سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي هندو ڌرمي اسٿانن جي تواريخ

باب؛ 2

صفحو :5

ٺڪر سائين هرجسراءِ صاحب جو اسٿان

شهر حيدرآباد ۾ ٿائون مل جي ويڙهي ۾ هڪ لعل صاحب جو اسٿان اهي جو ٺڪر سائين هرجسراءِ صاحب جي نالي سان پرسڌ آهي. ان اسٿان ۾ لعل صاحب جي اکنڊ جوت جڳي ٿي ۽ لعل صاحب جي اتي اکنڊ جوت جي شيوا ٽهل چڱي ريت ڪرڻ ۾ اچي ٿي. سنڌ جي سنتن مان ٺڪر سائين هرجسراءِ صاحب هڪ نامور سنت ٿي گذريو آهي. ٺڪر صاحب هڪ يوگي، گيانوان ۽ سچو ڀڳت هو. سندس مختصر جيون چرتر ڏجي ٿو. سندس جنم سنبت 1919 ڌاري حيدرآباد ۾ ٿائون مل جي ويڙهي ۾ ٿيو. سندس پتا ٺڪر پرسرام صاحب هو. ڳالهه ٿا ڪن ته سائين پرسرام صاحب وڏو ڪرامت جو ڌڻي ۽ سڌپرش هوندو هو. جيڪو به سوالي وٽس ايندو هو ته هنجي ڪامنا پورڻ ڪرڻ لاءِ لعل صاحب کي وينتي ڪندا هئا ۽ ان سوالي جو سوال لعل صاحب اگهائيندو هو.

ٺڪر سائين پرسرام صاحب کي ڪو پٽ ڪونه ٿيو. سندس عمر مٿان اچي 67 ورهين جي ٿي ۽ سندس ڌرمپتني سائين پرسرام کي سدائين پيئي چوندي هئي ته اوهين لعل صاحب کي وينتي ڪري ٻين سکن شيوڪن جا ڪارج پورا ڪريو ٿا، باقي پنهنجي ڪاتر پٽ ملڻ لاءِ لعل صاحب اڳيان پرارٿنا نٿا ڪريو. پر سائين پنهنجي لاءِ لعل صاحب کي آراڌنا نه ڪئي. هو سدائين لعل صاحب جي رضا تي راضي رهندا آيا. آخر پنهنجي ڌرمپتني کي پرسن ڪرڻ لاءِ ٺڪر صاحب پٽ سنتان جي ڪامنا رکي شري اڏيري لعل صاحب تي اچي ٽڪيا ۽ پنهنجي ڌرمپتني سميت ٻه چاليها سانده اچي رکيا. ٽن مهنن گذرڻ بعد شري اڏيري لعل صاحب جي درٻار مان آڪاس واڻي ٿي ته توکي پٽ ٿيڻون ڪونه هو، پر تون اسانجو پورو شيوڪ آهين ۽ تون پٽ جي ڪامنا رکي هتي آيو آهين، تنهن ڪري هڪ رشي جو گنگاندي جي ڪناري تي هن وقت تپشيا وٺو ڪري، جنهن کي باقي 4 سال جڳت ۾ رهي پوءِ مڪت ٿيڻون آهي سو اهو چولو ڇڏي باقي 40 سال تنهنجي گهر ۾ اچي جنم وٺي ٿو. اها آڪاس واڻي ٻڌي ٻئي ڄڻان خوش ٿي موٽي حيدرآباد گهر آيا. هنن کي پورن ڏهن مهنن کان پوءِ پٽ ڄائو. ٻالڪ جو نالو ٺڪر سائين هرجسراءِ رکيو ويو. پيار جي ڪري هنجا مائٽ هنکي ڪنڌي ڏنو به سڏيندا هئا.

جڏهن سائين هرجسراءِ صاحب 7 ورهين جا ٿيا تڏهن سندس پتا سائين پرسرام صاحب هي ديهه ڇڏي، ان وقت سائين هرجسراءِ صاحب ديوان گدومل صاحب وٽ سنسڪرت وديا جو اڀياس ڪندا هئا. ديوان گدومل وٽان ڏه سال سنسڪرت وديا پڙهيا. 18 ورهين جي ڄمار ۾ سندس شادي ٿي. ٺڪر صاحب پنهنجو گهڻو وقت ايشور ڀڳتي ۽ يوگ اڀياس ۾ ايڪانت اسٿان تي وڃي گذاريندا هئا. سانده چار پنج مهنا اڏيري لعل صاحب تي وڃي لعل صاحب جو ڀڄن ڪندا هئا ۽ ايڪانت جو آنند وٺندا هئا. نالي ماتر گرهست ۾ رهندا هئا. باقي رات ڏينهن پرماتما جو ڀڄن ۽ يوگ ڪمائڻ ۾ سڦلو ڪندا هئا. سندس نالو ڀڄن جي پرتاپ سبب ڏينهون ڏينهن لوڪن ۾ پرسڌ ٿيندو ويو. انيڪ سنگي ۽ شيوڪ سندس شش ٿيا، جنجي اُتي شرڌا ۽ پريم سائين ۾ هوندو هو. هو سدائين سائين تان ٻلهار پيا ويندا هئا. ٺڪر صاحب جي روزمره جي ورتڻ هيءَ هئي جو هر روز 4 بجي صبوح جو ڦليلي تي اکو پائڻ ويندا هئا. اکو پائي ڦليلي جي ڪپ تي 7 بجي صبوح تائين يوگ سماڌي ۾ رهندا هئا. موٽي ٿان صاحب تي جوتي سروپ جي شيوا پنهنجن هٿن سان ڪندا هئا. تنهن کانپوءِ منجهند تائين جيڪي سک شيوڪ وٽن ايندا هئا، تنکي اپديش ڏيندا هئا، وديا پڙهائيندا هئا. روٽي کائي آرام ڪري ڀائي کيمچند ڪرپالاڻي وٽ وڃي ستسنگ ڪندا هئا. ڀائي کيمچند ڪرپالاڻي حيدرآباد ۾ وڏو مهاتما ٿي گذريو آهي. شام جو وري ڦليلي تي پنهنجن شيوڪن سان گڏجي وڃي اکو پائيندا هئا، لعل صاحب جا پنجرا ڳائيندا هئا. ايڪانت ۾ رهڻ لاءِ هڪ جاءِ الهندي ڪچي ۾ ٺهرائي اتي وڃي گوشي نشين ٿي رهندا هئا.

سائين هر جسراءِ صاحب جا انيڪ سک شيوڪ ٿيا، جنجا من گهريا مطلب هو پورا ڪندو هو. سندس سک شيوڪ سدائين تن من ۽ ڌن سان سندس شيوا ڪندا هئا. سائين هرجسراءِ صاحب جا انيڪ احساس ۽ مهربانيون پنهنجن پيارن سنگين تي ٿيون هيون، جي سنگي اهي مهربانيون مڃي سائين تان ٻلهار پيا وڃن. سائين 39 ورهين جي ڄمار ۾ شرير ڇڏيو. سائين 9 بجي رات جو تاريخ 25 ڄيٺ 1957ع جي شرير ڇڏي وئڪنٺ ڌام پڌاريا. ٺڪر صاحب جو فرزند ٺڪر چمن لعل صاحب ٿيو. ٺڪر چمن لعل صاحب سنسڪرت وديا ۾ هوشيار هو. هو صاحب لعل صاحب جو پورن ڀڳت هو. هاڻي ٺڪر چمن لعل به گذاري ويو آهي. سندس اولاد پنهنجن پوڄارين کي ڇنڊو ۽ ڏات ڏيئي پلؤ پائي آسيسا ڪري ٿو. اهڙي پوتر اسٿان تي وڃي جوت جي درشن ڪرڻ جو وڏو مهاتم آهي ۽ ان مانهن جيؤ کي وڏو لاڀ پراپت ٿئي ۽ من گهريا مطلب حاصل ٿين ٿا. ٺڪر هرجسراءِ صاحب جي گهڻي واڻي رچيل آهي ۽ سندس گهڻا لعل صاحب ۽ پنجرا چيل آهن.

 

 

 

سوامي شنڪر آنند ڀارتي جو اسٿان

سوامي شنڪر آنند ڀارتي جو اسٿان شڪارپور شهر جي ڏکڻ طرف سنڌ واه جي نزديڪ آهي. سوامي جن اوائل ۾ ان هنڌ ڪچو مندر اڏايو هو ۽ ان ۾ پنهنجي ستگرن جي سماڌ اسٿاپن ڪئي هئي. ان اسٿان ۾ سوامي جن ايڪانت ۾ سارو ڏينهن گذاريندا هئا. پڪو مندر سال 1877ع ٿيار ٿيو. ان اسٿان ۾ هر سال ميلو لڳندو آهي. ميلي جي ريت سوامي شنڪر آنند ڀارتي پاڻ مقرر ئي هئي.

سوامي شنڪر آنند ڀارتي جو جنم ڳوٺ مٽارين تعلقي هالن ۾ تاريخ 8 اَسو سنبت 1869 وسپت ڏينهن ٿيو. سندس پتا جو نالو ڀائي مينگهراج هو. سوامي جنجي پتا جو وچن پنهنجي گرو گسائين شيوا ڀارتي سان ٿيل هو ته ٻالڪ پيدا ٿيڻ سان اهو سندس حوالي ڪيو ويندو. گسائين شيوا ڀارتي ٻالڪ جي ڇٺيءَ کانپوءِ ٻالڪ کي سنياس جو بيک ڏنو.ان وقت گسائين شيوا ڀارتي جي مڙهي ڳوڍ مٽيارين ۾ هوندي هئي. سوامي جنجي جنم جو نالو نارائڻداس هو بيگ جو نالو شنڪر ڀارتي هو. سوامي جن ستن ورهين جي ڄمار ۾ سنسڪرت وديا گوسائين گوبند گر کان پڙهيا. سندس انڀؤ ننڍي هوندي کان کليل هو. جڏهن 8 ورهين جي ڄمار جا هئا. تڏهن ويراڳه ورتو. شيواڌاري مٽياريون ڇڏي اڏيري لعل تي آيا. ڪو وقت اڏيري لعل صاحب تي رهي ايشور جو ڀڄن ڪرڻ لڳا. سوامي جنجو اهو اپديش هوندو هو ته هن جيؤ کي سدائين ايشور جو جس ۽ گڻاندواد ڳائڻ گهرجي. سدائين پريما ڀڳتي ۽ هري سان سچي پريم رکڻ بابت پنهنجي سنگين کي اپديش ڏيندا هئا. اڏيري لعل صاحب تان ٽنڊي آدم ۾ هڪ صوفي فقير بهاول خان جو سنگ ڪيائين، جنهن سان گڏجي هڪ فقير بهاول خان جو سنگ ڪيائين جنهن سان گڏجي هڪ سال جهرڪ شريف جي مليلي تي ويا. تنهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ ڀائي مولچند گياني جي صحبت ڪيائين. ڀڳت ڀڳوان ڪوٽڙي واري سنت ڀڳت ڀڳوان کان هري نام جپڻ جپڻ جو اپديش وٺي ڀريا ست مهنا ان مهاتما جي شيوا ٽهل ۽ ستسنگ ڪيائين. تنهن کانپوءِ 14 ورهين جي ڄمار ۾ مانجهندن ۾ گرڌر لعل جڳياسو ساڌوءَ وٽ وڃي سنسڪرت ودي پڙهيائين، ڪاشي ۾ وڃي سنسڪرت وديا ۽ ويد نت شاستر پڙهيائين. تنهن کانپوءِ هالاڻي ٻيلاڻي جي ساڌن وٽ اچي رهيا. هاراڻي ۾ غزني واري مهاتما ادڀتا آنند ڀارتي کي پنهنجو گرو ڪري ان کان نام جو اپديش ورتائون. گرو ادپتا آنند سوامي جنجو گسائين بيک بدلائي سنياس ڌارڻ ڪرايو. سوامي جن سمورو وقت تيرٿ ياترا ۾ رٽن ڪندا رهيا. آخر سوامي جن کي شڪارپور ناوسي ڀائي ڌناسنگهه ۽ ڀائي اُبيڪچند شڪارپور ۾ پاڻ وٽ گهرايو. شڪارپور ۾ رهي سوامي جن ڪٿا ڪيرتن ۽ ستسنگ ڪيو. ان وقت سوامي جن 40 ورهين جا هئا. ننڍي هوندي کان وٺي سوامي شانت سڀاءَ وارا هئا. سندس موهيندڙ مورت ويراڳ ۽ پريم ۾ ڀرپور هوندي هئي. سدنس انتڪرڻ شڌ ۽ نرمل هو. هو سدائين وشين کان پري هئا. سدائين ايڪانت اسٿان ۾ گذارڻ پسند ڪندا هئا. استري ذات جي پاڇي کان به ڊڄندا هئا. اٺين پهر فقط هڪ دفعو کچڻي کائيندا هئا. شڪارپور ۽ ڳڙهياسين جا ڪيترا سيٺيون سوامي جن جا سک ۽ شيوڪ ٿيا.

سوامي جنجو اتي پريم ڀائي گوبندداس صاحب مانجهندن واري ۾ هوندو هو. ٻائي صاحب ڏاڍي پريم ۽ شرڌا سان گد گد ٿي سوامي جن سان گڏيا هئا. سوامي جنکي سندس سک شيوڪ پنهنجن ڳوٺن ۾ ستسنگ ڪرڻ لاءِ سوال ڪري وٺي ويندا هئا. سوامي جنجي ڪٿا ڪرڻ ۾ ڏاڍو رس هوندو هو. هرڪو دل لائي سوامي جنجي ڪٿا ٻڌندو هو. سندس درشن ڪرڻ سان چت ۾ شانتي ۽ ويراڳ اتپن ٿيندو هو. ڪٿا شري گرو گرنٿ صاحب يا شري مد ڀاڳوت پراڻ جي ڪندا هئا.

 

 

سوامي ٻڍاسنگهه نرمل آشرم

شهر حيدرآباد ۾ الهندي ڪچي ۾ پکي پير جي چاڙهي هيٺان اسٽيشن رستي تي هڪ عاليشان مڪان نرمل آشرم ٺهيل آهي. اهو آشرم سنت ٻڍاسنگهه صاحب نالي سڏجي ٿو. سنت ٻڍاسنگهه نرملاپنٿ جا هئا تنهن ڪري ان آشرم کي نرمل آشرم ڪري سڏجي ٿو.

سنت ٻڍاسنگهه صاحب هاڻي شرير ڇڏي ويا آهن. ان آشرم جي سنڀال حيدرآباد سنڌ جي ٽرسٽين جي حوالي آهي. سوامي جنجو هڪ ٻه چيلو نرملا پنٿ جو ان آشرم ۾ ڪٿا ڪيرتن ۽ گروگرنٿ صاحب جي ٽهل شيوا لاءِ رهي ٿو هر سال سيپٽمبر واري مهني ۾ ان آشرم ۾ سوامي ٻڍانسگهه صاحب جنجي وسي ملهائي وڃي ٿي. سوامي ٻڍاسنگهه صاحب هردوار رشي ڪيش جا هئا. سنڌ ۾ سال به سال ٻه ٽي مهنا ستسنگ ڪرڻ ۽ پنهنجن شرڌالو سکن شيوڪن کي گڏجڻ ايندا هئا.

سوامي جن هڪ پورن سنت آهي. هو رڌين سڌين جا مالڪ هئا. سنڌ ۾ ڪيرتن کي اولاد، ڌن، جايون ۽ ملڪيتون سندن آسيسا سان مليل آهن. سوامي جن مختصر جيون چرتر ڏجي ٿو. سوامي ٻڍاسنگهه جو جنم سيال ڪوٽ پنجاب جي ڳوٺ هلوال ۾ سنبت 1918 برابر 1860ع ۾ ٿيو. سوامي جنکي سندس ماتا پتا پنجن ورهين کان وٺي سنتن جي حوالي ڪري سنت ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو موه ممتا هن مان ڪڍي ڇڏيائون. سوامي جنجو چهڙو ۽ شڪل ٻاٻي ٻڍي صاحب جي چهري جهڙي هئي. ان سبب ڪري سنتن جي آگيا موجب سندس نالو ٻڍاسنگهه رکيو ويو. سندس گرو ٻاٻا سنگهه رکيو ويو. سندس گرو ٻاٻا ڌرمسنگهه صاحب هو. هو نرملا پنٿ وارو سنت هو. سوامي جن ويهه سال پنهنجي گرو جي شيوا ڪئي. سوامي جن 2 بجي رات جو اٿي سناڻ پاڻي ڪري ايشور جي ڌيان ۽ سمرن ۾ رهندا هئا. اها سندن ورتي پڇاڙي تائين هلندي آئي اونهاري توڙي سياري ۾ 2 بجي رات جو اٿي سنان ڪري نت نيم ٿي وهندا هئا.

سوامي ٻڍانسگهه صاحب کي گرو گرنٿ صاحب جو تمام سٺي طرح ايندو هو. هو گرو گرنٿ صاحب جي ڪٿا ڪندا هئا. سندس ڪٿا ۾ گهڻو رهسيه ۽ آنند هوندو هو. سوامي جن سنبت 1640 برابر سال 1884 ڌاري امرناٿ ياترا لاءِ ڪشمير ڏانهن ويا جتي پهاڙن ۾ ٽي چار سال رهي سڌ پرشن جا درشن ڪيائين. تنهن کانپوءِ سوامي ٻڍاسنگهه صاحب 7 سال ڪاشي ۾ رهي سنسڪرت وديا جو اڀياس ڪيو. سوامي جن دوارڪا تيرٿ ياترا تان موٽي سنبت 1972 برابر 1896 ۾ ڪراچي آيا. ڪراچي مان موٽي ديوان ڏيارام گدومل جي سنت آشرم حيدرآباد ۾ ڪي ڏينهن اچي رهيا. ان وقت سوامي ڪلاچند صاحب سوامي ٻڍاسنگهه صاحب وٽ پنهنجن سنگين سان گڏجي ويندو هو. سال 1904 ۾ ٻيو دفعو سوامي ٻڍاسنگهه صاحب ديوان ڏيارام جي ڦليلي واري سنت آشرم ۾ اچي رهيا نرملا پئنچائي آکاڙي جو شري مهنت سوامي ٻڍاسنگهه ڪي سال رهي ڪم ڪيو. سال 1911 ۾ سوامي جن شڪارپور ۾ پڌاريا. ان وقت سوامي ڪلاچند صاحب جوتي جوت سمايا هئا. سوامي ڪلاچند صاحب جي سنگين صلاح ڪري سوامي جن کي سوامي ڪلاچند صاحب جي مندر ۾ رهي ستسنگ ڪرڻ لاءِ شڪارپور مان وينتي ڪري وٺي آيا. سوامي جنجي صلاح سان ڀائي ڪلاچند صاحب جي سنگين مندر جي عمارت نئين سر پڪي ٺهرائي. سوامي جن تنهن کانپوءِ سال به سال حيدرآباد ۾ ڪي مهنا رهي ستسنگ ۽ ڪٿا ڪيرتن ڪندا هئا. سوامي ٻڍاسنگهه صاحب جا انيڪ شرڌالو سک، حيدرآباد، ڪراچي ۽ شڪارپور ۾ آهن. جن تي سوامي جن جون انيڪ مهربانيون ٿيل آهن، جي اهي مهربانيون ياد ڪيو سوامي جن تان ٻلهار وڃن ٿا. سوامي جنجي حياتي ۾ سندس شرڌالو سکن سوامي جن لاءِ نرمل آشرم واري جاءِ ٺهرائي. سوامي جن سال 1940 ڌاري رشي ڪيش پنهنجي اسٿان تي ديولوڪ پڌاريا.

 

 

ديوان صورت سنگهه جو ٿلهو

شهر حيدرآباد سنڌ جي ڦليلي پاسي ڊومڻ واه تي هڪ ديوان صورت سنگهه جو ٿلهو هڪ نامور ڌرمي اسٿان آهي. اهو اسٿان ديوان صورت سنگهه سنڌ جي نامور ڪوي ۽ سنت جي نالي سان واسطو رکي ٿو. ان هنڌ اصل هڪ رامداس صراف جو باغ هو. رامداس اهو باغ ديوان صاحب کي ارپڻ ڪيو. جنهن ۾ ديوان صاحب هڪ ڪٽيا ٺهرائي. جتي ديوان صاحب پنهنجن سنگين سميت ڀڄن ڀاءُ ۽ ڪٿا ڪندا هئا. ان ڪٽيا کي ديوان صورتسنگهه جو ٿلهو سڏجي ٿو ۽ ان اسٿان تي ديوان صورتسنگهه ۽ سندس چيلي گيان سروپ جون سماڌيون آهن. هتي سال به سال ديوان صورتسنگهه جي ورسي ڌام ڌوم سان سندس سنگي ۽ شش ملهائيندا آهن. هتي هر روز شام جو 6 بجي کان 9 بجي تائين ديوان صورتسنگهه جا سنگي گڏبا آهن. ستسنگ ۽ ڀڄن ڀاءُ ٿيندو آهي.

ديوان صورتسنگهه جو جيون چرتر مختصر ريت ذڪر ڪجي ٿو. ديوان صورتسنگهه جو رچيل پستڪ صورت بهار هنڌ سنڌ ۾ مشهور آهي. ديوان صاحب جو جنم شهر حيدرآباد ۾ سن 1832ع ۾ ٿيو. ديوان صورتسنگهه خدابادي عامل، چنديراماڻي آڪهه جو هو. سندس وڏا سرڪاري نوڪرين ۾ هئا. پورب جنم جي سنسڪارن سبب ديوان صاحب تي اوچتوئي اوچتو ايشور پريم لڳو ۽ هو سچي ايشوري پريم جي رنگ ۾ رنڱجي پيو. ديوان صاحب ايشور جي پريم ۾ محو ٿي اردو ۽ پارسي ۽ سنڌي ٻولي ۾ غزل ۽ ڪافيون ۽ شبد رچيا آهن. ڳالهه ٿا ڪن ته جنهن کي سچو ايشوري پريم لڳل هوندو آهي سو ان پريم ۾ مست ٿي جيڪ زبان مان اُچاريندو ويندو آهي سو پاڻ مرادو پوري ڪوتا ۾ ٿيندو ويندو آهي. اها حالت هئي ديوان صورتسنگهه صاحب جي. ديوان صورتسنگهه چؤتارتي ڳائيندا هئا.سندن سٽ ڳائڻ وديا ۾ ڪو ڇڊو لڀندو.

ديوان صاحب گائن وديا ۾ بلڪل قابل ۽ هوشيار هئا. ڏاڍو مٺو ۽ سنهو ۽ سريلو آواز هوندو هون. بازار مان يا گهٽيءَ مان هلندي ڪنهن به واٽهڙو سوال ڪين ته سائين ڪافي يا غزل ٻڌايو ته جهٽ اتيئي بهي چؤتار تي ڳائيندا هئا. اوڏي مهل ماڻهن جا انبوه اچي سندن ڳائڻ ٻڌڻ لاءِ ڪٺا ٿيندا هئا. سندس گانو ٻڌڻ لاءِ سوين ماڻهو پياسي هوندا هئا. ديوان صاحب شري ڪرشن ڀڳوان جا پورن ۽ آليه ڀڳت ها. سندس ڪلام ۽ واڻي ڏيکاري ٿي ته سندن دل اندر ايشوري بره جي باه ٻڙيل هئي. هو سچا عاشق هئا. سندس واڻي شري ڪرشڻ ڀڳوان جي گڻانواد سان ڀر ور آهي. سندس رچيل واڻي بلڪل گهڻي هئي، پر اها ڪنهن به سنڀالي ۽ ڪٺي ڪري نه رکي. پاڻ پنن جي چٽڪين تي غزل يا ڪافي چئي لکي ڇڏيندا هئائ يا ڪڏهن فقط اها رچي ڳائي ڇڏيندا هئا. جڏهن جڏهن مؤج ۾ ايندا هئا تڏهن تڏهن چؤتار کڻي سر آلاپي بنا ڪنهن ڪوشش جي بلڪل سهڻي ۽ پوري پنگل تي بيٺل ڪافي يا غزل اچاريندا ويندا هئا ۽ اها سر سان ساڳي وقت ڳائيندا ويندا هئا. سندس شرير ڇٽڻ کانپوءِ ليکراج مختيارڪار، پنن جي چٽڪين وارو لکيل ڪلام گڏ ڪري ڇڏايو، جنهن کي صورت بهار سڏجي ٿو.

ديوان صاحب جا انيڪ سنگي هوندا هئا جي سدائين سندن اڳيان ويٺا ئي هوندا هئا. ديوان صاحب جي هاڪ هند سنڌ ۾ ڦهليل هئي. پنجاب ۽ ٻين شهرن جا سنت مهاتمائون ۽ گوئيا وٽن سندن درشن ڪرڻ لاءِ سندن گانو ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا. ديوان صاحب گرو پوٽن کي انيڪ پئسا ۽ ڪپڙا دان ڪيا. خوب دان ڪيائون. جيڪڏهن روڪڙو پئسو هٿ ۾ ڪونه هوندو هون ته گهر جا زيور ۽ ٻيو سامان وڪڻي به سنتن مهاتمائن ۽ گرو پوٽن جون گهرجون پوريون ڪندا هئا. ديوان صاحب جو پيارو متر ديوان بهارسنگه گدواڻي هوندو هو. ٻنهي جو پاڻ ۾ ليلا مجدو ۽ هير رانجهو جهڙو سنيهه هوندو هو. ديوان صاحب جيڪي به شبد ۽ ڪافيون رچيون آهن تن ۾ صورت بهار جو ڀوڳ وڌو آهي. سندس تخلص صورت بهار هو.

ديوان صورتسنگ جو چيلو گيان سروپ هوندو هو. ديوان صورتسنگهه سال 1877ع ديولوڪ پڌاريو. سندس شرير ڇڏڻ وقت گهر مان ڪجهه به روڪڙو پئسو ڪونه نڪتو. سندس چالاڻي جو ٻڌي سوين هزارين ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا. ديوان صورتسنگهه سچو فقير هو. سندس سماڌ اڳيان جيڪو به سوال ڪو سوالي کڻي وڃي ٿو تنهنجي اها من جي ڪامنا پوري ٿئي ٿي.

 

 

ڀائي گولا سنگهه جو اڪال ڀونگو

ڀائي گولا سنگهه جو اڪال ڀونگو شهر حيدرآباد سکن جي پاڙي ۾ آهي. ان درٻار جو برپا ڪندڙ ڀائي گولاسنگهه بندي سک هوندو هو. ڀائي گولاسنگهه حيدرآباد ۾ هڪ هاڪارو سنت ٿي گذريو آهي. سندس پتا ڀائي سنتو سنگهه ۽ سندس سوٽن ڀائي پرمو سنگهه وڏا سيٺيون شاهوڪار هئا. جنجون ڪوٺيون سکر، گدوبندر، حيدرآباد ۾ هيون. کين ڌڻي جو ڏنو ڌن پدارٿ سڀ ڪي هوندو هو. سندس جنم سال 1834ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. ڀائي گولاسنگهه ٿورو وقت پنهنجي سؤٽ ڀائي پرمو سنگهه جي ڪوٺيءَ تي رهيو، پر جلدي سندس چت دنيا جي پدارٿن کان کٽو ٿي پيو. پوءِ دنيا کان ڪنارو ڪري سمورو وقت ڪٿا ڪيرتن ۽ ستسنگ ۾ سڦلو ڪرڻ لڳو. سال 1866ع ۾ پنهنجي گهر جي ڀرسان حيدرآباد ۾ سکن جي پاڙي ۾ هڪ اڪال ڀونگو ٺهرائي ان اسٿان تي گروگرنٿ صاحب براجان ڪيو. ان اڪال ڀونگي جو ڪاروبار تمام سٺي نموني ۾ هلي ٿو. صبوح ۽ شام ان ۾ ڪٿا ڪيرتن ۽ ستسنگ ٿئي ٿو. ڀائي گولاسنگهه جو گروگرنٿ صاحب ۾ ڏاڍو صدق هوندو هو. هو گرو گرنٿ صاحب کي ساکيات گروءَ جي ديهه ڄاڻي، گرنٿ صاحب اڳيان سکن شيوڪن جي ارداس ڪندو هو. جيڪو به پريمي سک وٽس ڪا دنوي ڪامنا جي اڇا رکي ايندو هو، تنهن کي چوندو هو ته شري گرو گرنٿ صاحب اڳيان مٿو ٽيڪي پنهنجي من جي ڪامنا پوري ڪرڻ لاءِ سوال ڪر، ته گرو تنهنجي اها من جي ڪامنا پوري ڪندو. ڀائي گولاسنگهه حيدرآباد جي ڪيترن عالمن ۽ ڀائيبندن تي احسان ڪيا، جي احسان ياد ڪري هو ڀائي صاحب تان ٻلهار وڃن ٿا. ڀائي صاحب جي ارداس گرو گرنٿ صاحب وٽ قبول پوندي هئي. روز نت نيم سان 3 بجي پرڀات جو اٿي اڪال ڀونگي ۾ اچي گرنٿ صاحب جي شيوا ٽهل ڪندو هو ۽ ٻاڻي پڙهندو هو. شام جو 4 کان 8 بجي تائين اڪال ڀونگي ۾ ڪٿا ڪيرتن ٿيندو هو. صبوح ۽ شام جي ڪٿا کانپوءِ منگلاڻي ساڌ ڀائي هرڪشنداس، لوڌنداس ڪيرتن ڪندا هئا. سال 1903ع ۾ 69 ورهين جي ڄمار ۾ ديولوڪ پڌاريا. نت نيم سان مٿئين اسٿان تي ڪٿا ڪيرتن ٿئي ٿو.

 

 

 

رام ننگر ڀڳت هرداسرام جو اسٿان

گدوبندر ۾ ڀڳت هرداسرام جو اسٿان مشهور آهي. ان اسٿان جي چيٽ جي رام نومي تي ۽ بڊي ۾ گرپرڀ تي ٻه وڏا ميلا لڳن ٿا. جتي صبوح ۽ رات غريبن لاءِ ڀنڊارو رکيل رهي ٿو. ميلي ۾ ڀڳتيون ۽ سنگيون وهنديون آهن. ڀڳت هرداسرام صاحب رام جا پيارا ۽ نراڇا سچا ڀڳت ٿي گذريا آهن. اهڙن سڌ پرشن جي اسٿان جي درشن ڪرڻ، گهمڻ مان هن جيؤ کي آنند اچي ٿو. ڀڳت هرداسرام جو اسٿان سنڌوندي درياه جي ڪپ تي ايڪانت واري جاءِ تي آهي. اسٿان سان لاڳو پڻ هڪ ننڍو باغ آهي. ان اسٿان تي سنت هرداسرام ويهي ڀڄن ڪري ويا آهن. هزارين سک شيوڪ ان درٻار جا آهن. سائين هرداسرام شرير تياڳي ويا آهن هاڻي سندس پٽ گادي تي ويٺل آهن.

ڀڳت هرداسرام صاحب جي گهڻي انڀوي واڻي رچيل جا جيڪڏهن ڪٺي ڪجي ته وڏو شاهي گرنٿ ٿي پوي.

ڀائي هرداسرام صاحب جنجا جيون چرتر ڏجن ٿا. ڀڳت هرداسرام صاحب جڳياسو ڀڳت هئا. سندن ڏاڏو ڀڳت تيرٿداس پورن برهم نيشاني ۽ برهم شروتري يوگي جن هئا. ڀڳت هرداسرام ڪاشي ۾ سنسڪرت ۽ جوتش وديا پڙهيا هئا. سندن هڪ ٻي درٻار اگهوڙا ٻاري ۾ آهي ان درٻار جي سکي شيوڪي ۽ زمين آهي. ڀائي هرداسرام ڪاشيءَ مان موٽي گدوبندر رهي جوتش وديا ۽ طبابت جو تجلو ماڻهن کي ڏيکاريو. ڀڳت صاحب جوتش وديا ۾ تمام هوشيار هئا. سندن جهڙو ڪو ورلو هوندو. ڀڳت هرداسرام ڪي سال ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ جوتش وديا جو پرچار ڪيو.

ڀڳت صاحب ڪيترا سال سانده گدوبندر ۾ رهي هري جو ڀڄن ڪيو. هو هڪ وئراڳ وان مورتي هو. ڀڳت پنهنجو گدوبندر اسٿان ڇڏي حيدرآباد جي سيٺين وٽ ڪڏهن ڪونه ويا. 27 سال ٿين ته گدوبندر واري جاءِ ڇڏي ڪيڏانهن نه ويا. سندس واڻي انڀوي آهي. جنهن جي ٻڌڻ سان گهڻو آنند اچي ٿو. ڀڳت صاحب ايشور رنگ ۾ رتل هئا. ڪڏهن به دک سک، هاڃي لاڀ جي ڪا پرواه نه ڪندا هئا. سدائين بي پرواه ۽ خوش طبع رهندا هئا. کين غريب ۽ شاهوڪار ٻئي هڪ نظر هئا. هو پورن برهم گياني ساڌو هئا. ڀڳت صاحب کي ڪيترن سيٺين منٿ ڪئي ته سندن جاءِ تي هلو پر ڀڳت ڪنهن جي نه ٻڌي. سدائين پنهنجي اسٿان تي اڏول رهيا. ڀڳت صاحب سدائين بي پرواه رهيا. هو رڌين سڌين جا مالڪ هئا. سندن شش سندن پرتا گهڻا ڏٺا آهن. هو دلين جي وارتا ڄاڻندڙ هئا. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ڪابه ڪامنا دل ۾ رکي ويندو هو ته انهي کي ان ڳالهه جي وراڻي اڻ سڌيءَ طرح ڏيئي ڇڏيندا هئا. ايڏي وڏي شڪتي هوندي ڀڳت صاحب اڊمبر نه رکي ويٺا. هڪ پراڻي تڏي تي وهندا هئا ۽ سکن شيوڪن کي اپديش ڏيندا هئا. سادو کائيندا هئا، سادي سندن هلت چلت هئي.

ڀڳت صاحب 1 بجي رات جو ننڊ مان اٿندا هئا. 1 بجي کان 4 بجي تائين برهم آنند ۾ اولين رهندا هئا. پوءِ ساڍي پنجين صبوح جو ڪٿا ڪندا هئا. ڪٿا پوري ڪري ساڍي 6 بجي جهنگل ڏانهن پنڌ ڪرڻ جي ارادي سان ويندا هئا. ساڍي 8 بجي گهمي ڦري اچي پني ٽڪر تي شبد ۽ شلوڪ لکندا هئا. پوءِ رسوئي کائي يارهين بجي سمهي پوندا هئا. شام جو روز وٽن ستسنگ لڳندو هو. اها حالت 27 سال هلي. ڀڳت صاحب زالن کي پاڻ وٽ اچڻ اصل ڪونه ڏيندا هئا. ڀائي صاحب سال 1936ع ۾ پرلوڪ پڌاريا.

هر سال رام نومي ۽ شري ڪرشن جنم اشٽمي تي ان اسٿان تي وڏو ميلو لڳندو آهي. تنهن کانپوءِ هر سال تاريخ 19 ڄيٺ تي سوامي هرداسرام صاحب جي ورسي ڌام ڌوم سان ملهائي ويندي آهي.

 

 

ٻائي هريرام جي درٻار ڀريا

شهر ڀرين تعلقي نوشهري فيروز ۾ ٻائي هريرام صاحب جي درٻار پرسڌ آهي. ان درٻار جو هن وقت جو گاديسر ٻائو هريرام صاحب آهي. ٻائي هريرام صاحب جو گرو ٻائو ڪرپارام صاحب هوندو هو. ٻائي ڪرپارام صاحب هڪ دفعي جڏهن خيرپور رياست ۾ گشت تي هو تڏهن هن ٻائي تنورام جي زمين تي منزل ڪئي. ڀائي تنورام جيتوڻيڪ گرهست آشرم ۾ هوندو هو ۽ ڪرت ڪار ۽ ٻنيون آباد ڪرائيندو هو. ته به هو پورن ڀڳت هوندو هو. ٻائو هريرام ڀائي تنورام صاحب جو فرزند هو. جڏهن ڀائي صاحب ڪرپارام جي نظر ٻائي هريرام تي پيئي تڏهن هن صاحب ڀائي تنورام کان سندس ٻالڪ جي ٻانهن گهري ورتي ۽ ڀائي تنورام کي چيائين ته هي ٻالڪ اسانکي درٻار جي ٽهل شيوا لاءِ گهرجي ٿو تون خوشيءَ سان هي ٻالڪ اسانکي ارپڻ ڪري ڏي. ان وقت ڀائي هريرام جي اوسٿا 10 – 12 سال هئي.

ڀائي ڪرپارام صاحب ٻائي هريرام کي وٺي ڀرين ۾ درٻار ۾ آندو جتي هو ڀنڊاري ۽ درٻار جي شيوا ٽهل دل و جان سان ڪرڻ لڳو. ٻائو ڪرپارام صاحب ٻائي هريرام مان سندس درٻار جي ٽهل شيوا سبب بلڪل گهڻو خوش هوندو هو. ٻائو هريرام سڄو ڏينهن درٻار جي گائين جي شيوا، درٻار جي ڀنڊاري جي رڌڻ پچائڻ ۽ درٻار جي صفائي ۽ گروگرنٿ صاحب جي شيوا ٽهل ۾ سڦلي ڪندو هو. سندس شرير ننڍي هوندي کان وٺي سخت بازن جي پوڙهئي ڪرڻ تي هريل هوندو هو. ٻائو صاحب لانگوٽ بند ٻال برهمچاري ٿي رهيا آهن.

ٻائي ڪرپارام صاحب جي ديولوڪ پڌارجڻ کانپوءِ ڀرين جي درٻار جي گادي تي ويٺا. ٻائي صاحب جي آجوڪا سدائين ستنتر رهي آهي. پنهنجي زرعي زمين تعلقي نوشهري فيروز واري جا اٽڪل هن وقت چار سؤ ايڪر آهي تنهن تي ٻن باغن هڪ ٺارو شاه واري ۽ ٻئي ڀرين باغ جي پيدائش مان درٻار جي شيوا ٽهل ۽ پنهنجن چيلن ۽ سکن شيوڪن جو خرچ ڪن ٿا. ڀرين جي درٻار جو ڪوبه ٻنڌيان ڀرين جي پئنچات ۽ درٻار جي ڪنهن به سک شيوڪ تي مقرر ٿيل نه آهي. ٻائي صاحب پنهنجي بازن جي پوڙهي سان ڀرين جي شهر نزديڪ هڪ عاليشان ۽ وڏو باغ رکايو آهي. ساڳي طرح ٺارو شاه جي ڀرسان نؤلکي واه جي ڪپ تي هڪ وڏو باغ اٿن. ان باغ ۾ ٻائي صاحب پنهنجي لاءِ، سکن شيوڪن جي رهڻ لاءِ پڪيون جايون ٺهرايون آهن. سال جو ڪو ڀاڱون ٻائو هريرام صاحب ان باغ ۾ گذاري ٿو. ٻائي صاحب کي چؤپائي مال ۽ گهوڙن سان دل آهي. اَٽڪل سؤ کن گايون مينهون سندن زمين ۽ باغن ۾ رهن ٿيون. جن مان کين کير ڏڌ ۽ مکڻ درٻار جي آدمين ۽ سکن شيوڪن لاءِ چڱي انداز ۾ روزمره ملي ٿو. ڀاڄيون باغن مان اچن. ڪڻڪ ۽ جوئر زمين تان اچي. ملطب ته سڀڪي گهر اندر پيدا ٿئي، جنهن مان هو فقيراڻو گذران ڪن ٿا. ٻائو صاحب اڳئين زماني جي ساڌن سنتن وانگر آهي جن لاءِ ٻڌبو آهي ته بصر ۽ جوئر ۽ سائي ڀاڄي ۽ هٿن جي ڪمائي ڪري گذران ڪندا هئا.

ٻائي صاحب جي رهڻي ۽ ڪهڻي اُتم ۽ عجيب آهي. هو رڌين سڌين جا مالڪ آهن. سندن وچن سڌي پرسڌ آهي. پر هو ڏيکاري اصل ڪانه ڪا ڏين. سدائين سکمني صاحب جو ۽ گرو واڻي جو پاٺ ڪن ٿا. رات جو تمام ٿورو وقت سمهن ٿا. باقي وقت رات جو جاڳي ايشور جو سمرن ڪن ٿا. سدائين ايشور جي پريما ڀڳتي ۾ ڀرپور رهن ٿا. سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري ساهتيءَ ۾ سندس شرڌالو سک گهڻا آهن جن مان گهڻا جوان ۽ پير مرد ڪامورا ۽ شاگرد آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاه ۾ ٻائي صاحب جا گهڻا پريمي سک آهن جن تي ٻائي صاحب جي گهڻي ڪرپا آهي. ٻائو صاحب اجائي ديکا ديکي، ڏيک ۽ وڏائي مان اصل ڪونه چاڻن. سادو کائين ۽ سادو پهرين ۽ سادي سندن هلت چلت آهي. ڪنهن جي پرواه نه ڪن ٿا. جيڪي سچ هجي سو جهٽ هر ڪنهن کي منهن تي چئي ڏين. سندن هلت بلڪل سنئين سڌي آهي. ٻائو صاحب سدائين پنهنجي ڀرين واري درٻار يا ٺارو شاه واري باغ واري اسٿان تي درٻار جي ڪمن ڪارين ۾ رڌل رهن ٿا. استري جاتي کي درٻار ۾ اچڻ کان سخت منع آهي، پنهنجي ۽ درٻار جي چيلن لاءِ جواني جي وقت ۾ روٽي پاڻ هٿن سان پچائيندا هئا. سدائين هٿن سان ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهن ٿا. مطلب ته هرڪو ڄڻو ڪم ڪرڻ ته کائن سکي. سندن اوستا هن وقت اٽڪل ستر ورهيه ٿيندي. ته به اڃان سگهارا ۽ طاقت وارا بيٺا آهن. بدن جا قداور، اکين وڏين وارا، بت ۾ ڀريل ۽ پبڻين گهاٽين وارا آهن سندن شڪل حياتي ڀر برهم چريه پالڻ سبب سدائين پئي ٻهڪي. ٻڍاپڻ جي ڪابه نشاني اڃان منجهن نه آئي آهي، ڪوبه ساڻن شرير جي طاقت ۾ مٽ پئي نه سگهندو. ديوان ڪوڙومل ڀرين جو اَتي پريم ٻائي هريرام صاحب سان گهڻو هوندو هو. ٻائي هريرام صاحب جا هن زماني سان سنت سنڌ ۾ ڪي ڇڊا لڀندا. ٻائي صاحب جا چيلا هن وقت ڀرين واري درٻار ۾ پنج ڇهه آهن. وڏو چيلو ڀائي شيوارام آهي. ڀرين واري درٻار ۾ صبوح 5 بجي کان وٺي 11 بجي تائين شام جو 5بجي کان 10بجي تائين ۽ ڪيرتن ڪٿا ٿئي ٿي. درٻار ۾ سدائين ٻاهرين شهرن مان سک شيوڪ ۽ سنگي اچي ٻه ٽي ڏينهن رهن ٿا. جنجي رهڻ ۽ ماني ٽڪي جو درٻار ۾ بندوبست ٿيل آهي.

ٻائي هريرام جي ڪرامتن جو ڪهڙو ذڪر ڪجي. گهڻي شرڌالو سکن کي فيض رسايا اٿن ۽ انهن جون من جون مرادون پوريون ڪيون اٿن. پاڻ فرمائيندا آهن ته ٻچا اسان ۾ ڪي ڪونهي هر ڪنهن کي پنهنجي ڀاونا جا ڀاڙا ملن ٿا. سندن سڳرو۽ پهل هلندڙ آهي ڪيترن کي گروواڻيمان شبد پڙهي سڳرو وٽي ۽ پهل پڙهي ڏين ٿا. پڙهندرن کي اهڙي اُتم ساڌو جو ڀرين ۾ وڃي درشن ۽ سنگت ڪري لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.

 

 

سنت ڀڳت رام صاحب جو درٻار جوهي ۾

جوهي شهر ۾ سنت ڀڳت رام صاحب جي درٻار نامور آهي. سوامي ڀڳترام وڏا ودوان ۽ سڌ پرش ٿي گذريا آهن. سڄو ڏينهن ويدانت شاسترن جي ويچارڻ ۽ اڀياس ڪرڻ تي سڦلو ڪندا هئا. سمورو وقت ايشور پرائڻ ۾ رهندا هئا. دنيا جي ڌنڌن تي ڪنهن به قسم جي ورتي نه ڊوڙائيندا هئا. سنت ڀڳترام اٽڪل چار سال ٿيا ته ديولوڪ پڌاريا آهن هن وقت سندس چيلو گادي تي ويٺل آهي. سنت ڀڳترام جو تمام مختصر جيون چرتر هيٺ ڏجي ٿو.

سنت ڀڳترام جوهي جي شهر جو رهاڪو هو. سندس وڏا جوهيءَ جي شهر ۾ دوڪاندار هئا. هن ساڌ جي ننڍي هوندي کان وٺي ساڌي ٻڌي ۽ ايشور جي ڀڄن ۾ پريت هوندي هئي. ننڍي هوندي کان وٺي جوهي جي درٻار ٻائي آيارام پنجابي واري ۾ وڃي ساڌ سنگت ۾ وهندا هئا. سندس مائٽ کيس درٻار ۾ وڃڻ کان روڪيندا هئا. سندس شادي ڪيل هئي. سندس صدق پنهنجي گرو مهراج آيارام ۾ پورن هوندو هو. ڀڳترام جي شادي ڪيل هئي. سندس گروءَ کيس آگيا ڪئي ته جڏهن اولاد ٿئيو، تڏهن دنيا جو تياڳ ڪري فقيري اختيار ڪجو. جڏهن کيس هڪ ڌيءَ ۽ پٽ ڄائو تڏهن دنيا تياڳ ڪري فقيري اچي اختيار ڪيائون. جڏهن سندس سڪيلڌي پٽ جو چالاڻو ٿيو. تڏهن ڪنهن شيوڪ ڪرڻ جي ايشور جي ڀاڻي تي راضي رهي شانت ۽ صبر ۾ رهيا. سندن گرو آيارام جي پرلوڪ پڌراجڻ کانپوءِ گادي تي ويٺا.

سنت ڀڳت ايشور جا پريمي ڀڳت هئا. هو برهم گياني ۾ ودوان هوندا هئا. ڪيترا ڪامورا موڪلن جي ڏينهن جوهيءَ وڃي مهراجن جي صحبت ڪندا هئا. ۽ ساڻس گڏ ويدانت شاستر پڙهندا ۽ ويچاريندا هئا. سوامي جن سال به سال گرمي جي موسم ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڃي 4 مهنا گذاريندا هئا. جتي سڄو ڏينهن ايشور ڀڄن ۾ ويدانت شاسترن جي ويچارڻ ۾ سڦلو ڪندا هئا. شام جو هر روز رامائڻ جي ڪٿا ڪندا هئا. سندن ورتي سدائين ويراڳ واري هوندي هئي. سويل صبوح جو 3 بجي اٿي ضروري ڪريا ڪرم ڪري، ايشور جا ڀڄن ۽ گرواڻي مٺي ۽ سريلي سر ۾ ڳائيندا هئا. پڇاڙيءَ تائين شرير ۾ طاقت وارا ۽ ٻلوان هوندا هئا. شرير جي سڀ ڪريا ڪرم پنهنجن هٿن سان ڪندا هئا. درٻار ۾ کوه ۽ گئو شالا ۽ گرو گرنٿ صاحبن جو مندر آهي. سوامي ڀڳترام صاحب چوهتر ورهين جي ڄمار ۾ اٽڪل 4 سال ٿيا ته ديولوڪ پڌرايو. سندس چيلو ماستر جڳو مل جنهن سندس حياتي ۾ دل و جان سان سندس شيوا ڪئي هئي سو هن وقت درٻار جي گادي تي ويٺل آهن.

 

 

ڀائي سترامداس صاحب ابجي وارو

ابجي تعلقي نوشهري وارا ساڌ نامور آهن. ڀائي سترامداس صاحب ابجي وارا هڪ پورن ڀڳت ٿي گذريا آهن. ابجي جو ڳوٺ شهر نوشهري فيروز کان اٺ ميل پري مٺياڻي جي ويجهو اهي. ڀائي سترامداس صاحب صوفي فقيرن جي گڏيات هئا. سندن مرشد مير جان الله شاه صاحب روهڙي وارا صوفي فقير هئا. سندن پتا جڳياسو ساڌو هوندو هو.

ڀائي سترامداس ڀني سنگين کي اهو اپديش ڏيندو هو ته ايشور پرماتما سڀني ۾ رمي رهيو آهي ۽ سڀني کي ايشور جو روپ ڄاڻي ڪنهن سان ڊوه نه ڪجي ۽ نه ڪنهن سان ظلم ڪجي. سڀ ڪنهن ۾ هري پرماتما کي پسجي. ايشور هر هنڌ حاضر آهي. پهريائين پاڻ کي پس پوءِ گروءَ کي پس ۽ تنهن کانپوءِ ايشور پرماتما کي سڃاڻ ڀائي سترامداس جا انيڪ سک ۽ سنگي ٿيا آهن. جن مان ڪي حيات آهن. ڀائي صاحب جو اهو اپديش سنگين کي هوندو هو ته رات ڏينهن ٿوري ننڊ ڪري ننڊ کي جيتي ايشور پرماتما جي نام جي سمرن ڪريو. هو پنهنجن سکن کي رام نام جي جشن ڪرڻ جو اپديش ڏيندا هئا. ڀائي جن سڌ پرش هئا. پاڻ سچي رات جاڳي ايشور جو جو ڀڄن ڪندا هئا. سندن انيڪ ڪرامتون ڏيکاريل آهن.

ڀائي سترامداس صاحب جا گهڻائي سک هئا، تن مان مکيه ديوان وزيرمل جج، ماستر نرملداس ۽ چوهڙ مل وڪيل حيدرآبادي عامل هئا.

ڀائي صاحب سال 1902ع ۾ 56 ورهين جي اوسٿا ۾ هي چولو ڇڏيو. سندس گاديءَ تي سندس ڀائٽيو ڀائي ميارام گاديءَ تي ويٺو.

 

 

ڀڳت سترامداس جي سماڌ

ڳوٺ رهڙڪي تعلقو اَٻاوڙو ضلع سکر ۾ ڀڳت ستگرامداس جي سماڌ آهي. ڳوٺ رهڙڪي، روهڙي کان پريان ڏهڙڪي اسٽيشن کان پنج ڪوه پري آهي. ڀڳت سترامداس نامور ڀڳت ڪنورام جو گرو هو. هو ڀڳت وجهندو هو. سندس هاڪ ۽ ناموس ساري سنڌ ۾ هوندي هئي. سندس ڀڳت مان ٻڌندڙن کي گهڻو رس ۽ آنند ايندو هو. ڀڳتن وجهڻ مان جيڪي ملندو هوس، سو غريبن، اَنڌن ۽ منڊن کي سهائتا طو رڏيئي ڇڏيندو هو ۽ غريبن جي نياڻين جي شادي ڪرائڻ تي خرچ ڪندو هو. ان مان هڪ ڪوڏي به پنهنجي ڪتب نه آڻيندو هو. سندس گهڻا شش هئا. جن مان ڀائي ڪنورام سنڌ جو نامور ڀڳت مکيه شش هوندو هوس. ڀڳت سترامداس کي ٽڪاڻون ڪونه هوندو هو.هڪ اوطاق هوندي هيس، جتي واندڪائي جي وقت گائن وديا جو اڀياس ڪندو هو. ڳوٺ رهڙڪي ۾ پنهنجن ڀائرن سان اناج ۽ گيهه جو واپار ڪندو هو ۽ زرعي زمينن جا مقاطع کڻندو هو.

ڀڳت صاحب وڏي حشمت وارو ۽ قداور هوندو هو. ڀڳت وجهڻ وقت ڳاڙهي پڳه پائيندو هو. سندس آواز اهڙو بلند هوندو هو جو سکر ۾ ڀڳت ڪندو هو ته روهڙيءَ ۾ سندس ڳائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو ايندو هو. سندس ڀڳت ٻڌڻ لاءِ سوين هزارين ماڻهو ايندا هئا.

ڀڳت سترامداس صوفي متي جو فقير هوندو هو. سندس صحبت صوفي فقيرن سان هوندي هئي. ڀڳت صاحب جو گرن جو واڻي ۾ گهڻو صدق هوندو هو ۽ گرواڻي ياد هوندي هيس. هنجو گرو سندس پتا هو. وٽن گهڻا ماڻهو درشن ڪرڻ لاءِ ايندا هئا، جي سڀيئي سندس ڀنڊاري تان روٽي کائيندا هئا. ڀڳت صاحب مهمانواز ۽ يار ويس به هڪڙو هوندو هو گهڻن ڪامورن سان سندس صحبت هوندي هئي. جي وٽس گهڻو ايندا ويندا هئا. ڀڳت صاحب رڌين سڌين جا مالڪ هئا. کانئن جيڪڏهن ڪو سوالي پئسن جي مدد لاءِ ايندو ته هنکي پنهنجي گديءَ جو پلاند مٿي کڻي چوندا هئا ته هن روپين جي ڍڳيءَ مان پنهنجي گهرج وارا پئسا کڻي وڃ. هو پڇاڙي وقت تائين ڀڳت وجهندو آيو. ڀڳت صاحب پنجاه ورهين جي اوسٿا ۾ سال 1917 ۾ ديولوڪ پڌاريا. رهڙڪي ڳوٺ ۾ سندس سماڌ آهي جنهن تي هڪ پڪي جاءِ اڏيل آهي. سماڌ تي سال به سال ميلو لڳندو آهي. سماڌ صاحب تي روز شبد پاڻي ٿيندو آهي. سماڌ تي سدائين مهمان اچن ٿا جي ڀنڊاري مان پرساد وٺن ٿا.

ڀڳت سترامداس جي گادي تي سندس شش سنڌ جو نامور ڪوي ۽ ڀڳت صاحب ڪنوررام ويٺو. ڀڳت ڪنوررام ڳوٺ جروارن تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي سکر جو ويٺل هو. ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ مائٽن جي موڪل وٺي اچي پنهنجي گروڀڳت سترامداس وٽ رهيو. جتي گائن وديا سکي هوشيار ٿيو. ڀڳت ڪنورام پنهنجي گروءَ جي شيوا دل و جان سان ڪئي جنهن جي آسيسا سان ڀڳت صاحب گائن وديا ۾ بلڪل هوشيار ٿيو. هو پنهنيج گروءَ سان گڏ ڀڳت وجهندو هو. سندس ناموس ۽ هاڪ ساري سنڌ ۾ نڪتي. هن زماني ۾ ڀڳت ڪنو رام سڀني ڀڳتين وجهندڙن جو سرومڻي ليکيو ويو آهي. جڏهن ڀڳتين وجهڻ جو ڪم نه هوندو هوس. تڏهن جروارن ۾ گيهه اناج جو واپار ڪندو هو ۽ ان مان روزگار ڪندو هو. ڪڏهن پنهنجي گروءَ جي سماڌ رهڙڪي تي رهي آئي وئي مهمان جي شيوا ڪندو هو ۽ شبد ڪيرتن ڪندو هو.

ڀڳت سترامداس پنهنجي گروءَ جي ديولوڪ پڌراجڻ کانپوءِ ڀائي ڪنورام صاحب ٻار ٻچا وٺي لڏي وڃي پنهنجي گروءَ جي سماڌين تي رهيو. ڀائي ڪنورام صاحب جي ڀڳت ۾ بلڪل گهڻو رس ۽ آنند هوندو هو، جنهن جي انهن کي سڌ هوندي، جن کيس ڳائيندو ۽ نچندو ٻڌو هوندو. گهڻو ڪري پرڀات جو ڀڳت وجهندو هو. هو شڪل جو سهڻو هوندو هو. ننڍي هوندي شرير ۾ پتلو ۽ قد جو پورو پنو هوندو هو. سندس آواز بلڪل سٺو، سنهو ۽ سريلو هوندو هو. ڀڳت وجهڻ وقت پيلي رنگ جي پڳ ۽ بافتي جو گهاگهرو پائيندو هو ۽ پيرن ۾ ڇير ٻڌندو هو. ڀڳت وجهڻ وقت اڪثر گرن جي واڻي ڳائيندو هو. هو سائين ايشور ڀڳتي ۽ گيان ۾ رنگيو پيو هوندو هو. پر ڪنهن کي پنهنجي ڏيکاري ڪانه ڏيندو هو. سدائين لڪل رهندو هو. نمرڌ ۽ غريبي ڀاؤ ته ڪو کائنس سکي. ساري سنڌ ديش بلڪ پنجاب ۾ هن صاحب جي هيتري قدر ناموس هوندي هئي ته به هن ڪڏهن ان ڳالهه جو اڀمان نه ڪيو.

ڀائي ڪنوررام صاحب پنهنجي گرن ڀائي سترامداس وانگر پنهنجي روزگار لاءِ پوڙهيو ڪندو هو ۽ جيڪي ڀڳتين مان ملندو هوس سو سڀ غريبن ۽ احتياج وارن کي بروقت هرهڪ ڀڳت مان مليل وراهي ڏيندو هو. ڪيترا سوالي وٽس سدائين رهندا هئا. ڀائي صاحب ڌرم مرجادا ۽ نيتيءَجو پورو هو. هو وڏو سياڻو ۽ گنڀير سڀاءَ وارو هوندو هو. ڀائي صاحب اڳيان ڪوبه سوالي اچي پئسي لاءِ عرض ڪندو هو ته هنکي گهرجي سارو سهائتا ڪندو هو. ڪوبه سوالي هن صاحب ڪونه موٽايو. هڪ وڏي خوبي جا ڀائي صاحب ۾ هئي سا هئي انجام تي پورو رهڻ. ڪنهن سان انجام ڪيائين ته فلاڻي ڏينهن فلاڻي وقت ڀڳت وجهڻ ايندس ته اهو انجام اوس پاريندو هو.

ڀائي صاحب ٻن ڌرين جي وچ ۾ تڪرارن جا راڄوڻي فيصلا به ڪندو هو. اڪثر ڪري ٻئي ڌريون سندس فيصلو ٻڌي قبول ڪري خوش ٿي وينديون هيون. ڀائي صاحب سدائين ايشور جي ڀاڻي تي راضي رهندو هو. هڪ ددفعي کيس ڦرڙين ڏاڍو هلاک ڪيو، تنهن هوندي به جن سان ڀڳتين وجهڻ جو انجام ڪيو هوائين سو ڪهڙي به دستور وڌائين. روهڙيءَ جي سنگين پڇيس ته سائين! ڇا ٿيو اٿو تنهن تي وراڻي ڏنائين ته ايشور جي مهر ٿي آهي.

ڀائي صاحب وڏو ڀڳت رڌين سڌين جو مالڪ هو. هڪ دفعي شڪارپور جي شهر ۾ ڀڳت ويٺي وڌائين ته ان وقت هڪ مائي جنهنجو ڇوڪرو ٻن ٽن سالن جو ڪلاڪ اڌ ڪلاڪ اڳي مري ويو هو تنهن پنهنجي مئل ٻالڪ کي اچي چادر ۾ ويڙهي آڻي ڀڳت صاحب کي ڀري سڀا ۾ جڏهن هن صاحب ڀڳت ويٺي وڌي آڻي عرض ڪيو ته او ڀڳت صاحب! منهنجي ٻالڪ کي لولي ڏي.ڀڳت صاحب خوشي سان مائي کان سندس ٻالڪ وٺي هنکي لولي ڏني. لولي ڏيئي جڏهن بس ڪئي تڏهن هنکي ان ڳالهه جو راز معلوم ٿيو ته ٻالڪ حيات نه آهي. اها حالت ڏسي ڀائي ڪنور رام صاحب ايشور اڳيان پرارٿنا ڪئي ته سائين لوڪ ڇا چوندو ته ڀائي صاحب ٻالڪ کي لولي ڏني ته ٻالڪ مري ويو. تون اسانجي پت رک. ايشور جو پنهنجن ڀڳتن جي سدائين ٻڌي ٿو تنهن ڀڳت صاحب جي اها ڪار ٻڌي ۽ ڇوڪر کي وري حياتي بخشي. ٿوري وقت کانپوءِ ڀائي صاحب جا کڻي ٻالڪ جي منهن ۾ نهاري ته ان اُٻاسي ڏني تنهن تي ڀائي صاحب مائي کي ڀري ڀڳت ۾ ٻالڪ موٽائي چيو ته مائي! هي پنهنجو ٻالڪ امانت ڏنل موٽي وٺ. ماتا پنهنجي ٻالڪ کي زنده ڏسي خوشي وچان اکين ۾ لڙڪ وهائي ڀڳت صاحب جي چرنن تي ڪري پيئي ۽ بيٺل ماڻهن اڳيان اهو راز ظاهر ڪيائين ان کانپوءِ اها ڳالهه چوگرد پکڙجي ويئي ۽ بلڪ اخبارن ۾ به ظاهر ٿي. ٻئي دفعي جي ڳالهه ته جيئن ڀائي صاحب ڀڳت ۾ بيٺو هو ته اتي هڪ زميندار جو نابينا هو تنهن رڙ ڪري چيو ته او ڀائو ڪنور رام صاحب! هيڏانهن اچ ته مان توکي ڏسان. ٻڍي جو اهو سڏ ٻڌي. ڀائي ڪنور رام ان ٻڍي وٽ ويو ۽ چيائينس ته حاضر سائين آيو آهيان، جاچي ڏسيم. تنهن تي ٻڍي ڀائي صاحب کي چيو ته سائين مان نابينا آهيان مهرباني ڪري پنهنجا پوتر هٿ منهنجي اکين کي لايو ته مان سڄو ٿي اوهانجي سهڻي صورت ۽ موهڻي مورت اکين سان ڏسان. ڀائي صاحب ان ٻڍي نابينا جي اکين کي پنهنجو پوتر هٿ ڦريو ته جهٽ اهو ٻڍو نابينا خوشي ۾ اچي چوڻ لڳو ته سائين! اوهانجي وڏي مهرباني. اوهانجي ڪرپا سان مونکي اکين جي جوت وري نصيب ٿي آهي. سوين روپين خرچڻ سان ڪوبه فائدو ڪونه پهتم پر اوهان ڀڳتن ڪرپا ڪري هٿڙو ڦيريو ته جهٽ سڄو ئي پيو آهيان. اهڙي قسم جون ڪرامتون ڀائي صاحبن جون انيڪ لوڪ ڳائين ٿا. ڀائي صاحب موج ۾ اچي ڀڳت ۾ بيهي ايشور جا گڻانواد ڳائيندو هو. تڏهن منهن جي ڪرانت ۽ چهڙو سون وانگر پيو چمڪندو هو. جهڙو جهڙو اسٿان ۽ موقعو ڏسندو تهڙي نموني جا شبد ۽ ڪافيون ڳائيندو هو. جن سنگين سندس صحبت ڪئي هوندي تنکي سڌ آهي ته ڀائي صاحب گيان ۽ ڀڳتيءَ جا ڀنڊار هئا. پر سائين غريبي ڀاوَ ڌاري لڪل رهندو هو. ڪڏهن پاڻ نه ڄاڻيندو هو. ڪڏهن به پنهنجو سک يا شش نه ڪيائين. هو صاحب چوندو هو ته مان پاڻ شش آهيان. سو ٻين کي وري شش ڪيئن ڪندس. جهڙي قسم جو ماڻهو گڏبو هوس تنهن سان اهڙي قسم جوون ڳالهيون ڪندو هو ۽ کانئس حال احوال وٺندو هو. ڀائي صاحب کي ڪو ورلي لکي سگهندو ته ڀڳت صاحب ايشور ڀڳتي جي ڪهڙي منزل تي رسيل اهي. ڀڳت صاحب وڏو مهمانواز هوندو هو. سندس ڀنڊارو ۽ مهمانوازي جروارن۽ رهڙڪي ۾ هلندي هئي. آيو ويو مزمان ٽڪري اوس وٽانئس کائي ويندو هو.

هتي دک سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته اٽڪل پنج سال ٿيندا ته ڀائي صاحب اَسو سنبت 1999ع ۾ مانجهندن مان ٻائي گوبندداس صاحب جي ميلي تي ڀڳت وجهي دادو کان ٿيندو روهڙي ڏانهن ڀائي وسڻ رام جي ورسيءَ تي ريلوي گاڏي ۾ چڙهي پنهنجن سنگين سان پي ويو تئن رڪ جي اسٽيشن تي ڪن ظالم مسلمانن بنا ڪنهن اپراڌ يا دشمني جي ڀائي صاحب تي بندوقون ڇوڙيون. بندوقن لڳڻ سبب ڀائي صاحب ريلوي جي گاڏي جي تختي تان هيٺ ڪري پيا ۽ اتيئي پران تياڳيائون. اهو حادثو ڏسي سڀني هاهاڪار ۽ رڙيون دانهون ڪيون پر ڀڳت صاحب جا خوني ڀڄي ويا. ڀائي صاحب جي لاش کي رهڙڪي کڻائي ويا. جن ٿي اها حالت ڏٺي تن ٿي زارو زار رنو. ڀائي صاحب پنهنجي پٺيان ننڍڙا ٻار ۽ پنهنجي ڌرمپتني ڇڏي ويا. ڀائي صاحب جي شوڪ ۾ سنڌ جي شعرن گهڻيون ڪافيون رچيون آهن جي هر هنڌ ڳايون وڃن ٿيون. هر ڪنهن شهر ۾ شوڪ ظاهر ڪرڻ لاءِ ميٽنگون گڏ ٿيون ۽ همدردي ۽ شوڪ جا ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

ڀائي ڪنور رام صاحب جهڙو ڀڳت سنڌ هٿان وڃائي ويٺي. جنهن جهڙو سچو ايشور جو پيارو سنڌ کي وري الائي ڪڏهن نصيب ٿيندو.

 


 

ڀائي ولائتراءِ جي سماڌ

شهر قنبر ضلعي لارڪاڻي ۾ ڀائي ولائتراءِ صاحب جي سماڌ ٺهيل آهي. ڏياري جي پرڀ تي سماڌ صاحب تي سال به سال ٽي ڏينهن وڏو ميلو لڳندو آهي. ميلي ۾ خلق گهڻي انداز ۾ ايندي آهي. ميلي ۾ ڀائي ولائتراءِ جا سڀ شش اچي ڪٺا ٿيندا آهن. ميلي وقت ڀڳت به وهندي آهي. قنبر جهڙي ڏياري ساري سنڌ ۾ ڪانه ٿئي ٿي.

ڀائي ولائتراءِ صاحب اصل هالن پراڻن جا ويٺل هئا. سندس وڏا عامل کتري هئا. ڀائي ولائتراءِ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رونيو کاتي ۾ تپداري جي نوڪري ڪندو هو. هو صاحب صوفي متي جو هو. تپداري ۾ کيس هڪ برهمڻ جي صحبت ٿي جنهن هنکي اُپديش ڏنو جو ڪمائي وڃي رچي لعل ٿيو. ڀائي صاحب جي سنگ ۾ وري ٻيا ڪيترا ڪامورا رنگيا. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڀائي صاحب جا سؤن جي انداز ۾ شش آهن. ڀائي صاحب قداور پر بدن ۾ پتلا هوندا هئا. سندس پوشاڪ سادي هوندي هئي. مٿي تي پٽڪو ٻڌندا هئا. سٿڻ سوڙهڻ پاچن واري پائيندا ۽ بوڇڻ کڻندا هئا. ڀائي صاحب سدائين اوم شبد جو جاپ سواسن جي رستي ڪندا هئا ۽ پنهنجن ششن کي پڻ سواسن جي رستي اوم جي جاپ ڪرڻ جو اُپديش ڏيندا هئا. سندس گهڻا شش اوم جو جاپ جپي نهال ٿي ويا آهن. نوڪريءَ کانپوءِ ڀائي صاحب پنهنجي ڳوٺ هالن پراڻن ۾ رهندا هئا. سال ۾ هڪ دفعو روهڙي، جهرڪ، شريف ۽ سيوهڻ جي صوفين سان گڏجڻ ويندا هئا. ديارام تپدار سيوهڻ وارو جو سندس شش آهي سو هڪ دفعي بيمار ٿي پيو ڀائي صاحب انکي ڏسڻ لاءِ سيوهڻ آيو، پنهنجي حياتي جا باقي سال ديارام تپدار کي ڏيئي پاڻ شرير ڇڏڻ جو ارادو ظاهر ڪيائون، تنهن کانپوءِ قنبر اچي ڀائي جيوتسنگ جي گهر ۾ رات رهي هنکي ٻڌايائون ته اڄ اڌ رات جو اسين شرير تياڳينداسون. اڌ رات جو زمين تي ليپو پارائي ان تي ارم جو جاپ جپيندي شرير ڇڏيائون.

 

 

ڀائي واڌورام صاحب جي درٻار ٽنڊي الهيار ۾

شهر ٽنڊي الهيار ۾ ڀائي واڌورام صاحب هڪ جڳياسو ساڌو ڪمائي وارو ٿي گذريو اهي. سندس پتا ڀائي ديارام صاحب هڪ سڌپرش ٿي گذريو آهي. ڀائي واڌورام صاحب پنهنجو سمورو وقت ٽڪاڻي ۾ رهي ايشور جو ڀڄن ڪندا هئا. ڀائي صاحب ڪڏهن درٻار کان ٻاهر شهر ٽنڊي الهيار جي بازار ۾ ڪونه نڪتا. اندرو اندر گوشي نشين ٿي ايشور جو ڀڄن ڪندا هئا. درٻار ۾ جيڪو مزمان يا سک ايندو هو تنهن کي پنهنجن هٿن سان ٽڪري کارائي پاڻي پياريندا هئا. ٻيو سمورو وقت ايشور پرائڻ رهندا هئا. ڀائي صاحب وٽ انيڪ ساڌو مهاتما اچي رهندا هئا. هو صاحب انهن جي دل و جان سان شيوا ڪندو هو. ڀائي صاحب جهڙا نر اِڇو ۽ سنتوشي ساڌو ڪي ورلا لڀندا.

ڀائي صاحب سدائين ايشور جي اڇا تي راضي رهندا هئا. ڪيتري به مشڪلات درپيش ايندي هين ته صبر ۾ گذاريندا هئا. سندن چهڙو سدائين سرهو هوندو هو. شهر ٽنڊي الهيار جي ماڻهن جي ڀائي صاحب ۾ چڱي ڀاونا ۽ صدق هوندو هو.

ڀائي صاحب سال 1928 ۾ ديولوڪ پڌاريا. گادي تي سندس پٽ ڀائي جيوترام ويٺو. ڀائي جيوترام جي تندرستي خراب ٿي پيئي ۽ هن پتا جي چالاڻي کانپوءِ ڏه يارهان سال پوءِ شرير ڇڏيو. هاڻي ان درٻار جي گادي تي ڀائي نارائڻداس وشنداس سندس سؤٽ ويٺل آهي. جو ساڌو چڱو شيشل آهي.

 

 

راجا وير جو اسٿان

تعلقي ماتلي ۾ ماتلي شهر کان 12 ميل مفاصلي تي مشهور راجا وير جو اسٿان آهي. جنهن کي مسلمان شيخ ڀرڪئي جو اسٿان سڏين ٿا. سنڌ جي هندن جو پورو اعتقاد راجا وير ۾ آهي. راجا وير جي سماڌ ۾ هڪ وڏي پڪي عاليشان عمارت آهي. جنهنجي چوگرد هڪ وڏو قلعو اڏيل آهي. مهمانن جي رهڻ لاءِ سماڌ سان لاڳو جايون آهن. اهو مندر فقط هندن جي حوالي ۽ سندن سنڀال هيٺ آهي. پر مسلمانن کي اندر قبي جي اچي زيارت ڪرڻ کان منع نه ٿيل آهي. ان اسٿان جي اڏاوت تي هندن جا لکين روپيه خرچ اچي ويو هوندو.

اسٿان جي سنڀال حيدرآباد جا هندو وقت به وقت ڪن ٿا. پهريون ٻاٻو ان اسٿان جي سنڀال ڪرڻ وارو ٻاٻو هوتچند هوندو هو. تنهن کانپوءِ (1) ٻاٻو سنگتراءَ (2)ٻاٻو مولچند ان اسٿان جا سنڀاليندڙ هندو پئنچات طرفان مقرر ٿيل هوندا هئا. هن وقت ان اسٿان جي سنڀال ٻاٻو گاگو ولد ڀائي روچيرام ڪري ٿو. مهمانن جي ٽهل شيوا ڪرڻ لاءِ ڌار هڪ ٽهليو مقرر ٿيل آهي. جنهن کي ٻائو به سڏيندا آهن.

هرهڪ ساهي سومر تي راجا وير تي وڏو شاهي ميلو لڳي ٿو. حيدرآباد ۽ ٻين طرفن جا شرڌالو هرهڪ ساهي سورتي ميلي تي اتي ويندڙ آهن. ميلي ۾ اٽڪل 500 سؤ ماڻهو اچن ٿا. انيڪ شرڌالن جا ڪارج راجا وير پورا ڪري ٿو. ڪيترا بيمار ان اسٿان تي چاليها گذاري خوش چڱا ڀلا ۽ نوبنا ٿي وڃن ٿا. هرڪنهن جون مرادون راجا وير پورن ڪري ٿو. هر ڪنهن کي پنهنجي ڀاونا موجب ڦل پراپت ٿين ٿا. راجا ويرجنهن کي راجا وڪرماجيت سڏين ٿا سو ٻه هزار سال اڳي اُجين نگري جو راجا هو. هو ڌرمشٽ ۽ وڏو پرتاپي راجا ٿي گذريو آهي. هنجي پٺيان هندن جو وڪرم سنبت جو هن وقت 2003 آهي سو هلي ٿو. راجا وڪرما جيت سنڌ ۾ ان هنڌ ڪيئن آيو ۽ مٿي ذڪر ڪيل سندن نالي سماڌ اتي ڪيئن اڏجڻ ۾ آئي تنهنجي پوريءَ ۽ چٽيءَ طرح حقيقت نه ٿي ملي سگهي. پر سنڌ جي هندن جي شرڌا ۽ يقينو ان اسٿان ۾ جهجهو آهي. گهڻن کي هٿن جا پرتا لڳل آهن جنهن ڪري هنن جي شرڌا ۽ سڪ راجا وير ۾ قائم آهي ۽ وڌندي رهي ٿي.

 

 

ساڌو واسواڻي جو ميران ستسنگ

شهر حيدرآباڊ جي هيرآباد ڪواٽر ۾ ساڌ وسواڻي جو سکي ميران ستسنگ صبوح ۽ شام جو روز مره ٿيندڙ آهي. اهو ستسنگ سنڌ جي نامور سنت ساڌو واسواڻي جو جاري ڪيل اهي. ستسنگ ۾ روز چاليهه پنجاه ماتائون ۽ ڀينرون ۽ چاليهه پنجاه ماڻهو اچن ٿا.

ساڌو واسواڻي ان ستسنگ جو بنياد حيدرآباد ۾ سال 1924ع ڌاري وڌو. ستسنگ شبد ڪيرتن ڳائڻ سان شروع ٿئي ٿو. تنهن کانپوءِ ساڌو واسواني شري مد ڀڳوت گيتا ۽ سنتن جي جيون چرتر تي وياکياڻ ڏيندو اهي. اهو ستسنگ حال سکي ميران سڪول جي جاين ۾ ٿئي ٿو. هاڻي ساڌو واسواڻي هيرآباد ۾ نيون جايون سکي ميران سڪول جون ٺهرايون آهن. جتي ستسنگ لاءِ ڌار هڪ وڏو هال مقرر ڪيل آهي ۽ پڻ هڪ گيتا هال ٺهرايو وڃي ٿو، ساڌو واسواڻي صاحب جي ان ستسنگ ۾ اڪثر ڪري جوان وڃن ٿا.

حيدرآباد جي جوانن جي ان ستسنگ ۾ وڃڻ سان منورتي ۾ ڦيرو آيو آهي. هنن ۾ اخلاقي ۽ روحاني واڌارو آيو آهي. ستسنگ ساڌو واسواڻي جي ٺاهيل شري مد ڀڳوت گيتا سنڌي ڪوتا جو پاٺ ڪيو وڃي ٿو ۽ ساڌو جن جا ٺاهيل شبد ڳايا وڃن ٿا. ساڌو واسواڻي جي ميران ستسنگ جا ٻيا مکيه ڪم ڪندڙ مسٽر جشن مل پهلاجراءِ واسواڻي، مسٽر گنگارام ۽ ڊاڪٽر رامچند مورجاڻي آهن. ان ستسنگ سان لاڳو هيرآباد ۾ سکي ميران ڌرمائو اسپتال آهي جنهن جو فائدو انيڪ ڀائر ۽ ڀينرون وٺي رهيون آهن. ساڌو واسواڻي صاحب جا مختصر جيون چرتر هيٺ ڏجن ٿا.

ساڌو واسواڻي جو جنم نومبر 1880 ڌاري ٿيو. ساڌو واسواڻي صاحب حيدرآباد جا ويٺل آهن. سندن اباڻو گهر کنياتي ٽنڊي چونڪ ۾ واسواڻي گهٽي ۾ آهي. ساڌو واسواڻي ننڍي هوندي پڙهڻ ۾ بلڪل هوشيار هوندو هو. هو سدائين سڪول ۽ ڪاليج ۾ پهرئين ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو. سندس ايم. اي امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيل آهي. ساڌو واسواڻي جواني ۾ گهڻي ڪاليجن جو پروفيسر ۽ آخر ۾ پرنسپال هزار ڏيڍ پگهار تي ٿي رهيو آهي. ساڌو واسواڻي جو ننڍي هوندي کان وٺي ڌرم پاسي منورتي هوندي هئي. هو صاحب روحاني ۽ اخلاقي خيالن وارو سدائين ٿي رهيو. سندس پوشاڪ سادي ۽ سندس طعام ۽ رهت سادي هوندي هئي. سندس شادي ڪيل نه آهي. سدائين پنهنجي ماتا کي پيو چوندو هو ته امان! مون تي آسيسا ڪر ته مان سچو ساڌو ٿيان. ماءُ جي اهائي مرضي هوندي هئي ته سندس پٽ شادي ڪري گهر ٺاهي. وڏن وڏن گهرن جو مائٽيون آيس پئي پر ساڌو واسواڻي اصل ننو اکر واري ويٺو ته مان شادي نه ڪندس مان سنسار جي ڄار ۾ نه ڦاسندس، مان ايشور جو سچو ڀڳت ٿي ساڌو ٿيندس. اهو هو ساڌو واسواڻي جو حياتيءَ جو مقصد، آخر ماڻس هن کان انجام ورتو ته جيسين مان حيات آهيان تيسين ڪاليج جي پروفيسري ۽ پرنسپالي ڇڏي فقير نه ٿيندين منهنجي گذري وڃڻ کانپوءِ جيئن توکي کپي تئين ڪج. ماتا سان اهو انجام ڪيائين ۽ ان انجام موجب ماتا جي حياتي تائين نوڪري ڪندو رهيو. ساڌو واسواڻي جي شاگرد ۽ پروفيسر جي حياتي هڪ آدرش حياتي هوندي هئي. سوڌو واسواڻي پنهنجي ساري حياتي نيم موجب سڦلي ڪئي آهي. سمورو وقت وديا پڙهڻ ۽ ايشور جي ڌيان ڪرڻ ۾ سڦلو ڪندو هو. سندس شاگردن کي ساڌو واسواڻي لاءِ گهڻي عزت هوندي هئي. ساڌو واسواڻي جڏهن ڪراچي ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر هوندو هو تڏهن هر روز شام جو پنهنجي جاءِ تي خاص چونڊيل شاگردن جو ڌرمي ڪلاس وٺندو هو ۽ اتي ڌرمي وشين تي انهن کي اپديش ڏيندو هو. دنيا جي ڌرمن جي جيڪا ڪانفرنس جرمني برلن ۾ ٿي تنهن ڪانفرنس ۾ ساڌو واسواڻي هندستان جو هڪ چونڊيل عيوضي ڪري موڪليو ويو. ساڌو واسواڻي ان ڌرمن جي ڪانفرنس ۾ وڃي ان ۾ چڱو بهرو ورتو ۽ تقريرون ڪيون. ساڌو واسواڻي دنيا جو هڪ وڏو ودوان ۽ فئلوسوف ليکيو وڃي ٿو. دنيا جا سڀ ودوان ۽ فئلسوفن کي ساڌو واسواڻي جي واقفيت آهي. انهن کي ساڌو واسواڻي لاءِ وڏو قدر آهي.

ساڌو واسواڻي جا هندستان جا وڏا نيتا ۽ ودوان پنڊت مدن موهن مالويسه ۽ سررابيندر رناٿ ٽئگور ۽ سراڌا ڪرشن ۽ ٻيا دوست هئا ۽ آهن. سنڌو واسواڻي پنهنجي وڏيءَ ڀاءُ مستر پهلاجراءِ ليلارام واسواڻي ڪراچي ميونسپالٽي جي سڪولن جي سپروائيزر کي گهڻي عزت ڏيندو هو. ٻنهي ڀائرن جو هڪ ٻئي ۾ گهاٽو پريم جو سنٻنڌ هوندو هو. ساڌو واسواڻي کي جيڪي پروفيسري ۽ پرنسپالي مان ماهيانو اوجورو ملندو هو تنهن مان پنهنجو ضروري خرچ ڪري ٻيو ڌرم پاسي دان پڃ ڪري ڇڏيندو هو.

ساڌو واسواڻي هڪ هوشيار ۽ فصيح زبان وارو وياکياڻ ڏيندڙ آهي. سندس وياکياڻ ۾ ٻڌندڙن کي چکو رس اچي ٿو. دنيا ۽ هندستان جا وڏا وڏا ودوان سندس تقريرن جي ساراهه ڪن ٿا. انگريزي ٻولي تي سندس چڱو ضابطو آهي. اڪثر ڪري انگريزيءَ ۾ پنهنجا وياکياڻ ڏيندو آهي.

سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد سکر ۽ روهڙي، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي مکيه ماڻهن ساڌو واسواڻي کي سندس عزت ۾ شهر جي ماڻهن جون ميٽنگون گڏ ڪري ائڊريسون ڏنيون آهن. حيدرآباد ۽ ڪراچي جا عامل نيات جو ساڌو واسواڻي هڪ ڳهڻو آهي ۽ سڀ عامل ساڌو واسواڻي کي نيات جي فخر جو باعث سمجهن ٿا ۽ سال 1922 ۾ ساڌو واسواڻي جڏهن لاهور جي ديالسنگهه ڪاليج جي پرنسپال جي عهدي تي هو تڏهن سندس ماتا جو حيدرآباد ۾ چالاڻو ٿيو. تار پهچڻ تي ساڌو جن حيدرآباد پهتو ۽ اچي پنهنجي ماتا جو مرتڪ ڪريا ڪرم ڪيائين ٻاڙهي گذرڻ کان پوءِ پنهنجي عهدي تان استعيفا لکي موڪليائين ماتا سان ڪيل انجام موجب سندس حياتي تائين نوڪري ۾ رهيو ۽ ماتا جي گذري وڃڻ کانپوءِ سنسار جا سڀ ٻنڌن ٽوڙي سمورو وقت ايشور جي ڀڄن ڪرڻ ۾ سڦلي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. اون وقت ساڌو واسواڻي جي 48 ورهين جي اوسٿا هئي. ساڌو واسواڻي تنهن کانپوءِ ڪجهه وقت ڪراچي ۾ تنهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ رهي وياکيانن جي وسيلي حيدرآباد نواسين کي ڌرم بابت اُپديش ڏيندو هو. تنهن کانپوءِ سال 1930 ۾ ساڌو واسواڻي هيرآباد ۾ سکي ميران سڪول برپا ڪيو ۽ ان ۾ صبوح ۽ شام جي ستسنگ جو پرٻنڌ ڪيو. تنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ بندر روڊ ايڪسٽينشن تي جاءِ ٺهرائي ان ۾ پڻ گيتا ڪلاس جو آرنڀ ڪيو ۽ صبوح ۽ شام جو ستسنگ ڪندو رهيو.

ساڌو واسواڻي هڪ ڪرم يوگي آهي جو نيا آسڪتي جي ڦل جي اڇا کانسواءِ نشڪام شيوا دنيا جي لوڪن جي ڀلي لاءِ اخبارن ۽ ڌرمي پستڪن لکڻ ۽ وياکانن ڏيڻ جو پوڙهيو رات ڏينهن ڪري ٿو. ساڌو واسواڻي ڇوڪرين جي وديا ۾ ڦيرو آندو آهي. سرڪاري سڪولن ۾ جنهن قسم جي وديا ڇوڪرين کي ڏيڻ اچي ٿي سا پسند نه آهي. ساڌو جن بنارس هندو يونيورسٽي ۾ مقرر ڪيل نيمن موجب پنهنجي ميران سڪول ۾ وديا ڏئي ٿو. سندس سڪول ۾ هندي جو پرچار ڪرڻ ۾ اچي ٿو.

ساڌو واسواڻي جي ميران سڪول جي نئين جاءِ هاڻي تيار ٿي آهي جتي اٽڪل پنج سؤ ڇوڪرين کي وديا ملي سگهندي. ساڌو واسواڻي جو نالو يورپ ۽ اميريڪا جي ودوانن ۾ پرسڌ آهي. ساڌو واسواڻي ايسور ڀڳت آهي. سندس ڪيتري قدر ڪوتا رچيل آهي. اها ڪوتا پاڻ مرادو سندس زبان مان بنا ڪنهن ڪوشش جي اُچاربي وڃي ٿي. سندس تخلص نوري نماڻي آهي. شاسترن ۾ لکيل آهي ته جيڪي ايشور جا پورن ڀڳت آهن ۽ جنجي تار ايشور سان لڳل آهي سي جڏهن مؤج ۾ اچي ايشور جا گڻانواد ڳائين ٿا تڏهن سندن واڻي پوري ڪوتا ۾ پاڻ مرادو بنا ڪوشش جي پنگل تي پوري پوري سندن زبان مان اُچاربي وڃي ٿي. ساڳي حالت سنڌ جي صوفي فقيرن جي چوڻ ۾ اچي ٿي ۽ ساڳي حالت ساڌو واسواڻي جي آهي. ساڌو واسواڻي آڌي رات جو يڪتارو کڻي جڏهن ايشور جا گڻانواد ڳائي ٿو تڏهن سندس زبان مان پاڻ مرادو ڪوتا ٺهندي وڃي ٿي.

ساڌو واسواڻي سارو ڏينهن ڌرمي ڳالهين بابت لکڻ ۽ پڙهڻ تي سڦلو ڪري ٿو. سندس ڪيترا ڪتاب انگريزي ۽ سنڌي ۾ لکيل آهن. هنجي صحبت ڪري انيڪ ڀائرن ۽ ڀينرن اخلاقي ۽ روحاني ترقي ڪئي آهي ۽ سندن حياتي ايشور پرائڻ ٿي آهي. ساڌو واسواڻي جي هن وقت 67 سالن جي اوسٿا آهي. شال ايشور کيس وڏي آورجا بخشي. ساڌو واسواڻي هن وقت سنڌ اندر نشڪام شيوا ڪري رهيو آهي جنهن مان سنڌ واسين جو ڪلياڻ ٿيڻون آهي.

 

 

 

کٽيا ڀڳت جو ٽڪاڻو

شهر حيدرآباد ۾ مکڪي گهٽيءَ جي منهن تي مشهور ٽڪاڻو سنت کٽيا ڀڳت جو آهي. اهو ٽڪاڻو سڌن جو به ٽڪاڻون سڏبو آهي جو ان ٽڪاڻي جا سڀ سنت سڌ پرش رڌين وارا ٿي گذريا آهن. ان درٻار ۾ سڀني ديوتائن شو، لڇمي، نارائڻ ۽ ديوي ڀواني ماتا، هنومان ۽ لعل صاحب جا مندر آهن.

شجرو

ڀڳت کٽيارام

ڀڳت سامن داس

ڀڳت ڏيوجي رام

ڀڳت ڪيرتراءِ

ڀڳت کٽيارام صاحب حيدرآباد نواسي هئا. پاڻ گرهست آشرم ۾ نه رهيا. هر روز راضڪي ڪرت مٽيءَ جو پوڙهيو ڪري رات جو درٻار ۾ رهي ستسنگ ڪندا ۽ ايشور جو ڀڄن ڪندا هئا ۽ ٽڪاڻي جي سنڀال ڪندا هئا. پاڻ سنسڪرت ۽ گرمکي پڙهيل هوندا هئا ۽ ڪٿا پاڻ ڪندا هئا. ڀڳت کٽيارام جون گهڻيئي ڪرامتون ڏيکاريل آهن. ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن ماڻهو شڪارپور نواسي جنهن کي حيدرآباد ۾ ڀنگ جو ٺيڪو سرڪار مان مليل هو تنهن کي سڌ ڏني ته ڀڳت کٽيارام جي ٽڪاڻي ۾ ٻه ڳوڻيون بنا اجازت ڀنگ جون آيل آهن. دولترام آبڪاري انسپيڪٽر کي چاڙهي درٻار تي آيو. انسپيڪٽر کي جانچ ۾ معلوم ٿيو ته درٻار ۾ ڀنگ جون ته ٻه ڳوڻيون ڪونه رکيل هيون پر ٻه ڳوڻيون سڪل ميٿيءَ جون سنتن جي ڀاڄيءَ لاءِ گهرايل رکيل هيون. اها ڳالهه ڏسي ٺيڪيدار ڀڳت کٽيارام کان معافي ورتي ۽ هرهڪ مهني لاءِ درٻار کي ڏه سير ڀنگ ڏيڻ جو انجام ڪري هرهڪ مهني ڏه سير ڀنگ درٻار کي ڏيندو رهيو. ڀڳت کٽيارام بابت ڳالهه ٿا ڪن ته جڏهن ڀڳت صاحب پلوءَ پائي ديگ تي وجهي ديگ تي پنهنجي گيرورتي چادر سان ديگ کي ڍڪي سنگت کي ڇاڻون ڀري کارائيندو هو ته ديگ ۾ اهڙي ته برڪت پوندي هئي جو ان ديگ مان سوين ماڻهو کائي اٿندا هئا پر ديگ ۾ طعام اڃان بچيو پيو هوندو هو. ڀڳت کٽيارام جا انيڪ شرڌالو سک شيوڪ هئا. جيڪو سندس درٻار ۾ من جي جيڪا به مراد کڻي ايندو هو تنهنجي اها مراد پوري ٿيندي هئي. ڪوبه سوالي خالي نه ويو گهڻن کي پٽ ۽ ڪن کي ڌن دولت، جايون ۽ زمينون سندس آسيسا سان مليون. سندس ڀنڊارو سدائين آيل ويلن لاءِ کليل هوندو هو. ٻاجهڙي جو ڍوڍو، مترن جي دال ۽ سائي ڀاڄي ۽ تاهري کٽيا ڀڳت جي ڀنڊاري جي اڄ ڏينهن تائين مشهور آهي. هرهڪ ڪتي جي ٻارس تي سال به سال سندس سنگي سندس ورسي ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن. جتي ساڳيو ڀوڄن ٻاجهڙي جو ڍوڍو، مٽرن جي دال ۽ تاهري ۽ سائي ڀاڄي جو ڀنڊارو ٿيندو آهي.

ڀڳت کٽيارام اٽڪل هڪ سؤ ورهيه ٿيا ته ٻيانوي ورهين جي ڄمار ۾ شرير ڇڏيو. اڄ ڏينهن تائين ڀڳت کٽيا جي ڀڳتي ۽ نام جي پرتاپ سبب درٻار جو نالو مشهور آهي. درٻار ۾ سندس چاکڙيون رکيل آهن جنهن اڳيان سوين شرڌالو مٿو ٽڪين ٿا. هر روز صبوح جو جوتي سروپ جي پنجن اکنڊ جوتين جي آرتي ٿيندي آهي. ۽ شام جو ڪٿا ڪيرتن هڪ برهمڻ ڪندو آهي. شري مد ڀاڳوت پراڻ ۽ رامائڻ جي ڪٿا مهراج ڪندو آهي. اٽڪل 50 يا 60 سنگي روزمره ايندا آهن. هرهڪ مهني جي چنڊ چوڏس ۽ ٿارون رات 12 بجي تائين جوڳ ٿيندو آهي. جتي سنگي گڏجي شري لعل صاحب جا پنجرا ۽ ٻيا شبد ڳائيندا آهن. کٽيا ڀڳت جا سک شيوڪ حيدرآباد، هٽري، سيکاٽ، هالا، مٽياريون ۽ گدوبندر ۾ آهن. حيدرآباد ۾ رهن ٿا. تن سڀني جي مرد ۽ صدق کٽيارام ڀڳت جي ٽڪاڻي ۾ آهي. تنهن ڪري ان ٽڪاڻي کي لارائي پئنچات جو ٽڪاڻون سڏبو اهي. سڄي شهر جا ماڻهون جڻيان ۽ منڻ کٽيا ڀڳت جي ٽڪاڻي ۾ ڪرائيندا آهن.

ڀڳت کٽيارام جي ديولوڪ پڌراجڻ کانپوءِ سندس چيلو ڀڳت شامن داس گادي تي ويٺو. هو صاحب به روز پنهنجي گرن وانگر راضڪي ڪرت ڪري بازن جي ڪمائي ڪري رات جو اچي درٻار جي سنڀال ڪندو هو. ڀڳت سامن داس کانپوءِ سندس چيلو ڀڳت ڏيوجي رام ۽ تنهن کانپوءِ ڪيرتراءِ گاديءَ تي ويٺا. ڀڳت ڪيرتراءِ شرير سنبت 1986 ۾ ڇڏيو. جنهن کي اڄ سترهان سال ٿيندا. اڄ اها درٻار مکي تاراچند ڪندنداس لارائي پئنچات جو مکي سنڀالي ٿو. درٻار جي شيوا ٽهل ڪرڻ لاءِ ڀائي اوڍرمل ڏاندومل مقرر ڪيل آهي جو ڀڳت بنا اجوري وٺڻ جي درٻار جي شيوا دل و جان سان ڪري ٿو. آئي وئي مهمان جي رسوئي کائڻ جو بار به مٿئين ذڪر ڪيل ڀائي اوڍورمل پاڻ تي کنيون آهي. سوين سوالي اڄ ڪلهه ان درٻار تي اچن ٿا ۽ سڀني کي پنهنجي ڀاونا جا ڀاڙا ملن ٿا. درٻار جي ٽهل شيوا ڀائي اوڍرمل ڪري رهيو آهي جنهن تي ڀڳت کٽيارام جي آسيسا آهي هو پاڻ سبڻ جو روزگار ڪري ٿو ۽ درٻار ۾ رهي درٻار جي ٽهل شيوا ڪري. درٻار جي ڀڳتن جي چاکڙين اڳيان نمڻ جو وڏو مهاتم آهي. جيڪو ڀڳت کٽيارام ۾ صدق ۽ يقينو رکي سندس درٻار ۾ وڃي سندس چاکڙين اڳيان مٿو ٽيڪيندو تنهنجي من جا مطلب ڀڳت صاحب اوس پورا ڪندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org