اَمراپور درٻار صاحب ٽنڊو آدم
شهر ٽنڊي آدم ۾ هڪ نالي واري درٻار امراپور نالي آهي. جنهن جهڙو
ڌرمي تيرٿ اسٿان سنڌ بلڪ هندستان ۾ ڪو ڇڊو هوندو.
اهو اسٿان خاص واري تي ٻڌل آهي. هندو شاستر مرجادا
موجب واري سڀني ۾ پوتر آهي. ان امراپور درٻار جو
وايو منڊل شڌ سنتوگڻي آهي. آس پاس جهنگل ۽ باغن جو
سندر ۽ رمڻيڪ نظارو آهي. ان اسٿان سان لاڳو کوهن
جو پاڻي صحت بخش آهي. هن اسٿان تي صبوح شام ستسنگ
۽ شبد ڪٿا ڪيرتن جن جي موج لڳي پيئي آهي، جتي
هزارين پريمي لاڀ وٺن ٿا. هن اسٿان ۾ چاليهه پنجاه
ورڪت ساڌو هميشہ رهن ٿا. جي ايڪانت اسٿان ۾ رهي
وديا ۽ آتم چيتن جا ساڌن ڪن ٿا. هن اسٿان تي اٺئي
پهر هرهڪ منش ماتر لاءِ ڀنڊارو کليل آهي. هر روز
سون جي تعداد ۾ مهمان مسافر ۽ ياتري ۽ ساڌو هر طرح
جو سک ماڻين ٿا. هن اسٿان تي هڪ گئو شالا آهي.
جنهن ۾ چاليهه پنجاه گئن جي پالنا ٿئي ٿي جنجو کير
ساڌن ۽ ياترين جي ڪتب اچي ٿو. هتي هڪ پريم پرڪاش
هندي سنسرڪت پاٺ شالا جاري آهي جنهن ۾ هن وقت اٽڪل
ٽيهه چاليهه وديارٿي هندي سنسرڪت وديا جو اڀياس
ڪري رهيا آهن انهن وديارٿين کي پستڪ، پنو، روٽي
وغيره اسٿان مان ڌرمائو ڏيڻ ۾ اچي ٿي. ان پاٺ شالا
۾ پڙهڻ لاءِ ڪنهن قسم جي في رکيل نه آهي ۽ پارشالا
۾ پاڙهڻ لاءِ هڪ پگهاردار ودوان پنڊت مقرر ٿيل
آهي. هن اسٿان جي اندر اها شڪتي رکيل آهي جو ڪيترا
ياتري من جا دکايل ۽ سنسار جي دکن کان وياڪل ۽
بيزار ٿيل اچي ڪجهه وقت هن مڪان ۾ رهي چت کي شانتي
حاصل ڪري آنند پائي وڃن ٿا. ڪيترا پڻ شرير جي روڳن
وارا امراپور درٻار ۾ رهڻ سان تندرستي حاصل ڪري
وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته هن اسٿان جو هوا پاڻي گهڻن هنڌن
کان شڌ ۽ صحت بخش آهي. هن اسٿان تي انيڪ اشاونت
شرڌالو ياتري من جون مرادون حاصل ڪري وڃن ٿا.
هن اسٿان تي هر سال چيٽ واري مهيني جي 12 تاريخ کان چار راتيون
سناتن ڌارمڪ ميلو ڌام ڌوم سان لڳي ٿو. جنهن ۾ اکنڊ
ستسنگ ڀڄن ڀاءُ ۽ ڪيرتن، وياکيان ۽ ڀنڊارو چالو
رهي ٿو، جنهن ۾ اٽڪل ويهه پنجويهه هزار شرڌانو
پريمي اچن ٿا. ميلي ۾ ڪيترا ودوان مهاتمائون ۽
پنڊت ڏوڙاهن ديشن کان سناتن ڌرم جي پرچار ڪرڻ لاءِ
اچن ٿا. ڪيترا نامور گوئيا ۽ ڪٿڪ ڀڳت سال به سال
ميلي ۾ اچن ٿا. هي اسٿان ستن ايڪڙن ۾ آهي ۽ شهر
ٽنڊي آدم کان ڏکڻ طرف ريلوي اسٽيشن جي نزديڪ اهي.
اهو اسٿان واريءَ جي دڙي تي اٽڪل پنڌرهان ويهه فوٽ
زمين کان مٿي ٻڌل آهي. ان اسٿان جي چوگرد اٽڪل
چاليهه سنتن جي رهڻ جون پڪيون ڪٽيائون اڏيل آهن.
هن اسٿان ۾ تنهن کانسواءِ گرهستي ياترين جي لاءِ
پنجويهه پڪيون ڪٽيائون ٺهيل آهن جن ۾ انيڪ گرهستي
ياتري ڪٽنب سهت رهي سک ماڻي وڃن ٿا. هن اسٿان ۾
پاڻي جي سک لاءِ کوه تي هڪ موٽر رکيل آهي جنهن
موٽر جي وسيلي مٿي هڪ ٽانڪي ڀرجي ٿي جنهن مان نلن
رستي سڄي اسٿان جي گهرج لاءِ پاڻي اچي ٿو. تنهن
کانسواءِ هڪ باغ انبن جو سورهان ايڪڙ زمين ڀاڄين
جي درٻار سان لاڳو آهي. هن اسٿان جو ٻاهريون
دروازو زمين کان ٻاهٺ فوٽ مٿي هڪ عجيب نظاري وارو
آهي ان جهڙو دروازو ٻئي ڪنهن هنڌ ڇڊو لڀندو. مٿيون
ذڪر ڪيل سڀ جايون پريمي شرڌالن اڏايون آهن. اسٿان
جي ٿلهي جي ايراضي اٽڪل ڏيڍ لک فوٽن ۾ ٿيندي.
اسٿان ۾ سنتن جي سماڌي مٿان هڪ سندر ۽ عاليشان ۽
تمام اچو زمين کان اٽڪل ٻيانوي فوٽ اُچو وچتر
نموني ۾ اڏيل آهي. ان جهڙو مندر سنڌ ۾ ڪونه نظر
ايندو، پر هندستان ۾ ڪو ڇڊو لڀندو.
هن اسٿان جو برپا ڪندڙ نامور سنت ٽيئون رام صاحب هو. جنهنجو جنم
ڀوم اسٿان شهر کندو سنڌ هالن ۾ آهي. سندن ڏاڍو
هرڀڳت آسنداس هو. سندن جنم تاريخ 4 مهيني آکاڙ
سنبت 1944 ۾ ٿيو. سندن پتا ڀائي چيلارام اهو پڻ
سنت شيوي، هر ڀڳت هو. ٻالڪ اوسٿا کان وٺي سنت
ٽيئون رام ۾ ڌرمي سنسڪار هو. 16 ورهين جي ڄمار ۾
سنت ٽيئون رام کي ٽيٻر وئراڳ لڳو. ڀائي چيلارام وٽ
کنڊوءَ ۾ سنت ايندا ويندا هئا. انهن سنتن جي صحبت
۾ سنت ٽيئون رام صاحب کي وئراڳ لڳو. وڏي هوندي
سندس صحبت سنت آسورام سان ٿي جنهن صاحب ۾ سنت
ٽيئون رام جي گرو ڀاونا هوندي هئي ۽ کانئن نام جو
اُپديش ورتو.
سنت ٽيئون رام صاحب سانوڻ سنبت 1978 جي اُتر طرف ضلع سکر ۽ سرحد
سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ وڃي نام جو پرچار ڪيو جتي
ڪيترائي سندس شش ٿيا. تاريخ 17 ڦڳڻ 1978 تي سنت
ٽيئون رام صاحب سنگت مينگهورام جي ميلي تي ٻيراني
ويا. ميلي تي ٽي ڏينهن رهي اتان 20 تاريخ ٽنڊي آدم
۾ آيا ۽ گرمي جي وقت ٽنڊي آدم ۾ هڪ شوالي ۾ اچي
لٿا. تنهن کانپوءِ ٻه ڏينهن سوامي جن ڀائي مولچند
جي گهر ۾ رهي شام جو ٻاهر جهنگل ۾ هوا کائڻ لاءِ
نڪتا ۽ شهر جي ڏکڻ ۾ واري جي ڀٽن ڏي وڌيا. سوامي
جي هڪ واري جي ڀٽ تي چڙهي ڏٺائون ته آس پاس خوش
نظارو ڏسڻ آين. هوا جي ٿڌي ۽ وڻندڙ هير پيئي لڳي.
اتي سوامي جن آسن ماري ۽ سماڌيءَ ۾ ويهي رهيا.
ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ جڏهن سج لٿو تڏهن ساڌن سنتن
سوامي جنکي چيو ته هاڻي سج لٿو آهي. موٽي هلو.
تنهن تي سوامي جن هنن کي وراڻي ڏني ته اسٿان رمنيڪ
۽ آنند وارو آهي. اسين ڪجهه وقت هتي جهنگل ۾
رهنداسين اوهان وڃي مولچند جي گهران لوئيون ۽
يڪتارا کڻي اچو. آگيا موجب ساڌ سنگت پنهنجو سامان
سرو کڻي آيا، اُتي ڪجهه وقت وڻن جي هيٺ رهي پوءِ
مٿي واري جي ڀٽن تي ڪکائون ڪٽيائون ۽ جهوپڙيون اڏي
اتي رهڻ لڳا. ڀٽجي ڀرسان هيٺ هڪ کوه پاڻي لاءِ سڄي
ساڌ سنگت کوٽيو جنهنجو جل تمام سٺو ۽ سيتل نڪتو.
ڀڄن ڀاءُ جي پرڀاءُ ڪري آس پاس جا ماڻهو سنتن وٽ
اچڻ لڳا. روز مره ماڻهن جي ڀير لڳي پيئي هئي جا
ڳالهه ڏسي شهر جا ٻاوا ۽ ٻانڀڻ سهي نه سگهيا. کين
اهو اچي حسد لڳو ته اسانجو روزگار بند ٿي نه وڃي.
تنهن ڪري شهر ۾ گوڙ ڪيائون ۽ شهر جي ماڻهن کي
چيائون ته جيڪو سنتن وٽ ويندو رهندو تنهن سان اسين
هر طرح جا لاڳاپا ٽوڙي ڇڏينداسون پر خلق سندس نه
ٻڌو جيئن ٿڌ تيئن وڌ تنهن تي آقي باقي هنن خار
لڳا. هنن ٻاون ۽ ٻانڀڻ وڍي هلايو ته هي ساڌ نه آهن
پر چور آهن. هنن کي شهر ٽنڊي آدم جي شاهوڪارن کي
پاڻ سان شامل ڪري نواب شاه جي جي ڪليڪٽر کي
درخواست ڪيائون ته هي جوان ڏينهن جو ساڌن جو بيک
ڌاري وهن ٿا ۽ رات جو شهر کي کاٽ هڻن ٿا. هي سرڪار
جي برخلاف قطعي تعلقاتي آهن. ٿوري عرصي کانپوءِ
ساڌن کي اتر طرف ڪنهن سوال تي وڃڻ ٿيو، ساڌن جي
غير حاضري ۾ شهر جي ٻانڀڻن ۽ سيٺين ڪليڪٽر کي
درخواست ڪئي ته ساڌن جي هت اچڻ کان وٺي سڄو شهر
تئي ٿي پيو آهي جنهن تي حڪم ٿيو ته ساڌن کي اُتان
اُٿاري ڇڏيو.
ڪليڪٽر جي حڪم موجب سنتن جون ڪٽيائون ۽ ڇنا ڊاهي ساڙي ڇڏيا،
باسڻ ۽ برتڻ به کڻي ويا. پر ڀڳوان سدائين سنتن جي
رکيا ڪندو آهي. پرماتما هڪ ماڻهوءَ کي پريڻ ڪئي
جنهن سڄي حقيقت ڪليڪٽر سان وڃي ڪئي ۽ هنکي سرزمين
تي وٺي آيو روبرو سچيون حالتون ڏيکاريون ۽ ٻڌايون.
ڪليڪٽر خوش ٿي سنتن کي ست ايڪڙ زمين جا معافي
انعام طور بخشيش ڪري ويا. سنتن کي اها تڪليف ٻه ٽي
سال شهر وارن ڪئي پر آخر ڀڳوان سنتن جي پئج رکي.
حاسدن جي سڀ ڪوشش برباد ٿي.
اشنڪار نيان نند ڪا پيٺ دي، نامديو مک لائيا رام راجي.
اُن کانپوءِ سوامي جن ۽ سندس شش منڊلي گڏجي واريءَ جون ٽوڪريون
مٿن تي کڻي سڌو سنئون ٿلهو ٺاهڻ لڳا ۽ رات ڏينهن
واري ڍوئيندا رهيا. انهي وقت سوامي جن ۽ ساڌ سنگت
جي خوراڪ سواءِ ڏونرن ۽ پسي جو ڪجهه به نه هو،
لاچار اٺين پهر ٻاجهري جي ڍوڍي جو چوٿون ٽڪر هر هڪ
کي ملندو هو. ڌيري ڌيري سنتن جي ڀڄن جو پرتاب
وڌندو ويو ۽ جهجهي انداز ۾ پريمي اچڻ لڳا. سنت
صبوح ۽ شام جو ستسنگ جو دٻٻاڻ لڳائيندا هئا.
سنتن جي پريمي سک ڀائي مولچند ٽنڊي آدم واري سنتن جي رهڻ لاءِ
شروعات ۾ واري جي دڙي تي هڪ وڏو هال ٺهرايو جنهن
هال ۾ سڀ سنت گڏجي رهڻ لڳا. خرچ اڏاوت جو سمورو
ڀائي مولچند ڪيو. ان وقت سوامي جن سان سندن ڀاءُ
سوامي گوالال ۽ سوامي سرو آنند ۽ گرمکدس هئا. جنهن
وقت سوامي جن پريمين جي سول تي اُتر طرف ويا تڏهن
سوامي جن صحبت ۾ هزارين جون سوامي جن تي مست ٿي
پيا جن مان هيٺيان سنگي گهر ٻار جو تياڳ ڪري اچي
سوامي جنکي پنهنجو گرو منائي ساڻن گڏ ٽنڊي آدم ۾
اچي سندن چرنن ۾ رهڻ ۽ اسٿان جي شيوا ڪرڻ لڳا.
بسنترام (2) پريم داس (3) مرلي ڌر (4) سنتداس (5) پهلاجرام (6)
گڻيش آڻند اهي سڀئي ويٺل ڳوٺ کاهي تعلقو سکر.
هيٺيان سنگتي ڳوٺ چڪ تعلقي سکر جا سوامي جن سان
گڏجي اچي رهڻ لڳا.
(1) پريتمداس (2) شانتي پرڪاش (3) اوڌهنداس (4) گيان پرڪاش (5)
پرڀداس (6) مينگهن داس. هيٺيان سنگي ڳوٺ عزمت
تعلقو سکر. (1) کيما آنند (2) گلابرام. ڪنڌڪوٽ مان
ارجن ديو آيو. لاڙڪاڻي مان وڇانترام. سکر مان
ديالداس. کنڊو مان هيٺيان سنگي آيا. (1) آتمانند
(2) پرمانند (3) جيون مڪت (4) هنسرج. شاه جي ڀٽ
مان ڪرشنداس ۽ ايسرداس (1) رام ڪرشن (2) هريرام
شڪارپور مان آيا. هالن مان کيٽارام آيو. حيدرآباد
مان گوپالداس ۽ ڪيولرام آيا. ميهر تعلقي هالن مان
سيتلداس. شهدادپور مان هئسانند. ڪراچي مان نامديو.
ٺورن مان (1) هري پرڪاش (2) نرملداس. سلامتراءِ
خانپور تعلقو شڪارپور مان. بدين تعلقي هالن جو
ماڌوداس.
سوامي جن مٿين شيشن کي نام جو اُپديش ڏنو. سوامي جن ڪيترا
پنهنجا شش ڪاشي ۽ هردوار ۾ سنسرڪرت وديا پڙهڻ لاءِ
موڪليا. تنهن کانپوءِ جلدي شريمتي وڻي ٻائي ڀيڻ
رامچند سيوهساڻي پنهنجي پتي جي يادگيري ۾ هال جي
اڳيان وڏو شاهي دلان ٺهرايو. تنهن کانپوءِ ڌيري
ڌيري سڀني شهرن جي پريمين سنتن جي رهڻ لاءِ
ڪٽيائون ٺهرايون. حيدرآباد، ڪراچي ۽ سکر جي پريم
پرڪاش منڊلين ڪٽيائون ٺهرايون.
سوامي جن ساليانو ڌارمڪ ميلو اسٿان تي لڳائڻ جو ارادو ويچار سان
ڪيو. هڪ ڏينهن سڀئي پريمين اسٿان تي سوامي جن کي
عرض ڪيائون ته ڪرپا ڪري اهڙو ڪو موقعو مقرر ڪريو.
جنهن تي سڀ سنگي اچي پاڻ ۾ مون. ستسنگ جو لاڀ
وٺون. جنهن تي سوامي جن سنبت 1981 کان وٺي 16 ڄيٺ
پهريون ميلو درٻار جو اسٿاپن ڪيو. سوامي جن سدائين
سناتن هندو ڌرم جو پرچار ڪندا هئا. جو سنڌ ۾ ڪيترن
ضلعن ۾ ڀوت وديا ۾ ڦاٿل هئا. ڀرمن ۾ ڦاٿل هو پيرن
۽ فقيرن جي تربتن تي ويندڙ هئا. سوامي جن ان ڳالهه
کي روڪڻ لاءِ سچ ۽ نانم جو هندن ۾ پرچار ڪيو.
ڪيترا بيک ڌاري سوامي جن کان پڇندا هئا ته توهانجو
پنٿ ڪهڙو آهي. تنهن تي سوامي جن اهو ويچار ڪيو ته
هرهڪ مت ۾ مذهبي جهڳڙا لڳا پيا آهن. اسانجو اهو
متو هڪ آهي ته ڪنهن جي به جهڳڙي ۾ نه پئي سڀني سان
پريم ۽ محنت رکون انهي خيال کان سوامي جن جنهنجي
مندل جو نالو پريم پرڪاش منڊل رکيو. سوامي جن ڪنهن
به بيک منڊل کندن نه ڪندا هئا ۽ سڀني سان پريم
ڀاءُ سان ورتندا هئا. جو هن وقت سوامي جي پوين جو
اهو اصول آهي. گهڻا ڀليل ماڻهو سوامي جن کي صوفي
مت وارا سمجهندا هئا. ڪيترا حق موجود سوامي جن
اڳيان چوندا هئا. جنهن تي سوامي جن ستنام ساکي سان
پرنام بنايو. سوامي جنجو سدائين اهو اُپديش سنگين
کي هوندو هو. هڪ پرماتما جي ڀڳتي ڪريو. ستنام
اُچاريو ۽ سچائي سادگي جي هلت هلو. پاڻ به سوامي
جن سچائي ۽ سادگي سان هليا. سدائين کاڌي جا وستر
پهريندا هئا. ريشمي ڪپڙو ۽ سون چاندي ڪتب نه
آندائون. مليل ريشمي ڪپڙا ۽ زيور ڀنڊاري ۾ هلائي
ڇڏيندا هئا. اڄ ڏينهن تائين سوامي جن جي ڪنهن به
شش تي ريشمي ڪپڙو يا سون چاندي پائڻ جي منع آهي.
سوامي جن پنهنجي اسٿان ۽ واڻي جو نالو امراپور رکيو. امراپور
اکر جي لفظي معنيٰ آهي امرپور: امپور جا سنت، اَمر
يعني قائم هجي. سوامي جنجو اهو چوڻ هوندو هو ته
جيڪو به سچي ڀاونا رکي درٻار جي شيوا ڪندو سو جنم
مرڻ جو ڦيرو مٽائي امر ٿي ويندو.
سوامي جنجي سدائين نشڪام ورتي هوندي. سندن اکنڊ ڀنڊارو آڪاس
ورتي تي هلندو آهي. ڪنهن به شش شيوڪ تي ٻنڌيان
وغيره رکيل نه آهي. نڪا اسٿان ۾ رهڻ لاءِ جاءِ
جڳهه جي مسواڙ آهي. سوامي جنجي درٻار ۾ جيڪو جيڪا
ڀاونا ۽ من مراد کڻي ايندو هو تنهنجو من جون
مرادون پوريون ٿينديون هيون. سوامي جنجو هر ذات
وارن سان پريم هوندو هو. سوامي جنکي هر ذات وارا
گرو ڀاونا سان ڏسندا هئا. سوامي جن رڌين سڌين جا
مالڪ هئا. سڀني کي پنهنجي پنهنجي شرڌا ۽ ڀاونا
موجب ڌن ۽ دولت ۽ پٽ وغيره ڏنائون. هيٺ نالي ماتر
ٻه مثال ڏجن ٿا.
رستم جي ڳوٺ واري آوتراءِکي پٽ سنتان نه ٿيندو هو. سوامي جن جي
آسيسا سان هنن کي جوڙو پٽن جو ٿيو اها ڳالهه ڪام
آسڪار آهي حڪيم راچورام ٻنڌواري کي پٽ نشان ڳجهي
طرح انيڪ ڪرامتون ڏيکاريون پر ظاهري طرح ڪرامت نه
ڏيکاريندا هئا ڇاڪاڻ ته گياوان مهاتمائون ڪرامت نه
ڏيکاريندا آهن. سوامي جن جي منهن جي ڪرانتي ۽ حشمت
اهڙي هوندي هئي جو ڪنهن کي به مجال نه ٿيندي جو
سوامي جن جي حاضري ۾ ڊپ ۾ رهندا هئا. اهڙا انيڪ
مثال آهن جن ۾ سوامي جنجي ڀڄن ۽ ستسنگ ۾ آيل انداز
ماڻهن جو تيار ڀنڊاري کان ڏهوڻون وڌيڪ هوندو هو.
پر سوامي جن فقط ڀنڊاري تي نظر ڦيرائي ايندا يا
ديگ جي مٿان پنهنجي چادر ڍڪ ڏيندا ته رڌل پرساد ۾
اهڙي ڳچه برڪت پوندي هئي جو سڄي سنگت کائي چڙهندي
هئي ۽ پاڻ بچي پوندو هو.
سوامي جنجي دل ڀنڊاري تي پئسي خرچ ڪرڻ تي هوندي هئي. سدائين
اُدارچت هوندا هئا. ڪڏهن به مايا ميڙڻ جو سپني
ماتر به خيال نه هوندو هو. سدائين پئسو لٽائيندا
رهيا.
پرياڳ راڄ جي ڪنڀ جي ميلي تي پنهنجي سڌ مندلي ۽ پريمين سميت
ويا. جتي اَن جا ڇيتر چالو ڪيائون اُن اَن جي ڇيتر
تي هزارن روپين جي تعداد ۾ سوامي جن خرچ ڪيو. ان
کانسواءِ هرهڪ ڪنڀ جي ميلي تي وڃي سوامي جن وڃي
اَن جو ڇيتر هڻندا هئا.
سوامي جن آخرين درٻار جي ميلي ۾ سنبت 1998 کان اشارا ڏيندا آيا
ته اسين پنهنجو شرير جلدي ڇڏڻ وارا آهيون ۽ اهڙا
اشارا وقت به ڏيندا هئا. اهو خيال ڪري سوامي جن
پويون ڀيرو سڄي هندستان جو تڪڙو تڪڙو سير ڪيو جنهن
۾ پوئيو پرياڳ جي ڪنڀ جو ميلو به ڪيائون. سوامي جن
سنبت 1999 وارو ميلو نه ڪيو ان وقت اشارو ڏنائون
ته اسانجي ديهه ڇڏڻ جو جلد ميلو ٿيڻ وارو آهي.
تنهن ڪري سالياني چيٽ جي ميلي جي ضرروت نه
ڏيکاريائون پر ٻاهرين طرح اها ڏيکاري ڏنائون ته
ملڪ ۾ حرن جو خوف آهي تنهن ڪري هن سال ميلو نٿا
ڪريون. تنهن کانپوءِ جلدي سوامي جن کي رت جي دوئري
جي تڪليف ٿي پيئي ۽ تنهن هوندي به پريم جي وس ٿي
ستسنگ ۽ ڀڄن ڀاءُ ڪندا رهيا.
سوامي جن سمي جي ڪٺن حالت ڏسي پنهنجي اڇا موجب شرير تياڳڻ جو
سنڪلپ ڪيو. اهو سال پرشوتم مهني وارو هو. پرشوتم
جو سڄو مهنو سنگين جي پريڻا سان سوامي جن حيدرآباد
۾ رهي ستسنگ ڪيو. ستسنگ ۾ ڪيترا دفعا شرير ڇڏڻ جا
اشارا ڏيندا هئا. آخر سوامي جن تاريخ 4 ڄيٺ 1999 ۾
54 ورهين جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ ديولوڪ پڌاريا.
سوامي جنجي سماڌي امراپور درٻار ۾ ٺهرائي ويئي. ان ساڌ تي
عاليشان ۽ وڏو مندر اڏجي رهيو آهي. جنهن تي لکن جو
خرچ اچي ويندو.
سوامي جن کانپوءِ گاديءَ تي سڄي پريم پرڪاش جي راءِ سان سوامي
سرو آنند گادي نشين ٿيا. سوامي سرو آنند هڪ سنتوشي
۽ ڀڄن شيل ساڌو آهي. سندن رهڻي ڪهڻي سوامي ٽيئون
رام جهڙي آهي. سندن اياڪاري ۾ امراپور درٻار جو
ڪاروبار ساڳي اڳئين نموني هلي ٿو. بلڪ ان کان به
وڌيڪ آئي وئي مهمان ۽ سنگي لاءِ ڀنڊارو کليل رهي
ٿو. ٽنڊي آدم رهواسين جو سوامي سروآنند ۾ پريم ۽
شرڌا گهڻي آهي، روزاني ستسنگ تي ٽي چار سؤ ماڻهو
اچن ٿا.
هن وقت امراپور درٻار ٽنڊي آدم واري هڪ رمڻيڪ ۽ نظاردار ۽ دل کي
وڻندڙ تيرٿ اسٿان آهي. جن ان اسٿان جو درشن ڪيو
هوندو ۽ ٻه ٽي راتيون اتي رهيا هوندا تنکي ان
اسٿان جي رهڻ جي آنند جو انڀو ٿيو هوندو.
امراپور درٻار جي شيوا ۾ مٿي ڏيکاريل شيواڌرين کانسواءِ هيٺين
پڻ ڪئي آهي. اهي شيواڌاري سنسار تياڳي امراپور
درٻار جي شيوا ۾ هن وقت لڳا رهن ٿا.
سنت چندن رام (2) ڀائي سلامتراءِ (3) سنت ارجنداس (4) سنت
گنگارام (5) نانڪرام (6) ڌنارام (7) نهچلداس (8)
پريتمداس (9) واسديو (10) هري پرڪاش (11) سنت
ماڌونداس (12) سويم پرڪاش (13) مرلي ڌر (14)
هيمنداس (15) جيون مڪت 016) چمنداس (17) چيتن (18)
چيتن گوبند برهمچاري (19) برهم پرڪاش (20) رامداس.
اسٿان ڀائي مولچند گياني
شهر حيدرآباد سنڌ ۾ الهندي ڪچي ۾ ڀائي مولچند واري گهٽي ۾ رومن
ڪئٿلڪ چرچ جي ڀرسان ڀائي موچند گياني جو اسٿان هو.
ڀائي مولچند صاحب حيدرآباد ۾ ودوان ۽ سنڌ پرش ٿي
گذريا آهن. سندن پتا جو نالو ديوان سکانند هو. هو
حيدرآبادي عامل هو. ڀائي مولچند صاحب جو جنم سال
1799 ۾ ٿيو. ننڍي هوندي سنڌ جي ميرن وٽ مهرڙ يعني
مختيارڪار هوندو هو. هو پارسي ٻولي ۾ هوشيار هو.
ميرن جي زماني واري پوشاڪ وڏين ٻانهن وارو چولو ۽
جهولدار سٿڻ، صدري ۽ ڊگهي ڪيمخاب جي ٽوپي پائيندو
هو. قد جو وچولو هوندو هو، سندس منهن ڀريل ۽ منهن
جو رنگ ڪڻڪ رنگو هو، سندس اصل گهر واري جاءِ، جتي
هاڻي فوجداري گهٽي آهي تتي هوندي هئي. اها گهٽي
ڀائي مولچند جي فرزند ديوان صورت سنگهه جو پوليس
فوجدار هوندو تنهنجي نالي سان فوجدارري گهٽي سڏبي
آهي. ڀائي مولچند جي شادي ڀرين تعلقي نوشهري مان
ٽهلراماڻي گهراڻي مان ٿي هئي.
ميرن جي صاحبيءَ کانپوءِ ڀائي صاحبن کي انگريز سرڪار وڏي
نوڪريءَ جي آڇ ڪئي. پر اها ڀائي صاحب قبول نه ڪئي.
ميرن جي حڪومت کانپوءِ ڀائي صاحب دنيا کان ڪنارو
ڪري گوشي نشين ٿي ايشور جو ڀڄن ۽ ساڌ سنگت ڪرڻ سان
پنهنجو وقت سڦلو ڪرڻ لڳو.
ڪوٽڙيءَ واري ساڌ ڀڳت ڀڳوان ۽ ڀڳت ڪرشن ۽ هالاڻي وارن سنتن جي
صحبت ڪيائين. ڪيترا مهنا هالاڻي وارن سنتن وٽ
درٻار ۾ وڃي رهندو هو. ڀائي صاحب تنهن کانپوءِ هڪ
پرمهنس ساڌو جو حيدرآباد جي مساڻي واري ٻائي وٽ
اچي لٿو هو تنهن وٽان سنسڪرت وديا پڙهي. هو سنسرڪت
وديا ۾ بلڪل هوشيار ٿيو. سنڌ ۾ خاص حيدرآباد سنڌ ۾
سنسرڪت وديا جو بنياد ڀائي صاحب وڌو. پاڻ سنسڪرت
وديا پڙهي حيدرآباد جي پشڪرڻان برهمڻن مهراج
گرڌرداس ۽ مهراج هيمنداس کي سنسرڪت وديا
پاڙهيائون. منشي آوتر ۽ منشي گدومل ۽ منشي چئنراءِ
سنسڪرت وديا وٽانئن پڙهيا. ڀائي صاحب جا انيڪ شش
هئا. شڪارپور جو مانورسنت شنڪر ڀارتي ۽ ٽنڊي چام
جو ڀائي آلورام صاحب ۽ گسائين گهٽي وارو ڀائي
رامچند، ڀائي صاحب جا مکيه شش هئا.
ديوان دلپترام صاحب صوفي فقير ڀائي صاحب وٽ ايندا هئا. ٻنهي
صاحبن جي پاڻ ۾ ڳچ وقت تائين گيان گوشٽ هلندي هئي.
ڀائي صاحب ٻائي گرپت صاحب جي صحبت ڪندا هئا.
حيدرآباد شهر جي الهندي ڪچي ۾ ديول جي ڏکڻ طرف اڳي هڪ باغ هوندو
هو. ان باغ ۾ ڀائي صاحب هڪ ڪٽيا ٺهرائي جنهن کي
دوارو ڪري سڏيندا هئا. ڀائي صاحب جي مٿيان ڏيکاريل
سنگي منشي آوتر ۽ ٻيا ويهه پنجويهه ڄڻا هر روز شام
جو 3 بجي کان 6 بجي تائين سنسڪرت وديا پڙهڻ لاءِ
ايندا هئا. تنک روٽي، ڪپڙو ۽ پستڪ مفت ڀائي صاحب
ڏيندا ها. وڏن جي ميري چونڊي ۽ پنهنجي ڪمائي سڀ
دان پڃ ۾ خرچ ڪري ڇڏيائون. ڀائي صاحب هر روز 10
بجي صبوح جو پنهنجي دواري ۾ گرو گرنٿ صاحب جي ڪٿا
ڪندا هئا. هڪ هڪ تڪ تي سڄو سڄو ڪلاڪ اُپديش ڏيندا
هئا. اُلهندي ڪچي ۾ اُن دواري واري جيڪا گهٽي آهي.
تنهن کي ڀائي مولچند گيانيءَ واري گهٽي ڪري سڏجي
ٿو. ڀائي صاحب ويدانت شاسترن جو چڱيءَ طرح اڀياس
ڪيو هو. ڀائي ويدانت شاستر جي ڪٿا ڪندا هئا. هن
ڪيترا ڪتاب ويدانت تي لکيا. جن مان تتوانت سڌان،
ويدانت، منجو شاه هوا. اهي پستڪ بمبئيءَ ۽ بنارس ۾
ڇپيا. جپ صاحب جي به ٽيڪا لکي هوائون جا هٿ اکرين
سندن پوين جي هٿ ۾ آهي. هاڻي گورمندر ڪراچي جي
پستڪ آليه ۾ ڏنل آهي. سندس دواري تي سدائين ساڌو ۽
سنگي ويٺا ئي هوندا هئا. هڪڙا ساڌو ۽ سنگي پيا
ايندا ويندا هئا. دواري ۾ سڄو وقت ڀڄن ڀاءُ ۽
ڪيرٽن ۽ ستسنگ لڳو پيو هوندو هو. ڀائي صاحب سال
1870ع برابر سنبت 1827 ۾ ديولوڪ پڌاريا. سندن ڄمار
ان وقت ستر ورهين جي هئي. ڀائي صاحبن جي سماڌ
حيدرآباد شهر جي مساڻي ۾ اُتر الهندي ڪنڊ تي آهي.
سماڌ صاحب تي هڪ پٿر تي پارسي اکرن ۾ ڀائي صاحب جو
نالو نشان ۽ پتو اُڪريل آهي.
ڀائي صاحب جو وڏو شش ڀائي رامچند صاحب هو، جو گسائين واري
گهٽيءَ ۾ هو. ڀائي مولچند صاحب کي حيدرآباد جي
ڀرسان ڦليلي تي هڪ وڏو باغ هوندو هو، جو ڀائي
ڪشنچند رامچند اُتم چنداڻي سندن پوين کان خريد
ڪيو.
ڀائي همٿ سنگ جي درٻار
ڀائي ڪالوسنگه نٻاڻن سکن جو مهندار، پنجاب مان بندي بهادر کان
لڙائي ۾ هار کائي سنڌ ۾ ڀڄي اچي شهر ٽندي ڄام ۾ هڪ
ڪٽيا ٺهرائي ويٺو. تنهن کانپوءِ آهستي آهستي ان
هنڌ هڪ وڏي درٻار تيار ٿي آهي. ان درٻار جي گادي
تي ويٺل سنتن جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو.
ڀائي ڪالونسگه
ڀائي ڪسوسنگه
ڀائي همٿ سنگه
ڀائي ٺاڪر سنگه
ڀائي لعلو سنگه
ان درٻار سان لاڳو ٽنڊي ڄام اسٽيشن جي اتر طرف ڀائي همٿ سنگه جي
سماڌ آهي. جتي هر سال 2 آکاڙ کان ٽي ڏينهن وڏو
ميلو لڳندو آهي. ڀائي همٿ سنگ جو جيون چرتر مختصر
طور هيٺ ڏجي ٿو.
ڀائي همٿ سنگ جا مائٽ ٽنڊي ڄام جا رهاڪو هئا. جن پنهنجي ٻالڪ کي
ننڍي هوندي کان ٽنڊي ڄام جي درٻار تي ويٺل گاديسر
ڀائي ڪسوسنگ کي ڏنو. ڀائي همٿ سنگه هڪ سڌ ۽ ڪامل
سنت ٿي گذريو آهي. هو ٻال جتي ۽ لانگوٽ بند هو.
سندس هلٿ ڏاڍي سادي هوندي هئي. شڪل جو سهڻو هوندو
هو. پرڀات جو نت نيم سان 4 بجي اٿي درٻار جي شيوا
ڪري ويهي ايشور جو ڀڄن ڪندو هو. درٻار ۾ جيڪو سک
يا ٻيو ڪو مهمان ايندو هو تنهن کي هٿن سان روٽي
کارائي پاڻي پيئاريندو هو. هن سڌ پرش جو ٽنڊي چام
جي پسگردائي ۾ قسم هلندو آهي. هنکي جيڪي سکن شيوڪن
کان ملندو هو سو سڀ هو دان پڃ ڪري ڇڏيندو هو. هن
درٻار جي سکي شيوڪي گهڻي آهي. سالياني ميلي وقت
جهجها سک شيوڪ اچن ٿا ميلو ڌام ڌوم سان لڳي ٿو.
جيڪو بيمار ٿي سنت همٿ سنگه وٽ ايندو هو تنهن کي خاڪ چپٽي ڏيندو
هو جا بدن تي لڳائڻ سان بيمار جا دک دور ٿي ويندا
هئا.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته سندس درٻار جي اڳيان هڪ جت جنهجو اُٺ
ڪاري واءَ لڳڻ سبب مري ويو هو تنهن ويٺي رنو. اُٺ
تي درٻار جو سک چڙهي آيو هو. اٺ جو درٻار جي در وٽ
پيو هو تنهن ڪري درٻار جو دروازو روڪيل هو. ڀائي
صاحب کيس چيو ته اُٿار اُٺ کي، جت وراڻي ڏني ته
سائين اُٺ مري ويو آهي. تنهن تي ڀائي صاحب اُٺ کي
لت هڻي جت کي وري چيو ته اُٺار اُٺ کي. ڀائي صاحب
جي لت لڳڻ سان اُٺ اٿي کڙو ٿيو ۽ هلڻ لڳو.
ڀائي صاحب سال 1911ع تي پرلوڪ پڌاريا. ان وقت سندس ڄمار ستر
ورهيه هئي. سندس چيلو ڀائي ٺاڪر سنگه گادي تي ويٺو
جو پڻ ايشور جو پيارو ڌرماتما ساڌو هو. هنجو ستتي
چالاڻو ٿيو. درٻار جي جاءِ چڱي ٺهيل آهي. ٽنڊي ڄام
جي سيٺين شاهوڪارن جو ن درٻار ۾ گهڻو صدق ۽ نشچو
آهي.
ڀائي جڳترام صاحب مسند جو ٽڪاڻو
شهر حيدرآباد ۾ جهوڙيملاڻي گهٽيءَ ۾ ڀائي جڳترام صاحب مسند جي
درٻار آهي. ان درٻار جي گهڻي سکي شيوڪي آهي. درٻار
جو گاديسر هاڻي ڀائي ڀڳوانداس صاحب مسند آهي. ان
درٻار جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو.
ڀائي شامداس
ڀائي پوڪرداس
ڀائي ڪيولرام
ڀائي جڳترام
ڀائي ڀڳوانداس
مسند شري گرورامداس صاحب جن کان وٺي گروجن جي درٻار جا ڪاڳري
هئا. درٻار جي سموري ڪاروبار سندن هٿ وس هوندي
هئي. ڀائي ڌنراجمل ۽ ڀائي مني رام ٻن مسندن کي شري
گرو گوبند سنگهه صاحب پنهنجي آسيسا سان سنڌ ديش ۾
سکي ڌرم جي پرچار لاءِ موڪليو هو. ڀائي منيرام
مسند روهڙيءَ ۽ حيدرآباد ۾ درٻار کولي ۽ ڀائي
ڌنراج مل مسند شڪارپور سنڌ ۾ درٻار، برپا ڪئي.
ڀائي جڳترام صاحب ڀائي منيرام مسند جي اَنس مان
هو.
ڀائي جڳترام مسند جو مختصر جيون چتر ڏجي ٿو. ڀائي جڳترام صاحب
جو پتا ڀائي ڪيولرام مسند گرو جو پيارو ۽ ڪامل ڀڳت
هو. هن پنهنجي فرزند ڀائي جڳترام کي سنسڪرت وديا ۽
ٻيا ڀاشا جا گرنٿ پڙاهيا. حيدرآباد ۾ جيڪي ساڌو
سنت ايندا هئا. تنجي صحبت ڀائي جڳترام ڪندو هو ۽
انهن کان ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
ڀائي جڳترام صبوح جو پنهنجي اسٿان جهوڙيملاڻي گهٽي ۾ ڪٿا ڪندو
هو. ڪٿا ٻڌڻ اٽڪل ستر اَسي ماڻهو ايندا هئا. سندس
ڪٿا ۾ ڏاڍو رس هوندو هو. ڀائي صاحب هڪ نماڻي مورت
هو. هن ڪڏهن به اجايو ڏيکاءُ يا دنڀ نه ڪيو. ڪٿا
کانپوءِ اڌ ڪلاڪ شبد ڪيرتن ڪندو هو. ڳائڻ وديا ۾
هوشيار هو سندن ڳائڻ ۾ ميٺاج هوندو هو. ستار چڱي
طرح وڄائي ڄاڻندو هو ڀائي صاحب دان ڪري چڱي طرح هٿ
ٺارايا. ڪيترا دفعا پنهنجا اوڍيل ڪپڙا لاهي سنتن ۽
فقيرن کي دان ڪندو هو. ڀائي صاحب پاڻ وٽ پئسو ميڙي
گڏ ڪري نه رکيو. جيڪي ايندو هوس سو سڀ خرچي دان
ڪري ڇڏيندو هو. ڏاڍو آدارچت هوندو هو.
ڀائي جڳترام ساري عمر سنتن جي شيوا ۽ ايشور جي ڀڄن ۾ سڦلي ڪئي.
محتاجن غريبن کي دان ڏيئي هنن کي خوش ڪيائين. سندس
رهڻي ۽ ڪهڻي سادي هئي. ڀائي جڳترام صاحب آڪٽومبر
1914ع ۾ روهڙي ۾ ديولوڪ پڌاريا.
سندس پويان سندس پٽ ڀائي ڀڳوانداس جو نماڻي مورت آهي گادي تي
ويٺو. ڀائي ڀڳوانداس صاحب ۾ پنهنجي سرڳواسي پتا
جهڙا لڇڻ آهن. ڪيترا ڪامورا ۽ سيٺيون سندس مک شيوڪ
آهن. سال به سال اَسو وري مهني ۾ هي صاحب پنهنجي
سرڳواسي پتا، ڀائي جڳترام صاحب جي ورسي ٻه ڏينهن
ڌام ڌوم سان ملهائي ورسي تي ڀڄن ڀاءُ ڪيرتن چڱو
ٿئي ٿو. هن صاحب جي ڏينهن ۾ درٻار جي سکي شيوڪي
چڱي وڌي آهي.
ڀڳت ڀڳوان جو اسٿان
ڪوٽڙي جي شهر ۾ ڀڳت ڀڳوان جو اسٿان نامور آهي. ڀڳت ڀڳوان سنڌ جو
هاڪارو سنت ٿي گذريو آهي. گهڻا ماڻهو ان اسٿان تي
ايندا آهن. اندر هڪ باغ آهي ۽ کوه کوٽيل آهي.
شجرو
ڀڳت ڀڳوان صاحب
ڀائي رامچند صاحب
ڀائي ڪرشن صاحب
ڀائي ڪوٽورام صاحب
ڀڳت ڀڳوان ڪوٽڙي وارو سنڌ جو هاڪارو سنت ٿي گذريو
آهي. سندس پتا ميوارام هڪ وڏو سيٺ هو. جنهن کي
گهڻا ڪارخانا لاڙ طرف هئا. ٻڍاپڻ ۾ هنکي هڪ پٽ
ڀڳوانداس نالي ڄائو. پتا جي چالاڻي کانپوءِ
ڀڳوانداس پنهنجي پتا جو ڪم ڪي سال سنڀاليو. هو ان
۽ ڪپري جو خوب دان غريبن ۽ احتيانج وارن کي ڪرڻ
لڳو گماشتن کي اچي ڊپ لڳو ته سيٺ اسانکي کٽائيندو.
پوتاميل ڪڍيو ويو ڀائيواري ۾ گهڻو نفع نڪتو. تنهن
کانپوءِ ڀڳت ڀڳوان ڪارخانو سميٽي اچي پنهنجي گرو
سنت هرسر جي شرن ورتي. گرو کان اُپديش وٺي هو
حيدرآباد شهر ۾ اچي رهيو ۽ ايشور جي ڀڄن ڪيو. ڪن
سالن بعد ڪوٽڙي جي شهر ۾ هڪ مٿاهين هنڌ تي ڪٽيا
ٺهرائي. جتي وٽس هزارين ماڻهو اچڻ لڳا. ڀڳت ڀڳوان
پاڻ به ڀڄن ڪندو هو ۽ لوڪن کان به ڀڄن ڪرائيندو
هو. جيڪو ڪپڙو، اَن ۽ ڌن وٽس ايندو هو سڀ بروقت
دان ڪري ڇڏيندو هو. رات جو دلا، مٽ پاڻي جا به
خالي ڪري ڇڏيندو هو. چوندو هو ته سڀاڻي جا ڀاڳ
سڀاڻي سان ايشور اڄ رزق ڏنو هو سڀاڻي به ڏيندو.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي وٽس هڪ سنتن جي منڊلي اچي لٿي. ان وقت
وٽس اَن ڪونه هو. ڀڳت ڇا ڪيو ته ديگرو ڌوئي کڻي
چلهه تي ٺلهو چارهيو. ايشور جي ڪرپا سان ان ديگ ۾
اَن اچي پرگهٽ ٿيو. ڀوڃن تيار ٿيو جو سنت کائي خوش
ٿيا. ڀڳت ڀڳوان 80 ورهين جي ڄمار ۾ پرلوڪ پڌاريو.
سندس وڏو پٽ رام گاديءَ تي ويٺو. جنهن ستتي چالاڻو
ڪيو. تنهن کانپوءِ هنجو ننڍو ڀاءُ ڀائي ڪرشن
گاديءَ تي ويٺو. ڀائي ڪرشن وڏو ودوان ۽ گياني هو.
هن جا سنسڪرت ۾ پستڪ پڙهيل هئا. هو پنهنجي چيلي
بابا ڪوٽورام کي گادي تي وهاري پرلوڪ پڌاريو. هاڻي
هن درٻار جي گادي تي ويٺل آهي. |