چوٿائي ميل
اندر، مختلف طرفن ۾، اڪيلن گهرن يا گهرن جي ميڙن
جا نشان آهن، جي ڪافي کاڄي پائجي ويا آهن ۽ ڀڳل
ٿانون ۽ چقمقي پهڻ جي ڌار وارن اوزارن سان ڍڪيل
آهن. اتان ويجهو ٽڪر تي ٿورو مٿي هڪڙي ويڪريءَ ڇپ
تي چقمقي پهڻ ڪٽي ڀڃڻ جو هنڌ آهي. اوزار پڪ ئي پڪ
اتان جا هوندا. ان هنڌ پهڻ ڪٽيندڙن جي گهرڙن جا
پٿراوان بنياد، سندن ڪرت جي گڏ ٿيل ٽڪرٽوٽن جي ڀر
پاسي ۾ ڏسي سگهجن ٿا. ان وسنديءَ جي وچان ئي وچان
هڪڙو هٿرادو ڪڙيو لنگهي ٿو، جيڪو چقمقي پهڻ ڪٽڻ
واري هنڌ جي پاسي مان هڪڙي چشمي جو پاڻي هيٺ ميدان
۾ پوک جي ٽڪري کي پهچائي ٿو. ڌرتيءَ-ڄاڻ جي ماهر
مسٽر فيڊن
(Fedden)ڪي
اسي ورهيه اڳ، اهو هنڌ نظر مان ڪڍي رايو ڏنو هو ته
چشمو جيترو جالارو اڳ هو، تيترو هاڻ ناهي (25).
ڊسمبر 1942 ۾ جڏهن آءُ ڪانڌي واهيءَ ويو هئس، تڏهن
مون اتي جيڪو ڪڻڪ جو فصل ڏنو هو، سو هوند هڪڙي
ڪٽنب لاءِ به پورو نه هوندو، ۽ نه ئي اُتي ڪا
مستقل وستي هئي. (26).
اهڙي ڇڙ وڇڙ قسم جي هڪ ٻي ڪشادي وسندي نئن
ٻانڌڻيءَ جي ڪپر سان آهي. اُتي پڻ هڪڙو مرڪزي
رهائش جو دڙو ۽ هڪڙو چقمقي پهڻ ڪٽڻ جو هنڌ آهي. هت
نه رڳو آبپاشيءَ جون سهولتون ڪانڌي واهيءَ کان
گهڻيون سٺيون آهن، پر اهو هنڌ هر لحاظ کان وڌيڪ
ڪشش وارو آهي (27).
پيماني جي ٻئي ڇيڙي تي وري ”وڏا ڳوٺ“ آهن، جتي
گهڻا گهرهڪ ئي يڪي ايراضيءَ ۾ ڳاهٽ ٿيل آهن. انهن
مان سڀني ۾ وڏا ڏنڀ بُٺي
(Damb Buthi)،
تونگ، نئنگ ۽ ڪائي
(Kai)
آهن. منجهانئن هر هڪ جي ڀرسان
جالارو چشمو آهي، جنهن تي اڄوڪي زماني ۾ به ٻه ٽي
سو ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي ٿي. توءنگ ۽ نئنگ ۾
چشمن جامهڙ چوڌاري ٻنا ڏيئي بند ڪيل آهن ۽ اُتي
ضمني وسندين جا اهڃاڻ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪائيءَ وٽ
”ڳوٺ“ کان ڪجهه وال پرتي اڀي لاهيءَ وارن پاسن سان
هڪڙي چپٿري مٿاڙ واري ٽڪري آهي، جنهن تي ڪوهتراش
بٺيءَ جهڙو گهير وارين ڀتين سان ڪوٽ
(Perimeter)
اڏيل آهي. ڀائنجي ٿو ته تاريخ واري زماني ۾ ڪائيءَ
جا رهاڪو مصيبت وقت ان ڪوٽ ۾ وڃي پناهه وٺندا هئا،
پر اتي ڀنگار واري زماني جي ٿانون جي ٺيڪراٺ به
گهڻي انداز ۾ موجود آهي.
انهن چئن ئي ڳوٺن جا مکيه يا گاديءَ دڙا ساڳين
خاصيتن وارا آهن. تونگ وٽ ”ميري“، نئنگ وٽ ”لکمير
جي ماڙي“
(Lakmiar Ji Mari)
۽ ڏنڀ بٺي، اهي ٽپئي پٽ کان گهٽ وڌ سٺ فٽ اُتانهان
آهن. ڪائيءَ واري بٺي قد ۾ گهڻي ننڍي آهي، پر
پکيڙ ٻين ٽنهي جيتري وڏي اٿس. ڏسڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ
هٿرادو تونگ ۽ نئنگ آهن. ٻنهي هنڌ مٿاڇري تي وڏين
گٺل کاڌل اوسارين جا نشان آهن، جن جي چوڌاري پٿرن
جا ڍڳ سٿيا پيا آهن. تر جا ماڻهو چوندا آهن ته
ميري ۽ لکمير جي ماڙي تنهن آڳاٽي زماني ۾ بادشاهن،
بلڪ سرادرن، جا محلاتي ڪوٽ هئا، جي ٽڪريءَ جي پاڙ
وٽ هڪٻئي جي پاسي ۾ پهريوارن ۽ ٻين خادمن جي ڪوٺين
۽ جاين ۽ طنبيلن مٿان ڪر کنيو بيٺا هئا. ماڻهن جو
اهو چوڻ ڪجهه مڙيوئي دل سان لڳي ٿو.
قلات جي نظاريدار ميري به 1935 واريءَ ڌرتيءَ جي
ڌٻڻ تائين اهڙي ئي هئي. لنڊي بٺيءَ
(Lundi Buthi) جي نالي سان هڪڙو اڳ تاريخي ماڳ نئنگ کان ميل کن ڏکڻ اوڀر ۾
آهي. ان جي اصلوڪي بناوت گهڻي وڌيڪ چٽي آهي. اهو
مخروط دڙو هڪٻئي مٿان ٽن پٿرائين ڀتين يا ٿلهن
(Terraces)
سان وڪوڙيل آهي ۽ چوٽيءَ تي
ماڙيءَ جا نشان اٿس. ان مان لڳي ٿو ته ان تي ڪو
ڪوٽ نه پر ميسوپوٽيما جي اهرام صورت عبادت گهر
جهڙي ڪا جاءِ هئي. ٿي سگهي ٿو ته تونگ واري ميري ۽
نئنگ واري لکمير جي ماڙي به اهڙيءَ طرح جون جايون
هجن، جيتوڻيڪ سندن لاهين تي ملندڙ وٿن جي وڏي
تعداد ۽ گوناگونيءَ مان ائين ٿو لڳي ته اهي، ٻيو
نه ته، اتان جي گهرن جو مرڪز ضرور هونديون.لنڊي
بٺيءَ ۾، بٺيءَ کان هيٺ، جيڪو ٽڪر جو ويڪر چپٿرو
ٽڪر آهي، سو مکيه رهائشي ايراضي لڳي ٿو. ڇو ته اهو
پهڻ ٽڪراٽن، ڀڳل ٿانون ۽ چقمقي پهڻ جي ڌڪيل ٽڪرن
سان اصل ڪارو لڳو پيو آهي (28). سو ان هنڌ جي عام
بيهڪ ۽ بناوت ڏنڀ بٺيءَ سان مشابهت رکي ٿي.
مڪاني عقيدو اهو آهي ته لنڊي بٺيءَ جون ڀيتون
بچاءَ لاءِ کنيون ويون هيون، ۽ نئنگ ماٿريءَ وارن
جون پيڙهين جون پيڙهيون خطري جي وقت ساڳئي قسم جي
جاين ۾ وڃي گڏ ٿينديون هيون.
سنڌ-بلوچستان سرحد جا تاريخ جي زماني کان اڳ وارا
ماڻهو تهذيب جي ڪهڙيءَ منزل تي هئا، تنهن ڳالهه جو
اندازو انهن هنڌن تان هيلتائين لڌل وٿن مان ٿورو
گهڻو لڳائي سگهبو. هو ٽامي جي استعمال مان واقف ته
هئا، پر معلوم ٿو ٿئي ته ان مان رڳو پنهنجي سينگار
جون شيون-ڪانٽا، منڊيون، مڻيا-ٺاهيندا هئا ۽ نه
اوزار (29). ٿي سگهي ٿو ته کوٽائي ڪندي ٽامي جون
ڪهاڙيون ۽ ٻيا اوزار اڃا به لڀي پون، اهڙا جهڙا
هار گريوز کي نال وٽ ٻن دڙن منجهان لڌا هئا. پر جن
اوزارن ۾ تکي ڌار يا چهنب ٿئي ٿي، سي گهڻو ڪري
ڳاري يا چقمقي پهڻ مان ٺاهيا ويندا هئا، انهن ڪپن
ونڌڻن ۽ رنبين جي ڪاريگري تمام اوچي آهي (30) انهن
ماڻهن جا ڪاريگر نيم قيمتي پٿرن-عقيق، سنگ يشم،
سنگ سليماني -توڙي فندق هنديءَ جو ڪم به ڪندا هئا
۽ انهن کي وڏيءَ اٽڪل سان اوڄاريندا ۽ ونڌيندا
هئا، اهي سڀ پٿر ڪوهستاني علائقي ۾ لڀندڙ آهن.
پر سندن تمدن جو سهڻي ۾ سهڻو نمونو ٺڪر جا ٿانو
آهن. آمريءَ وارا ڪنڀر ڪمال جي نفيس ۽ نرم ليئي ڪم
آڻيندا هئا. ڦڪي يا گلابي رنگ جي ليئي هئڻ سان
ٿانو جي مٿاڇري تي اڪثر هلڪي اڇي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سائي
چنٽ اچي ويندي هئي. هڪڙي ڦڪي يا هلڪي ڳاڙهي رنگ تي
سنهي پٽي گهڻو ڪري ٿانو جي منهن يا ڪلهن وٽان
ڪنيءَ طور هڻندا هئا: ۽ ان مٿان ڪاري يا ڳوڙهي
خاڪي رنگ سان چٽسالي ڪندا هئا. ٿانون تي چٽ ذري
گهٽ هرڀيري جاميٽريءَ جي شڪلين جهڙا هوندا هئا:
مستطيل خانن جي اندر چورس خانا. آمريءَ وارن ٿانون
تي گهڻيون شڪليون مستطيل خانن اندر چورس اندر چورس
خانن جون آهن.ٻيون شڪليون هڪ ڪنڊا ۽ گهڻ-ڪنڊا آهن.
گولائيءَ واريون شڪليون، جهڙوڪ گول ۽ اڌ گول، پڻ
ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اڃا ته آمري تمدن جا ڪي به اهڙا
ڀڳل ٿانو هٿ نه آيا آهن، جن تي جانورن يا ماڻهن
جون شڪليون نڪتل هجن. ڪن شڪلين جي وڻن يا پنن سان
مشابهت شايد اتفاق آهي. انهيءَ قوم جي ڪنڀرن،
ساهوارن جي دنيا کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ، نقش
ونگار جي طرز پاڻ ايجاد ڪئي هئي.
آمري تمدن جي ٿانون وارن هنڌن جي وچ ۾ ڪي اهڙا ماڳ
به وکڙيل آهن، جتان جا ٿانو ٻيءَ طرح جي تمدنن سان
واسطو رکن ٿا. انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن، جن تي سرهه
(جانور) توڻي پنن ۽ گلن جون شڪليون چٽيل آهن (31).
سرهه کيرٿر ۽ ان جي ضمني ڇپرن تي اڃا به عام ملي
ٿو، ۽ مڪران ۽ جهالاوان ۾ پڻ، جتي ڀنگار واري
زماني جا اهي ٻيا ڪڙمتي تمدن موجود هئا.
سنڌ-بلوچستان سرحد واري ٽاڪرو علائقي ۾ ڪي اهڙا
ماڳ به آهن، جتي نال، ڪلي-ميهي، يا سنڌو تهذيب سان
واسطو رکندڙ ٿانون جي ٺيڪراٺ آمري تمدن وارن ٿانون
جي ٺيڪراٽ سان گڏوگڏ، ڪڏهن ته پڌري وسنئن وارين
ايراضين ۾ پڻ، ملي ٿي (32)؛ ۽ ٻين هنڌن تي وري پاڻ
۾ رليل مليل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٻن ٻن قسمن جي ٿانون
وارن هنڌن
(Duplex sites) مان گهڻن تي اُڪريل چٽن سان سادا ٿانو به موجود آهن. انهن ”حد
دخلين“ جي اهيمت تي اڳتي هلي بحث ڪيو.
اسان کي آمريءَ وارن جي ڪريا ڪرم جي رسمن بابت
جيڪا به ڄاڻ آهي، سا مجمدار طرفان ڏنڀ بٺيءَ ۾ ڪيل
کوجنائن مان ملي آهي (34). ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته
هو لاشن کي ”اڻپورو“ پوريندا هئا. ڇا ڪندا هئا ته
مڙهه کي تانگهن ڀيڙن جي اوساري ڪيل ڪمرن ۾ پوري
ڇڏيندا هئا ۽ ان سان گڏ ٿانو ٿپا ۽ سينگار جو
سامان به رکندا هئا. انهن قبرن ۽ منجهن رکيل سامان
جي هارگريوز طرفان نال وٽ اڳ کوٽي ڪڍيل قبرن (35)
سان ايتري ته گهڻي مشابهت آهي، جو اسان بنان هٻڪ
جي هيءُ انومان ڪڍي سگهون ٿا ته آمريءَ ۽ نال جا
ماڻهو تمدني طرح پاڻ ۾ ويجها مائٽ هئا.
اڃا ڪا ڳالهه اهڙي ناهي لڌي، جنهن مان پتو پوي ته
آمريءَ وارا ڄوجيندا ڇا کي هئا. منڇر ڍنڍ کان
ٿورو اُتر طرف ميدان ۾ ۽ آمري علائقي جي اتر-اوڀر
واريءَ حد تي هڪڙو ”لاکيو“
(Lakhiyo) نالي سنڌو تمدن جو ماڳ آهي. اتان ماتا ديويءَ
(Mother Goddess)
جون مورتيون لڌيون ويون هيون (36). ساڳئي نموني
جون مورتيون ڪلي. ميهي تمدن جي خاصيت به آهن (37).
ان تمدن جو مکيه علائقو جهالاوان جي ڏکڻ-اولهه ۽
مڪران جي اوڀر ۾ آهي ۽ ان ۾ ڪيترا ”نال“ وارا هنڌ
به اچي وڃن ٿا. ان علائقي بابت چئي سگهجي ٿو ته
اهو آمري تمدن وارن جي الهندين حدن سان هم قديم
هو. جيسين ڪا سڌي ثابتي ملي، تيسين ائين وسهڻ ۾ ڪو
اهم ڪونهي ته آمريءَ وارا به ائين ئي پوڄا ڪندا
هئا، جيئن سندن ڪلي-ميهيءَ وارا پاڙيسري.
آمري تمدن وارن جو ڪو صدر مقام به هو ڇا؟ جي ها ته
ڪٿي هو؟ منهنجي صدر مقام سان مراد ڪو موهن جي دڙي
جهڙو شهر ناهي، بلڪ منهنجو اشارو هڪڙي ڳوٺ يا ڳوٺن
جي جهڳٽي ڏانهن آهي، جنهن جي پکيڙ اڪثر ڳوٺن کان
وڏي هجي، جيڪو ماحول ۾ وڌيڪ نوازيل هجي ۽ جتي
سڄيءَ ٻهراڙيءَ کان ماڻهو وقت بوقت شيءَ شڪل وٺڻ ۽
ٻين اهڙن ڪمن ڪارين سانگي ايندا ويندا هجن. اهو ته
ظاهر آهي ته آمريءَ وارو علائقو گڏيل رهڻيءَ
ڪهڻيءَ لاءِ موزون نه آهي، ڇو ته سنڌوءَ جي پٽ سان
لاڳاپيل ڪاڇي جي ڪجهه ڀاڱي سميت ان جون مٿانهيون
ماٿريون هڪٻئي کان گهرن جابلو ڇپرن سبب ڌار ٿيل
آهن. عام خيال اهو آهي ته ان ۽ ٻين پسگردائيءَ
وارن علائقن کي اولهه کان هوريان هوريان لڏي ايندڙ
ماڻهن وسايو هوندو. هنن جي لڏڻ جو سبب گهڻو ڪري
شايد آدشماريءَ جو زمين تي جيئن پوءِ وڌندڙ داٻ
هو، جنهن داٻ کي آبهوا جي ڦيرڦار ويتر اگرو ٿي
ڪندي ويئي. اهو پڻ سمجهيو وڃي ٿو ته آمريءَ وارو
تمدن سنڌوءَ جي ڪچي تائين ڦهليل نه هو. ڪچي ۾ ان
جو ڪوبه نشان (38) هيکلو يا چنهونءَ جي دڙي جهڙن
پڊن جي هيٺانهن تهن مان اڃا تائين ناهي مليو. اهو
دراصل بلڪل فطري آهي ته اولهه کان ڪوچ ڪندڙ مالوند
ماڻهو سنڌ جو اپار مٽيهاڻو ميدان ڏسي ٽهي ويا
هوندا ۽ ”مٺي درياهه“ جا ساليانا ريچڪ ڏسي هنن ان
کي ڀال- ڀلائيندڙ نه پر راڱا-ڪندڙ ڄاتو هوندو. سو
هو پنهنجن ڏٺل وائٺل ٽڪرن ڏي موٽي ويا ۽ وڃي ڃاتل
سڃاتل چشما ۽ اوٽائتيون ماٿريون وسايائون، ۽
پنهنجا ڳوٺ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي پهچ کان ٻاهر
ٻڌائون ۽ جبلن جي پاسي ۾ ماٿرين ۽ ڪاڇي کي چهٽا
رهيا. هزارين ورهيه پوءِ بلوچ، جي تڏهن مالوند قوم
هئا، اوڀر ڏي لڏي هليا ته اهي پڻ ڪاڇي ۾ منزل وجهي
ويهي رهيا، ڇو ته ڪاڇي ۾ ڌڻن لاءِ چارو ۽ پاڻي،
ٻڏيل ميدانن جي ظاهري سُڪر کان وڌيڪ ڀلو ۽ جهجو
هو. جڏهن بلوچ مالونديءَ کان پوک ڏي آيا، تڏهن ئي
هو سڄيءَ سنڌ ۾ گهر ڪري ويٺا.
انهيءَ لحاظ کان ڏسبو ته سنڌ-بلوچستان سرحد وٽ
اتر-کان-ڏکڻ وارين ماٿرين ۾ آمريءَ وارن ماڻهن جي
ڳوٺن جي ”قطار“ ان کان وڌيڪ ظاهر نه ڪندي ته هنن
اهو ڏيهه ذري گهٽ سمورو والاري ڇڏيو هو. باقي
انهيءَ زماني کان پوءِ اُتي اندروني اچ-وڃ جا ۽
اڃا به پوءِ لانگهائو واپار جا مکيه رستا بڻجي ويا
هوندا.
جڏهن سنڌ واري ڪوهستان جي آڳاٽن اهڃاڻن، صديءَ کان
وڌيڪ مدو اڳ، انگريز عملدارن جو پهرين پهرين ڌيان
ڇڪايو هو، تڏهن ڏٺو ويو هو ته تر جي ماڻهن جي
اڏاوت ”وڏان“
(Wudwan) جي نالي ٿي ليکي. سر بارٽل فريئر کي ان نالي جون معنائون
”مهان“ يا ”جهونا“ ماڻهو ٻڌايون ويون هيون. انهن
وڏوان جي پوين بابت چيو ٿي ويو ته انهن کي ”محمد
بن قاسم سنڌ جي سوڀ وقت پاڙان پٽي ڪڍيو هو“ فريئر
کي ٻڌايو ويو ته ان قديم قوم جي گادي ”حب سارونا“
(Hubb Sarona) هئي؛ ته سندن ”شهر“ ٻيلي کان به، ”جنهن جي تاريخ ٽي
هزار وهيه پراڻي آهي“، جهونو هو، ۽ اهو به ته هو
”ڪندراج“
(Kundarj)
وٽ کاڻين مان شيهو ڪڍندا
هئا(39).
سارونا حب نديءَ واريءَ ماٿريءَ جي اُتر-اولهه طرف
26 ڊگريون 10 منٽ ويڪرائي ڦاڪ ۽ 26 ڊگريون 20 منٽ
ويڪرائي ڦاڪ جي وچ ۾ آهي. فريئر جي مٿئين بيان کان
ڪي پنجاهه ورهيه پوءِ هوزبلر سارونا جي ميدان ۾
سڀني کان وڌيڪ پيچيده گبربند ڏٺا هئا. اهي بند حب
نديءَ جي وچ واري وهڪري سان لڳو لڳ ملڪ جي نمايان
خاصيت آهن. سارونا ماٿريءَ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾، جو ست
ميل کن ويڪرو ٿيندو، پوک لائق زمين جو وڏي ۾ وڏو
يڪو ٽڪرو آهي، جنهن جهڙو سڄي ڏکڻ جهالاوان ۾ ٻيو
ڪٿي به ڪينهي. ان ٽڪري جي پکيڙ اٽڪل روءِ اڌ لک
ايڪڙ ٿيندي ۽ سمورو گاهن، ننڍن ننڍن وڻن ۽ ٻوٽن
سان ڇانيل آهي (40). اسان جو اهو انومان ته تاريخ
کان اڳ جي زماني ۾ ڪجهه وڌيڪ برسات پوندڙ هئي،
تنهن کي به ليکي ۾ آڻبو ته پوءِ سارونا ماٿري هڪ
شاداب زرعي مرڪز به ٿي سگهي ٿي. آڳاٽن رهاڪن ان جي
قدرتي خاصيتن کي ”احمد بند“ جيڪو ذري گهٽ اڌ ميل
ڊگهو ٿيندو، ۽ ”پير مناغره“ بند جهڙن عظيم الشان
بندن سان وڌائي ڇڏيو هو. پوئين بند جي واٽ ۾ رائي
جي سٿ، هوزبلر جي ماپ موجب، 30 فٽ ٿهلي هئي. هو
زبلر کي ماٿريءَ اندر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترن ئي
هنڌن تي ”آڳاٽن شهرن“ جا ماڳ ڏسڻ ۾ آيا هئا، جتان
جون جايون طرز ۾ ظاهر ظهور انهن ”پهڻ جي لوڙهن“
جهڙيون هيون، جيڪي ڏاکڻي ڪوهستان جي نمايان خاصيت
هئا. انهن کان نراليون گول اڏاوتون هيون، جن بابت
ساڳئي صاحب جو انومان هو ته اهي ”دخما“ يا ”ماٺ جا
ٺل“ هونديون. شايد انهيءَ انومان ئي هن کي گبربندن
جي اڏاوت جهونن (زردشتي) ايرانين جي نالي ليکڻ تي
هر کايو هو. جنهن وقت هوزبلر اهي احوال قلمبند ڪيا
هئا. تنهن وقت، يعني ڪي پنجاهه ورهيه اڳ، ڪنهن کي
اهو معلوم نه هو ته هن تر ۾ ڪا تاريخ جي زماني جي
سڀتا به هئي (انهن مڪاني ڏندڪٿائن کي ڇڏي، جي
فريئر جي علمدارن لکت ۾ آنديون هيون). سو هوزبلُر
کي ايراني زردشتين، هندستاني ٻڌن ۽ عربن مان ڪنهن
هڪڙيءَ قوم کي چونڊڻو هو، جو اهي ئي قومون هيون جي
اهڙين سائنسي رٿائن کي سوچي ۽ عمل ۾ آڻي ٿي
سگهيون. اهو بلڪل سڀاويڪ آهي ته هن گهٽ نمايان پڊن
بابت مختصر بيان تي قناعت ڪئي. ”ڪيترن ئي دڙن تي
ٺڪر جا ٿانو گهڻي تعداد ۾ ڏٺا ويا، پر ضروري نه
آهي ته انهن جو اڳوڻن رهاڪن سان ڪو الڳ لاڳايو
هجي، ڇاڪاڻ ته اڳوڻي زماني ۾ جڏهن ملڪ تي جهلون ۽
ڪاهون پيون ٿينديون هيون، تڏهن لڳي ٿو ته هڪڙو ئي
مٿانهون هنڌ وري وري اڏبو رهندو هو، ڇو جو ان جي
بيهڪ سلامتيءَ واري هوندي هئي.“ (41). هاڻ جيڪو
ماڻهو چوک، چڪاس تي نڪرندو ته پهرين انهن دڙن کي
کڻندو. ان کي سٽائين، هارگريوز ۽ مجمدار جي ”ڪلهن
تي بيهي“، اها چڪاس ڪرڻي پوندي. انهن ٽن صاحبن هوز
بُلر جي مضمونن کان رڳو ويهه ورهيه پوءِ، بلوچستان
۽ سنڌ جي ٽاڪرو علائقن جي اڳ تاريخي تمدنن جون
کوجنائون شروع ڪيون هيون (42). جيستائين انهن هنڌن
جي ٿانون جي تپاس ۽ درجيبندي نٿي ٿئي. تيستائين
اسين فقط ايترو چئي سگهون ٿا ته مٿيون مختصر بيان
انهيءَ علائقي جي ٻين به ڪيترن ئي اهڙن دڙن سان
ٺهڪي ايندو، جن جو واسطو ڀنگار واري زماني جي هڪ
يا ٻئي ڪڙمت واري تمدن سان ڏٺو ويو آهي ۽ سارونا
جي پٽ ۾ پڊن جو هجڻ فريئر جي لکت ۾ آندل ان ڏند
ڪٿا جي پٺڀرائي ڪري ٿو ته ٽڪرن جي اڳ تاريخي
رهواسين جي گاديءَ جو هنڌ ”حب سارونا“ هو.
اهو فرض ڪندي ته احمد ۽ پير مناغره جهڙا آبپاشيءَ
۽ زمين جي حفاظت جا مهان بند انهيءَ قديم قوم
ٺاهيا هئا، اسان تصور جي اک سان ميدان ۾ ان جون
ٻنيون ۽ ٻنين جي وچ ۾ گهرڙا ڏسي سگهون ٿا. اُتي ڪا
اَنَ پِڙي به هوندي جتان پسگردائيءَ جي گهٽ نوازيل
وسندين جا رهاڪو اچي ان داڻا وٺي ويندا هوندا.
اوڀر طرف پوک جا ننڍا ننڍا مرڪز به هئا. هوزبُلر
”ڪوٽڙئي“
(Kotrio)
۽ حب نديءَ جي ڪنڌيءَ سان ڪن
هنڌن تي، ۽ ان نديءَ جي اوڀر طرف بهلور
(Bahlur) جي ڪشادي ماٿريءَ جي منهن وٽ پڻ جيڪو کير ٿر ڇپر ۽ سنڌ جي
هاڻوڪيءَ سرحد جي هيٺيان واقع آهي، گبربندن جي
هجڻ جو ذڪر ڪري ٿو.
ٽاڪرو تر جا هاڻوڪي رهاڪو پنهنجن قديم وڏن جي جاين
جي اهڃاڻن کي هميشه ”ڪوٽڙو“ سڏيندا آهن، ۽ مٿيون
ڪوٽڙو ته ”وڏڪا لوڪ“ (43) يعني وڏا يا جهونا ماڻهو
(فريئر جي ٻڌايل ”وڏوان“ جي مفهوم به رکي ٿو.
جن کاڻين بابت چيو وڃي ٿو ته ”وڏوان“ انهن منجهان
شيهو ڪڍندا هئا، سي سارونا ماٿر کان ٽيهارو ميل
اولهه طرف ڪانراچ
(Kanrah)
ماٿر ۾ آهن. لسٻيلي جي گزيٽيئر ۾ ان هنڌ جي
نشاندهي ڪيل آهي، جتي شيهو لڀي ٿو ۽ ڪانراچ ڪوٽ وٽ
هڪڙي قديم شهر جو ذڪر به ڪيل آهي (44). جئين ته ان
هنڌ ٽامو به چڱي چوکي انداز ۾ لڀي ٿو، سو ان هنڌ
جي دلچسپي ٽاڪرو علائقي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي اڳ
تاريخي تهذيبن جي حوالي سان هيڪاري وڌي وڃي ٿي.
ڪانراچ ماٿر چئني پاسن کان اڙنگن ٽڪرن ۾ وڪوڙيل
آهي. ان ڪري ان تائين پهچڻ ڪو اهڙو سهنجو ڪونهي.
البت ٻه گس اهڙا آهن، جي آهن ته اڙانگا ۽ ورن وڪڙن
وارا، تڏهن به انهن تان-لاڏو اُٺ هلي سگهن ٿا.
انهن مان هڪڙو زئي لڪ
(Zai)
کان ۽ ٻيو باروڙ
(Baror)
لڪ کان ٿيندو، پٻ ڇپر لتاڙي، سارونا پهچي ٿو.
انومان آهي ته ٽاڪرو وسندين وارا جيڪو ڌاتو ڪم
آڻيندا هئا، تنهن مان گهڻو شڪ ناهي ته انهن گسن
تان ايندو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اتان ٿيندو، سنڌ جي
ميدانن وارن شهرن ڏانهن به ويندو هجي.
سارونا ماٿر ۽ هاڻوڪيءَ سنڌ جي ٽاڪرو ملڪ جي وچ ۾
اچ وڃ نسبتي طرح سٺي هئي. ان علائقي جي اڳ تاريخي
تهذيب جي حالتن تي ڳڻ ڳوت وقت اهو ضروري آهي ته
هاڻوڪين سياسي سرحدن سان ڳنڍيل ويچار دماغ مان ڪڍي
ڇڏجن. ميدانن جي رهاڪن کي شايد کيرٿر ڇپر هڪ
ٺاهيندڙ قدرتي سنڌو لڳي پرجهالاوان جي رهواسين
لاءِ اهو ڇپر جبلن جي سلسلي جي اوڀر ۾ اٿيل ڀيڙ
آهي. جا قد ۾ سڀني کان ننڍي ۽ اڪرڻ ۾ گهٽ ڏکي آهي.
جيڪو تر لڳ ڀڳ منڇر ڍنڍ جي سامهون آهي، اتان کير
ٿر پاڻ وڌيڪ ننڍو ۽ اُڪرڻ ۾ سولو آهي، ڇو نه اتي
جيئن اڳيئي ٻڌائي آيا آهيون، ڪيترائي لڪ هڪٻئي جي
ويجهو آهن. اهي لڪ سمنڊ جي مٿاڇري کان ٽن هزارن
فٽن کان به گهٽ اتانهان ٿيندا. سارونا جو پٽ سمنڊ
جي مٿاڇري کان ذري گهٽ هزار فٽ مٿي آهي. اتان ٻه
مکيه واٽون ”سنڌ“ جي ٽاڪرو علائقي ۾ اچن ٿيون.
جيڪا واٽ اتر ۾ آهي، سا هيٺانهين ۽ سهنجي ٽپوري
(Trepuri)
لڪ کان ٿيندي، کود
(Khude)
ڇپر لتاڙي حب ماٿر ۾ داخل ٿئي ٿي، جنهن نديءَ جي
سامهون اها مسافري
(Musefari) لڪ کان ٿيندي، کيرٿر جو هڪڙو هيٺانهون ڏونگر پار ڪري
ٿي. اها واٽ پوءِ نئن لوئي
(Loi) کان ٿيندي، کير ٿر اڪري، وڃي گاڙ
(Garre)
لڪ وٽ پهچي ٿي، جتان اها انگائي
(Angai)
نئن جو پاسو وٺي، منڇر ڍنڍ ڏي لهي وڃي ٿي. اڄڪلهه
اها واٽ پيش نيڻ لاءِ ۽ خانه بدوش بروهين جي سنڌ
ڏانهن ۽ سنڌ کان مندائتي لڏپلاڻ لاءِ گهڻي
واپرائجي ٿي.
ٻي واٽ سنڌ واري ڪوهستان جي ڏاکڻي ڀاڱي سان اچي
ملي ٿي ۽ گهڻي وڌيڪ سڻائي ۽ سڌي آهي. اها سارونا
ماٿر مان نڪري، ان نالي واريءَ نديءَ جي ڪنڌيءَ
سان هلندي، اچي آري پير
(Ari Pir) وٽان نڪري ٿي، ۽ حب ندي اڪري ، ان جي کاٻيءَ ڪنڌيءَ سان لهواري
هلندي، ديوانا
(Divana) لتاڙي، دريجيءَ وٽ پهچي ٿي. اتان اها حب جي هڪڙي ڏن ڀرو نهر
لتاڙي، ٻيلي ٿپ
(Beli Thap)
اچي ٿي، گز
(Gaz)
نالي هڪڙي ماٿر پار ڪري، تونگ وٽ نئن باران جي
مٿانهينءَ ماٿر ۾ گهڙي ٿي. اتر واريءَ واٽ جيان ان
تي پڻ جهالاوان مان هيٺينءَ سنڌ ڏي پيش کڻي ايندڙ
باريگن جي گهڻي اچ وچ رهندي آهي. سنڌ ۾ ان کي
سڏيندا ئي ”پيش واٽ“ آهن (45).
جي ڪا هڪڙي وٿ، جنهن بابت اسان کي پڪ آهي ته اها
انهيءَ تر جي اڳ تاريخي اقتصاد ۾ مکيه هئي ته اها
پيش آهي. ٻي ڪا اهڙي شيءَ ڪانهي، جا پڪن، اجرن ۽
جهالو تڏن ٺاهڻ ۾ بندري کجيءَ جي انهن سڪل پنن سان
مقابلو ڪري سگهي. پيش جا پکا اڄ به سنڌ جي گاري
سان لتل ڇتين جوضروري جز آهن. ان مقصد لاءِ گاهه ۽
سَرَ تمام ڪسا ٿين. موهن جو دڙو ۽ سنڌ ۾ ان تهذيب
سان واسطو رکندڙ جي ٻيا شهر آهن، تن جا سٺي ۾ سٺا
گهر پيش ڪي تڏن ۽ پکن سان ڀريل آهن. اهي تڏا ۽ پکا
شايد جهالاوان کان ٽڪر لتاڙي آندل مان ترجا ماڻهو
پاڻ ٺاهيندا هئا. (46).
جنهن تر ۾ آمري تمدن واريون وسنديون هيلتائين
لڌيون آهن، سو سمورو تر باريگن ۽ ٻين باري وهٽن
لاءِ سڻائين واٽن جي ڪري اچڻ وڃن جهڙو آهي. ٻيا
ڪيترا گس پيچرا به آهن، جيڪي ان تر ۾ ڪيترن ئي
پاسن ڏي اچن وڃن ٿا. البت، سارونا جي اولهه ۽ ڏکڻ
اولهه واري ڏيهه سان لهه وچڙ ۾ اچڻ نسبتي طرح ڏکيو
آهي.
سو، سڄي ليکي، جا صورتحال سامهون اچي ٿي، سا اهڙن
امن پسند ۽ باعمل ماڻهن جي آهي، جي هن ڏکئي ڏيهه
سان پرتل هئا. جن کي ان مان گذران ڪڍڻ لاءِ وڏا وس
ڪرڻا پوندا هئا: جن پنهنجن پاڙيسرين، خاص ڪري
ميدان وارن، سان واپار ته ڪندا هئا، پر سندن اٿئي
ويهڻيءَ جي ڪا به ڳالهه نقل نه ڪندا هئا. سچ پچ ته
اخلاقي ڳالهين ۾ هو پاڻ ڀرو، پر مادي ڳالهين ۾
ايترو نه هئا. هو ڪجهه اَنُ ضرور ميدان وارن کان
شايد منڇر علائقي وارن کان وٺندا هوندا ۽ ان عيوض
ڏيندا هوندا ان، جي عيوض ڏيندا هوندا ان، ڏاس ۽
پيش، جي رڳو اتانهن ٽڪرن تان ئي ملن ٿيون.
سو جيتوڻيڪ اڳ تاريخي ٽڪر واسين جي بندن ۽ ساڳيءَ
طرح جي ٻين اڏاوتن ٺاهڻ ۾ ڪاريگري ۽ اورچائي توڙي
ڳوٺن ۾ سندن رهڻيءَ جو جٽاءُ، سندن جيئڻ جي ڏانءَ
کي هاڻوڪن لڏ پلاڻ تي هريل رهاڪن کان الڳ ڪي
بيهارين ٿا، پر سندن گذران جا وسيلا اوس ساڳيائي
هوندا، ڇو ته پوين پنجن هزارن ورهين اندر ان
ٽڪرائتي ترجي نه ته قدرتي پيدائش ۾ ۽ نه ئي ان
پيدائش کي اتان نيڻ جي وسلين ۾ ڪا ڦيرڦار يا سڌارو
آيل لڳي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته تاريخ کان اڳ واري
زماني ۾ آبهوا ٿوري وڌيڪ گهميل هجي. پر ٽڪر جي سڄر
هوا، نج پاڻي ۽ سگهه ڏيندڙ گاهن ۽ سنڌوءَ جي ساڳين
ڪسن گاهن ۾ اڄ جيڪو تفاوت ڏسڻ ۾اچي ٿو، سو تڏهن به
ضرور موجود هوندو.
آمريءَ وارن جو نيٺ ڇا ٿيو؟ ان سوال جي جواب لاءِ
اسان کي پهريائين اهو ڏسڻو پوندو ته هي جو ٽڪرن ۾
آمري تمدن ۽ هڙاپا تمدن وارا هنڌ هڪٻئي سان گڏ ۽
وري ”ٻٽي“ تمدن وارو هنڌ ٽن ڌار ڌار صورتن ۾ ملن
ٿا، ته ان جي معنيٰ ڇا آهي. ٻٽي تمدن وارن هنڌن
جون اهي ٽيئي صورتون هي آهن آمريءَ ۽ لوهريءَ
(Lohri)
جي دڙن جي نرالي تهبندي، بٺيءَ ۽ ڍال
(Dhal)
۾ ڌار ڌار والاريل ايراضيون، ۽ الڳ نه ٿي سگهندڙ
مليل جليل تمدن، جهڙو پاڻيءَ جي -ڪوٽڙئي توءنگ ۽
نئنگ ۾ آهي. پهرين سنڌوءَ جي ميدانن واريءَ سنڌو
تهذيب تي هڪ نظر وجهڻ ضروري آهي.
حوالا ۽ سمجهاڻيون
مثال طور، راقم الحروف طرفان 1941 ۾، ڏسو ”سنڌ جي
تاريخ واري سوسائٽيءَ جو رسالو“، جلد ڇهون، 2، ص،
107.
مون کي پهرين 1941 ۾ ڪئپٽن ريڊ ڊڪ
(Reid Dick)
انهن جي سڌ ڏني هئي. هن صاحب ڊرگ روڊ جي ڏکڻ هڪ
نالي جي ڀڪ تان انهن جا نمونا ڳولي ڪڍيا هئا. ڏسو
س.ت.س.ر جلد ڇهون، نمبر 2، ص 108، ڀيٽي ڏسو
”هندستان ۽ پاڪستان ۾ هالوسين جا پهڻ جا هنر“، از،
ڪرنل ڊي،ايچ. گورڊن، جهونو هندستان، 1950، ص 24.
ايرائين؛ ”انڊيڪي“، باب چوويهون ۽ اُڻٽيهون
ائناباسس، ڇهون، 23.
مثال طور، ايريئن: ”ائناباسيس“، ڇهون، 23.
ايرئين ”ائناباسيس“، ڇهون، 25-26
سڪندر جي مڪران مان لنگهه جي جيڪا واٽ سر آريل
اسٽائين ”جاگرافيڪل جرنل“ (جلد سو ٻه نومبر ڊسمبر
1943، ص193 ۽ پوءِ وارا صفحا) ۾ ڏيکاري آهي، ان جو
مطالعو ڪجي. ڪولواتر جي اڳ تاريخي وٿن لاءِ ڏسو
”هندستان جي سروي جون ياد گيريون“، نمبر 43،
”گيدروشيا ۾ آڳاٽن اهڃاڻن جو گشت“، 1928.
ڀائنجي ٿو ته بارٽل فريئر جي وقت ٽڪرن جا رهواسي
انهن بندن جي اڏاوت ”وڏون“ جي نالي ليکيندا هئا.
ڏسو هن ڪتاب جو ص 106.
”هندستان جي آڳاٽن اهڃاڻن واري سروي جي سالياني
رپورٽ“، 4-1903 (ڪلڪتو 1906)، ”بلوچستان جا
گبربند“، از هوز بلر. ڀيٽيو سر پي. سائيڪس،”ايران
جي تاريخ“، جلد پهريون، ص 7، فٽنوٽ.
”لسٻيلا گزيٽيئر“، ص 440 ۽ 176، ”مڪران گزيٽيئر“،
ص 304.
ڌيان ۾ رهي ته اوريتائين بابت چيو وڃي ٿو ته هو
پنهنجن مُڙدن کي کليل رکي ڇڏيندا هئا. ڊايو ڊورس
سائيڪيولس، سو پنجون.
هه.آ.ا.س.س.ر، 4-1903، ”بلوچستان ۾ گبربند“، از
هوز بلر.
هه.آ.ا.س.ي، نمبر 35: ”بلوچستان ۾ کوٽايون“، 1925
ڪلڪتو 1929.
هه.آ.ا.س.ي؛ نمبر 43: ”گيدروشيا ۾ آڳاٽن اهڃاڻن جو
گشت“، از سر آريل اسٽائين، (ڪلڪتو 1931)، ڀيٽيو
پگٽ، ”تاريخ جي زماني کان اڳ جو هندستان“، ص 70-69
(پيليڪن، 1950)
ت.س.ر.، جلد ستون، ص 3، 61.
هه.آ.ا.س.ي. نمبر 43: ”گيدروشيا ۾ آڳاٽن اهڃاڻن جو
گشت“، 1928، از سر آريل اسٽائين، ص 24، 25.
سر مارٽيمر ويلر، ”سنڌو تهذيب“، ص 7.
هه. آ.س.ي، نمبر 48: ”سنڌ ۾ چوک چڪاس“، از اين.
جي. مجمدار، باب ستون ۽ اٺون.
هه.آ.ا.س.ي ، نمبر 48: ”سنڌ ۾ چوک چڪاس“، از اين.
جي. مجمدار، ص 134، پليٽ 46.
بلانفورڊ، ”الهنديءَ سنڌ جي ارضيات“، ص 114، فٽنوٽ
2.
س.ت.ي.ر. جلد ستون، ڀاڱو ٽيون، ص 61-60.
ٿي سگهي ٿو ته مجمدار سنڌ جي جابلو ماڳن تان جيڪي
ڳاڙهي-تي-ڪاري رنگ وارا ٿانو لڌا هئا ۽ جن لي سنڌو
سڀتا سان واسطو رکندڙ ٻڌائي ٿو، تن کي پوءِ جا
عالم ڪنهن ٻيءَ تهذيب جي نالي ليکين ٿا.
مجمدار، ص 150.
مثال طور، نئنگ وٽ: ”جهونو هندستان“، جنوري 1949ع
”سنڌ ۾ وڌيڪ چوک چڪاس“، 1938.
”فن ۽ ادب“ (هندستان، پاڪستان ۽ سلون جي شاهي
سوسائٽي، لنڊن)،چوويهون، 1950، ص 54.
بلانفورڊ، ”الهنديءَ سنڌ جي ارضيات“، ص 114،
س-ت-س-ر، جلد ستون، ڀاڱو ٽيون، ص 43.
مجمدار، ص 2-120.
س-ت-س-ر، جلد ستون ڀاڱو ٽيون، ص 5-64،
عارب جي ٿاڻي
(Arab jo Thano)
۽ عثمان بٺيءَ وٽ ٽامي جون
ڇيڻيون لڌيون ويون هيون. مجمدار، 7-136، 141، 140.
چوءنري
(Chauro) وٽان مون کي هڪڙو چقمقي پهڻ جو ڪپ هٿ آيو هو، جيڪو پنجن
انچن کان وڌيڪ ڊگهو هو (سنڌ جي تاريخ واريءَ
سوسائٽيءَ جو عجائب گهر).
مثال طور، ڪرچات
(Karachat) ۽ شاهه-جي-ڪوٽڙي وٽ. مجدار، ص 131-129، 137.
مثال طور، ڌنڀ بٺيءَ وٽان. مجمدار ص 115.
مثال طور، نئنگ ۽ نوءنگ وٽ؛ س-ت-س-ر، جلد پنجون،
ڀاڱو ٻيون؛ جلد ستون، ڀاڱو ٽيون،
مجمدار، ص 7-115
هه-آ-ا-س-ي، نمبر 43: ”گيدروشيا ۾ آڳاٽن اهڃاڻن جو
گشت“، ازسر آريل اسٽائبين.
ٿرڙي گُجي کي لتاشن ميدانن ۾ نه ڳڻيو وڃي.”آمري“
جي زماني ۾ اهو گهڻو ڪري سمنڊ جي ڪپر تي هو.
رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي بمبئيءَ واريءَ شاخ جو
رسالو، جلد پنجون، (1857)، ص 342-349.
جهالاوان گزيٽيئر، ص 227.
هه.آ.ا.س.ر، ”بلوچستان ۾ گبربند“، از هوز بُلر، ص
200.
اها ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته نال سوهر
Sohr Damb
ڏنڀ وٽان جيڪي وٿون پهرين
پهرين هٿ آيون هيون، سي هوزبلر لڌيون هيون. ڏسو
هه. آ.ا،س.س.ر، 5-1904، بلوچستان مان لڌل نئين
نموني جا ڪنڀارڪا ٿانو.
ڏسو هندستان جي سروي وارو نقشو، پنو 368 (هڪ انچ ۾
ٻه ميل).
”لسٻيلا گزيٽيئر“، ص 175.
”جهالاوان گزيٽيئر“، ص 322. ”لسٻيلا گزيٽير“ ص
7-225 س-ت-س-ر-، جلد پنجون، ص 3-102.
مجمدار، ص 153. س-ت-س-ر-، جلد پنجون، نمبر 2، ص
102، ”جهالاوان گزيٽيئر“، ص 13، 323، 325 ”لسٻيلا
گزيٽيئر“، ص 128، 129، 133، 226.
آڳاٽن اهڃاڻن جي ڄاڻن موجب، هيءَ تهذيب جي
پهرين منزل آهي. ان زماني ۾ ٽڪيل پهڻ جا اوزار
۽ هٿيار ڪم آندا ويندا هئا. ان کان پوءِ ”نئون
پهڻ جو زمانو“ آهي، جڏهن پهڻ جا لسا ۽ جرڪايل
اوازار رائج هئا ۽ کاڌ خوراڪ جي پيدائش ۽ سادن
هنرن ۾وڏو واڌارو آيو هو. اڃا پوءِ جا زمانا
ترتيبوار ”ٽامي وارو زمانو“، ”ڀنگار (ٽامي ۽
قعليءَ جي گاڏڙ ڌاتو)
”وارو زمانو“ ۽ ”لوههارو زمانو“ اچن ٿا، جن ۾
ماڻهو پنهنجن اوازرن وغيره لاءِ اهي ڌاتو ڪم
آڻيندا هئا. اڄوڪو زمانو ”ڪلن جو زمانو“ به
آهي ۽ ”ائٽم جو زمانو“ ۽ ”پولار جو زمانو“ به
-مترجم
يعني هرڪيوليز، يونان جو ديومالائي سورمو،
جو پنهنجيءَ زبردست طاقت ۽ پهلوانيءَ جي ڪمن
کان مشهور آهي. مترجم
|