درٻار بابا گرپت صاحب
درٻار بابا گرپت صاحب جو بنياد وجهندڙ بابا گرپت صاحب هو. سندس
جنم پنجاب ۾ ڏيري صاحب جي ڳوٺ ۾، شري گرو بابا
نانڪ شاه نرهنڪاري جوتي جوت سروپ واري بيدي ڪيل ۾
سال 1807ع ۾ ٿيو. بابا گرپت صاحب جو شجرو هيٺ ڏجي
ٿو.
شجرو
شري گورو بابا نانڪ شاه نرهنڪاري جوتي سروپ
بابا شري چند اداسي
بابا لکمي چند صاحب
باب ڌرمچند صاحب
گورو ماڻڪچند صاحب
بابا مهر چند صاحب
بابا روپ نارائڻ صاحب
بابا برج نارائڻ صاحب
بابا توني تراءِ صاحب
بابا ٽيڪچند صاحب
بابا ڪاڪا چند صاحب
بابا زوراور صاحب
باب سرترام صاحب
بابا جڳت رام صاحب
بابا گرپت صاحب اداسي
مٿئين شجري مان ڏسڻ ۾ ايندو ته بابا گرپت صاحب جن گورو نانڪ
صاحب جي انش مان ٻارهين پيڙهي آهن. سندن پتا بابا
سترام صاحب اوچ پدوي تي رسيل گورو پوٽو هو. ڳالهه
ٿا ڪن ته بابا گرپت صاحب جن ڄمندي ڄام هئا.
ٻاراڻيءَ اوسٿا کان وٺي سندن دل جو لاڙو پرماتما
پرائڻ هو. سندس زبان ۾ سرسوتي هئي. هو سڌ پرش ۽
ڪرامت جا صاحب هئا. جيڪي به زبان مان ڪڍندا هئا،
اوئين اوس ٿيندو هو. پنجاب جي راجا رنجيت سنگهه ان
وقت پنجاب جي گادي تي راجا ويٺل هو. راجا رنجيت
سنگهه کي جڏهن معلوم ٿيو ته گورو نانڪ شاه جي ڪل
مان بابا بورپت صاحب وڏيءَ ڪرامت وارا پيدا ٿيا
آهن، تڏهن هو سندن درشن ڪرڻ لاءِ وٽن گهڻيون
ڀيٽائون اچي رکيائين. بابا گروپت صاحب جي پتا
ويچار ڪيو ته پنهنجي ننڍي فرزند بابا گرپت کي
گرهست آشرم ۾ آڻيان. ان وقت بابا گرپت صاحب جن جي
اوسٿا ويهه سال هئي. بابا گرپت جن پرماتما جي ڀڳتي
۾ لين هو. تنهن ڪري کين گرهست آشرم ۾ رهڻ پسند نه
آيو. پوءِ جلدي بابا گرپت صاحب ويراڳه جو وڳو ۽
ويس قبولي فقيري ڪمائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. بابا
گرپت صاحب گهر ڇڏي سنڌ ديش ڏانهن رک رکيو. بابا
گرپت جن ساري عمر جتي ٿي گذاريو.
راجا رنجيت سنگهه کي جڏهن اها سڌ ملي ته صاحبزادو بابا گرپت
صاحب جن سنڌ ديش ڏي هليا ويا آهن تڏهن هن خيرپور ۽
حيدرآباد سنڌ جي حاڪمن ميرن ڏانهن قاصد موڪليو ته
صاحبزادو بابا گرپت صاحب جن ايڏانهن اچن ٿا اوهان
ان جي هر طرح خاطري ڪجو.
پهريائين پهريائين بابا گرپت صاحب خيرپور رياست ۾ ٽنڊي لقمان
ڀرسان جهنگل ۾ هڪ ڪٽيا ٺاهي ويٺا. ساڻن گڏ ڀائي
رام ديال صاحب بيدي گڏ هو. اها جاءِ مير صاحبن جي
جاگير ۾ هئي. ان وقت خيرپور ۾ مير سهراب خان مير
علي مراد خان صاحب جو پيءُ راڄ ڪندو هو. جنهن
پنهنجي جيئري تخت پنهنجي وڏي پٽ مير رستم خان کي
ڏنو هو. مير صاحبن جي ماڻهن، بابا گرپت صاحب کي
جاگير مان دخل ڪڍڻ ۽ اُتي هلي وڃڻ لاءِ زور ڀريو.
بابا صاحب جن ڀلا بيپرواه فقير، سو ڏنڊو کڻي اچي
مير جي ماڻهن کي اک ڏيکاريائون. مير جي ماڻهن اتان
ڀڄي مير صاحب کي اچي دانهن ڏني. مير صاحب فرمايو
ته اڄ ٺهيو باقي سڀاڻي صبوح جو سويل ان هندو فقير
کي جاگير مان زوري لڏائجي ۽ سندس لانڍي ڊاهي ڇڏجي.
ڳالهه ٿا ڪن ته رات جو مير صاحب کي ننڊ ۾ جن ڀوت
ڊيڄارڻ آيا. مير صاحب جي ڪنڌ مٿان هڪ ڪارو نانگ ڦڻ
ڪڍي اچي بيٺو جنهن مير صاحب کي آگاه ڪيو ويو ته
فقير سان هٿ نه اٽڪاءِ. صبوح ٿيڻ سان، مير صاحب
پاڻ سان وزير وٺي، اوچون سوغاتون کڻي، بابا صاحب
جن وٽ آيو ۽ کين پيري پئي، کائن دعا ورتائين. ان
جاءِ تي، جتي بابا صاحب جي لانڍي ٺاهي هئي. هن وقت
سماڌيون ٺهيل آهن.
بابا گرپت صاحب ڏيري صاحب مان پاڻ سان گڏ ٽي املهه وستو کڻي آيو
هو. (1) بابا شريچندر صاحب جا ڪيس (2) نانڪ شاهي
روپيه (3) گورو گوبند سنگهه صاحب جن جي منڊي، اهي
ٽيئي شيون اڄ تائين درٻار خيرپور رياست ۾ موجود
آهن. هر سال بڊي واري مهيني ۾ بابا شريچند صاحب
روٽ ٿيڻ جي موقعي تي اهي ٽيئي شيون سکن کي
ڏيکاريندا آهن.
ان وقت خيرپور واري درٻار ۾ ڀائي مولرام صاحب مسند وڏي ڀڀڪي ۽
شان سان رهندو هو. مسندن جو زور ان وقت هو ۽ هو
سکن کي ستائيندا هئا. مسند مولرام راجائن وانگر تو
مان سان هلندو هو. هو زبردست هوندو هو. جيڪي سکه
غريبي سبب ٻنڌيان نه ڏيئي سگهندا هئا، ته انهن سان
تعديون ڪري، وٽائن ٻنڌيان زوري وصول ڪندو هو. ڀائي
مولرام مسند جي برخلاف سکن گهڻيون شڪايتون بابا
گرپت صاحب جن کي ڪيون ۽ اها خواهش ڏيکاريائون ته
جي بابا صاحب اها درٻار وسائين ته سکن جو جيڪر ڀلو
ٿئي. تنهن تي بابا صاحب پاڻ روبرو درٻار صاحب ۾
حال جاچڻ لاءِ ويا. اتي ڏٺائون ته سکن جون ڳالهيون
سچيون آهن، ڀائي مولرام اهڙو هٺيلو هو جو هن بابا
صاحب جو پورو آدرستڪار نه ڪيو. تڏهن سکن جي خاطر،
زوري مسند مولرام کي درٻار مان هڪالي ڪڍي پاڻ اها
درٻار وسايائون، ميرن پڻ ڀائي مولرام جي دانهن تي
ڪو ڌيان نه ڏنو. ديوان دلپتراءِ اجواڻي جو ان وقت
ميرن جو وڏو وزير هو تنهن جي صلاح سان درٻار بابي
گرپت صاحب جي حوالي ميرن ڪئي. تنهن کانپوءِ مسند
مولرام وڃي روهڙي وسائي.
ديوان دلپتراءِ ميرن جي وزير کي راجا رنجيت سنگهه جي خط جي ڄاڻ
هئي. ديوان دلپتراءِ بابا صاحب کي پورن فقير ۽
مڻيا وارو ۽ ايشور جي رنگ ۾ رتل اکيون وارو ڏسي
هنجو سک ٿيو. ان کانپوءِ سڀ اجواڻي آڪهه وارا بابا
صاحب جا سکه ٿيا. آهستي آهستي بابا صاحب پنهنجن
سکن سان ڏڍيءَ حب سان ملندا هئا ۽ سندن حال احوال
وٺندا هئا. بابا صاحب شرڌلو سکن جون دنيوي
ڪامنائون پوريون ڪندا هئا، جڏهن ڪنهن سکه کي تنگ
دست ڏسندا هئا تڏهن کيس خرچ رسد پهچائيندا هئا.
خيرپور جي ميرن ڪيترا پروانا بابا صاحب کي پارسي ٻولي ۾ لکي
ڏنا. بابا گرپت صاحب ۾ ميرن جو صدق جهجهو هو هنکي
ڪرامت وارو فقير ڄاڻندا هئا. بابي جي لنگر جي خرچ
لاءِ ميرن کين جاگيرون عطا ڪيون. آخر مولرام ۽ ٻيا
مسند بابي گرپت صاحب جي سکه ٿيا، بابي صاحب هنن
هندن تي قياس آڻي هنن کي هڪ جاءِ رياست خيرپور ۾
ٺهرائي ڏني ۽ فرمايائون ته جيڪو سکه اوهانکي خوشي
سان ڪا ڀيٽا ڏي ته بلاشڪ اُها انهن کان اڳاريو.
وڏي درٻار بابي گرپت صاحب جي قبضي ۾ رهي.
هڪ ڀيري بابا گرپت صاحب جي درٻار جو چيلو ٻائو هرڀڄن داس ڳوٺ جي
کوه تان پاڻي ڀرڻ ويو. پاڻي ڀريندي، مير علي مراد
خان جي پٽن ڌوڪ ڌوڪ ڪري اچي گهوڙن کي نيسر منجهان
پاڻي پياريو. ان ڳالهه ڪري ٻائي هرڀڄن داس ۽ مير
جي پٽن جو جهيڙو ٿيو. مير جي پٽن ٻائي هرڀڄن داس
کي لپاٽ هڻي ڪڍي. مير جا پٽ اڃا مس گهر پهتا ته
کين رت جون اُلٽيون اچڻ لڳيون. مير صاحب کي جڏهن
ان احوال جي سڌ ملي تڏهن هو ڇوڪرن کي ساڻ ڪري بابا
گرپت صاحب جن وٽ آيو ۽ ڇوڪرن لاءِ ڏوهه بخشايائين.
بابا صاحب کين آسيسا ڪئي ۽ هو چڱا ڀلا ٿيا.
سيد جعفر علي شاه، مير علي مراد جو مرشد، بابا گرپت صاحب جو
سنگتي هوندو هو ۽کين عزت سان ڏسندو هو.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته بابا گرپت صاحب مير سهراب خان کي سندس
ٽن پٽن بابت هيٺين مسره چئي ٻڌائي ۽ برابر بابي
صاحب جي اڳڪٿي موجب ائين ٿيو. رستم رنگه ۾، مبارڪ
ڀنگه ۾ ۽ علي مراد جهنگه ۾.
خيرپور جو ٻائو شيخ موٽي هندو ڌرم ۾ اچڻ لاءِ ترڦيو پئي. بابا
صاحب ٻائي شيخ کي پاڻ گڏ گنگا تي وٺي ويا ۽ هنکي
هندو ڌرم ۾ پنڊتن جي معرفت آندو.
اٽڪل سال 1830ع ڌاري بابا گرپت صاحب جن پهريون دفعو، خيرپور مان
حيدرآباد ڏي آيا. بابا صاحب جن خيرپور مان سٺ ستر
نانگا هميشہ اڻ سان گڏ وٺي گشت تي نڪرندا هئا.
خيرپور ۾ اهي نانگا درٻار جي ڀرسان رهن ٿا جنهن
جاءِ کي رام جهروڪو سڏيندا آهن. ٽين ٽين سالين،
بابا گرپت صاحب جن حيدرآباد ۾ اڌڪ واري مهيني ۾
ويندا هئا ۽ اٽڪل 6 مهينا اُتي رهندا هئا، بابا
صاحب جا سکه سيوڪ حيدرآباد ۾ گهڻا عامل ٿيا. ديوان
دلپتراءِ صوفي فقير جي صحبت ٻائي صاحب سان ٿي.
حيدرآباد ۾ اڪتراءِ واري گهٽيءَ ۾ بابا گرپت صاحب
پنهنجي درٻار ۾ وڃي لهندا هئا. بابا صاحب جن ٽين
ٽين سالين حيدرآباد ويندا هئا، تڏهن رستي تي
هالاڻي ۽ ڪنڊياري ۾ به رهندا هئا. هالاڻي ۽
ڪنڊياري ۾ بابا صاحب جي ڪيترا سکه شيوڪ آهن.
حيدرآباد سنڌ ۾ ٺارومل شيخ رهندو هو. ٺارو مل شيخ بابا گرپت
صاحب جڏهن هو صاحب حيدرآباد ٽين ٽين سالين ايندو
هو تڏهن ايندو هو. بابا گرپت صاحب هن تي گهڻو
مهربان هئا. ٺارومل شيخ صدق ۽ شرڌا سان بابي گرپت
صاحب جي شيوا ٽهل ڪندو هڪ دفعي بابا گرپت خوش ٿي
ڍارومل کان پڇيو ته توکي ڇا گهرجي. تنهن تي ٺارومل
وراڻي ڏني ته مونکي مهرباني ڪري وري هندو ڌرم ۾
گڏيو. بابا گرپت صاحب اوتاري پرش هئا سو ٺارومل کي
موٽي هندو ڌرم ۾ آڻڻ قبول ڪيو. بابا گرپت صاحب
حيدرآباد جي عاملن جي پئنچات سڏائي. عاملن جي مکي
ديوان شوقيرام ضد ٻڌي بيٺو. هن بابا صاحب جي آگيا
نه مڃي. ديوان شوقيرام چيو ته ٺارومل هڪ واري هندو
ڌرم ڇڏي شيخ ٿيو هو وري ڪيئن هندو ڌرم ۾ موٽي
وٺبو. اهو واقعو 1857ع ۾ ٿيو. حيدرآباد جي عاملن
جون ٻه ڌريون ان ڳالهه تان ٿي پيئو. ديوان گدومل
شهاڻي ۽ ديوان مانسنگهه آڏواڻي بابا گرپت صاحب جي
راءِ سان شامل ٿيا. بابا صاحب حڪم ڏنو ته جيڪو
اسانجو صديقي ۽ شرڌالو سکه سڏائي سو ٺارومل جي هٿ
جو ڏنل پرساد کيرڻي ۽ پوريون وٺي کائي جي صدقي سکه
ها تن ٺارومل جي هٿ جو پرساد وٺي کاڌو. بابا جن
تنهن کانپوءِ پنڊتن جي معرفت شاستر وڌي موجب
ٺارومل کي وري هندو ڌرم ۾ آندو. بابا جن جي آگيا
نه مڃي ديوان شوقيرام کين ناراض ڪيو. جو نتيجو اهو
جنهن جي سڀني کي چڱي طرح سڌ آهي. بابا گرپت جن
ٺارومل جي ٻانهن ديوان گدومل کي ڏيئي هنکي ٺارومل
جي پارت ڪئي. بابا گرپت جن جي آسيسا سان ديوان
گدومل ۽ سندس پٽ ديوان ديارام اڏجي پيا. ٺارومل
درجي درجي وڃي مختياريڪاري جي عهدي کي پهتو.
ٺارومل جي شادي ديوان مولسنگهه اجواڻي خيرپور مان هڪ هندو ڪٽنب
مان ڪرائي. هن وقت ديوان ٺارومل مختيارڪار جو
ڪٽنب، حيدرآباد جي عاملن ۾ ماکيجاڻين جي آڪهه جو
سڏجي ٿو.
ديوان مولسنگهه اجواڻي کي اولاد ڪيترا سال ڪونه ٿيندو هو. بابا
گرپت جن ديوان مولسنگهه تي آسيسا ڪئي ۽ هنکي پٽ
پوٽا ٿيا.
سيٺ بولچند لکپتوارو، سامان جون ٻيڙيون ڀرائي ڪلڪتي ڏانهن سمنڊ
جي رستي روانو ٿيو. سمنڊ ۾ هڪ هنڌ سندس ٻيڙو اٽڪي
پيو. هو بابا گرپت جن جو سچو صديقي سکه هو. ۽ هن
بابا جنکي من ۾ ڌيائي آراڌنا ڪئي ته ڪرپا ڪري
منهنجو ٻيڙو هلايو. بابا گرپت جن جي ڪرپا سان هنجو
ٻيڙو هلڻ لڳو. مسافري پوري ڪرڻ بعد سيٺ بولچند اَن
جا انبار کڻي بابا جن جي ننگر ۾ جمع ڪرايا.
سيٺ بولچند جڏهن سخت بيمار هو، هن کي ليپي ۾ لاهي وڌو هئائون
تڏهن بابا صاحب هن کي وڌيڪ حياتي بخشي ليپي مان
اٿاريو هن وقت تائين سيٺ بولچند جو اولاد خيرپور
درٻار جي شيوا ڪري ٿو. ٻيا به ڪڇي سيٺيون بمبئي
وارا درٻار جا سکه شيوڪ آهن. شڪارپور جي مصر ڇانڱي
مل کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. هن بابا جن کي اولاد
لاءِ پرارٿنا ڪئي. بابي جن فرمايو ته هنکي پٽ نه
ٿيندو پر ڌيئر ٿينديون، جن کي پٽ ٿيندا، جنهن ڪري
تنهن جو نالو قائم رهندو. مصر ڇاڱي مل کي جلدي
ڌيئون ڄايون.
بابا جن ڀرڳڙي جي ڳوٺ جي ديوان گرداسنگهه کي سخت بيماري مان
اُٿاري هن کي وڏي حياتي بخشيش ڪئي.
خيرپور جو مکي نهلچنداس ٻڍو ٿي ويو پر هنکي اولاد نه ٿيو. هن ٻي
شادي اولاد ٿيڻ لاءِ پنهنجي پهرين زال جي مرڻ بعد
ڪئي. شادي ڪري هو بابي جن کي مٿو ٽيڪڻ آيو. بابي
جن مکي کي چيو ته تون باقي ڏه ڏينهن وڌيڪ جيئرو
آهين، تو ٻي شادي ڪري وڏي ڀل ڪئي آهي. مکي تنهن تي
بابي جنکي وراڻي ڏني ته مان اوهانجو سکه آهيان
مونکي مرڻ جو ڪوبه ڊپ نه آهي. بابي جن هنکي آسيسا
ڪئي ۽ پنهنجي حياتي مان ڏه سال مکي کي ڏنا. مکي ڏه
سال وڌيڪ جيئرو هو. هنکي هڪ پت گرڌاريمل نالي
ڄائو.
هالاڻي درٻار جو گاديسر بابا سکديو صاحب جڏهن پرلوڪ پڌرايا تڏهن
سندس گاديءَ تي ڪو مقرر ڪونه ٿيل هو. ساڌو ان
ويچار ۾ پيا ته ڪنهن کي تخت نشين ڪجي بابا گرپت جن
ان وقت اتي هئا. اتفاق سان هنن ڏٺو ته کوه تي شهر
جو هڪ نينگر پاڻي پيو ڀري بابا جن هنکي ڏسي يڪدم
سڃاتو ته هي ٻالڪ درويشي صورت آهي ۽ فرمايائون ته
هن ڇوڪر کي تخت نشين ڪريو. ان نينگر جو نالو ٻائو
ڪشنداس رکيو ويو. ٻائو ڪشنداس وڏي مورت ٿي گذريو
آهي. ڀائي ڪشنداس اوچ پدوي وارو سنت هو.
بابا گرپت صاحب لاثاني فقير هئا. بابي صاحب وٽ سندس درٻار ۾
ڪيترا سڌ فقير رهندا هئا. درٻار ۾ هميشہ هري جي
نام جو جاپ ستسنگ ٿيندو هو. درٻار جا سکه روز نت
نيم سان درٻار ۾ ايندا هئا ۽ اچي نام جپيندا هئا.
جيڪڏهن ڪو سکه درٻار ۾ ڪنهن ڏينهن اچڻ کان
گسائيندو هو ته بابو صاحب هنن کي چوندو هو ته اَبا
درٻار مان نه گساءِ، هر روز نت نيم سان درٻار ۾
ايندو ڪر. 29 ڏينهن درٻار جا سکه درٻار ۾ اچي بابي
گرپت صاحب جو درشن ڪندا هئا ته چنڊ ڏينهن بابا
صاحب پاڻ هرهڪ سکه جي گهر وڃي هنن کي پڇندو هو ته
بابا! خوش ويٺا آهيو. ائين پڇي ساڳي پير موٽي
درٻار ۾ اچي پنهنجي روزاني پرورلي کي لڳندو هو.
هڪ ڀيري بابا گرپت جن تيرٿن تي هئا ته هردوار ۾ ڏٺائون ته پنڊي
وٽ هڪ ڇوڪرو پيو وديا پڙهي بابا صاحب هن ڇوڪري جي
صورت ۽ اکين جي جوت ڏسي، معلوم ڪيو ته هي ٻالڪ هڪ
عجيب درويش ٿيندو. بابي گرپت جن ان نينگر جي پتا
کان هنجي ٻانهن گهري ورتي هنجي پتا کي بابي جن چيو
ته هي ٻالڪ اسانکي گهرجي. انجي عيوض اسين توکي ٻه
چار ٻيا پٽ ڏيون ٿا. ڇوڪري جي پتا بابي جن کي چيو
ته هي ٻالڪ اوهانجي ملڪيت آهي. بابي جن ڇوڪر کي
پاڻ سان خيرپور وٺي آيا ۽ هنکي پنهنجو چيلو ڪري
هنجو نالو ڀائي سنگتداس رکيائين. ڀائي سنگتداس
بابي جن کي ڏاڍو پيارو هوندو هو. بابو صاحب هردم
هنکي پنهنجي ڀرسان وهاريندو هو. ٻائو سنگتداس سڄي
رات يوگه اڀياس ۾ گذاريندو هو. هو هڪ يوڳي ودوان
هو. بابي جن جي اها اڃي هئي ته هنکي پنهنجي گادي
جو مالڪ ڪجي. پر ڀائي سنگتداس گادي نه قبولي ۽
پيري پئي بابي جن کان ان لاءِ بخشايائين.
گنبٽ جو سيٺ گيانچند مينگهنداس واپار ۾ نقصان هيٺ آيو ۽ سڄي
ڪاروبار بند ڪرڻي پيس. هو ڀائي سنگتداس وٽ آيو ۽
هن کان آسيسا گهريائين. ڀائي سنگتداس هنکي پنهنجا
پنج روپيه ڏنا ۽ چيائين ته تون پنهنجا پنج روپيه
هن ۾ گڏي وري نئين سر واپار شروع ڪر. سيٺ ائين
ڪيو. هو وري ڌنڌي مان لکاپتي سيٺ ٿي پيو. اڄ ڏينهن
تائين سيٺ گيانچند جو پٽ بگومل ترن تارن واري
درٻار جي خرچ لاءِ ڪمائي مان اڌ پيدائش جو ڏيندو
آهي ۽ پڻ ڪاشيءِ ۾ جيڪا درٻار ڀائي سنگتداس جي
نالي هلندڙ آهي تنهنجي خرچ پکي لاءِ ڏيندو آهي. تر
تارن ۽ ڪاشيءَ واريون ٻئي درٻاريون خيرپور درٻار
جون شاخون آهن. بابي گرپت صاحب جي جوتي جوت سمائڻ
بعد ڀائي سنگتداس خيرپور مان وڃي ترن تارن ۾ رهيو
۽ بابا گرپت صاحب جي نالي سداورت جاري رکيائين.
ٻائو سنگتداس نماڻي مورت ۽ لاپرواه فقير هو، هو
ڪڏهن ڪڏهن ڀائي هرپرڪاش ۽ هرڀڄنداس سان گڏجڻ لاءِ
سنڌ ۾ ايندو هو. سندس سماڌ بابي گرپت جنجي سماڌ جي
لڳو لڳه آهي ۽ سندس چاکڙيون به درٻار ۾ رکيل آهن.
درٻار جي سموري ڪاروبار بابي گرپت جنجو ٻيو چيلو ٻائو هر پرڪاش
سنڀاليندو هو. مٿس بابي گرپت جنجو گهڻو پيار هوندو
هو. گرپت صاحب پنهنجي جيئري، سچ کنڊ پڌارجڻ کان
ويهه سال اڳ وصيعت ڪري ويا ۽ ان موجب درٻار جو
مالڪ ڀائي هر پرڪاش کي مقرر ڪيائون. وصيعت نامون
بابي جن تاريخ 18 جولاءِ 1857ع جي ڪيو.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ديوان تاراچند ملڪاڻي ٻين ساٿين سان
گڏجي تيرٿ ياترا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. وڃڻ کان اڳه
هو بابي گرپت جن کان موڪلائڻ آيو. بابي گرپت صاحب
چيس ته ٻاهر تيرٿن تي وڃڻ جي تڪليف ڇو ٿو ڪرين مان
توکي هتي ٿو تيرٿ ڪرايان. تون چيلهه ۾ ٻڌل پئسا
ٻاهر ڪڍ.
سکه ويچارو صدقي هو. هن پئسا ڪڍي ٻاهر ڪيا. بابا جن هنکي حڪم
ڪيو ته اهي سمورا پئسا کڻي وڃي فلاڻي گهر ڏيئي اچ
ته هو نياڻيءَ جو ڪارج جي ڪتب آڻين. سک ائين ڪيو ۽
تيرٿن تي نه ويو. دان اهو سڦلو جنهن مان ڪنهن گهرج
واري جي گهرج پوري ٿئي.
بابي گرپت صاحب جو حڪم پنهنجي چيلن کي اهو هو ته درٻار جي سموري
آمدني درٻار جي بلي ۽ لنگر تي خرچ ڪري ڇڏجو. فقير
کي ٻي ملڪيت ٺاهڻ نه گهرجي. بابا صاحب جنجو لنگر
هڪ دفعو ڏينهن ۾ ٿيندو هو. جتان فقير ۽ ٻيا سڀ آيا
ويا کائي ترپت ٿي ويندا هئا. مايا جي ميڙڻ ۽ ملڪيت
ٺاهڻ جو خيال بابي گرپت صاحب نه ڪيو.
بابي گرپت پنهنجي مورت ڪڍائڻ جي برخلاف هئا. تنهن ڪري سندن
تصوير هٿ ڪانه اچي ٿي. سندن صورت سهڻي ۽ من موهڻي
هئي. هو ڪيس ڌاري هئا. سندن ڏاڙهي ڊگهي ۽ اَڇي
هئي. هو پئجامون پهريندا هئا. مسافاري وقت تلوار
پاڻ سان ٻڌندا هئا گهوڙي تي سواري ڪندا هئا. سندس
گهوڙي کي روپا سنج پيل هوندا هئا.
هڪ دفعي بابي گرپت صاحب کي هڏڪيءَ جي بيماري ٿي، پاڻ فرمايائون
ته اسانجو هلڻ جو ارادو اهي. ان وقت ٻائو هر
پرڪاش، ٻائو امولڪداس، منشي ڪنشداس، ديوان
مولسنگهه جي ويٺل هئا، تن وينتي ڪئي ته اڃان ڪو
وقت اوهانکي هت رهڻ گهرجي. اوهانجي هئڻ مان سکن
شيوڪن کي فيض رسندو. پاڻ فرمايائون ته چڱو وڌيڪ اٺ
سال رهون ٿا. پوري اَٺن سالن گذرڻ بعد پرلوڪ
پڌاريا. ستر ورهين جا جڏهن ٿيا تڏهن هڪ ڏينهن
روهڙي ۾ شام جو فرمايائون ته اسانجي طبيعت ٺيڪ نه
آهي. خيرپور موٽي هلون ٿا. هاڻي سچ کنڊ ڏانهن
هلنداسون. جڏهن خيرپور جي درٻار ۾ موٽي آيا. تڏهن
وري ساڳي هڏڪيءَ جي بيماري اچي ٿين. صبوح جو دان
پڃ هوشياريءَ سان ڪري، اشنان بعد گاين جو ڌرم
ڪيائون ۽ ڌرم جي ٿالهي تي هٿ لاتائون. تنهن کان
پوءِ بابو صاحب ٻائي سنگتداس جي ڇاتيءَ تي ليٽيا.
پوءِ اشارو ڪيائون ته چادر مٿان وجهو. پوءِ سچ کنڊ
ڏانهن هليا ويا.
بابي گرپت صاحب جي ساڌ لقمان ۾ اُن هنڌ تي ٺهيل آهي، جتي اوائل
۾ هڪ لانڍي ٺاهي اچ ويٺا هئا. سماڌ صاحب اڳيان
انيڪ سکه سيوڪ جيڪا ڪامد کڻي اچن ٿا تن جون
ڪامنائون پوريون ٿين ٿيون. هر سال ٻه دفعا سماڌين
تي ميلو لڳندو آهي. هڪ شوراتريءَ جو، ٻيو ويساکيءَ
جو.
شجرو بابي گرپت صاحب جي پوين جو
بابو گرپت صاحب
ٻائو هرپرڪاش صاحب
ٻائو هرڀڄن داس صاحب
ٻائو جيرامداس صاحب
ٻائو ڪرنداس صاحب
بابا گرپت صاحب جي ڪيل وصيعت موجب ٻائو هرپرڪاش صاحب گاديءَ تي
ويٺا. هو صاحب يوگ اڀياسي هوندا هئا. بابا گروپت
جن جي ديهانت بعد فقط اڍائي سال کن حيات هئا. سال
1880 ڌاري ٻائو هرڀڄنداس صاحب چيلو ٻائو هرپرڪاش
داس صاحب، ٽيان تخت نشين ٿيا. ٻائو هرڀڄنداس پڻ
يوگ اڀياس ڪندڙ فقير هو. هنکي يوگ اڀياس جو رستو
بابا گورپت جن وٽان مليل هو.
ٻائو هرڀڄنداس شانتيءَ سڀاءَ وارو هوندو هو. هو صاحب ڪڏهن غصو
نه ڪندو هو. نماڻي مورت وارو درويش هو. پئسي جو
لوڀ ڪونه هوس. سندن پير ۾ پدم ريکا هئي. جنهن ڪري
پئسو سندن پٺيان پيو ڦرندو هو. درٻار جي سڀ ملڪيت
هن صاحب جي ڏينهن ۾ ٺهي ۽ وڌي. ڀائي هرڀڄنداس
پنهنجن ڏينهن ۾ هڪ ٽرسٽ نامون ٺاهيو. جنهن موجب
درٻار جو تخت نشين مالڪ نه آهي. پر هڪ قسم جو
ٽرسٽي آهي. ان ٽرسٽ نامي ۾ ڄاڻايل آهي ته درٻار جو
حساب ڪتاب سکن کي ڏسڻ ۽ جاچڻ جو اختيار آهي. ٻائو
هرڀڄنداس سال 1917 ۾ سچ کنڊ پڌرايو.
جڏهن ٻائو هرڀڄنداس صاحب سچ کنڊ پڌاريو تنهن وقت سندس چيلو ٻائو
جيرامداس صاحب حيدرآباد ۾ هو. ان وقت حيدرآباد ۾
پليگ هئڻ سبب اختياريءَ وارن ڪنهن کي خيرپور ميرس
۾ سواءِ ڊاڪٽر جي تپاس جي اچڻ نٿي ڏنو. جنهن ڪري
ٻائو جيرامداس اول حيدرآباد جي گاديءَ تي ويٺو
پوءِ جڏهن بيماري لهي ويئي تڏهن شان، مان سان
خيرپور درٻار جي گادي تي ويٺو. ٽرسٽ نامي موجب
ٻائو جيرامداس هڪ ٽرسٽي مثل هو. هو سڀ ڪم ڪار لاءِ
ديوان شامسنگهه اجواڻي کان صلاح وٺندو هو.
ٻائو جيرامداس صاحب ڪاشيءَ ۾ ڪي سال رهي. سنسرڪت وديا پرائي
هئي. هو صاحب سنسڪرت ۾ هوشيار هو ۽ ڪٿا وارتا چڱي
طرح سان ڪندو هو. سندس ديهانت سال 1944ع ۾
حيدرآباد ۾ ٿيو. ٻائي جيرامداس جي حياتيءَ ۾ سندس
چيلو ٻائو ڪرنداس ترن تارن ۾ ڪاشيءَ جا اسٿان
سنڀاليندو هو. ديوان مولسنگهه جي اولاد ۽ ٻين
خيرپور جي سکن ڀائي ڪرنداس صاحب کي خيرپور ۾
گهرائي هنکي مان، شان سان خيرپور جي گاديءَ تي
ويهاريو. ٻائي هرڀڄنداس صاحب جي ٽرسٽ نامي موجب
ٻائو ڪرنداس هڪ ٽرسٽي ٿي درٻار ۽ درٻار سان لاڳو
ملڪيتن جي سنڀال ڪندو اچي ٿو. ٻائي ڪرنداس نهٺو ۽
سادي سڀاءَ جو ساڌو آهي.
ڀائي جيرامداس صاحب جي ديولوڪ پڌراجڻ کانپوءِ درٻار جي ملڪيت
ڇڄي ٻه اڌ ٿي پيئي. حيدرآباد واري درٻار جو مالڪ
ٻائي جيرامداس جو چيلو ٻائو سنتو ڪداس ٿيو. جو
هاڻي حيدرآباد واري درٻار ۾ رهي ٿو. ٻائو ڪرنداس
ٻي سموري درٻار جي ملڪيت جو مالڪ ٿيو. هميشہ جي
دستور موجب حيدرآباد واري درٻار ۾ رات ڏينهن
ستسنگه ۽ ڪيرتن ٿئي ٿو ۽ لنگر جاري آهي. درٻار جا
شهر حيدرآباد ۾ اڪترائي گهٽي ۾ آهي. ان درٻار جا
گهڻا سکه شيوڪ آهن، جنجو ٻائي گرپت صاحب جي درٻار
۾ صدق ۽ شرڌا آهي.
شري اڏيرو لال صاحب
حيدرآباد ضلع جي هالن تعلقي ۾ اڏيرو لعل ريلوي اسٽيشن کان پنج
مئل پري شري اُڏيري لعل صاحب جو پرسڌ اسٿان آهي.
سنڌ ۾ اهو هندن جو مکيه تيرٿ اسٿان آهي. نه فقط
سنڌ پر پنجاب، ڪڇ، گجرات، احمدآباد جا شرڌالو
ماڻهو شري اڏيري لعل صاحب جي اسٿان تي مٿو ٽيڪڻ ۽
درشن ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. سنڌ ۾ شري اڏيري لعل صاحب
هندو ڌرم جي سهائتا لاءِ ورڻ ديوتا جو اوتار ورتو
آهي. شري اڏيري لعل صاحب جو اسٿان هڪ عاليشان اُچي
عمارت تي هندن لکين روپيا خرچ ڪيا آهن، اهو اسٿان
هندو پئنچاتين جي مقرر ڪيل ٽرسٽين جي سنڀال هيٺ
آهي. پئنچن هڪ ٻائي کي ان اسٿان جي سنڀال لاءِ
مقرر ڪيو آهي. ان اسٿان ۾ پڻ هڪ جوتي اسٿان آهي.
جنهن ۾ لعل صاحب جي اکنڊ جوت جڳي ٿي. روز مره سوين
ياتري شري اڏيري لعل صاحب جي درشن ڪرڻ لاءِ اچن
ٿا. چند چنڊ تي وڏو ميلو ان اسٿان تي لڳي ٿو. چيٽي
چند ۽ اَسو جي چندن تي وڏا شاهي ميلا لڳن ٿا. جتي
لکن جي تعداد ۾ هندو ۽ مسلمان اچن ٿا. شري اڏيري
لعل صاحب جا لکين هزارين سکه شيوڪ آهن، جن جا من
گهريا مطلب شري لعل صاحب پورا ڪري ٿو. شري لعل
صاحب جا انيڪ احسان ۽ ٿورا پنهنجن سچن پيارن تي
آهن جي هردم تن من ۽ ڌن سان شري اڏيري لعل صاحب جي
شيوا ڪن ٿا، هزارين شيوڪ آهن جي هرهڪ چنڊ تي شري
لعل صاحب جي درشن ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا. جنجي جهڙي ۽
جيتري شري لعل صاحب شرڌا ۾ آهي تنجي تهڙي، تيتري
من گهري مراد شري لعل صاحب پوري ڪري ٿو. جيسين
هندو ڌرم قائم هوندو ۽ جيسين دنيا هوندي تيسين شري
اڏيري لعل صاحب جو اسٿان قائم هليو ايندو.
شري اڏيري لعل صاحب جي اوتار وٺڻ جي وارتا هيٺين ريت اهي. اٽڪل
ساڍا نؤ سؤ ورهيه اڳي سنڌ ۾ مسلمان بادشاه مرکه
نالي هو. هو سمو ذات جو هو، هنجي گادي جو هنڌ ٺٽو
ننگر هو. ٺٽو اڳي سنڌوندي جي ڪپ تي وڏو شهر هوندو
هو. مرکه بادشاهه هڪ ڏينهن اهو خيال ڪيو ته پنهنجي
سنڌ جي هندو پرجا کي زوريءَ مسلمان دين قبول
ڪرائجي. هندن بادشاه جي اها ڳالهه نه مڃي. تنهن
ڪري بادشاه هنن تي ظلم ۽ سختيون ڪرڻ لڳو ۽ هنن کي
زوريءَ مسلمان دين قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو اهو
وقت هندن جي ڀير جو هو. سنتن، برهمڻن جي پرارٿان
تي جوتي سروپ شري ورڻ ديو شري اڏيري لعل صاحب ديا
ڪري سنڌ ديش جي نصرپور شهر ۾ ڀڳت رتن راءِ جي گهر
۾ اوتار ورتو. هندن جڏهن آڪاش واڻي ٻڌي ته ڀڳوان
سهائتا لاءِ اوتار وٺي ڀڳت رتن راءِ جي گهر نصرپور
۾ آيو آهي تڏهن ڏاڍا خوش ٿيا. هنن بادشاهه کي چيو
ته هاڻي اسانجو سهائتا ڪندڙ نصرپور ۾ جنم وٺي آيو
آهي. اوهان سان هو پاڻيهي گڏبو. بادشاه مرکه کي
هندن جي ان ڳالهه تي ته ڪهڙي طرح ايشور اوتار وٺي
اسان جو چولو ڌاري هندن جي اچي سهائتا ڪندو،
اعتبار نه آئي. پر تڏهن به هن چيو ته آءٌ ترسان ٿو
ڏسان ته ڪهڙي طرح توهانجو ستگورو اوهانجي سهائتا
ڪري ٿو.
شري اڏيري لعل صاحب جي اوتار ڌارڻ جي سڌ جهٽ هنڌين ماڳين پکڙجي
ويئي. سنڌ جا هندو خوش ٿي چوڻ ڳا ته ڏاڍو سٺو ٿيو
هاڻي اسانجو ڌرم رهجي ايندو. مرک بادشاه جو وزير
آهئيو نالي وارو هو. مرکه بادشاه هنکي حڪم ڏنو ته
تون نصرپور ۾ وڃي اها سڌ وٺي اچ، ته برابر هندن جو
اوتار نصرپور ۾ پيدا ٿيو اهي ۽ اها به خبر وٺي اچ
ته هو ڪهڙي منزل جو ولي الله ۽ اولياءُ آهي. اهئيو
وزير نصرپور اچي رتن راءِ جي گهر ٻالڪ جي درشن ڪرڻ
لاءِ ويو. اهئيو وزير جيئن ٻالڪ جي ويجهو ويو تيئن
هنکي مورڇا وٺي ويئي. هنکي ان مورڇا ۾ شري امرلعل
صاحب جون انيڪ ليلائون ۽ اچرج ڏسڻ ۾ ايا. اهئي
وزير ٻالڪ جي منهن جي سوڀيا ڏسي وسميءَ ۾ پئجي
ويو. اتيئي ڏٺائين ته لعل صاحب ٻالڪ نه آهي پر
سورهن ورهين جو هڪ نوجوان پينگهي ۾ لڏي رهيو آهي.
وري کڻي پنگهي ڏانهن نظر ڪري ته پينگهي ۾ نڪي ٻالڪ
ته نڪو نوجوان پر هڪ سفيد ڏاڙهي وارو بزرگ ويٺو
آهي. اهڙي طرح جدا جدا روپ ڏسي وزير ڏاڍو حيران
ٿيو. هنکي هاڻي پڪ ٿي ته شري اڏيرو لعل صاحب بيشڪ
ڀڳوان جو اوتار آهي. اڃان نصرپور ۾ شري امر لعل
صاحب اڳيان بيٺو هو ته هن ڏٺو ته شري امر لعل صاحب
گهوڙي تي چڙهيو ٺٽي شهر جي ٻاهران بيٺو آهي ۽ پڻ
ساڳي وقت ڏٺائين ته هڪ پاسي براهمڻ، ساڌو ۽ ٻيا
شهر جا ماڻهو سندن استتي ڪري رهيا آهن ته وري ٻئي
طرف کان جل جا جيوَ ماڻهن جو روپ ڌاري لشڪر ٺاهي
بيٺا آهن. مٿان وري ديوتائن گلن جي روکا ڪئي آهي ۽
مرک بادشاه پاڻ سان امير ۽ وزير وٺي شري اڏيري لعل
صاحب جي اڳيان سوغاتون ڀيٽائون رکي سندس اڳيان سر
نوايو آهي. شري اڏيري لعل صاحب جا اهي اچرج ڏسي
اَهئي وزير هٿ جوڙي لعل صاحب جي پيرن تي ڪري، هي
عرض ڪيو ته سائين! اوهان خدا تعاليٰ جا ولي ۽ قدرت
جا ڌڻي آهيو، منهنجا گناه مونکي بخشيو. مان سمورو
حال وڃي بادشاه سان ڪريان ٿو. تنهن کانپوءِ اهئيو
وزير ڪيتريون سوغاتون شري اڏيري لعل صاحب اڳيان
رکي موٽي ٺٽي آيو ۽ اچي سموري حقيقت مرکه بادشاه
کي ڏني. ته اوهان هندن سان وڌيڪ ظلم نه ڪريو.
اوهان لعل صاحب اڳيان پنهنجون خطائون بخشايو. وزير
واتان شري اڏيري لعل صاحب جون ڪرامتون ٻڌي مرک
بادشاه ڊنو. هن پڪ سان ڄاتو ته شري اڏيرو لعل صاحب
رواجي انسان نه آهي. هنجي سامهون ٿيڻ ۽ مقابلو ڪرڻ
آهي پنهنجون پاڙون پٽائڻ ۽ پنهنجو ناس ڪرڻ. مرکه
بادشاه اهئي وزير کي حڪم ڏنو ته تون ٺٽي اڳيان
وهندڙ درياه اڳيان ويهي لعل صاحب جو ڌيان ڪر ته
لعل صاحب هتي ٺٽي ۾ اچي اسانکي ملندو. اهيئي وزير
بادشاه جي حڪم موجب ائين ڪيو ٿوري دير ۾ درياه مان
انيڪ شبد ٻڌڻ ۾ آيا ۽ درياه موج ۾ اچي لهرون هڻڻ
لڳو. تنهن کانپوءِ شري اڏيرولعل صاحب هڪ سندر
سوڀياوان جوان جو روپ ڌاري درياه مان گهوڙي تي
سوار ٿي ٻاهر نڪتو. ان وقت لعل صاحب جي هٿ ۾ جهنڊو
هو ۽ ٻئي هٿ ترار هئي ۽ مٿي تي سونو ڇٽ رکيل هو.
لعل صاحب جي پٺيان انيڪ جوڌا جوان هاٿين ۽ گهوڙن
تي سوار هئا ۽ ڪيترو سارو پيادو لشڪر هو. ان صاحب
جي سوڀيا جو بيان ڪير ڪري سگهندو. اهيئور ورتر لعل
صاحب جي ليلا ڏسي هٿ جوڙي لعل صاحب اڳيان بيهي لعل
صاحب جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. اهئي وزير هٿ ٻڌي شري لعل
صاحب کان پڇيو ته سائين اوهان ڪير آهيو؟ تنهن تي
شري امر لعل صاحب وراڻي ڏني ته مونکي لوڪ جلپت ڪري
سڏينٿا. اڏيرو لعل به منهنجو نالو آهي. مان ورڻ
ديوتا، ندين جو راجا آهيان. مان پنهنجن ڀڳتن جا
ڪارج پورا ڪريان ٿو. جهڙيون جهڙي ڀاونا مون ۾ رکي
منهنجو سمرن منهنجا ڀڳت ڪن ٿا، تهڙو تهڙو ڦل مان
هنن کي ڏيان ٿو. تون مونکي جل جو سروپ ڄاڻ.
شري اڏيرو لعل صاحب اَهئي کي چيو ته هاڻ اسين تنهنجي بادشاه سان
ملاقات ڪنداسين. اهئي وزير وراڻي ڏني ته هائو
سائين! ائين چئي هو لعل صاحب اڳيان هلڻ لڳو. لعل
صاحب پٺيائنس سندس سڄو لشڪر هلڻ لڳو. اهئي وزير
ڏٺو ته بيشمار لشڪر درياه مان نڪتو اهي جو لعل
صاحب پٺيان قطارون ٺاهي پيو اچي. تنهن تي اهئي
وزير لعل صاحب کي وينتي ڪئي ته بادشاه کي اوهان
سان جنگ ڪانه جوٽڻي آهي. اوهان مهرباني ڪري لشڪر
کي پٺتي هٽايو. تنهن تي لعل صاحب لشڪر کي حڪم ڪيو
ته درياه ۾ سمائجي وڃو. ٺٽي جا سڀ هندو لعل صاحب
جو ٺٽي ۾ پڌارجڻ ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا هو لعل صاحب جي
درشن ڪرڻ لاءِ ڊوڙي آيا. سڀئي هندو لعل صاحب جو
درشن ڪري جيءَ جيءَ شبد اچارڻ لڳا ۽ لعل صاحب جا
گڻانواد ڳائڻ لڳا.
اهئي وزير مرک بادشاه کي لعل صاحب جي پڌارجڻ جي سڌ ڏيڻ ويو.
جيڪا حالت هن ڏٺي هئي سا سموري بادشاه کي
ٻڌايائين. مرکه بادشاه جڏهن پريان لعل صاحب جو
درشن ڪيو، تڏهن هنجي ڏيا ۽ حشمت سڀ هارجي ويئي. هن
ڊوڙي وڃي لعل صاحب جي چرنن تي ڪريو ۽ گهڻي مان ۽
شان ۽ عزت سان لعل صاحب کي پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو
۽ اهئي وزير بادشاه سان سموري حقيقت ڪئي ته ڪهڙي
طرح شري اڏيرو لعل صاحب ڪٽڪ سميت درياه شاه مان
ٻاهر نڪتو آهي. هي صاحب بيشڪ هندن جو ولي آهي.
شري اڏيري لعل صاحب مرک بادشاهه کي هدايت ڪئي ته
هندو ۽ مسلمان ۽ سڀ جيؤ ڀڳوان جا خلقيل آهن ڌڻي
صاحب هڪ آهي. پر هن انيڪ ڌرم ۽ مذهب پيدا ڪيا آهن.
تون هندن تي ظلم نه ڪر ۽ هنن کي مسمان دين قبول
ڪرڻ لاءِ لاچار نه ڪر.
مرک بادشاه ڪو دشٽ هو. هن لعل صاحب کي اڪيلو ڏسي خيال ڪيو ته
لعل صاحب کي قيد ڪجي. لعل صاحب نه ڄاڻي ڄاڻڻ هار
هئا. هنن مرک بادشاه کي چيو ته اي بادشاه! تون وڏو
مورک آهين. تون مونکي قيد ڪري نٿو سگهين. جڏهن
بادشاه جا سپاهي شري اڏيري لعل صاحب کي جهلڻ آيا
تڏهن هو وڏو ڀيانڪ آواز ڪري درٻار مان غائب ٿي ويو
ڪنهن کي به ان ڳالهه جي سڌ نه رهي ته لعل صاحب
ڪيڏانهن ويو.
مرکه بادشاه تنهن تي هندن کي چوائي موڪليو ته اوهانجو مرشد گيدي
ٿي ڀڄي ويو ۽ اوهان هاڻي ماٺ ڪري مسلمان دين قبول
ڪريو. هندن لعل صاحب کي درياه جي ڪپ تي اچي پڪاريو
ته هي لعل سائين! اسانجي سهائتا ڪر. هندن جي پڪارڻ
تي لعل صاحب ڪنٺي تي اچي پرگهٽ ٿيو. هندن درياه جي
ڪنٺي تي هڪ عاليشان مندر اڏيل ڏٺو. سڀ هندو ان
اسٿان ۾ ويهي لعل صاحب جو ڀڄن ۽ اُستتي ڪرڻ لڳا.
تنهن کانپوءِ لعل صاحب جل جو سروپ ڌاري مرکه جي
محلات ۾ اچي پرگهٽ ٿيو. محلات ۾ ايترو ته پاڻي
ازغيبي اچي پيدا ٿيو جو لشڪر جا سپاهي، بادشاه ۽
قاضي پاڻي ۾ ٻڏڻ ۽ غوطا کائڻ لڳا. هنن سڀني کي اچي
دپ لڳو ته هاڻي الائي ڇا ٿيندو. هو وڏي ڪوشش سان
ٻاهر نڪتا. مرک بادشاه پاڻ ڀڄي وڃي لڳو ۽ حڪم
ڪيائين ته اڏيري لعل صاحب کي قيد ڪري مون وٽ وٺي
اچو. شري امر لعل ٺٽي جي مسلمانن کي ڪڏهن جوتي جي
روپ ۾ پرگهٽ ٿي ڏيکاريو ته ڪڏهن هوا جي سروپ ۾ ته
ڪڏهن جل جي روپ ۾ تنهن کانپوءِ لعل صاحب اگني
ديوتا کي حڪم ڏنو ته جيڪي ٺٽي جا مسلمان آهن تنکي
ساڙي ڀسم ڪر. ٺٽي جي مسلمانن جي جاين کي باه وڪوڙي
ويئي. سڀ مسلمان ڊڄي جايون ڇڏي ٻاهر شهر کان نڪري
آيا. سڀني مسلمانن جو ڏاڍو برو حال ٿيو. مرکه
بادشاه ۽ ٻيا مسلمان درياه جي ڪپ تي اچي لعل صاحب
کان پنهنجا گناه بخشائڻ لڳا. بادشاه جي گهڻي
پڇتاءُ ڪرڻ تي لعل صاحب درياه جي ڪپ تي پرگهٽ ٿي
سڀني کي درشن ڏنو. مرک بادشاه ۽ ٻيا مسلمان لعل
صاحب جي پيرن تي ڪري ڏوه بخشائڻ لڳا. مرک بادشاه
کي لعل صاحب حڪم ڏنو ته تون سنڌ جي هندن کي مسلمان
ڪرڻ جو خيال اصل لاهي ڇڏ. تون هندن ۽ مسلماننکي هڪ
جهڙو ڪري سمجهه. مرک بادشاه آڻ مڃي هٿ ٻڌي وينتي
ڪئي ته مان هاڻ هندن سان مسلمانن وانگر هلت ڪندس ۽
ساڻن زور ظلم نه ڪندس. شري اڏيري لعل مرک بادشاه
جي پٺي ٽپري هنکي موڪل ڏني. تنهن کانپوءِ مرکه
بادشاه هندن سان رحم جي هلت هلڻ لڳو ۽ هن ڪڏهن به
هندن جي ڌرم ۾ دست اندازي نه ڪئي. ڳالهه ٿا ڪن ته
نصرپور ۾ شري اڏيرو لعل صاحب ٻارهان سال هندن کي
عجيب ليلائون ڏيکاريون ۽ هندن کي جل ۽ جوت جي شيوا
ڪرڻ جي وڌي سيکاري.
جڏهن لعل صاحب 12 ورهين جي ڄمار جا ٿيا، تڏهن ويچار ڪيائون ته
هندن لاءِ اهڙو اسٿان سنڌ ۾ اڏائجي جو هندن لاءِ
سنڌ ۾ هڪ تيرٿ جي جاءِ ليکجڻ ۾ اچي. اهو ويچار ڪري
لعل صاحب ٺڪر کيٽورام پنهنجي ڀاءُ کي چيو ته اوهان
نصرپور رهو اسين موٽي ٿا اچون. لعل صاحب پنهنجو
ڀائٽيو ڪوڏڻ ساڻ ڪري نصرپور کان ٻاهر نڪتا ۽
گهمندا ڦرندا ڏهه ميل نصرپور کان پري هالن تعلقي ۾
جهيجن جي ڳوٺ ۾ اچي پهتا. اتي هڪ ٻڍو مسلمان نالي
ممڻ هنن کي پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو ڏسڻ ۾ آيو. لعل
صاحب ممڻ کان پڇيو ته پريا مڙس! کوه، لاڳو ٻني
وڪڻندين. ممڻ ٻه ڇوڪرا ڏسي چوڻ لڳو ته ٻار ٿي، مون
ٻڍي سان چرچا ٿا ڪريو. اوهان وٽ پئسا ڪٿان آيا جو
کوه ٿا خريد ڪريو.
لعل صاحب وراڻي ڏني ته پريا مڙس! کوه خريد ڪرڻون آهي جيڪي پئسا
گهرندين سي توکي ملندا. تون فقط کوه ڏيڻون ڪر ته
توکي پئسا اتي جو اتي ڏيون. تنهن کانپوءِ ممڻ جي
ڏسندي لعل صاحب نيزي سان ڌرتي تي ٻه ليڪا ڪڍيا ۽
زمين کي ٿورو کوٽيو ته اڪيچار سون ۽ جواهر ان هنڌ
ڏسڻ ۾ آيا. ممڻ لعل صاحب جي اها ڪرامت ڏسي، سمجهڻ
لڳو ته هي ٻالڪ شايد نصرپور وارو هندن جو ولي آهي.
هنکي کوه ضرور عام خلق جي سکه لاءِ گهربو. کوه
اهڙي خير جي ڪم ۾ اچي. تنهن کان وڌيڪ دنيا ۾ بيو
ڪهڙو ثواب جو ڪم ٿي سگهندو. پر ان بابت پهريائين
زال سان صلاح ڪريان ته هنجو ڪهڙو رايو آهي. ممڻ
لعل صاحب کي وراڻي ڏني ته اوهان ترسو مونکي پنهنجي
زال سان صلاح ڪرڻي آهي. ٿوري وقت کانپوءِ ٻئي زال
مڙس گڏجي آيا. هنن لعل صاحب کي چيو ته اوهان ولي
خدا جا آهيو، اهانکي کوه عام خلق جي سک لاءِ گهرجي
ٿو اهو اوهانجي ملڪ آهي ۽ ان سان گڏ هي زمين ٽڪر
به کڻو. اسانکي اولاد ڪونه ٿيو آهي، ديا ڪري
اسانکي اولاد جي بخشيش ڪريو. جو اولاد اسانجو
اوهانجي ٺهرايل اسٿان تي مجاور ٿي ڪم ڪري ۽ روٽي
ٽڪر حاصل ڪري. لعل صاحب ممڻ ۽ سندس زال کي ور ڏنو
ته توهانکي اولاد ٿيندو. جيڪڏهن اهو هن درٻار جي
خدمت ڪندو رهندو ته ان کي بک ڪانه رهندي. ممڻ کي
ان ڏنل ور موجب اولاد ٿيو جو مجاور ٿي ان اسٿان جي
خدمت ڪري ٿو.
لعل صاحب کي ڇانؤ جي گهرج ٿي. لعل صاحب پنهنجو لڪڻ کڻي زمين ۾
کوڙيو ته اهو ڦري وڏو کٻڙ جو وڻ ٿي پيو. ٻئي ڄڻان
کٻڙ جي ڇانؤ ۾ ٿي ويٺا. جهيجن جي ڳوٺ جي ماڻهن جو
ٻڌو ته لعل صاحب وٽن آيو آهي سي ڏاڍا خوش ٿي لعل
صاحب وٽ درشن ڪرڻ لاءِ آيا. لعل صاحب ٿورو وقت
جهيجن ۾ رهي اُتي وڏي درٻار اڏرائي جنهن ۾ روز
ستسنگ، ڀڄن ڀاءُ، ميلا، ڀنڊارا ٿيڻ لڳا.
لعل صاحب سنبت 1020 بڊي سڏي چوڏس ڏينهن کٻڙ جي وڻ وٽ اچي بيٺا
ته ڌرتي پاڻ مرادو ڦاٽ کاڌو ۽ جل جي لهر ڏسڻ ۾
آئي. ۽ شري اڏيرو لعل صاحب گهوڙي سميت اتي انتر
ڌيان ٿي ويا. اهو اچرج جهڙو ڏيک ڏسي هندو مسلمان
تپرس ۾ پئجي ويا. ٺڪر ڀڳر جنهن جاءِ تي لعل صاحب
انتر ڌيان ٿيا هئا تنهن جاءِ تي هڪ جهنڊو کوڙي
ڇڏيو. تنهن کانپوءِ ان جاءِ تي هڪ مندر ٺهرايو
ويو. ممڻ واري کوه جي مرامت ڪئي ويئي. ان کوه کي
ٻالنڀو سڏجي ٿو. ٻالنڀي کوه ۾ جنهن سنان ڪيو تنهن
ڀانيون ته گنگا ندي جو سناڻ ڪيو. ڳالهه ٿا ڪن ته
مرکه بادشاه ڳچ پئسا ان اسٿان جي اڏائڻ بلي خرچ
ڪيا هئا.
سائين دلپتراءِ صاحب صوفي فقير جو اسٿان
شهر حيدرآباد ۾ سپاهيملاڻي گهٽي ۾ سائين دلپتراءِ صاحب صوفي جو
پرسڌ اسٿان آهي. ان اسٿان کي برپا ٿئي اٽڪل ڏيڍ سؤ
ورهيه ٿيندا. اسٿان جو برپا ڪندڙ ديوان دلپتراءِ
صوفي درويش هو. ان اسٿان جي گادي نشين جو شجرو
هيٺ ڏجي ٿو.
ڀائي دلپترام صاحب
سائين ڪيسورام صاحب
سائين هريرام صاحب
سائين آتمارام صاحب
سائين آنندرام صاحب
سائين هاسارام صاحب
هن پوتر اسٿان تي مٿين سنتن جون چاکڙيون ۽ تصويرون رکيل آهن. هن
پوتر اَسٿان تي مٿين درويشن ايشور پرماتما جو ڀڄن
ڪيو آهي ۽ پنهنجي واڻي اُچاري آهي. هن اَسٿان جو
وايو منڊل اهڙو پوتر ۽ سانتيڪو آهي جو ڪجهه وقت ان
اسٿان تي وهڻ سان دل کي آرام ۽ راحت حاصل ٿئي ٿي.
هن وقت ان درٻار جو گاديسر سائين هاسرام صاحب هڪ
نماڻو ۽ سچو ايشور ڀڳت آهي. هنجو دنيوي ڳالهين سان
لاڳاپو ڪونه آهي. سڄو ڏينهن هو ايشور پرائڻ ۽ ست
شاستر ويچارڻ ۾ سڦلو ڪري ٿو. رات جو آرتي ۽ شبد
ڪيرتن ۽ يوگا، وشسٽ شاستر جي ڪٿا ان درٻار ۾ ٿئي
ٿي. ڪيترا شرڌالو سک شيوڪ درٻار جا آهن. جي من جون
مرادون هن اسٿان جي اڳين درويشن پوريون ڪيون آهن.
اسٿان تي درويشن جي چاکڙين ۽ تصويرن اڳيان نمڻ سان
دل ۾ امنگ اُٿن ٿا.سال به سال مٿين درويشن جون
ورسيون ۽ ميلا لڳندا آهن جي فقيراڻي نموني ۾
ملهايا ويندا آهن.
سائين دلپترام صاحب جا مختصر جيون چرتر هيٺ ڏجن ٿا.
سائين دلپترام صاحب صوفي اصل ويٺل سيوهڻ جا هئا. سندن جنم سن
1769ع ۾ ٿيو هو. ميرن جي صاحبي ۾ ڪاردار هئا.
نوڪري جي ڏينهن ۾ هڪ دفعي سيوهڻ تعلقي ۾ گشت تي
هئا. ته اتي کين سڌ ملي ته مهاتما ڀائي آسرداس
صاحب بوبڪ ۾ آيا آهن. اها خبر ٻڌي سائين دلپترام
ڀائي آسرداس صاحب جي درشن ڪرڻ لاءِ بوبڪن ۾ ويا.
هنن واتان ٻه ٽي امولڪ وچن ٻڌائون ته سندن دل تي
اهڙو اثر ٿيو جو هڪدم اوڏي مهل لکپڙه جي رستي
پنهنجي ڪوٽار هٿان مير صاحبن ڏانهن نوڪريءَ جي
استعيفا ڏياري موڪليائون.
ڀائي آسرداس صاحب اصل خيرپور جا ويٺل هئا ۽ پوءِ ميران پور
تعلقي گونيءَ ۾ لڏي وڃي ويٺا. هو جهرڪن وارن صوفي
فقير صاحب فضل الله صاحب جا مريد هئا. سائين
دلپترام صاحب ڀائي آسرداس صاحب پنهنجي ستگروءَ جي
سانده ست سال صحبت ڪئي ۽ ان کان اپديش ورتو ۽ انجي
سچي دل سان شيوا ڪئي. سائين دلپترام صاحب کي سندن
مائٽن ننڍي هوندي ئي مڱائي ڇڏيو هو. آخر ستن سالن
گذرڻ بعد سندن شادي ٿي. کين هڪ نياڻي ۽ چار پٽ
ڄاوا. سندن اولاد اڃا سيوهڻ ۾ رهي ٿو. سائين
دلپترام صاحب حشمت وارا اهڙا هئا، جو ڪنهن کي به
همت نه ٿيندي هئي جو کڻي ساڻن اجائي سجائي گفتگو
ڪري يا گستاخ پوي هو بدن جا قداوار هئا. اکيون
وڏيون هين جي سدائين لعل رهنديون هيون. هو سهڻي ۽
شاندار شڪل وارا هئا. اڪثر کٽ تي وهندا هئا. ۽
پاسي کان تلوار رکي هوندي هين. مڙس توڪلي به اهڙا
هوندا هئا، جو هر روز سج لٿي کانپوءِ سيڌي پاڌي
رکڻ جا ٿانءَ، بلڪ پاڻيءَ جا مٽ دلا به خالي ڪرائي
ڇڏيندا هئا. چوندا هئا ته سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان
هو عابد ۽ زاهد فقير هئا. سائين جن ڪارداري ڇڏڻ
کانپوءِ ڪوبه ڌنڌو يا نوڪري ڪانه ڪئي. سمورو وقت
ايشور ڀڳتي، پراڻايام ۽ يوگ اڀياس ۾ گذاريندا هئا.
هو صاحب حاذق حڪيم هو. فيض شناسي ته ڪو کائن سکي.
؟شعر گوئي به الائي ڏات هين. سندن ڪيترو عمدو
ڪلام، پارسي، اُڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ رچيل آهي. سندن
واڻي ڇپائڻ جي سخت منع ٿيل آهي.
سائين دلپترام صاحب ڪجهه وقت سيوهڻ ۾ ڪجهه وقت جهوڪ شريف ۽ ڪجهه
وقت سانگهڙ پاسي ڪبير جي کوه تي سائين فصل الله
شاه صوفيءَ جي صحبت ۾ رهندا هئا. پڇاڙيءَ جو
حيدرآباد ۾ سپاهيملاڻي گهٽي ۾ اچي رهيا. سندن
هيٺيان چار شش هئا:-
سائين ڪيشورام صاحب (2) ڀائي کيمچند صاحب ڪرپالاڻي (3) ڀائي
ڀوڄنداس صاحب جئوئين وارو (4) ڀائي گنگارام صاحب
جهانگرن وارو. سائين دلپترام صاحب جو سائين
ڪيشورام صاحب سپاهيملاڻي تي هٿ هو. هنکي پنهنجي
گادي ۽ گهر واري جاءِ ٽڪاڻي سميت ڏنائون سنڌ جا
مير صاحب سائين جنکي گهڻي عزت ڏيندا هئا. ميرن
ڪجهه به وٺڻ تي اچن ها ته گهڻوئي وٺي سگهن ها پر
سائين لاطبع ۽ بي پرواه هو. مير صاحبن کين جاگيرون
آڇيون پر سائين جن وٺڻ کان ناڪار ڪئي. سائين جن
يوگ اڀياس به ڪندا هئا. سندن شڪل سدائين پيئي
ٻهڪندي هئي. سندن شرير سدائين گرم هوندو هو ۽ سندن
وات مان ڪوسي ٻاڦ پيئي نڪرندي هئي. هو صاحب سدائين
درد ۾ رهندا هئا. سندن اڳيان ٻئي ڪنهن کي به درد
جي ڪافين چوڻ جو حڪم نه هو. ته متان گهڻي درد وچان
سندن دل ٽٽي نه پوي. سندن ڪلام سندن اسٿان تي رکيل
آهي. سندن ڪلام ڏيکاري ٿو ته ڀائي صاحب شري ڪرشڻ
ڀڳوان جي سچي پريم ۾ گهڻي قدر رتل هئا. سندن تخلص
”دلپت، هو. سال 1849ع ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ ديولوڪ
پڌاريا. شرير پنهنجي ڳوٺ سيوهڻ ۾ ڇڏيائون. سندن
تصوير ۽ جاکڙيون ۽ گادي سپاهيملاڻي گهٽي ۾ سندن
اسٿان تي رکيل آهن.
سائين ڪيشورام صاحب
سائين ڪيشورام صاحب وڏا ڪامل نر صوفي فقير ٿي گذريا آهن. هي
صاحب سدائين پنهنجو سمورو وقت منهن مڙهيءَ پائي
گذاريندا هئا. سندن پتا جو نالو ديوان هوتچند
سپاهيملاڻي هو. سائين جنکي ٻالڪ اوسٿا کان وٺي
وئراڳ هو. سائين دلپترام صاحب جي صحبت ۾ گذارڻ
لڳا. کين سندن پتا ميرن جي کرن تي تحصيلداري وٺي
ڏني. جتي هي صاحب فقيرن کي سداورت ۽ اَن دان ڪرڻ
لڳو. مائٽن سندن شادي ڪرائي ته من دنيا جي پاسي
لاڙو ٿئين. مگر شادي ڪرڻ کانپوءِ به سندن وئراڳ
واري ورتيءَ ۾ ڦيرو ڪونه آيو. ساڳي وئراڳ وان ورتي
هلندي آين.
سائين ڪيشورام صاحب، سائين دلپترام صاحب جي ديولوڪ پڌراجڻ
کانپوءِ سندن گاديءَ تي ويٺا. هو ڀائي دلپترام
صاحب جي ساڳي صورت هئا. سائين جن فقيرن کي ڪپڙو ۽
اَن دان ڏيندا رهيا. دواري تي جيڪو ايندو هو،
تنهنجي خذمت ڪندا هئا ۽ هن کي روٽي کارائي پاڻي
پياريندا هئا. سندن اڳيان سدائين حقو ٺهيو رکيو
هوندو هو. هو سدائين ايشور پرائڻ رهندا هئا ۽
ڪڏهين به دنيوي ڳالهه جو خيال نه ڪندا هئا. شرير
جي اهڙي ورتي هين جو ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي سندن
حقي جي چڻنگ اوچتو اچي سندن گادي تي پيئي ته به
ڀائي صاحب کي سڌ به نه رهي، هو ان وقت ايشور جي
ڀڄن ۾ ايتري قدر ته محو هئا جو مٿي ماڙيءَ تي شنڪر
ڀارتي رهندو هو، تنهن اچي باه وسائي. ڀائي صاحب
رات جو هڪ ڪلاڪ ۽ ڏينهن جو ٻه ڪلاڪ آرام ڪندا هئا
۽ ٻيو سمورو وقت ايشور جي ڀڄن ۾ سڦلو ڪندا هئا.
سائين جن سال 1889ع ۾ 75 ورهين جي ڄمار ۾ ديولوڪ
پڌاريا. سندن ٻه فرزند ڀائي هريرام صاحب ۽ ڀائي
آتمارام صاحب هئا. سائين جن جي واڻي سنڌي ۾ گهڻي
رچيل آهي.
سائين هريرام صاحب
سائين ڪيشورام صاحب کانپوءِ سندس وڏا فرزند گادي تي ويٺا. سائين
هريرام صاحب جي نياز ۽ نينهن جي واکاڻ ڪيتري ڪري
ڪيتري ڪجي. شروعات ۾ نوڪري ڪندا هئا، پر پوءِ
نوڪري ڇڏي پنهنجي پتا جي خذمت ڪرڻ لڳا. هو صاحب
پنهنجي پتا جي ڏينهن به يوگ اڀياس ڪري رچي راس ٿيا
هئا. سائين هريرام صاحب مسڪينيءَ جي مورت ۽ عشق جي
صورت هئا. سندن واڻي رچيل آهي. سندن تخلص مسڪين
هو. جوانيءَ ۾ شرير تياڳي ديولوڪ پڌاريا.
سائين آتمارام صاحب
سائين هريرام صاحب کانپوءِ سندن ننڍو ڀاءُ سائين آتمارام صاحب
گادي تي ويٺو. سائين آتمارام هڪ نماڻي صورت هو. هو
صاحب يوگ اڀياس ڪندا هئا. وڏن وانگر دروازي تي
جيڪو ايندو هو تنهن کي روٽي کارائي پاڻي پياريندا
هئا. روز رات جو ستسنگ ٽڪاڻي ۾ ٿيندو هو. سال
1914ع ۾ ديولوڪ پڌاريا.
سائين: انندرام صاحب
سائين آتمارام صاحب کانپوءِ سندن وڏو فرزند سائين انندرام صاحب
گادي نشين ٿيا. هن صاحب جي ڏينهن ۾ درٻار جي سکي
شيوڪي وڌي. سائين انندرام صاحب هڪ نماڻي مورت هئا.
پنهنجن وڏن وانگر گوشي نشين ٿي گذاريندا هئا. سال
1917ع ۾ جواني اوسٿا ۾ ديولوڪ پڌاريا.
سائين هاسرام صاحب
سائين انندرام صاحب جن ديهه تياڳڻ کانپوءِ سندن ننڍو ڀاءُ
هاسرارام صاحب گادي تي ويٺا. هن صاحب وڏن واري پر
اختيار ڪئي آهي. هن وقت ان درٻار جي گادي تي
براجمان آهن.
اداسين آشرم درٻار صاحب هالاڻي
درٻار صاحب هالاڻي سنڌ ديش ۾ اُداسي ساڌن جو ٺاهيل مشهور ۽
نامور آکاڙو، آشرم آهي. جنهن ۾ انهن ساڌن سنتن جا
پشت به پشت چيلا وهندا آيا آهن. انهن سڀني مهمتن
جو احوال ۽ سندس گرو نالي هن هيٺ ڏجي ٿو. هي احوال
پڙهي پڙهندڙ انهن مهاتمائن جي آچرڻ ۽ اُپديش موجب
هلي پنهنجو جنم سڦل ڪندا.
هالاڻي درٻار صاحب جو پايو وجهندڙ سوامي سکديو صاحب هو. سوامي
سکديو صاحب جو گرو بابو ساڌرورام صاحب هو جو
افغانستان جي غزنوي شهر ۾ رهندڙ هو. بابا ساڌورام
جنکي ٻه چيلا هئا وڏو چيلو بابا پريتمداس ۽ ننڍو
چيلو سوامي سکديو صاحب وڏو چيلو بابا پريتم داس
گادي نشين هو. سوامي سکديو کي غزنوي مان مير
الهيار خان جنهن جو سچو صدي ۽ ڀاونا سوامي جن ۾
هئي تنهن سوامي جنکي وينتي ڪري سنڌ ديش ۾ سال 1787
برابر وڪرمي سنبت 1844 وٺي آيا.
مير صاحب مير الهيار خان حيدرآباد کان ڏه ڪوه پري هڪ ڳوٺ
ٽنڊوالهيار جي نالي سان ٻڌرايو. مير الهيار خان هڪ
ڪچي ضلعي جي اندر پنهنجي رهڻ لاءِ جايون ٺهرايون ۽
سوامي سکديو جن کي ضلعي جي ڀرسان هڪ وڏو هر مندر
ٺهرائي ڏنو، جنهن ۾ رهي سوامي جن گرواڻي ۽ ڌرمي
پستڪن جو پرچار ڪرڻ لڳا.
ٽنڊي الهيار ۾ رهي هڪ وڏو يگيه ڪيو ان يگيه ۾ گهڻا آدمي سوامي
جن جي درسن ڪرڻ ۽ يگيه ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آيا ۽ انهن
ڀنڊاري مان پرساد ورتو. انهن ايندڙ ماڻهن مان
هيٺيان ٽي آدمي گهر ٻار وساري سوامي جن جي شيوا ۾
رهيا ۽ سندن چيلا ٿيا.
بابا سکرامداس صاحب (2) بابا سنت ريڻ صاحب (3) بابا سنت سرن
صاحب.
ڪيترا سال ٽنڊي الهيار ۾ ستسنگ ڪري هڪ ڏينهن سوامي سکديو صاحب
جن کي اچي اهو خيال ٿيو ته جيڪر ديس ياترا ڪجي اهو
خيال ڪري پنهنجي ننڍي چيلي ٽئين نمبر بابا ست سرن
کي ٽنڊي الهيار درٻار صاحب ۾ گادي نشين ڪري پنهنجن
ٻن چيلن هرهڪ بابا سکرامداس ۽ بابا سنت ريڻ سان
گڏجي ديش ياترا ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي طرف روانا
ٿيا. حيدرآباد ۾ ڪو وقت رهي سوامي جن حيدرآباد کي
ڌرم جو پرچار ڪيو. تنهن کانپوءِ سوامي جن اچي
لڪيءَ وارن پهاڙن ۾ ڪو وقت رهيا ۽ پوءِ پهاڙن جو
رٽن ڪندي سيوهڻ شهر ۾ پهتا. سيوهڻ شهر ۾ سوامي جن
هڪ درٻار ٺهرائي ان ۾ رهي لوڪن کي ڌرم جو پرچار
ڪرڻ لڳا. ٿورا سال اتي رهي سوامي جن هڪ چيلي کي
سيوهڻ جي درٻار ۾ گادي تي وهاري پاڻ جهنگل جو رستو
ورتو.
سوامي جن تنهن کانپوءِ نوشهري ۾ پهتا. جتي پڻ هڪ ڌرمي اسٿان کين
لوڪن ارپڻ ڪيو. سوامي جن ان ۾ رهي ستسنگ ڪيو. ٿورو
وقت اتي رهي وري اڳتي رٽن ڪرڻ جي ارادي سان ٻاهر
نڪتا ۽ اچي ڪنڊياري جي شهر ۾ پهتا. شهر جي ٻاهران
هڪ ڀيانڪ جهنگل ڏسي ايڪانت ۾رهيا. پر ڀڳتيءَ جي
پرتاپ سان اتي به ڪيترا شرڌالو آيا جنکي سوامي جن
سچو راه بتايو ۽ اُپديش ڏنو. آخر ڪنڊيارو به ڇڏي
ڪنڊياري کان ٽن چئن ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ گهاٽو ۽
ڀيانڪ جهنگل ڏسي اُن جهنگل ۾ ڪچيون ڪکن جون
ڪٽيائون ٺاهي ويهي پرماتما جو ڀڄن ڪرڻ لڳا. مهراجن
جي تپشيا ۽ يوگه ڀڳتي جو اهڙو ته اچي ٽيج پرڪاس
ٿيو جو هالاڻي بهلاڻي ۽ بين ٻهراڙين جي ڳوٺن جا
ماڻهو درشن ڪرڻ ۽ امرت روپي وچن ٻڌڻ لاءِ سوامي جن
وٽ اچڻ لڳا. سوامي جن تنهن کانپوءِ ان هنڌ پڪو
اسٿان ٺهرايو. سوامي جن تنهن کانپوءِ پنهنجن ٻن
چيلن هرهڪ (1) بابا سکرامداس صاحب (2) بابا سنت
ريڻ صاحب کي درٻار ۾ رهائي پاڻ بهلاڻي واري سنت
سان گڏجي تيرٿن ڏانهن رٽن ڪرڻ لاءِ نڪتا. سوامي جن
جي غير حاضري سندن ٻن چيلن بابا سکرامداس ۽ بابا
سنت ريڻ تمام چڱي طرح ڀڄن ڀاءُ ۽ ڪٿا ڪيرٿن ڪيو
جنهن ڪري اڳي کان به وڌيڪ رنگ لڳي ويو. ڪيترا اناٽ
۽ غريب اچي درٻار ۾ رهڻ لڳا. جنکي کاڌو ۽ ڪپٽو
درٻار صاحب طرفان ملندو هو. سوامي تيرٿ ياترا ڪري
ٽنڊي الهيار واري درٻار مان ٿيندا هالاڻي واري
درٻار صاحب ۾ آيا جتي ڏٺائون ته سندن پويان سندن
چيلن اڳي کان به وڌيڪ چڱو رنگ لڳايو آهي. سوامي جن
هاڻي خيال ڪيو ته درٻار صاحب جي ڪار وار جو بوجو
هاڻي لاهي بابا سکرامداس ۽ ٻين تي وجهي پاڻ فارغ
ٿي جيڪر وڌيڪ يوگه اڀياس ۽ ايشور ڀڄن ڪجي. خيرپور
رياست جي والي مير سهراب خان جو ٻڌو ته سکديو صاحب
جنکي مير الهيار خان پاڻ سان گڏ وٺي غزنوي مان آيو
سو به هڪ دفعو سوامي جن وٽ آيو ۽ ڪڇ زمين نظراني
طور سوامي جنکي ڏني ۽ معافي پروانو سوامي جنکي ڏنو
۽ وينتي ڪيائين ته هن زمين جي پئدائش لنگر جي ڪتب
آڻجي.
درٻار صاحب جو ڪاروبار هاڻي قدر وڌي ويو. سوامي جن پڪو ارادو
ڪيو ته درٻار جي ڪم هلائڻ جو بار چيلن تي رکي هاڻ
فارغ ٿي ايشور جو ڀڄن ڪرڻ گهرجي. تنهن ڪري سال
1827 برابر وڪرمي سنبت 1884 ۾ سوامي جن درٻار صاحب
جو وڌيل ڪم ڏسي ٽن گدين تي ٽن مهنتن جي وهارڻ جو
خيال ڪيو. پنهنجي سنگهاسن تي وڏي چيلي بابا
سکرامداس کي وهاريائين تنهنجي ڀرسان ٻيو آسڻ
وجهارائي بابا شامداس صاحب کي اسٿاپن ڪيائين۽ ٽيون
آسن وجهارائي بابا سنت ريڻ جنکي ورهاريائين. پهرين
ٻن مهنتن تي شبد ڪٿا ڪيرتن جو ڪم رکيائون. ۽ ٽئين
مهنت تي لنگر، خزاني ۽ آئي وئي جي سنڀال ڪرڻ جو ڪم
رکيائون. پاڻ به ڪوٺي ۾ فارغ ٿي ايشور جو ڀڄن ڪرڻ
لڳا. سوامي جن تنهن کانپوءِ حڪم ڪيو ته چنڊ تي عام
ميڙ يعني ميلو لڳڻ گهرجي جو سڀني شرڌلو سکن کي ان
ڏينهن سعيو ڪري درٻار صاحب ۾ اچڻ گهرجي. سوامي جن
ان ڏينهن تي پنهنجي يوگ ساڌنا واريءَ ڪوٺيءَ مان
نڪري اچي شيوڪن شرڌالن کي درشن ڏيئي ڪرتارٿ ڪندا
هئا. سوامي سکديو سک ساگر جڏهن درٻار صاحب جو
ڪاروبار ٽن چيلن جي هٿ هيٺ چڱي طرح هلندڙ ڏٺو تڏهن
وري تيرٿ ياترا جي رٿن ڪرڻ جي ارادي سان سڀني کان
موڪلائي روانا ٿيا ۽ اچي ڪنڊياري پهتا. اُتي پهچڻ
سان وڪرمي سنبت 1885 برابر 1827ع ۾ ديولوڪ پڌاريا.
درٻار صاحب هالاڻي جي سوامي جنجو ڪريا ڪرم ۽ اگني
سنسڪار ڌام ڌوم سان ڪيو. سوامي جن جي نمت ڀنڊارو
ڪيو ويو. سوامي جن جي يادگار لاءِ سندن هڪ سماڌ
درٻار صاحب اُتر طرف سماڌين جي جاءِ ۾ تيار ڪرائي
ويئي.
سوامي سکديو جن جي پرلوڪ پڌارجڻ کانپوءِ به ساڳي ضلع درٻار صاحب
۾ ڪٿا ڪيرتن ۽نام جو پرچار ٿيندو رهيو. ٿوري عرصي
اندر ٻيا ساڌو به اچي درٻار صاحب ۾ رهيا، جين جا
مکيه نالا هيٺ ڏجن ٿا. (1) ڀائي سنگتداس (2) ڀائي
ساڌورام (3) ڀائي هري ساءِ (4) ڀائي هرمانند (5)
ڀائي گرشرڻ (6) ڀائي هري شرڻ. انهن ساڌن کانسواءِ
ٻيا به ڪيترا غريب اناٿ جنکي درٻار کانسواءِ ٻيو
ڪو وسيلو ڪونه هو سي پڻ اچي رهيا. درٻار جي طرفان
سڀني کي کاڌو پيتو لٽو ڪپڙو ملندو هو. سڀ پنهنجي
پنهنجي ڪوٺين ۾ ڀڄن ۽ ڪيرتن جو اڀياس ڪندا رهندا
هئا. درٻار ۾ هاڻي ڏينهون ڏينهن رونق ۽ نظارو
وڌندو ٿي ويو. مٿين 6 فقيرن مان نمبر 6 ڀائي هري
شرن تمام ڀڄنيڪ ۽ شيوا ڪندڙ هو. ايتري قدر جو جنهن
وقت شيوا ۾ رهندو هو تنهن وقت پنهنجي شرير جي سرتي
ڀلجي ويندي هيس. تنهنتي مهنتن هن سنت جي شيوا ۽
ڀڄن ڏسي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته جيڪر پاڻ ۾ چؤياري ڪجي
يعني چوٿون مهنت به ان فقير بابي هري شرن کي ڪجي.
اها صلاح پڪي ڪري هڪ شڀ ڏانهن چوٿون آسن وجهي بابا
هري شرنداس کي گادي نشين ڪيائون.
چارئي مهنت پاڻ ۾ پريم ۽ محبت رکي درٻار صاحب جو ڪاروبار
هلائيندا رهيا. ڪجهه عرصي کانپوءِ بابا شامداس
ويچار ڪيو ته جيڪو شرير وڃي تيرٿن تي تياڳجي سو هڪ
ڏينهن شام جي وقت پيرين پنڌ تيرٿن تي روانو ٿيو.
واٽ تي لاڙڪاڻي ۾ اچي بابا لالارام جي درٻار ۾
لٿا. بابا لالارام صاحب جن کان پڇو ته ڪئين نڪري
پيا آهيو. بابا جن فرمايوته تيرٿن تي شرير تياڳڻ
جو ويچار آهي. لالارام وينتي ڪئي ته سوامي جي ههڙو
تيرٿ ڪو ٻيو جو هري مندر ۾ اچي پهتا آهيو. ايترو
ٻڌي سوامي شامنداس صاحب جن هري مندر ۾ وڃي يوگ
وديا جي ٻل سان پرانايام ڪندي شرير تياڳيو. ڀائي
لالارام اهڙو عجب کيل ڏسي سن ۾ پئجي ويو. تنهن
کانپوءِ سنت جو ڪريا ڪرم وڌيءَ موجب ڪرائي درٻار ۾
هڪ کٽ ۽ سماڌ صاحب بابا شامداس صاحب جي يادگيري
لاءِ تيار ڪرائي. درٻار صاحب هالاڻي طرفان سال به
سال ڪا روڪ رقم سماڌيءَ جي شيوا ۾ ڀائي لالارام جي
درٻار وارن کي موڪليندي آهي. بابا شامداس صاحب جي
آسن تي بابا ماڻڪرام کي گادي نشين ڪيو ويو اهو
واقعو سنبت 1890 برابر 1838ع ۾ ٿيو.
سال 1839ع برابر ورڪمي سنبت 1895ع مير سهراب خان پنهنجي پٽ مير
رستم خان کي خيرپور رياست جو والي مقرر ڪري وري
ٻيو دفعو هالاڻي درٻار صاحب جي قدم بوسي ڪرڻ لاءِ
آيو ۽ اڳي ڏنل زمين جي بخشيش جو پروانو نئين سر
لکي ڏنو.
وڪرمي سنبت 1900 برابر سال 1843ع ۾ بابا سنت ريڻ صاحب جن هن
سنسار مان لاڏاڻو ڪيو. سندن آسڻ تي سندن چيلي بابا
سنتداس جن کي گادي نشين ڪيائون. وڪرمي سنبت 1905
برابر سال 1848ع ۾ بابا سکرامداس صاحب هن فاني
دنيا مان لاڏاڻو ڪيو سندس آسڻ تي سندس چيلي بابا
سنتوکداس صاحب کي گادي نشين ڪيو ويو. وڪرمي سنبت
1910 برابر سال 1853ع ۾، چوٿون مهنت بابا هري شرڻ
پڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ سندس آسڻ تي
سندس چيلي بابا گرشرڻ کي گادي نشين ڪيو ويو. ساڳي
طرح هنن چئجي مهنتن چڱو رنگ رچايو ۽ درٻار جي
ڪاروبار چکي طرح سان هلڻ لڳي. چارئي مهنت پاڻ ۾
پريم ڀاؤ سان ملي جهلي ڀڄن ڀاءُ ڪٿا ڪيرتن ۽ ڌرم
پرچار ڪندا رهندا هئا.
مهراجن جو اهو خيال ٿيو ته جيڪر ٻارهين ٻارهين مهيني ڪو اهڙو
هندو ڌرم شاستر جي آگيا پٽآندڙ پوتر ميلو لڳارائجي
جنهن تي پري پري جا شرڌالو سک به اچي ڪٿا ڪيرتن ۽
ڀڄن ڪن ۽ درٻار صاحب جو درشن جو لاڀ پرائين. آخر
وڪرمي 1910 ۾ مهراجن ويساکيءَ جو ميلو لڳائڻ شروع
ڪيو. اهو ويساکي جو ميلو هن وقت تمام زبردست
ميلولڳي ٿو. هزارن جي تعداد ۾ خلق ميلي ۾ ايندي
آهي.
انهن ڏينهن ۾ ٻيا هيٺيان سنت درٻار صاحب ۾ اچي رهيا.
ڀائي گرمک سنگهه (2) آتمارام جي (3) ڀائي پريمداس جي (4)
ڪيولرام جي (5) ڀائي رام راءِ.
سنبت 1910 برابر سال 1858ع ۾ شريمان بابا سنگتداس صاحب شرير
ڇڏيو. سندس آسڻ تي بابا جن جي چيلي بابا ست بخش
صاحب کي ورهاريو ويو. درٻار صاحب جو پرتاپ ۽
ڪاروبار سال به سال وڌندو رهيو. روز شام جو چارئي
مهنت ڪيرتن ۽ ڀڄن تي وهندا هئا ۽ ساڻن گڏ ٻيا ساڌو
گلن وديا، يوگ وديا، شاستر وديا جي اڀياس ڪرڻ وارا
وهندا هئا.
وڪرمي سنبت 1922 برابر سال 1865ع ۾ سريمان بابا ماڻڪرام چولو
ڇڏيو جنهن سنگهاسن تي سندن چيلي بابا هرنائڻداس کي
گادي نشين ڪيائون.
وڪرمي سنبت 1922 برابر سال1867ع ۾ بابا سنتوکداس صاحب چولو ڇڏيو
سندس آسڻ تي به سنگتداس صاحب کي گادي نشين ڪيو
ويو.
وڪرمي سنبت 1925 برابر 1868ع ۾ بابا گرشرن جو ديهانت ٿيو ۽ سندس
گادي تي بابا هرسهاءِ کي گادي نشين ڪيائون. تنهن
عرصي ۾ هيٺيان ٻيا سنت درٻار صاحب ۾ اچي رهڻ لڳا.
ڀائي غريب داس جي (2) پورنداس جي (3) ڀائي منوهر داس جي (4)
ڀائي موتيرام صاحب جي (5) ڀائي دئارڪورام جي
سورداس (6) ڀائي سوهنراءِ جي. سنبت 1928 برابر
1770 ۾ بابا هر نارائڻ داس جن شرير تياڳيو.سندن
آسڻ تي بابا جن جي چيلي بابا نارائڻ داس صاحب کي
گادي نشين ڪيائون.
وڪرمي سنبت 1635 برابر 1878ع ۾ بابا نارائڻ داس شرير تياڳيو
جنهن جي آسن تي بابا ڪشنداس صاحب کي وهاريائون.
بابا ڪشنداس صاحب وڏو ڀڄنيڪ ۽ ديوتا سروپ سنت هو.
سندس جيون چرتر هيٺ ڏجن ٿا.
بابا ڪشنداس صاحب هالاڻي شهر جو ويٺل هو. سندس پتا جو نالو
سانولداس هو. سندن جنم جونالو ڀائي رامون هو. سندن
روزگار جو نمونو اهو هو ريشم خريد ڪري وڪڻندو هو.
ڀائي رامون جيئن وڏو ٿيو ۽ واپار وڻج ۾ چالاڪ ٿيو
تيئن هنجو گرواڻي پڙهڻ ۽ ڪٿا ڪيرتن ستسنگ ڪرڻ م
پريم ٿيو.
شريمان بابا نارائڻداس جن جي شرير تياڳڻ کانپوءِٻين ٽن مهنتن
ويچار ڪيو ته هن گاديءَ تي ڪنهن کي وهارجي. پر
تنهن کان اڳ ڪچو آسڻ وجهي ڀائي غريبداس کي
وهاريائون جو هو برابر يارهان ڏينهن ڪچي آسڻ تي
ويٺو. بابا نارائڻداس جي ٻارهي تي خيرپور ميرس جو
مهنت بابا گرپت صاحب به هالاڻي آيا. بابا گرپت
صاحب جو هالاڻي درٻار صاحب ۽ ساڌن به تمام گهڻي سڪ
۽ پريم هوندو هو، ايتري قدر جو جڏهن هالاڻي ۾ درشن
ڪرڻ ايندو هو تڏهن درٻار صاحب کان هڪ ميل پري
سواريءَ تان لهي پيرين پنڌ ڪري درٻار صاحب ۾ ايندو
هو. بابا گرپت صاحب کي معلوم ٿيو ته بابا
نارائڻداس جي گادي تي پڪي آسڻ تي وهارڻ جي ڳالهه
اڃان ويچار هيٺ آهي. بابا گرپت صاحب کي خيال ۾ آيو
ته هن گاديءَ تي ڪو اهڙو سنت ويهارجي جو پنهنجي
ڀڄن جي پرتاپ سان درٻار صاحب جو وڌيڪ نالو پرگهٽ
ڪري. اوچتو بابا گرپت صاحب جي نگاه ڀائي رامون تي
پئجي ويئي. جو ان وقت سناڻ ڪرڻ ۽ دلو ڀرڻ واسطي
کوه تي آيو هو. ڀائي رامونءَ جي اکين جو رنگ لعل
ڏسي ۽ هنجي اکين ۾ تيج پراڪرم ڏسي بابا گرپت صاحب
کي اهو خيال ٿيو ته ڀائي رامون کي گادي تي وهارجي.
سچن عاشقن کي سڃاڻڻ جي اک سچي عاشق وٽ ٿيندي آهي.
بابا گرپت صاحب ڀائي رامون کي پاڻ وٽ سڏ ڪري نالو
نشان پڇي ٻانهن کان وٺي درٻار صاحب ۾ آيا ۽ سڀني
ساڌن سنتن ۽ عام ماڻهن جي وچ بيهي وڏي آواز سان
چيائون ”مئن اپنا گرو لڌا.“ بس ڄڻ پٿر تي ليڪو
نڪري ويو. يڪراءِ ٺهراءُ بحال ٿي ويو هن سنت جو
نالو گرو گرنٿ صاحب مان ست سري بابا ڪشنداس صاحب
رکي گاديءَ تي براجمان ڪيائون ۽ پوءِ خوب ڀنڊارو
هليو. ڪڇ ڏينهن رهي پوءِ سڀ سنت مهنت پنهنجي
پنهنجي اسٿانن ڏانهن روانا ٿي ويا. بابا ڪشنداس
صاحب گادي تي ويٺي کانپوءِ درٻار صاحب جي مهما
گهڻي وڌائي. سوا پهر رات کان وٺي سوا پهر ڏينهن
تائين ڀڄن ۽ گرواڻي جو اڀياس، پاٺ ڪندا هئا. اٺئي
پهر پنهنجي آتم گيان ۾ منگهن هوندا هئا. سوامي جن
پنهنجي ايامڪاري ۾ گهڻي قدرت جهڙيون ڪرامتون
ڏيکاريون. سوامي ڪشنداس صاحب جن جي وقت ۾ جيڪو به
سوالي شرڌالو درٻار ۾ ايندو هو. سو خالي ڪونه
موٽندو هو. سڀ من جي مراد حاصل ڪري ويندا هئا.کين
پير ۾ تمام دک رهندو پر تڏهن به دک کي وساري
پنهنجي ڀڄن ۽ ٽيم تي پورا هوندا هئا. کين دک سک
هڪم سمان نظر ايندو هو. ان وقت اٽڪل ڏيڍ سؤ کن
اناٿ، غريب ساڌو فقير درٻار صاحب ۾ رهندا هئا.
جنکي وقت به وقت درٻار صاحب مان رسوئي ڪپڙو وغيره
ملندو هو. بابا ڪشنداس قنبر ۾ وڃي قنبر پئنچات ۽
قنبر جي ساڌن جو پرچار ڪيو. مير علي مراد خان والي
خيرپور رياست جو بابا ڪشنداس ۾ وڏو صدق هوندو هو.
مير علي مراد خان هن جي ڪنهن به ڳالهه کي اصل ڪڏهن
به نه موٽايو.
وڪرمي سنبت 1904 برابر 1897 ۾ شريمان بابا مهر بخش صاحب جو هن
فاني سنسار مان چالاڻو ٿيو. بابا مهربخش صاحب
هالاڻي درٻار صاحب جو هڪ مکيه گاديسر ٿي گذريو
آهي. صاحب جو مختصر جيون چتر هيٺ ڏجي ٿو.
بابا مهر بخش صاحب تعلقي ڪنڊياري جي ڏيٿن جي ڳوٺ جا هئا. سندن
پتا جو نالو تلوڪچند هو. سوامي جن هڪ خاندان
گهراڻي جي نسل مان هئا. جيئن درٻار ۾ آيا تئين
بلڪل سچي شرڌا ۽ پريم سان ساڌن سنتن ۽ ڊرٻار صاحب
جي شيو ڪيائون. بابا جن درٻار ۾ رهندڙن ساڌن مان
چار پنج ٻالڪ پاڻ سان وٺي وديا اڀياس ڪرڻ لاءِ
ڪاشيءَ ڏانهن ويا ڪيترا سال ڪاشيءَ ۾ رهي وديا جو
اڀياس ڪيائون. ڪاشيءَ مان موٽڻ بعد سندن وڏي
گرڀائي بابا گربخش صاحب جي شرير ڇڏڻ تي بابا
مهربخش صاحب کي گاديءَ تي براجمان ڪيائون. بابا
مهر بخش صاحب وڏي پراڪرم تيج وارا هئا. ڪنهن کي به
بابا مهر بخش جي اڳيان لاپرواه ٿي ڳالهائڻ جي همٿ
ڪانه ٿيندي هئي. درٻار صاحب ۾ رهندرن ساڌن سان
پريم جو ورتاءُ ڪندا هئا. سڀني تي روب ۽ ضابطو پڻ
هوندو هون. بابا مهر بخش صاحب جي ڀيري ۽ ميري ٻئي
ڪمائي سوامي جن درٻار صاحب جي ٺهرائڻ جو ڪم پنهنجي
هٿ ۾ کنيون. اهو درٻار ٺهرائڻ جو ڪم ڀريا ٽي سال
هلندو رهيو. پهرين چيٽ 1949 برابر 3 اپريل 1892 ۾
درٻار صاحب ٺهي تيار ٿي. درٻار صاحب جو نقشو گهڻو
ڪري شري امرتسر جي درٻار صاحب وانگر ساڳيو آهي.
سنڌ جي اندر اهڙي ٻي درٻار ڪا ورلي هوندي. گرو
گرنٿ صاحب جي براجمان ٿيڻ لاءِ سنگمرمر جو تخت
ٺهيل آهي. درٻار صاحب جي مٿان هڪ سونو ڪلس ٺهيل
آهي. جنهنجي سوڀيا ڪٿن ڪرڻ کان ٻاهر آهي. ساڌن
سنتن جي ڀڄن ڪيرتن ڪرڻ ۾ ايڪانت ۾ وهڻ لاءِ
ڪيتريون ڪٽيائون آهن. جن ۾ ساڌو سنت رهندا آهن.
شرڌالو ۽ سکن جي ڏنل دان مان سوا لک روپيه ان
درٻار صاحب جي اڏاوت تي خرچ اچي ويو. درٻار صاحب
جي اندر گهڻو ڪري ڀڳوان شري ڪرسن مهراج جون گهڻيون
تصويرون آهن. بابا مهربخش صاحب ڪرشن ڀڳوان جو
اُپاسڪ يعني ڀڳتي ڪندڙ هوندو هو. هو صاحب روزانو
گيتا جي 18 اڌياءُ جو پاٺ ڪندو هو. بابا مهر بخش
صاحب جن جي ايامڪاري ۾ درٻار صاحب جي زرعي زمين
گهڻي وڌي ڪيتريون جايون ۽ کوه درٻار صاحب جي ملڪيت
هيٺ آيا، ٻيا گهڻا اُپڪار جا ڪم ڪيا ۽ غريبن ۽
اناٿن جي سارسنڀال لڌائون. سنبت 1904 برابر 1897 ۾
جوتي جوت سمايا. بابا مهربخش صاحب ميري پيري
هلائي. بابا مهر بخش صاحب جي چالاڻي کانپوءِ سندن
گاديءَ تي سندن چيلي بابا گرداس کي وهاريو ويو.
بابا گرداس جن چڱا شيشل ودوان هئا. گانن وديا ۽
حڪمت جي ڪم ۾ هوشيار ۽ چتر هوندا هئا. سنبت 1960
برابر 1903 ۾ بابا ڪشنداس صاحب جن پرلوڪ پڌاريا.
سندن گاديءَ تي ڀائي ڀڳترام کي وهاريوويو. سندس
نالو ڦيرائي بابا هريداس رکيو ويو. هن مهاتما جي
رهڻي ڪهڻي اعليٰ درجي جي هئي.
وڪرمي 1962 برابر 1900 ۾ بابا ڌيانداس صاحب 6 سال راڄ گاديءَ تي
براجمان تي سچ کنڊ روانا ٿيا. بابا هريداس جن پڻ
10 سال گادي تي ويهي. ورڪمي سنبت 1970ع برابر
1918ع ۾ شرير تياڳيو. سنبت 1970 کان وٺي درٻار
صاحب ۾ هڪ ئي مهنت شريمان بابا سروپداس شؤ روپ
براجمان ٿيا. اصل ۾ درٻار صاحب ۾ چار گاديون هيون.
گادي نمبر اِٺي مهنت بابا سروپداس براجمنا ٿيا. پر
هاڻي هن کانپوءِ فقط هڪ گاديسر بابا سروپداس صاحب
هالاڻي درٻار جي گادي تي براجمان ٿي ڪاروبار هلائڻ
لڳا.
بابا سروپنداس جنجو جنم ساجن شاه جي ڳوٺ جو آهي سندن پتا جو
نالو سيٺ گرمکداس هو. بابا سروپداس جي وڏائي جيتري
ڪٿن ڪجي تيتري ٿوري آهي.، هنجي ڳجهه جي خبر ڪنهن
کي ڪانه پوندي هئي. سبب جو ٻاهرين هلت چلت کي ڏسي
ماڻهو لاڀ پرائي نه سگهندا هئا. سوامي جي ٻاهرين
هلت بلڪ سادگيءَ جهڙيءَ هئي. پر هو صاحب اندر ۾
لعل هئا. بابا صاحب ۾ فقيرن درويشن جهڙا گڻ هئا.
هالاڻي درٻار جي مکيه ڪم هڪلائيندڙن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
ڀائي نارائڻداس (2) آوترام (3) ڀائي ساجنداس (4) ڀائي مڌونداس
(5) ڀائي تلسيداس (6) ڀائي پرمانند (7) ڀائي
پارورام (8) ڀائي گوبندرام.
بابا سروپداس صاحب حيدرآباد ۾ سنبت 1999 برابر سال 1942 ۾
ديولوڪ پڌاريا. سندن ڪرپا ڪرم اگني سنسڪار هالاڻي
۾ ڪيو ويو.
هالاڻي درٻار جي گادي هن وقت بابا نارائڻداس ويٺل آهن.
شري مسند صاحب درٻار شڪارپور
شڪارپور ۾ شري مسند صاحب درٻار نامور آهي. سنڌ ۾ مسند خاندان
گهراڻي جو بيناد ڪيئن ۽ ڪڏهن پيو تنهنجو احوال هيٺ
ڏجي ٿو.
آڳاٽي زماني ۾ جڏهن مغل بادشاهن جو نواب سکر بکر ۾ رهندو هو
تنهن زماني ۾ دسمين پاتشاه گرو گوبند سنگهه صاحبن
جو هڪ صوبو گهمندو اچي بکر جي قلعي ۾ پهتو جتي گرن
جي سکن بابت جانچ ڪندي هنکي معلوم ٿيو ته ستگرن جو
هڪ پريمي صديقي شيواڌاري سک ڀائي هاسانند اتي
رهندو آهي هو ڀائي هاسانند سان مليو. ڀائي هاسانند
هنجي دل و جان سان شيوا ٽهل ڪئي. جڏهن اهو صوبو
ستگرن ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو تڏهن ڀائي
هاسانند پنهنجي پٽ ڀائي ڌنراج کي گهڻيون ڀيٽائون ۽
سنڌ ديش جون سوکڙيون ۽ سوغاتون ستگرن لاءِ ڏيئي ٻي
سک سنگت سان گڏ ستگرن ڏانهن روانو ڪيو. ڀائي
ڌنوراج ستگرن جي حضوري ۾ رهي سندن ۽ ماتا گوجري جي
شيوا ٽهل ڪئي ۽ کين نهايت خوش ڪيو. ستگرن ڀائي
ڌنرج صاحب کي ڀڳوان رنگ ۾ ورتل ۽ نماڻي سڀاءُ وارو
۽ سندس چمڪندڙ چهرو ڏسي مٿس پرسن ٿي کين مهر ڪري
پنهنجي در جو هميشہ لاءِ شيواڌاري ڪري رهايو. ڪجهه
وقت گذرڻ بعد سنڌ مان سک سنت ستگرن جي درشن ڪرڻ
لاءِ آنندپور صاحب ۾ آئي ۽ ستگرن کي وينتي ڪيائون،
سچا پاتشاه اسانجي سنڌ ديش ۾ زبردست ٽپاولي ۽ وبا
جي بيماري پيئي آهي جا ڪنهن به ڊاڪٽر يا حڪيم جي
هٿان دفع نٿي ٿئي ۽ موت بلڪل گهڻو ٿي رهيو اهي.
اوهان صاحب ڪرپا ڪري ان مرض کان سنڌواسين کي
بچايو. ستگرن اهو عرض ٻڌي ڪري ڪرپا ڀريل نگاه سان
ساري سڀا ڏي نهاريو ۽ ڀائي ڌنراج صاحب کي اڳيان
سڏي مٿي تي مهر جو هٿ ڌري مک سان اهي وچن فرمايا
ته ڀائي ڌنا! تون ترشول هٿ ۾ کڻي بيل تي سواري ڪري
سنڌ ديش ۾ وڃين ستنام جي منتر جي پهل ڏيئي بيماري
درو ڪر. ستگورو توسان انگ سنگ سهاءِ آهن جيئن
چوندين تئين ٿيندو. تو ماتا صاحب ۽ اسانجي شيوا
ڪري ڏاڍو پرسن ڪيو آهي تنهن ڪري پوج ماتا صاحبن جي
آگيا موجب ۽ پنهنجي خوشيءَ سان سنڌ ديش ۽ قابل
قنڌار جي سکي توکي بخشيش ڪريون ٿا. ستگرن پنهنجي
پتا صاحبن جي شرير جي دک دڀنجني چادر ۽ پنهنجي
شرير جا وستر ۽ گرو نانڪ صاحب جن کان وٺي ڏهن ئي
پاتشاهين جو فوٽو ۽ شري گرو گرنٿ صاحب صحيح شان
ڀائي ڌنراج کي بخشيش ڪئي. جيڪو به سک يا شرڌالو
سڄڻ انهن امولڪن بخشيش جو درشن ڪري دک ڀنجنيءَ
چادر جي پهل پيئندو تنهنجي من جون مرادون پوريون
ٿينديون. تنهن کانسواءِ ماتا صاحبن جي هٿ لکيل
پروانو پنهنجي ڪمل جهڙن هٿن سان تير جي صحيح ڀائي
سکن جي خاطري لاءِ ڀائي ڌنراج کي اهو حڪم نامون
بخشيو. ڀائي ڌنراج ستگرن کان آگيا وٺي ملتان شهر
کان وٺي ٺٽي ننگر سوڌو ستگرن جي حڪم موجب سنتام جو
منتر جپائيندي ۽ گرو تيغ بهادر صاحب جي چادر جي
پهل ڏيندا سنڌ ديش جي مٿان آيل آپوا، تپاولي جو
مرض مٽائيندو روهڙي شهر ۾ اچي پهتو ۽ ڏيرو لڳايو.
ڀائي ڌنراج ڪيتريون ڪرامتون ڏيکاري سک سنگت جي درد
دفع ڪندي ڪار ڀيٽا ۽ سکن کان مليل سوکڙيون،
سوغاتون هٿيار، اُٺ گهوڙا وٺي ستگرن کي موڪليندو
رهيو. ستگرو به پنهنجي گهربل شيءَ چيزن لاءِ تير
جي صحيح سان پنهنجا حڪم نامان صوبن هٿ موڪليندا
رهيا، تنکي عمل ۾ آڻي پوري ريت شيوا ڪندو رهيو.
گهڻي وقت کانپوءِ ستگرن جو حڪم ٿيو ته ڀائي ڌنراج
تون هن مرت لوڪ کي ڇڏي گرو لوڪ ۾ اچي اسان وٽ واسو
ڪر. اهو حڪم ڀائي پنهنجي پوٽي ڀائي رانجهن مل صاحب
کي ڪرتار جي حڪم موجب گادي گادي ڏيئي گرو لوڪ
پڌاريو. ڌنراج صاحب جي تي هيٺين ريت گاديسر ويٺا
آهن.
ڀائي ڌنراج صاحب (2) ڀائي رانجهن مل صاحب (3) ڀائي منشارام صاحب
(4) ڀائي نئن سک صاحب (5) ڀائي مولرام صاحب (6)
ڀائي ڪشنداس صاحب (7) ڀائي گنگارام صاحب (8) ڀائي
سنتداس صاحب (9) ڀائي سندر داس صاحب (10) ڀائي
امرداس صاحب (11) ڀائي ارجنداس صاحب ورتمان
گاديسر.
ايشور جي ڪا اهڙي اڇا ٿي جو گاديسر صاحبن ۾ هڪ گاديسر مايا کان
ورڪت رهي فقط فقيري ڪمائي ۽ انجي پٺيان گاديءَ تي
وهندڙ گاديسر نه فقط فقيري ڪمائي پر ان سان راجائي
ٺاٺ ۽ ڌن دولت گهوڙا گاڏيون ۽ باغ وغيره رکي
راجائي به ڪمائي اهي. جئين ڀائي ڌنراج صاحب فقيري
۽ راجائي ڪمائي. راجائن جهڙو سندن دٻدٻو ۽ چلت
هوندي هئي. وري ڀائي رانجهن مل مايا کان اُداس ٿي
فقط فقيري ڪمائي، تنهن کانپوءِ منشارام صاحب
راجائي ۽ فقيري ڪئي ته وري ڀائي نئن سک فقط فقيري
ڪئي. ڀائي مولرام صاحب راجائي ۽ فقيري ڪمائي ته
وري ڀائي ڪشنداس صاحب فقط فقيري ڪمائي. وري ڀائي
گنگارام صاحب راجائي ۽ فقيري ڪمائي ته ڀائي سنتداس
صاحب فقط فقيري ڪمائي. ڀائي سندرداس صاحب راجائي ۽
فقيري ڪمائي ته ڀائي امرداس صاحب فقط فقيري ڪمائي
۽ ورتمان گاديسر راجائي ۽ فقيري ڪمائي رهيو آهي.
مٿين گاديسرن وقت به وقت ڪرامتون ڏيکاريون آهن ۽ پنهنجن پيارن
سکن جا ڪارج ۽ منوڪامنائون پورن ڪيون آهن. مٿيان
سڀ گادي سَرَ رڌين سڌين جا مالڪ ٿيا آهن. گهڻن سکن
۽ شرڌانن کي پٽ ڏنا اٿن ۽ ڪيترن کي ڌن دولت ۽
ملڪيت بخشي اٿن ۽ بيمار سکن جا دک دور ڪيا اٿن.
جڏهن ڀائي مولرام صاحب گادي نشين ٿيا تڏهن روهڙي
واري درٻار گرو پوٽن کي بخشيش ڪري پاڻ ڪجهه وقت
خيرپور ميرس ۾ وڃي رهيا. يعني مير سهراب خان رياست
والي کي گهڻيون ڪرامتون ڏيکاري پنهنجو سچو صديقي
ڪيو. مير سهراب خان ڀائي مولرام صاحب کي هڪ جاءِ
خيرپور ۾ اڏارائي ڏني. اها جاءِ پڻ ڀائي مولرام
صاحب ٿورن سالن کانپوءِ گرو پوٽن کي بخشيش ڪري
ڏني. تنهن کانپوءِ ڀائي مولرام صاحب شڪارپور اچي
رهيا. سک سنگت ڀائي صاحبن کي جاءِ ٺهرائي ڏني. پر
اِها جاءِ نه گرو پوٽن کي ڀائي مولرام صاحبن
ٺهرائي ڏني. اها جاءِ مسند مولرام صاحب جي نالي
واري گهٽي ۾ شڪارپور ۾ مشهور آهي. ڀائي مولرام
صاحب ۾ وڏي شان مان سان رهي رات ڏينهن ستسنگ شبد
ڪيرتن ۽ گرٻاڻي جو پرچار ۽نام جو جاپ ڪرائيندا
رهيا. ساڌ سنگت لاءِ سدائين ڀنڊارو چالو هوندو هو.
سک سنگت گهڻي تعداد ۾ اچي گرو گهر جي سکي اختيار
ڪري ۽ ڀائي صاحبن جون انيڪ ڪرامتون ڏسي وڏي پريم ۽
شرڌا سان شيوا ٽهل ڪري ڀائي صاحبن کي پرسن رکندا
هئا. مسندن جي درٻار صاحب شڪارپور واريءَ جون
شاخون سڄي سنڌ ۽ قلات، امرتسر، ملتان ۾ آهن. ڪل
365 درٻارون هن درٻار سان لاڳون آهن. جن مان ڪي
مکيه هيٺ ڏجن ٿيون.
روهڙي، ملتان، مٿرا، امرتسر، سکر پراڻو، اروڙ، هنگورجا، راڻي
پور، گنبٽ، سمي رياست، ٻانڀڻ رياست، ڪنڊيارو،
ڀريا، بهلاڻي، ڀاڳو ديرو، حيدرآباد، ڪراچي،
غوثصپور، ڪنڌڪوٽ، قابل، قنڌار، قلات، ڳريلو،
لاڙڪاڻو ضلع ۾، لاڙڪاڻو ۽ بوبڪ.
گرو گوبند سنگهه صاحبن جي مليل بخشيش نامي موجب سک ڪرڻ جو حق
فقط ڀائي ڌنراج صاحب جي گادي تي ويٺل گاديسرن جي
اختيار آهي ۽ مٿيون درٻاريون پڻ ڀائي ڌنراج صاحب
جي گادي تي ويٺل گاديسرن جي ملڪيت آهي. سکن کان
ڪار ڀيٽائون ۽ سفري ۽ ٻين ٻنڌيان اُڳاڙڻ جو اڌڪار
پڻ سندن آهي. ڀائي ڌنراج صاحب جي گادي تي ويٺل
گاديسرن کانسواءِ ٻين مسندن کي توڙي همبراماڻي
روهڙي وارن مسندن کي ڪوبه اختيار نه آهي. پوج مسند
پئنچات سکر جي پنهجي ميڙ تاريخ 14 آگسٽ 1939 ۾
يڪراءِ ٺهراءُ بحال ڪيو آهي ڀائي ارجنداس مسند
صاحب برابر پوج ڀائي ڌنراج صاحب جنجي گاديءَ تي
ويٺل آهن. فقط کيس سکي ڪرڻ جو پورو حق ۽ اڌڪار
آهي. گرو گوبند سنگهه صاحبن جي بخشيش اصل پوج ڀائي
ڌنراج صاحب مسند تي ٿيل آهي ۽ نه ٻئي ڪنهن مسند
تي. پروانا، وستر ۽ گرو گرنٿ صاحب ڀائي ارجنداس
صاحب وٽ موجود آهن. |