سوائي شياء گر جي مڙهي شهدادپور
شهر شهدادپور جي ڀرسان سائي شيام هندن جي نامور ۽ پرسڌ سنياسن
جهونو اسٿان ڏيڍ سؤ سالن کان جاري آهي. ان اسٿان
سان لاڳو درگا ديوي ۽ شو جا مندر آهن. هر هڪ سال۾
ٻه دفعا نوراتن ۾ چيٽ ۽ اَسو جي مهنن ۾ درگا ديوي
جي پرائڻ جو پاٺ ٿيندو آهي. ان اسٿان جا ساڌ درگا،
شڪتي جا اپلسڪ آهن. نوراتن ۾ گاديسر اندر ئي رهندو
آهي ٻاهر ڪنهن کي منهن نه ڏيکاريندو آهي. ان اسٿان
۾ وڏا وڏا سڌ پرش ڪرامت جا مالڪ ٿي گذريا آهن. هن
اسٿان جا گهڻا سک شيوڪ آهن. سوائي جو اسٿان هن ڪري
سڏجي ٿو. ان اسٿان جي پائي وجهندڙ سوامي شيام گر
ستگرن وٽ سوا ڏينهن رهي ان کان سوا ڏينهن گيان
حاصل ڪيو تنهن ڪري گوسوامي کي سوائي جي نالي سڏجي
ٿو. ان اسٿان جي ساڌن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
گوسوامي شيام گر (2) گوسوامي منگل گر (3) مان گر (4) برهم گر
(5) دياگر (7) ڌرم گر (8) ڪلياڻ گر (9) رام گر
(10) شنڀو گر (11) واسديو گر.
سنياسين جو اشٽ دتاترئيه سوامي آهي. گوسوامي سوائي شيام گر جو
اصلوڪو اسٿان گرنار ۾ جو نگره اَبو پهاڙ تي آهي.
گوسوامي سوائي شيام پنهنجي ستگرو کان اُپديش وٺي
اول دهلي ۾ مغل بادشاه اورنگزيب وٽ وڃي هنکي
ڪرامتون ڏيکاري ٻين ساڌن جا بند خلاص ڪرايا جن
ساڌن کي بندي خالي ۾ وجهي هنن کان چڪيون ٿي
پيهاريون. دهلي ۾ ٿورو وقت رهي گوسوامي سوائي شيام
گر شهدادپور جي ڀرسان پپر وڻ جي هيٺيان بيابان ۾
دونهي دکائي اچي ويٺو. انهن ڏينهن جو سنڌ حاڪم جو
شڪار تي ويل هو سو پنهنجن ماڻهن سميت گوسوامي جن
وٽ آيو. گوسوامي جن هنکي ۽ هنجي ماڻهن کي هڪ ئي
روٽي مان روٽي کارائي ۽ تنبي مان پاڻي پياريو. پر
اها هڪ ئي روٽي اڃان نه کٽي ۽ نڪي تنبي مان پاڻي
کٽو. فقير جي اها ڪرامت ڏسي سنڌ جي حاڪم فقير کي
زمين ٽڪر آبادي لاءِ بخشيش ڪري ڏنو. گوسوامي دونهي
جي اڳيان سمورو وقت رهي ايشور جو ڀڄن ڪندو رهيو.
اها دونهي اڄ ڏينهن تائين قائم آهي.ان دونهي مان
جيڪو بيمار ٿوري ڀڀوت چکي ٿو ۽ پنهنجي شرير کي
لڳائي ٿو ته جهٽ چڱو ڀلو ٿي پوي ٿو.
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي گوسوامي سوائي شيام گر وٽ آيا ۽ اچي
چيائون ته اسين گنگا جي تيرٿ ياترا ڪرڻ وڃون ٿا.
سوائي شيام گر انهن چئني سکن کي پنهنجي اسٿان تي
گنگا جو درشن ڪرايو ۽ انهن چئني ان تي اشنان ڪيو.
گوسوامي شيام گر ديهه سميت سماڌ ورتي ۽ پنهنجو گادي نشين منگل
گر کي ڪيو. سوامي شيام گر مڙهي وارا ساڌ سڀ سڌ پرش
۽ ڪرامت جا ڌڻي ٿيا آهن. انهن جي سکي شيويڪي گهڻن
ڳوٺن ۾ آهي. زرعي زمين ۽ شهدادپور ۽ سانگهڙ ۾
جايون اسٿان جي ملڪيت آهي. روز لنگر تي ڪيترا سک
شيوڪ مهمان ڀوڄن وٺن ٿا. هولي کانپوءِ ڌورتي تي
شهدادپور نواسي اسٿان تي ايندا آهن ڀڄن ڀاءُ ٿيندو
آهي ۽ سڀ روٽي گڏجي کائيندا آهن. گاديسر لعل گر
وڏي ڪرامت جو ڌڻي هو. ڌورئي کي پئنچن جو شراب کپي
ويو. گوسوامي لعل گر پنهنجي ماڻهوءَ کي چيو ته وڃي
شهر مان شراب وٺي اچو. هڪ مائي وٽ شراب هو پر ڪوڙ
ڳالهائي چيو ته وٽس شراب نه آهي. گوسائين لعل گر
جڏهن اها ڳالهه ٻڌي تڏهن پنهنجن سکن شيوڪن کي
چيائون ته اوهان ماٺ ڪري وهيو اوهان وٽ شراب
پاڻيهي ٿو اچي. جلدي مائي وارو شراب جو مٽ سڄو کڄي
مڙهي ۾ اچي نڪتو جو سکن شيوڪن پيتو. مائي روئيندي
آئي ته منهنجو شراب جو مٽ الائي ڪير کڻي ويو. گر
سائين لعل گر مائي کي چيو ته تون موٽي گهر وڃ
تنهنجو شراب جو مٽ ڀريل رکيو اٿيئي. مائي وڃي ڏٺو
ته برابر سندس گهر شراب جو مٽ ڀريل رکيل هو.
ان اسٿان جي گاديسر ڪلياڻ گر کي وڏي ماتا جي بيماري ٿي پيئي.
هنجي حالت سخت هئي. هن صاحب پنهنجي چيلي شنڪر گر
کي گهرائي هنکي چيو ته اسين هاڻي موڪلايون ٿا توکي
اسٿان پرتو آهي توکي گادي تي وهاري ٿا وڃون. سندس
چيلي شنڪر گر گرو ڪلياڻ کي چيو ته مونکي باقي 9
سال هن سنسار ۾ رهڻون آهي. اوهانکي پنهنجي حياتي
جا 9 سال ڏيان ٿو. اوهان 9 سال وڌيڪ وقت حيات
رهندا مان اوهانجي بدلي شرير ڇڏيان ٿو. ائين چئي
شنڪر گر کي ساڳي ماتا جي بيماري سبب شرير ٻئي
ڏينهن تياڳيو.
ان اسٿان تي جيڪي سماڌيون آهن تن ۾ ماڻهن کي گهڻي شرڌا آهي.
جيڪو جهڙي ڀاونا رکي پنهنجو سوال سماڌين اڳيان پيش
ڪري ٿو تنهنجو سوال هڪدم اگهجي ٿو. ڪيترا سوين
اهڙا مثال آهن. ان اسٿان جو ساڌ شنڪر گر چيلو
گاديسر ڪلياڻ گر جو وڏو سڌ پرش ٿي گذريو آهي. جڏهن
ڪلياڻ گر هرد وار تيرٿن تي ويو ٿي تڏهن سندس چيلي
شنڪر گر پنهنجي گرو ڪلياڻ گر کي عرض ڪيو ته مون کي
به گنگا جي تي وٺي هلو پر ڪلياڻ گر، شنڪر گر کي
چيو ته پٺيان ڪو ته اسٿان جي سنڀال لاءِ هجي. تنهن
تي شنڪر گر وراڻي ڏني ته سائين جڏهن اوهان گنگا جي
تي ٽٻي ڏيندا تڏهن مان به ان وقت اوهان سان گڏ ٽٻي
ڏيندس. ڪلياڻ گر ته هرد وار ويو هليو شنڪر گر جڏهن
هرد وار ڏانهن وڃي گنگا جي ٽٻي ڏيئي اڃان پاڻي مان
مٿو ٻاهر ڪڍيو ته هن اُن وقت شنڪرگر کي پاڻي مان
ٽٻي ڏيئي ٻاهر مٿو ڪڍندو ڏٺو. تنهن تي ڪلياڻ گر
شنڪر گر کان پڇيو ته تون وري هت ڪڏهن آئين. شنڪر
گر وراڻي ڏني ته سائين مون اوهانکي چيو هو ته مان
به اوهان سان گڏ گنگا جي تي ٽٻي ڏيندس. هاڻي مان
تئي تي ماني وجهي هت آيو آهيان. پٺيان اسٿان تي
ماني تئي تي پيئي سڙي مان وري موٽي اسٿان تي وڃان
ٿو. شهدادپور جي حلوائي تاري مل جو پٽ ٽن سالن جو
مري ويو. سندس زال روئي اچي شنڪر گر کي عرض ڪيو ته
سائين منهنجي پٽ کي وري جيئاريو. شنڪر گر مئل ٻالڪ
کي ڇنڊو پاڻي جو هنيو ته اهو ٻالڪ اُٿي کڙو ٿيو.
اهو نالو بصر مل پٽ ٺارومل حلوائي هو. شنڀوگر
اسٿان جي ملڪيت زرعي زميون ۽ جايون وڌايون. ڪل
1400 روپيه درماه مسواڙ اچي ٿي. زمين 1200 سؤ ايڪڙ
آهي. سنبت 1984 ۾ اسٿان جي وڏي عاليشان پڪي هاڻوڪي
جاءِ سوامي سنڀوگر ٺهرائي. شنڀوگر 1982 ۾ وڏو
ڀنڊارو پنهنجي گرو جو ڪيو جنهن تي سندس 48000
اٺيتالاهه هزار روپيه خرچ اچي ويو. ڀنڊاري وقت
درٻار جي کوه جو پاڻي کٽي ويو. شنڀوگر چانور پڙهي
کوه ۾ وڌا ته کوه پاڻي سان اچي ڀريو ۽ منجهس پاڻي
اصل نه کٽو. اسٿان سان لاڳو پستڪ آليه ۽ ڌرمائو
اسپتال آهي. هن وقت سواسمي واسديو گادي نشين آهي.
هي صاحب ميري پيري ڪري رهيو آهي ۽ اُدارچت آهي.
ڪراچي شهر ۾ ڌرمي اسٿانن جي ياداشت
نالو ڌرمي اسٿانن جو، پتو ائڊريس
سوامي نارائڻ مندر، بندر روڊ
بائي نندلعل جو ٽڪاڻون (ستسنگ سڀا) مٺو در اولڊ ٽائون.
سکڌام مندر، مٺو در اولڊ ٽائون.
شري رام ڪرشن پرم هنس، بندر روڊ ايڪسٽيشن.
گرمندر، بندر روڊ ايڪسٽيشن
ڪرسٽ ڪنج (ساڌو واسواڻي جو) بندر روڊ ايڪسٽيشن.
هنومان جو مندر، سولجر بازار.
گروسک سک سڀا، رتن تلاءُ.
ڄيٺمل گردوارو، برنس روڊ.
گرو نانڪ درٻار، رام باغ رڪريشن گرائونڊ.
سيتلداس جي واءِ، ڀيمپور.
کڏي وارو مندر، اولڊ ٽائون.
شري اُڏيري لعل صاحب جو ٿان، نيٽي چيٽي
رامداس جو ٽڪاڻون، ڪاغذي بزار ڀرسان.
ٻائي لڇمڻداس جو ٽڪاڻون، رام باغ فريم روڊ.
سوامي هيمراج چد آڪاشي جو مندر، بندر روڊ ايڪسٽيشن.
سوامي گولاداس جو اسٿان، بندر روڊ ايڪسٽيشن.
شهر حيدرآباد سنڌ
گروننگر، ڍنڍ مٿان لونگ ڀڳت جي گھٽي هيٺان.
سکڌام مندر، سپاهيملاڻي گهٽي
مهراجن جي حويلي، ڍنڍ مٿان ڦليلي رستي تي
ڀائي بولچند جو شوالو، ڍنڍ مٿان ڦليلي رستي تي
لڇمي نارائڻ جو مندر، ڦليلي رستي تي
سوامي ٽيئون رام ۽ گوانداس جو اسٿان ڦليلي تي
پهلاج پري، ڦليلي روڊ
رشي گهاٽ، ڦليلي تي
ڀائي جوهرمل چوٽراڻي جو شوالو، ڦليلي تي
نر نارائڻ جو مندر، ڦليلي تي
مهنت گرديال جو ٽڪاڻون، آڏواڻي گهٽي
مهنت ڌيانداس صاحب جو ٽڪاڻون، مکڪي گهٽي
ڀائي چئن برهم جو ٽڪاڻون، سپاهيملاڻي گهٽي
منگلاڻي ساڌن جو ٽڪاڻون، سپاهيملاڻي گهٽي
قنڌاراڻي خالصن جو اڪال ڀونگو، الهندو ڪچو اسٽيشن روڊ ديول
ڀرسان
مسند ڀائي ڪشنداس صاحب ٽڪاڻون، چنديراماڻي گهٽي
مسند ڀائي شامداس صاحب جو ٽڪاڻون، شاهي بزار نزديڪ چنديراماڻي
گهٽي
ٻائي لڇمڻداس جو ٽڪاڻون، هيرآباد
ٻائي ڀڳوانداس جو ٽڪاڻون، ڊومڻ واه ڦليلي
ڪالي جو مندر، ريلوي اسٽيشن جي پريان
راڻي باغ وارو مندر، ريلوي اسٽيسن ڀرسان
ڀواني ماتا جو مندر، راڻي جي باغ ۾.
گور مندر ڪراچي
شهر ڪراچي بندر روڊ ايڪسٽيشن تي هڪ وڏو ڪشادو هوادار عاليشان
هندن جو ڌرمي اسٿان آهي جو گورمندر جي نالي سان
پرسڌ ۽ نامور آهي. اهو هاڻوڪو اسٿان گور مندر
اسٿان سال 1939 ۾ تيار ٿيل اهي. ان ڌرمي اسٿان ۾
گرو گر نٿ صاحب براجمان آهي. هر روز صبوح ۽ شيام
ڀائر ۽ ڀينرون اٽڪل هڪ سؤ کن گڏجي ايشور جو ڪٿا ۽
ڪيرتن ڪن ٿيون. گرومندر اسٿان هڪ رجسٽرڊ ائسوسئيشن
جي سنڀال هيٺ آهي. جو ائسوسئيشن سرڪار ۾ سال 1948
۾ رجسٽرڊ ڪرائي ويئي آهي. سال 1934 ڌاري جڏهن
حيدرآباد عامل ۽ سنڌ جا هندو ڪراچي جي بندر روڊ
ايڪسٽيشن ۾ پنهنجون جايون جوڙائي اچي ويٺا تڏهن
انهن کي ستسنگ ڪرڻ لاءِ هڪ ڌرمي اسٿان جي گهرج ٿي.
تڏهن هيٺين چئن عامل ڀائرن پاڻ صلاح ڪئي ته ديوان
ڪنولسنگهه پوهومل ملڪاڻي زميندار جي جاءِ مسواڙ تي
وٺي هڪ ڌرمي اسٿان سال 1934 ۾ برپا ڪيو.
ڀاءُ ڀڳواسنگهه ديوان بسنتسنگهه آڏواڻي
ڀاءُ ڀيرومل ٽلومل
ڀاءُ گوبندرام واڌومل آڏواڻي
ڀاءُ ليلارام گوڌومل واسواڻي
ان اسٿان ۾ گرو گرنٿ صاحب براجمان ڪيو ويو. گروءَ جي شيوا لاءِ
هڪ شيواڌاري مقرر ڪيو ويو. صبوح ۽ شام مٿئين اسٿان
تي ڀائر ۽ ڀينرون گڏجي ستسنگ ڪندا ۽ شبد ڪيرتن ۽
ڪٿا ڪندا هئا. ان اسٿان ۾ گرو مندر وارا 6 – 7 سال
رهيا. تنهن وڌ ۾ سال 1937 ۾ جڏهن ڏٺو ويو ته
حيدرآباد عامل گهڻي انداز ۾ لڏي ان طرف اچي ويٺا
آهن ۽ اها جاءِ ستسنگ لاءِ پوري نه ٿي ٿئي تڏهن
هيٺين عامل ڀائرن گڏجي هڪ ائسوسئيشن سال 1937 ۾
ٺاهي جا سرڪار ۾ رجسٽر ڪرائي ويئي. ان ائسوسئيشن
جي مراد آهي.
سنڌ جي هندن ۾ گرو گرنٿ صاحب ۽ ڏهن گرن جي سکيا جو پرچار ڪرڻ.
عامل ڀائرن ۽ ڀينرن ۽ ٻين هندن ۾ ڌرمي ۽ روحاني واڌارو ڪرڻ ۽
گرو گرنٿ صاحب ۾ ڏيکاريل سکيا موجب انهن کي اپديش
ڪرڻ.
ائسوسئيشن جي ميمبرن جو پنگتي، اخلاقي ۽ ڌرمي وديا جو واڌارو ۽
سڌارو ڪرڻ.
غريب گهرجائو ڀائرن ۽ ڀينرن کي اَن، ڪپڙي ۽ ڌن جي سهائتا ڪرڻ،
بيمار گهرجائو ڀائرن کي دوا ۽ ڊاڪٽر جي فين لاءِ
ڌن جي سهائتا ڪرڻ، ان ائسوسئيشن جو ڪوبه ڀاءُ يا
ڀيڻ 8 آنه ماهوار چندي ڏيڻ سان مميبر ٿي سگهي ٿو.
ائسوسئيسن جي نوائلي ميمبرن ۽ بانيڪارن جا نالا:-
ديوان ڪنولسنگ پوهومل ملڪاڻي زميندار
ديوان واڌو مل ٻيلارام آڏواڻي وڪيل
ديوان ڀڳوانسنگ بسنت سنگ آڏواڻي
مستر چيلارام ٽيڪچند منسکاڻي بي. اي، ايل. ايل. بي
مستر ڀڳوان داس. آر رامچنداڻي
مستر ڀيرومل ٽلومل جڳتياڻي
مستر گوبندرام واڌومل آڏواڻي
مستر ليلارام گوڌومل واسواڻي
مستر ڊنگومل موهن لعل
مستر چنديرام بولچند آڏواڻي
مسز شانتي ٻائي هاسومل ٿڌاڻي
مسز راڻي ٻائي ڀڳوانسنگهه آڏواڻي
اها ڪاميٽي مٿين ڀائرن ۽ ڀينرن جي دائمي بورڊ آهي ۽ بورڊ جي
ميمبرن جي چونڊ سال به سال ڪانه ٿيندي آهي. انهن
ميمبرن ۾ هڪ سيڪريٽري ۽ هڪ جائنٽ سيڪريٽري چونڊيو
ويو. پهرين سيڪريٽري مستر چيلارام ٽيڪچند منسکاڻي
جنهن سال 1944 تان گرو مندر جو سيڪريٽري ٿي
ساراهان جوڳي شيوا ڪئي آهي. هن وقت سيڪريٽري مستر
چنديرام بولچند آڏواڻي آهي.
گورمندر ائسوسيئشن عامل هائسنگهه سوسائٽي کان زمين 1651 چورس
وال پئسن تي خريد ڪري اُن تي اٽڪل اڌ لک روپيه خرچ
ڪري هڪ وڏو عاليشان اسٿان ٺهرايو آهي. گرومندر جو
اسٿان ڀاءُ ڀڳوانسنگهه بسنتسنگهه آڏواڻي ۽ ڀاءُ
ڪسونداس ڇتيمل آڏواڻي وڏي تڪليف وٺي بيهي ٺهرايو
آهي. ڀاءُ ڀڳوانسگهه بنستسنگهه پنج هزار روپيه
مندر جي وڏي هال ٺهرائڻ ۾ چندو ڏنو. ٻين عامل
ڀائرن ۽ ڀينرن ڪن ٻه هزار ڪن هڪ هزار، ڪن پنج سؤ
چندو مندر جي اڏاوت ٺهرائڻ ۾ چندو چاڙهيو. انهن
ڀائرن ۽ ڀينرن جا نالا مندر جي هال ۾ وڏي بورڊ تي
لکيل آهن. گرومندر جي ملڪيت جي سنڀال وغيره لاءِ
هيٺيان ٽي ٽرسٽي مقرر ٿيل آهن.
ڀاءُ حشمتراءِ همٿ مل آڏواڻي
ڀاءُ ڪيسونداس ڇتومل آڏواڻي
ڀاءُ عامل هائوسنگهه سوسائٽي جو چونڊيل عيوضي وڏي
خوشي جي ڳالهه آهي ته ٿوري عرصي ۾ گروجمدنر ڪيترن
ٻين گورائارن جي ڀيٽ وڏي اوج تي رسيو آهي. اهو سڀ
گورومندر جو سيڪريٽري ڀاءُ چيلارام ٽيڪچند منسکاڻي
جي اُتساه ۽ اُمنگ جو نتيجو آهي. ڀاءُ چيلارام ۽
سندس ڀينرن جي رس سان ڀاريل ۽ مٺن شبدن ۽ نصيحت
آميز ڪٿا جي ٻڌڻ لاءِ گهڻا ستسنگي ڀائر روز مره هڪ
سؤ جي انداز ۾ صبوح ۽ شام جو اچن ٿا. ڀاءُ چيلارام
جي شيوا ڪري ئي گور مندر ٿوري عرصي ۾ ايڏي اوج کي
رسيو آهي ان سنگت جي پاران ڀاءُ چيلارام کي ڌنيواد
ٿي ڏجي. گورمندر جو ڪاروبار چڱي انتظام ۽ سٺي
نموني ۾ هليو اچي ٿو. سالياني اُپت ۽ خرچ اٽڪل
18000 هزار رپيه اچي وڃي ٿو. ماهوار ۽ سالوار
گورمندر جو حساب ڪتاب تپاسيو وڃي ٿو. آنرري آڊيٽر
ڏيئلمل ٽيڪچند جڳتياڻي آهي. سال ۾ اٽڪل 50 کن اکنڊ
پاٺ ۽ ساڌارڻ پاٺ ڏيڍ سؤ کن رکيا وڃن ٿا. سال
وارا ڀوڳن جو انداز سوا سؤ آهي. گورمندر ۾ هر روز
نت نيم سان صبوح جو ساڍا 4 بجي سکمني صاحب جو پاٺ
ڪيو ويندو آهي. تنهن کان پوءِ ساڍي بجي آسادي وار
ڀائر ۽ ڀينرون ڪن ٿا. شام جو رهراس جو پاٺ ڪيو
ويندو اهي. تنهن کانپوءِ ڪيرتن ۽ گرو گرنٿ صاحب
مان ڪٿا ڀاءُ چيلارام منسکاڻي ڪندو آهي. ڀاءُ
چيلارام جي ڪٿا ۾ ٻڌندڙن کي گهڻو رس آنند پراپت
ٿئي ٿو. گورمندر وارا سڀ وڏا ڏينهن هولي، ڏياري ۽
جنم اشٽمي ۽ شري رامچند جو جنم ڏينهن، گرونانڪ
صاحب ۽ گور گوبند سنگهه جي اوتار ڌارڻجو جنم ڌام
ڌوم سان ملهائين ٿا. سڀ گور پرڀ ملهايا وڃن ٿا.
گورمندر وارا اٽڪل 15 گهرجائو ڪٽنبن کي ماهوار سهائتا ڏين ٿا.
گور مندر سان لاڳو هڪ لئبرري ڌرمي سنڌي، انگريزي،
گرمکي پستڪن جي آهي جنهن جو لاڀ ڀائر ۽ ڀينرون وٺي
رهيا آهن. ان لئبرري جي کولڻ لاءِ شريمتي سيتا
ٻائي ڪيسونداس آڏواڻي ٻه هزار روپيه ڏنا آهن. ان
لئبرري تي نالو سندس پتا راءِ صاحب آڌارام چاندومل
ٿڌاڻي جو نالو رکيل آهي. گورمندر ۾ ڪيترن سالن کان
ست نارائڻ ڏينهن رات 11 بجي کان 6 بجي تائين ڀائر
۽ ڀينرون جاڳرتو ڪري شبد ۽ ڪيرتن ڪندا آهن. ان
موقعي تي اڪثر ڪري سڀ گڏجي ڪيرتن ڪن ٿا.
گورمندر وارا گورو صاحبن جي اڪال واڻي جو پرچار گذريل 12 سالن
کان ڪندا پي آيا آهن. واڻي جي پرچار لاءِ ڪلاس
ورتا وڃڻ ٿا. جن ۾ ننڍن ٻالڪن کي گور واڻي جو ارٿ
پاڙهيو وڃي ٿو ۽ گرواڻي ارٿ ٻالڪن کي چٽيءَ طرح
سان سيکاريو وڃي ٿو ۽ پڻ سال به سال انهن جا
امتحان ورتا وڃن ۽ نمبر اچڻ وارن کي انعام ڏنا وڃن
ٿا. گورمندر بورڊ گورواڻي جو ڪلاس ۽ امتحان وٺڻ جو
شڀ ڪم انهيءَ مراد سان هٿ ۾ کنيو آهي ته گورو
صاحبن جي واڻي هرهڪ ننڍو توڙي وڏو ڀاءُ، ڀيڻ چڱي
طرح سمجهي سگهي ۽ واڻي جو اڀياس ڪري. واڻي جي
سمجهڻ ۽ اڀياس کانسواءِ گورو صاحبن جو اپديش دل
سان هنڊائڻ ۽ ان تي پيروي ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي.
گورمندر ۾ اٽڪل 12 کن ساليانو آنند صاحب ريت پرماڻ
شاديون ٿين ٿيون. آنند ريٽ پرماڻ شادي تي خرچ
پنجويهه روپيه اچي ٿو. شادي شانتي وايومندل ۽
پوترتائي سان پوڄا ڪرڻ سان ڪرائي وڇي ٿي. گور مندر
جي بانيڪارن سيڪريٽري ۽ شيواڌارين کي گور مندر جي
واڌاري اُنتي لاءِ گهڻو اونو آهي. هو سڀ پاڻ ۾
يڪمشت تي ڪنهن ڏيکاءَ کانسواءِ سانتيڪي نموني ۽
هرڪو پنهنجي نموني ۾ شيوا ڪري رهيو آهي.
شري گورو نانڪ صاحب درٻار ڪراچي
شهر ڪراچي ۾ گاڏي کاتي ۾ هڪ جهونو ۽ وڏو ڌرمي اسٿان شري گورو
نانڪ صاحب جي ناني سان نامور ۽ پرسڌ آهي. اها
درٻار سال 1911ع کان چالو ٿي آهي. اوائل ۾ ڪي جوان
هرهڪ سرڳواسي مستر گوپالداس فتح سنگهه جڳتياڻي ۽
مستر فتحچند بجاسنگهه ڀلوناڻي ۽ مستر کرڪ سنگهه
سروير شامداس هيرانند ۽ بولچند پاڻ ۾ گڏي سال
1911ع ۾ گاڏي کاتي ۾ خئض حسن بلڊنگ ۾ هڪ جاءِ
مسواڙ تي ڪري ان ۾ صبوح ۽ شام جو ستسنگ ڪرڻ لڳا.
مستر گوپالداس جي مٺن ۽ رس ڀريل شبدن جي ٻڌڻ لاءِ
پريمي صبوح ۽ شام پاڻ ۾ گڏجي ستسنگ ۽ ڪٿا ڪيرتن ۽
ايشور جو گڻانواد ڪندا هئا. تنهن کانپوءِ سال 1935
گورو نانڪ صاحب درٻار وارن گاڏي کاتي ۾ ديوان
ٻيلارام روڊ تي هڪ وڏو پلات 560 چورس وال خريد ڪري
ان تي اڌ لک روپيه خرچ ٺهرايو. اهو اسٿان سڀني
ڀائرن پاڻ ۾ گڏجي ڦورهي ڪري ٺهرايو آهي. ڪنهن خاص
هڪ ماڻهو جي پئسن مان اها اسٿان نه ٺهيل آهي.
ڪراچي، حيدرآباد سکر ۽ ڪوئٽيا کان ڪراچي مان ڪي
ڀائر نڪتا جن وڃي اسٿان لاءِ چندو ڪٺو ڪيو. انهن
مان ٽي مکيه بانيڪار ڪم جا هئا.
راءِ صاحب خانچند منگهن مل هيراننداڻي
مستر شامداس اُڌارام ميرچنداڻي
مستر ساڌو سنگهه ٽونئر مل ٿڌاڻي.
انهن ٽن ڀائرن جي ڪوشش سان پئسا مندر جي ٺهرائڻ لاءِ ڪٺا ٿيا.
ان ڌرمي اسٿان لاءِ پنج ٽرسٽي هميشہ لاءِ مقرر ٿيل
آهن.
سيٺ ٽيڪمداس کوپرا مل وارو
سيٺ وينسي مل ڪلاچند
راءِ صاحب خانچند منگهنمل هيراننداڻي
ڀاءُ مستر گوپالداس وليرام ڪرپالاڻي
ڀاءُ مستر موتي سنگهه گيان سنگهه
انهن پنجن ٽرسٽين کانسواءِ هيٺين ستين ڀائرن جي ڪاروباري ڪاميٽي
چونڊيل آهي. جا ڪاميٽي مندر جي روزمره ڪاروبار
هلائڻ تي ڌيان ڏي ٿو ۽ حساب ڪتاب آمدني ۽ خرچ جو
رکن ٿا. مٿيان ٽرسٽي اسٿان جي ملڪيت جا سنڀاليندڙ
آهن. هن وقت جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبرن جا نالا
هيٺ ڏجن ٿا.
ڀاءُ موتي سنگهه گيان سنگهه
ڀاءُ گوپالداس وليرام ڪرپالاڻي
ڀاءُ ڀوڄراج گدومل آڏواڻي
ڀاءُ صورتسنگهه جهمٽ سنگهه لعلواڻي
ڀاءُ هري رام
ڀاءُ منگهارام دولترام لعلواڻي
ڀاءُ گوڪلداس پريتمداس چئناڻي
ڀاءُ ڀوڄراج گدومل آڏواڻي ان اسٿان جو سيڪريٽري
مقرر ٿيل آهي. هي ڀاءُ وڏي اُتساه ۽ اُمنگ سان شري
گرونانڪ صاحب جي درٻار جي شيوا ڪري رهيو اهي. سندس
ڪم ساراهه جوڳو آهي. جنهن ڪري کيس ڌنيواد ڏجي ٿي.
اسٿان جي شيوا لاءِ ٽي پگهاردار شيواڌاري مقرر ڪيل آهن. سراسري
روزانو هڪ سڀ ستسنگي صبوح ۽ شام جو ٻنهي وقتن تي
ستسنگ ۾ اچن ٿا. وڏن اتسؤن تي اهو انداز وڌي پنج
سؤ ٿئي ٿو. درٻار ۾ وڏو هال آهي جنهن ۾ 500 سؤ
سنگي سولائي سان ويهي شبد ڪيرتن ۽ ڪٿا جو آنند وٺي
سگهن ٿا.
ان اسٿان جو ڪاروبار مميبرن جي چندي مان هلي ٿو. ڪل ٽي سڀ ميمبر
آهن. ان اسٿان ۾ ماڙي تي هڪ جاءِ ٻاهريان آيل ساڌو
سنت جي ٽڪائڻ لاءِ مقرر ڪيل آهي. ٻاهران آيل سنتن
جي ڀوڄن جو پڻ اسٿان ۾ بندوبست ڪرڻ ۾ اچي ٿو. ان
سنت مهاتما کان ڪٿا ڪيرتن درٻار ۾ ڪرايو ويندو
آهي. حساب ڪتاب باقاعدي شاهوڪاري نموني ۾ رکڻ ۾
اچي ٿو. جنهنجي لاءِ آنرري آڊيٽر مقرر ٿيل آهي. سڀ
گرو پرڀ اسٿان اندر ملهايا وڃن ٿا. ان اسٿان جو
گرنٿي ڀائي آتماسنگهه آهي. ان اسٿان جي وسيلي ڏهن
گرن جي سکيا ۽ واڻيءَ جو پرچار ڪراچي نواسين ۾ چڱي
طرح سان ڪيو وڃي ٿو. غريب گهرجائو ڀائرن کي ماهوار
اوڳر ڪيل چندي مان ڪي قدر پڻ ڪئي وڃي ٿي. ان مندر
۾ گرمکي ۽ ڌرمي سکيا سيکارڻ لاءِ هڪ ڪلاس شام جو 5
کان 6 تائين ڪيترن سالن کان جاري آهي. انکي گرمکي
۽ ڌرمي سکيا پاٺ شالا سڏيو وڃي ٿو. گورو نانڪ
درٻار وارن جي اها شڀ اڇا لاءِ ننڍن ٻالڪن کي
گورواڻي ڪنٺ ڪرائجي کيس گرمکي سيکارجي ۽ گورواڻي
جي ارٿ ڪرڻ جو اڀياس ڪرائجي. تنهن لاءِ مندر سان
لاڳو زمين خريد ڪري ان تي گرونانڪ درٻار جي سهاري
هيٺ هڪ پاٺ شالا ٺهرائن جو درٻار جي بانيڪارن کي
خيال آهي ان لاءِ ڪو داني پرش کين ڌن جي سهائتا
ڏيندو. ان پاٺ شالا ۾ هن وقت دادي راڻي ٻائي ۽
دادي گوپي ٻائي ٻالڪين کي گرمکي سيکاري اُنهنکي جپ
صاحب، سکمني جو ارٿ سيکاري رهيون آهن. |