سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي هندو ڌرمي اسٿانن جي تواريخ

باب؛ 2

صفحو :6

 

مهنت ڪان پت صاحب جو ٽڪاڻون

شهر حيدرآباد شاهي بازار ۾ مهنت ڪان پت صاحب جو نامور ٽڪاڻون آهي. حيدرآباد ۾ چئن مهنتن جا اسٿان آهن. (1) شري مهنت ڪرپارام (2) مهنت ڪانپت (3) مهنت گرديال (4) مهنت ڌيانداس. انهن چئن مهنتن مان هڪ مهنت ٻائو ڪرپارام صاحب هو مهنت ڪرپارام صاحب ا وڏا ٻاٻي شري چند صاحب جو اولاد هئا.

ٻاٻو شري چند صاحب (2) ٻاٻو لکميچند (3) ٻاٻو ڌرمچند (4) ٻاٻو ماڻڪچند (5) ٻاٻو اُڌيئه چند (6) ٻاٻو سجان چند (7) ٻاٻو مالچند (8) ٻاٻو ڌن پت (9) ٻاٻو سنت پت (10) ٻاٻو ڪان پت (11) ٻاٻو وسن پت (12) ٻاٻو غريب داس (13) ٻاٻو گرديال (14) ٻاٻو شامداس (15) ٻاٻو مراڙداس (16) ٻاٻو مدن داس (17) ٻاٻو ڪيشوداس (18) ٻاٻو ايسرداس (19) ٻاٻو سرنداس (20) ٻاٻو منوهرداس.

هن وقت ان درٻار جو مهنت ٻائو منوهرداس آهي. اٽڪل ٻه سؤ ورهيه ٿيا ته ٻائو سنت پت سنڌ ۾ پڌاريو. اها درٻار اُداسين پنٿ جي آهي. درٻار جا سڀ مهنت سناتن هندو ڌرم جي پالنا ڪندا آيا آهن ۽ سناتن ڌرم جو اُپديش ۽ پرچار سکن شيوڪن ۾ ڪندا آيا آهن. حيدرآباد جا ڪل مکي پئنچ خدابادي ڀائيبند ۽ عامل برادريون ان درٻار جا سک شيوڪ آهن. خدابادي ڀائيندن کي ان درٻار جي مهتن جي شيوا ٽهل ڪرڻ سان آسيسا ٿي آهي جنهن آسيسا سان انهن سنڌورق ۾ ڪوٺيون ۽ ڪارخانا برپا ڪيا آهن. اهو ٻائي مدن داس جو ٽڪاڻو حيدرآباد شهر ۾ وڏي ۾ وو تڪاڻو آهي ان تڪاڻي ۾ گرو گرنت صاحب جي مندر وارو صفحو هڪ وڏو عاليشان هال آهي جنهن ۾ سؤن جي تعداد ۾ سنگي ويهي سگهن ٿا. ان درٻار جا مهنت وڏي ڪرامت ۽ وچن سڌي وارا ٿي گذريا آهن. ڪيترا سک درٻار جي شيوا ٽهل ڪرڻ سان سکي ٿيا آهن. وديا ويجها آهن درٻار جي عاليشان عمارت مهنت مدن داس ٺهرائي. درٻار جو باغ مهنت ڪيشوداس خريد ڪيو هو. درٻار ۾ سون ۽ چاندي جو اسباب مهنت ايسرداس گڏ ڪيو ۽ درٻار سان لاڳو جايون ٻائي ايسرداس ۽ ٻائي سرنداس خريد ڪيون. ان درٻار کي زور ٻائي ايسرداس صاحب وٺايو. ٻائو ايسرداس جڏهن ان درٻار جا گدي نشين هئا تڏهن حيدرآباد جا اڪثر سڀ سنڌ ورق واپاري سون هزارن جي قيمت وارا صاحبن لاءِ ريشمي رومال ۽ سون چاندي جا ڇٽ ۽ چنور درٻار صاحب کي دان ڪيا. ٻائي ايسرداس صاحب روز مره شام جو ڪٿا پاڻ ڪندو هو. ٻائو ايسرداس حشمت ۽ هلندي وارو مهنت ٿي گذريو آهي.

هن وقت درٻار صاحب روز 4 بجي صبوح کان وٺي رات جو 11 بجي تائين کليل رهي ٿي. درٻار ۾ صبوح جو 4 بجي کان وٺي هڪ بجي سوڌو ۽ وري شام جو 6 بجي کان 9 بجي سوڌو درٻار ۾ ڪٿا ۽ ڪيرتن ستسنگ جاري آهي. درٻار ۾ هڪ بجي مهل عام لنگر لڳي ٿو جتي ڪيترا ساڌو سنت ۽ اَتٿي ڀوڄن وٺن ٿا. ان درٻار ۾ ڪوبه مهاتما ودوان پنڊت سنت، منڊليون، آکاڙا جماعتون، ساڌو سنت هفتو ٻه هفتا رهي سک ماڻي سگهي ٿو. سدائين درٻار ۾ هڪ نه ٻيو سنت مهاتما ٻاهر جو ٽڪيل رهي ٿو. ٻاهر وارن سنتن ۽ ساڌن جي رهڻ ۽ ڀوڄن وٺڻ لاءِ ان درٻار ۾ هرطرح جي سهوليت آهي. هاڻوڪو گاديسر مهنت منوهرداس اُدارچت آهي. هو صاحب درٻار جي آمدني سڀ درٻار بلي خرچ ڪري ٿو ۽ آئي وئي جي سنڀال ۽ خاطري چڱي طرح ڪري ٿو. ان درٻار مان عام ماڻهو سک وٺي رهيا آهن.

 

شري مهنت ڀائي ڪرپارام صاحب جو ٽڪاڻون

شهر حيدرآباد ۾ چنديراماڻي گهٽي ۾ مهنت ڀائي ڪرپارام صاحب جو ٽڪاڻون مشهور آهي. ان درٻار جا مهنت وڏي ڪرامت وارا سڌ پرش ٿي گذريا آهن. ان درٻار جو وڏو ٻائو رام ڪرشن هو. ان درٻار جي ٻائي کي شري مهنت جو خطاب مليل آهي. اها درٻار اُداسين پنٿ ٻاٻي شري چند صاحب جاري ٿيل پنٿ جي آهي.

شجرو درٻار جو

ٻائو رام ڪرشن صاحب

ٻائو ڪرپارام صاحب

ٻائو ديارام صاحب

ٻائو ميارام صاحب

ٻائو هرنارائڻ صاحب

ٻائو پيارو رام صاحب

ٻائو وستيرام صاحب

ٻائو ماڌورام صاحب

ٻائو آتمارام صاحب

ٻائو هري رام صاحب

ٻائو رام ڪرشن صاحب اصل خداباد تعلقي سيوهڻ واري درٻار ۾ رهندو هو. اها درٻار اڃان تائين ڳوٺ خداباد ۾ آهي. ٻائو رام ڪرشن صاحب خداباد شهر ڦٽڻ کانپوءِ خداباد مان لڏي گدوبندر پپر جي وڻ هيٺان هڪ ننڍو ٽڪاڻون اَڏائي اچي ڪجهه وقت رهيو. اهو پپر جو وڻ اڃا تائين سائو سبز گدوبندر ۾ مٿئين سنت جي ٽڪاڻي ۾ بيٺل آهي. ٿورن سالن کانپوءِ سنت رام ڪرشن چنديراماڻي گهٽي واري درٻار ۾ اچي ويٺو. ٻائو ڪرپارام صاحب پنجاب ديس کان ڌوڻي جڳائي سنڌ ديس ۾ اچي ٻائي رام ڪرشن صاحب جنجو چيلو ٿيو. ٻائي رام ڪرشن صاحب جي ديولوڪ پڌراجڻ کانپوءِ ٻائو ڪرپارام صاحب گادي نشين ٿيو. ٻائي ڪرپارام صاحب جي ڌوڻي سدائين دکيل رهندي هئي. عام طرح ٻائو ڪرپارام ڌوڻي وارو ڪري سڏبو هو. ٻائو ڪرپارام صاحب رڌين سڌين جا مالڪ ۽ ڪرامت جا ڌڻي هئا. ڪيترن سکن شيوڪن کي ظاهري پرتا ڪري ڏيکاريائين. ٻائو ڪرپارام صاحب هڪ توڪلي ۽ ايشور تي آڌار رکڻ وارو سنت هو. جيڪو نقدي پئسو، اَن وغيره هڪ ڏينهن جو هوندو هو سو سڀ غريبن ۽ اناٿن کي کارائي ڇڏيندو هو. ٻئي ڏينهن لاءِ جمع ڪري نه رکندو هو. چوندو هو ته سڀاڻي جو مالڪ پاڻيهي نئون روز سڀاڻي ڏيندو. جيڪڏهن ماڻهو چوندا هئس ته سائين، اسانکي پنهنجو سک ڪريو ته وراڻي ڏيندو هو ته آءٌ پاڻ نه تريو آهيان سو سکن کي ڪيئن تاري سگهندس. ماڻهن چيس ته سائين اوهانکي حيدرآباد شهر جي ماڻهن جو ٻنڌيان ٻڌي مقر ڪري ته ڏيون وراڻي ڏيندو هو ته ٻنڌين ۾ ڪير پوندو. ٻائو ڪرپارام صاحب جيڪڏهن ان وقت سک ڪري ها ته حيدرآباد شهر جا سڀ ماڻهو سندس درٻار جا سک ٿين ها ۽ درٻار جي ٽهل شيوا ڪن ها.

سنڌ جي مير حاڪمن جي ٻائي ڪرپارام صاحب تي اعتقاد ۽ صدق هوندو هو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مير صاحب سخت بيمار ٿي پيو هو ڪيترن علاجن ڪرڻ سان ڪين ڇٽو ان وقت هڪ رات جو هنکي هڪ درويش نظر آيو. صبوح جو گهڻي ڳولا کانپوءِ ٻائي ڪرپارام صاحب ڏٺائين ۽ ڄاتائين ته راتوڪو درويش اهوئي آهي ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي ميرن جي وزير ديوان جهوڙيمل تي مير صاحب ڪنهن ڳالهه سبب ڪاوڙ ڪئي. ديوان جهوڙومل ٻائي ڪرپارام صاحب جي اچي شرن ورتي. ٻائي ڪرپارام صاحب جهوڙيمل کي ڏسي هنکي چيو ته ها جهوڙا! ڪا مشڪلات پيئي اٿئي. پر هاڻي جهوڙا وڃ تنهنجي رهجي ايندي. هو جو ويو مير صاحبن جي درٻار ۾ ته مير صاحبن مٿس ڪاوڙ ڪرڻ بدران کيس تمام اُچا قيمخاب جو ڪوٽ انعام ڏنو. ديوان جهوڙيمل اهو قيمخاب جو ڪوٽ آڻي ٻائي ڪرپارام صاحب کي ڏنو. ٻائي ڪرپارام صاحب اهو قيمخاب جو ڪوٽ ڦاڙي گرن مٿان رومال ٺاهي وڌو.

ٻائو ڪرپارام صاحب ڌوڻي صاحب واري جاءِ ۾ گهڻو ڪري گذاريندا هئا. جو چوندا هئا ته خبر نه آهي ته ڪيڏي مهل به موت جو سڏ ٿئي. ٻائي ڪرپارام صاحب جا ڪيترا تجربا ماڻهن ڏٺا آهن. ٻائي ڪرپارام صاحب جي ڌوڻي ۾ جيڪو ماڻهو ويساه رکي ٿو انجي سڀ مشڪلات دفع ٿئي ٿي. اها ڌوڻي اڃان درٻار ۾ قائم آهي. ٻائو ڪرپارام صاحب ڪڏهن به پڪي جاءِ ۾ نه رهندو هو. سدائين ڌوڻي صاحب جي اڳيان ڪکن واري جهوپڙي ۾ رهندو هو. ٻائي ڪرپارام صاحب جا ٽي چيلا هئا. (1) ٻائو ديارام (2) چيلو ٻائو پيارو رام (3) چيلو ٻائو هر نارائڻ. ٻائي صاحب جو وڏو چيلو ٻائو ديارام ٻائي ڪرپارام صاحب جي چولي ڇڏڻ کان اڳيئي ديولوڪ پڌاريو هو. ٻائي ديارام جو چيلو ٻائو ميارام هو. جڏهن ٻائي ڪرپارام صاحب چولو ڇڏيو تڏهن ٻائي ميارام کي حيدرآباد جي سڀني فقيرن گادي تي وهڻ لاءِ چيو پر ان سنت وراڻي ڏني ته هي گادي ڳري آهي مونکان هلائي نه ٿيندي مان گدوبندر واري اسٿان تي وڃي ٿو رهان. تنهن کانپوءِ گادي ٻائي پياريرام صاحب کي ملي. ٻائو ميارام 125 سال حيات هو. هو هڪ يوگي پرش هو.

ٻائو پياريرام هري جو پيارو ڀڳت ۽ رڌين سڌين جو مالڪ هو. ٻائي پياريرام صاحب جي ڏينهن ۾ درٻار جا گهڻا صديقي سک ٿيا ۽ هن صاحب فقيري ۾ چڱو نالو ڪڍيو. سندس نالي سان چنديراماڻي گهٽي سڏجڻ ۾ ايندي آهي. ٻائو هرنارائڻ ڪلا وارو سنت هو. انجو هڪ ڪنگڻ درٻار ۾ رکيل آهي. جو ڪنهن زال کي ويم وقت تڪليف ٿيندي آهي ته ان وقت ان زال کي اهو ڪنگڻ ڌوئي پياربو اهي ته انجي تڪليف لهي ويندي آهي.

ٻائي پياريرام کانپوءِ سندس چيلو ٻائو وستيرام گادي نشين ٿيو. ٻائو وستيرام صاحب سڌ پرش ٿي گذريو آهي. درٻار جي گهڻن سکن تي هن آسيسا ڪئي ۽ جي ٻائي صاحب جي آسيسا سان وڌيا ويجها. ٻائي وستيرام صاحب پنهنجن گرن جو ڀنڊارو ڌام ڌوم سان ڪيو. ڀنڊاري تي ٻائي 15 – 20 هزار روپيه خرچ ڪيا. حيدرآباد شهر ۾ ان وقت سخت ڪالرا جي بيماري اچي پيئي. هڪ فقير چيو ته جيڪڏهن ڪو سڌ پرش هاڻي شرير ڇڏيندو ته شهر تان هيءَ آپدا ٽڙندي. اها ڳالهه ٻڌي ٻائي وستيرام حيدرآباد نواسين جي ڀلي ڪالر پاڻ شرير تياڳڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. تنهن کانپوءِ پورن ٽن ڏينهن کانپوءِ ٻائي وستيرام صاحب وبا جي بيماري سبب شرير تياڳو. ٻائي وستيرام صاحب کانپوءِ سندس چيلو ٻائو ماڌوداس گادي تي ويٺو. ٻائو ماڌوداس صاحب پڻ چڱي مورت هوندو هو. هو صاحب هرروز شام جو ٽڪاڻي ۾ ڪٿا ڪندو هو. ڪٿا تي 60 کن ماڻهو ايندا هئا. ٻائو ماڌوداس صاحب جواني ۾ ديولوڪ پڌاريا. سندس چيلو ٻائو آتمارام صاحب پڻ گادي تي وهڻ کانپوءِ ستتئي چولو ڇڏيو. هاڻي هن وقت ان گادي تي شري مهنت ٻائو هريرام صاحب چڱي رهت وارو ساڌو آهي. هو صاحب درٻار جي چڱي طرح شيوا ٽهل ۽ سنڀال ڪري ٿو. هن صاحب جي آيامڪاريءَ ۾ درٻار ۽ درٻار سان لاڳو جايون نيون ٺهيون آهن.

 

 

ڀائي نارائڻ داس جي درٻار پير جي ڳوٺ ۾

شهر پير جي ڳوٺ ۾ ڀائي نارائڻ داس جي نامور درٻار آهي. اها درٻار جڳياسو ڀڳتن جي آهي جنهن جا سشيل ۽ پرسڌ جڳياسو ڀڳت ٿي گذريا آهن.

شجرو

ڀائي ٿائون رام

ڀائي وسوارام

ڀائي کيمارام

ڀائي نارائڻ داس

ڀائي ارجن داس

هنڱورجن رياست خيرپور جو سيٺ سڌو مل هوندو هو. هنکي چار پٽ هئا. سندس پٽ ڀائي ٿائون کي ويرڳ لڳو ۽ هن 11 ورهين جي ڄمار ۾ سنسار کي ناسونت ۽ دک روپي ڄاڻي سنسار جو تياڳ ڪري گهر ٻار ڇڏي راڻي پور جي سوامي ٻالارام صاحب جن وٽ رهي سندس شيوا ڪئي ڀائي ٿائونمل 50 ورهين جي اوسٿا تائين سوامي ٻالارام صاحب جي درٻار ۾ رهي درٻار جي شيوا به ڪئي ۽ ايشور جي ڀڳتي ڪئي. هو رات جو کوه تي ويهي ايشور جو ڀڄن ڪندو هو. هڪ دفعي سوامي ٻالارام صاحب ڀائي ٿائون رام کان سندس من جي ورتي بابت احوال ورتو. تنهن تي ڀائي ٿائون رام ورڻي ڏني ته ٻيو سڀ ٺيڪ آهي پر ڪڏهن من جي ڪام چيشٺا ٿئي ٿي. تنهن تي سوامي ٻالارام راڻي پور جي سيٺ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ هنکي چيائين تون اسانکي سدائين پٽ سنتان لاءِ عرض ڪندو رهيو آهين. هاڻي توکي پٽ ڄمندو شرط هن سان تون پنهنجي نياڻي جو سڱ ڀائي ٿائون رام کي ڏيندين. ان سيٺ سوامي ٻالارام جي ڳالهه قبول ڪري پنهنجي نياڻي ڀائي ٿائون رام کي 50 ورهين جي ڄمار ۾ پرڻائي ۽ سنت جي وچن موجب هنکي سال اندر پٽ چائو. تنهن کانپوءِ سوامي ٻالارام ٽنڊي مستي ۾ هڪ درٻار ڀائي ٿائون رام کي کولي ڏني جتي رهي ڀائي ٿائون ايشور جو ڀڄن ۽ ڪٿا ڪيرتن ڪرڻ لڳو. هنکي ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ ڄائو جنهنجو نالو ڀائي وسورام هو. جڏهن هو 9 ورهين جي ڄمار جو ٿيو تڏهن سندس پتا ٿائون رام شرير تياڳيو ۽ هو صاحب گادي تي ويٺو. ڀائي کيمارام به پتا وانگر درٻار ۾ رهي ايشور جو ڀڄن ڪيو ۽ سدائين ستسنگ ۽ ڪٿا ڪيرتن ڪندو رهيو. هنکي ٻه پٽ ٿيا. (1) ڀائي کيمارام (2) ڀائي خوشيرام. سنبت 1960 ۾ پير صاحب پاڳاري پڳ ڌني ڀائي وسورام جو ناماچار ٻڌي هن صاحب کي پنهنجي ڳوٺ پير جي ڳوٺ ۾ درٻار ٺهرائي ڏني. پتا ڀائي وسورام جي ديهه ڇڏڻ کانپوءِ سندس پٽ ڀائي کيمارام پير جي ڳوٺ واري درٻار جي گاديءَ تي ويٺو. ڀائي کيمارام به ساڳي وڏن جي رهت هلي ايشور جو ڀڄن ۽ ڪٿا ڪيرتن ڪندو رهيو. هنکي 6 پٽ هئا. (1) سوامي سيتلداس (2) سوامي نارائڻداس (3) ڀائي گوبندرام (4) ڀائي ايسرداس (5) ڀائي ڪشنداس (6) ڀائي دامودر داس. پتا ڀائي کيمارام صاحب جي چالاڻي کانپوءِ سندس وڏو پٽ ڀائي سيتلداس ڳوٺ ٽنڊي مستي واري درٻار جي گادي تي ويٺا ۽ سوامي نارائڻداس سنسڪرت جو ودوان هوندو هو. سندس ڪٿا ۾ سنگين کي گهڻو رس ايندو هو. ڀائي نارائڻ داس سج اڀرري درٻار ۾ شري مد ڀاڳوت، گيتا ۽ گرنٿ صاحبن جي ڪٿا ڪيرتن ڪندو هو ۽ رات جو پرانن جي ڪٿان ڪندو هو.

اونهاري وارا چار مهنا هرهڪ سال ڪراچي ۾ برنس گارڊن ۾ ڪٿا ڪندا هئا. ڪٿا وقت اٽڪل هزار پندرهان سؤ سنگي ايندا هئا. سوامي نارائڻداس 11 سال ڀريا ڪراچي ۾ سال به سال ڪٿا ڪئي. ڀائي وسوارام صاحب بابت ڳالهه ٿا ڪن ته پير جي ڳوٺ ۾ ڀائي جي ماتا ۽ استري هڪ ئي رات پير جي ڳوٺ ۾ گذر ڪري وييون. ڀائي خوشالداس ٻنهي ڄڻين جا لاش ڇڏي ٽنڊي مستي ۾ ڀائي وسوارام صاحب وٽ اچي هنکي عرض ڪيائين ته انهن کي مهرباني ڪري وڌيڪ حياتي بخشيو. ڀائي وسوارام صاحبن ڀائي خوشحالداس کي چيو ته ٻن مان هڪڙي وري حيات ٿي سگهي ٿي وڻيئي ته ماتا جي حياتي وٺ يا وڻيئي ته پنهنجي استري جي حياتي وٺ. ڀائي خوشحالداس پنهنجي ماتا جي حياتي وڌائي ورتي. هو ڳوٺ موٽي آيو ۽ اچي ڏٺائين ته سندس ماتا وري حيات ٿي پيئي هئي.

هڪ دفعي ڀائي واسورام صاحب پنهنجي پوٽي ڀائي نارائڻداس کي ساڻ ڪري پير جي ڳوٺ مان ٽنڊي مستي ڏانهن وڃي رهيو هو. واٽ تي ماڻهن ڀائي واسورام کي ٻڌايو ته هڪ زميندار جو شوخ ۽ ڇتو ڪتو آهي تنهن ڪري ان کان پاسو ڪري ٻيو رستو وٺي وڃون. ڀائي وسورام ۽ ڀائي نارائڻداس ساڳيو رستو وٺي هلندا رهيا. رستي تي اهو ڪتو ڊوڙي ڀائي واسورام وٽ آيو پر جڏهن ڀائي واسورام جي نزديڪ آيو تڏهن اهو ڪتو پڇ لٽڪائي بيهي رهيو. ماڻهن کي اها حالت ڏسي ڏاڍو اشچرج لڳو. ڀائي صاحب کان ان ڳالهه جي ڳجهارت پڇائون. ڀائي صاحب وراڻي ڏني اسانکي ڪتي ۾ به هري جو روپ ڏسڻ ۾ آيو. جتي ڪٿي ڀڳوان سدائين قائم آهي.

ڀائي ٿائون رام کي جي ٽي نياڻيون هيون تن مان هڪ شريمتي رامي ٻائي ميران ٻائي وانگر وڏي ڀڳتڻ ٿي گذري آهي. ٻائي شادي نه ڪئي سمورو وقت ايشور جي ڀڄن ۾ سڦلو ڪندي هئي. رامي ٻائي کي ٽنهي ڪالن جي سڌ پوندي هئي. هن جون گهڻيون ڪرامتون ڏيکاريل آهن. ڀائي نارائڻداس جي ايامڪاري ۾ پير جي ڳوٺ جو ناماچار وڌيو. ڀائي نارائڻداس جا سنگي پير جي ڳوٺ، ڪراچي، شڪارپور، سکر، مديجي ۽ رتي ديري ۽ نئي ديري ۾ گهڻا آهن. جنجو صدق ۽ شرڌا درٻار ۾ جهجهي آهي. مکي جشن مل سکر واري کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. ڀائي نارائڻداس هڪ منتر مکي جشن مل کي ٻڌايو جنهنجي جپڻ سان هنکي ٻه پٽ ٿيا. ڀائي ليلارام راڌا ڪرشن ڪراچي واري ڀائي نارائڻداس کي تيرٿن تي وڃڻ وقت عرض ڪيو ته سوامي! اوهان تيرٿن تان موٽي ساڳي دستور موجب ڪراچي ۾ اچي 4 مهنا ڪٿا ڪيرتن ۽ ستسنگ ڪجو. ڀائي نارائڻداس هنکي وراڻي ڏني ته اسان ڪراچي جون ڀتيون وساري آيا آهيون. ڀائي نارائڻداس تيرٿ ياترا تي شرير تياڳيو. شرير ڇڏڻ کان ٽي ڏينهن اڳي سنگين کي ڄاڻ ڪيو ته هاڻي اسين شرير ڇڏينداسون. ڀائي نارائڻداس کي ٻه پٽ هرهڪ ڀائي ارجنداس (2) ڀائي ماڌوداس آهن. ڀائي ارجنداس پتا جي گادي تي ويٺو. ڀائي ارجنداس سنسڪرت جو ودوان آهي. پتا ڀائي نارئڻداس جهڙو رس سندس ڪٿا ۾ لوڪن کي اچي ٿو. ڀائي کيمان جو وڏو پٽ ڀائي سيتلداس ٽنڊي مستي واري درٻار تي گادي تي براجمان آهن. ڀائي ايسرداس ڏيڍ سال ٿيو ته نواب شاه ۾ درٻار موني بازار ۾ کولي آهي. ڀائي ايسرداس صاحب سنسڪرت جو ودوان آهي. سندس ڪٿا مان سنگين کي چڱو آنند اچي ٿو. ڀائي ايسرداس صبوح ۽ شام درٻار ۾ ڪٿا ڪيرتن ڪن ٿا.

 

ڀڳت ٽڪيارام جو اسٿان ٽنڊو قيصر

ٽنڊي قيصر تعلقي حيدرآباد ۾ صوفين جو هڪ نامور اسٿان آهي. اهو اسٿان ڀڳت ٽڪيارام صاحب جي نالي سان پرسڌ آهي. ان اسٿان تي هرهڪ مهني جي سنڌي 17 تاريخ رات جو جاڳرتو ٿيندو آهي جتي سک شيوڪ رات جو گڏجي ايشور جا گڻانواد ۽ ڪافيون ۽ گيت ڳائيندا آهن. ڀڳت ٽڪيارام ۽ ٻين سنتن جون سماڌيون آهن. سماڌين تي سال به سال ڦڳڻ واري مهني ۾ ميلو لڳندو آهي.

شجرو

ڀڳت ٽڪيارام

ڀڳت منگهن رام

ڀڳت شيوارام

ڀڳت ڀڳرومل

ڀڳت ٽڪيارام صاحب جن جا هيٺ مختصر جيون چرتر ڏجن ٿا.

ڀڳت ٽڪيارام جا وڏا مارواڙ ديس جا هئا، اهي ڏڪار سبب سنڌ ۾ آيا هئا، هنن کي نواب قيصر خان پنهنجي حويلين جي پريان ميدان ۾ جهوپڙيون رهڻ لاءِ اڏائي ڏنيون هيون. ڀڳت ٽڪيارام صاحب جا پتا ڀڳت ڌيرو هو. ڌيرو ڀڳت کي پتر سنتان ڪونه ٿيندو هو. پوءِ ڌيرو ڀڳت کي خليفي سائين ميان يوسف شاه جهوڪ ڌڻين جي دعا سان ٻه پٽ ٿيا. وڏي جو نالو ٽڪيارام رکيو ويو. ڌيرو ڀڳت صوفي مت جو هو. هنجو پڪو نشچو شاه قلندر ميران پور واري ۾ هو. هو هر ڪنهن سنڌي مهني جي سترهين تاريخ جهوڪ شريف ويندو هو. جڏهن ڌيرو ڀڳت جهور ٻڍو ٿيو تڏهن هنکي حڪم ٿيو ته ساڌ ڌيرو! تون هاڻي اڳتي سترهين پاڻ وٽ ڪندو ڪر. اسين تو وٽ سترهين رات هميشہ گپت روپ ۾ اينداسون ۽ هتي جهوڪ شريف ۾ ٻئي ڏينهن تي اينداسون. اڄ ڏينهن تائين ڀڳت ٽڪيارام جو اولاد سترهين پنهنجي اسٿان تي ڪندو آهي. ڀڳت ڌيرو کانپوءِ سندس پٽ ڀڳت ٽڪيارام گادي تي ويٺا.

ڀڳت ٽڪيارام صاحب ننڍي هوندي کان وٺي ايشور جي پريم ۾ رتل هوندو هو. هو ننڍي هوندي کان وٺي جهنگ ۾ راتيون گذاري يوگ اڀياس ۽ ايشور جو ڀڄن ڪندو هو. ڀڳت ٽڪيارام صاحب روزمره رات جو جهنگل ۾ وڃي اتي ايڪانت ۾ وڃي ايشور جو ڀڄن ڪندو هو. روز مره جي اها هير ٿي وين. ڀڳت ٽڪيارام جا شرڌالو سک حيدرآباد ۽ ٻين هنڌ گهڻا ٿيا. ڀڳت صاحب حيدرآباد ۾ ڀائي ڪشورام صاحب صوفي ڀائي ڪرپارام صاحب ۽ نانگي صاحب ۽ مسند ڀائي ڪشنداس صاحب جي صحبت ڪندا هئا. ڀڳت ٽڪيارام جي دواري تي رات ڏينهن سک شيوڪ ايندا ويندا پيا هئا. رات ڏينهن شبد ڪيرتن جي لولي لڳي پيئي هوندي هئي. ڀڳت صاحب ايشور جو شبد وڏي آواز سان مؤج ۾ اچي ڳائيندا هئا ۽ ان وقت سندس منهن سورج وانگر پيو چمڪندو هو.

ڀڳت ٽڪيارام جي ديولوڪ پڌراجڻ کانپوءِ سندس پٽ ڀڳت منگهنداس گدي تي ويٺو. هو صاحب پڻ پنهنجي پتا جهڙو ايشور جو پريمي ڀڳت هو. جڏهن ڀڳت منگهنداس پنهنجي پتا جو ڀنڊارو ڪيو تڏهن ڀنڊاري تي ايتري خلق اچي ڪٺي ٿي جو گڏ ڪيل سيڌو سامان جو ٽن ويلن جو هو تنهن مان ڳچ هڪ ئي ويلي تي کپي ويو ۽ باقي ٿورو وڃي بچيو. رات جو ڀڳت منگهنداس کي سپني ۾ ڀڳت ٽڪيارام درشن ڏيئي چيو ته ٻچا تون منجهي نه پؤ. اسانجي گيروتي چادر ڌوئي ديگ مٿان رکي ديگ مان ڇليون ڀر ته سڀ پورن ٿي ويندي ان ديگ ۾ اهڙي برڪت پئي جو ساري سنگت کائي خوش ٿي اُٿي ۽ اڃان به ديگ ۾ پاسي کان اَن بچيو پيو هو. مطلب ته ڀڳت سدائين قائم آهن هو پنهنجا ڪارج پاڻ ڪن ٿا. ڀڳت ٽڪيارام جي سماڌ سندن دواري کان ٿورو پنڌ پري هڪ زميندار جي زمين ۾ آهي. ڀڳت منگهنداس گائن وديا ۾ هوشيار هو. هو صاحب به پتا وانگر مؤج ۾ اچي ڀڄن ڳائيندو هو.

 

 

سنت ٿاهريو سنگ جو اسٿان ڪندڙا ۾

شهر ڪندڙا تعلقي روهڙي ضلع سکر ۾ سنت ٿاهرئي سنگ جو اسٿان آهي. اهو اسٿان ڀائي ٿاهرئي سنگ ٺهرايو هو. ڀائي ٿاهريو سنگ هڪ نامور سنگ ٿي گذريو آهي. ڀائي ٿاهرئي سنگ جو جنم ڳوٺ ڪندڙا ۾ ٿيو هو. هنجي مائٽن کي ڳوٺ ۾ هڪ ريزڪي وکر جو هڪ دوڪان هوندو هو. ننڍي هوندي کان وٺي سندس ورتي وئراڳ وان هوندي هئي. پتا جا پئسا غريبن ۽ اَناٿن کي ورهائي ڏيڻ لڳو. جڏهن سندس پتا ڏٺو ته پٽ سندس چيو نٿو مڃي ۽ ڌن لٽائڻ کان باز نٿو اچي تڏهن هنکي استري سميت گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائين. ڀائي ٿاهرئي سنگ ڪندڙا جي ڀرسان بيگامي جي ڳوٺ ۾ سيڌي جو دوڪان کوليو. ڀڳوان پنهنجي ڀڳتن جي سدائين سهائتا ڪندو آهي. دوڪان مان ڀائي صاحب کي چڱي پراپتي پيئي ٿيندي هئي. ڀائي صاحب بيگامي واري دوڪان تي رهي ايشور جي ڀڳتي ڪرڻ لڳو. ڏينهن جو ڪرت ڪار ڪندو هو ۽ رات جو اٿي جهنگل ۾ وڃي لڪي ايشور جو ڀڄن ڪندو هو. جيڪي ڪمائيندو هو سو سڀ غريبن ۽ انائن کي کارائي ڇڏيندو هو. پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجي استري جا زيور به وڪڻي لنگر جاري رکيائين. سندس استري هنکي ڪنگال ڏسي کيس ڇڏي وڃي پيڪي گهر رهي. ڀائي صاحب جڏهن 30 ورهين جي ڄمار جو ٿيو تڏهن هنکي تيٻر وئراڳ جاڳيو. هنجي اکين مان سدائين ايشور پريم جو جل وهندو هو. هو خوشيءَ وچان موج ۾ اچي گروگرنٿ صاحب جو پاٺ ڪندو هو. تنهن کانپوءِ ڀائي صاحب بيگاماجي جو دوڪان ڇڏي ڪندڙن ۾ ڀائي گرداس جي ٽڪاڻي ۾ اچي رهيو. اتي ڀائي صاحب ساڌن سنتن جي شيوا به ڪندو هو ۽ ايشور جو ڀڄن به ڪندو هو. سندس استري به ڀائي گرداس رام جي موڪل وٺي سندس ٽڪاڻي ۾ پتي سان گڏ ساڌن سنتن جي شيوا ڪندي هئي. ٿورن سالن کانپوءِ ڀائي گرداس پنهنجن سنگين جي چوڻ تي لڳي ڀائي ٿاهرئي سنگ کي سندس ڌرمپتني سميت ٽڪاڻي مان ڪڍي ڇڏيو. ٻئي ڄڻا تنهن کانپوءِ شهر جي مسافرخاني ۾ اچي رهيا. ڳوٺ جي ماڻهن ڀائي صاحب کي مسافر خاني ۾ اڪيلو نه ڇڏيو. وٽس، اَن، نقد بسترا ۽ ڪپڙا کڻي آيا. مسافرخاني ۾ ستسنگ ٿيڻ لڳو. مسافرخاني ۾ گروگرنٿ صاحب کي براجمان ڪري سڀ گروگرنٿ صاحب اڳيان روز مره ڀڄن ڪندا هئا. ڪندڙا جي مکي ڀوڄيمل ڀائي صاحب کي مسافرخاني جي ڀرسان هڪ ڌرمسالا ٺهرائي ڌني. اها ڳالهه سنبت 1932 ۾ ٿي. ڀائي صاحب ڌرمشالا ۾ رهي ايشور جو ڀڄن ۽ ستسنگ ۽ ڪٿا ڪيرتن ڪرڻ لڳا. ڀائي صاحب رات جو هڪ بجي مهل ڀڄن ڪرڻ لاءِ ٻاهر جهنگل ۾ ويندا هئا. هڪ دفعي جهنگل ۾ ڀڄن ڪندي اهڙو لين ٿي ويو جو هنکي شرير جي سڌ نه رهي. اُن وقت ڀائي صاحب کي شري گرودسمين پاتشاه گرو گوبند سنگ جو درشن ٿيو. گروجن ڀائي صاحب کي فرمايو ته اوهانکي اڳتي جهنگل ۾ اچي ڀڄن ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. اوهين پنهنجي ڌرمشالا ۾ رهي ڀڄن ڪريو.

سنبت 1939 ۾ ڀائي صاحب جي وڏي نياڻي جو وهانو ٿيو. ڀائي صاحب نياڻي جو وهانو جو ڪنهن به قسم جو بندوبست نه ڪيو ۽ سڀ لاهي ايشور تي رکيو. جڏهن فقط 10 ڏينهن وهانو ۾ اچي رهيا تڏهن ڀڳت وڇل ديالو ڀڳوان پنهنجي ڀڳت جي پئج رکڻ لاءِ اهڙو کيل رچيو جو دور دور ديسن ۽ شهرن جي ماڻهن کي پريڻا ڪيائين تي ڀائي صاحب جي نياڻي جو وهانو ٿيڻ وارو آهي اوهان ڪپڙا ڳهڻا، اناج ۽ نقد کاني ڀائي صاحب اڳيان وڃي رکو. ايشور جي پرينا سان سڀ سانگري تيار ٿي ويئي ۽ ڪيترا سنگي وهانو ۾ مدد ۽ شيوا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. گهوٽ پيءُ هڪ وڏو شاهوڪار سيٺ هو. گهوٽيتن جي ڄڃ اٽڪل هڪ هزار کن هئي. انهن سڀني جي مرحبا ۽ رسائي سنگت ڏاڍي پريم ۽ سڪ سان ڪئي. اَن پاڻي جا لنگر ڀريا اٺ ڏينهن لڳو پيو هو، ڌن آهي ايشور جا ڀڳت جنجو سچو ويساه ۽ صدق پنهنجي پياري ايشور ۾ آهي.

ڀائي ٿاهريو سنگ سدائين ايشور ڀڄن ۾ مست رهندو هو. جيڪو وٽس ايندو هو تنهن کي ايشور جي ڀڄن ۽ گرواڻي پڙهڻ جو اُپديش ڏيندو هو. ڀائي ٿاهرئي سنگ جي اُپديش ۾ وڏو اثر هوندو هو. هنجا وچن ٻڌي هڪم ٻڌندڙن جو من ڀڄي پوندو هو. ڀائي صاحب شرير ڇڏڻ کان چار ڏينهن اڳي پنهنجن سنگين کي ٻڌايو هو ته اسانجي تياري آهي، اسين هاڻي شرير ڇڏينداسين. ڀائي صاحب تاريخ 14 مانگهه 1983 برابر 26 جنوري 1927 ٻڌر ڏينهن رات جو 9 بجي هري جو نام جپيندي شرير ڇڏيو.

ڀائي ٿاهريو سنگ ايشور جو پيارو ڀڳت ۽ برهم گياني ۽ سچو يوگي سنڌ ۾ ٿي گذريو. سندس اسٿان ڀيٽڻ جو وڏو مهاتم آهي.

 

مسند ڀائي جڳترام صاحب جو اسٿان

شهر حيدرآباد ۾ جهوڙيملاڻي گهٽي ۾ مسندن جي درٻار آهي. مسندن جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو.

ڀائي شامداس

ڀائي پوڪرداس مسند

ڀائي ڪيولرام صاحب

ڀائي جڳترام صاحب

ڀائي ڀڳوانداس صاحب

مسند ڀائي ڪيولرام صاحب جا وڏا اصل روهڙي ۾ رهندا هئا. ڀائي ڪيولرام صاحب حيدرآباد ۾ اچي درٻار اسٿان ڪئي. ڀائي ڪيولرام مسند گروءَ جو پيارو ۽ ڪامل ڀڳت ٿيو، درٻار اسٿان ٿيو. ڀائي ڪيولرام روز صبوح جو درٻار ۾ ڪٿا ڪيرتن ڪندو هو. ڀائي جڳترام جو جنم حيدرآباد جي شهر ۾ سنبت 1923 برابر 1867ع ٿيو. ڀائي جڳترام اڃان ڇهن ڏينهن جو هو ته سندس ماتا چالاڻو ڪيو. ڀائي صاحب جڏهن 6 درجا انگريزي پڙهي پاس ڪيا تڏهن سندن پتا ڀائي ڪيولرام چالاڻو ڪيو. ڀائي صاحب انگريزي پڙهڻ ڇڏي سنسڪرت وديا پڙهڻ ويٺو ۽ گرو درٻار جي شيوا ڪرڻ لڳو.

ڀائي جڳترام صاحب ايشور پرماتما جي ڀڳتي ۽ غريبن ۽ محتاجن جي شيوا ڪرڻ ۾ سڦلي ڪئي. سندس رهڻي ۽ ڪهڻي سادي هوندي هئي. دينن ۽ دکين لاءِ کيس دل ۾ درد هوندو هو. ڪيترا ڪامورا ۽ ٻيا اٿتي ۽ بيمار ڀائي صاحبن وٽ سندس آسيسا پنڻ ايندا هئا. ڀائي صاحب هنن کي گرو گرنٿ صاحب مان شبد لکي رکيا ٺاهي ڏيندو هو. سندس آسيسا سان ۽ سندس رکيا پائڻ سان سوالين جي من جون مرادون پوريون ٿينديون هيون.

ڀائي صاحب ساري عمر سنتن مهاتمائن جي سنگت ڪرڻ سان سڦلي ڪئي. سنتن جي صحبت ۽ شيوا جو رنگ مٿس چڙهيو. ڀائي صاحب ڪيترا سال سانده پنهنجي درٻار ۾ صبوح جو 9 کان 10 تائين گرو گرنٿ صاحب ۽ سورج پرڪاش جي ڪٿا ڪئي. سندس ڪٿا ۾ ڏاڍو رس ستسنگن کي ايندو هو. سڄي درٻار سنگين سان ڪٿا وقت ڀرجي ويندي هئي. ڀائي صاحب هڪ نماڻي مورت هو. ڪڏهن به دمڀ ۽ ڏيکاءُ نه ڪيائين. ڪٿا کانپوءِ اڌ ڪلاڪ شبد ڪيرتن پاڻ ڪندا هئا. ڳائڻ ‎۾ هوشيار هوندو هو. سندس آواز تمام سٺو ۽ سريلو هوندو هو ڀائي صاحب جوتش وديا ۾ پڻ هوشيار هوندا هئا. ڀائي صاحب دياوان به هڪڙو ئي هوندو هو. انيڪ دفعا پنهنجا اوڍيل وستر غريب سوالين کي لاهي دان ڪندا هئا. ڀائي صاحب پاڻ وٽ پئسو جمع ڪري نه رکيو. سڀ پئسا غريبن ۽ گهرجائو ماڻهن کي دان ڪري ڇڏيندو هو. ڏاڍو اُدارچت هوندو هو. سنتن جي پٺيان جام پئسا خرچ ڪيائين.

ڀائي صاحب کي اڳيئي ڄاڻ پيا ديولوڪ هلڻ لاءِ تياري ڪئي. شرير ڇڏڻ کان ٽي ڏينهن اڳي هو پنهنجي ڪٽنب سميت روهڙيءَ ڏانهن روانا ٿيا. ڀائي صاحب آڪٽومبر 1914 تي سڀني کان موڪلائي هيٺ زمين تي ڦلٿي ماري رام نام جو نالو جپيندي ديه تياڳي. ڀائي صاحب شرير ڇڏڻ وقت چڱا ڀلا هئا. ڀائي صاحب جي اها حالت ڏسي سڀني کي عجب لڳو.

هن وقت ڀائي جڳترام جو فرزند ڀائي ڀڳواندس صاحب مسند گادي تي ويٺل آهي. هو صاحب هڪ نماڻي مورت آهي. ڀائي ڀڳوانداس صاحب ۾ سنتن مهاتمائن جهڙا گڻ آهن. ڪيترا ڪامورا ۽ ڀائيبند سيٺيون شش آهن. هرهڪ سال ٽي ڏينهن ڀائي صاحب ناهري واري مهني ۾ پنهنجي پتا ڀائي جڳترام صاحب جي ورسي درٻار ۾ ڌام ڌوم سان ملهائيندو آهي.

 

 

مهراج بسنترام صاحب جو اسٿان

شهر حيدرآباد ۾ اڪتراءِ گهٽي ۾ راڌي شيام جو هڪ مندر آهي. ان مندر جو پايو وجهندڙ مهراج بسنترام صاحب هو. مهراج بسنترام صاحب سنڌ جو نامور ڀڳت ۽ ڪوي ٿي گذريو آهي. هرهڪ سال ڦڳڻ واري مهني ۾ سندس شش مهراجن جو جنم دن نؤ ڏينهن سانده ڌام ڌوم سان ان اسٿان تي ملهائيندا آهن. هر روز صبوح ۽ شام وٽن اسٿان تي ڪٿا ڪيرتن ۽ هري نام جي ڌني ٿيندي آهي. ان اسٿان تي راڌي شيام جون پرڪرمائون رکيل آهن. جنجي وڌيءَ موجب روز مره صبوح، شام شيوا آرتي ٿيندي آهي.

ان اسٿان تي برهم نيشٽيءَ برهم شروتري مهراج بسنترام شرما ايشور جو ڀڄن ڪيو آهي. هن وقت ان اسٿان تي مهراج بسنترام جو شش شام سنيهي وشڌ آنند رهي ٿو.

مهراج بسنترام ڪرشڻ رامائڻ پستڪ هندي ڪوتا ۾ رچيو آهي. ان پستڪ ۾ رامائڻ جي طرز موجب دوهرن ۽ ڇندن ۾ شري ڪرشڻ ڀڳوان جي ٻال ليلا جو ورنن ٿيل آهي. مهراج بسنترام صاحب جي ٻي انيڪ واڻي رچيل اهي جا سنڌي ۽ هندي ٻولي ۾ ڇپايل آهي. ان اسٿان سان لاڳو شهر حيدرآباد ۾ ڦليلي جي ڪپ تي آغا جي ٽنڊي جي نزديڪ هڪ ڪٽيا مهراج بسنترام صاحب جي آهي جنهن ڪٽيا ۾ مهراج بسنترام صاحب ايڪانت اسٿان جو آنند وٺي ايشور جو ڀڄن ڪندا هئا. مهراج سنترام صاحب جو مختصر جيون چرتر هيٺ ڏجي ٿو.

مهراج بسنترام صاحب سارسوت براهمڻ ڪل جا ويٺل اجن شاه جي ڳوٺ تعلقي هالن جا هئا. سندس پتا جو نالو مهراج لکي رام هو. سندس جنم ڦڳڻ جي شڪل ايڪادسي سنبت 1929 ڌاري ٿيو هو. مهراج بسنترام جڏهن ڪشور اوسٿا جا ٿيا تڏهن سنسڪرت وديا پڙهڻ لاءِ حيدرآباد شهر ۾ اچي رهيا. سندس شڀ وهانو سنبت 1950 ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هڪ ڏينهن شري ڀڳت مالا پڙهندي مهراج جنکي هن انت ۽ دک روپي سنسار کان کٽائي ۽ وئراڳ اتپن ٿيو. مهراج جن اهو پڪو پهه ڪيو ته مان هري ڀڳتن وانگر ايشور جي ڀڳتي ڪري موکش پد حاصل ڪندس. اهو شڀ سنڪلپ دل ۾ درد ڪري مهراج بسنترام صاحب پنهنجن ڀائرن کي چيو ته اوهان پروهتي ۽ ورت جو ڪم سنڀاليو مان هاڻي دنيا جي ڌنڌن کان فارغ ٿي ايڪانت اسٿان تي رهي فقط ايشور جو نام جپيندس ۽ سندس ڀڳتي ڪندس. سندس ڀائر کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو پر مهراج جن هنن کي نه ٻڌو. ان وقت سندس حالت تيٻر وئراڳ واري هئي.

مهراج جن تنهن کانپوءِ ڦليلي جي ڪناري تي ڪاري ڦردي وٽ هڪ ٺهيل ٺڪيل ڪٽيا ۾ هر رات جو 2 -3 بچي اچي ايڪانت ۾ رهي ايشور جو ڀڄن ڪندا هئا. سڄو ڏينهن ان ڪٽيا ۾ رهي رات جو موٽي گهر ايندا هئا. شرير نرواه واسطي پنهنجي ڌرمپتني کي چئي ڇڏيائون ته هر ڪنهن کي روزي رسائڻ وارو ايشور آهي. ايشور جي پريڻان سان آجيوڪا پيئي ٿيندي. مهراج جو پورو يقين ايشور ۾ هو ته هو کين بکيو نه ڇڏيندو.

مهراج بسنترام جو پرم پريتم مهراج نئنارام صاحب هو. مهراج نئنارام صاحب هڪ سشيل براهمڻ هو. ٻنهي مهاتمائن گڏجي مٿئين ذڪر ڪيل ڪٽيا ۾ ايشور جو ڀڄن ڪيو. سندن پريم پاڻ ۾ بيحد هوندو هو. ڪيترا شبد سندن گڏ جا چيل آهن جن ۾ نئنا بسنت جو ڀوڳ پيل آهي.

مهراج بسنترام يوگ اڀياس ڪري پرمانند پاتو. انتش ڪرڻ شڌ ڪرڻ ۽ من کي هٿ وس ڪرڻ لاءِ ڏکيون ڏکيون ڪاشٽائون سٺيون هئائين. يوگ ساڌنا جي سمي ۾ سادو ۽ سوکم کاڌو کائي ايشور جي ڀڄن ۾ مگهن رهندا هئا. اٺن پهرن ۾ فقط هڪ ڀيرو پرشاد وٺندو هو. سندس شرڌالو ۽ پريمي سنگي وٽن ان ڪٽيا ۾ ايندا هئا. ان ڪٽيا ۾ صبوح ۽ شام ڪٿا ڪيرتن ۽ ڀڄن ڀاءُ ٿيندو هو. هو پنهنجو اپديش مکيه ڀڳوت ڀڳتي جي وشي تي ڏيندو هو. سندس ڪٿا ڪرڻ مان سنگين کي گهڻو آنند پراپت ٿيندو هو. سندس سنگ ۾ انيڪ ماڻهن ماس ۽ مڌرا کائڻ ڇڏي ڏنو. مهراجن جن اُدارچت جا هئا ڌن ڪٺي ڪرڻ تي اچن ها ته ڪيتروئي ڌن ڪٺو ڪري سگهن ها. پر سندن دل ڌن ڪٺي ڪرڻ سان نه پيئي. خوب دان ڪپڙي، اَن ۽ ڌن جو ڪيائون. شري مد ڀاڳوت پارائڻ جو رواج شهر حيدرآباد ۾ گهڻي قدر وڌايائون. کيس جڏهن پٽ ڄائو تڏهن گرهست آشرم ڇڏي وان پرست اختيار ڪيائين. سندس ڳائڻ تي ڏاڍو شونق هوندو هو. جهڙو هوس پريم، تهڙي هيس گلي جي مڌرتا. پياري شيام سندر من موهيندڙ جا گڻانواد ڳائيندي پريم جا لڙڪ سندس اکين مان ٽمندا هئا. مهراج سناتن ڌرم جا سنڌ ۾ ٿنڀا هئا، حيدرآباد، سکر، شڪارپور ۽ ٻين ڪيترن ننڍن وڏن شهرن ۾ سناتن ڌرم ۽ ڀڳوت ڀڳتيءَ جو پرچار ڪيائين.

مهراجن تنهن کانپوءِ پنهنجي ڪٽيا ڦليلي جي ڪپ تي آغا جي ٽنڊي وٽ ڪيائون. مهراج جنجو سنتن مهتامائن سان ڏاڍو پريم هوندو هو. کين ايشور روپ ڄاڻي سندن شيوا ٽهل ڪندو هو. وٽس ڪٽيا تي ڪيترا ساڌو مهاتمائون ايندا هئا. ۽ وچن ولاس جو گهڻو آنند ٿيندو هو. پاڻ به ست پرشن ۽ مهاتمائن وٽ سندس صحبت ڪرڻ لاءِ ٻه پير ڀري ويندا هئا. مهراج بسنترام صاحب شري ڪرشڻ ڀڳوان جا پيارا پرم پريمي ڀڳت هئا. راڌا ڪرشن جي گڻانواد ۽ ليلائن جي ڳائڻ مان کيس گهڻو آنند ايندو هو. سپني ۾ شري ڪرشڻ ڀڳوان کيس آگيا ڪئي ته پريتم جا گڻ پستڪ آڪار ۾ ڳاءِ ۽ ان جو نالو شري ڪرشنائڻ رک. مهراج جنکي شري ڪرشنائڻ رچڻ ۾ ٽي ورهيه ست مهنا لڳا. ڏهاڙي رات جو 10 کان 12 بجي تائين شري ڪرشنائڻ لکڻ جو ڪم ڪندو هو. مهراج جن چيٽ سنبت 1974 تي چيٽ جي سهائي تيرس تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

 

 

هٿوگي جي ساڌنن جو اسٿان

شهر هٿوگو تعلقي کپري ضلع ٿرپارڪر ۾ ميرپورخاص کان 42 ميل ۽ شادي پلي کان 32 ميل پري گرهستي ساڌان جي رهڻ جو مشهور اسٿان آهي. اهو جهونو شهر سنڌ ۽ جيسلمير رياست جي اصل حد تي وارين جي پٽين تي اڏيل آهي. اوائل ساڌ ان اسٿان جو ٻاٻو پر سڏنو هوندو هوندو هو. هنجو جنم به هٿونگي جي شهر ۾ ٿيو هو. سندس مائٽ هٿونگي جي شهر ۾ زمينداريءَ ۽ ڌنڌو ڪندا هئا. پاڻ ساڌ سڀ گرهستي آهن. هنن ساڌن جا 5 – 6 گهر ان شهر ۾ آهن جن سڀني کي هٿونگي جا ساڌ سڏجي ٿو.

ساڌ پر سڏني مل انيڪ سوالين جا ڪم ڪيا. جيڪو بيمار وٽس ايندو هو سو وٽس ٻه ٽي ڏينهن سندس آسيسا سان چڱو ڀلو تندرست ٿي پنهنجي ڳوٺ موٽي ويندو هو. ساڌ پرسڏنومل وڏيءَ ڪرامت ۽ سڌيءَ وارو سنت ٿي گذريو اهي. ماتلي کان ٻه ٽي ميل پري گياندل کوسي جي ڳوٺ ۾ سندس ٻيو اسٿان آهي. جنهن کي ڀڳت پرسڏني مل جو ٽڪاڻون سڏجي ٿو. اٽڪل سٺ سال ٿيا ته شرير ڇڏيائون. سندس سماڌ هٿونگي ۾ آهي جنهن تي وڏو قبو اَڏيل آهي. هولي تي ساڌ پرسو ڏني جي سماڌ تي چار ڏينهن وڏو ميلو لڳندو آهي. جتي اٽڪل پنج ڇهه هزار ماڻهو زالون ۽ مرد ايندا آهن. ميلي تي هڪ شآهي لنگر لڳندو آهي. جتي سڄي شهر جا ماڻهو ۽ ميلي تي آيل رسوئي وٺندا آهن. ميلي تي ڪل ست ويلا رسوئي ٿيندي آهي. سنگي هرهڪ ويلو اڳيئي وراهي کڻندو آهي. يعني هرهڪ ويلي جي رسوئي جو خرچ ساڌ پرسوڏني جا شرڌالو سنگي ميلي کان اڳيئي پاڻ تي هموار ڪندا آهن. اهڙي طرح ستن ئي ويلن جي رسوئي سنگي ڪندا آهن ۽ ساڌ ۽ ٻيا سنگي اُن ويلي ڏيندڙ سنگي سان همراهي ڪندا اهن. ميلي تي ٻين شهرن جا ساڌ اچي ڪٺا ٿيندا آهن ۽ شبد پاڻي ڪندا آهن. هولي جا چارئي ڏينهن وڏو آنند لڳو پيو هوندو آهي. ساڌ پرسڏني مل جو سماڌ اڳيان سوين سوالي مٿو ٽڪين ٿا ۽ انهن جون ڪامنائون ۽ سوال پورا ٿين ٿا. هر ڪنهن کي پنهنجي ڀاونا جا ڀاڙا ملن ٿا.

ساڌ پرسڏني مل بابت ڳالهه ٿا ڪن هڪ ڏينهن چڱو ڀلو ويٺو هو ته چوڻ لڳو ته اسين هاڻي شرير ڇڏيون ٿا ۽ ائين چئي چادر تاڻي سمهي پيا ۽ هڪ کن ۾ شرير ڇڏيائون. هن وقت ساڌ پرسوڏني جي اسٿان جي گادي تي سندس ڀائٽيو ڀائي هاسانند ويٺل آهي. ڀائي هاسانند نمرتا ۽ سنتوشي ساڌ آهي.هن وقت سندس اوسٿا سٺ ورهين جي ٿيندي. گذران پنهنجي زمينداري ۽ ڌنڌي تي ڪن. اسٿان تي وڏي عاليشان عمارت ٺهرائڻ لاءِ سنگين ساٿين هاسانند کي صلاح ڏني ته سائين اوهان فقط ميلي وقت سنگين اڳيان ان ڳالهه جو ذڪر ڪريو ته لک روپيه چڙهي ويندا. پرڀائي هاسانند وراڻي ڏني ان بابت سنگين کان گهر نه ڪنداسين. پاڻيهي جنهنجي اِڇا ۽ شرڌا هجي سو ان ڪم ۾ ڦوري ڏي. اٽڪل ٽي سال ٿيندا ته قبي جي لاڳو ان اسٿان تي هڪ نئين عاليشان عمارت تيار ٿي ويئي آهي جا اٽڪل پنڌرهان هزار روپيه کائي ويئي آهي. هٿونگي جا ساڌ سڀ نماڻي رهٿ ۽ هلت چلت وارا آهن. هنن کي ڪنهن به قسم جو لوڀ ۽ لالچ نه آهي. پنهنجو ڌنڌو ڪري ان مان روزگار ڪن ٿا ۽ ايشور جو ڀڄن ڪن ٿا.

 

 

مهراج ڏيو ڏنارام صاحب جو اسٿان دادو

دادو شهر ۾ مهراج ڏيو ڏنارام صاحب جو مشهور اسٿان آهي. مهراج ڏيو ڏنارام سارسوت براهمڻ دادو جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ جو رهندڙ هو جتان لڏي هن صاحب دادو ۾ اٽڪل هڪ سؤ ورهيه ٿيا ته اچي اهو اسٿان برپا ڪيو.مهراج ڏيو ڏنارام سنسڪرت جو ودوان هوندو هو. حيدرآباد ۽ ٻين ڪيترن شهرن جا براهمڻ وٽانئس سنسرڪت وديا پڙهيا. دادو جي شهر ۽ دادو ضلع جي شاهوڪار سيٺين ۽ هندو زميندارن پنهنجي ملڪيت زمينون ۽ جايون ڌرم ارپڻ ڪري مهراجن کي دان ڪئي اڄ اهو اسٿان ۽ اُن سان لاڳو جايون اٽڪل پنڌرهن لکن روپين جون ٿينديون. مهراج ڏيو ڏنارام ٻال برهمچاري هوندا هئا.

مهراج ڏيو ڏنارام صاحب جو اهو نيم هوندو هو جو 3 بجي صبوح جو اُٿي شرير جي ڪريا ڪرم ڪري سنڌيا، گائتري، هون ۽ يگيه ڪندو هو. شام جو 3 بجي مهل فقط هڪ دفعو سڄي رات ۾ ساتوڪ ڀوڄن کچڻي ۽ دال ۽ سائي ڀاڄي جو ڪندو هو. سندس اسٿان تي سدائين عام لنگر چالو رهندو هو جتي ڪيترا اتٿي ساڌو سنت ۽ گرهستي روز روٽي اچي کائيندا هئا. هنڌ سنڌ جا ودوان ۽ پنڊت مهاتمائون ۽ ساڌو وٽس اچي مهمان ٿي ٽڪندا هئا. جنجي خاطريءَ سان شيوا ٽهل مهراج ڏيوڏنارام ڪندا هئا. مهراج ڏيو ڏنارام ايشور جو پورن ڀڳت ۽ ڪمائي وارو مهاتما هو. سندس جس ۽ ناماچار سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پکڙيل هوندو هو. ڪراچي وارا ڀوڄواڻي سيٺيون مهراجن جا يجمان هوندا هئا ۽ انهن جي مهراجن ۾ اَتي شرڌا هوندي هئي. مهراج جوتش وديا به بلڪل هوشيار هوندا هئا. جن جهڙو سنسرڪت جو ودوان پنڊت ۽ جوتش وديا جو ڄاڻون ان زماني ۾ سنڌ ۾ ڪو ڇڊو هوندو. اٽڪل 27 سال ٿيندا ته مهراجن يوگ آسن لڳائي دسمين دوار ۾ پران چاڙهي شرير تياڳيو. سندس شرير ڇڏڻ کانپوءِ سندس شش ساڌ ڀڳترام گادي تي ويٺو. ساڌو ڀڳترام صاحب دادو شهر جي سيٺين جي آڪهه مان هو. پر هن سنسار کي دک روپي ۽ ناسونت ڄاڻي ويراڳيوان ٿي دنيا کي تياڳي اچي مهراج ڏيوڏنارام صاحب جي شرن ورتي. مهراج ڏيو ڏنارام هنکي سنسرڪت وديا پاڙهي هوشيار ڪيو. سنت ڀڳترام صاحب جهڙو سنسرڪت ودوان سنڌ جي هندن ڀائيبندن ۾ ڇڊو لڀندو. مهراج دوارڪا پرساد روچيرام، مهراج لوڪرام ۽ وشنو شرما ولد مهراج نئنارام ۽ دادو جا سڀ براهمڻ سنسرڪت وديا ساڌو ڀڳترام صاحب وٽان پڙهيا آهن. ساڌ ڀڳترام صاحب ڪٽر سناتني هوندو هو. هو سدائين سناتن ڌرم جي مول متن موجب پنهنجي ورتڻ ڪندو هو. چارئي ڌام هن صاحب پيري پيادا ڀيٽيا. اهڙي طرح تيرٿ ياترا ڪنهن ورلي ساڌو يا براهمڻ ڪئي هوندي. سندس ورتڻ ۽ هلت چلت ۽ هڪ دفعو ڏينهن ۾ ڀوڄن وٺڻ وارو رستو ساڳيو سندس گرو مهراج ڏيو ڏنارام وارو هوندو هو. ساڌو ڀڳترام پنهنجي گرو جي نالي دادو ۾ هڪ هندي پالشالا برپا ڪئي. جنهنجو نالو مهراج ڏيو ڏنارام سناتن ڌرم ودياليه رکيائين.

ساڌو ڀڳترام صاحب سدائين گائتري منتر سئسر نام جو جاپ روز مره نيم سان ڪندو هو. هو صاحب نيم سان ويدن جو پاٺ ڪندو هو. کچڻي، دال ۽ سائي ڀاڄي اهو هو سندس روز مره جو ڀوڄن جو پڻهڪ دفعو وٺندو هو. ساڌو ڀڳترام اٽڪل پنج ڇهه مهنا ٿيندا ته ديولوڪ پڌاريا آهن. پنهنجي اسٿان ۽ اسٿان سان لاڳو جاين جي سنڀال لاءِ پنج ٽرسٽي مقرر ڪري ويا آهن جن مان هڪ ٽرسٽي مهراج وشنو شرما اسانجو شهر واسي براهمڻ آهي. هن سنسار مانمهراج ڏيوڏنارام ۽ ساڌو ڀڳترام پنهنجي حياتي هندو ڌرم بلي ۽ پرااُپڪار جي ڪمن ڪندي سڦلي ڪري ويا آهن. شل اسين به مٿئين ٻن صاحبن وانگر اُنهن جي پيروي ڪريو پنهنجي حياتي سڦلي ڪريون. مهراج ڏيوڏنارام صاحب جي اسٿان تي عام لنگر هندن لاءِ جاري آهي ۽ اسٿان ۾ ٻن ٽن ڏهن لاءِ رهڻ جو پن بندوبست ٿيل آهي.

 

 

گوسوامي برهمانند صاحب جو آشرم

شهر حيدرآباد ۾ گوسوامي برهمانند صاحب جو آشرم آهي. اسٿان سنياسين جو آهي، سنڌ ۾ هيٺيون مکيه سمپردائين جا اسٿان آهن (1) سنياسي (2) بيراگي(3) اداسين (4) جڳياسو(5) لعل صاحب جا پوڄارا وغيره سنياسي پورن هندو سناتني آهن ، سندن وڏو جڳت گرو شري شنڪر آچاريه آهي، ان سنيساسين جي اسٿان تي پنج ديون جي پوجا ۽ مکيه ديوي شڪتي، شو ڀڳوان ۽ گنپتي جي جي پوڄا ٿئي ٿي اها ريت ان سناتن کان وٺي سناسين جي اسٿان تان هلندي آهي. سنڌ اندر سنياسين جا وڏا شادي اصل ڪونه ڪندا هئا چئن پنجين پيڙهين کان وٺي ملڪ ۽ زماني جو ڦريل حالتون تنگ ڏسي هنن ۾ شادي ڪرڻ جو رواج پيو آهي گوسوامي برهمانند جي آشرم ۾ ديوي ماتا جي اسٿاونا ۽ پوجا آهي. هرهڪ سال ٻه دفعا چيٽ ۽ اسو ۾ نئراترا ڌام ڌوم سان شاستر ي موجب ملهايا ويندا آهن ان اسٿان ۾ ٻالڪن ۽ ٻالڪين کي سنگيت وديا باقاعدي سيکاري وڃي ٿي ۽ پڻ هندو ڌرم شاستر پاڙهيا وڃن ٿا. ٻالڪن جي چرتر سڌارڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو.سڀني ورڻن جا لوڪ هن آشرم صبوح ۽ شام کليل رهي ٿو. ان کانسواءِ هفتي ۾ هڪ دفعو آتوار ڏينهن عام جنتا ۾ گائن وديا جي پرچار لاءِ راڳه جي سڀا ٿيندي آهي ان موقعي تي جيڪي گڻي ۽ ڪلاڪار ٻاهر کان ايندا آهن تنجو لاڀ به عام جنتا کي ڏنو ويندو آهي سال به سال سانوڻ مهنيي جي وڏي تڌڙي تي گوسوامي چيتن گر صاحب جي سالياني ورسي ڌام ڌوم سان ملهائي ويندي آهي ورسي ۾ باقاعدي سنگيت ۽ ڀڄن ٿيندا آهن.

صبوح کان وٺي رات تائين ميلو لڳندو آهي جنهن ۾ وڏا ساڌ سنت ۽ ڪلاڪار ۽ گائن وديا جا پر ٻين بهرو وٺندا آهن.

        سنڌ ۾ گوسوامي جنجا وڏا لکپت کان ٽنڊي محمد خان ۾ آيا جتي سندن پراڻو اسٿان ٽنڊي محمد خان ۾ قائم آهي اهو اسٿان گوسائين ٻلديو گ جي مڙهي جي نالي سان پرسڌ آهي، ان مڙهي جا اڌ ڪاري هن وقت گوسوامي برهمانند آهن ان اسٿان ۾ اجي پال جي سماڌ آهي ان سماڌ جون عجيب ۽ غريب ڳالهيون بروگه ڪن ٿا.

ڪيترا بيمار ۽ ٻيا سوالي ان اسٿان تي شرڌا سان اچي پرساد ڪرائي انجي ڀڀوتي کڻي پنهنجو آسائون ۽ منو ڪامنائون پوريون ڪن ٿا، ان سماڌ اڳيان شرڌا سان نمڻ سان هر ڪنهن کي پنهنجا ڀاونا جا ڀاڙا ملن ٿا.

        حيدرآباد واري اسٿان جي پرنائي هيٺ ڏجي ٿي. ان اسٿان جا گاديسر سڌ پرش ٿيا آهن گائن وديا هن گهراڻي ۾ مهنت گوسوامي گهنشام گر صاحب جي آيامڪاري کان آئي ان گائن وديا جو واڌارو گوسوامي چيتن گر ۽ گوسوامي برهمانند ڪيو.

شجرو

گوسوامي هيراگر صاحب

گوسوامي کيم گر صاحب

گوسوامي گهنشام گر صاحب

گوسوامي چيتن گر صاحب

گوسوامي برهمانند صاحب

گوسوامي هيراگر صاحب اتم رهڻي وارا هوندا هئا. سدائين گوشي نشين رهندا هئا، گوسوامي هيراگر ڪرامت جا صاحب هوندا هئا. سندن ڪيترا پرتا سندس شرڌاوُ سکن شيوڪن ڏنا، سنڌ جي حاڪمن مير صاحبن وٽ گوسوامي هيراگر صاحب جي وڏي عزت سان ڏسندا هئا گوسوامي هيراگر جي ديو لوڪ پڌارجن کانپوءِ سندس چيلو گوسوامي کيم گر صاحب گادي تي ويٺا گوسوامي کيم گر گهڻن ماڻهن جا تڪرار امين ٿي فيصل ڪيا. گوسوامي کيم گر جو چيلو ڪلياڻ گر مهاودان ۽ تياگي هوندو هو، ان زماني ۾ سنياسين جا جيڪي کٽ ڪرم ٿيندا هئا سي سڀ گوسوامي ڪلياڻ گر ڪرائيندو هو تياڳه ورتي وارا هئڻ سبب پنهنجي گرن جي اسٿان تي ڪنهن به قسم جو حق نه ڇڪيائين. گوسوامي کيم گر وڏا پراڪرمي ۽ ديد هوندا هئا انهن ڏٺو ته هي وقت ڪٺن آهي سندن چيلا ناتي ايتري تکشا ۽ تپسيا ڪري پنهنجن اندرين تي ضابطو نه رکي سگهندا ۽ جيئن ته سندن سکي شيوڪن سنڌ ۾ گهڻي هئي تنهن ڪري هنن واجب ڄاتو ته ڀڳتي مارگه سان گڏ گرهست آشرم ۾ داخل ٿيڻ ضروري آهي. ان وقت سنڌ جا اسٿان ڌاري مهنت شادي ڪرڻ کان ڊڄندا هئا تن لاءِ گوسوامي جن گرهست آشرم ۾ داخل ٿيڻ جو رستو کوليو. پاڻ وڏي عمر ۾ شادي ڪيائون کين ٽي فرزند ٿيا جن مان گوسوامي گهنشام گر صاحب گادي نشين ٿا. پاڻ گوسوامي کيم گر صاحب س‍ؤ ورهين کان مٿي اوسٿا جا ٿي ديولوڪ پڌاريا. شرير ڇڏيڻ کن اڳ اطلاع ڏيئي سڀني کان موڪلائي شرير ڇڏيائون.

گوسوامي گهنشام گر وڏا ودوان ۽ چمتڪاري ساڌو ٿي گذريا آهن. عام طرح کين بادشاه فقير ڪري سڏيندا هئا. ميري ۽ پيري پئي ڪمايائون کين سدائين سواري لاءِ ڀليون ۽ قيمتي گهوڙيون ۽ اُٺ هوندا هئا. وڏي حشمت ۽ دٻدٻي وار هوندا هئا. پاڻ گائن وديا جو اڀياس ڪيائون. ڪيتريون اهڙيون ڪوتائون رچيون اٿن جن ۾ ماڻهن کي اهو اُپديش ڪيو اٿن ته ڪوڙ ۽ پاکنڊ ڇڏي ماڻهن کي اهو اُپديش ڪيو اٿن ته ڪوڙ ۽ پاکنڊ ڇڏي ستيه جي پالنا ڪريو. سندن درٻار ۾ وڏا وڏا ڪٽڪ ۽ گائن وديا ۾ ماهر اچي حاضري ڀري چونڪي ڪندا هئا. سدائين اُچي پوشاڪ پهريندا هئا. شڪل جا سهڻا، قداور ۽ سندن ڇاتي ٻاهر نڪتل هوندي هئي. دل جا درياه به هڪڙائي هئا. ڪنهن به سوالي کي هٿين خالي نه ڇڏيندا هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ هوشيار گوئي وٽن اچي پنهنجي گائن وديا جي هوشياري ڏيکاري کين خوش ڪيو. انکي انعام ڏيڻ ضروري هو. گوسوامي جن وٽ ان وقت روڪرو پئسو موجود نه هو. گوسوامي جن هيڏانهن هوڏانهن نهاري پنهنجو قيمتي سچي ڪيمخاب جو چوغو جنهنجي قيمت ان زماني ۾ ٻه سؤ روپيه هئي سو لاهي کڻي هنکي انعام طور ڏنائون اهو گوئيو ڪيمخاب جو چوغو وٺي خوش ٿي آسيسا ڪندو رمندو رهيو. سال 1903ع ۾ گوسوامي گهنشام گرديولوڪ پڌاريا. سندن ٻيو نمبر فرزند گوسوامي چيتن گر گادي نشين ٿيا. گوسوامي چيتن گر جو مختصر جيون چرتر هيٺ ڏجي ٿو.

گوسوامي چيتن گر جو ٻالڪ اوسٿا کان وٺي وديا پڙهڻ ۽ ڪلا ڏانهن لاڙو هوندو هو. گرهست آشرم کان نفرت هئڻ سبب ويهن ورهين جي ڄمار ۾ فقيري اختيار ڪري بناس ڏانهن وديا جو وڃي اڀياس ڪيائون. ڪيترا سال ڪاشيءَ ۾ رهي وديا جو اڀياس ڪيائون تنهن کانپوءِ ساري هندستان جو رٽن ڪيائون، انڊور جي راجا جي شرڌا گوسوامي جن ۾ ٿي. گوسوامي جن انڊور ۾ رهي سنگيت وديا جو چڱو اڀياس ڪيو. تنهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ موٽي اچي ڇهه مهنا کن رهي وري ڪاشي بنارس وديا جي اڀياس ڪرڻ ۽ تيرٿ ياترا ڪرڻ لاءِ ويا. ان دفعي هن پاڻ سان سنڌ جو نامور پنڊت مهراج شنڪرداس آشارام جنهنجي عمر ان وقت 17 ورهيه هئي تنهن کي پاڻ سان گڏ بنارس وديا پڙهڻ لاءِ وٺي ويا. مهراج شنڪرداس جو گوسوامي جن ۾ گهڻو پريم هوندو هو. گوسوامي جن اٺٽيهن ورهين جي اوسٿا ۾ پتا جي آگيا جو پالڻ ڪري وهانو ڪيو. ستن سالن ۾ کين ٻه فرزند ڄاوا. ان عرصي گذرڻ کانپوءِ سندن ڌرمپتني چالاڻو ڪيو. سال 1912 ۾ تيرٿن تي ايشور جي اڇا سان سوامي جنجي نيترن ۾ نزلي جي بيماري ٿي پيئي، جنهن ڪري سوامي جنجي اکين جي جوت غائب ٿي ويئي. گوسوامي جن اهو ايشور جو ڀاڻون سڀ مٺو ڪري ڀوڳيو. ان هوندي به سکن شيوڪن جا رواجي طرح ڪارج ڪندا رهيا. ان وقت سندس وڏي فرزند گوسوامي برهمانند جي اوسٿا فقط پنج سال هئي. گوسوامي جن ان وقت پنهنجن ٻن فرزندن جي گائن وديا حاصل ڪرڻ تي گهڻو ڌيان ڏنو. گوسوامي جن ۾ سيٺ گنگارام تلوڪچند سنڌورق مرچنٽ جي گهڻي شرڌا هوندي هئي. جنهنجي گهڻي قدر منٿ ڪرڻ تي گوسوامي جن 9 سال سندس جاءِ تي تلسي ڪرت رامائڻ، شري مد ڀاڳوت پراڻ، ديوي ڀاڳوت پراڻ ۽ شو پراڻ ۽ ٻين انيڪ شاسترن جي ڪٿا ڪيائون. ڪٿا ۾ زال ذات کي اچڻ جي منع هوندي هئي. روزانو ڪٿا ٻڌڻ لاءِ اٽڪل اٺ نو سؤ سنگي ايندا هئا.

گوسوامي جن نوراتن ۾ پنهنجي اسٿان تي نو ڏينهن ديوي ڀاڳوت پراڻ جي ڪٿا ڪندا هئا. گوسوامي جن روزاني نت نيم تي پورا هوندا هئا. صبوح جو ٽين بجي اُٿي ڪريا ڪرم لاهي نت نيم سان مالها کڻي ايشور جو نام جپيندا هئا. جڏهن واندا ٿيندا هئا تڏهن ماٺ ڪري ڪونه وهندا هئا. سدائين مالها کڻي ويٺا هري جو نام جپيندا هئا. گوسوامي جن وڏا ودوان هوندا هئا. حيدرآباد ۽ سنڌ جا ساڌ سنت ۽ بزرگ گوسوامي جنکي وڏي عزت ڏيندا هئا. وٽانئن ڪيترا غريب براهمڻ ۽ ٻيا گائن وديا سکي پنهنجو روزگار وڃي حاصل ڪيو. گوسوامي جن وٽان ڪيترا رامائڻ شاستر ڪيو. گوسوامي جن وٽان ڪيترا ماڻهو رامائڻ شاستر پڙهيا. ڪيترا ماڻهو وٽانئن دنيوي تڪليفن جو دور ڪرڻ لاءِ صلاح مصلحت وٺڻ لاءِ ايندا هئا. کين سوامي جن بلڪل پوري ۽نيڪ لاڀدائڪ صلاح ڏيندا هئا. ڪيترن جا فيصلا امين ٿي ڪيائون. گوسوامي برهمانند جنجو هندستان ۾ هن وقت گائن وديا ۾ ايترو نالو ڪڍيو آهي سو سڀ سندن پتا گوسوامي چيتن گر صاحب جي ڪرپا ۽ ڪوشش جو نتيجو آهي. گوسوامي جن ديش ڀڳت هوندا هئا. ديش ڀارت لاءِ سندس هڏ ڪرڪندو هو.

سال 1935 ۾ گوسوامي جنکي سال 1935 ۾ پٺيءَ ۾ ٻلهاري نڪري پيئي. جنهن سبب ديولوڪ پڌاريا. پويان ٽي ڏينهن سندن اڳيان شري مد ڀاڳوت گيتا ۽ رامائڻ جو اکنڊ پاٺ ڪيو ويو. پڇاڙي تائين سجاڳ هئا. آخرين دم تائين اوم شبد جي ڌني اُچاريندا رهيا. ۽ اوم جو شبد اُچاريندا شرير تياگيائون. سندن ڪرپا ڪرم ڌام ڌوم سان ڪيو ويو. گوسوامي برهمانند صاحب ٽيهن ورهين جي اوسٿا ۾ پنهنجي پتا جي ديولوڪ پڌراجڻ کانپوءِ گادي تي ويٺا. سوامي برمانند اوائل ۾ برهم چريه آشرم حيدرآباد ۾ سکيا ورتي. سنسڪرت وديا پڙهيا، تنهن کانپوءِ سڪولي وديا ستين درجي انگريزي تائين ورتائون هندو سڪولي وديا سان گڏ پنهنجي پتا وٽ ڌرمي شاسترن ۽ سنگيت وديا جي ترقي ڪئي. گوسوامي جون آئينده جون آسون اميدون گوسوامي برهمانند هوندا هئا. پاڻ فرمائيندا هئا ته اسانجي جوت اسانجي فرزند سوامي برهمانند ۾ ڏسندا. گوسوامي برهمانند ننڍي هوندي کان وٺي گائن وديا ۾ هوشيار هو. سال 1925 ۾ هندستان جو نامور گوئيو وشنو ڊگمبر حيدرآٻاد ۾ پڌاريو ۽ هن صاحب سوامي برهمانند جو ڳائڻ ٻڌي کين پروفيسري جو لقب عطا ڪيو.

سال 1926ع گوسوامي برهمانند شري ناد برهم ودياياليه پنهنجي آشرم ۾ برپا ڪيو ۽ سنگيت وديا تي پستڪ لکڻ ۽ ڇپائڻ شروع ڪيا. ان سنگيت ودياليه ۾ سنگيت وديا سکڻ جو موقعو سنڌ جي سڀني ذات جي ٻالڪن ۽ ٻالڪين کي پراپت ٿيو آهي. ان ود ياليه ۾ باقاعدي سنگيت وديا هرڪنهن قسم جي سازن وڄائڻ ۽ ڳائڻ جي وديا ڏني وڃي ٿي. ڪيترن ماڻهن ان ودياليه مان گائن وديا حاصل ڪري سنڌ جي ڌار شهرن ۾ پنهنجي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ سنگيت وديا پاڙهڻ لاءِ اسڪول کوليا آهن.

سال 1928 کان گوسوامي برهمانند سال به سال سنگيت سميلن هندستان جي ڌار ڌار شهرن ۾ سنگيت ڪانفرنس ۾ نينڊن اچڻ تي شامل ٿيندا آيا آهن. گوسوامي انهن سنگيت ڪانفرنسن ۾ پنهنجي گائن وديا جي قابليت ۽ هوشياري ڏيکاري ساک پي ڪڍي آهي ۽ وڏا وڏا انعام سونا ميدل کٽيا پي آهن.

گوسائين برهمانند گائن وديا سبب سنڌ لاءِ هڪ فخر جو باعث آهن جو سنڌ پرانت جو نالو گائن وديا ۾ گوسوامي برهمانند ساري هندستان ۾ ڪڍيو آهي. سنڌ ديش ۾ گوسوامي برهمانند گائن وديا جو چڱو پرچار ڪري رهيا آهن. سنڌ جي ڌار ڌار شهرن ۾ سندن گهڻا شش رهن ٿا جي پڻ پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گائن وديا جي سکيا سندن ترڪيب موجب ٻالڪن ۽ ٻالڪين کي ڏين ٿا. گوسوامي برهمانند پاڻ پنهنجو امولڪ وقت ڏيئي ودياليه جي وديارٿين کي سکيا ڏين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org