20 November 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي هندو ڌرمي اسٿانن جي تواريخ

باب:

صفحو :1

سنڌ هندو ڌرمي اسٿانن جي تواريخ

مستر ٽهلرام آسودو مل وڪيل

 

ارپڻ پتر

هن پستڪ جو ڦل مان گهڻي سڪ ۽ پريم سان پنهنجي پياري سپتري سرڳواسڻ شريمتي ديوڪي ٻائي زال مستر وشنداس بگومل سجان کي ارپڻ ٿو ڪريان.

 

14 ڊسمبر 1946

ڏيئَلمل دولترام

 

 

 

ڀومڪا

سنڌ جي هندن جا سؤن جي تعداد ۾ ڌرمي اسٿان آهن. جتي ساڌ رهي ويا آهن. اُنهن مان مکيه ڌرمي اسٿانن جو اتهاس، اسٿانن جي سنتن جا جيون چرتر ۽ شجرن وغيره بابت هڪ پستڪ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ گهرج ڏسي هيءُ پستڪ لکيو ويو آهي. مراد هن پستڪ لکڻ جي هيءَ آهي ته سنڌ جي هندن جو پنهنجي ڌرمي اسٿانن ۽ هندو ساڌن جي سماڌين ۾ شرڌا، صدق ۽ سڪ جاڳي ۽ اها قائم رهي ۽ هو پنهنجن ڪٽنبن سميت انهن ڌرمي اسٿانن جي تيرٿ ياترا ڪن. سنڌ جا جوان جي هن وقت ستسنگه کان پري آهن ۽ جنکي پنهنجي گرد وارن جو پورو قدر نه آهي، تنکي پنهنجن گرو اسٿانن جي وڏائي ۽ مهما جي سڌ پوي ۽ سنڌ جي سنتن ۽ انهن جي سماڌين ۾ شرڌا ۽ صدق ۽ عزت اُتپن ٿئي ۽ اها قائم رهندي اچي. هن پستڪ جي وسيلي انهن ڌرمي اسٿانن جي گادي نشينن جي پوين کي پنهنجن وڏن جي پوتر آدرش جي ڄاڻ ٿئي.

سمي پائي ڳالهين ۽ نالن جي وسري وڃڻ جو امڪان آهي. تنهن ڪري دفتر تي سنڌ جي ڌرمي اسٿانن بابت حقيقتون گڏ ڪري رکڻ ضروري سمجهيو ويو آهي. تنهن کانسواءِ هرهڪ سکه شيوڪ کي پنهنجي پنهنجي گردرٻار جي اتهاس ۽ گاديسرن جي جيون چرترن بابت معلوميت هن پستڪ مان پئجي سگهندي. هن پستڪ جي وسيلي پڙهندڙن جي دلين ۾ شرڌا ۽ سڪ ڌرمي اسٿانن لاءِ صدق ۽ سڪ اُتپن ٿيڻ تي هنن جي دلين ۾ انهن ڌرمي اسٿانن تي تيرٿ ياترا ڪرڻ لاءِ اُتساه ۽ امنگه جاڳندو. هن وقت جو اهڙن ڌرمي اسٿانن لاءِ اتساه نه آهي تنهنجو هڪ مکيه ڪارڻ بي خبري اسٿانن لاءِ اتساه نه آهي تنهنجو هڪ مکيه ڪارڻ بي خبري آهي. اها گهٽتائي هن پستڪ جي پڙهڻ سان ذڪر ڪيل اسٿانن لاءِ پڙهندڙن جي دلين ۾ عزت ۽ سڪ جاڳائي نه لکندڙ جي مراد پوري ٿيندي. هن پستڪ ۾ هرهڪ هندو ڌرمي اسٿان بابت حقيقت، گادي نشينن جا شجرا ۽ سندن جيون چرتر گڏ ڪري، هن پستڪ ۾ درج ڪيا ويا آهن. اُميد ته هي پستڪ سنڌ جي هندن کي ڪمائتو ٿيندو. هن پستڪ جي ڇپائڻ تي سمورو خرچ ديوان ڏيئَلمل صاحب ولد ديوان دولترام صاحب ڀاوناڻي رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ جج صاحب پنهنجي سپتري سرڳواسڻ ديوڪي ٻائي جي نمت ڪيو آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ مٿئين صاحب جا گهڻي قدر شڪرگذار رهندا جو انهي سبب ڪري هن پستڪ جي ڀيٽا ٿوري رکجي ٿي. جيڪي هن پستڪ جي وڪري مان پيدا ٿيندو سو وري ٻين ڌرمي پستڪن جي ڇپائڻ تي خرچ ڪرڻ ۾ ايندو.

 

حيدرآباد سنڌ

ٽهلرام آسودومل گربخشاڻي

25 فيبروري 1947ع

درٻار بابا گوبند داس صاحب

 

مانجهندن جي درٻار سنڌ ۾، نامور ۽ پرسڌ ڌرمي اسٿان آهي. هن اسٿان ۾ ڪيترا سڌ پرش ۽ پورن سنت ٿي گذريا آهن. اهو اسٿان مانجهندن هنڌ ڪوٽڙي ضلع دادوءَ ۾ آهي. ان اسٿان جي عاليشان ۽ وڏي درٻار درياه شاه اٽڪل پنجويہ سال ٿيا ته پائي ويو. هاڻي اسٿان مانجهندن سان لڳ ساڌن جي باغ ۾ آهي. ان اسٿان جي ساڌن جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو.

شجرو

ٻائو ساڌورام صاحب

ٻائو رام ننهي صاحب

ٻائو مدن داس صاحب

ٻائو چيتن داس صاحب

ٻائو گوبند داس صاحب

ٻائو ديوي داس صاحب

ٻائو ڌرمداس صاحب

ٻائو گرداس رام صاحب

اسٿان سان لاڳو ۽ سندس شاخون

حيدرآباد کنيانتي ٽنڊي ۾، سن ۽ ماڙي ۾ آهن. هر ڪنهن سال آسوءَ جي پور نماسيءَ تي ٽي ڏينهن ٻائي گوبند داس صاحب جن جي سماڌ تي شاهي ميلو لڳندو آهي. جتي هزارن جي تعدا ۾ سکه شيوڪ ۽ سنت مهاتمائون ايندا آهن. ڪٿا ڪيرتن ٿيندو اهي ۽ ڀڳت چڱي لڳندي آهي. باغ ۾ ٻائي گوبنداس صاحب ۽ ٻين ساڌن جون سماڌيون آهن. سماڌين اڳيان هزارين شرڌالون سکه شرڌا سان سوال ڪري پنهنجون ڪامنائون پوريون ڪري وڃن ٿا. هر ڪنهن سوالي کي پنهنجي ڀاونا جا ڀاڙا ملن ٿا.

ٻائو گوبند داس صاحب نامور ۽ مرد فقير ٿي گذريا آهن. سندن ڪيتريون ڪرامتون سکن ۽ شيوڪن کي ڏيکاريل آهن. ٻائو گوبند داس صاحب هڪ يوگي ۽ سڌ پرش ٿي گذريا آهن.

ٻائو صاحب سڄو ڏينهن ايشور جي ڀڳتيءَ ۽ سماڌيءَ ۾ گذاريندا هئا. ٻائو صاحب جنهن سکه تي پرسن ٿي آسيسا ڪندا هئا، سو سکه اُڏجي پوندو هو. سؤن سکن تي ٻائي صاحبن ديا درشٽي ۽ ڪرپا ڪئي. هڪ دفعي مانجهندن جي سيٺ آئيڏاسمل جي ويڙهي کي اچي باه لڳي ٻائي گوبندداس صاحب ڏانهن آدمي ڊوڙي آيو ۽ اچي باه جي سڌ ڏنائين. ٻائي صاحب باه ڏنل جاءِ تي پنهنجي لٺ گهمائي ته باه هڪدم وسامي ويئي.

رتومل مانجهداڻي جا پٽ پرليا ٿي. هو بلڪل سقيم حال ۾ هو. هن ٻائي صاحب کي شادي تي گهرايو. ٻائي صاحب هن کي هڪ چادر ڏيئي چيو ته اها وڃي ديگه تي وجهو. چادر ديگه تي پوڻ سان اَکت اَن ٿي ويو. هڪ ئي ديگه مان سؤن جي تعداد ۾ مزمان کائي اُٿيا. ٻائي صاحب رتومل کي آسيسا ڪئي، هاڻي هن جا پٿ تمام سکيا آهن.

سندن هڪ سکه ڀائي بدلومل کين ٿاڻي ڀولاخان وٺي پيو. اُن وقت ڀائي بدلي مل جو پٽ جو اڳيئي بيمار هو تنهنجو مرتيو ٿيو. ڀائي بدلي مل جي ستائڻ تي ٻائو صاحب اندر ڪوٺيءَ ۾ ڇوڪري وٽ وڃي اڪيلو ويٺو. پوءِ اچي سندس پيءُ کي چيائون ته ڇوڪر کي ننڊ هئي. هاڻي هو ننڊ مان اُٿيو آهي. باقي صاحب جي ديا سان مئل ٻالڪ اُٿي ويٺو.

ٻائي صاحب جي منزل کڏي لاڙ ۾ هئي ٻائي صاحب جي اچڻ جو ٻڌي گوليءَ جي مختيارڪار صاحب ۽ سب ڊويزنل آفيسر کين گڏجڻ لاءِ کڏيءَ ۾ آيا. واٽ تي انهن ٻنهي ڪامورن پاڻ ۾ هي صلاح ڪئي ته جيڪڏهن ٻاوا صاحب دلين جا مالڪ ۽پهتل فقير آهن ته اسانکي برنڊي ۽ پڪل پلو کارائيندا. ٻائي صاحب انهن جي اچڻ کان اڳ ڀائي لاهوري مل پنهنجي سکه کي حڪم ڪيو ته برنڊي ۽ پلن جو بندوبست اسان لاءِ ڪر. پوءِ مختيارڪار ۽ سروير آيا جنکي برنڊي ۽ پلو مليو.

هڪ دفعي ڳالهه ٿا ڪن ته وائسراءِ ڪراچي کان گشت ڪري موٽي ڪلڪتي طرف ٿي ويو. ٻائي گوبندداس صاحب جن جي اِها مرضي ٿي ته وائسراءِ جو منهن ڏسجي اهو خيال ڪري لٺ کڻي مانجهند جي اسٽيشن تي آيا. جيتوڻيڪ هنن کي ماڻهن ٻڌايو ته وائسراءَ جي اسپيشل گاڏي مانجهندن جي اسٽيشن تي ڪانه بيهڻي آهي. جڏهن ٻائو صاحب اسٽيشن تي پهتو ته وائسراءَ جي گاڏي جي انجڻ خراب ٿي پوڻ ڪري گاڏي لاچار ڊرائيور کي مانجهندن جي اسٽيشن تي بيهارڻي پيئي. وائسراءَ اُن وقت گاڏي مان هيٺ لهي اسٽيشن جي پلئٽ فارم تي پسار ڪري رهيو هو. جڏهن ٻائي صاحب وائسراءَ کي تڏهن انجڻ ٺهي ۽ گاڏي اٿي هلڻ لڳي.

ٻائي صاحب جا شرڌالو سک حيدرآبادي عامل ديوان نرڀداس، ديوان ڪلاچند ٻيلن وارو ۽ ديوان عالم چند هئا. هڪ دفعي ڳالهه ٿا ڪن ته ديوان نرڀداس پنهنجن سنگتين سان گڏجي مانجهندن ڏانهن آيو ٿي. واٽ تي سڀني اها صلاح ڪئي ته ٻائو صاحب اسان کي هن سياري جي مند ۾ انب کارائي ته چڱو. ٻائو صاحب وڏو ڪرامتي سنت ۽ دلين جو مالڪ آهي. ڀلا ڏسون ته هو صاحب اسانکي هن تهه سياري جي مند ۾ انب کارائي ٿو يا نه.

جڏهن روٽيءَ جي مهل آئي، تڏهن ڀائي گوبندرام صاحب اُنهن ديوانن جي روبرو هڪ چيلي کي سڏ ڪري چيو ته ديوانن کي انب کارائڻ ٿي دل ٿي آهي هنن کي انب کارائبو. وڃ فلاڻي ڪوٺي جي دروازي جي مٿان ٻه انب رکيا اٿيئي سي کڻي پسائي هنن کي روٽيءَ سان کاراءِ. اها ڳالهه ٻڌي ديوانن جا ڏند چپن سان لڳي ويا ته ڪهڙيءَ طرح سان ڀائي صاحبن کي اسانجي دل جي مراد جي سڌ پيئي ۽ ڪيئن انب هن سياري جي مند ۾ ڪٿان آيا.

هڪ دفعي ٻائو گوبندداس صاحب هوليءَ تي پنهنجي حيدرآباد جي درٻار ۾ آيا ٿي. ٻائي صاحبن لاءِ برانڊي، حلوئو ۽ پئسا خرچ لاءِ کپندا هئا. ان وقت حيدرآباد ٽڪاڻي جي سنڀال ٻائو کيماداس صاحب جن ڪندا هئا. حيدرآباد جي ٽڪاڻي جي اُن وقت ايتري آمدني ڪانه هئي. هولي جي ڏينهن ٻائي گوبند داس صاحب جي اچڻ کان اڳ عجب جي ڳالهه هي ٿي جو برابر چاليهه ڄڻان هڪ هڪ ٿي ٽڪاڻي ۾ آيا، هرڪو اُنهن مان برنڊي جي بوتل، حلوي وڪنو ۽ هڪ روپيه نقد ٻائي کمياداس صاحب اڳيان رکندو ويو. اها حالت ڏسي ٻائي کمياداس صاحب کي تپرس وٺي ويو.سنت مهاتمائون سڀني جي اندر کي پرکيا ڪرڻ وارا آهن. هو ڄاڻي ڄاڻڻ هار آهن. ٻائي گوبند داس صاحب جي ٻين ڪرامتن جو ذڪر ڪبو ته وڏو پستڪ لکجي پوندو. مثال طور مٿي ڪي ڪرامتون ڏنل آهن. ٻائو گوبندداس هئي قائم آهن. سندن مانجهندن جي سماڌ اڳيان جيڪو پنهنجي ڪامنا پائي شرڌا سان نمي ٿو. تنهنجي اها ڪامنا ٻائو صاحب پوري ڪري ٿو. اهڙا گهڻا مثال آهن.

ٻائي گوبندداس صاحب جون چاکريون ۽ تصوير حيدرآباد ڊومڻ واه جي مٿان گوبند ڌام ۾ رکيل آهن. تصوير ۽ چاکڙين اڳيان شرڌا سان نمڻ سان منو ڪامنا پوري ٿئي ٿي.

ٻائي صاحب جو چيلو ٻائو سنمکداس صاحب هو. هو صاحب وري ڀڳت ۽ پهتل ساڌ هو. هڪ دفعي مانجهندن ۾ ڪالرا جي بيماري اچي ٿي. شهر جي ماڻهن ٻائي سنمکداس صاحب کي اها وينتي ڪئي ته آسيسا ڪريو ته اِها بيماري دور ٿئي. ٻائي سنمکداس صاحب هنن کي چيو ته اسين اوهانجي پاران پنهنجو شرير ڏيون ٿا ۽ اوهان تان اها آپدا ٽاريون ٿا. ائين چئي چادر تاڻي سمهي پيا. ٻائي سنمکداس صاحب کي جلدي ڪالرا اچي ٿي ۽ هڪ ٻن ڪلاڪن ۾ شرير تياڳيائون. ڳالهه ٿا ڪن ته ٻائو گوبند داس صاحب کي پنهنجي پياري چيلي جي ديولوڪ پڌارجڻ تي گهڻو دک ٿيو. ٻائي صاحب چيو ته هي وقت اسانجي وڃڻ جو ۽ نه ٻائي سنمکداس صاحب جو. ٻائو گوبند داس صاحب پنهنجي چيلي کي گهڻو پيار ڪندا هئا. پنهنجن هٿن سان ٻائي سنمکداس صاحب جي سماڌ باغ ۾ ٺهرايائون.

ٻائو صاحب تنهن کان ڏيڍ مهينو پوءِ بيماري لاءِ دوا جو بهانو ڪري پير احمد شاه وٽ مديجي جي ڳوٺ ويا، جتي تاريخ 13 اسو سنبت 1924ع جي شرير ڇڏيائون.

ٻائي گوبند داس صاحب کي پنهنجون زمينون لاڙ ۽ مانجهندن ۽ ميرپورخاص پاسي آهن. درٻار جا انيڪ سک حيدرآباد، هالن، مانجهندن، ڪراچي، شهدادپور، سڪرنڊ ۽ ڪوٽڙي ۾ آهن. ٻائي گوبند داس صاحب جن جي سماڌ ٻائي سنمکداس صاحب سماڌ جي اڳيان باغ ۾ آهي.

ڀائي گوبند داس صاحب کان پوءِ سندس پوٽو چيلو، ٻائي سنمکداس صاحب جي چيلو ٻائو ديوداس صاحب گادي تي نشين ٿيا. ٻائو ديوداس صاحب سچا يوگي ۽ ايشور ڀڳت هئا. هنن مانجهندن جي درٻار کي هنڌ سنڌ ۾ پرسڌ ڪيو ۽ گهڻا درٻار جا سک ڪيا. ٻائي ديويداس صاحب مانجهندن ۾ پنهنجي گرن ٻائي گوبند داس صاحب جي ورسي تي ميلي جو آرنڀ ڪيو. اهو ميلو هر سال 13 اسو جي ٽي ڏينهن باغ ۾ سماڌين تي لڳي ٿو. ٻائو ديوداس صاحب وڏي حشمت وارو ۽ قداور مڙس هو.هر ڪنهن کي مجال نه ٿيندي جو ساڻن ڳالهائي سگهي. ٻائي ديوداس صاحب ميري پيري ماڻي ٻائي ديوداس صاحب جي پنهنجي سک ديوان هرداسمل ڪليڪٽر تي اَتي ڪرپا هوندي هئي. ديوان هرداسمل کي اولاد ته نه ٿيندو هو تنهن کي پٽ سنتان ڏنائون. ڪليڪٽر جو عهدو ديوان هرداسمل کي ٻائي صاحب جي ديا سان مليو. ٻين به گهڻن سکن تي ٻائي ديويداس صاحب آسيسا ڪئي. ٻائو ديويداس صاحب 28 آکاڙ 1981 برابر جون 1934 ديولوڪ پڌاريا.

ٻائي ديويداس صاحب کان پوءِ سندس چيلو ٻائو ڌرمداس صاحب مانجهندن جي درٻار جي گاديءَ تي ويٺا.

ٻائو ڌرمداس صاحب به پهتل ۽ لرموهه فقير هئا. هن صاحب جي درٻار جا گهڻا ‎سکه شيوڪ خاص ڪري حيدرآباد نواسي ٿيا. هي صاحب دل جو اُڌار هوندو هو. تيرٿ ياترا تي وڃي اتي سنتن مهاتمائن کي ان، ڪپڙي جو دان ڪندا هئا. گهڻن سکن تي ٻائي ڌرمداس صاحب آسيسا ڪئي، ٻائي ڌرمداس صاحب جي ڏينهن ۾ مانجهندن جي درٻار درياه شاهه پائي ويو. تنهن ڪري گرو گرنٿ صاحب مانجهندن باغ ۾ سماڌين تي براجمان ڪيا ويا. ٻائي ڌرمداس صاحب تنهن کانپوءِ گهڻا مهينا حيدرآبادپنهنجي ٽڪاڻي ۾ گذاريندا هئا. ٻائي ڌرمداس صاحب حيدرآباد ۾ ڊومڻ واه تي پنهنجن وڏن جي يادگيري لاءِ هڪ عاليشان اسٿان ٺهرايو جنهن تي گوبندڌام نالو رکيائون. ان اسٿان ۾ ٻائي گوبندرام صاحبن جون چاکريون ۽ سندن تصوير منجي تي رکيل آهن.

ان درٻار جي هڪ نامور چيلي ڀائي کمياداس صاحب ٻائي گوبندداس صاحب مانجهدن جي حيدرآباد واري شاخ جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيو. اهو ٽڪاڻو اوائل ۾ بلڪل ننڍو هو. فقط هڪ صفحو اڏيل هوندو هو ۽ ٻيو ميدان ئي ميدان لڳو پيو هوندو هو. ٻائو کمياداس صاحب ٻائي گوبندداس صاحب جي آگيا وٺي اچي حيدرآباد واري ٽڪاڻي ۾ رهيا. اُن وقت ڀائي صاحب 22 ورهين جي اوسٿا جا هئا. چاليهه ورهين سانده ٻائي کمياداس صاحب ان ٽڪاڻي جي سنڀال ۾ رهيا. ٻائي کمياداس صاحب جي ڀڳتيءَ جي پرڀاءُ سان اهو ٽڪاڻون هاڻوڪي اوج کي وڃي رسيو آهي. ٻائو کيماداس صاحب پورن ڀڳت ٿي گذريا آهن. انيڪ سکن تي ڀائي صاحب آسيسا ڪئي ڀائي صاحب جي آسيسا سان وڌيا ويجها آهن. ٻائي کيماداس صاحب ڌن پاڻ وٽ جمع نه ڪيو. جيڪي درٻار ۽ سکن شيوڪن وٽان ايندو هون. تنهنجو سداورت ڪري غريبن، فقيرن کي ڀنڊارا ڪري کارائي ڇڏيندا هئا. سال ۾ ڏهه ٻارهان ڀنڊارا ڪندا هئا. جتي هزارن جي انداز ۾ ماڻهو اچي ڀوڄن وٺندا هئا. سندن لنگر سدائين کليل رهندو هو.ڪيترا اتٿي ۽ مسافر سندس ٽڪاڻي ۾ رات جو آرام ڪري روٽي کائي خوش ٿي ويندا هئا. ٻائو صاحب پنهنجو سمورو وقت هري نام سمرڻ ۾ هڪ اڪيلي ڪوٺيءَ ۾ ويهي سڦلو ڪندا هئا. شام جو ڪٿا پاڻ ڪندا هئا. ڪٿا تي شهر جا پريا مڙس ۽ ٻيا اٽڪل پنجاهي کن ماڻهو ايندا هئا. ٻائي صاحب جو زور ايشور نام سمرڻ ۽ شري جپ صاحب پڙهڻ تي گهڻو هوندو هو. جيڪي به سک وٽن ايندا هئا، تن کي هري جي نام سمرڻ ۽ جپ صاحب جي پاٺ ڪرڻ جو اپديش ڏيندا هئا. ٻائي صاحب پاڙي جي سڪول جي شاگردن کي درٻار ۾ شام جو اچڻ تي هيرايو. ڪيترا ڇوڪرا ٻائي صاحب جي سنگ ۾ سڌرجي پيا ۽ وڃي وڏن عهدن کي لڳا ۽ ڪي ڌنڌي ڌاري ڪري شاهوڪار ٿيا آهن. ٻائي کيماداس صاحب جا انيڪ شرڌالو سک شيوڪ آهن، جن جي ٻائي صاحب ۾ اَتي شرڌا آهي ۽ جنکي پنهنجي شرڌا ۽ ڀاونا جا ڀاڙا مليا آهن ۽ جي ٻائي صاحب جي ديا سان وڃي سکيا ٿيا آهن. ٻائي ديويداس صاحب جي گهڻي پريتي ٻائي کيماداس صاحب سان هوندي هئي. ٻائو ديويداس صاحب وقت به وقت ٻائي کيماداس صاحب سان درٻار جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ صلاح مصلحت ڪندا هئا. ٻائو کيماداس صاحب تاريخه 2 ويساک 1983 برابر تاريخه 1 مئي 1925 شهر حيدرآباد ۾ ديولوڪ پڌاريا. سندن چوڏول سان گڏ هزارن جي تعداد ۾ مرد ۽ زالون شمشلن ڀومي ڏانهن هليا. هر هڪ سال تاريخه 2 ويساک ٻائي کيماداس صاحبن جي ورسي ڌام ڌوم سان ٽڪاڻي ۾ ملهائي ويندي آهي.

ٻائي ڌرمداس صاحب خوب مانجهدن واري درٻار جو نالو هند سنڌ ۾ پرسڌ ڪيو. سندن ڏينهن ۾ درٻار جا سک شيوڪ وڌيا ۽ درٻار جي آمدني وڌي. ٻائي ڌرمداس سپٽمبر 1944ع ۾ حيدرآباد جي شهر ۾ شرير تياڳيو. سندس آخرين ڪريا مانجهندن ۾ ڪئي ويئي ۽ سندن سماڌ مانجهندن ۾ ٻين سماڌين سان گڏ اڏائي ويئي.

ٻائي ڌرمداس صاحب کانپوءِ سندس چيلو ٻائو گرداس رام صاحب مانجهندن جي درٻار جي گادي تي ويٺو. ٻائو گرداس رام صاحب پنهنجن وڏن وانگر درٻار جي ڪاروبار چڱي طرح سان هلائي رهيو آهي.

 

 

شري ساڌٻيلو تيرٿ اسٿان

سنڌ پرڳڻي جي سکر شهر ۾ سنڌوندي جي اَٿاه جل ۾ شري ساڌٻيلو تيرٿ اسٿان آهي. اهو اسٿان هڪ اُداسين آشرم آهي. انهي اسٿان جو برپا ڪندڙ ۽ وسائيندڙ شري يوگيراج سوامي بن کنڊي آُداسين مهاتما هئا. ان اسٿان جي گاديسرن جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو.

شجرو

شري سوامي بن کنڊي مهراج

سوامي هرنارئڻ داس صاحب

سوامي هرپرساد صاحب

سوامي اچل پرساد صاحب

سوامي جيرامداس صاحب

سوامي هرنامداس صاحب

ساري ڀارت ورش ۾ اُتم ساڌ ٻيلو تيرٿ جو نالو نامور آهي. هن اسٿان تي گهڻا ساڌو سنت رهن ٿا. ڏينهن جو ٻن پهرن وقت لنگر لڳندو آهي. انهي تيرٿ جي اچڻ وڃڻ لاءِ سنڌو درياه ۾ ٻيڙيون بهاريون وييون آهن. اهو اسٿان سنڌوندي جي وچ ۾ ٻن ٽڪرين تي ٻڌل آهي. ان تيرٿ آسٿان تي ديوي ’مهاديو‘ گڻيس، سنت نارائڻ، هنومان، آُداسين آچاريه جڳت گرو شري چند ڀڳوان جون مورتيون جدا جدا مندرن ۾ اسٿاپن ٿيل آهن اُن اسٿان تي اَن پورنا ڀڳوٽيءَ جو ڏنل ڪرمنڊل رکيل آهي. جنهنجي پوڄا اڄ ڏينهن تائين ٿيندي آهي، اُن ڪرمنڊل ۾ اِها سڌي رکيل آهي ته جيسين ان ڪرمنڊل ۾ ساڌن جي شرڌا هوندي تيسين اسٿان تي اَن ۽ ڌن جو گهاٽو نه رهندو. ديوي ڀڳوٽي پنهنجي اصل سروپ ۾ ساڌٻيلي اسٿان ۾ رهي ٿي.

ساڌٻيلي اسٿان جي مهاتمائن جا هيٺ‎ مختصر جيون چرتر ڏجن ٿا. سوامي بنکنڊي مهراج جو جنم 7 چيٽ 1820 برابر سنه 1763ع ۾ پنڊت رامچند براهمڻ جي گهر ٿيو. جنم پتري موجب سندس نالو ڀال چندر هو. سوامي ميلارام سنبت 1830 ۾ گرمنتر ڏينهن سوامي جنکي اُداسين سمپردايه ۾ آندو ۽ سندن نالو بنکنڊي رکيو. سوامي بن کنڊي صاحب تنهن کانپوءِ پنهنجي گروءَ جي منڊليءَ سان تيرٿ ياترا ڪئي ۽ وديا ۽ يوگ جو اڀياس ڪيو.

ڪشمير ‎، امر ناٿ ۽ هردوار ۽ ٻين ديسن ۾ رهيا. 58 ورهين جي ڄمار ۾ سنبت 1878 ۾ سوامي جن سنڌ ديس ۾ پڌاريا. اُن وقت حيدرآباد ۾ وبا جي بيماري هئي. سوامي جن گئو جي کير ۾ گنگا جل ملائي منتر پڙهي حيدرآباد نواسين کي ڏنو ته اهو شهر جي چوڌاري ڇڻڪاريو. ايشور جي ڪرپا سان ائين ڪرڻ سان وبا جي بيماري شهر مان غائب ٿي ويئي. سوامي جن هڪ سال حيدرآباد ۾ رهيا. تنهن کانپوءِ خيرپور مان ٿي، روهڙي ۾ آيا. سنبت 1880 ۾ ويساک سوامي جن سنڌوندي جي وچ ۾ پهاڙ ۾ جتي هاڻي ساڌٻيلو آهي. اُتي براجمان ٿيا ۽ ان تيرٿ ياترا جو نالو ساڌٻيلو رکيائون. سوامي جن جدا جدا ديوتائن جون مورتون ان اسٿان تي اسٿاپن ڪيون، تنهن کانپوءِ گرمندو اسٿاپن ڪري اُن ۾ گرو گرنٿ صاحب راجمان ڪيو ويو.

انگريزن جي صاحبي جي شروعات ۾ سکر جي ڪليڪٽر جي مرضي ٿي ته ٽڪري تي ساڌٻيلي واري اسٿان تي پنهنجي رهڻ جو بنگلو اَڏايان. پر بنگلو اُن هنڌ اڏجي نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪم ڪاريگر ڏينهن جو ڪري ويندا هئا سو سڀ ڪم رات جو ڊٺو پيو هوندو هو. بلڪ سورن ۽ چن به غائب ٿي ويندو هو. هڪ رات ڪليڪٽر ۽ سندس زال کي شرير ۾ اچي درد ٿيو ۽ ٻئي ڏاڍا وياڪل ٿيا. ڪليڪٽر ڄاتو ته مون ساڌوءَ سان هٿ اٽڪايو آهي ۽ هنکي تڪليف ڏني آهي تنهن جو دک ٿو ڀوڳيان. صبوح جو سويل ڪليڪٽر صاحب سوامي جن کان معافي وٺي هنکي ساڌٻيلي جو پروانو لکي ڏنو.

سوامي جن جو نت نيم ساڌٻيلي ۾ هيٺين ريت هوندو هو. پوئين رات ٽين بجي مهل اَٿندا هئا. صبوح جو ڀڄن کانپوءِ سؤچ ڪريا ڪري سنان ڪندا هئا. پوءِ سنڌيا ڪري سورج کي ارگهه ڏيئي ۽ پرنام ڪري پرڪرما ڏيندا هئا. تنهن کانپوءِ شري گرو گرنٿ صاحب جو پاٺ ڪري 10 بجي گاديءَ جي براجمان ٿيندا هئا ۽ پريمين سان گيان چرچا ڪندا هئا ۽ وديارٿين کي وديا پريمين سان گيان چرچا ڪندا هئا ۽ وديار ٿين کي وديا پارهيندا هئا. تنهن کانپوءِ شري مد ڀاڳوت جي ڪٿا کانپوءِ پوري 12 بجي سڀني حاضر مهاتمائن ۽ اتٿين ۽ سنگين کي کارائي پاڻ پوءِ کائيندا هئا. ٿورو آرام ڪري وري وديارٿين کي پاڙهيندا هئا. شام جو يوگ وششٺ ۽ رات جو پارس ڀاڳه جي ڪٿا ڪندا هئا.

سوامي جن جي عمر جڏهن هڪ سؤ ورهيه ٿي تڏهن ششن ۽ سنگين کي چيائون اسين هاڻي موڪليائون ٿا. پنهنجي پٺيان تيرٿ اسٿان جي سنڀال لاءِ پنهنجي وڏي چيلي سوامي هرنارائڻ کي مقرر ڪريون ٿا. سوامي جن سنبت 1920 آکاڙ مهيني ۾ ديولوڪ پڌاريا. کين سندن آگيا موجب جل سماڌي ڏني ويئي.

سوامي هر نارائڻ داس پنهنجي بدران پنهنجي گرڀائي سوامي هرپر ساد کي گادي تي وهاري پاڻ درٻار صاحب جي ٽهل شيوا ڪرڻ لڳا. سوامي هرپر ساد صاحب ويهه سال گاديءَ تي ويهي درٻار جي ٽهل ڪئي. سوامي هرپرساد ديولوڪ پڌارجڻ کان اڳ پنهنجي چيلي سوامي اچل پرساد کي گادي جي تلڪ مانگهه 1940 سنبت ۾ ڏنو.

سوامي اچل پرساد خيرپور رياست جي لقمان شهر جي ڀرسان ٽنڊي نهال خان جا رهاڪو هئا. سوامي جن جو جنم جو نالو سيٺ لکي سرداس هو. سندن مائٽ ۽ پاڻ لکاپتي گلالي سيٺيون هئا. سوامي جن گرهست آشرم جا سڀ فرض بجا آڻي برڌ اوسٿا ۾ دنيا ۽ ڪٽنب جي سڀني ٻنڌنن کي تياڳي اچي شري ساڌ ٻيلي ۾ فقير ٿي رهيا. سوامي هرپرساد صاحب ساڌ ٻيلي جي مهنت کين اُداسي پنٿ ۾ وٺي پنهنجو چيلو ڪري سندن نالو اچل پرساد رکيو. اُن وقت سوامي جن جي عمر 56 ورهيه هئي. سوامي اچل پرساد درٻار جي چڱيءَ طرح شوا ٽهل ڪئي ۽ وديا پڙهي.

سوامي اچل پرساد ويراڳوان شرير هئا. جلدي هنن جو چت مهنتي جي ڪاروبار هلائڻ کان کٽو ٿي پيو. سوامي جن خيال ڪيو ته دنيا جي پدارٿ ۽ لکن جون ملڪيتون ڇڏي اچي فقيري ڪئي سين ۽ وري به ساڳي ٻنڌن ۾ اچي اٽڪياسين. تنهن ڪري اڍائي سال گادي تي وهڻ کانپوءِ نيٺ 1943 ۾ پنهنجي چيلي سوامي جيرامداس صاحب کي گادي تي وهاري پاڻ مهنتي جو تياڳ ڪري تيرٿ ياترا تي هليا ويا. تيرٿن تان موٽڻ بعد سوامي جن سنڌ جو گشت ڪيو ۽ ڪڇ وقت حيدرآباد ۾ رهيا. سوامي جن هيڏي وڏي اسٿان جي مهنتي تياڳ ڪري جهنگ پٽ گهمندا ڦرندا رهيا سا ڳالهه ڏيکاري ٿي ته هو دنيا جي پدارٿن کي تڇ وستو ڪري سمجهندا هئا.

آکڙ سنبت 1950 تي سوامي جيرامداس جن ديولوڪ پڌاريا. تنهن کانپوءِ سندس چيلي سوامي هرنامداس صاحب گاديءَ تي ويٺا. هن وقت سوامي هرنام داس صاحب گادي تي ويٺل آهن.

سوامي هرنامداس جو جنم پوه سنبت 1937 تي سکر شهر ۾ ٿيو هو سنبت 1944 ۾ سوامي هرمانداس جي ماتا پتا سوامي جن کي شري ساڌ ٻيلي جي مهنت ٻائي جيرامداس ڀيٽ ۾ ڏنو. سوامي جيرامداس صاحب سوامي هرنامداس کي چيلو ڪري اُداسين سمپردا ۾ آندو.

سوامي هرنامداس صاحب پنهنجي گرو کان سنسرڪت وديا پڙهڻ شروع ڪئي. اڃان وديا پوري نه ڪئي هئائون ته سنبت 1950 آکاڙ ۾ سوامي جيرامداس ديولوڪ پڌاريا. سوامي جيرامداس صاحب جي ديولوڪ پڌراجڻ کانپوءِ سوامي هرنامداس گادي تي ويٺا. سوامي جن اسٿان جو ڪم سنڀاليندا هئا ۽ وديا به پڙهندا ويا. سوامي جن کي هڪڙي چڱي مورتي ملي ويئي جو سندن چيلو ٿي اسٿان جو چڱيءَ طرح سان ڪم ڪار هلائڻ لڳو. هن جو نالو شريمان ٻائو هري داس هو.

شري ساڌ ٻيلي تيرٿ ۾ پاٺ شالا، لئبرري، سڀا منڊل، رام جهروکار، گرو بنکنڊي باغ آهي. ندي جي چئني طرفن کان باغ هئڻ ۽ سنگمرمر جو مندر، جي ٺهڻ سان شري ساڌ ٻيلا تيرٿ ڏاڍو سوڀياوان اسٿان ٿي پيو آهي.

شري سوامي هرنامداس صاحب گادي تي ويهي ٻئي وقت گيتا، ڀاڳوت، رامائڻ آد هندو ڌرمي گرنٿن جي ڪٿا پاڻ ڪندا آهن. ڪٿا وقت امير، غريب حاضر ٿي، سوامي جن جي ڪٿا ٻڌن ٿا.

سوامي جن ڪنهن ڪنهن وقت پئنچاتي فيصلا پاڻ ڪندا آهن. سوامي هرنامداس صاحب هندوجاتيءَ جي سڌارڻ جو هر وقت اونو رکن ٿا. جنهن ڪري گئو شالا ڪاميٽي اکل ڀارت ورش، شري گرو شري چند اُداسين اُپديشڪ سڀا، انهن سڀني سوامي جن کي پنهنجو پرڌان مقرر ڪيو آهي. سنڌ ۾ اُداسين پنٿ کي سوامي جن زور وٺايو آهي. ساڌ ٻيلي تيرٿ اسٿان ۾ چڱا چڱا ودوان، هندو ڌرم اُپديشڪن ۽ ساڌن جو هميشه ميڙو لڳو پيو هوندو آهي اسٿان تي سنتن لاءِ کائڻ پيئڻ ۽ ڀڄڻ ڪرڻ لاءِ چڱو پرٻنڌ ٿيل آهي.

سوامي هرنامداس هندو سناتن ڌرمي اُداسين ساڌو آهن. هندو جاتيءَ جي انتيءَ لاءِ جيڪي ٿي سگهندو اٿن سو ڪندا آهن. سوامي جن کي هنديءَ سان ڏاڍو پيار آهي. سوامي جن گهڻن هندي پا‎ٺ شالائن جا سڀاپتي آهن. سوامي جن جي ڪوشش سان هندن ۾ سجاڳي آئي آهي. هنن جي ڪري گهڻيون ڪرسمون دور ٿي وييون آهن هندن ۾ سڌارو آيو آهي. سوامي جن هرهڪ ڪنڀ جي ميلي تي اَن جي سداورت جو کيتر کوليندا آهن ۽ اُتي پاڻ حاضر رهي هزارن ۽ لکن روپين جي اَن ۽ ڪپڙي جو دان سنتن، مهاتمائن کي ڪنڀ جي ميلي تي ڪندا آهن، سوامي جن وڏي هلندي وارا سنڌ جا شرومڻي ساڌو آهن. سندن ڪوشش سان سنڌ ۾ ڪيترا دفع اُداسين ڪانفرنسون ٿيون آهن. سوامي جن سنڌ جي اُداسين ساڌن جا شرومڻي ۽ صلاحڪار آهن.

سوامي هرنامداس صاحب جي ايامڪاري ۾ شري ساڌ ٻيلو هنڌ سنڌ ۾ پرسڌ ٿيو اهي. انيڪ ساڌو مهاتمائون ساڌ ٻيلي ۾ رهي سک وٺي وڃن ٿا. سکر شڪارپور جي رهواسين جي اَتي شرڌا ۽ سڪ ساڌ ٻيلي اسٿان ۾ آهي. هن وقت ساڌ ٻيلو اسٿان سنڌ جو مکيه ڌرمي اسٿان ليکيو وڃي ٿو.

 

 

راڄ گهاٽ درٻار ٺٽو ننگر سنڌ

راڄ گهاٽ درٻار ٺٽي جو بنياد وجهندڙ ٻائو ٻالڪرام صاحب هو. سندس جنم پنجاب ۾ ڳوٺ جلال پور ۾ ٿيو. ٻائو ٻالڪرام صاحب جو شجرو هيٺ ڏجي ٿو.

شجرو

بابو شريچند صاحب

بابو گرڏتو صاحب

ٻائو ٻالڪرام صاحب

ٻائو سنتو ڪداس صاحب

ٻائو چرن داس صاحب

ٻائو پورنداس صاحب

ٻائو سجاداس صاحب

ٻائو هرڪشن داس صاحب

ٻائو ڪاشي داس صاحب

ٻائو مڌنداس صاحب

ٻائو امرداس صاحب

ٻائو لڇمڻ داس صاحب

ٻائو گرمکداس صاحب

ٻائو آتمارا صاحب

جڏهن گورو نانڪ شاه صاحب جن جوتي جوت سمان ٿيا تڏهن بابو شري چند صاحب گورو نانڪ شاه جا وڏا فرزند ڳوٺ بارٺ ۾ رهي تپشيا ڪرڻ لڳا. ۽ برابر 12 سال تپشيا ڪيائون. انهي وچ ۾ ڇهين پاٽشاهي گورو هرگوبند صاحب جن بابي شري چند صاحب وٽ ٻارٺ ڳوٺ ۾ سندن درشن ڪرڻ لاءِ آيا ۽ پاڻ سان وڏو فرزند ڊبو گور ڏتو صاحب به نيائون. بابي شريچند صاحب گورو هرگوبند صاحب کان سندن وڏي فرزند بابي گور ڏتي صاحب جي ٻانهن گهري ورتي. بابي شريچند صاحب بابي گر ڏتي کي پنهنجي ٽوپي ۽ ساهي ڏيئي پنهنجو چيلو ڪيو. بابي گور ڏتي صاحب جا چار ڪارپردار ٿيا آهن. (1) بابو وسڻ صاحب (2) بابو المست صاحب (3) ڦول صاحب (4) گووند صاحب. اهي چارئي چيلا بابي گرڏتي صاحب جا ٿيا. هن کانپوءِ اهي چارئي ڌوڻيون مقرر ٿيون. ٻائو ٻالڪرام صاحب بابي گرڏتي صاحب جي حڪم موجب دونهي دکائي اها پاڻ سان کڻي ارڙهين عيسوي صدي ۾ سنڌ ملڪ ۾ آيا. ننگر ٺٽي جو وسندو ۽ دريا شاهه جي ڪناري تي چڱو آسٿان سمجهي شهر جي ٻاهران منزل انداز ٿي دونهي دکائي ٿي اچي ويٺا. هڪ ڪچي لانڍي ٺاهي ان کي لوڙهو ڏيئي ان ۾ رهڻ لڳا. ٿورن ڏينهن کانپوءِ ٻائو ٻالڪرام صاحب اتي هڪ جهنڊو کڙو ڪيو ۽ هڪ لغارو رکايو. جڏهن اها سڌ ٺٽي ننگر جي مسلمانن کي پئي تڏهن هنن پاڻ ۾ اها صلاح ڪئي ته پاڻ ۾ مسلمان ڪٺا ٿي ٻائي ٻالڪرام صاحب سان ويهي لڙائي ڪري هن کي ٺٽي مان هڪالي ٻاهر ڪڍون. مسلمان گهڻي تعداد ۾ گڏ ٿي ٻائي ٻالڪرام تي چڙاهي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي هليا. اڌ واٽ تي سندن پٺيان دانهون ۽ ڪيڪون ٿيون ۽ هنن مان ڪن کي اِها خبر ملي ته پٺيان سندن ڀاءُ يا ٻيو عزيز مري ويو آهي ۽ ڪي سخت بيمار آهن. اهو حال پنهنجن عزيزن جو ٻڌي گهڻا انهن مان مسلمان ته پوئتي موٽي شهر ڏانهن ويا. باقي جيڪي رهيا تن مان ڪي انڌا ته ڪي پنگلا ته ڪي مست ٿي پيا. ڪي انهن مان مست هاٿين وانگر پاڻ ۾ اچي اٽڪيا ۽ وڙهيا. پوءِ مسلمانن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته هي فقير ڪو ڪرامت جو سائين آهي هن کان هٿ ٻڌي هلي معافي وٺجي. هنن پاڻ مان هڪ ماڻهو ٻائي صاحب کان معافي وٺڻ لاءِ موڪليو. ٻائي صاحب قياس ڪري هن کي سندن بي ادبي جي معافي ڏني.

ٿوري وقت گذرڻ کانپوءِ ٻائي ٻالڪرام صاحب ان هند تي پنهنجو ڳوٺ ٻڌايو. جو راڄ گهاٽ جي نالي سان سڏبو آهي جيڪا دونهي جلال پور کان دکائي آندي هوائون سان اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. هڪڙي دفعي اهو ڳو‎ٺ درياهه شاهه دونهي سميت پائي ويو. پوءِ ٻائي صاحب اها ٻرندڙ دونهي درياهه شاهه مان ٻاهر ڪڍي ٻيو نئون ڳوٺ ٻڌائي ان ۾ اها دونهي رکي.

ٻائي ٻالڪرام جي مڃتا ۽ سکي وڌندي رهي. ڪو هن ۾ سندس صديقي سکه ٿيا، ڪيترا هندو ٻائي ٻالڪرام صاحب وٽ اچي هن کان آسيسا گهرندا هئا ۽ اڳيان ڀيٽائون رکندا هئا. اها حالت سنڌ جي ان وقت جي بادشاهه کي پسند نه آئي. ڪلهوڙي بادشاهه ٺٽي جي صوبي بهرام خان کي تنبيهه ڪرڻ لڳو ته تنهن جي بي پرواهي سبب هندن جي فقير ايترو زور ورتو آهي صوبي بهرام خان ٻائي ٻالڪرام صاحب کي اچي عرض ڪيو ته سائين اهڙي ڪا ڳالهه ڪريو جئن مان ڪلهوڙي حاڪم کان ڇٽان. هن مونکي اوهانجي ڪري ڏاڍو هلاکه ڪيو آهي انهي وقت ٻائي ٻالڪرام صاحب فرمايو ته ڪلهوڙن جي صاحبي جلدي ويندي. هي ڏندڻ ٽالهي جو اسين زمين ۾ پوکون ٿا. ان ۾ چار ڏار ٿيندا. جيستائين اهي چار ڏار قائم هوندا تيسين تائين ٽالپرن جي بادشاهي سنڌ ۾ قائم رهندي. جلدي ٿوري وقت ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت ناس ٿي وئي ۽ ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿيا.

جوت سنگهه جي نالي هڪ شاهوڪار شڪار پوري کي ڪلهوٽن پنهنجي رياست جو مقاطع جهرڪن کان وٺي ڪراچي تائين ڏٺو هو. جوت سنگهه جو ٻائي صاحب ۾ گهڻو صدق هوندو هو. هن کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. هن ٻائي صاحب کي پرارٿنا ڪئي ته سائين آسيسا ڪريو ته مونکي اولاد ٿئي. ٻائي صاحب فرمايو ته توکي اولاد ٿيندو پر تنهنجي سڀ مايا ملڪيت ناس ٿي ويندي جوت سنگهه وراڻي ڏني ته اولاد ٿئي ۽ ملڪيت وڃي ته وڃڻ ڏيوس. ٻائي صاحب جي آسيسا سان هنکي پٽ ڄائو پر پٽ ڄائي کان اڳ هنجي سب ملڪيت ناس ٿي ويئي. پوءِ وري ٻائي صاحب جياسيسا سان جوت سنگهه وڃي ڪمائي کي لڳو ٿورن سالن بعد پرلوڪ پڌاريو سندس گادي تي چيلو سندس ٻائو سنتوڪداس ويٺو.

ٻائو سنتوڪداس اصل پنجاب جو ويٺل هو. ٻائي ٻالڪرام جي پرلوڪ پڌارجڻ کانپوءِ گادي نشين ٿيو. هن پنهنجي سکي شيوڪي چڱي وڌائي هڪ ڏينهن درياهه شاه جوش ۾ اچي ٻائي صاحب جي ڳوٺ کي پائڻ شروع ڪيو، سکن جي منٿ ڪرڻ تي ٻائي سنتوڪداس درياهه شاه جي ڪپ تي اچي هڪ وڏو پٿر درياهه ۾ اڇلايو ۽ پاڻ فرمايائون ته اسان درياهه کي ٻڌي ڇڏيو آهي هاڻي درياهه ڪونه پائيندو. ٿيو به ائين ان وقت کان وٺي درياهه شاه پٺتي هٽي ويو ۽ ڳوٺ بچي ويو.

ٻائي سنتوڪداس پنهنجي گرن ٻائي ٻالڪرام صاحب جن جو ڀنڊارو ڪيو بي انداز سکه شيوڪ ۽ فقير اچي ڪٺا ٿيا. سکن ٻائي صاحب کي ٻڌايو ته آيل سيڌو ڀنڊاري لاءِ پورو نه ٿيندو وڌيڪ گهرائڻ جي آگيا ڏيو.

پاڻ فرمايائون ته اوهان ڪوبه فڪر نه ڪريو وڏي دل سان ڀنڊارو هلايو . اسين پاڻ ڀنڊاري ۾ اچون ٿا، سامان جيڪو ڪٺو ٿيل هو تنهن کان ٻيڻان ماڻهو آيل هئا ٿوري وقت کانپوءِ ٻائو صاحب پاڻ ڀنڊاري ۾ ويا ۽ سڀ سامان پنهنجي نظر مبارڪ مان ڪڍيائون گهرايل سامان مان ڀنڊاري جو ڪم شروع ٿيو سيڌي سامان تي ٻائي صاحب جن جي نظر مبارڪ پوڻ سبب اهڙي ته برڪت اچي ٿي جو ڀنڊاري جو پوري ٿيڻ بعد اهو سيڌو سامان ڪيتري قدر پاڻ بچي پيو.

حيدرآباد وارو مکي تاراچند درٻار جو صادق سکه ٻائي صاحب کي پٽ ملڻ لاءِ عرض ڪيو ٻائي صاحب ان وقت موءج ۾ اچي وچن ڪيو ته ڀائي تاراچند توکي هڪ پٽ ٿيندو اهو هيرو ٿيندو ۽ نالو به ان تي هيرو رکجو. ٿورن مهنن گذرڻ بعد ڀائي تاراچند کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو هيرو رکيو ويو، جو مکي هيرانند تاراچند جي نالي سان حيدرآباد جو نامور مکي ٿي گذريو آهي. جنهن جا پويان مکي هرڪشن داس، مکي منگهارام آهن.

ٻائو سنتوڪداس صاحب پنهنجي حياتي جو سمورو وقت ايشور ڀڳتي ۾ گذاريو هو سدائين گوشي نشين رهندو هو. سندس پر لوڪ پڌارجڻ کانپوءِ سندس چيلو ٻائو چرنداس گادي ٿي ويٺو.

ٻائو چرنداس به پنجاب کان سنڌ ۾ آيل هو. ٻائو چرنداس صاحب ڪرامت جو صاحب هو. ٻائي صاحب انيڪ ڪرامتون ڏيکاريون آهن، ٻائو چرنداس روز نت نيم سان لڪ چوري چادر ۽ دشالو درصاهه شاهه تي وڇائي ان تي ويهي درياهه جي ٻي پار ويندو هو. جڏهن ان ڳالهه جي خبر ماڻهن کي پئي تڏهن هو ڏاڍا تپرس ۾ پيا. هڪ ڏينهن عيد جو هو ان ڏينهن ٻائو صاحب پنهنجي هارين کي کائڻ لاءِ سيڌو ڏنو ۽ ڍڳن جي چاري لاءِ بند گاه جا ڏنا ۽ حڪم ڪيائين ته عيد هئڻ سبب اوهان زمين ۾ ڪم نه ڪجو پر هارين ٻائي صاحب جي حڪم جي انحرافي ڪري ڍڳا وڃي نارن ۾ ٻڌا. ٻائي صاحب تنهن تي ڪاوڙجي چيو ته جن هارين اسانجي حڪم جو النگهن ڪيو آهي سو ماني ماني تي رکي نه کائيندا. اهي هاري اڄ ڏينهن تائين پيٽ قوت لاءِ حيران آهن هو هڪ هنڌ ڪين ٽڪي سگهن ٿا. وتن سدائين نئين نئين زميندار جي زمين آباد ڪندا.

سڄڻ نالي هڪ مسلمان هاري هو، ان ٻائي صاحب جي نالي چار ٻاريون تماڪ جون ڌار ڪري پوکيون هيو ان لاءِ ٻائي صاحب هنکي چار پٽ آسيسا طور ڏنا سڄڻ کي چار پٽ ٻائي صاحب جي آسيسا سان چئن ٻارين تماڪ ڏيڻ تي ڄاوا هئا. ٻائي چرنداس حيدرآباد ۾ پڻ هڪ ٺڪاڻو ٺهرايو هو جو اڃان تائين قائم آهي . ٻائي صاحب سکن شيوڪن تي پٽن جي ڄمڻ ۽ شادي مرادي جي موقعن تي درٻار جا ٻنڌيان مقرر ڪيا هئا. جي ٻنڌيان اڃان تائين قائم آهن اهڙي طرح ٻائو چرنداس درٻار تي زور وٺرائي گادي تي ٻائي پورن داس کي وهاري پاڻ جوتي جور سمان ٿيا.

ٻائو پورن داس صاحب به ڪرامت جو صاحب هوندو هو هن صاحب سکن شيوڪن جون ڪيتريون مرادون پوريون ڪيون. سندس درشن ڪئي سکه شيوڪ خوش ٿي نهال ٿيندا هئا هڪ ڏينهن هڪ صاحبزادو پنجاب کان ڪا مراد دل ۾ رکي ٻائي صاحب وٽ آيو ٻائي صاحب هن کي آسيس ڪئي جڏهن ڪچهڙي برخواست ٿي، تڏهن صاحبزادي هڪ پارس پٿر ڪڍي ٻائي صاحب اڳيان ڀيٽا رپيو ۽ چيائين ته سوامي توهانجو ڀنڊارو هميشه پيو هلي ڪرپا ڪري پارس پٿر قبول ڪريو جو توهانکي توهانجي پوين کي ڪارگر ٿيندو. سکه سنگت جي مرضي به ٿي ته اهڙي چيز ڀل ٻائي صاحبن هڪ ٽهلي کي حڪم ڏنو ته مصري ۽ چانورن جو اکو کڻي اچ. حڪم موجب ٽهليو مصري ۽ چانور کڻي آيو.ٻائو صاحب ان وقت سکه سنگت سميت درياهه شاهه تي اچي پارس ۽ اکو درياهه ۾ پرواهه ڪيو. سکن شيوڪن کي اها حالت ڏسي ڏاڍو تپرس لڳو ۽ ارمان ٿيو. صاحبزادي جي ارمان جي حد نه وهي ٻائو صاحب پارس درياهه ۾ لوڙهي بنا دکه سکه جي موٽي درٻار ۾ آيو. ڀوجن وٺڻ وقت اهو صاحبزادو اندر ڪونه آيو ۽ ما‎ٺ ڪري چادر تاڻي ڏک ۾ سمهي پيو ٻائي صاحب هنکي اٿاري روٽي نه کائڻ جو سبب پڇيو صاحبزادي وراڻي ڏني ته سائين مونکي اولاد ڪونه ڪو ٿئي ٿو مان اوهان وٽ اِهو املهه نذرانوکڻي آيس. پر اوهان انجو ڪوبه قدر نه ڪيو جي اوهانکي اهو نه گهربو هو ته مون کان ته نه وڃايو ها ٻائي صاحب هنکي چيو ته روٽي کاءُ سڀ ڀلي ٿي پوندي. صاحبزادي کي روٽي کارائي هنکي درياه شاه جي ڪپ تي وٺي آيا ۽ اچي خواجي خظر کي منٿ ڪيائون ته جيڪو پارس مون اوهان وٽ امانت رکيو آهي سو مونکي موٽي ڏيو. ايتري ۾ هڪ وڏي لهر آئي جنهن ۾ سوين پارس پيل هئا ٻائي صاحب صاحبزادي کي چيو ته تون پنهنجو پارس ڳولي کڻ. صاحبزادي وراڻي ڏني ته مون کان پنهنجو پارس نٿو لڀي. ٻائي صاحب هڪ پارس کڻي صاحبزادي کي چيو ته خاص هي تنهنجو پارس آهي. صاحبزادي اهو پارس سڃاتو ۽ لوهه تي لڳائي ڏٺو ته برابر اهو لوهه سون ٿي پيو. صاحبزادي اها حالت ڏسي ٻائي صاحب کي نمسڪار ڪيو ۽ وري به اهو پارس درياهه ۾ کڻي وڌو ايتري ۾ هڪ وڏي لهر آئي جا سڀ پارس موٽي کڻي ويئي. ٻه ٽي ڏينهن صاحبزادو درٻار ۾ رهي موٽي پنجاب طرف وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. ٻائي صاحب هنکي موڪل ڏني ۽ اپديش ڏنو ته ڀائي پرميشور جيڪا مايا ڏي سا چڱي مارگه ۾ خرچ ڪجي. فقيرن کي دولت جي ڪهڙي پرواه آهي. اسين هن دنيا ۾ مسافر آهيون. جيڪو زندگي جو وقت مليو اٿئون سو ٽڪري کائي پرميشور جي بندگي ۾ گذاريون ٿا. زندگي بندگي لاءِ ملي آهي ۽ نه کائڻ ۽ خوشين ڪرڻ لاءِ، ٽڪري کائجي ٿي انهي لاءِ ته ٽڪري کائي ايشور جو ڀڄن ڪجي. ٻائي صاحب صاحبزادي کي اها سکيا ڏيئي هنکي آسيسا ڪئي ته توکي پٽ سنتان ٿيندو. صاحبزادو اولاد جو ور وٺي خوش ٿي موٽي ڳوٺ آيو. ٻائي صاحبن جو ديسان ديس ناماچار وڌڻ لڳو ۽ هزارين ماڻهون سندن سکه شيوڪ ٿيا.

هڪڙي دفعي جي ڳالهه آهي ته ننگر ٺٽي جي ڀرسان زميندارن هڪ لنڊو واه ٿي کوٽايو. زميندار لنڊي جمال ڪيترا ماڻهو واه کوٽڻ لاءِ گڏ ڪري هنن کان واه جي کاٽي کوٽارائي. ڇيڙ جي کاڌي لاءِ ديگيون گهربل هيون لنڊو جمال درٻار جون ديگيون زوري کڻائي ويو. ٻائي صاحب هنکي منع ڪئي ته مسلمان جون ديگيون ڪتب آيل وري اسانجي ڪتب نه اينديون پر لنڊي جمال نه ٻڌو تنهن تي ٻائي صاحب ڪاوڙجي سراپ ڏنو ته اهو واه اصل نه نڪرندو ۽ نڪي وهندو. هزارن و لکن روپين خرچ ڪرڻ سان به اهو واه نه نڪتو ۽ نه وهيو. انگريزن جي حڪومت ۾ ڪليڪٽر پريٽني صاحب ٻائي صاحب جن جو ناماچار ٻڌي درٻار کي هڪ معافي جاگير ستن پيرين لاءِ سرڪار مان انعام طور ڀنڊاري جي خرچ لاءِ وٺي ڏني جا جاگير ٻائي امرداس صاحب جي وقت ۾ رعيتي ٿي. ان کانسواءِ ٻيون به ٻنيون ٻائي صاحب جن کي ميرپور ساڪري ۾ آکاري جي ڀنڊاري لاءِ سندن سکن کان مليون. ٻائي پورن داس پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي چيلي ٻائي سنجاداس کي گادي نشين ڪري پاڻ گوشي نشين ٿيا ۽ ٿورو وقت رهي جوتي جوت سمان ٿيا. ٻآئو سنجاداس صاحب سڀاءَ جا سانتيڪا هئا. هن دنيا فاني ۾ گادي تي وهڻ کان پوءِ ڪو ٿورو وقت رهيا. هن صاحب پنهنجي گرون جا ڀنڊار ڀلي ڀت ڪيا. جنهن ۾ ڪيترا فقير ۽ وڏا مهنت ۽ سک شيوڪ آيا. ٻائي صاحب جي ڏينهن ۾ درٻار جي سکي شيوڪي گهڻي وڌي. ٿورن ڏينهن بعد ٻائي سنجاداس صاحب جن ٻائي هرڪشنداس صاحب جنکي جهرڪن جي ٽڪاڻي مان گهرائي گاديءَ تي بار مٿس وجهي جوتي جوت سمان ٿيا، ٻائو هرڪشنداس صاحب اصل جهرڪن جي ٽڪاڻي ۾ رهندا هئا. جتي ماڻهن جي ڏاڍي مڃتا هيس. هن ٻائي صاحب کي سندس گورو ٻائو سنجناداس پنهنجي حياتي ۾ گاديءَ تي وهاري پاڻ جوتي جوت سمان ٿيا. پنهنجي گورو ٻائي سنجاداس وانگر ٻائي هرڪشن داس ٿورو وقت گادي ماڻي. جوتي جوت سمان ٿيڻ کان اڳ ٻائي ڪاشي داس کي گاديءَ جو ڌڻي مقرر ڪيائين. ٻائو ڪاشي داس پنجاب کان آيل هو. هي صاحب ٻائي پورن داس جو چيلو هو. مٿس ٻائي پورن داس جي ديا ۽ ڪرپا جهجهي هوندي هئي، گادي تي وهڻ کان اڳ ٻائو صاحب حيدرآباد، غلام الله، ميرپور ساڪري ۾ گشت ڪندا هئا، راڄ گهاٽ درٻار جي گهڻي سکي شيوڪي ڪيائون. ٻائي صاحب ڪاشي داس کي ڄاڻ هئي ته هن کي هن فاني دنيا ۾ ڪي ٿورا سال رهڻون آهي. اهو خيال ڪري حيدرآباد ۾ پنهنجي ٽڪاڻي چيلي مڌنداس وٽ اچي رهيا. ٻائي ڪاشي داس صاحب ٻائي مڌنداس صاحب کي راڄ گهاٽ ۾ پنهنجي گادي تي وهاري پاڻ ٿورن ڏينهن ۾ جوتي جوت سمان ٿيا. ٻائو مڌنداس جوتسنگهه درٻار جي صادق سکه جو اولاد هو. جوتنسگهه کي ٻائي ٻالڪرم ڪرپا ڪري اولاد ڏنو هو. ٻائو مڌنداس جو ننڍي هوندي کان وٺي ايشور طرف لاڙو هو. جڏهن 14 ورهين جي ڄمار جو ٿيو تڏهن دنيا جا سڀ لڳه لاڳاپا لاهي وڃي تيرٿ واسي ٿيو. تيرٿن تان موٽي سڌو ٻائي ڪاشي داس وٽ راڄ گهاٽ ٺٽي ۾ آيو. ٻائي ڪاشي داس هنکي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو. ٻائي ڪاشي داس کي ٻائي مڌنداس صاحب کي جوت جوت ٿيڻ کان اڳ گادي تي وهاريو هو.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ٻائي مڌنداس صاحب ڳوٺ غلام الله ۾ ويا اُتي کين ٻائي امرداس صاحب گڏيو، جنهن کي چڱي مورت ڄاڻي پنهنجو چيلو ڪري پاڻ سان وٺي گهاٽ درٻار ۾ آيا ۽ کين درٻار پٺيان ٻائو امرداس درٻار جي سنڀال ۽ آئي وئي جي ٽهل شيوا چڱي طرح سان ڪئي جڏهن ٻائو مڌنداس صاحب جن تيرٿن تي پنجاب ڏانهن ويا ته اتي ٻائو صاحب ٻائي لڇمڻ داس صاحب کي نماڻي ۽ سنتوڪي مورت ۽ پڙهيل ڏسي کين پاڻ سان وٺي سنڌ ۾ آيا. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ٻائو صاحب جن جوتي جوت سمان ٿيا. تنهن کان پوءِ ٻائو امرداس گادي تي ويٺو. ٻائو امرداس ۽ ٻائو لڇمڻداس جي پاڻ ۾ چڱي صحبت هوندي هئي. ٻنهي گڏجي درٻار سکي شيوڪي ۽ زمين گهڻي وڌائي ۽ ٻيا به گهڻا ڪم درٻار جي سڌاري جا ڪيائون. جڏهن ٻائو امرداس صاحب گشت تي ويندو هو ته سندس غيرحاضري ۾ ٻائو لڇمڻداس درٻار ۾ رهي درٻار جو ڪم سنڀاليندو هو. ٻائو امرداس صاحب جن بلڪل سانتيڪا پرش ۽ گوشي نشين هوندا هئا. ٿورا ڏينهن گادي تي ويهي هن بي بقا دنيا مان روانا ٿي ويا. کائن پوءِ سندن گور ڀائي ٻائو لڇمڻداس گادي نشين ٿيا.

ٻائو لڇمڻداس گادي تي وهڻ کان اڳ به ظاهر ظهور ڪيتريون ڪرامتون ڏيکاريون هئائين. ٻائي صاحب امرداس جي وقت ۾ ٻائو لڇمڻداس جن گهڻو ڪري گشت ڪندا هئا ۽ سکن کي اُپديش ڪندا هئا. هڪ ڏينهن ٻائو لڇمڻداس ڳوٺ غلام الله ۾ تشريف فرمان ٿيا. اُتي ديوان ننديرام پٽ ڄانڃي مل جو رهندڙ هو جو تمام سخت بيمار ٿي پيو هو. ٻائو لڇمڻداس، ننديرام جو اهو حال ڏسي هن تي رحم کاڌو. ٻائي صاحب فرمايو ته هڪ سوني مهر پيدا ڪريو. غلام الله ڳوٺ ننڍڙو هو تنهن ڪري سوني مهر ملي نه سگهي. ٻائي لڇمڻداس پنهنجي گودڙي مان هڪ سوني مهر ڪڍي ۽ حڪم ڪيائين ته ان مهر کي ٽونگه ڪرائي اچو. غلام الله جي ڳوٺ ۾ ڪو سونارو يا ڪاريگر مهر کي ٽونگه ڪرڻ وارو ڪونه هٿ آيو. ٻائي لڇمڻداس جن اها مهر هٿ ۾ وٺي ڪرامت جي زور سان مهر کي ٽونگه ڪري اها ديوان ننديرام کي رکيا ڪري پاتائون ته هو هڪدم چڱو ڀلو نوبنو ٿي پيو. چڱي ڀلي ٿيڻ کان پوءِ ننديرام ٻائي جن کي عرض ڪيو ته جيڪا سوني مهر اوهان مون کي ڏني آهي. تنهنجي ڀيٽا وٺو. پر ٻائي صاحب جن مهر جي ڀيٽا وٺڻ کان انڪار ڪيو تنهن تي ننديرام اِها ساڳي مهر موٽائي ٻائي جنکي ڏني ننديرام جي مائٽن کي جڏهن ان ڳالهه جي سڌ ملي ته ننديرام سوني مهر ٻائي جنکي موٽي ڏني آهي تڏهن هنن کي ڏاڍو ارمان ٿيو.

ديوان شونداس پٽ ديوان چاندومل ‎ٺٽي جو ويٺل هو. ديوان شونداس کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. هن اولاد لاءِ جيئَري تي جيئَري شادي ڪئي. پر ٻي زال مان هنکي اولاد نه ٿيو. اولاد ٿيڻ واسطي ديوان شونداس ٻائي لڇمڻداس کان پيو گهرندو هو.

هڪ ڏينهن ٻائو لڇمڻداس ديوان شونداس جي گهر تشريف فرمان ٿيو. ديوان ان وقت گهر ۾ حاضر ڪونه هو. سندس غيرحاضري ۾ ديوان جي ڪٽنب جي ڀاتين ٻائي جن جي گهڻي قدر خاطري ڪئي. ٻائي جنکي پهريائين حقو ٺاهي ڏنائون ۽ پوءِ گلاس شراب جو ڀري کين پيئڻ لاءِ ڏنائون. ايتري ۾ ديوان شونداس به پنهنجي گهر ۾ آيو. جڏهن هن ٻائي جن اڳيان ڪٽنب جون سڀ زالوون ميڙ ڪري ويٺل ڏٺيون ۽ ٻائي جنکي شراب پيئندو ۽ حقو ڇڪيندو ڏٺو تڏهن اها ڳالهه ديوان وشنداس کي پسند نه آئي تنهن ڪري دل ۾ رنجيدگي رکي پاڻ وڃي ٻي جاءِ ۾ ويٺو. ٻائو لڇمڻداس جن انتريامي هئا، تنکي ديوان شونداس جي رنجيدگي بابت اندر ۾ خبر پيئي. سي يڪدم ڪاوڙجي شراب جو گلاس ڇڏي ۽ حقو ڇنڊي گهر ڇڏي اُٿي هلڻ لڳا. تنهن تي ديوان شونداس جي ڪٽنب جي ماڻهن هنکي آگاه ڪيو ته اهڙي طرح تنهنجي هلت جي دک ڪري ٻائو لڇمڻداس هليو ٿو وڃي. تنهن تي ديوان شونداس اتي اچي ڳچي ۾ ڪپڙو پائي ٻائي جن کان معافي گهري. آخر ٻائي جن ڪيترن حيلن ڪرڻ کانپوءِ شونداس کي معافي ڏني. پوءِ شونداس پنهنجن هٿن سان نئين سر حقو تيار ڪيو ۽ گلاس شراب جو ڀري ٻائي جن جي اڳيان رکيو.

ٻائي صاحب شراب پيتو ۽ جڏهن مؤج ۾ آيا تڏهن ديا ڪري ديوان شونداس کي چوڻ لڳا ته وڃ توکي اٺ پٽ ٿيندا. ٻائي جن جي وچن موجب شونداس کي برابر اٺ پٽ ٿيا، جن مان ڪي هن وقت وڏي اقبال وارا آهن. اِها ڪرامت ظاهر ظهور ٺٽي ۾ ٻائي جن جي پرسڌ اهي. پيارا پڙهندڙو! ڏسو سنتن جا ٽوپا، شل ڪنهن تي مهر ڪن، پوءِ درياه وانگر نئي پوندا، جو هڪ پٽ لاءِ محتاج هو تنهن کي اٺن پتن جو بخشيش ڪيائون.

ديوان ديواني مل روچيرام حيدرآباد سنڌ جو ويٺل ٺٽي ننگر ۾ اورسيئر هوندو هو. هنکي اولاد ڪونه ٿيندو هو. ديواني مل ٻائي جن جي هاڪ ٻڌي، ٻائي جنکي اولاد لاءِ منٿون ڪندو هو. چئن ورهين کان پوءِ بائي جن هڪ وقت موج ۾ اچي ديواني مل کي مڇ کان وٺي چوڻ لڳو ته رات حڪم ٿيو آهي ته توکي ٻه پٽ ٿيندا. اها آسيسا ٻڌي ديواني مل اکين مان خوشي جا لڙڪ وهائي ڏاڍو گدگد ٿيو. ديواني مل کي ٻائي جن جي وچن موجب ٻه پٽ ٿيا. اهي درٻار صاحب جا غلام ٿي گذارين ٿا. اهڙيون ڪيتريون ڪرامتون ٻائي لڇمڻداس صاحب گهڻن ماڻهن کي ڏيکاريون. جيڪڏهن هڪ هڪ ڪرامت جو ذڪر ڪيو ته هوند وڏو ڪتاب ٿي پوندو.

ديوان حشمتراءِ ريجهومل ميرچنداڻي ويٺل حيدرآباد واري مقاطع کاٽي سکر بندر جو سرڪار مان کنيون هو، پر هنکي کامريا نٿي ملي سگهيا. گهڻي تڪيلف ورتائين پر نااُميد ٿيو. هڪ دفعي ٻائي لڇمڻداس کي عرض ڪيائين ته ماڻهو کاٽيءَ لاءِ مونکي ملن. تنهن تي ٻائي جن فرمايو ته بابا! توکي ماڻهو ڪم لاءِ ملندا ۽ تنهنجي پت سان رهجي ايندي. ان وقت ٻائي جن جي منزل رتيديري ضلع لاڙڪاڻي ۾ هئي. تنهن کانپوءِ جلدي هڪ ڏينهن ٻائي لڇمڻداس ڳوٺ ۾ رتيديري ۾ ڏ‎ٺو ته گهڻا پٺاڻ کامريا گڏه وٺي اتي اچي لٿا. انهن کي ڏسي ٻائي جن دل ۾ چوڻ لڳا ته اهي ماڻهو حشمتراءِ کي ڪارائتا ٿيندا. ٻائي جن اها ڳالهه انهن ماڻهن سان ڪري ڳوٺ مان منزل کڻي ٻئي پاسي هليا ويا. پوءِ اهي پٺاڻ کامريا سڌا سکر بندر ڏانهن هليا ويا ۽ اتي حشمتراءِ کان پئسا وٺي ڪم تي چڙهيا ۽ معياد کان اڳ ڪم پورو ڪري ڏنائون. ريجهومل تي ان ڪم مان چڱو فائدو پهتو.

ٻائي لڇمڻداس صاحب پنهنجي حيدرآباد جي کنياتي ٽنڊي واري اسٿان جي سنڀال لاءِ سال 1904 کان وٺي ٻائي ڌيانداس صاحب پنهنجي وڏي چيلي کي مقرر ڪيو هو. ٻائو ڌيانداس يوگي ۽ ڪلاڌاري سڌ پرش هو. هو سدائين لڪل رهندو هو. ڪڏهن پنهنجو اسٿان ڇڏي ٻاهر نه نڪتو. هو ايوڌيا پريءَ جو هڪ براهمڻ هوندو هو. ٻائي لڇمڻداس هنکي فقيري ويس ڏيئي اُداسي پنٿ ۾ ورتو ۽ سندس نالو ڌيانداس رکيو ۽ هنکي حيدرآباد جي اسٿان جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيو. ٻائي ڌيانداس جو پورن نشچو گرو گرنٿ صاحب ۾ هوندو هو. جيڪي دکي وٽس ايندا هئا تنکي چوندو هو ته پنهنجا دک سور وڃي گرنٿ صاحب اڳيان رکو. گرو گرنٿ صاحب اوهان جا سڀ دک دور ڪندو. ڀائي ڌيانداس سدائين اڪيلو گذاريندو هو. پنهنجن هٿن سان روٽي ٺاهيندو هو. ڪڏهن به نوڪر يا چيلو نه رکيائين. ٻائو ڌيانداس هڪ سياڻون ۽ نيتي تي پورو سنت هو. هن جا پرتا سندس سکن شيوڪن کي انڀو ٿيل آهن. ٻائو لڇمڻداس جڏهن حيدرآباد ۾ ان اسٿان تي اچي لهندو هو تڏهن هو سندس چڱي شيوا ڪندو هو.

ٻائو ڌيانداس تاريخ 25 مئي 1925 ڌاري حيدرآباد ۾ شرير تياڳيو.

ٻائي لڇمڻداس صاحب جي ديولوڪ پڌارجڻ کانپوءِ سندس چيلو ٻائو گرمکداس ٺٽي درٻار جي گادي تي ويٺو. هن وقت ٻائو آتمارام گادي نشين آهي. هرهڪ سال چيٽي چنڊ ۽ پهرين چيٽ تي ان درٻار ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي، جتي درٻار جا سک شيوڪ ايندا آهن. درٻار ۾ مٿي ذڪر ڪيل دونهي سدائين دکي رهي ٿي. سوين هزارين سکه ۽ شرڌالو درٻار ۾ اچي پنهجون من جون ڪامنائون پوريون ڪن ٿا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org