سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ هڪ عام جائزو

باب:

صفحو: 12

 

(12)

سنڌي ٻولي      (1)

 

سنڌي ٻولي، مڃيل سائنسي گروهبنديءَ موجب، هند- آريائي ٻولين جي ٻاهرئين حلقي جي اتر – الهندي سٿ ۾ڳڻي وڃي ٿي. الهندا يعني الهندي پنجابي به ساڳئي سٿ ۾ اچي ٿي. ٻيئي ٻوليون اڃا اتر وارين داردڪ ٻولين، خاص ڪري ڪشميري، سان ويجهو ناتو ڏيکارين ٿيون. آريائي ڪٽنب جي ٻين هاڻوڪين ٻولين جيان، سنڌي به پراڪرت يعني سنسڪرت جي اوائلي عام چالو محاوري منجهان ڦُٽي نڪتل آهي، پر سنڌيءَ جهڙيءَ ريت ان پراڪرت جون خاصيتون سانڍي سنڀالي رکيون آهن، سا ڳالهه ان کي ٻين موجوده هند- آريائي ٻولين ۾ جي بيمثال نه ته ممتاز ضرور ڪري ٿي، ڇو ته ساڳئي سٿ جي ٻين ٻولين ۾ اهي خاصيتون باقاعدي بدلجنديون رهيون آهن. ان سانڍ سنڀال جو وڏو ڪارڻ سنڌ جي نويڪلي بيهڪ آهي؛ سندس عظيم رڻ پٽ کيس ٻين اهڙين ايراضين کان الڳ رکي ٿو، جتي ساڳئي بُڻ واريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.

پراڪرت جي وياڪرڻي ڄاڻوءَ مارڪئڊيه موجب، سنڌ ۾ جا اپڀرنش پراڪرت ڳالهائي ويندي هئي، سا وراچد سڏبي هئي. سندس چوڻ آهي ته گهڻين پراڪرتن ۾ جيڪي لفظ ساڳيا آهن، تن جي اڳياڙين ۾ جيڪي حروف صحيح ”ت“ ۽ ”د“ اچن ٿا، سي وراچد پراڪرت ۾ ڏندن (Dentals) جي بدران تارونءَ (Cerebrals) مان اچارجن ٿا ۽ هو سوسٽ وارن اُچارن (Sibilants) کي ”ش“ ڪري اچار جو لاڙو به ڏسي ٿو. اهي ڦيرا اڄوڪيءَ سنڌيءَ ۾ هردم ٿيندا رهن ٿا، جڏهن ته گهڻين لاڳاپيل ٻولين ۾ائين ناهي.

هندو وياڪرياڻي ڄاڻن، وراچد واري ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ هڪ ٻيءَ پئساچي يا داردڪ ٻوليءَ جو ذڪر به ڪيو آهي. ان داردڪ ٻوليءَ جي هڪڙي خاصيت هيءَ آهي ته جڏهن ”ت“ اکر حروف علت جي وچ ۾ اچي ٿو، تڏهن اهو قائم رکيو وڃي ٿو ۽ ٻين مڙني هند. آريائي ٻولين وانگر ڪڍيو نٿو وڃي. اها خاصيت پڻ هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ اڃا جيئري آهي. اڃا به پٺتي نهاريو ته معلوم ٿيندو ته جنهن پراڪرت پاليءَ ۾ مهاراجا اشوڪ جون گنڌارا واريون لکيتون اُڪريل آهن، تنهن ۾ اسان کي اچارن جون ڪيئي خاصيتون ڏسڻ ۾اچن ٿيون، جي اڃا تائين داردڪ ٻولين ۾ ۽ لهندا ۽ سنڌيءَ ۾ موجود آهن.

سنڌيءَ جي خصوصيتن جي وڌيڪ پرتال ڪرڻ کان اڳ ان ايراضيءَ جو بيان مناسب ٿيندو، جنهن ۾ اها غالب مڪاني ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ان ايراضيءَ ۾ هاڻوڪي سڄو سنڌ پرڳڻو خيرپور سوڌو، ڪڇ جو اُپٻيٽ، بلوچستان جي لسٻيلي وارا ڏاکڻو ڀاڱو، بلوچستان جي ڪڇيءَ وارو ڀاڱو جيڪو اتر- الهنديءَ سنڌ سان الڳو لڳ آهي ۽ بهاولپور جو ڏاکڻو ڀاڱو اچي وڃن ٿا.

معياري سنڌي يعني ادبي ٻولي اها آهي، جا وچولي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. تنهن کان سواءِ سنڌيءَ جا پنج ٻيا محاورا يا اُپڀاشائون به آهن: سرائڪي، جا مٿينءَ سنڌ ۾ ڪڇيءَ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي: ٿريلي يا ڍاٽڪي، جا اڀرندي رڻ پٽ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي: ڪڇي، جا ڪڇ جي اپٻيٽ ۾ ڳالهائجي ٿي: ۽ لاسي، جا ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۾ ۽ لسٻيلي جي ڏکڻ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.

جن ايراضن جي مکيه ٻولي، معياري توڙي ٻيءَ ڪنهن صورت ۾، سنڌي آهي، تن ۾ جي اها ايراٰضي به ڳنڍي وڃي، جتي الهندا- جا لٿي پٿي سنڌيءَ جهڙي آهي- ڳالهائي وڃي ٿي، ته اهڙيءَ ريت گڏيل علائقو آڳاٽي ٻڌڪي راڄ جي انهن حدن سان گهڻو ملي ايندو، جي ”چچنامي“ ۾ ڏيکاريل آهن. جن پراڪرتن منجهان لهندا ۽ سنڌي اسريون هيون، سي شايد ملڪ تي داريوس هستاسپ جي قبضي ٿيڻ کان آڳ پاڙون پختون ڪري چڪيون هيون ۽ پوءِ جيڪي يوناني، سَڪه، پارٿيائي ۽ هُوڻ لوڪ آيا، تن جو ٻوليءَ تي ڪو خاص اثر نه پيو هوندو، باقي هنن ان جي لفظن جي ڀنڊار ۾ ممڪن آهي ته ڪو واڌارو ضرور ڪيو هجي.

سنڌيءَ جا جيڪي خاص ۾ خاص گڻ آهن، سي سڀ ان کي اتر – اولهه جي داردڪ ٻولين سان ڳنڍين ٿا. انهن ۾ وڌيڪ مکيه هي آهن: ٻٽن حروف صحيح ڏانهن لاڙو: ضميري پچاڙين جو گهڻو واهپو: هر لفظ جي حرف علت تي پڇاڙي ڪرڻ: ۽ فعلن جي بيقاعدي اسم مفعولن جو چڱو چوکو تعداد.

سنڌيءَ ۾ چار ٻٽا حرف صحيح آهن: ٻ، ڏ، ڄ ۽ ڳ، جن جو الٿو سر جارج گرپئرسن هيئن بيهاري ٿو: ب- ب، ڊ-ڊ، ج-ج ۽ گ-گ. اهي پراڪرت ۾ به آهن، گهڻن پراڪرتي ٻولين ۾ هڪڙو حرف صحيح ڇڏي وڃبو آهي ۽ ان جي عيوض اڳ وارو آواز ڊگهو ڪري اچاربو آهي ڪشمريءَ وانگر سنڌيءَ ۾ پڻ هڪڙو حرف صحيح ڇڏبو ته اڳ وارو آواز ڪونه ڦرندو، پر عام طرح ساڳوڻي سنڌي لفظ ۾ اهو پراڪرتي ٻٽو حرف صحيح قائم رهي ٿو؛ ۽ وڌيڪ مکيه خاصيت هيءَ آهي ته پراڪرت جي اصل لفظ ۾ ڇڙو هڪڙو حرف صحيح هوندو ته سنڌيءَ ۾ اڪثر اهو ٻٽو هوندو.

ضميري پڇاڙين جو گهڻو واهپو دادرڪ ٻولين ۾ به آهي، مثال طور، ڪشميريءَ ۽ لهندا ۾؛ پر اهو فقط سنڌيءَ ۾ آهي، جو اهي پڇاڙيون وڏي پيماني تي لاڳو ڪيون وڃن ٿيون. ڪشميريءَ ۾ اهي رڳو اسم سان ڳنڍبيون آهن ۽ لهندا ۾ رڳو فعل ۽ اسم سان، سنڌيءَ ۾ اهي ضميرن (Post-Positions) سان پڻ ڳنڍيون وينديون آهن. فعلن سان اهڙيون پڇاڙيون ڳنڍي، ”مون هن کي ماريو“ جملي کي هڪڙي لفظ ۾ ادا ڪري سگهجي ٿو. ”هن جو“، ”هن جو پيءُ“ ۽ ”منهنجو مٿو“ جهڙا اصطلاح ذري گهٽ ۾ هر ڀيري اهڙيءَ ريت ادا ڪيا ويندا آهن. ان جي نتيجي ۾ محاوري ۾ جيڪو اختصار پيدا ٿئي ٿو. سو ان کي گفتگوءَ جو هڪ اعليٰ درجي جو وسيلو بڻائي ٿو. شايد ان جي اهائي خاصيت آهي، جا انهن کي گهڻي کان گهڻو موهي ٿي، جن ٻين هندستاني ٻولين سان ايتري ئي واسطي پوڻ کان پوءِ هن ٻوليءَ سان لهه وچڙ ۾ اچن ٿا.

سنڌيءَ جي جنهن مکيه خاصيت ڏانهن پورو ڌيان نه ڏنو ويو آهي، سا آهي ان جي هر لفظ جو حرف علت تي پورو ٿيڻ، جوگڻ ٻيو فقط ڪشميريءَ ۾ آهي. دراصل اهي، پڇاڙيءَ وارو حرف علت ايترا جهڪا ۽ جهيڻا اچاريا ويندا آهن جو يورپي ماڻهن کي انهن جي لکا ئي نه پوندي آهي، شايد سواءِ انهيءَ وقت جي، جنهن وقت اهي لفظ چيا نه پر ڳايا ويندا آهن. فرينچ ٻوليءَ ۾ جنس مؤنث جي پڇاڙيءَ ۾ جيڪو “e” جو هلڪو اچار هوندو آهي، سو لڳ ڀڳ سنڌيءَ جهڙو آهي؛ جڏهن ته خود سنڌيءَ ۾ قدري ساڳيءَ خاصيت جو مثال  به ملي ٿو. اهو هيءُ ته بعضي بعضي حرف صحيح جي وچ ۾ زوريءَ ڇوٽو حرف علت ”“ ( اِ) يا ”هه“ اکر پويان ”ي“ وجهي ڇڏيندا آهن. عام طرح، اهي ڇوٽا حرف علت لفظ جي پڇاڙيءَ واري آواز کان وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. پچاڙيءَ وارا ائين لڳندا آهن، ڄڻ حرف صحيح ۾پورا ٿيندا هجن. اهڙيءَ ريت، اڪثر آسمان ”آس-مان“ ڪري ۽ مهماني ”مهيه ماني“ ڪري اچاريو ويندو آهي.

سڀني هند- آريائي ٻولين جيان، سنڌيءَ ۾ به اسم جي حالت فاعلي ۽ حالت مفعولي آهي؛ پر ان سان گڏوگڏ ان ۾ حالت جري ۽ حالت ندا به آهن، صفت جي سلسلي ۾ سنڌيءَ جي هڪ ننڍڙي خاصيت هيءَ آهي ته  جڏهن اسم جمع سان  صفت لاڳو ڪري گردان ڪجي ٿو، تڏهن ان صفت کي به جمع ۾ آندو وڃي ٿو ۽ نه هنديءَ وانگر صفت واحد ۾ رهي ٿي.

سنڌيءَ ۾ فعلن جو گردان عام هنديءَ ۽ ٻين ٻولين جي سرشتي سان ويجهي مشابهت رکي ٿو. سنڌي ۾ زمان ماضي شرطيه ڪونهي، پر ان جي کوٽ ماضي اسمتراري، ماضي مطلق يا ماضي بعيد بياني سان اڌو گابري پوري ڪئي وڃي ٿي. ٻئي پاسي، سنڌيءَ ۾ زمان ماضي مدامي آهي، جو فقط ان ۾ ئي آهي ۽ مکيه فعل جي زمان ماضيءَ سان ”ٿي“ ڳنڍڻ سان ٺهي ٿو. ”ٿي“ ”ٿو“ جي شڪل آهي. ”ٿو“ ڦيرو کائيندڙ حرف آهي ۽ ان کي هڪ مددي فعل جي رهجي ويل صورت ڄاڻي سگهجي ٿو، جنهن جي معنيٰ به ”هئڻ“ ئي هئي. رڳو ”ٿو“ ئي گردان ۾ ڦري ٿو، باقي ”ٿي“ عام صورت ۾ رهي ٿو. جڏهن ان مددي ”ٿو“ کي ٻئي فعل جي مضارع مجهول مان ڳنڍي زماني حال بياني ٺاهڻ لاءِ واپرايو وڃي ٿو، تڏهن اهو جنس ۽ عدد ۾ فاعل سان لڳي ٿو: اهڙيءَ ريت، ان جو صفت وارو ڪم به آهي. سنڌيءَ جو مضارع مجهول شرطي نوعيت جو آهي، جيئن هند- آريائي ٻولين ۾. پر ڪڏهن ڪڏهن اهو زمان حال بيانيءَ يا، جئين ڪشميريءَ ۾، زمان مستقبل بيانيءَ جو اثر به رکي ٿو.

سنڌي ۾ ان نياري ”ٿو“ کان سواءِ ٻه ٻيا مددي فعل به آهن: هڪڙو ”آهيان“ جيڪو انگريزيءَ جي “I am” وانگر فقط زمان حال ۾ ڪم اچي ٿو؛ پر اهو ڌار به واپرائي سگهجي ٿو، جا ڳالهه انگريزيءَ ۾ ناهي. ٻيو فعل آهي ”هئڻ“، جو توڙ تائين گردان ۾ اچي ٿو.

سنڌيءَ ۾ فعلن جي مشتق اسمن (Participles) مان زمانن ٺاهڻ جو ڏاڻءُ به علحدو آهي. اسم حاليي کي واپرائي زمان مستقبل بياني ٺاهيو وڃي ٿو ۽ نه هنديءَ وانگر زمان ماضي شرطيو، جنهن زمان بابت اڳيئي ڄاڻايو اٿئون ته سنڌيءَ ۾ ڪونهي. گهڻيون لاڳاپيل ٻوليون پنهنجو زمان مستقبل سنسڪرت جي جهوني اسم مستقبل مجهول ٺاهينديون آهن. اسم مفعول جيڪو ”مجهول“ جي معنيٰ رکي ٿو، ان مان نڪتل زمان سنڌيءَ ۾ انهيءَ فعل مجهول جي معنيٰ ۾ واپرائي ۽ پوڌ ٻوڏ فعل لازميءَ جيان گردان ۾ ڦيرائي سگهجن ٿا، جا ڳالهه هنديءَ ۾ ڪانهي، پر جڏهن ان کي، هنديءَ وانگر ”معروف“ معنيٰ ۾ ڪم آڻبو، تڏهن فاعل سڌيءَ طرح فاعلي حالت ۾ اچي ويندو.

ماضي مطلق، ماضي بعيد ۽ مستقل، اهي زمان سنڌيءَ ۾، هنديءَ جيان، باقاعدي ٺهندا آهن.

سنڌيءَ ۾ اسم مفعول جون ٻه پڇاڙيون آهن: هڪڙي ”سو“، جا فعل جي معنيٰ رکندڙ ٿئي ٿي ۽ ٻي ”ستل“، جا نج صفتي مفهوم رکندڙ ٿئي ٿي. ٻيئي پڇاڙيون ڦيري- جوڳيون آهن. سنڌي انهيءَ لحاظ کان گجراتيءَ، مرهٽيءَ ۽ ٻين ٻولين کان نرالي آهي، جي هند- آريائي ٻولين جي ٻاهرئين دائري جي اڀرندي سٿ ۾ اچن ٿيون. انهن ٻولين ۾ اسم مفعول جي فقط هڪڙي پڇاڙي ”سل“ ئي آهي. سنڌي فعلن ۾ اسم مفعول اڪثر بيقاعدي ٺهي ٿو. انهيءَ ڏس ۾، اها وري به ڪشميريءَ ۽ لهندا سان ملي ٿي.سنڌيءَ ۾ ان جا ڪي 128 مثال موجود آهن. ايترا گهڻا مثال اوڀر ۽ ڏکڻ وارن علائقن جي ٻيءَ ڪنهن به هند- آرياڻي ٻوليءَ ۾ نه ملندا. هنديءَ کي ئي وٺو: ان ۾ رڳي ست اهڙا مثال آهن. ٿي سگهي ٿو ته سنڌيءَ ٻولي جي انهيءَ خصوصيت ۾ انهن نون نسلن جو به ٿورو گهڻو هٿ هجي، جي هڪٻئي پويان سنڌو ماٿر اندر لڏي پلاڻي ايندا رهيا آهن. ان ٻوليءَ جي هڪ ٻي نرالي ڳالهه هيءَ آهي ته هڪ - گهٽ- پوئين آواز کان پوءِ ”ت“ وجهي به اسم مفعول ٺاهيو آهي.

سنڌيءَ ۾ فعلن جو چڱو چوکو تعداد بالواسطه يا سببي صورت وارو آهي. اها صورت عام طرح ڌاتوءَ سان ”ءِ“ ڳنڍي حاصل ڪبي آهي. اهڙيءَ ريت ٺهيل فعل باقاعدي گردان ۾ ڦرندو آهي. پر ڪيترا سببي فعل ٻيءَ طرح به ٺهندا آهن؛ مثال طور، خود ڌاتوءَ کي ڦيرائڻ سان. سنڌيءَ جي هڪ خاص ڳالهه ٻٽو سببي فعل آهي، جنهن جي ڪري مفهوم جو پورو پورو اظهار ممڪن ٿي پوي ٿو.

سنڌيءَ جي هڪ ٻي خاصيت آهي ”فعل مجهول“ (Passive Voice) جوگهڻو واهپو، خاص ڪري لازمي فعل جي فعل مجهول جو اها مجهول صورت ضمير واحد غائب ۾ واپرائجي ٿي. مثال طور: ”آءٌ ويس ٿي“ جي بدارن چوندا  ”مون کان وڃڻ ٿيو ٿي“. فعل مجهول ٺاهڻ جي باقاعدي صورت هيءَ آهي ته ڌاتوءَ سان ”ئج“ ڳنڍيندا آهن، جنهن ۾ همزي جو آواز ڇوٽو ٿئي ٿو. اهو طريقو شينا سان، جا پڻ هڪ داراڪ ٻولي آهي، گهڻو ملي اچي ٿو. ان ٻوليءَ ۾ فعل مجهول ٺاهڻ لاءِ ”ئج“ ڳنڍيو وڃي ٿو، پر ان ۾ همزي جو آواز ڊگهو ٿئي ٿو.

ٻين هند-آريائي ٻولين جيان سنڌيءَ ۾ به مرڪب فعل – تاڪيدي، احتمالي ۽ تڪميلي- عام واپرائجن ٿا، جن ۾ مددي فعل گهڻو ڪري اهڙوئي ٿئي ٿو، جهڙو هنديءَ ۾.

 

مٿي سنڌيءَ جون جيڪي خاصيتون بيان ڪيون ويون آهن*، سي اپڀاشائن توڙي وچولي جي ادبي ٻوليءَ ۾ گهڻو ڪري موجود آهن. هاڻ اچو ته اپڀاشائن جي پنهنجين خاصيتن تي نظر وجهون. اهي اپياشائون، جيئن اڳيئي ڄاڻايو اٿئون، آهن: سرائڪي، ٿريلي يا ڍاٽڪي، ڪڇي، لاڙي ۽ لاسي.

پنجان کان لڏي آيل جاٽ (جت)، ڪي بلوچ ۽ ٻيا قبيلا جيڪا لهندا ڳالهائيندا آهن، تنهن کي سنڌ ۾ عام طرح سرائڪي چئبو آهي. پوءِ اهي سنڌ ۾ ڪٿي به هجن، اهائي ٻولي واپرائيندا آهن. ان جي ٻي معنيٰ سنڌيءَ جو اهو قسم به آهي، جيڪو سري ۾ يعني ٿلهي ليکي دادوءَ ۽ ڪوٽ لالوءَ  واري ويڪرائي ڦاڪ جي اتر ۾ ڳالهايو وڃي ٿو. پر اهو قسم اپڀاشا چوائڻ جو حقدار نه آهي. ان کي عام طرح وچولي يا معياري سنڌيءَ جومَٽ ڄاتو وڃي ٿو، ڇو ته اها ان کان رڳو اچار ۾ ڦريل آهي ۽ منجهس ڪي بدلي جا (Alternative) لفظ ڪونهن. ان جا ڳالهائيندڙ حرف صحيح جا آواز شد مد سان اچاريندا آهن، ۽ ڳالهائڻ وقت تارونءَ مان اچارجندڙ اکر ”ٽ“ ”ڏ“ ”ڍ“ جي پويان اکر ”ر“ وجهڻ جو لاڙو به اٿن، پر لکڻ وقت ائين نه ڪندا آهن.

سنڌيءَ جي ٿريلي يا ڍاٽڪي ۽ ڪڇي صورتن ۾ ترتيبوار راجستانيءَ ۽ گجراتيءَ چوکي ملاوت آهي. اهي صحيح معنيٰ ۾ اُپڀاشائون نه آهن، بلڪ گاڏڙ (Mongrel) زبانون آهن، ۽ ڳالهائيندڙن جي ٺڪاڻن ۽ نسلي بڻ بنياد پٽاندر ڪڏهن هڪڙي ته ڪڏهن ڪجهه ڦري ٻيون ٿي وينديون آهن.

ٻئي طرف لاڙي صحيح معنيٰ ۾ اپڀاشا آهي. معياري سنڌي ڳالهائيندڙ ان کي ڄٽڪي ٻولي سمجهندا آهن- ”جا ٻولي لاڙ ۾ ماڻهو ڳالهائين ٿا، سا ٻولي سري ۾ ڍورن جي اَ- ۽ سچ پچ ته اها لڳي به سنڌيءَ جي اوائليءَ ۾ اوائلي (Primitive) صورت ٿي. لاڙو اگرن آوازن کي ڪُنئري ڪرڻ ڏانهن، تارونءَ مان اچارجندڙ اکر ”ڙ“ جي جاءِ تي ڏندن مان اچارجندڙ اکر ”ر“ واپرائڻ ڏانهن ۽ ڀرپاسي وارين ٻولين ۾ جيڪي ”هه“ جي اچار وارو وسرگ آهن، تن مان انهيءَ اچار ڪيرائڻ ڏانهن اٿن. اهي وصف داردڪ ٻولين جا آهن، جن ۾ وسرگ جهڙا آهن تهڙا ناهن. لاڙيءَ ۾ گهڻا لفظ اهڙا به آهن، جي رڳو ان ۾ آهن. انهن منجهان ڪيترا ته روز مرهه جي ڳالهه ٻولهه ۾ ڪم اچن ٿا.

لاسي پڻ صحيح معنيٰ ۾ اپڀاشا آهي. اها لاڙيءَ سان نه پر وچوليءَ سان مشابهت رکي ٿي، پر ان کان ڦريل به آهي، جو ان ۾ متڪلم ضميرن جون خاص صورتون، ڪي خاص پڇڙيون ۽ ڪيترا بنهه پنهنجا لفظ آهن. انهن مان ڪي لفظ ممڪن آهي ته پراڪرت کان به ڪنهن وڌيڪ آڳاٽيءَ ٻوليءَ يا ٻولين منجهان نڪتل هجن.

عربن جي سوڀ وقت سنڌي ضرور ڄميل، لچڪيدار، ڀري ڀاڳي ٻولي هوندي، پر ان واقعي جي ڪري ۽ اسلامي دنيا ۾ شامل ٿيڻ جو ڪري اها پاڻ وڌيڪ شاهوڪار ٿي. اهو لاڳاپو مٿيئن هندستان تي غزنوي ۽ غوري سلطانن جي فتح کان ڪي ٽي سؤ ورهيه اڳ شروع ٿيو هو ۽ ان جي نشاني عربي لفظن جي تياري واهپي جي شڪل ۾ ملي ٿي. ٻين هندستاني ٻولين ۾ دين، سائنس ۽ اسلامي فلسفي سان واسطه رکندڙ عملي لفظ عام طرح عربيءَ تان کنيا ويا آهن، پر سنڌيءَ ڪيترا عام سادا سودا لفظ به پنهنجا ڪيا آهن. جبل، شيءَ، خيمو، بصر، ڪتاب – اهي سڀ عربي لفظ آهن. اهڙا لفظ پڪ ئي پڪ سنڌيءَ طرح عربن کان ورتا ويا هئا، جڏهن ته ٻين هندستاني ٻولين ۾ عربي عنصر فارسيءَ سان گڏ ۽ ان جي ڀاڱي طور آيو هو. فارسي لفظ به سنڌيءَ ۾ عام جام واپرائجن ٿا. پر هندستان جي ٻين حصن وانگر هت به ان جو اثر لفظن جي ذخيري تي پيو آهي ۽ نه ٻوليءَ جي نحوي بناوت تي. جيئن اڳيئي بيان ٿي چڪو آهي، سنڌيءَ ۾ زمان حال بياني زمان مضارع سان حرف ڳنڌي ٺاهيو وڃي ٿو، جو طريقو فارسيءَ ۾ به آهي. پر هيءَ حقيقت ته سنڌيءَ ۾ انهن جو ڦيرو ٿئي ٿو ۽ فارسيءَ ۾ نٿو ٿئي، سا ڏيکاري ٿي ته سنڌيءَ اهو طريقو ڪنهن مشترڪ آڳاٽي ماخذ کان سڌو سنئون پرايو هو ۽ ان جي اها اصلوڪي صورت قائم رکندي اچي ٿي. اسان کي سنڌي جملن ۾ لفظن جي فارسيءَ واري ترتيب ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي، جيئن ڪڏهن ڪڏهن اڙدوءَ ۾ پسجي ٿي. سنڌيءَ جيڪي فارسي لفظ پنهنجا ڪيا آهن. سي ائين ناهن اچاريا ويندا، جيئن ايران ۾؛ نه ئي وري چالو عربي لفظن جو گردان عربيءَ جي قاعدي موجب ٿئي ٿو. انهن کي سنڌيءَ جي پنهنجي خاص نحوي سرشتي مان پاڻ کي ٺهڪائڻو پوي ٿو.

هن مختصر جائزي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن وقت اسان وٽ جيڪا سنڌي آهي، تنهن ۾ ملڪ جي تاريخ جا ڪيترائي انگ جهلڪن ٿا ۽ ان مان سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ حالتن جو اثر پڻ نرالو مخصوص سڀاءُ، عمومي طور نثر کان وڌيڪ نظم ۾، جهلڪندو نظر ايندو؛ پر زير نظر تصنيف ۾ انهيءَ موضوع جي اپٽار ڪرڻ واجبي نه ٿيندو.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

 

هيءُ باب ذري گهٽ سڄي جو سڄو سر جي. آر. گريئرسن جي ڪتاب، ”هندستان جي ٻولين جو جائزو“، جي جلد اٺين، ڀاڱي پهريئن، ۽ رچرڊ ايف. برٽن جي ڪتاب، ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“، (ڊيليو. ايڇ. آلين، 185) جي آڌار تي لکيو ويو آهي.


 


* سنڌيءَ جي اڃا به هڪڙي خاصيت آهي ”اڪرترڪ“ يا فعل بيقاعل.ڪاڪو ڀيرومل ان بابت لکو ٿو؛ ”اهو فعل هن وقت سنڌيءَ کان سواءِ ڪنهن به يورپي توڙي پرڏيهي ٻوليءَ ۾ ڪونهي، جو جملي جوڙڻ لاءِ فاعل ضرور کپي. ”رستي تي هلبو آهي“، ”باغ ۾ گهمبو آهي.“ ”ڊوڙجي ٿو ته پگهر ٿئي ٿو“-ههڙن جملن ۾ رڳو ڪا عام حقيقت ڄاڻائجي ٿي ۽ خاص ماڻهوءَ يا شي جي ڳالهه نٿي ڪجي، تنهنڪري ههڙن جملن کي واعل ٿيندو ئي ڪونهي. انهيءَ سبب ههڙن جملن جو صحيح ترجمو ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪري ڪين سگهبو. (سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، 1972ع، ص 329). ____ مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org