سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي هندو ڌرمي اسٿانن جي تواريخ

باب؛ 4

صفحو :10

شري سکڌام مندر حيدرآباد

شهر حيدرآباد سپاهيملاڻي گهٽي ۾ سکڌام مندر مهاپرڀو ولڀ آچاريه جي سمپردائيه وارن وئشونن جو هڪ جهونو ڌرمي اسٿان ڏيڍ سؤ سالن کان هلندڙ آهي، جنهن زمين تي اهو اسٿان ٺهيل اهي سان زمين اٽڪل يارهان هزار فوٽ حيدرآباد جي وتشنو جماعت کي سنڌ جي حاڪمن ميرن کان بخشيش طور پنهنجي مندر ٺهرائڻ لاءِ مليل هئي. ان اسٿان تي حيدرآباد جي ويشنونن اهو سکڌام جو مندر ٺهرايو آهي. حيدرآباد ميونسپالٽيءَ ۽ سٽي سروي رڪارڊ ۾ سکڌام مندر ولڀي مهراجن ڪميونٽي جي نالي داخل ٿيل هو. ان اسٿان ۾ اوائل فقط شري ناٿ جي جو چتر رکيل هوندو هو. هر روز صبوح ۽ شام جو ان مندر ۾ حيدرآباد جا ويشنو گڏجي ڪٿا ڪيرتن ڪندا هئا. بمبئي، مٿرا ۽ شري ناٿ جي گواسوامي ٻآلڪ ان اسٿان ۾ اچي رهندا هئا. ان اسٿان جي مرامت حيدرآباد جا ويشنو ڪندا آيا آهن. مکيه ڪاروباري ان وقت جواهري وشنداس هوندو هو. ٺاڪرن جي شيوا ۽ وارتا ۽ سنڀال مندر جي پشڪرڻون مهراج موٽن داس ڄيٺانند ڪندو هو. ان قصي کي 60 – 70 ورهيه ٿيا.

مهراج موٽن داس کانپوءِ سندس اولاد هرهڪ مهراج اوڌهنداس، مهراج ڪيسونداس، مهراج منگهومل ۽ مهراج پنڊت هردت ٺاڪرن جي شيوا ۽ وارتا ڪيرتن پڻ مندر جي سنڀال ڪندا آيا. اٽڪل اَسي سال ٿيا ته گوسوامي ٻالڪ مهراج مٽولعل وڏن ان ڪوٽ ڪري شري ناٿ جو چتر مندر ۾ پڌارايو هو، تنهن کانپوءِ شري دائو جو چتر ان مندر ۾ پڌاريو ويو. سنبت 1960 ۾ مهراج اوڌهنداس مٿرا جي مان مهراج گوپال لعل جي مندر مان شري مدن موهن جي پرماتما جي اسٿان ۾ پڌرائي. تنهن کانپوءِ هاڻي سال 1943 ۾ شري ناٿ جي جي پرتما مندر ۾ پڌرائي ويئي آهي. شري سکڌام مندر ۾ ساليانا هيٺيان اُتسو ملهايا وڃن ٿا.

رام نومي، مهراج ولڀ جينتي، اکڻ ٽيج، جل ياترا، رٿ ياترا، هندورا، ڦول منڊليون، شري ڪرشن جنم اشٽمي، راڌا اشٽمي، ٻل ٻڌر، دسهرو، ڏياري، انڪوٽ، هري پرٻوڌني ايڪادسي، بسنت پنچمي، ڏول، هولي ۽ ڦول منڊلي.

حيدرآباد سنڌ ۾ اٽڪل 500 گهر ويشنن جا مهاپرڀو ولڀ آچاريه جي سمپردايئه جا آهن. جن مان پشڪرڻن برهمڻ جا 150 گهر، ٻه سؤ گهر ڀاتين جا باقي ڏيڍ سؤ گهر ڪرپالاڻي پنجابي ۽ ٻين عاملن ويشنن جا گهر آهن.

مهراج پرڀو ولڀ آچاريه جي ويشنو سمپردايئه جو اُديش آهي شري ڪرشن شيوا، شري ڪرشن جي ٻال ڀاؤ ۾ شيوا ڪرڻ ۽سندس يش ۽ گڻانواد ڳائڻ، ڀڳوت شيوا هن مراد سان ڪئي وڃي ٿي ته شيوا ڪرڻ سان شيوا ڪندڙ جو چت شري ڪرشڻ ڀڳوان ۾ لڳي ۽ سندس سمرن ۽ يادگيري هن جيؤ کي ٿئي. ان مراد سان ڀڳوت شيوا تن يا يعني شرير سان ۽ وت يا يعني ڌن جي شيوا ڪئي وڃي ٿي. جنهن سان اُتم ماسني شيوا سڌ ٿئي ٿي. ان ويشنو مارگ ۾ ورڻ آشرم ڌرم چڱي طرح پالڻ ۾ اچي ٿو ۽ پڇاڙي ۾ ڀڳوان ۾ سنياس ورتو وڃي ٿو. ڀڳوت شيوا جو اڌڪار برهم سنٻنڌ سان ملندو آهي. برهم سنٻنڌ معنيٰ ڀڳوان ۾ سڀ ڌن، دولت مال ملڪيت بلڪ شرير سمرپن ڪرڻ، هرهڪ ويشنو ماتر جو مٿين چيل شيوا ڪرتوئيه آهي. هرهڪ ويشنو جو اهو فرض آهي ته جيڪوبه ڀوڄن ڪري، وستر پهري يا ٻي ڪابه شيءِ ورتائي ته پهريائين اها ڀڳوان جي اڳيان ارپڻ ڪري پوءِ پاڻ ورتائي. سواءِ ڀڳوان جي ڀوڳ لڳائڻ جي هنکي ڀوڄن وٺڻو نه آهي. ڀوڳ لڳائي اهو ڀوڄن پرسادي طور وٺڻون آهي جهڙي طرح شري مدڀڳوت گيتا ۾ اُپديش ڪيل آهي. حيدرآباد ۾ گهڻن ويشنونن جي گهرن ۾ ڀڳوت شيوا رکيل آهي. شري سکڌام مندر ۾ ڪل ڇهه درستن مهراجن جا هر روز ٿين ٿا. ٽي صبوح جو ۽ ٽي شام جو. صبوح جو منگلا جو درشن، تنهن کان ڪلاڪ ٻه رکي شنگار جو راڄ ڀوڳ جا درشن ٿين ٿا. شام جو اُٿاپن، ڀوڳ ۽ سين جا درشن ٿين ٿا. پوءِ شام جو ڪٿا وارتا ٿئي ٿي ۽ درشن وقت ڀڳوت جي يش جي گڻانواد جا پدڳايا وڃن ٿا ۽ ڪيرتن ڪيو وڃي ٿو. هر روز صبوح ۽شام جو انهن درشن وقت مهاراجن جي درشن ڪرڻ لاءِ اٽڪل ٽيهه چاليهه مرد ۽ استريون اچن ٿيون. وڏن ٻارهان ماهن اتسوئن تي ٻه ٽي سؤ ويشنو مندر ۾ اچن ٿا. وقت به وقت مهراجن جا ٻالڪ سورت، بمبئي، مٿرا، ڪڇ مانڊوي مان اچي مندر ۾ ٽڪن ٿا ۽ وياکياڻ ڪن ٿا. ويشنو سمپردايئه مارگ وارن جو هي سڌانت آهي ته برهم ۽ جڳت سچ آهي جيو برهم جو انش آهي. ڀڳوان جون ٻه شڪيتون آهن (1) آورڀاو (2) ترور ڀلوان سڌانت کي شڌ ادوئيت سڌانت سڏيو وڇي ٿو. هن مارگ کي پشٽي مارگ سڏيو وڃي ٿو. پشٽي لفظ جي معنيٰ آهي انگره، ڪرپا ديا، ان مارگ کي ڀڳوت ڪرپا، ڀڳوت انگرهي مارگ به سڏيو وڃي ٿو.

سڄي هندستان ۾ گوسوامي ٻالڪ ولڀ ڪل جا رهن ٿا. شري ناٿ دئارو، ڪانڪرولي، مٿرا، ڪام پن، ڪاشي، سورت، بمبئي، احمدآباد، انڊور، ڪڇ مانڊوي، ڄام ننگر، نرياد ۽ کنڀات وغيره.

سکڌام مندر معنيٰ سک جو گهر يعني جنهن مندر ۾ وڃي ٺاڪرن جي درشن ڪرڻ سان آنند جي پراپتي ٿئي جو سک ايشور آهي. تنهنجو مدنر، ٻيا سکڌام مندر ڪراچي، شڪاپور، روهڙي، سيوهڻ، ٺٽو، ٽنڊو الهيار ۽ نصرپور ۾ آهن. انهن سڀني شهرن ۾ ولڀي ويشنو گهڻي انداز ۾ رهن ٿا. ان اسٿان ۾ شري ناٿ جي گولڪا جي ٽجوڙي رکيل آهي، جنهن ۾ ويشنو شري ناٿ جي گولڪ جا پئسا وجهن ٿا هر سال اها گولڪ جي ٽجوڙي کولبي آهي ۽ ٽجوڙي واري رقم شري ناٿ ڏانهن موڪلي ويندي آهي. جئن مٿي ڏيکاريو آهي ته مهراج موٽن داس جا پويان مهراج اوهونداس ۽ ٻيا مندر جي شيوا، وارتا ۽ ٻيو سنڀال جو ڪم ڪندا آيا. سال 1940ع ۽ ان کان اڳ اهو مندر جي شيوا ۽ سنڀال جو ڪم پنڊت هردت ڪندو پي آيو آهي. جڏهن سال 1921ع نئين سٽي سروي انڪوائري حيدرآباد شهر جي ٿي تڏهن اهو سکڌام مندر ولڀي مهراج ڪميونٽي مندر ٺاڪر جي نالي سان سٽي سروي رڪارڊ ۾ داخل ٿيو ۽ قبضي وارا مئنيجر مهراج ڪيشونداس، موٽڻ داس، مهراج هردت ڪٻٽا داخل ڪيا ويا. پر پوءِ ڀائي ولڀداس ولد ڀائي نندن داس سٽي سروي انڪوائري آفيسر وٽ پنهنجو بيان ڏنو، جنهن موجب سٽي سروي رڪارڊ ۾ ڦري اهو سکڌام مندر مهراج گورڌن لعل گرڌر لعل شري ناٿ جي واري جي خانگي جڳهه جي نالي سان داخل ٿيو. ان ڳالهه کي به 11 سال لنگهي ويا. سٽي سروي جي جانچ ۽ داخلا کان 11 سال پوءِ سال 1925ع شري ناٿ واري مهراج گورڌن لعل سکڌام مندر جي قبضي ملڻ لاءِ موٽڻ داس جي پوئين هرهڪ مهراج منگهومل، مهراج ڄانڃي مل، مهراج هرڪشنداس، مهراج هردت تي ديواني ڪورٽ حيدرآباد ۾ هڪ دعويٰ داخل ڪئي. ان دعويٰ هلندي ڪورٽ جي معرفت ٻنهي ڌرين مهراج گوڪل ناٿ بمبئي واري مهراج کي امين مقرر ڪيو جنهن امين فيصلو ڪيو ته اهو سکڌام مندر شري ناٿ دواري مهراج گووندلعل مهراج ڏامودرداس جي ملڪيت آهي ۽ هو شيوا جنهن کان وڻيس تنهن کان ڪرائي مندر ۾ ڪٿا منگهومل هردت وارا ڪن.

شري ناٿ مندر جو مالڪ مهراج گووند لعل ڏامودرداس هن وقت صغير آهي هن جا ٽرسٽي رسيور يعني بمبئي هاءِ ڪورٽ مان مقرر ٿيل آهن. هن وقت انهن ٽرسٽين جي پاران مندرجي شيوا ڪرڻ لاءِ هڪ موکئيو ۽ پيتنريو مقرر ٿيل آهن جي مندر جو ڪاروبار پنجن سالن کان هلائين ٿا.مهراج بچولعل، مهراج موتي لعل، مهراج گووند لعل جي سنڌ جي ويشنو مندرن جو سنڀاليندڙ ان مندر جي وقت به وقت سنڀال ڪرڻ، حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ شڪارپور مان حيدرآباد اچي ٿو. مندر جي مرامت لاءِ رقم حيدرآباد جا ويشنو پاڻ ۾ ڦوري ڪري ڪن ٿا.هن وقت مندر جو ڪاروبار ۽ شيوا سٺي نموني ۾ هلي آهي. ساليانو اتسو چڱي طرح سان ڌام ڌوم ملهايا وڃن ٿا چڱو ائين ٿئي ته وارتا لاءِ مهراج پنڊت هردت کي اڳئين نموني وانگر چيو وڃي ۽ هن تي زور رکي وارتا هن کان ڪرائجي جو هو وڏو پنڊت آهي ۽ ويشنو سمپردائيه جو چڱو ڄاڻون آهي.

 

ٺورن چکي وارا ڀڳت

تعلقي حيدرآباد ڳوٺ ٺورا چکي وارا ڀڳت نامور ڀڳت ٿي گذريا آهن. انهن ڌرمي اسٿان تي وڏا وڏا ڪرامت وارا ڀڳت ٿي گذريا آهن. انهن جو وڏو ڀڳت ٺاڪرداس هوندو هو. انهن جون سماڌيون ڳوٺ ٺورا چکي جي لڳ آهن. انهن سماڌين تي هر سال تاريخ 14 ڦڳڻ کان وٺي 21 ڦڳڻ تائين وڏو ميلو لڳي ٿو. ڀڳت ٺاڪر داس جو گرو ڀڳت ڪرمچند ويٺل قائم لڳ ميرپورخاص وارو هوندو هو. ڀڳت ڪرمچند جو گرو ڀڳت هاٿيرام هوندو هو.

ڀڳت ٺاڪرداس جي سماڌ اسٽيشن 84 جمرائو جهلوڙي کان 4 ميل پري آهي. ان سماڌ تي چيٽي چنڊ ۽ تاريخ پهرين چيٽ جي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي. جتي هزارن جي تعداد ۾ هندو مرد ۽ زالون ايندا آهن.

ڀڳت ٺاڪرداس

ڀڳت ڪرمچند (ڀاءُ ڀڳت ٺاڪرداس)

ڀڳت ڍالورام

ڀڳت تولارام

ڀڳت ميٺارام

ڀڳت ٺاڪرداس جي سماڌين ۾ ناري واري پٽ جي هندو زالين مرد جو گهڻي قدر صدق ۽ شرڌا آهي. هر ڪنهن کي ڀلونا جا ڀاڙا سالياني ميلي تي اچڻ ۽ شرڌا سان ڀڳت ٺاڪرداس جي سماڌي اڳيان سوال ڪرڻ جا مليا آهن. سورداس کي اکيون، نرڌن پرش ڌن ۽ اولاد جي سڪايلن کي اولاد مليا اهن. ڀڳت ٺاڪرداس جي سماڌي اڳيان اهڙا سوال اگهيا آهن. ڪيترا نرمرد مڙس هن اسٿان تي شرڌا سان سوال ڪرڻ سان مڙسي حاصل ڪري ويا اهن. هن ڪلجڳ جي وقت ڀڳت ٺاڪرداس جون ظاهري ڪرامتون ماڻهن ڏٺيون آهن ڪيترن کي هٿن تي پرنا آهن.

ڀڳت ٺاڪرداس جي سماڌ جنهن زميندار جي زمينداري ۾ آهي سو ڳالهه ٿو ڪري ته هر روز رات جو ان بيابان پٽ ۾ جتي سماڌ آهي تتي شبدن ڳائڻ ۽ ڪنجهن ۽ ڌڪرن جو آواز هنن کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

ڀڳت ٺاڪرداس جي سماڌ جهلوڙي اسٽيشن کان 4 ميل پري آهي باقي ٻين ڀڳتين جون سماڌيون لڳ ڳوٺ ٺورا چکي جي آهن. مٿين سڀني ڀڳتن جون ڪرامتون ڏيکاريل آهن. انهن ڀڳتن جي ڪيتري واڻي رچيل آهي. ڀڳت ڪرمچند جو پٽ ڀڳت منگهنداس هوندو هو. جنهن جون به گهڻيون ڪرامتون ڏيکاريل آهن. انهن ڀڳتن کي وچن سڌي پراپت ٿيل هئي. ڀڳت منگهنداس ڪيترن بنا مڙسي وارن مردن تي آسيسا ڪري اُنهن کي مڙسي ڏني. ڀڳت منگهنداس ڀڳت ڪرمچند جي فرزند بصرمل موٽومل جي سؤٽ تي آسيسا ڪئي جنهن ڪري هو جو اڳي صفا نمرد هو تنهن کي مڙسي ٿي ۽ هنکي اولاد ٿيو. سيٺ موٽومل ڏنگاڻي بوزدار تعلقي ٽنڊي الهيار جا آنوار وڌيل هئا. تنهن ڪري هنکي اولاد ڪونه ٿيندو هو. ڀڳت تولارام جي آسيسا سان موٽومل چڱو ڀلو ٿيو ۽ هنکي هڪ پٽ ڄائو. هوسڙي جي ماستر وشنداس کي پٽ ڪونه ٿيندو هو. هن ڀڳت تولارام ۽ ڀڳت ڍالورام جي سماڌ تي اچي صدق سان سوال ڪيو هنکي 4 سال ٿيا ته پٽ ٿو.

ڀڳت ڪرمچند ڀڳت ٺاڪردس جو ننڍو ڀاءُ 6 سال گادي تي ويهي ديولوڪ پڌاريو. ڀڳت ڍالورام 40 سال گادي نشين ٿيو. ۽ ڀڳت تولارام 10 سال ۽ ڀڳت ميٺارام 39 سال گادي نشين ٿيو. ناري جي پٽ تعلقي ميرپورخاص جيمس آباد، ڊگهڙي، کپري، ٽنڊي الهيار، ماتلي ۽ شهدادپور جي هڪ سؤ ڳوٺن جا اٽڪل 2400 ڪٽنب هن اسٿان جا سک شيوڪ آهن. جن مڙيني جو مٿئين ذڪر ڪيل ٻنهي هنڌن جي سماڌين ۾ پورو يقين ۽ شرڌا اهي. هر ڪنهن کي پنهنجي ڀاونا جا ڀاڙا ملن ٿا. جيڪو شرڌالو پورن يقين ۽ اعتقاد رکي انهن سماڌين اڳيان پنهنجو دک درد پيش ڪري ٿو تنهن جون ڀاونا موجب سماڌين وارا ڀڳت من جون مرادون پڄائين ٿا. بلاول ڳوٺ جو ڀڳت هيري تي ڀڳت ٺاڪرداس جي آسيسا ٿي ۽ مهراج آسنداس ۽ مهراج شونداس براهمڻ ويٺل مير واه گورچاڻي تي ڀڳت ڍالورام جي آسيسا ٿي. ڀڳت هيرو ۽ مهراج آسنداس ۽ مهراج شونداس جا پنهنجي پنهنجي پٽ ۾ گهڻا سک شيوڪ آهن.

 

 

کٽ واري بابي گرداس صاحب جي درٻار

شهر شڪارپور ۾ بابي گرداس صاحب کٽ واري جي درٻار نامور ۽ پرسڌ هڪ جهونو اسٿان اهي. انکي کٽ واري بابي جي ڌرمشالا به سڏين ٿا. بابي گرداس صاحب جي درٻار اٽڪل ڏيڍ سؤ ورهين جي جهوني شهر شڪارپور ۾ سڀني درٻارين کان وڏي پهريون نمبر ۽ عاليشان درٻار آهي. ان درٻار کي کٽ واري بابي جي ڌرمشالا ان ڪري سڏيندا آهن جو بابي گرداس صاحب جي هڪ شيشم جي کٽ سندن سماڌ اڳيان رکيل آهي. جنهنجي اڳيان سوين هزارين سوالي پنهنجي من جون مرادون پيش ڪن ٿا ۽ هرهڪ جي ڀاونا ۽ شرڌا انوسار هر ڪنهن جا مطلب کٽ وارو ٻائو پڄائيندو آهي. شڪارپور ۽ انجي آس پاس ڳوٺن جي ماڻهن جو ان درٻار ۾ اَتي صدق بيحد شرڌا آهي. ان اسٿان جو پايو وجهندڙ بابو گرداس کٽ وارو شري امبر تسر صاحب جي درٻار جو شيواڌاري جتان شڪارپور ۾ اچي درٻار اسٿاپن ڪيائين ان اسٿان ۾ گرو گرنٿ صاحب براجمان آهي. ان اسٿان ۾ هيٺيان گاديسر ٿيا آهن.

بابو گرداس صاحب

بابو ڪاشي داس صاحب

بابو شيواداس صاحب

بابو نارئڻ داس صاحب

بابو گيانچند صاحب

بابو رامداس صاحب

هن درٻار جو ورتمان گاديسر بابو رامداس صاحب آهي. بابو رامداس هڪ ورڪت ساڌو آهي، جنهن صاحب کي اٽڪل 10 سال ٿيندا ته پوج پئنچات شڪارپور جي ان درٻار جي گادي تي وهاريو. بابو رامداس درٻار صاحب کي چڱي انتظام ۾ هلائي رهيو آهي. بابو رامداس درٻار صاحب اُدارچت ۽ سخي مرد آهي. جيڪا به آمدني درٻار ۾ اچي ٿي سا سڀ ساڌن سنتن جي بلي ۽ ڪڇ لنگر جي بلي خرچ ڪري ٿو ڇڏي. ڪڇ به پاڇي نٿو رکي. هن وقت سندس اوسٿا 60 ورهيه ٿيندي.

کٽ واري درٻار روز صبح جو 5 بجي کلندي آهي. ان وقت گرو گرنٿ صاحب براجمان ڪيا ويندا آهن ۽ شري آسادي وار ۽ شبد ڪيرتن روز ٿيندو آهي. تنهن کانپوءِ 12 بجي تائين ڪٿا ڪيرتن ٿيندو آهي. سؤن جي تعداد ۾ مرد ۽ استريون هر روز درٻار ۾ اچن ٿا. هر روز سڄو ڏينهن درٻار ۾ خلق اچي ۽ وڃي پيئي درٻار ۾ ميلو لڳو پيو آهي. اٽڪل پنج ڇهه سؤ مرد ۽ استريون اچن ٿيون. مرد درٻار جي ٻهاري ۽ صفائي ڪندا آهن ۽ مايون پاڻي پيئون ڀرينديون آهن ۽ ڀاڄيون پيئون صاف ڪنديون آهن. ان درٻار ۾ اڪثر ڪري هر روز اکنڊ پاٺ جو ڀوڳ پوندو آهي. هڪڙن اکنڊ پاٺن جا ڀوڳ پيا پون ته ٻيا اکنڊ پيا رکجن اکنڊ پاٺ رکائڻ جو رواج هن درٻار ۾ صبوح ۽ سانجهي لنگر ۾ 60 – 70 آدمي رسوئي وٺن ٿا. سڄو ڏينهن لنگر کليو پيو آهي. سڄو ڏينهن درٻار کليل رهي. ٿي. آمدرفت مردن ۽ زالن جي سڄو ڏينهن جاري آهي. فقط منجهند جو ڪلاڪ ٻه درٻار جا شيواڌاري آرام ڪن ٿا. هر روز ڪتن لاءِ هڪ ڳوڻ ڪڻڪ جي اٽي مان ڪتن لاءِ روٽيون پچائي ڪتن کي کارايون وڃن ٿيون. ڪيترن گهرجائو سفيد پوش آدمين کي بابو رامداس صاحب سندن نياڻين جي شادي لاءِ ڌن جي سهائتا لڪائي ڏيندو آهي. ان درٻار کي لکن جي ملڪيت جايون، ٽي باغ ۽ زرعي زمينون آهن. درٻار کان ٻاهر لاڳيون درٻار، ٻه مسافر خانا آهن جن ۾ درٻار جا سک شيوڪ ٻاهر کان آيل اچي تڪن ٿا. جيڪي سک شيوڪ فئملي سان اچن ٿا تنکي بابو رامداس صاحب درٻار سان لاڳو جايون 5 - 6 مهنن لاءِ رهڻ لاءِ ڏيندو آهي. درٻار ۾ صبوح شام ڪٿا ڪيرتن ٻڌڻ لاءِ روز مره اچن ٿا. ان درٻار جي شڪارپور نواسين هندو توڙي مسلمانن جي گهڻي مانتا آهي، جو انهن درٻار جا گهڻا هٿن تي پرتا ڏٺا آهن. سڄو شهر ان درٻار کي مڃي ٿو. انهن تي گهڻيون مهربانيون ٿيل آهن. ان درٻار جا مکيه سک شيوڪ للهه آڪهه وارا آهن. شڪارپور پاسي کٽ واري بابي جو قسم هلندو آهي. جيڪو کٽ واري بابي جو قسم کڻي ڳالهه ڪندو آهي تنهن تي اڪثر ڀروسو ڪرڻ ۾ ايندو آهي ته گهڻو سچي هوندي. ان درٻار جو اڪثر ڪري سڄو شڪارپور جو شهر سک شيوڪ آهي. ڪنهن تي به چاليهون يا ٻنڌيان مقرر ٿيل نه آهي.هرڪو شرڌا سان ان درٻار کي يٿاشڪتي دان طور ڏي ٿو. درٻار جا مکيه شرڌالو سک هيٺيان آهن. ٻيا به گهڻا وڏا شاهوڪار سيٺيون آهن. (1) سيٺ منگهومل ڊيٽارام ڪراچي جو واپاري (2) سيٺ سونولداس پشم جو واپاري ويٺل شڪارپور.

ان درٻار جا گاديسر لنگوٽي ٻڌ برهمچاري آهن. گاديسر اڪثر ڪري پوج شڪارپور جي پئنچات چونديندي آهي. ان درٻار جي گاديسرن جون سماڌيون آهن. بابي گرداس صاحب جي کٽ ۽ ٻين ساڌن جي سماڌين ۾ شڪارپور نواسين جي بيحد شرڌا اهي. جيڪو سوال کڻي سچي ڀاونا ۽ شرڌا سان سماڌين ۽ کٽ اڳيان ٻڌائي ٿو تنهن جا من جا مطلب اڪثر ڪري پورا ٿين ٿا. اهوئي سبب آهي جو شڪارپور نواسين غريب توڙي شاهوڪارن جو پريم، شرڌا، صدق ان درٻار ۾ گهڻو آهي. شڪارپور شهر ۾ کٽ واري بابي گرداس صاحب جي درٻار هڪ وڏو سنڌ جو تيرٿ آهي. پڙهندڙن کي ضرور ان تيرٿ اسٿان تي ٻه چار ڏينهن وڃي تيرٿ ياترا ڪري ستسنگ جو لاڀ وٺڻ گهرجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org