سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ هڪ عام جائزو

باب:

صفحو: 3

  

 

(3)

سنڌ جا ميدان ۽ سنڌوندي

جيڪڏهن اسين، ويهين صديءَ جي هن ٻئي اڌ ۾، سنڌ اندر سياري جي  شروعات وقت، سنڌو نديءَ جي هيٺينءَ ماٿريءَ جي ان ڀاڱي ۾، جنهن کي دائمي واهه آباد ڪن ٿا، منزل ڪري، چوڌاري نظر ورائينداسون، ته اسان تي جيڪو تاثر ويهندو، سو شڪ ناهي ته ملڪ جي بي انت سرڇائيءَ جو هوندو. اسان جي نگاهه ڪچيءَ ڪڻڪ جي تازيءَ چهچ ساواڻ تان ٿيندي، جوئر جي نئين لڻيل ٻنين جي سونهري ڪانگڙ تي پوندي ۽ اتان وري وونئن جي فصل تي پوندي، جيڪو پوئين چونڊي تي هوندو ۽ جنهن جا ڦٽل گوگڙو برف جي ڇاٽ جيان جهرڪي رهيا هوندا. ڪڙين جي سنوت ۾ نهاريو ته ڪئين گهر ۽ ديرا ٻٻر جا جهنگ، ۽ واهن تي ڇاتو ڪندڙ اُڀا وڻ ڏسڻ ۾ ايندا ۽ اسان کي ياد ايندو ته اهو نظارو ذري گهٽ ٽي سو ميل ڊگهي ۽ ٽيهن کان اسي ميلن تائين ويڪريءَ ايراضيءَ تي اهڙو ئي ڦهليل آهي. اها ايراضي پنهنجي قدرتي حالت ۾، جڏهن انساني هُنر ان کي ڇهيو نه هو، تڏهن ڪيئن هوندي، تنهن کي خيال ۾ آڻڻ لاءِ چڱي چوکي دماغ سوزي ڪرڻي پوندي.

تحقيق، آباديءَ جي انهيءَ سمنڊ ۾ ”ريگستاني ٻيٽ“ به آهن: واريءَ جا دڙا، آبپاشيءَ جي پهچ کان مٿي غير آباد زمين جا ٽڪرا، انهن کان هيٺ ڀرو جهنگ سان ڇانيل هيٺ مٿانهان ٽڪرا،  پراڻيءَ سنڌ جي سچي تصوير ڏسڻ لاءِ اسان کي بئراجي علائقي کان اڳتي وڃڻو پوندو. اُتي اسان کي زمين توڙي پاڻيءَ جا اهڙا ڪيئي کليل وستار نظر ايندا، جيڪي ايامن کان سنڌ جي خاصيت رهيا آهن. جاتيءَ جي ڪلراٺن پٽن جي آرپار، يا وري پر ڳڻي جي ٻئي ڇيڙي تي، شهداد ڪوٽ ”پٽ“ جي ساوڪ کان بنهه وانجهيل آهن، اُتي زمين جو ڪُٻ ائين نروار آهي. جيئن ماٺي سمنڊ تي. ٻين هنڌن تي پڻ نظر سڌي وڃيو افق تي پوي: وڻ ٽڻ يا ٻي ڪا شيءَ، جا نظر کي رنڊائيندي، تنهن سان پڻ نظاري جي لس ۽ سڃ هيڪاري نمايان پيئي ٿيندي. سنڌو به ڦوهه ۾اهڙو ئي ڏيک ڏئي ٿي. پوري چاڙهه وقت اها ماڻهوءَ جي ٺاهيل بچاءَ بندن اندر ڏهه ڏهه ميل ويڪري ٿيو وڃي ۽ ڊيلٽا جو وڏو ڀاڱو ٻوڙيو ڇڏي، تڏهن به مٿس پُراڻو نالو- مٺو دريا- سونهي ٿو. روهڙي ڊويزن ۾ بي ڍنگا گاهه جا ميدان، ڪچي ۾ لئين جا بي انت جهنگل، ڪانهن سان ڇانيل ڍنڍون، اهي سڀ پڻ سنڌ جا عام نظارا آهن. تحقيق، اسان جي ڪالهوڪيءَ سنڌ جو مرڪ هوئي بيجا ڦهلاءُ ۽ اٿاهه سُڃ. هاڻ ٻنهي کي آبياشيءَ جي واهن جي سائنسي ڄار هيٺ مطيع ڪيو پيو وڃي.

موجوده يڪرنگيءَ کي برابر قدرتي نباتات جي رنگارنگي سڌاري ٿي. قدرتي نباتات ۾فرق ان ڪري آهي، جو زمين ڪيترن ئي قسمن جي آهي. هڪ پاسي ”پڪو“ آهي، يعني پراڻي لٽ وارا ٽُڪرا، جن کي ڪڏهن درياهه جون شاخون يا اٿلون رجائينديون هيون ۽ هاڻ انهن تائين نٿيون پهچن: پڪي جي زمين ايتري ته سخت ۽ نهري ٿئي ٿي، جو گهوڙو هلندس ته واڄٽ پيئي ڪندي. ان کي ڪچي جي زمين کان ان جو هلڪيرو رنگ الڳ ڪري بيهاري ٿو. اهو رنگ، جيئن اسين اڳتي هلي ڏاسنداسون، ان کي ٽڪرين کان ملي ٿو. اتي اسان کي گدلي ڪنڊن ڀريل ڪنڊي، ڪرڙ يا بي پن لاڻا ۽ ٻيريون نظر اينديون، جو اها وڻڪار نالي ماتر مينهن تي به تڳي سگهي ٿي.

ٻئي ڇيڙي تي وارياسو آهي-ڇڙوڇڙ ميرانجهڙي واري ۽ ان سان لاڳاپيل هلڪي زمين، ذري گهٽ اڇي ۽ بناوت ۾ اهڙي نفيس، جو پير لڳڻ سان اٽو ٿيو وڃي. سنڌ جي مشهور ڌُوڙ، جا ايتري اهنج جو ڪارڻ بنجي ٿي، سا پڻ ان مان ئي پيدا ٿئي ٿي. وارياسي جا خاص ٻوٽا آهن: کپُ جيڪا ذري گهٽ بي پن ۽ ڏانڊين واري ٿئي ٿي ۽ ڪُجهه ڪجهه الهندي يورپ جي هڪڙي پيلن گلن واري بُروم (broom) نالي ٻُوٽي جهڙي ٿئي ٿي. ڦوڳ جيڪو بي پن شاخن جي ڄڻ ته نازڪ نازڪ ڄاري ٿئي ٿو، ۽ اڪُ جيڪو تندن وارين ۽ ڦهليل ڏانڊين تي ويڪرن پنن وارو هڪ ٻوٽو آهي. اها هلڪي نرم زمين گهڻي گونا گون نباتات کي تاتي ٿي ۽ ان ۾ جتي پاڻي ٿئي ٿو، اتي ته پاڻ جهجي ۽ جام نباتات ٿئي ٿي.

سنڌ جي هڪ ٻي خاصيت اُتي جي ڪلر واري زمين آهي، جنهن ۾ حد کان وڌيڪ لُوڻ ٿين ٿا. ان جي بناوت ۾ لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو سوڊيم سلفيٽ ٿئي ٿو. ان زمين ۾ جا رنگ جي ذري گهٽ ڪاري ۽ چيڙهالي ٿئي ٿي. ڪا نباتات ڪانه ٿئي، پر گهاٽي ڳاڙهي وچولي ڪلر ۾ سلوا ڊورا جا ڪيترا قسم-سنڌي کٻڙ وغيره-عام ٿين ٿا، خاص هيٺينءَ سنڌ ۾. اُتر  ۾، ساڳيءَ بناوت واري ڪلر ۾ اسان کي جهنگلي نير ۽ ٻيا ننڍا ٻوٽا ملن ٿا. اهي زمينون ڏسڻ ۾ ٻسيون ۽ اُجڙ ٿين. زير زمين پاڻي ڪلراٺي زمين جي مٿاڇري تائين چڙهندو ته اڪثر پاڻ سان لوڻ به کنيو ايندو، جي پاڻيءَ جي سُڪڻ سان ڳتجيو وڃن ۽ شفاف ڦليار پيدا ٿيو پوي، جا ٻوٽن جي اوسر لاءِ سخت هاڃيڪار آهي. پروفيسر پگٽ ان کي ”برف جي شيطاني مذاق“ سڏي، ان جي نهايت مناسب تشبيهه ڏني آهي: پر سچ ته ڪلر اڀامڻ جو وقت ۽ اڪثر ڪري زمين جي ڏنگ کي واهن جي پاڻيءَ سان ٺاري سارين پوکڻ جو وقت به ساڳيو هوندو آهي. اهڙيءَ زمين جو وري آباديءَ لائق ٿيڻ تڏهن ئي ممڪن ٿئي ٿو، جڏهن ڪلر گهڻو هيٺ تائين موجود هجي ۽ ريج جي پاڻيءَ سان گڏ مٿي اُڀري نه سگهي.

ڪلر کي ڇڏي ڪچي ڏي اچڻ سان ڄڻ ته اکيون ٺريو پون، اهو ڪچو، جنهن کي هر تازي ٻوڏ راٻو ۽ گپ ڪري ڇڏيندي آهي. هيءَ زمين حيرتناڪ حد تائين زرخيز آهي. پاڻيءَ جي لهڻ کان مهينو ٻه پوءِ سنڌوءَ جي ڀر ۾ نروار ٿيل لَٽَ جا پوٺا اڪيچار مير سان ساوا ئي ساوا لڳا پيا هوندا، جنهن جو ٻيجو ڀر وارن جهنگن کان لڙهي آيو هوندو، ۽ جيڪڏهن اها مور ايندڙ ٻوڏن ۾ لڙهي نه ويئي ته سال کن ۾ اُتي ننڍين ننڍين لئين جو گهاٽو جهنگ لڳو پيو هوندو. واهن جي رجايل علائقي جي ڀلي ۾ ڀلي زمين، جنهن کي پڻ سنڌوءَ جو ٿورو لٽ هر دم نوبنو ڪندو رهي ٿو، سا اُپت ۾ ڪچي جي ڀلي ۾ ڀليءَ زمين سان ورلي ئي پڄي سگهندي ڇو ته تمام ڀليءَ زمين کي ڇڏي، پڪي جون باقي سڀ زمينون هر مند ۾ فصل کڻڻ جي ڪري ڍليون ٿينديون وينديون آهن.

سنڌوءَ جي تر ۾ زمين جا مکيه قسم اجهي اهي آهن. اِن زمين جا ويهه هزار ميل چورس ڏسڻ ۾ بلڪل سڌا آهن، پر حقيقت ۾ ٻٽيءَ لاهيءَ وارا آهن: سنڌو نديءَ جي عام رخ جي موافقت ۾ ڊگهائي ڦاڪ واري لاهي، ۽ ساڳيءَ چوٽيءَ کان پهرينءَ لاهيءَ سان گوني ڪنڊ تي ٻي پر گهٽ باقاعدي لاهي. زمين جي سطح جي اها ترتيب ندين جي وهڪري جي ٽئين مکيه ڀاڱي يعني انهن جي پڇڙين وارن علائقن لاءِ مخصوص هوندي آهي. اهو اهڙين ندين جي ٻن خاصيتن جي ڪري ٿئي ٿو: پهريون ان ڪري جو سندن پيٽ ۾ ايتري گنجائش نه هوندي آهي، جو گهڻي کان گهڻو سيلابي پاڻي کڻي سگهن؛ ٻيو ان ڪري، جو سندن پاڻيءَءُ ۾ لٽ جو وڏو انداز رڪجي وڃي ٿو.

ڪو وڏو ارضياتي زمانو ناهي گذريو، جو جتي هاڻ اُتر اولهه هندستان جا پٽ ۽ گنگا جي ترائي آهن، ان جي وڏي حصي تي سمنڊ هوندو هو. ٽرشري زماني ۾ ڀر وارين ٽڪرين جي نروار ٿيڻ تي نيون نديون وجود ۾ آيون، جن پراڻين سان گڏجي، اُها زمين رجائڻ شروع ڪئي، جتان سمنڊ پٺتي هٽندو ٿي ويو. سمنڊ جو اهو پراڻو پيٽ هاڻ لٽ جي دڙن سان ڀريل آهي، جيڪي هزارين فٽ اوچا آهن. اهو لٽ سڄي جو سڄو ندين جو آندل آهي. اهي نديون ٽڪرين منجهان نڪرنديون، زور سان وهنديون، ٽڪرين کان هيٺ واري پٽ کي، جيڪو ڪجهه ڪجهه اُنهن جي ٻاهرين پاسن جي لٽ مان ٺهيل ٿئي ٿو، اونهو کرڙينديون، سندن عام مٿاڇري کان ڪيترائي ميل اڳتي وهنديون هيٺڀرو هليون وڃن ٿيون. نديءَ جي وهڪري جو هيءُ ٻيو مرحلو آهي، جنهن ۾ اڃا به ايترو لاهه ٿئي ٿو، جو سندن وهڪرو هر مند ۾ ڇوهه وٺي سگهي ٿو. انهن ندين زمين کي کرڙي کرڙي ڪيئي ميل ويڪرا پيٽ، جن کي کڊر (Khadir) سڏيو وڃي ٿو، ٺاهيا آهن، جن جي اندر اهي هر گهڙيءَ ور وڪڙ کائينديون وهنديون رهن ٿيون. هو ڏانهن، هڪڙيءَ نديءَ ۽ ٻيءَ جي وچ ۾ مٿانهين پٽ جو ڊگهو پوٺو يعني ”ڀنگر“ ٿئي ٿو. پنجاب جو اتر اوڀر وارو اڌ انهيءَ شڪل جو آهي. مهٽ سهٽ ۾ پاسن جي کاڌ جي ڪري لٽ جو وڏو انداز پاڻيءَ ۾ ملي وڃي ٿو، جنهن ڪري ندين جي رفتار گهٽجي وڃي ٿي، سندن ترو مٿي ٿي وڃي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت سندن رخ ڦيرائڻ وارو لاڙو جهڪو ٿي وڃي ٿو، ۽ ان ٽئين مرحلي ۾ اهي نديون پنهنجي پسگردائيءَ واريءَ زمين جي مٿاڇري کان گهڻو هيٺ نه وهنديون آهن، جيئن سنڌو نديءَ جي صورتحال سنڌ ۾ آهي.

انهن ندين ۾، هماليا جبل جي ڪجهه برف ڳرڻ ۽ هيٺين ڇپرن ۾ برساتن پوڻ جي ڪري، چاڙهه چوٽ تي پهچيو وڃي ۽ منجهن پاڻيءَ جو هڪرو عام مند جي ڀيٽ ۾، وڌيو ويهوڻ کان چاليهوڻ ٿيو وڃي، ساڳيءَ طرح، سندن ويڪر وڌيو ڏهوڻ کان ويهوڻ ٿيو وڃي ۽ سندن وهڪري جي رفتار ٿڌيءَ مند واريءَ رفتار کا ٻيڻي ۽ منجهن لٽ جو بار ٿڌيءَ مند جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو به ٿي سگهي ٿو. سندن پراڻا پيٽ (Khadir) ڪنن تائين ڀرجي سگهن ٿا، پر وڏي ۾ وڏو چاڙهه به پوٺي جي اُوچن ڪنارن کي اورانگهي نه سگهندو، البت پائي سگهي ٿو. پڇڙيءَ واريءَ ايراضيءَ ۾ نديءَ جو پيٽ چاڙهه لاءِ پورو نٿو پوي ۽ لڙاٽيل پاڻي ٻنهي پاسن کان اُٿلي، ملڪ ۾ ڪاهيو پوي. ان مرحلي تي ان جي رفتار ڪافي گهٽجي وڃي ٿي، ۽ لٽ جو اندازو پڻ. پهرين سڀني ۾ گهٽ ڳرا ۽ ڪُندن وار ذرڙا، پوءِ گهٽ ڳرا ذرڙا، تان جو سڀني ۾ ننڍا ذرڙا، واٽ تي سٿبا ويندا، ۽ اٿل جيئن جيئن درياهه کان پري ٿيندي ويندي واٽ تي رهجي ويندڙ لٽُ به تيئن تيئن گهٽبو ويندو. اهو سلسلو جيئن جاري رهي ٿو، تئين ملڪ جي مٿاڇري تي درياهه کان هيٺ ايندڙ جهڪيون جهڪيون لاهيون ٺهنديون وڃن ٿيون، ۽ درياهه ڪنهن اڻ-لٽاشي نديءَ وانگر ماٿريءَ جي سڀ کان هيٺانهين ڀاڱي منجهان وهڻ جي بدران هڪ ويڪري سنڌرَ (Ridge)  تان وهڻ لڳي ٿو. دير يا سوير درياهه ان سنَڌرَ مٿان پاڻ لاهي ويندو، ۽ ڪو نئون پيٽ ٺاهي، وڃي اتان وهندو، ان نئين ٻيٽ سان به تري مٿي ڪرڻ ۽ سنڌو ٺاهڻ وارو ڍلو عمل وري شروع ٿي ويندو؛ پراڻي ۽ نئين چڙهيل پٽن جي وچ ۾ ماٿري جڙي ويندي ۽ آخرڪار درياهه ان ۾ ڌوڪي پوندو ۽ ان کي به مٿي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو.

اهڙيءَ ريت، سڄي ملڪ جو مٿاڇرو، سنڌوءَ جيڪي دڳ وقت بوقت ورتا آهن، تن موجب ايامن کان وٺي مٿي ٿيندو رهيو آهي: جن ڍورن کي لٽاشو پاڻي باقاعدي ملندو رهي ٿو، سي ان پاڻيءَ جي بند ٿيڻ تي هوريان هوريان لٽجي وڃن ٿا. جي ڍورا وڌيڪ پري ٿين ٿا، سي اُن پاڻيءَ سان ڀرجن ٿا، جنهن جو لٽُ اڳيئي ڇنڊجي ويل هوندو. عام لاڙو اهو آهي ته جيڪي هيٺيانهيون مٿانهيون نروار ٿين ٿيون، سي وري کاڄيو کاڄيو نڪريو وڃن. بهرحال، سنڌ جي ميدان مان آرپار گذريو ته هڪ ٻئي پٺيان اهڙا ڪيئي کاڌل ”سنڌو“ ۽ انهن جي وچ ۾ تراکيل ”ماٿريون ملنديون، توڻي جو اهي ائين آسانيءَ سان نظر نه اينديون ڊگهائي ڦاڪ جي لحاظ کان، سمنڊ ڏانهن لاهي عملي طرح يڪسان ۽ موافق ملندي.

سنڌوءَ ۾ ڦاٿل لٽ جو وڏو حصو ته برابر وهڪري سان گڏ هيٺ لُڙهي ويندو آهي. پر ان جو وڏو انداز پيٽ ۾ ئي دڙين جي شڪل ۾ رهجي وڃي ٿو، جن جي ڪري، جيئن اڳيئي بيان ٿي چڪو آهي، پاسن تان اٿل جون ڇنڊڻيون ٺهنديون آهن، اهي آبڪلاڻيءَ ۾ نوان مکيه ڦاٽ ٿي ڪم اچي سگهن ٿيون، جڏهن ته پراڻا ڦاٽ اوراٽجي وڃن ٿا. اهڙيءَ ريت، درياهه جو رُخ ۽ ڦهلاءُ تفصيل ۾ مٽجي وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت، پيٽ ۽ ڪنڌين جي مٽيءَ جي حالت سموري لهواري وهڪري دوران لاڳيتي ڦرندي رهي ٿي. ردياهه کي پنهنجي رفتار پنهنجي پيٽ ۽ ڪنڌين جي سهڻ-سگهه موافق رکڻي پوي ٿي. ۽ جتي مٽي سولي ڀُري ويندڙ هوندي، اتي ان کي پنهنجو وهڪرو تراکڙو ڪري رفتار ٺاهڻي پوندي. درياهه کي پنهنجي وهڪري کي ائين هيڪاري ڊگهو ڪرڻو پوي ٿو ۽ ان لاءِ ائين وهڪري کي ڊگهي ڪرڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي، جو آهي ورن وڪڙن کي وڌائڻ جو.

انهن لاڳيتن مڪاني ڦير ڦارين ۽ ڀڃ گهڙن جي برخلاف، جڏهن به درياهه کي گهوڙي جي فعل جهڙي وڪڙ کي ڀڃي سڌو وهڻو پوي ٿو، تڏهن اهو پنهنجي ڊيگهه قائم رکڻ لاءِ ساڳيءَ ڊيگهه جو نئون وڪڙ ٺاهي ٿو- سنڌوءَ جو پختو لاڙو پنهنجي عام رُخ ۽ وهڪري قائم رکڻ ڏانهن آهي. ايامن جا ايام اها پنهنجي ڪَنَڊي جي ٻنهي پاسي پنجن ڇهن ميلن کان وڌيڪ پري نه ويندي. درياهه جي پاسن کان وڏي انداز ۾ پاڻيءَ جو اٿلڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. پنهنجي قدرتي حالت ۾ به درياهه اها لپٽ ڪندو رهندو هو ۽ ائين ڪري ان پنهنجو رُخ ورلي ئي مٽايو هوندو. دراصل اڳي انهن واٽ وارين اٿلن جي ڪري سنڌوءَ ۾ وهندڙ پاڻي سمنڊ ڏانهن ويندي جيئن پوءِ تيئن گهٽبو ويندو هو.

سنڌ ۾سنڌوءَ جي هاڻوڪي وهڪري جي سڀ کان وڌ مکيه خاصيت آهي ان جو سکر وٽ چن پٿر جي هيٺانهين ٽڪر منجهان لنگهه اهو ٽڪر سکر کان ميل ٻه اُتر-اولهه ۾ شروع ٿي، روهڙيءَ وٽان لنگهندو، چاليهارو ميل ذري گهٽ سڌو ڏکڻ طرف هليو وڃي ٿو. درياهه ٽڪر منجهان هڪ چور لڪ پار ڪري لنگهي ٿو، ان چورلڪ جي منهن وٽ بکر جو ٽاڪرو ٻيٽ آهي. بکر کان هيٺ ۽ ساڌ ٻيلي واري ٻيٽاريءَ کان مٿي درياهه جو پيٽ اورار کان پرار تائين ڇڙا ڇهه سوء وال آهي. انهيءَ وٿيءَ کان اوڀارو درياهه جي پيٽ جي ويڪر وڌ ۾ وڌ آهي ۽ درياهه اُتي ٻارهن ميلن جي پکيڙ وٺي ٿو (1). پهرينءَ نظر ۾ اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته درياهه آخر ڇپن جي ان سوڙهي لنگهه منجهان ڇو ٿو وهي، جڏهن ته رڳو ٻه ميل اُتر طرف ڪيئي ميل ويڪرو لٽاشو پٽ پيو اٿس. جيڪو نسبتاً وڌيڪ هيٺانهينءَ وارو به آهي ۽ جتان لنگهي اهو هيٺ پنهنجي موجوده وهڪري سان ملي به سگهي ٿو. اهو نه ته ٻيو دڳ به اٿس. چور لڪ کان مٿي اهو پنهنجي کاٻي پاسي واري رخ کي ڦهلائي، اهڙي ميدان منجهان وهي سگهي ٿو، جيڪو لاهيارو وڃي. ناري ماٿريءَ ۾ پوي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت روهڙيءَ واري ٽڪر جي اوڀر کان لنگهي سگهي ٿو. ان انهن پاسن ڏي بي انداز پاڻي نيڪال به پئي ڪيو آهي: تنهن هوندي به اُهو گذريل ستن صدين (پختي تاريخي ثابتيءَ موجب) ۽ شايد اڃا وڌيڪ مُدي کان بکر واري چور لڪ منجهان وهندو رهيو آهي.

انهيءَ سوڙهي پيٽ سان درياهه جي وفاداريءَ جو سبب ان چور لڪ جي ڪشش واري سگهه آهي. ان وٿيءَ جو  ترو چاڙهه واري مٿاڇري کان ڪي ساٺيڪو فٽ هيٺ آهي، يعني ان کان وڌيڪ اونهو، جيترو ٿورو اڀاري درياهه جو ترو آهي. هت اسان کي پاڻيءَ جي مٿاڇري جي قدرتي گهٽ واڌ کي نه ٽٽندڙ زنجير ڪري سمجهڻو پوندو، جا اجهل طريقي ان چور لڪ منجهه ڇڪجيو وڃي ٿي. پر اهو سوال پنهنجي جاءِ تي آهي ته نيٺ به سنڌوءَ اها واٽ ورتي ڪيئن؟ ڌرتي علم جو ڄاڻو، آر،.ڊي. اولڌام، ان جي سمجهاڻي اجها هيئن ڏئي ٿو: ”قديم زماني ۾ سنڌو خيرپور وارين ٽڪرين جي چوڌاري جيڪو ميدان آهي، اُتان لنگهندي هئي ۽ ان جو پيٽ لٽ جي گڏ ٿيڻ سبب مٿڀرو ٿيندو رهندو هو. انهيءَ عمل جي پوئين مرحلي ۾، پر موجوده حالتن جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ، اها پنهنجي هاڻوڪي وهڪري جي اوڀر ۾ وهڻ لڳي ۽ اتي زمين جو مٿاڇرو مٿي ڪري اولهه کان وڃي نڪتي. تيستائين اُن جي لٽ جو مٿاڇرو ايترو مٿي ٿي ويو هو، جو اهو خيرپور ٽڪرين ۾ روهڙيءَ وٽ هڪ وٿيءَ سان هڪ سطح تي اچي بيٺو. جيئن ته انهن ٽڪرين جي ڏکڻ ۾ مٿيل لٽ جو مٿاڇرو اتر واري مٿاڇري کان شايد گهڻو گهٽ هوندو، سو سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي هڪوار، جو انهيءَ وٿي منجهان دڳ مليو، ته ان ستت ئي دائمي طرح اتان وهڻ شروع ڪري ڏنو“. (2) يعني چور لڪ جي تري کي تيز وهڪري سان کرڙي کرڙي وڌيڪ اونهي ڪرڻ سان.

اولڌام اهو نٿو ٻڌائي ته بکر واريءَ وٿيءَ منجهان لنگهڻ کان اڳ سنڌوءَ سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ ڪهڙو دڳ ورتو هو. آءُ اڳتي هلي ان سوال جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. انهيءَ وچ ۾ اسين پنهنجو ڌيان درياهه جي هيٺين وهڪري ڏانهن ڦيرائي سگهون ٿا.

سائنسي لحاظ کان لٽاسين ندين جي وهڪري جي ٽين مکيه ورڇ ڊيلٽا واري آهي ۽ سنڌ قدرتي طرح سڄي جي سڄي انهيءَ وچ ۾ اچي ٿي. سنڌوءَ لاءِ طبعي طرح اڃا به ممڪن آهي ته پرڳڻي جي اترين حد جي ويڪرائي ڦاڪ کان گهڻو مٿي ٻن شاخن ۾ ورهائجي، سمنڊ ڏي وڃي، ۽ آڳاٽي زماني ۾، جڏهن هاڻوڪي زمين جي گهڻي ڀاڱي تي سمنڊ هو، تڏهن سنڌو لاشڪ ائين ئي ڪندي هئي. تاريخي زماني ڏانهن ايندي، اسان سنڌوءَ کي ورهاڱي جي هاڻوڪي هنڌ کان ڪي سو ميل مٿي ۽ تڏهوڪي سامونڊي ڪپر کان بظاهر ايتري ئي پنڌ تي ٻن شاخن ۾ ورهايل ڏسون ٿا. سنڌوءَ جهڙي لٽاشي درياهه جو ڊيلٽا، ٿلهي ليکي، اُتي ٺهندو آهي، جتي ان جي پاڻيءَ کي سمنڊ جي جهل ٿيندي آهي. اهو ته ٿي نٿو سگهي ته سمنڊ جو اهو اثر ان هنڌ تائين ڦهلجي ويندڙ هجي، جنهن هنڌ درياءُ انهن سو سو ميل ڊگهين شاخن ۾ ورهائجي ويو ٿي. اهي شاخون ان ڳالهه جو مثال هيون ته شروعات وارو تشڪيلي اثر ڪڏهوڪو هٽي چڪو هيو ۽ سچ پچ ته گهڻو هيٺ، شايد ٻنهي هاڻوڪين شاخن جي منهن تائين ئي اهو جاري هو، پر ته به پراڻو نمونو به ڪافي مدت اهو ئي قائم بيٺو رهيو. اهڙيءَ ريت، هڪڙي وڏي بيڪار ڊيلٽا سان گڏوگڏ هڪ يا وڌيڪ ننڍا سرگرم ڊلٽا ساڳئي وقت موجود رهي پئي سگهيا.

جيئن ته نئين ڊيلٽا کي پراڻي ڊيلٽا کان، نالا ڏيئي، ڌار ڪرڻ عملي طرح ممڪن نه آهي، آءُ پڙهندڙ کي ٻنهي جي  وچ ۾ جيڪو مکيه فرق هو، سو ياد رکڻ لاءِ چوندس: پُراڻي وڏي ڊيلٽا ۾ درياءَ جي شاخن جي وچ واري زمين ان جي پاسن يا مٿان واريءَ ٻيءَ زمين کان ڪنهن به لحاظ کان مختلف نه هوندي، پر نئين يا سرگرم ڊيلٽا جي زمين هر دم ليٽ جو شڪار هوندي، ٻوڏن وقت بنهه ٻڏي ويندڙ هوندي.

سرگرم ڊيلٽا درياهه ۽ سمنڊ جي وچ ۾ چٽاڀيٽيءَ جو ميدان ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ نئين زمين سرجندي رهي ٿي. درياهه جو پاڻي، سمنڊ کي آڏو ايندو ڏسي، لڳ ڀڳ وڃڻي جي شڪل ۾ ڦهلجي وڃي ٿو ۽ پاڻ سان آندل گپ سٿيندو رهي هو، تان جو زمين ٺهي پوي ٿي، جا هوريان هوريان سمنڊ جي سطح کان مٿي ٿيندي وڃي ٿي (3). ڊيلٽا جيئن جيئن اڳتي وڌندو، درياهه جي پيٽ ۽ مٿاڇري جي لاهي تيئن تيئن هري هري گهٽ ٿيندي ويندي، ڇو ته ان جي ڀيٽ جي ڊيگهه وڌندي، هوڏانهن سمنڊ جي سراسري سطح ساڳي ئي رهندي. جنهن لٽ منجهان اها نئين زمين جڙي ٿي، سا خاص ڪري ڪنُنري ٿئي ٿي، ڇو ته ان ۾ درياهه ۾ لڙهي آيل لٽ جا ننڍي ۾ ننڍا ذرڙا ٿين ٿا، وڏا ۽ ڳرا ذرڙا اڳين منزلن تي ڇنڊجي رهجي وڃن  ٿا. انهن سببن جي ڪري، ۽ سنڌوءَ جي حالت ۾ سمنڊ طرفان ڀرتيءَ وقت مدافعت وڌڻ جي ڪري پڻ، درياهه اوس شاخون ڪرڻ لڳندو، جي پاڻ دوشاخيون ٿي وينديون ۽ لٽ سمنڊ ۾ اُڇلائينديون وينديون ۽ وڃڻي جي شڪل واري سامونڊي دڙي جي پکيڙ وڌائينديون وينديون اهو دڙو هوريان هوريان سمنڊ جي پاڻيءَ منجهان ٻاهر نڪرندو ايندو.

سنڌوءَ جي ڊيلٽا ۾ درياهه جون سڀ شاخون سنڌو ٺاهي پڻ مٿي ڪنديون وينديون آهن، ساڳئي لٽ جي گڏ ڪرڻ واري عمل سان، جنهن جي تشريح لٽاشن درياهن جي هيٺين وهڪري جي سلسلي ۾ اڳيئي ٿي چُڪي آهي. هتي تَرو نسبتاً تڪڙو مٿي ٿو، ڇاڪاڻ ته جڏهن به اهي شاخون تار هونديون، (۽ نه رڳو چاڙهه واريءَ مند ۾) تڏهن ويرين جي دٻاءَ جي ڪري اهي ڪنڌين کان اٿلي هلنديون ۽ ڀري واريءَ زمين کي ٻوڙي ڇڏينديون. درياهه جي انهن شاخن جي وچ ۾ جيڪو هيٺانهون پٽ ٿئي ٿو،  سو ليٽ جي پاڻيءَ لاءِ قدرتي ذخيري جو ڪم ڏئي ٿو. اهي ذخيرا ويرين جي آلڙ وقت خالي ٿيو وڃن، ۽ ڪجهه پاڻي موٽي شاخن ۾ وڃيو پوي ۽ سندن پائڻ واريءَ سگهه کي وڌايو ڇڏي. اهڙيءَ طرح اهي شاخون نهايت ئي ناپائدار ٿين ٿيون، ۽ ڊيلٽا جو ڪم به نقشو ٺاهبو ته اهو سال ٻن جي اندر بيڪار ٿي ويندو.

نباتات ڊيلٽا جي ڪچيءَ زمين کي پڪو ڪري، سنڌوءَ جي ٻوڏ ۽ چوماسي جي سمنڊ جي کاڌ جي حملن کان بچائڻ جو ڪارگر ڪم ڪري ٿي. مٿيئن ڀاڱي ۾ مُلڪ لئين جو مور سان ڇانيل ٿئي ٿو ته هيٺتي پَن ۽ ڊڀَ پنهنجين پري تائين ويندڙ پاڙن سان ڌرتيءَ کي ٻڌل رکن ٿا. ڪپر جي ويجهو وير جي کارين ۽ لوڻ جي سنن ۾ تمر وڻ جي ڪثرت ٿئي ٿي. هن تر جهڙي قدرتي طرح ڀلي ۽ زرخيز زمين سنڌ ۾ ٻيو ڪٿي به ڪانهي، پر آبهوا غير صحتمند اٿس، ان ڪري اتي رهڻ توڙي پوکي راهي ڪرڻ بلڪل جوکائتو ڪم آهي. ٻيلن جي هڪجهڙائيءَ ۽ زمين جي سڌي سنوت جي ڪري هن علائقي ۾ هڪ عجيب قسم جي يڪساني پيدا ٿي پيئي آهي.

وڏي دلچسپيءَ واري ڳالهه درياهه جي ڊيلٽائن ٺهڻ جي رفتار آهي، يعني هڪ خاص مدت اندر ڪيتري زمين سمنڊ ۾ حد دخلي ڪري ٿي. انهيءَ ڏس ۾ کوجنا جي شروعات نيل نديءَ سان ٿيل ڏسجي ٿي (4). نيل جو کوجنا وارن جي انگن اکرن سان ڀيٽڻ معلوماتي ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ جو ٻيئي لٽاشيون نديون آهن ۽ پنهنجي وهڪري وغيره ۾ وڏي مشابهت رکن ٿيون، جيتوڻيڪ هونئن چڱو خاصو فرق به اٿن.

نيل ماٿري اسوان وٽ ”پهريئن آبشار“ کان وٺي قاهري وٽ ڊيلٽا جي منهن تائين اٽڪل 525 ميل ڊگهي آهي، پر ويڪر جي سراسري رڳي چار ميل اٿس ۽ رڻ جي ”ڇپئن“ جي وچ ۾ وڌ ۾ وڌ پندرهن ميل موڪري ٿيندي. نيل انهيءَ سوڙهي پٽي اندر لڏندي لمندي، سنڌوءَ جيان پنهنجي ئي مندائتي ليٽ مان ٺاهيل سنڌرن تي وهي ٿي. نيل جي سالياني ليٽ سنڌوءَ جي اُٿل کان گهڻي وڌيڪ نيمائتي ۽ وقتائتي آهي. ان ۾ پاڻيءَ جو  وڌ ۾ وڌ سراسري وهڪري گهڻو گهٽ آهي: 4 لک مڪعب فٽ في سيڪنڊ جي ڀيٽ ۾ 3 لک مڪعب فٽ سيڪنڊ. اهو فرق ٻوڏن وقت پاڻي ۾ لٽ جي نسبت جي لحاظ کان ته هيڪاري وڌيڪ آهي: سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي 327 پتين پويان هڪ پتي لٽ جي هوندي آهي، جڏهن ته نيل ۾ اها نسبت 666 پتين پويان هڪ پتي آهي (5).

ڪٿ ڪئي ويئي آهي ته سنڌو، ٻوڏ جو سو ڏينهن ۾، لٽ جا ڪي 11 ڪروڙ 90 لک مڪعب  وال سمنڊ ڏي کڻي هلي ٿي، جڏهن ته نيل لاءِ سڄي سال جو انگ، ٿلهي ليکي، 4 ڪروڙ مڪعب وال آهي. ان مقدار سان زمين جا ترتيبوار 38 چورس ميل ۽ 13 چورس ميل هڪ وال ٿلهي لٽ سان ڍڪجي ويندا (6). ان مان ظاهر آهي ته ٻنهي ندين جي ڊيلٽائن جي اوسر لاءِ جوابدار ٻيون ڳالهيون برابر هُجن، ته سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي وڌڻ جي رفتار نيل کان ٽيڻي بلڪ اڃا به سرس هوندي. حقيقت ۾ اهو فرق عربي سمنڊ جي زور دار ويرين جي ڪري ڪجهه گهٽ ٿي وڃي ٿو، خاص ڪري چوماسي جي مند ۾، جا سنڌوءَ جي آبڪلاڻيءَ واري مند سان ٺهڪي اچي ٿي. ڀونوچ سمنڊ ۾ ويرون ٿين ئي ڪونه.

اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته نيل جو ڊيلٽا ڊگهائي ڦاڪ جي لحاظ کان 2300 ورهين جي مُدي ۾ 38 ميل وڌيو آهي. يعني سال ۾ 29 وال: پر گذريل صديءَ دوران واڌ جي رفتار تمام گهٽ رهي اٿس. سنڌوءَ جي ڊيلٽا جون پڙتالون ان پوئين عرصي ۾ ئي شروع ٿيون آهن: ۽ پهرين تقابلي چڪاس ظاهر ڪيو ته ڏهن ورهين ۾ درياهه جي مکيه ڦاٽ جون ڪنڌيون ½ 3 ميل وڌيون (7). ٻئي طرف، درياهه جي انهن شاخن جي مُنهن وٽ ڪنڌين ۾ چڱي سوس آيل ڏٺي ويئي، جيڪي پهرينءَ پڙتال وقت سرگرم هُيون، پر پوءِ منجهائن پاڻيءَ جو نيڪال ڪو خاص نه رهيو هو. ان مان اهو نه سمجهيو وڃي ته ڪو سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي واڌ، ٿوري يا گهڻي، ان جي سمنڊ ڏانهن سڄي اُپيٽيل رُخ سان هڪ جيتري ٿي آهي يا ٿئي ٿي. پر سچ پچ ته ان جي، درياهه جي مکيه شاخ جي سامهون ته تمام تڪڙي واڌ آهي، پر اُن جي پاسيربن ننڍن مُنهن جي اڳيان نسبتاً ڍري ڇوڙ جي باقي ڀاڱي سان، جو درياهه جو ڇوڙ جو وڏي ۾ وڏو ڀاڱو آهي، سامونڊي ڪپر- ليڪ وڏي عرصي تائين هڪ هنڌ بيٺل به رهي سگهي ٿي ۽ مڪاني طرح اها ڪن حالتن ۾ پٺتي به هٽي سگهي ٿي. پوءِ درياهه ڪنهن ٻئي منهن وٽ وڃي وڏو ڇوڙ ڪندو، ۽ اُن جي ڊيلٽا جي تڪڙيءَ واڌ جو هنڌ به بدلي ٿي ويندو.

زمين، نسبتاً ٿوري مدي اندر، سمنڊ ۾ جي تمام گهڻيون حددخليون ڪيون آهن، تن جي ثابتي موجود آهي، پر سمنڊ جي حدد خلين جي ڪا خاص ثابتي ڪانهي. مثال طور، اسان کي پتو آهي ته سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ 1873ع ۽ 1904ع جي وچ ۾ اٽڪل 97 چورس ميل نئين زمين جڙي هئي (8). ائين ڊيلٽا جي سمنڊ-منهين رخ جي مرڪز وٽ ٿيو هو، ۽ اهي واهڙ اڃا به اُتي آهن، جن مان مکيه وهڪرو لنگهي ٿو. گهارو ۽ ڪوري کاريون، جي ڊيلٽا جون حدون آهن، تن جي وچ ۾ ڊيلٽا جو ڪپر جيڪو ونگ ٺاهي ٿو، زمين تنهن کان به ڪافي اڳڀرو هلي وڃي ٿي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته واڌ جي رفتار کا ڊيلٽا کان مٿڀرو درياهه تي هوريان هوريان بندن ٻڌجڻ سان وڏي هٿي ملي آهي. بندن جي ان ڪم کي، جيڪو ڪيترن ورهين کان ڪو ٿورو بچيل هو، 1930ع ڌاري ليٽ جا باقي ٿورڙا هنڌ بند ڪري، پورو ڪيو ويو (8 الف). اسان کي خبر آهي ته درياهه جا مکيه ڇوڙ هڪ صديءَ کان به وڌيڪ مدي کان ڊيلٽا جي ساڳيءَ ئي جاءِ يعني مرڪز جي ويجهو آهن. انهيءَ کان اڳ اهي پرتي اُتر - اولهه ۾ هئا. سنڌوءَ کي ڊيلٽا جي ڏکڻ-ا وڀر واري ڀاڱي جي شاخن منجهان گهڻو پاڻي پوري نيم سان موڪلڻ بند ڪئي، ڪي ٻه سو ورهيه ٿي ويا هوندا، تڏهن به ائين نٿو لڳي ته هاڻ انهيءَ هنڌ سمنڊ وارو پيو وٺي ۽ زمين تي ڪا خاص چڙهت ڪري آيو آهي. ان مان اوس اهو انومان ڪڍڻو ٿو پريي ته سمنڊ جو ن ويريون هروڀرو رڳو زيان ڪندڙ نه آهن: لهرين جي سٽڪي سان درياهه جو آندل ۽ سٿل نرم لٽ پختو به ته ٿيندو هوندو (9).

هڪ وڏيءَ دلچسپيءَ وارو لاڳاپيل سوال هيءُ آهي ته سنڌوءَ سنڌ جي زمين جو مٿاڇرو ڪهڙي حساب سان ٿي ڪيو آهي.

ان جي جواب لاءِ اسين وري به نيل لاءِ ڪيل ڪاٿن جو سهارو وٺي سگهون ٿا. انهن ڪاٿن  مان جيڪي انگ اکر ملن ٿا، تن موجب هر صديءَ ۾ ٽن کان اٽڪل پنجن انچن تائين چاڙهه ٿيو آهي (10). نيل جي لٽاشي ماٿريءَ جي ايراضي پهرئين آبشار کان وٺي ڊيلٽا جي منهن تائين 2100 چورس ميلن کان ٿوري سرس آهي ۽ خود ڊيلٽا جي ايراضي ان جي چوٿ مس ٿيندي. هيٺينءَ سنڌوءَ جو ڪچو مٺڻ ڪوٽ پنجند جي سيلاب کان ڳڻبو ته، ڊيلٽا کي ڇڏي، گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار چورس ميل ٿيندو (سنڌوءَ جو ڊيلٽا نيل جي ڊيلٽا کان گهڻو ننڍو آهي). ٿلهي ليکي، هيٺينءَ سنڌوءَ جي لٽ مان ٺهيل زمين جي ايراضي نيل جو جوڙيل ايراضيءَ کان ٻيڻي سگهجي ٿي.

جيئن ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ لٽ جو مقدار نيل کان ٽيڻو ۽ ان جي ليٽ نيل کان هڪ ڀاڱي ٽي پتيون وڌيڪ آهي، سو اسان اهو انومان ڪڍي سگهون ٿا ته سنڌوءَ جو ڪچو پکيڙ ۾ لتاشي مصر جي ايراضيءَ کان گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻو آهي ته ان جو مٿاڇرو مصر جي صديءَ  اندر چئن انچن واري چاڙهه کان ته ضرور وڌيڪ چڙهيو هوندو-گهٽ ۾ گهٽ اُنهن علائقن ۾، جيڪي سنڌوءَ جي انهن پيٽن جي ويجهو آهن، جن مان اها پويان ٻه ٽي هزار ورهيه وهندي رهي آهي. خوش قسمتيءَ سان موهن جي دڙي واري پَڊ جي کوٽاين انهن ڪچن ڪاٿن جي قيمتي چڪاس موجود ڪري ڏني آهي:  ۽ هاڻ ائين سمجهيو وڃي ٿو ته سنڌو گذريل پنجن هزارن ورهين ۾ جنهن پٽ تان خاص ڪري وهندي رهي آهي، تنهن جو وچون ڀاڱو ٽيهه فٽ، يعني هڪ صدي ۾ ست انچ، مٿي ٿيو آهي، ڪٿ ڪئي ويئي آهي ته درياهه سو ورهين کان جا هڪڙي واٽ وٺي وهندو رهيو آهي، تنهن جي سنوت ۾ زمين جو مٿاڇرو لڳ ڀڳ هڪڙو فٽ چڙهيو هوندو. اتان جيئن پري وڃبو، سراسري چاڙهه تيئن گهٽبو ويندو (11).

اهو  ذهن نشين رهڻ گهرجي ته هيٺينءَ سنڌوءَ جي هاڻوڪي روش ان جي قدرتي حالت واريءَ روش کان گهڻي ڦريل آهي. هي جو درياهه جي ٻنهي پاسن کان ڊيلٽا جي منڍيءَ تائين لاڳيتا بچاءَ بند ٺهي ويا آهن، سي ٻوڏن وقت درياهه جي ليٽ کي پراڻي زماني جيان گهڻو پري وڃڻ نٿا ڏين ان جو اثر اهو ٿو ٿئي ته ٻوڏن جو زور لهوارو ٿو ٿئي ۽ ٻنهي پاسيءَ بچاءَ بندن جي وچ واري سوڙهي ڪپرائتي زمين چڙهندي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري اهو خطرو وڌي ويو آهي ته جڏهن به ڪي وڏا کنڊ پيا ته درياهه دڳ ئي مٽائي ويندو.

بچاءَ بندن جي پريان جا زمين آهي، تنهن کي هاڻ سنڌوءَ جو پاڻي اڻسڌيءَ طرح يعني واهن جي معرفت ملي ٿو. ڪي واهه ته پاڻي ٻه سَو ميل کڻي، وڃي اهڙي هنڌ پهچائين ٿا، جتان درياهه رڳو ٻه سو وال پري آهي! بئراج واري علائقي ۾ واهه انهن پور وڇوٽ تراکڙن سنڌون (12) جي سنوت ۾ کنيا ويا آهن. جي ڪڏهن سنڌوءَ جا پيٽ هوندا هئا. انهيءَ طريقي سان وچ واري سموري زمين سندن پهچ اندر اچي ويئي آهي. واهن جي تري جي لاهي اهڙي آهي، جو انهن جو پاڻي پاڻ سان کنيل لٽُ سولائيءَ سان لوڙهيندو، وڃي ٻنين ۾ پٿاري سگهي ٿو. اها هٿرادو آبپاشي ملڪ لاءِ اهو سڀ ڪجهه پوري نيم ۽ وڏي پورنتا سان ڪري رهي آهي. جيڪي ڪجهه درياهه جي ليٽ ڪٿي ڪٿي ۽ ڦرندڙ نموني ۾ ڪندي هئي. سال بسال درياهه جي پُراڻن پيٽن جا نشان ميساربا پيا وڃن. انهن پيٽن ۽ ڇاڙن جي وهڪري جي واٽ اڃا تائين اُتان جي ماڻهن کي چڱيءَ  ڀر ياد آهي، جو هنن لاءِ زمين جي مٿاڇري ۾ فٽ ٻن جو فرق پوکي راهيءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. تجربيڪار نظر وارو ماڻهو، ٻنين منجهان لنگهندي، انهن تانگهن ڍورن کي ڏسي، جهٽ سهي ڪري ويندو ته اهي ڇا آهن، پوءِ کڻي انهن مٿان لنگهندڙ هٿرادو ڪڙيا ۽ ڪنڌيون نظر کي پاڻ ڏانهن ئي ڇو نه ڇڪي وٺندا هجن. اهي تانگها ڍورا وڏي پيماني تي هوائي جهاز تان چٽيءَ ريت ڏسي سگهجن ٿا. جيڪي پٽ گهوڙي تان مستطيل ٻنين ۽ سڌن واهڙن سان ايڏو هيٺ مٿانهون ڏسڻ ۾ ايندو، سو پنجن هزارن فٽن جي اوچائيءَ تان ”ندين“ جي ڌنڌلايل پاڇاون سان ليڪيل لڳندو. اهي نديون ميلن جا ميل وڏي شان مان سان لڏنديون لمنديون هلنديون نظر اينديون ۽ سندن خاڪا سندن ڇاتيءَ تي بيٺل فصلن جي ڀَلَ جي ڪري اڪثر چٽا ۽ صاف ڏسڻ ۾ پيا ايندا.

جيتوڻيڪ بچاءَ بندن جي لاڳيتي سلسلي سنڌوءَ کي ان جي ليٽ جي قدرتي نيڪال کان محروم ڪر ي ڇڏيو آهي، پر سکر وٽ ان منجهان جيڪو وڏي مقدار ۾ پاڻي ڪڍي واهن کي ڏنو وڃي ٿو. پر اسان کي اهو ياد رکڻو پوندو ته واهه پنهنجي گنجائش کان وڌيڪ پاڻي نٿا کڻي سگهن، جڏهن ته سکر وٽ سنڌوءَ جو وهڪرو وڏي چاڙهه وقت ان جي وڌ ۾ وڌ سراسريءَ کان ٻيڻو ٿيندي ڏٺو ويو آهي (13).اهڙين حالتن ۾ ڪنهن نه ڪنهن کي رستو ڏيڻو ئي پوندو، ۽ 1942ع ۾ اسان سکر کان مٿي بندن کي ٻنهي پاسي شڪست ٿيندي ۽ آڳاٽي زماني جي سيلاب جو ناٽڪ وري رچندي ڏٺو. تنهن سال پاڻي جو زبردست وستار سکر ۽ شڪارپور جي اُتر ۾ هيٺياهين وارين ايراضين ۾ ڪاهي پيو هو، ۽ ٽن چئن ميلن جي پکيڙ ۾ اولهه ڏانهن وڌيو هو ۽ پهرين ڏکڻ اولهه ڏانهن ۽ پوءِ ڏکڻ ڏانهن مڙندو، ڪي 180 ميل لتاڙي، وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پيو هو  (14). سکر -بيگاري بند جي اڏاوت کان اڳ به ٻوڏ جو پاڻي اهوئي رخ وٺندو هو. لاڙڪاڻي ضلعي جي ماڻهن کان ان ئي ٻوڏ جون ڳالهيون ٻڌبيون هيون ۽ خير گهريو هو ته شل وري اهڙي ٻوڏ نه اچي. اها ٻوڏ پنهنجي رستي جي ٻئي اڌ ۾ سري ڍنڍ کان اڳڀرو اولهه پاسي هيٺانهين ۾هيٺانهين ماٿري وٺندي آهي ۽ اُتي لٽي جي پاڻيءَ سان سنڌوءَ  جي لٽ ۾ ٽڪرين جو رائو به اچي گڏجي ٿو.

اڳئين زماني ۾ اڃا مٿي اُتر ۾ ڪشمور کان هيٺڀرو سنڌوءَ جي ساڄيءَ ڪنڌيءَ تان جا اُٿل ٿيندي هئي، سا پڻ ڪڏهن لڳ ڀڳ اهوئي رستو وٺندي هئي. هيءَ ٻوڏ سرحدي ضلعي (جيڪب آباد) منجهان ذري گهٽ سڌو الهندو طرف وٺندي هئي ۽ وري گهٽ وڌ اهو ئي رستو وٺي، جتي درياهه جي لٽ ۽ ٽڪرن جو رائو پاڻ ۾ ملن ٿا، مهل وتان ٿورو ڏکڻ مٿندي هئي، ۽ وڃي  بگي ديري دوستعليءَ جي وچ ۾ پهرين ڄاڻايل ٻوڏ واريءَ واٽ سان گڏبي هئي. انهيءَ ليٽ جي ٻئي اڌ وارو هيٺالهو اڳي ”سنڌ ڇنڊڻ“  (Sindh Hollow) جي نالي سان مشهور هو.(15)

ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته  اُتر الهندي سنڌ جي انهن ٻنهي وڏين ٻوڏين کي اتر ۽ اولهه وارن ٽڪرن تان وهي ايندڙ باراني پاڻيءَ جون ڇڙون هيڪاري وڌائي ڇڏينديون هيون: يعني ته سنڌوءَ جي سخت ٻوڏ وارن انهن ئي ڏينهن ۾ اڪثر زبردست بارشون به پونديون هيون.

1942ع واري زبردست چاڙهه کاٻيءَ ڪنڌيءَ تي روهڙيءَ کان مٿي قاسمپور بند ۾ به کنڊ هڻي، ناري جي مٿين ڀاڱن تائين ملڪ ٻوڙي ڇڏيو هو. اهو تر اڳئين زماني ۾ به ٻڏندو هو. پر درياهه ۽ رڻ پٽ جي وچ ۾ روهڙي ڊويزن جي مهانڊي مان ئي ظاهر آهي ته اهو علائقو هميشه کان ٻوڏن جي وڪڙ ۾ ايندو رهيو آهي (16). سڀني ۾ وڌيڪ ڌيان جوڳي ۽ نيم تي ايندڙ ٻوڏ اها هئي، جا سنڌوءَ مان اٿل کائي، بهاولپور رياست جي غوثپور واري ڍوري (17) ۾ ايندي هئي. ان جو پاڻي ڪي 120 ميل لتاڙيندو ناري کان ڳچ پنڌ هيٺ هليو ويندو هو. پر اڄ اهو سمورو تر ڍورن ۽ ڪڙين سان ليڪيل آهي، جي درياهه جي پراڻن پيٽن سان به ڳنڊيل آهن. درياهه ڦوهه ۾ اچي اٿل کائيندو، ته انهن منجهان گهڻن جو پاڻي به عام ٻوڏ ۾ شامل ٿي ويندو. تڏهن به ائين سمجهڻ غلط ٿيندو ته آبڪلاڻيءَ وقت ليٽ جو پاڻي ڪو ملڪ جي آرپار هروڀرو وڏيءَ ويڪريءَ پکيڙ ۾ لنگهڻ تي هريل هو. اڪثر ڪري اهو روايتي سيلابي گهارن (Flood Channels) مان وهندو هو ۽ انهن جي پيٽن کي کرڙي وڌيڪ اونهو ڪري ڇڏيندو هو (18). اهي گهارا جي جڏهن ڀرجي تار ٿي ويندا هئا، تڏهن اُٿلي پوندا هئا ۽ شايد منجهانئن شاخون به ڦٽي نڪرنديون هيون. هتي اسان صديون اڳ ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي صاحبيءَ ۾ آبپاشيءَ جون جيڪي مکيه رڳون هيون، تن جو مول منڍ ڏسي سگهون ٿا، مثال طور گهاڙ ۽ الهندي ناري جهڙا واهڙ. انهن مهان واهڙن تي کاٽيءَ جي مٽيءَ جي ڪنڌين (Spoil Banks) جي نه هجڻ ۽ سندن زبردست ورن وراڪن مان ئي پڌرو آهي ته اهي پنهنجو پاڻ ٺهيا آهن (19). سندن وڏيءَ عمر جو اندازو هن حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندن وهڪري جي واٽ لاڳيتين ماٿري-ليڪن يا ڍورن سان لڳو لڳ نٿي هلي، جيئن اڳ ضرور هلندي هوندي. ظاهر آهي ته انهن واهڙن به، خود سنڌوءَ جيان نئين زمين ڪڍي هوندي. (20). انهن جي برخلاف، کاٻيءَ ڪنڌيءَ تي جن پراڻن ڦاٽن بابت قياس ڪري سگهجي ٿو ته اهي سنڌوءَ جا سائو گهارا هوندا، تن مان گهڻن ملڪ جي هيٺانهن علائقن مان ور وڪڙ واٽ ٿي ورتي. اهي گهڻو پوءِ جا پيدا ٿيل ڀانئجن ٿا (21).

ڊيلٽا جي اڳوڻي علائقي ۾، جو حيدرآباد کان ٿورو ڏکڻ ۾ شروع ٿي ٿيو، جيڪي مکيه واهه-جهڙوڪ ڪلري بگهاڙ، پنياري ۽ ستو-هئا، تن بابت اهو عام مشهور آهي ته اهي ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ سنڌوءَ جا سمنڊ ۾ مکيه ڇوڙ هئا.

تقريباً هزار يا وڌيڪ ورهيه اڳ سنڌ جي مجموڳي صورت ڪهڙي هئي، هاڻ اسان اُن جو نقشو چٽڻ شروع ڪريون ٿا، انهيءَ ڀروسي سان ته اسان جا انومان ڪي گهڻا گٿل نه هوندا.  اڄ حد درجي جي زرخيزيءَ ۽ حد درجي جي ويرانيءَ ۾ جيڪو فرق نمايان آهي، سو تڏهن گهڻو وڌيڪ اتاڇرو هو ۽ سڃي يا برپٽ زمين جي ڀيٽ ۾ سائي يا آباد زمين تمام ٿوري هئي. پر درياهه جي ٻنهي پاسن کان وڻڪار يا ٻيلن جو پٽو تڏهن اڄوڪي زماني کان وڌيڪ وڏو هو. اهو پٽو شاخن ۽ سائو گهارن سان لڳو لڳ ٿي هليو، جي  سنڌوءَ  مان ٿوري ٿوري پنڌ تي ائين ٿي ڦٽي نڪتا، جيئن وڻ مان لامون. انهن ٻيلن ۾ اڄوڪي ڪچي وارن  ٻيلن ۾ ڀيٽ ۾، شايد گهٽ ڳرو ڪاٺ هوندو هو. اڄوڪي ٻيلن ۾ درياهه جي ٻنهي پاسن کان بچاءِ بندن ٺهڻ جي ڪري آبڪلاڻيءَ وقت جيڪو اونهو پاڻي بيهي وڃي ٿو، تنهن تي خاص ڪري باهڻ ۽ ٻٻر چڱو ٿئي ٿو.  پر اسان کي يقين رکڻ گهرجي ته جنهن به ڍوري يا کڏ ۾ پاڻي نيم سان بيهندو يا لنگهندو هو، سو لئيءَ ۽ ڪڍي جي جهڳٽن سان ڇانيل هوندو هو. ٻيلي جي اوچائي ۽ گهاٽائيءَ مان ٻوڏ جي رواجي مدت معلوم ڪري سگهبي هئي. (22). نيمائتن سائو گهارن جي ڪڙ وٺي، سنڌوءَ کي جيئن جيئن پٺتي ڇڏيو وڃبو هو، ساوڪ تيئن تيئن ڇڊي ٿيندي ويندي هئي، ڇو ته اُتي پاڻيءَ جو سراسري مدو هر سال جي چئن مهينن مان گهٽجي هر ٻئي يا ٽيئن سال جا ڪي ٿورا ڏينهن، يا شايد اڃا به گهٽ ٿي ٿي ويو. پڇڙيءَ ۾ ڏسبو ته گهارو سسي سسي هڪ تانگهو راڳو پيو نظر ايندو، ۽ آسپاس ڪي ٿورا ڪنڊيءَ ۽ ٻير جا قد ماريل وڻ مس هوندا، جو اهي سوڪهڙي جي ڊگهن عرصن ۾ به تڳي ڄاڻن. انهن وڻن جي اهڙي هنڌ موجودگي ڏيکاري ٿي ته پاڻي بعضي بعضي رڻ جي تاساريل سڃ جي وچ ۾ به پهچي ٿي ويو.

خاڪيءَ مٽي جا اهي وستار، گهڻو ڪري هر قسم جي نباتات کان وانجهيل، ڪٿي لوڻ جي ڦلين سان ڀريل ۽ ڪٿي ڇڊي ۽ سنهي جهنگ سان ڇانيل، سنڌ جي  وڏي ڀاڱي تي پکڙيل هئا، پر انهن جو بيان به تيتروئي ورچائيندڙ آهي، جيترو ڪ انهن کي ڏسي، نظر جو ڪڪ ٿي پوڻ.

وري درياهه ڏانهن ايندي، اسان کي ميرانجهڙي واريءَ جا دڙا ٻيلن واري پٽي مان نڪتل ۽ ڪيترن ئي چورس ميلن جي ايراضيءَ تي ڦهليل ڏسڻ ۾ ايندا. اهي ان ڳالهه جو اهڃاڻ هوندا ته هتان ٻوڏ جي پاڻيءَ جو ڪو نئون عارضي گهارو ڦٽو هوندو. ساڳيءَ طرح، مختلف گهارن جي دڳ مٽ پٺيان کهري لٽ جا ڍڳ ڇڏي آئي هوندي. انهيءَ جي برخلاف، انهن گهارن سان لاڳاپيل ترائيءَ جا وسيع ڦهلاءُ سَر جي جهمٽن سان ڇانيل هوندا ۽ نهرن ۽ ڦاٽن جا پراڻا اونها کاڌل پيٽ ڍنڍون ٿي رهندا، جن جون ڀڪون شاهوڪار ۽ گونا گون نباتات سان ڀريل هونديون. اهي ڍنڍون توڙي ٻيا ڍورا، جن ۾ اٿل جو پاڻي ذري گهٽ سڄو ورهيه به بيٺل رهي ٿو. تن جو گهڻو تعداد ۽ وڏي پکيڙ سچ پچ ته آڳاٽيءَ سنڌ جي خاص وصف هئي. انهن مان نمايان جاءِ هاڻي جيان اڳ به ايامن کان منڇر ڍنڍ جي رهي هوندي، هيءَ ڍنڍ وچينءَ سنڌ اندر، الهندن ٽڪرن ۽ درياهه جي وچ ۾ هڪ اونهو هيٺالهو والاري ٿي نه رڳو ٽڪرن جي وڏي حصي تان وهي ايندڙ ڇرن جو پاڻي انهيءَ ڍنڍ ۾ پوي ٿو، پر مٿينءَ سنڌ ۾ درياهه جي ساڄي ڪنڌيءَ جي ليٽ به ان ۾ وڃي پوي ٿي. ان کي وڌيڪ باقادگيءَ سان پاڻي پهچائيندڙ الهندو نارو هو، جنهن جو ذڪر سنڌوءَ  جي تمام جهوني سائو گهاري جي حيثيت ۾ اڳيئي ٿي چڪو آهي. ان واهڙ جو پاڻي، آبڪلاڻيءَ جي مند ۾، ور وراڪا کائيندو، ڪي ڏيڍ سو ميل لتاڙي، وڃي منڇر ۾ پوندو هو. ٻنهي جي وچ ۾ سڌو مفاصلو 80 ميلن کان ڪو ٿورو وڌيڪ ٿيندو. ڍنڍ جو واڌو پاڻي اڙل واهه جي معرفت سنڌوءَ ۾ وڃي پوندو هو، پر اهو تڏهن جڏهن سنڌوءَ ۾ پاڻي چاڙهه واري مٿاڇري کان گهڻو هيٺ هوندو هو. هوڏانهن، جڏهن سنڌوءَ ۾ ٻوڏ ايندي هئي، تڏهن اها پڻ اڙل واهه جي معرفت منڇر کي پاڻي ڏيندي هئي: اهڙيءَ طرح اهو عجب اسرار ٿيندو هو ته هڪ واهه يا نديءَ کي ابتو وهڻو پوندو هو. (23).

اسين سنڌوءَ بابت اهو سوچڻ تي هري ويا آهيون ته اها پنهنجي ڊيلٽا جي دوشاخي  تائين، وچ تي ڪن ننڍڙن ڪڙين ۽ ڦاٽن کي، جيڪي ٻئي مکيه پيٽ کان ڪو گهڻو پري ڪونه ٿا وڃن، ڇڏي، هڪ ئي وهڪري ۾ وهي ٿي. درياهه جي وهڪري بابت ان سوچ کي هٿي ڏيڻ جو ڪارڻ شايد هيءُ آهي ته ٻاويهه صديون اڳ سڪندر اعظم جي جن ساٿارين سنڌوءَ تان ٻيڙا هاڪاريا هئا، تن پنهنجن بيانن ۾ ان جي ڄاڻو عربن جي ان سڌيءَ ساک کي ته سندن وقت ۾ درياهه وچينءَ سنڌ ۾ ورهائجي، هڪ وسيع علائقي کي ٻيٽائون ڪندو، وري اچي هڪ ٿيندو هو (24)، ڌيان ۾ نه به رکون، تڏهن به جن قدرتي حالتن جو جائزو اسين وٺي رهيا آهيون، تن هيٺ اسان کي ڪنهن اهڙيءَ ئي صورتحال جي توقع رکڻ کپي. سراسري طور، اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته اهڙي ٻٽي وهڪري جي ڊيگهه جيتري وڏي هوندي، ٻنهي شاخن جي دائمي طرح وهڻ جو امڪان تيترو گهٽ هوندو ۽ اها ڳالهه ”سامايل“ ڊيلٽائن جي شاخن سان به لاڳو ٿي سگهي ٿي.

هتي هڪڙي وڏي سائو گهاري يا درياهه جي پراڻي پيٽ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. ان کي سنڌوءَ کان آجو سمجهڻ مناسب ٿيندو، توڻي جو ان کي درياهه جي ليٽ جو پاڻي ملندو رهيو آهي. هيءَ اها ئي هندستان جي ”وڃايل ندي“ آهي، جيڪا گهڻو ڪري ”گهاگهڙ“ يا ”هاڪڙو“ ۽ بعضي بعضي ”شنڪر“ يا ”نالا شنڪر“ جي نالي سان سڏجي ٿي ۽ جنهن جو ذري گهٽ اڌ سنڌ منجهان لنگهي ٿو. هت انهيءَ نديءَ جي هڪڙي خاص ڀاڱي جا الڳ الڳ نالا آهن: ريڻي، واهندو، نارو ۽ هاڪڙو. اها عجب جهڙي ڳالهه آهي ته ان جو رخ ٿلهي ليکي سنڌوءَ جي رخ سان ٺهڪي اچي ٿو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ اوڀر طرف ويهن کان ستر ميلن جو مفاصلو آهي.

ان جا نشان هڪ لاڳيتي ڦاٽ جي شڪل ۾ ملن ٿا. ان جو مٿيون ڀاڱو ٿر  واري رڻ جي پاسي کان لنگهي ٿو، ۽ هيٺيون ڀاڱو ٿر جي پڇڙيءَ سان مليل آهي. هاڪڙي کي آڳاٽي وقت جي هڪ باقائدي ندي سڏائڻ  جو کڻي ڪيترو به حق هجي (ان حق جي ڇنڊ ڇاڻ به ڪبي)، اهو گهڻي وقت کان ٻين ندين جي ليٽ کي پاڻ ۾ سمائيندو رهيو آهي. هاڻوڪي زماني ۾ ته بيشڪ اهو سنڌوءَ جي ڳري ليٽ، غوثپور واري ڍوري جي معرفت، جنهن جو ذڪر آءُ گهڻو اڳيئي ڪري آيو آهيان کڻندو رهيو آهي، ۽ شايد ان شاخ جي ليٽ به، جيڪا ”هارياري“ يعني ”کيڙيندڙ“ جي نالي سان سڏجي ٿي ۽ جيڪا ستلج ۽ چناب جي دوآبي کان هيٺتي پنجند سان پور وڇوٽ هلي ٿي. (25).

صدي کن ٿيندي ته روهڙيءَ جي بلڪل مٿان هڪڙو واهه ڪڍيو ويو هيو، جيڪو هاڪڙي جا ڪي ٻه سو ميل کڻي ويو آهي (ان ڀاڱي کي ”نارو“ چيو وڃي ٿو (26). پوءُ ان واهه جو منڍ سکر بئراج مان ڪيو ويو. ناري ۾ قدرتي نديءَ وارا سڀ وصف آهن: اهو تانگهيءَ ماٿريءَ منجهان وهي ٿو، ڪٿي ته موڪر ٻه ٽي ميل به اٿس، پر واريءَ جا ريٽ به ڏاڍا اٿس. درياهه جي ليٽ ان ماٿريءَ کي ڀڪ کان ڀڪ تائين ٻوڙيندي رهي آهي، پر لنگهي به ترت وڃي ٿي (27). نارو-هاڪڙو جڏهن کليل ميدانن ۾ اچي ٿو ، تڏهن ٿر جي ڪر جي ويجهو رهي ٿو. ۽ اتان ڏکڻ ڏي هلندي وڌيڪ چٽي نديءَ جي ڏک ڏئي ٿو.

سنڌ ۾ هاڪڙي جو مٿيون ڀاڱو نسبتاً گهٽ مشهور آهي ۽ پوين ٿورين صدين ۾ شايد ٻوڏن جي وڪڙ ۾ به ايترو گهڻو ناهي آيو، جيترو ناري وارو هيٺيون ڀاڱو، حالانڪ مٿئين ڀاڱي کي اڳين وقتن ۾ وڌيڪ جهجهي توڻي جو بيقاعدي، ليٽ ملندي هئي. اها ليٽ ڪٿان ايندي هئي؟ هي سوال وڏيءَ دلچسپيءَ وارو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو واسطو مٿئين هندستان جي هاڻوڪين ندين جي آڳاٽي رخ ۽ وهڪري سان آهي ۽ وڏي وادو واد جو ڪارڻ بڻيو آهي (28).

هاڪڙي جي سڀني ۾ پڌري پاڻي ڀرو خود سنڌو آهي، جنهن جي ليٽ غوثپور واري ڍوري جي معرفت وهي ٿي. مٿينءَ سنڌ جي ٽالپر حاڪمن جا پويان، جن جُون زمينون ناري تي جانوجيءَ لڳ آهن، تن وٽ ڪنهن وڌيڪ ڏورانهين ذريعي جي ڪا روايت ڪانهي (29). تنهن هوندي به، هاڪڙي جي پيٽ جا اهڃاڻ پٺتي بهاولپور ۽ بيڪانير رياستن منجهان لاڳيتا لنگهندا ملن ٿا ۽ ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته اهو آخرڪار ڪيترن ننڍين ندين، خاص ڪري گهاگڙ، مرکنڊا، سرسوتي ۽ چيتانگ، جي ميلاپ مان نڪري ٿو ۽ اولهه ۾ ستلج ۽ اوڀر ۾ جمنا جي ڇوڙن جي وچ ۾ سواليڪ ٽڪرين مان اُسري ٿو.

انهن نهرن جون پاڻي جهٽيندڙ ايراضيون (catchmant areas) تمام ننڍيون آهن ۽ برسات تي مدار رکن ٿيون، سو اهو سمجهڻ غلط ٿيندو ته ڪو انهن جو پاڻي سڄا سارا 800 ميل وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندو هوندو (30). هي جو بهاولپور ۽ بيڪانير جي علائقي ۾ هاڪڙي جو پيٽ ايترو ويڪرو - ڏيڍ سو ميلن جي مفاصلي تائين ٻن ميلن کان به سرس- آهي ته ان جو سبب پڪ ئي پڪ هماليا جي رجيل برف مان ٺهندڙ هڪ نه ٻي نديءَ جي ليٽ هوندي.

ان مان ظاهر آهي ته ڪنهن وقت جمنا، جا پاڻ ميل کن ويڪري آهي، سا پڻ چيتانگ جي هڪ پُراڻي پيٽ جي معرفت هاڪڙي کي پاڻي ڏيندي هئي (31). سنڌو-هاڪڙو ۽ گنگار جي تراين جي وچ وارو هيٺانهون سنڌو (watershed) اڄڪلهه چيتانگ ۽ جمنا جي وچ ۾ آهي. پر گنگا ندي، جا اُتاهين هماليا جي لٽاشي ندي آهي، سا اڳي انهيءَ سَنڌي تان وهندي هئي ۽ ٻنهي پاسن کان بيپرواهيءَ سان اُٿلندي رهندي هئي ۽ اڳڀرو وڃي پنهنجي سنڌو تان کسڪي، ڏکڻ طرف لهي ٿي ويئي. چيتانگ، ڀاور وٽ، گهاگهڙ يا هاڪڙي سان اچي ملي ٿي. سامهين يعني ساڄيءَ ڪنڌيءَ تي ستلج جي پراڻن پيٽن مان نڪرندڙ سائو گهارن جا نشان آهن، يا ٿي سگهي ٿو ته اها سڄي ستلج ندي هُجي، جا ٽن هڪٻئي کان ڪافي ڏورانهن هنڌن تي هاڪڙي سان اچي ملندي هجي. انهن منجهان اوڀاري ۾ اوڀارو ۽ سڀني ۾ گهٽ چٽو چيتانگ جي سنگم کان ڪي 25 ميل مٿي ڀائنر وٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو (32) ترتيب ۾ ٻيو نمبر، جو ستلج جو هڪ پراڻو انگڙ ونگڙ پيٽ آهي، هاڪڙي سان بهاولپور جي بنهه حد اندر ولهار وٽ اچي ملي ٿو. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اهو ستلج جي هڪ پراڻي وهڪري مان ڦٽندو هوندو، جيڪو ڀٽندا ۽ مالوٽ مان ٿيندو وهندو هو ۽ ان جو رخ ٿلهي ليکي هاڪڙي جي شاخ-واهه وارو هو (33). انهن ڳنڍيندڙ ڦاٽن مان ٽيون بهاولپور شهر کان وبهارو ميل اوڀر-اُتر- اوڀر ۾ شروع ٿي، وڃي ڪڊوالا جي ويجهو هاڪڙي سان ملي ٿو. ان جي رخ جي پوئواري وري هڪڙي ٻي آبپاشي شاخ، ريگستاني شاخ، ڪري ٿي، پر اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته اها واهند جي نالي سان هڪ وڏي قدرتي سُڪل شاخ هئي، جا شنڪر نديءَ  کي پاڻيءَ پهچائيندي هئي (34). انهيءَ سنگم کان ڪي ٽيهارو ميل هيٺ، ويراوال جي پسگردائيءَ ۾، هاڪڙي جو اڪيلو ويڪرو پيٽ ننڍين شاخن جو جهڙوڪر ڊيلٽا بڻجي وڃي ٿو.

انهيءَ هنڌ کان سنڌ جي هاڻوڪي اُترين سرحد جي ويهن ميلن اندر ندين جي پيٽن جي ملڻ ۽ ڌار ٿيڻ جو ساڳيو مونجهارو جاري رهي ٿو (35)، پر ڍوري جي معرفت غوثپور واري ٻوڏ جتي اچي هاڪڙي ۾ پوندي هئي، تنهن کان هيٺتي هاڪڙي جو ڦاٽ وڌيڪ چٽو ٿي وڃي ٿو. سنڌ جي حد اندر ونجهڙوٽ نالي هڪ آڳاٽي ماڳ وٽ هاڪڙو دو شاخو ٿي، ڪي ٽي سو ميل پنهنجو نالو وڃائي هلي ٿو. ان جو مکيه شاخ جو نالو واهندا آهي، جا ور وڪڙ وهندي، پهرين عام طرح ڏکڻ منهين رخ سان هڪڙي مٺڙائو نالو هنڌ تائين وڃي ٿي. مٺڙائو روهڙيءَ ۽ جيسلمير جي وچ ۾ قافلن واريءَ واٽ تي آهي. اتان پوءِ اها هيڪاري اولهه ڏانهن مُڙي ٿي، تهان پوءِ ڏکڻ -اولهه ڏانهن ۽ آخر ۾ وري ڏکڻ طرف ورندي، روهڙيءَ جي ڏکڻ ۾ ننڍين ٽڪرين ڏانهن وڌي ٿي. انهيءَ وچ ۾ ان سان ريڻي نالي هڪ ٻي ڇاڙ به اچي ملي ٿي، جا ونجهڙوٽ کان نسبتاً سڌو رخ، يعني ڏکڻ-اولهه کان ڏکڻ، وٺي ٿي.

ريڻيءَ سان سندس ”نالي“ وارو لقب مجموعي طرح ٺهڪي اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها هڪ اونهو واهو آهي، جو ڪٿي به چاليهن والن کان وڌيڪ ويڪرو ناهي ۽ ڪنڌيون به پنڌرهن ويهه فٽ مَس اڀيون هونديس. ان جي ٻنهي پاسن وارو تر ڊٻن سان پڪو لٽاشو آهي ۽ ان تائين چٽيءَ ريت لهوارو اچي ٿو (36). هوڏانهن واهندا جو پيٽ ويڪرو ۽ تراکڙو آهي، ۽ ڪيترن هنڌن تي لڙهندڙ واريءَ جي ڪري سڃاڻڻ ئي ڏکيو ٿو لڳي. ڏسڻ واري تي اهو اثر ٿو ويهي ته وڏيون ٻوڏون ڪڏهن ڪڏهن واهندا ۾ گهڙي، ڊٻن جي وچ ۾ سڀني وائکين جاين کي ميلن تائين ڀري ڇڏينديون هونديون ۽ ڏکڻ طرف ڪو خاص اڳتي نه وڌنديون هونديون. اُٿل جو پاڻي گهڻو ڪري ريڻيءَ تائين محدود رهندو هوندو ۽ ڪڏهن ته ان جي وت کان به چڙهي ويندو هوندو، پر پوءِ ان جي اُڀيءَ لاهيءَ تان هيٺ وهي، اچي مرڪزي ”نالي“ کي کرڙيندو وهندو هوندو.

ان علائقي جي آڏي لاهي ڏکڻ اوڀر طرف آهي. اهڙيءَ ريت ريڻي سنڌوءَ کان ۽ واهندا ريڻيءَ کان هيٺانهين سطح تي وهي ٿي. واهندا کان اڳڀرو جيسلمير رياست جي حد وٽ ڪي ڍورا اڃا به هيٺانهان آهن، پر جيستائين مون کي پتو آهي ته اهي ڪا لاڳيتي هيٺانهين ماٿري نٿا ٺاهين.

روهڙيءَ کان ٽيهارو ميل ڏکڻ ۾ انهيءَ طرف ٽڪرين جي جيڪا قطار وڃي ٿي، ان جي اوڀر واري پاسي کان ڪجهه ويجهو ٿي، ريڻي، واهندا ۽ ٻيا سائو گهارا درجي بدرجي وڃي ناري ۾ ملن ٿا. خيرپور جي حد ٽپڻ کان ستت پوءِ چن-پٿر جي جاءِ ڀٽون وٺڻ لڳن ٿيون ۽ نارو اُتان اٽڪل سٺ ميلن تائين ڪي ٻه ميل ويڪريءَ ماٿر منجهان ور وراڪا کائيندو، ٻنهي پاسن کان ڀٽن جي وچ ۾ گهٽبو، ڪجهه ڪجهه ڏکڻ جي اولهه وارو رخ وٺندو هلي ٿو. اُتي اهو ميدانن ۾ منهن ڪڍي ٿو ۽ اڀرندي رڻ جو پاسو وٺندو، ڏکڻ -اوڀر يا ڏکڻ -ڏکڻ- اوڀر ڏانهن لڙندو جڏهن 25 ڊگريون 30 منٽ ويڪرائي ڦاڪ وٽ پهچي ٿو، تڏهن ڀٽون لٽاشي پَٽَ جي وڌيل ٽڪري کي وڪوڙينديون، اوچتو ئي اوچتو اوڀر ۾ رهجي وڃن ٿيون. نارو انهيءَ وٿيءَ کي منهن وٽان پار ڪري، وري ڏکڻ ۾ وڃي رڻ پٽ جي پاسي کان نڪري ٿو ۽ ان سان پور وڇوٽ هلندو، ڏکڻ-ڏکڻ-اولهه ڏانهن لڙندو، وڃي ڪڇ جي رڻ ۾ ڪري ٿو. جنهن نالي ان اها ندي مٿين چئن سون ميلن کان وڇڙيل هئي، سو نالو، يعني هاڪڙو، نيٺ ان جي پوئين ڀاڱي لاءِ وري ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

ناري-هاڪڙي ماٿريءَ جا پويان اڍائي سو ميل سنڌوءَ جي اوڀر واريءَ هيٺانهين ماٿريءَ سان مشابهت رکندڙ آهن. فرق ڪجهه رڳو اتي آهي، جتي اها عمر ڪوٽ وٽ ”وٿي“ جي منهن کي پار ڪري ٿي ۽ اوڀر طرف واري زمين هيڪاري لهواري ٿي وڃي ٿي. هت اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته جڏهن 1859ع ۾ ناري اندر پهريون ڀيرو پاڻي  ڇڏيو ويو هو. تڏهن سانگهڙ ۽ کپري جي تعلقن ۾ ان جي کاڄي ڀڪ لڳ ڪيترائي الڳ الڳ اونهائيءَ وارا ڍورا ڀرجي ويا هئا. اهي ڍورا هڪٻئي سان پور-وڇوٽيءَ تي ٿر جي هن ڀاڱي جي مخصوص ڀٽن جي وچ وارن ڏهرن ۾ آهن (37) ۽ انهن منجهان رڪن ۾ خود ناري جو پاڻي ڏهه ڏهه ميل پري تائين پيهي وڃي ٿو. ائين وسهڻ بيواجبي نه ٿيندو ته جيڪڏهن هن هيٺانهين زمين تي وک وک تي ڀٽون نه هجن ها ته هوند نارو  اڃا به ڪيئي ميل پري اوڀر وارو رخ اختيار ڪري ها.

انهن ٿورن اعتراضن کي قائم رکندي، اسان چئي سگهون ٿا ته هاڪڙو-نارو پهرين ستلج ۽ پوءِ سنڌوءَ جي کاٻيءَ ڪنڌيءَ تي هيٺينءَ ۾ هيٺين ماٿري والاري ٿو. انهن ٻنهي درياهن جولَٽُ انهيءَ ماٿري ۾ اچي ٿر جي الهندن ڀلاندن هيٺان جا هوريان چڙهندڙ زمين آهي، تنهن سان گڏجي ٿو. اها زمين پڻ لٽاشي آهي، پر ان جو مول منڍ، جي ڪو ٻيو نه ته به گهڻو آڳاٽو ضرور آهي. هيءَ حقيقت سنڌ جي آڳاٽن پاڻين بابت اسان جي تاويل لاءِ زبردست اهميت رکي ٿي. ان جو سڌو سنئون مطلب هيءُ آهي ته اسان کڻي اهو فرض به ڪريون ته ستلج جو مکيه يا سمورو وهڪرو ڪن ڪن وقتن تي مختلف هنڌن کان اچي هاڪڙي ۾ داخل ٿيندو رهيو آهي، ۽ اهو به ته سنڌو پنهنجين ڏاني ندين جو پاڻيءَ کڻڻ کان پوءِ پنهنجو مکيه يا سڄو وهڪرو ڪڏهن ڪڏهن هاڪڙي ۽ ناري جي پيٽ ۾ ڇوڙيندي وهي آهي، ۽ اهڙيءَ ريت سمنڊ تائين پهچندي رهي آهي- ته به اهي حالتون پڪ ئي پڪ يا ته ڪڏهن تمام ڏورانهين زماني ۾ موجود رهيون هونديون، يا وريءَ ٻيءَ حالت ۾ نسبتاً گهٽ عرصو هليون هونديون.

ان ڳالهه جي ثابتي لٽاشي زمين جي نسبتي مٿاڇرن ۾ آهي، ۽ ان جو ڪو رد ڪونهي. ايترو مڃي سگهجي ٿو ته وڏا درياهه هاڪڙي يا ناري جي پيٽ منجهان ڊگهي مدي تائين يا وڌيڪ ويجهڙ واري زماني ۾ وهندا رهيا هوندا: پر سنڌ جي مهراڻ جو جيڪو تصور اسان کي ريورٽيءَ ۾ ملي ٿو ته اهو ڪسابن کان هاڪڙي جي پيٽ مان وهندو رهيو آهي ۽ ان جي پچر رڳو عيسوي سن 950 ڌار ڇڏي اٿائين، سو بنان ڪنهن شڪ شبهي جي غلط آهي. ملڪ جا مهانڊا اسان کي صاف صاف ٻڌائين ٿا ته انهن ڳريل برف تي پلجندڙ وڏن درياهن جو مکيه پويون وهڪرو مثال طور گذريل پنجن هزارن ورهين جو حصو جيڪو هڪ درياهه جي حياتيءَ جو خسيس مدو آهي، ضرور مختلف مدارن تي وهيو هوندو، جي  سڀ ماٿريءَ جي اولهه توڙي اوڀر ۾ ٻاهرينءَ ۾ ٻاهرين حد کان چڱا اندر هوندا. انهيءَ يا ان کان وڌيڪ ڊگهي عرصي جو وڏي ۾ وڏو ڀاڱو هاڪڙو-نارو مندائتو سائو گهارو رهيو هوندو، جنهن منجهان ليٽ جا وڏا وڏا  وهڪرا ته شايد چڱيرڙيءَ باقاعدگيءَ سان لنگهندا هوندا، پر لاڳيتو دائمي وهڪرو اُتان ڪڏهن به نه وهيو هوندو (38).

تاهم، اسان کي تنهن زماني کان اڳ واري دور ڏانهن ڏسڻ گهرجي، جڏهن سنڌوءَ بکر واريءَ وٿيءَ مان ڦاٽ کاڌو هو پر جنهن وٿيءَ سنڌوءَ کي پنهنجو ڪري ڇڏيو هو. اهو زمانو ٿي سگهي ٿو ته تاريخي معنيٰ ۾ به ڪو خاص ڏورانهون نه هجي. هي جو سنڌءَ جي انهيءَ چور لڪ سان ڄڻ ته پختو پيچ پيل ٿو ڏسجي، سو ان ڪري آهي، جو اهو چورلڪ ان جي اتر ۽ ڏکڻ وارين ٽڪرين ۾ جيڪي ٻيا چورلڪ آهن، تن جي ڇپائين تري جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ اونهو آهي. پر ان خاصيت جو ڪرڻ به پاڻ درياهه آهي، جو جڏهن کان اهو ان چورلڪ منجهان لنگهڻ لڳو آهي، تڏهن کان ان جي تري کي لاڳتيو  کرڙيندو اچي ٿو. لٽاشي ميدان جا مهانڊا (39) جيڪي ڪجهه اسان کي درياهه جي عام وهڪ بابت ٻڌائين ٿا، تنهن جي روشنيءَ ۾ ڏسبو ته هيءُ درياهه جي حياتيءَ جو هڪ تازو واقعو لڳندو. اهو سوال ته درياهه جي وُهڪ ڪٿي هئي ۽ ڪٿي نه هئي، سو اسان کي حد حساب کان وڌيڪ آڳاٽي وقت ڏانهن ڇڪي وڃي ٿو.

بکر کان مٿي درياهه ڪهڙو دڳ ٿي ورتو، تنهن بابت سنڌو ماٿريءَ جا ميداني مهانڊا ٻڌائين ٿا ته سنڌو مختلف زمانن ۾ سکر جي اُتر ۽ اولهه ۾ ۽ روهڙيءَ جي ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ وهندي رهي آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته انهن مان پهريون دڳ لڳ ڀڳ اهو هو، جيڪو اڄڪلهه سنڌ ڍوري ۽ سنڌ واهه جو لکيءَ واريءَ هيٺانهينءَ جي اُتر طرف آهي ۽ ٻيو دڳ اهو هو، جيڪو اڄڪلهه ريڻي ماٿريءَ جي اُتر -اولهه ۾ ياري لُنڊ کان پرتي ڏاهر واهه جو آهي. وڌيڪ آثار انهي ٻئي ڄاڻايل دڳ جا ملن ٿا، جنهن جو مطلب يا ته ان جوپوءِ وارو زمانو ٿي سگهي ٿو يا وڌيڪ ڊگهي والار، يا وري اهي ٻيئي ڳالهيون اُن جو سبب ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن سنڌو سچ پچ مٿينءَ سنڌ منجهان ڪجهه وقت لاءِ اهو اوڀر وارو دڳ وٺي وهندي هئي. ته پوءِ ضرور ان روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي وٺي وهندي هئي، ته پوءِ ضرور ان روهڙيءَ وارين ٽڪرين جي اوڀر  ۾ ساڳيو ناري وارو طرف ورتو هوندو. پر شايد ناري جي ماٿريءَ منجهان نه لنگهي هوندي. جنهن هنڌ نارو اچي سنئين ميدان ۾ پوي ٿو، تنهن هنڌ جي اوسي پاسي جا مهانڊا ڏيکارين ٿا ته درياهه جو پويون وهڪرو ناري- هاڪڙي واريءَ ماٿريءَ کان ڪي ميل اولهه طرف ۽ گهڻو ڪري هڪڙي ئي پيٽ منجهان وهندو هوندو: يا گهٽ ۾ گهٽ ائين هوندو ته جيڪڏهن درياهه دو شاخو ٿيو هوندو ته ٻنهي شاخن ڏکڻ جي اوڀر وارو ڏس ورتو هوندو، ڇاڪاڻ ته 26 ۽ 5 ڊگرين وارين ويڪرائي ڦاڪن جي وچ واري ۽ 60 ڊگريون 40 منٽ ڊگهائي ڦاڪ جي اوڀر واري (حيدرآباد کان ارڙهن ميل اوڀر ۾ اُتر کان ڏکڻ ڪڍيل ليڪ) سموري علائقي جو عام لاهه گهڻي ڀاڱي ڏکڻ کان اوڀر طرف آهي. هٿ اسان سنڌوءَ جي هڪ پراڻي ڊيلٽا واري علائقي جي کاٻي اڌ ۾ آهيون، جيڪو سڪرنڊ ۽ نوابشاهه واري تر ۾ هڪڙي هنڌان وڃڻي جيان ڦهلجي وڃي ٿو.

اهڙيءَ ريت اهو خيال طبعي خاصيتن جي روشنيءَ ۾ ريٽجي وڃي ٿو ته اوائلي تاريخي زماني ۾ جا ندي ناري واري پيٽ جي لڳ ڀڳ وهي هوندي، تنهن مان ڪا شاخ ڦٽي جمڙائوءَ يا جکرائوءَ کان هالا ڏي ڏکڻ-ڏکڻ-اولهه وارو طرف وٺي ويندي هوندي، بلڪ اهڙيءَ شاخ کي زمين جي لاهه سان ذري گهٽ گوني ڪنڊ ٺاهيندي وهڻو پيو هوندو. جيئن ته اهو لاهه تمام وڏيءَ ايراضيءَ جو عام لاهه آهي، ان ڪري تمام گهڻو آڳاٽو هوندو.

انهن خاصيتن جي اهميت ايندڙ بابن ۾ اجاگر ٿيندي. تاريخ جي زماني ۾ پهچڻ تي اسان کي سنڌوءَ جي ڦرندڙ رخن ۽ هڪڙي جي تڏهوڪين حالتن کي مليل ثابتين جي روشنيءَ ۾ چانچڻ جا ڪيترائي وجهه ملندا، جيئن اڳتي بيان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ميدانن جي عام حالت ۽ ڏيک انهن ڦيرڦارين جي ڪري رڳو مڪاني طرح ئي ڦرندا رهيا آهن: ڪو سائو ۽ سراب علائقو وهندڙ شاخ جي لٽجي وڃڻ تي سڃو ۽ ويران ٿي پئي ويو آهي يا وري ڪو سڃو ۽ غيرآباد پاسو ڪنهن نئين شاخ جي ڦٽڻ ڪري گهاٽي جهنگ ۾ تبديل ٿي پئي ويو آهي.

اهڙين حالتن ۾ اهو يقيني آهي ته سنڌ جي ميدانن جي رهواسين جو ڌنڌو مال چارڻ وارو هجي؛ ماڻهن جي چڱي چوکي طبقي جو گذارن مڇين مارڻ ۽ پکين ڦاسائڻ تي هجي ۽ پوکي راهي جوکائتي ۽ غيريقيني هجي. هيءُ تاريخ جي هزارين ورهين جوعام پس منظر آهي. وري جڏهن پوکي راهيءَ تي ظاهر تي ۽ ماڻهن هڪ هنڌ ٿانيڪو ٿي رهڻ شروع ڪيو، اهو تمدن جي مٿانهين درجي جي انساني سرگرمين جو دور هو، جنهن جو مطالعو اڳتي پيش ڪيو ويندو.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

”جتي درياهه هڪ ئي پيٽ مان ٻڌجي وهي ٿو، اُتي ان جي ٻنهي پاسي اُن جي ليٽ جي پکيڙ پنهنجي انتهائي حد کي پهچي وڃي ٿي؛ پر جڏهن ان جو پيٽ مقرر نٿو رهي، تڏهن سندس ليٽ جي پکيڙ اڌ به مس وڃي رهي ٿي.“ سرڪلاڊ انگلس، ”درياهن ۽ واهن جي هلت ۽ انهن تي ضابطو“، (پونا، 1949)، ڀاڱو پهريون، ص 168.

”بنگال جي ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو رسالو“، جلد پنجيتاليهون، ڀاڱو ٻيو (1887) ”پنجاب جي جاگرافيءَ ۾ تبديلين ۽ ان جي درياهن وغيره بابت“ از آر ڊي اولڌام، ص.325 اولڌام جي ان مضمون ۾ ڪتب آيل لفظن ”ڏکڻ “ ۽ ”اتر“ واري پاسي جي معنيٰ ”لهوارو“ ۽ ”اوڀارو“ ورتي وڃي. روهڙيءَ کان ٽپندي، سنڌوءَ جو رخ اوڀر کان اولهه آهي.

آر. بي. بڪلي، ”هندستان ۽ مصر ۾ آبپاشيءَ جا ڪم“، (لنڊن 1893)، ص 94.

يعني يورپ کان ٻاهر ”پو“ ندي ۽ ان کان ڪجهه گهٽ، ”رهون“ نديءَ جو صدين کان اڀياس ڪيو پيو وڃي.

آر. بي. بڪلي، ”هندستان ۽ مصر ۾ آبپاشيءَ جو ڪم“، (لنڊن 1893)، ص 37-36.

آر. بي. بڪلي، ”هندستان۽ مصر ۾ آبپاشيءَ جا ڪم“، ص 37 هئگ نيل نديءَ لاءِ جيڪو 24 ڪروڙن مڪعب والن جو انگ ڏنو آهي، سو قدرتي طرح سندس دليل کي بي وزنو ڪري ٿو. (ميجر جنرل ايم. آر. هئگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“ ص 70)

”سنڌوءَ جي ڇوڙ جي مارچ 1877 ۾ ڪيل سروي جي رپورٽ“، از ليفٽيننٽ اسٽف، هندستان جي اڳوڻي سامونڊي فوج، حوالو ڏيندڙ هئگ، اڳيئي ڄاڻايل ٽڪري ۾.

سنڌ گزيٽيئر، 1907، 110.

8. الف. ”هندستان ۽ برما جي ارضيات جو رسالو“، ٽيون ڇاپو،           1950      ، لکندڙ: سر اي. ايڇ. پاسو، ص 280

ايليزي ريڪلس، ”ڌرتي“، لنڊن، 1878، ص 402.

ريڪلس، ”ڌرتي“، ص 412.

سرڪلاڊ انگلس، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب جو ص 172.

هن ڪتاب جو ص 23.

ڊيليو ايل. اسٽرينج سکر وٽ وڌ ۾ وڌ وهڪري جو انگ 9 لک مڪعب فٽ في سيڪنڊ ڄاڻائي ٿو (هندستاني انجنيري“، ص 144). سرڪلاڊ انگلس لکي ٿو: ”وڌ ۾ وڌ رڪارڊ ڪيل چاڙهه (ماپڻي جي خرابيءَ ڪري اوائلي انگن اکرن جي غلطين سڌارڻ کان پوءِ) 7 لک 30 هزار ڪيوسڪ هو“ ۽ هو وڌ ۾ وڌ امڪاني وهڪري جو انگ 9 لک ڪيوسڪ ڄاڻائي ٿو. وهڪري جي ماپن جي داخلا 1921 کان پوءِ ئي لڳاتار ڪئي پئي وڃي. (”درياهن ۽ واهن جي هلت ۽ انهن تي ضابطو“، ص 127، 183).

انهيءَ گهاري منجهان نيڪال ٿيل پاڻيءَ جي ڪٿ 90 هزار ڪيوسڪ ڪئي ويئي آهي، ۽ 2600 چورس ميل ايراضي ٻوڏ هيٺ اچي ويئي هئي. (سرڪلاڊ انگلس، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 177).

”بنگال جي ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو رسالو“ جلد ايڪونجهاهون، ڀاڱو پهريون، (1892): ”سنڌ جو مهراڻ ۽ ان جون ڏاني نديون“، از ميجر ايڇ. جي. ريورٽي، سنڌ ڍوري لاءِ ڏسو ص 307، ۽ 1874 واريءَ ٻوڏ لاءِ 311 ۽ 312. جيستائين مون کي پتو آهي ته ٻوڏن جو تنهن سال وارو پورو ورتل نه هو.

اٽڪل ٻه هزار چورس ميل.

غوثپور سنڌ جي حد کان اٽڪل 50 ميل ۽ بهاولپور  شهر کان ٿورو وڌيڪ پري، ذري گهٽ مٺڻ ڪوٽ جي بنهه سامهون آهي. هي پڻ ڏسو: ”بمبئي سرڪار جي دفترن مان انتخاب“، نمبر پنجيتاليهون؛ ”اڀرند  ناري جي مٿئين ڀاڱي بابت رپورٽ“، لکندڙ جي. جي فائيف ۽ ٻيا ص 12، 26 ۽ 37.

اسٽرينج، اڳيئي ڄاڻايل ڪتاب، ص 149.

”سنڌ گزيٽئر“، ص 283، 286. پڻ ڏسو: هئگ، سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ضميمو”ج“ ص 131.

سيلاني مسن 32-1831ع ۾ ”الهندي ناري“ بابت لکي ٿو: ”وسهڻ ۾ ائين ٿو اچي ته پوين ورهين ۾ ان واهه اندر اڳي کان گهڻو وڌيڪ وڌيڪ پاڻي اچي ٿو، ايتري تائين جو اهو به، پنهنجي ڄڻيندڙدرياهه سنڌوءَ جيان، اُٿلي پوي ٿو.“ (”بلوچستان، افغاستان ۽ پنجاب ۾ ڪيل مسافرين جو احوال“، 1846، جلد ٻيو، ص 139).

سنڌ گزيٽئر، 1907، ص 303.

ڀيٽيو ”سنڌ گزيٽئر“ جو ص 40.

”سنڌ گزيٽئر“، ص 286، 288.

ابن حوقل ۽ ٻيا، جن جي لکڻين جا حوالا سر ايڇ. ايم، ايليئٽ پنهنجي ڪتاب،”هندستان جي تاريخ، ان جي پنهنجن تاريخنويسسن جي زباني“، جي ٻئي جلد ۾ ڏنا آهن. اهو ياد رهڻ گهرجي ته پلائني، ميگاسٿينز جي روايت جي بنياد تي، ڄاڻائي ٿو ته سنڌوءَ ٻه شاخي ٿي، هڪڙو وڏو ٻيٽ، ”پرسياني“، ٺاهيو ٿي (ڏسو هن ڪتاب جو باب اٺون).

آر. بي. بڪلي، ”هندستان جا آبپاشيءَ وارا ڪم“، (ڊبليو. ايڇ. ايلن، 1880)، ص 157، ”مهراڻ“، ص 300.

ب.س.د.ا جلد پنجونجاهون (نئون سلسلو)، ”اڀرندي ناري جي مٿئين ڀاڱي بابت رپورٽ:“ ب.س.د.ا، جلد پنجاهون نئون سلسلو)، ”اڀرندي ناري بابت رپورٽ“، از ڪئپٽن فائيف.

ڪئپٽن بيڪر ناري واهه جي چڪاس ڪرڻ وارو پهريون انجنيئر هو. هن کي 18 فٽن جي چاڙهه جون چٽيون نشانيون نظر آيون هيون (”مهراڻ“، ص 421).

ڏسو هيٺ ڄاڻايل:

”ڪلڪته ريويو“، جلد اوڻهٺيون، نمبر 117، (1874)، مضمون پهريون، ”هندستاني ريگستان جي وڃايل نديءَ تي نوٽ“، (گمنام)؛ ايضاً، جلد سٺيون، نمبر 120 (1875)، مضمون پنجون، ”هندستاني ريگستان جي وڃايل ندي“- هڪ تبصرو،  از ”نيارڪس“؛ ب.ا.س.ر جلد پنجيتاليهون، ڀاڱو ٻيو، (1887)، مضمون ارڙهون، ”پنجاب جي جاگرافيءَ ۾ امڪاني تبديلين ۽ ان جي درياهن وغيره بابت“، آز آر. ڊيئ اولڌام؛ ايضاً جلد ڇائيتاليهون، ڀاڱو پهريون، (1892)، ”سنڌ جو مهراڻ ۽ ان جون ڏاني نديون“، از ميجر ايڇ. جي.ريورٽي ان جلد جو ضميمو الف به ڏسو.

س.ت.س.ر، جلد اٺون، ص 51.

رگ ويد جي هڪڙي اشلوڪ ۾ سرسوتيءَ کي ”مکيه ۽ سڀني ۾ پوتر ندي“ سڏيندي چيو ويو آهي ته اها ”جبلن کان سمنڊ ڏي رهي ٿي“. انگريزي ترجمو: ايڇ. ايڇ ولس، جلد ڇوٿون، ص 189. ڀيٽيون سر آريل اسٽائين جي مضمون (ص 176) سان جو ”جاگرافيڪل جرنل“ جي جلد نوانوي، نمبر ڇوٿين ۾ آيل آهي.

 ايڇ. ڊيليو.نڪولسن، حوالو ڏيندڙ: آر.بي. وائيٽهيڊ، ”پنجاب ۽ سنڌ جي درياهن جا دڳ“، ”هندستان جو جهونيون وٿون“ مخزن، جلد ايڪهٺيون، ص 128. ڀيٽيو ”مهراڻ“، ص 419.

مهراڻ. ص 411، 412.

مهراڻ، ص 411-410، 213، 412 سر آريل اسٽائين، ”وڃايل سرسوتي نديءَ جي سنوت ۾ آڳاٽن ماڳن جي چوک چڪاس“، ”جاگرافيڪل جرنل“ جلد نوانوي،نمبر چوٿون، ص 179.

آر. بي بڪلي، ”هندستان جا آبپاشيءَ وارا ڪم“، ص 156، اسٽائين، مٿيون حوالو.

مهراڻ، ص 428، 430.

س.ت.س.ر، جلد اٺون ص 52.

ڏسو هن ڪتاب جو باب ٻيو. اهو ڍنڍون گهڻي ڀاڱي ڊگهيون ۽ سوڙهيون آهن، ۽ محور ڏکڻ اولهه کان اتر اوڀر اٿن. بچاءَ بندن جي ڪري ناري جو پاڻي گهڻي وقت کان سڌيءَ طرح انهن۾داخل نٿو ٿئي، پر انهن مان ڪيتريون سيمي جي ڪري عام ڀريل هونديون آهن.

”مهراڻ“ ص 479-478، ميجر ريورٽي ڪو ”چالو ندين“ جي هلت کان بنهه اڻڄاڻ ڪونه هو، ڇو ته انهيءَ ڏس ۾ هو فائيف جي اڀرندي ناري بابت رپورٽ جو حوالو ڏئي ٿو. (ص 415، نوٽ 446).

ڏسو سر ڪلاڊ انگلس جي ڪتاب، ”درياهن ۽ واهن جي هلت ۽ انهن تي ضابطو“، جي ص 165 تي ڏنل سنڌ جي مهانڊن جو نقشو. هن جد جو نقشو نمبر 2 ان جي آڌار تي ئي جوڙيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org