ڊرهمو مندر حيدرآباد
شهر حيدرآباد ۾ هڪ ايڪانت ۽ هوادار ۽ سندر رمڻيڪ ڌرمي اسٿان سول
اسپتال جي نزديڪ برهمو مندر پرسڌ آهي. اسٿان سان
لاڳو سنڌ جي مهاتمائن ساڌو نولراءِ ۽ ساڌو هيرانند
جون سماڌيون آهن. ايڪانت پسند ڪندڙ ڌرمي خيالن
وارا منش ان ڌرمي اسٿان جو لاڀ پراپت ڪري سگهن ٿا.
ان ڌرمي اسٿان جو پايو وجهندڙ ساڌ نولراءِ ۽ ساڌو
هيرانند هئا. ان اسٿان جي سنڀال هن وقت هڪ ڪاميٽي
ڪري ٿي، جنهنجو سيڪريٽري پروفيسر نرملداس ڌرمداس
گربخشاڻي آهي.ان مندر ۾ سڀ ڪنهن آرتوار تي ڀائر ۽
ڀينرون گڏجي هري ڪيرتن ۽ ايشور جي پرارٿنا ڪن ٿا.
هرهڪ سال سپٽمبر مهني جي ٽئين آرتوار تي ان اسٿان
جو ساليانو اُتسو ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي.
ان اسٿان جو مهورت سپتمبر مهني سال 1875ع ۾ مهارشي
ديوندر ناٿ ٽئنگور جي پٽ ستيندر ناٿ تئنگور آءِ.
سي. ايس جو حيدرآباد جو ان وقت سيشن جج هو، تنهن
ڪيو هو. زمين جنهن تي مندر جي اڏاوت ٿيل آهي سا
سرڪار مان ساڌو نولراءِ کي مندر لاءِ ملي هئي.
انهي مندر جي اڏاوت تي جيڪو خرچ ٿيو، سو گهڻو ڪري
ساڌو نولراءِ سڀ پنهنجي هڙان ڪيو.ڪوبه عام چندو
چيرو ڪونه ڪيو ويو هو.
برهمو مندر هڪ ايڪانت واري جاءِ آهي. منجهس باغيچي جو ٽڪرو به
آهي، جنهن ۾ ڪيترا بڙ جا وڏا وڻ آهن، جي ڏاڍي رونق
لڳايو ۽ ڇانوَ ڪيو بيٺا آهن. هڪڙو بڙ جو وڻ وچ ۾
آهي، جنهنجي چوڌاري ٿلهو ٺهيل آهي. اهو بڙ جو وڻ
ايڏو ته وڏو آهي جو انجي ڇانو هيٺ ڪيترا ماڻهو
ويهي سگهن ٿا. الهندي پاسي سنڌ جي آتمائن ساڌو
نولراءِ ۽ ساڌو هيرانند جون سماڌيون ٺهيل آهن جن ۾
سندن سنک رکيل آهي.
مندر جي جاءِ جهوني ٿي ويئي هئي. تنهنڪري راءِ بهادر ديوان
تاراچند شوقيرام پنهنجي حياتي ۾ اٺ هزار روپيه
پنهنجي هڙان خرچ ڪري هڪ وڏو هال مندر کي ٺهرائي
ڏنو. سماڌين واري جاءِ راءِ صاحب حشمتراءِ
لعلسنگهه پنج هزار روپيه خرچ ڪري نئين سر ٺهرائي
آهي. سماڌين جي ڀرسان ڏکڻ پاسي گولائي ۾ هڪ ٻئي
مٿان ٿلها ٺهيل آهن جتي ساڌو هيرانند پنهنجي
حياتيءَ ۾ ٻين سنگين سان گڏجي شام جي وقت اچي
ايڪانت ۽ ڌيان ۾ پنهنجو وقت سڦلو ڪندو هو. اهڙو
سندر، هوادار ۽ ايڪانت وارو ڌرمي اسٿان حيدرآباد
بلڪ سڄي سنڌ ۾ ڪو مشڪل هوندو. برهمو مندر ۾ ساڌو
نولراءِ ۽ ساڌو هيرانند ۽ ٻيا سنگي هر روز شام جو
ٿلهي تي بڙ جي هيٺان ويهي. ڌرمي پستڪ پڙهندا هئا ۽
ڀڄن ڀاءُ ۽ پرارٿنائون ڪند اهئا. هرهڪ آرتوار
ڏينهن صبوح جو مندر ۾ اُپاشنا ۽ ڀڄن ۽ ڪيرتن
ٿيندوهو ۽ هن وقت پڻ ٿيندو اچي ٿو. برهمو مندر جي
هيٺين سڄڻن شيوا ڪئي آهي.
ديوان ڪؤڙومل چندن مل کلڻائي (2) بابو نند لعل سين (3) ڀڳت
روپچند (4) ديوان پرڀداس شيوڪرام (5) ڀائي ٽهلرام
ليلارام (6) ساڌو ايشور داس (7) ديوان ڪندن مل (8)
ڊاڪٽر نيڀراج (9) ديوان ڌرمداس ڀوڄراج (10)
پروفيسر نرملداس.
سال ٻه سال سپٽمبر مهني جي ٽئين آرتوار تي برهمو مندر ۾ اُتسو
ملهائڻ ۾ اچي ٿو. جڏهن ساڌو ايشور داس، ڀڳت
روپچند، ديوان پرڀداس، ڀائي ٽهلرام ۽ ديوان ڪندن
مل للڪار سان برهمو مندر ۾ سالياني اُتسو تي ۽
سڀڪنهن آرتوار تي اُپاسنا ڪرڻ وقت گڏجي شبد
ڳائيندا هئا تڏهن ٻڌندڙن جا وار کڙا ٿي بيهندا
هئا. سندن مڌر آلاپ وڏي رس سان ڀريل هوندو هو. ان
ڳالهه جو انڀؤ انهن کي آهي جن اهو شبد ڪيرتن ٻڌو
هوندو. برهمو مندر وارن جا متا هيٺيان آهن.
Faith, Prayer, Purity, Love and God.
ڀڳت روپچند حيدرآباد برهمو سماج جا جي گهڙا ڀريا
آهن سي ڪنهن کان ڳجها نه آهن. هو برهمو سماج جو
ڄڻڪ هڪڙو چمڪندڙ ڏيئو هو. ڀڳت روپچند برهمو سماج ۾
گهڻو اُتساه ڦوڪيو. ٻئي ڀائر ساڌو نولراءِ سندس
ننڍڙو ڀاءُ ساڌوهيرانند ۽ ٻيا ان مندر ۾ هر روز
شام جو اچي ايشور پرارٿنا ڪندا ۽ ايشور جو ڌيان
ڪندا هئا. برهمو مندر ۾ ساڌو هيرانند ۽ بابو نند
لعل سين گڏجي ايشور جي پرارٿنا ڪندا هئا ۽ شبد
ڪيرتن ڳائيندا هئا.
برهم سماج وارن جو زور ايشور پرارٿنا تي آهي. هنن جو اهو متو
آهي ايشور اُپاسنا جي وسيلي منش ايشور کي ويجهو
ٿئي ٿو. برهم مت وارا ايشور اُپاسنا کانسواءِ ٻي
پوڄا اجائي ٿيا سمهن. اُپاسنا جنهن ۾ اُديودن،
آراڌنا، ڌيان، پرارٿنا آهي. هنن جي ڪوشش آهي ته
ذات پات جا ٻنڌن ٽوڙجن ۽ سڀني ڪوڙين پوڄائڻ کي ڇڏي
هڪ پرماتما جي پوڄا ڪرڻ گهرجي انسان، انسان جي
پوڄا يا گرنٿ جي پوڄا ۾ ٿو ڦاسي. تنهن کي انهن
پوڄائن مان آزاد ڪجي. هنن جي ڪوشش سان ڪي قدر
حيدرآباد ۽ ڪراچي جي رهاڪن جي منورتي ۾ ڦيرو
آيوهو. هرهڪ آرتوار ڏينهن صبوح جو سڌو نولراءِ
مندر ۾ اُپاسنا ڪندو هو.هنجي اُپاسنا ۽ اپديش ۾
ڏاڍو رس هوندو هو. برهمو سماج جي سالياني اُتسو تي
ساڌو نولراءِ هميشہ حيدرآباد ايندو هو. اُتسو جو
خرچ پکو سڀ پاڻ ڪندو هو. سڀني سنگتين ساٿين کي
پريتي ڀوڄن پنهنجي هٿن سان کارائيندو هو ۽ پاڻ
سڀني کي کارائي، پوءِ پاڻ کائيندو هو. سالياني
اُتسو وقت حيدرآباد شهر ۾ ننگر ڪيرتن ڪرڻ ۾ ايندو
هو. ساڌو نولراءِ کانپوءِ راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل
۽ ڀڳت روپچند برهمو مندر ۾ هرهڪ آرتوار تي اُپاسنا
۽ اُپديش ڪندا هئا. ديوان ڪوڙومل بلند آواز سان
نصيحت آموز اُپديش ۽ اُپاسنا ڪندو هو. ڀڳت روپچند
جا وري مڌر ۽ مٺا شبد ٻڌندڙن جو تتل هردو ٺاري
سيتل ڪري ڇڏيندا هئا. ڪيترن سالن کان پروفيسر
نرملداس ڌرمداس گربخشاڻي نت نيم سان هرهڪ آرتوار
تي صبوح جو مندر ۽ اُپاسنا ڪري ٿو. اٽڪل 40 – 50
سنگي اچن ٿا. سندس اُپاسنا ۾ چڱو رس ٻڌندڙن کي اچي
ٿو. مس سيتا چنديرام سامتاڻي مئنيجر ڪملا گرلس
هاءِ اسڪول جي پنهنجا مڌر رسيلا شبد ڳائي سنگين کي
وڏو آنند ڏئي ٿي.
برهمو مندر سان گڏ هڪ ريڊنگ روم ۽ لئبرري پڻ آهي. پنگتي سوالن
تي بحث ۽ مباحثا ۽ وياکيان برهمو مندر ۾ ڪيا وڃن
ٿا، برهمو مندر جو وايو منڊل شانتي وارو ۽ پوتر
آهي. پڙهندڙ هرهڪ آرتوار تي صبوح جي وقت مندر ۾
ستسنگ ۾ شامل ٿي آنند حاصل ڪري سگهن ٿا.
گورسنگت هيرآباد
شهر حيدرآباد ۾ هيرآباد ڪوارٽر ۾ هڪ وڏو ڪشادو ۽ عاليشان ڌرمي
اسٿان گورسنگت جي نالي سان پرسڌ آهي. ان ڌرمي
اسٿان جو پايو سال 1918ع سنبت 1974 ۾ هولي جي پرڀ
تي وڌو ويو هو. ان اسٿان جا مکيه اوائلي بانيڪار
مستر خانچند پرتابراءِ لعلواڻي، مسٽر فتحچند
مينگهراج آڏواڻي ۽ ديوان ليلارام جج ۽ مستر
وسئيومل، مستر ڊنگومل گرمکداس هئا. انهيءَ وقت
حيدرآباد ۾ پليگه جي سبب ڪري ماڻهو حيدرآباد ۾ گهر
ڇڏي هيرآباد ۾ جتي سک سانت هئي تتي لڏي اچي ويٺا.
هيرآباد ۾ ڀائر گڏجي روزمره امبرت ويلي شبد ڪيرتن
۽ آسادي وار ڪندا هئا. ان لاءِ هڪ سنگي پنهنجي
جاءِ پر اُپڪار لاءِ ٿوري وقت لاءِ ڏني تنهن
کانپوءِ 4 سال هيرآباد ۾ هڪ جاءِ مسواڙ تي ڪري ان
۾ صبوح ۽ شام ستسنگ ڪرڻ ۾ آيو ڇاڪاڻ ته پليگ جي
بيماري لهڻ کانپوءِ به هيرآباد جي رهواسين جي دل
ٿي ته اهڙو ستسنگ جاري رکڻ ۾ اچي. خرچ لاءِ ڀائر ۽
ڀينرون چندو ڏيڻ لڳا. ڪيترن سڄڻن پڻ ڪڇ سهائتا
ڏني. ان ستسنگ جونالو گورسنگت هيرآباد رکيو ويو ۽
گورسنگت هيرآباد ائسوسئيشن ٺاهي ويئي جا رجسٽرڊ
ڪئي ويئي جنهن جا ٽي ٽرسٽي مقرر ڪيا ويا. پهريان
ٽي ٽرسٽي هيٺيان ٽي ڀائر ٿيا.
سرڳواسي مسٽر خانچند برتابراءِ
مستر ڊنگومل گرمکداس
مستر فتحچند ميگهراج
انهن ٽن ٽرسٽين کانسواءِ 8 ٻيا ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر آهن
اهو سڄو ڌرمي اسٿان ۽ پئسو وغيره پبلڪ ٽرسٽ آهي.
سال به سال گورسنگت جي آمدني ۽ خرچ ۽ ڪاروبار بابت
سالياني رپورٽ تيار ڪري گورسنگت جا ٽرسٽي ڇپائيندا
آهن. شري گرو گرنٿ صاحب جي ڪٿا ڪندي ڀائرن کي اهو
شڀ خيال ٿيو ته چڱو ائين ٿئي جو جئين گرو گرنٿ
صاحب جي سري راڳ جو ارٿ سنگت ۾ ٿيندو ٿو وڃي، تئين
اهو ارٿ سليس سنڌي ۾ ڇپائي پڌرو ڪجي ته هزارين
پريمي ستگورن جي واڻي ارٿ سميت پڙهي دل سان
هنڊائين. تنهن کانپوءِ اهو ڪم هٿ ۾ کنيون جو سال
1920 کان وٺي شروع ٿيو ۽ سال 1946 ۾ اچي ختم ٿيو ۽
سڄو گرو گرنٿ صاحب 22 ڀانڱن ۾ ارٿ سميت لکجي ۽
ڇپجي ڀائرن ۾ وراهيو ويو آهي. ان پر اُپڪار جي ڪم
لاءِ ماستر فتحچند مينگهراج آڏواڻي جس جو ڀاڳي
آهي. جنهن صاحب تڪليف وٺي گرو گرنٿ جو سنڌي ۾
ترجمون ڪري ڇپايو آهي. گرو گرنٿ صاحب جا 22 ڀانڱا
هن وقت گورسنگت مان خريد ڪري سگهجن ٿا. گورسنگت
تنهن کانسواءِ گروواڻي جا نوان ڌرمي پستڪ اٽڪل هڪ
سؤ لکي ڇپايا آهن. انهن ڌرمي پستڪن جي وسيلي سکيءَ
جو پرچار گهڻي قدر ٿيو آهي.
گورسنگت هيرآباد هولي، ڏياري، جنم اشٽمي ۽ گرونانڪ صاحب ۽ گرو
گوبند سنگهه صاحب جا جنم ڏينهن سال به سال ڌام ڌوم
سان ملهائيندا آيا آهن. سال 1921ع ۾ وڏن اُتسو تي
جاءِ جي بلڪل تنگي معلوم ٿي. تنهنڪري حيدرآباد
مونسپالٽي کي ٻن پلاٽن 9600 چورس فوٽن لاءِ
درخواست ڪئي ويئي جا زمين منظور ٿي. گرو نانڪ ديو
جي اوتار ڌارڻ ڏينهن تاريخ 15 نومبر 1921 تي
شريمان سنت ٻڍاسنگهه صاحب گورسنگت جي عمارت جو
پايو وڌو ۽ تنهن کناپوءِ عمارت جو ڪم شروع ڪيو
ويو. گوردئاري جي عمارت تي اٽڪل منو لک روپيه خرچ
اچي ويو آهي. اهي پئسا ڀائرن ۽ ڀينرن وڏي دل سان
دان طور ڏنا آهن. ديوان تنومل شيوڪرام ميرچنداڻي
سپرنٽينڊنٽ انجنير 9 مهنا موڪل وٺي درٻار صاحب جي
ٺهرائڻ ۾ دل و جان سان مدد ڪئي. اها جاءِ سال 1923
۾ ٺهي تيار ٿي ۽ ان سال گورسنگت وارا نئين جاءِ ۾
گرو گرنٿ صاحب براجمان کي ڪري اچي ويٺا ۽ ستسنگ
صبوح ۽ شام جو جاري ڪيو جو اڄ ڏينهن تائين هلندو
اچي ٿو.
گورسنگت جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ شيواڌاري مقرر ڪيل آهي. هيٺين
شيواڌارين گورسنگت جي شيوا وقت به وقت پي ڪئي آهي.
ڀاءُ ماستر لڌارام موهنداس
خالصو شمشير سنگهه مورجمل منسکاڻي
ڀاءُ نهالچند آسومل گربخشاڻي
ڀاءُ لعلچند روچيرام پنواڻي
ڀاءُ بولچند گرڌرداس ڇٻلاڻي
گورسنگت جو ڪاروبار تمام سٺي نموني باقاعدي هلي رهيو آهي. هر
روز صبوح شام جو شبد ڪيرتن ۽ ستسنگ ٿئي ٿو جتي
ڀائر ۽ ڀينرون جهجهي انداز ۾ اچن ٿا. گورسنگت جو
ڪاربار هلائڻ ۾ جن ڀائرن وقت به وقت جيڪا سهائتا
پئي ڪئي آهي تن جا نالا سندن شيوا جي وچور سان هيٺ
ڏجن ٿا.
سرڳواسي ڀاءُ گوپالداس فتح سنگهه اوائل واري وقت ۾ ڀائرن جي
شيوا مڌر پريم ڀريل شبدن سان ڪئي.
سرڳواسي ديوان وسئيومل پنجومل گدواني گورسنگت کي وقت به وقت نقد
پئسي جي سهائتا پي ڏني ۽ پڻ ڪم ڪار ۾ مدد پي ڪئي.
سرڳواسي ديوان ليلارام سنگهه جج صاحب گرو گرنٿ صاحب جي ارٿ جي
سمجهاڻي گورسنگت وارن کي پي ڏني.
سرڳواسي ديوان خانچند پرتابراءِ لعلواني شروعاتي ٽرسٽي ۽ مکيه
ڪاروبار هلائيندڙ.
ماستر فتحچند مينگهراج آڏواڻي مکيه ڪاروبار هلائيندڙ، گورو گرنٿ
صاحب جي ڪٿا هن صاحب ڪي سال گورسنگت ۾ ڪئي آهي.
گرو گرنٿ صاحب جو سنڌي ۾ ترجمو ۽ ٻيا ڪيترا ڌرمي
پستڪ گورسنگت پاران ڇپايا آهن ۽ گوردئاري جي عمارت
لاءِ پئسن جو چندو وصول ڪيو آهي.
سرڳواسي ڀاءُ جيئومل لوڪسنگهه لعلواڻي گورسنگت سان لاڳو ليڊيز
پارڪ ٺهرائن ۾ مدد ڪئي آهي ۽ ٻيا ڌرمي پستڪ
گورسنگت کي ڇپائڻ لاءِ لکي ڏنا آهن.
ديوان ڊنگومل گرمکداس ميرچنداڻي گورسنگت جو ٽرسٽي، جنهن گورسنگت
عمارت لاءِ ڀائرن کان چندي جي وصولي ڪئي آهي ۽
سدائين اُتساهه ۽ اُمنگ سان ڪاروبار هلائڻ ۾ بهرو
ورتو آهي.
ماستر لعلچند روچيرام پنواڻي ڪيترا سال شيواڌاري ٿي پي شيوا ڪئي
آهي ۽ هميشہ پنهنجي مڌر ۽ پريم ڀريل شبندن سان پي
ساڌ سنگت جي شيوا ڪئي آهي.
مستر پرمانند ايسرداس لعلواڻي شروع کان وٺي گورسنگت جي شيوا پي
ڪئي آهي ۽ ڪيترا سال سانده گورسنگت ۾ ڪٿا ڪئي آهي
۽ ماستر فتحچند کي مدد پي ڪئي آهي.
سرڳواسي راءِ بهادر ميٺارام اجيت سنگ گدواڻي تن، من ۽ ڌن جي
شيوا ڪئي آهي.
ماستر لڌارام موهنداس چنديراماڻي ڪيترا سال شيواڌاري ٿي رهيو
اهي.
مٿين سڄڻن کانسواءِ هيٺين ڀائرن پڻ گورسنگت جي شيوا ڪئي آهي:-
سرڳواسي منگهارام پارومل شهاڻي
سرڳواسي ڪندن مل ريجهومل ميرچنداڻي
سرڳواسي موهنداس ڀاونداس چنديراماڻي ماستر لڌارام جو پتا.
سرڳواسي سنتداس منگهارام وڪيل
ڀاءُ ٺاڪرداس ڌرمداس سپاهيملاڻي
سرڳواسي آوتسنگهه مهتابسنگهه آڏواڻي
ڀاءُ ٿانورداس منگهومل عيدناڻي
سرڳواسي گننگرام تلوڪچند مهتاڻي گورسنگت عمارت ٺهرائڻ ۾ پنج
هزار روپيه دان طور ڏنا.
خالصو دياسنگهه تولارام سدارنگاڻي
مستررامچند ريجهومل ٿڌاڻي
مستر ڇٻلداس دلپتراءِ
مستر بجاسنگهه ليکراج شهاڻي
هيٺين ڀائرن گورسنگت سان لاڳو عمارتن لاءِ سهائتا ڏني آهي.
ڊاڪٽر نارائڻداس ڌرمداس پنهنجي سرڳواسي پٽ تيرٿ داس جي نمت هڪ
ليڪچر هال نالي تيرٿ هال ٺهرايو آهي ۽ ان شڀ ڪم
لاءِ اٺ هزار روپيه سهائتا ڏني.
ڊاڪٽر شونقبراءِ سهجرام پنج هزار روپيه خرچ ڪري گورسنگت سان
لاڳو مردن لاءِ هڪ پارڪ ٺهرايو آهي. جنهن جو نالو
رامچند سهجراج پارڪ رکيو ويو آهي.
مستر ڀڳوان سنگهه بسنت سنگهه آڏواڻي پنهنجي ماتا شريمتي ڌمي
ٻائي پسنت سنگهه جي نمت گورسنگت اسپتال جي عمارت
ٺهرائي آهي.
سرڳواسي شيوڪرام گرڏنومل منسکاڻي ٻه هزار سهائتا گورسنگت کي
سچيتي ٻائي لئبررريءَ جي نالي سهائتا طور ڏنا آهن.
ماستر شڪت سنگ پنهنجي ماتا جي نمت گورسنگت سان لاڳو هڪ ڪوٺي
ساڌن سنتن جي رهڻ لاءِ 1500 روپيه دان ڪيو آهي.
سرڳواسي ديوان شيرومل چئنراءِ 1500 روپيه گورسنگت سان لاڳو
ريڊنگ روم لاءِ دان ڏنا آهن.
مستر عيشي رام جهانگياڻي وڪيل ٽي هزار روپيه پنهنجي پٽ جي نمت
گورسنگت سان لاڳو ڪنيا ستسنگ لاءِ ڏنا آهن.
گورسنگت هيرآباد هيٺيان عام خير جا ڪم ڪري رهي آهي.
گورسنگت خراتي اسپتال ۽ ان سان گڏ هوميوپٿي اسپتال.
گورسنگت لئبرري ۽ ريڊنگ روم.
گورسنگت ليڊيز پارڪ ۽ گورسنگت مردن جو پارڪ.
گهرجائو غريب ڀائرن کي ماهوار اَن ۽ نقد ۽ ڪپڙي جي سهائتا.
گورواڻي ۽ ٻيا ڌرمي، پستڪ ڇپائڻ ۽ سستي اگهه تي نيڪال ڪرڻ.
گورسنگت هيرآباد وارا سڀ گور پرڀ ۽ گورو نانڪ ديو ۽ گرو
گوبندسنگهه جي اوڌر ڌارڻ جا ڏينهن، هولي، ڏياري،
جنم اشٽمي ۽ رام نومي هر سال ڌام ڌوم سان ملهائين
ٿا. هن وقت ڪل ٽي سؤ ميمبر ماهوار چندو ڀريندڙ
آهن. ڪوبه ڀاءُ سؤ روپيه هڪواري ڏيڻ سان لائيف
ميمبر ٿي سگهي ٿو. اهڙا لائيف ميمبر ڪل پنجويهه کن
اهن. گورسنگت جو مٿيون ذڪر ڪيل سمورو خرچ ڀائرن
نمت جي چڙهائي ۽ سهائتا ۽ ماهور چندي جي سهائتا
مان هلي رهيو آهي. هر روز صبوح جو ستسنگ سماپت ٿيڻ
کانپوءِ ڪڻاه پرساد وراهڻ ۾ ايندو آهي. گهرجي وارن
ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ گورسنگت ۾ هڪ فنڊ سالن کان وٺي
چالو آهي جنهن ۾ ڪي ڀائر ماهوار چندو ۽ ڪي سهائتا
ڏيندا آهن. شادي توڙي مرتيوءَ جي موقعن تي ڀائر
يٿاشڪتي هن فنڊ ۾ ڪجهه مرتيوءَ جي موقعن تي ڀائر
يٿاشڪتي هن فنڊ ۾ ڪجهه سهائتا ڀائرن ۽ ڀينرن کي
بلڪل مخفي طرح ڏيڻ ۾ اچي ٿي. ڪوبه شخص گورنسگت جو
ميمبر ٿي سگهي ٿو. بشرطيڪ هنجو سک ڌرم ۾ نسچو
هوندو. گورسنگت جنهن مراد سان برپا ڪئي ويئي آهي
سا مراد هميشہ اڳيان رکي گورسنگت جا ڪاروباري ڪم
ڪندا آيا آهن. اَمبرت ويلي گورسنگت ۾ شري آسادي
وار ۽ سنڌيا ڪال شبد ڪيرتن ۽ ڪٿا شري گرو گرنٿ
صاحب جي هر روز ٿيندي آهي. گورسنگت جي برپا ٿيڻ
مان وڏو فائدو اهو ٿيو آهي جو هيرآباد جي ننڍي ٽهي
وارا شبد ڪيرتن شري آسادي وار ڪرڻ سکيا آهن. اميد
ننڍي هوندي جا ٻچ چڱو ڦل پيدا ڪندا ۽ حيدرآباد
واسين جو ستسنگ ڪرڻ ۽ ڌرم پاسي لاڙو قائم ٿيو آهي
۽ گرواڻي ۽ سکيءَ جو پرچار هلندو آيو اهي. اهڙي
ڌرمي اسٿان جي گهڻي قدر گهرج هئي جا گهرج گورسنگت
پوري طرح سان بجاءِ آڻي، پوري ريت پنهنجا آدرش
پاليا آهن. گورسنگت وارا هاڻي دسمين پاتشاهي جي
گرنٿ صاحب جو سنڌي ۾ ترجمو ڇپائڻ جو خيال ڪري رهيا
آهن. سال 1923 کان گورسنگت سان لاڳو گورسنگت ڪنيا
ستسنگ کوليو ويو آهي جنهن ۾ هيرآباد جون ڪنيائون
جنجي عمر 12 سال يا گهٽ آهي، تن ستسنگ جو لاڀ پي
ورتو آهي ستسنگ شام جو هڪ ڪلاڪ ٿيندو آهي. اوائل ۾
ڪڪين کي گرمکي اگر سيکاريا وڃن ٿا ۽ گورواڻي جون
سوليون پوٿيون پاڙهي شري گورو گرنٿ صاحب جو کين
اڀياس ڪرايو وڃي ٿو. گورسنگت وارن ڪيترا ڌرمي پستڪ
گرمکي ۽ سنڌي ۾ لکي ڇپايا آهن ۽ بلڪل سستي ڀيٽا تي
ڏنا وڃن ٿا. سستي اگهه جي ڪري اهي پستڪ هرڪو خريد
ڪري ٿو ۽ تنهن ڪري اهي پستڪ گهر گهر ۾ پهچي وڃن ٿا
۽ ان سان گڏ سکيءَ جو پرچار به ڦهليو ٿو رهي.
ڀائي ڪوٽومل جو باغ
شهر حيدرآباد سنڌ ۾ ڦليلي جي پار ڀائي ڪوٽومل جو نامور باغ آهي.
ان باغ ۾ سنڌ، پنجاب ۽ سڄي هندستان کان آيل ساڌو
سنٿ اچي رهن ٿا. اٽڪل پنجيتاليهن سالن کان ڀائي
ڪوڏومل خوبچند صراف پنهنجو باغ هڪ ٽرسٽ پراپرٽي
ڪري ان ۾ ساڌن سنتن جي ٽڪڻ لاءِ اٽڪل ڏهه پڪيون
لانڍيون ٺهرايون آهن. ڪل نؤ ٽرسٽي مقرر ٿيل آهن.
باغ جي سموري پيدائش خرچ لٿي ساڌن سنتن جي ڀوڄن ۽
ڪپڙن ۽ ٻين ضروري گهرجن بلي خرچ ڪرڻ ۾ اچي ٿي. سنڌ
کان ٻاهر ساڌن سنتن کي ڀائي ڪوٽومل جي باغ جي چڱي
طرح سان سڌ آهي. وڏا وڏا مهاتمائون جيڪي هندستان
جو رٽن ڪندا سنڌ ۾ اچن ٿا سي ٻن چئن مهنن لاءِ
ڀائي ڪوٽومل جي باغ ۾ رهي سک وٺن ٿا. ڀائي ڪوٽومل
صاحب وڏي شرڌا ۽ سڪ سان انهن جي تن، من ۽ ڌن سان
شيوا ڪري ٿو. ڪنهن ڪنهن وقت ڀائي ڪوٽومل جي باغ ۾
وڏا وڏا مهاتمائون ايشور جا پورڻ ڀڳت ۽ وڏا ودوان
پندت اچي ڪو ڪال رهن ٿا. جن پرشن جو ساڌن ۾ صدق
آهي سي وقت به وقت ڀائي ڪوٽومل جي باغ ۾ ساڌن سنتن
جي درشن ڪرڻ ۽ انهن سان صحبت ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا.
انهن کي سندن ڀاڳن سان آُوچ ڪسوٽيءَ جا مهاتمائون
ملي وڃن ٿا. هر روز شام جو ڀائي ڪوٽومل جي باغ ۾
رهندڙ ساڌو ستسنگ ڪن ٿا ۽ گڏجي ڌرم شاستر پڙهن ٿا
۽ ڪٿا ڪيرتن ڪن ٿا. ڀائي ڪوٽومل هن وقت نورتي مارگ
اختيار ڪري، ڌنڌي کان فارغ ٿي، سمورو وقت ان باغ ۾
ساڌن سنتن جي شيوا ۾ رهي ٿو. باغ سان لاڳو هڪ گئو
شالا به آهي جتي اٽڪل ستر کن گايون ننڍيون ۽ وڏيون
پلجن ٿيون. اهو ايڪانت اسٿان ڀڄن ڪندڙن لاءِ
ڪمائتو آهي، اهو اسٿان ڦليلي جي پار سيٺ شيوارام
ريواچند جي ڦٽين جي ڪارخاني جي الهندي طرف آهي.
ڀائي ڪوٽومل جي باغ ۾ ساڌن سنتن جي رهڻ ۽ ڀوڄن جو
بندوبست سٺو ۽ نحسين جوڳو آهي. پر اڃان به سنڌ جي
داني ۽ ڌرماتما پرش ان ڌرمي اسٿان کي ڌن جي شيوا
ڪري زور وٺائين ته بهتر ٿئي، ڀائي ڪوٽومل جي هن
وقت رڌ اوسٿا آهي. ٻيا مقرر ڪيل ٽرسٽي باغ ۾ ساڌن
سنتن جي ٽهل شيوا ۽ ٻئي ڪم ڪار ۾ دلچسپي نٿا وٺن.
ڀائي ڪوٽومل يڪي سر اڪيلو سڀ ڪم پاڻ ڪري رهيو آهي.
جنهن ڪري اهو صاحب جس جو ڀاڳي آهي. باغ ۾ جيڪي
سنتن جي رهڻ لاءِ جهوپڙيون ٺهيل آهن سي اڪثر
پراڻيون ۽ جهونيون ٿي ويئون آهن. جنجي مرامت ڪرڻ
جي گهڻي گهرجي آهي. هن لکڻ جي هي مراد آهي ته
پڙهندڙن مان ڪي ڪم ڪندڙ ڀائي ڪوٽومل سان صلاح
مصلحت ڪري ان ڌرمي اسٿان کي زور وٺائيندا، اهڙا
ڌرمي اسٿان سنڌ ديش جو نالو ۽ ناموس مٿي ڪن ٿا.
گرو نانڪ ديو جي ٿلهي
تعلقي ميروپر بٺوري ضلعي ڪراچي ۾ شهر ميرپور بٺوري کان ٻه ميل
پري هڪ اسٿان نالي گرو نانڪ ديو جي ٿلهي سان پرسڌ
آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته گرو نانڪ ديوجن جڏهن سنڌ ۾
براجمان ٿيا هئا تڏهن ان هنڌ اچي ڪو وقت رهيا هئا.
ڪي سؤ سال ٿيا ته سنڌو درياه ان اسٿان وٽان وهندڙ
هو. هاڻي درياه ان اسٿان کي ڇڏي ويو آهي. اهو
اسٿان ميرپور بٺوري تعلقي جي ديهه بانبتو ۾ هڪ
حيدرآبادي عامل ديوان جي زمينداري ۾ آهي. ديهه
بانبو جي سروي نقشي ۾ پڻ اهو اسٿان ڏيکاريل آهي.
ڪيترن سالن کان تعلقي ميرپور بٺوري جا لٻآڻا سک ان
اسٿان جي نزديڪ پنهنجو ڳوٺ ٺاهي اچي ويٺا آهن. اها
ٿلهي پڪين سرن جي اڏيل آهي. هرهڪ سال چيٽي چنڊ تي
گرو نانڪ ديو جي ٿلهي تي وڏو ميلو لڳندو آهي. ان
اسٿان جي لٻاڻا سک شيوا ڪندا آهن ۽ روز رات جو
ڏيئو ٻاڙيندا آهن. انهن لٻاڻن سکن جو مکي رام
سنگهه آهي. ان ٿلهي جي مٿان هڪ جهونو ڄار جو وڻ
آڳاٽي زماني جو بيٺل آهي. ان ڄار جي وڻ جون پيرون
۽ سڪل پنن ۾ ماڻهن جو وڏو صدق ۽ يقينو آهي. اهي
کائڻ سان ڪهڙو به بيمار ماڻهو چڱو ڀلو ٿئي ٿو. ٻه
سال ٿيندا ته هڪ ڪاميٽي سنڌ جي سکن جي نالي سکي
پرچارڪ سوسائٽي گرونانڪ ديو جي ٿلهي تي اٽڪل هڪ لک
روپيه خرچ ڪري وڏي عاليشان پڪين سرن جي درٻار ۽
مسافرخانو ٺهرايو آهي ۽ پاڻ هڪ کوه کوٽايو آهي. ان
سوسائٽي جو بانيڪار هن وقت گياني تيرٿ سنگهه آهي.
ان درٻار جو بنياد پرسڌ اڪالي سک ليڊر ماستر تاراسنگهه وڌو هو.
اهو ڌرمي اسٿان ڪيترن سالن کان سنڌ جي ماڻهن وساري
ڇڏيو هو. تنهن کي وري ان سک پرچارڻي سڀا زور وٺايو
آهي. مٿئين ذڪر ڪيل گرو نانڪ درٻار ۾ گرو گرنٿ
صاحب براجمان ڪيو ويو آهي اتي روز صبوح ۽ شام
ستسنگ ۽ ڪٿا ڪيرتن ٿئي ٿو. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ
حيدرآبادي سک جو مٿين سڀا جي پاران جاين جوڙائڻ جو
ڪم ڪندو هو سو هڪ دفعي رات جو ميرپور بٺوري کان ان
اسٿان تي ويو ٿي. درٻار جي اڏاوت لاءِ هنکي ٻه چار
هزار ساڻ هئا. رات اونداهي هئڻ سبب هن کان
رستوڀلجي ويو. اهو سک رستو وڃائي ڏاڍو حئران اچي
ٿيو. اوچتو ان گرو نانڪ ديو جي ٿلهي مان هڪ
روشنائي پرگهٽ ٿي، اها روشنائي ان سک وٽ اچي پهتي.
ان روشنائي جي آڌار تي اهو سک گرونانڪ ديو جي ٿلهي
تي سک سانت سان وڃي پهتو. پوءِ اها روشنائي غائب
ٿي ويئي.
پورو ٿيو. |