سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي درٻار

 

صفحو ؛ 9

فصل: 2

انگريزن جي لاڳاپي جي شروعات کان وٺي، سنه 1816ع جي عهدنامي تائين

هاڻي اسان ڪڇ جي تاريخ ۾ انهيءَ منزل تي پهتا آهيون، جتان ڪڇ ۽ برطانيا سرڪار جا تعلقات شروع ٿين ٿا. فتح محمد جي مرڻ ڪري جيڪي نتيجا نڪتا، تن جي احوال ڏيڻ کان اڳ ضروري آهي، ته ٿورو پٺتي وڃي انگريز سرڪار ۽ ڪڇ جي حڪومت جي وچ ۾، جي ڳالهيون ٻولهيون هليون هيون، تن جو ذڪر ڪجي. هڪڙي وقت سنه 1801ع ۽ سنه 1802ع ۾، جڏهن مانڊويءَ جي ناظم هنسراج جو ستارو عارضي طور زور هو، تڏهن هن ممبئي سرڪار کي راءَ راهه دين جي نالي ۾ عرض ڪيو هو، ته هو وچ ۾ پئي فتح محمد سان سندس ٺاهه ڪرائين، نه ته ملڪ جو خانو خراب ٿي ويندو. انهيءَ خدمت جي عيوض هو مانواريءَ ڪمپنيءَ کي ڪڇ جو علائقو ڏيڻ لاءِ تيار هئا: بشرطيڪ دارالسلطنت راءَ جي رهائش لاءِ مخصوص رکي وڃي، ۽ آئيندي لاءِ هن جي پرورش جو خاطرخواهه انتظام ڪيو وڃي، ٻين ٻن سالن ۾ بمبئيءَ ۾ڪڇ جي حفاظت لاءِ انگريزي فوج موڪلڻ جي درخواست پهتي. ان کان پوءِ، جلد ئي سنه 1804ع ۾، هنسراج ۽ فتح محمد جي گڏيل درخواست پهتي.

پر انگريز سرڪار کي ڪڇ جي حڪومت سان فقط اهڙا تعلقات رکڻ جو ارادو هو، جي سندن رعيت جي ماڻهن ۽ دوستن کي، راءَ جي سرڪش ملازمن کان بچائڻ لاءِ ضروري هئا: تنهنڪري سنه 1809ع ۾، انگريزن جو مٿين ٻن سردارن سان فقط اهو عهدنامو ٿيو، ته هو سمنڊ جا ڌاڙا بند ڪندا. ان وقت اتر وارن بندرن تان ڌاڙيل پنهنجون ڪاروايون ڪندا هئا. ٻيو عهدنامو ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي بچاءَ لاءِ ڪيو ويو. ان جو شرط اهو هو، ته درٻار جي فوج، ڪڇ جي رڻ ۽ نار جي اوڀر طرف ٽپي نه ويندي. انهن وعدن جي عيوض انگريز سرڪار ذمو کنيو، ته هو ڀـُـڄ جي درٻار جي، نواننگر جي ڄام ڏانهن جيڪا بقايا رهيل هئي، تنهن جي حق رسي ڪندا. ان کان وڌيڪ هنن ڪڇ جي ڪاروبار ۾ دست اندازي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. البت سنڌ جي حڪومت کي سو چتاءُ ڏنائون، ته هو ڪڇ تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن. ميرن جون مڙيو ئي ڪڇ ۾ گهڻي وقت کان اکيون هونديون هيون.

بدقسمتيءَ سان انگريزن جون مرادون انهن ڪارواين سان برصواب نه ٿيون. ڪڇ جي ڪناري تي اڳي کان به وڌيڪ ڌاريل رهڻ لڳا ۽ هو نهايت بيباڪيءَ سان ڌاڙا هڻندا رهيا، جنهنڪري واپار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. هنسراج جو پٽ سويراج، جو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، مانڊويءَ جو ناظم ٿيو هو، تنهن انهن ڏوهن جي همت افزائي ڪئي ۽ ڪيترن خوفناڪ ڏوهارين کي ڀڄي وڃڻ ۾ مدد ڪئي. وڌيڪ خرابي تڏهن ٿي، جڏهن هن ڪڇ جي نار ۾ داخل ٿيندڙ سڀني جهازن تي محصول وڌو، جنهن ۾انگريزن جي ڏنل پاسن وارا جهاز به اچي ٿي ويا. ڪمپنيءَ جا ڪيترا جهاز ڌاڙن بند ڪرڻ جي ڪم ۾ رُڌل هئا. انهيءَ هوندي به ڌاڙا ايترا، ته وڌي ويا هئا، جو بمبئي سرڪار، مانڊويءَ جي عملدارن ڏانهن احتجاج لاءِ وڪيل موڪليو، ۽ مانواريءَ ڪمپنيءَ جو حضور گائڪوار جا، سويراج ڪي پئسا رهيل هئا، تن جي گهر ڪئي.

انهيءَ ڪم لاءِ ڪئپٽن جيمس ايم - مرڊو انتخاب ڪيو ويو، جيڪو پنهنجيءَ لياقت ۽ قابليت دوران انهيءَ ڏکئي ڪم لاءِ نهايت موزون هو. هڪڙي زبردست بحري فوج هن جي حوالي ڪئي ويئي، ۽ هن کي هدايتون ڏنيون ويون ته هو ڌاڙيلن جي رهڻ جون جايون ۽ هنن جي تعداد جي خبر لهي ڏئي. اهو فرض، هن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، تمام خاطرخواهه نموني ۾ پورو ڪيو. هي صاحب مانڊويءَ ۾ ٻه - ٽي ڏينهن رهيو، ته سندس روشن ضمير کي خبر پئجي ويئي، ته ڌاڙيلن کي نه فقط اتي پناهه ملندي هئي، پر کين خود فتح محمد بچائيندو هو. ڪڇ جي نار ۾، حسن ناکئي نالي هڪ ڌاڙيل، ڪابل جي شهزادي شاهه داراب جو قيمتي وکر سان لڏيل جهاز لـُـٽيو هو ۽ پوءِ اها حرام جي دنيا کليو کلايو ڀـُـڄ ۾ وڃي هر قسم جي عيش عشرت ۾ برباد ڪئي هئائين.

سويراج سڀ مطالبا قبول ڪيا، ۽ ڪئپٽن ايم - مرڊو جو هن سان خاطر خواهه سمجهوتو ٿيو. پر، مانڊويءَ جو معاملو اڃا مس طيء ٿيو، ته هوڏانهن فتح محمد سنه 1809ع جي عهدنامي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ شروع ڪري ڏني، ۽ ڪئپٽن ايم - مرڊو ان طرف ڌيان ڏيڻ لڳو. ڌاڙيلن جا ٽولا واگر مان روز ڪاٺياواڙ وڃي، ملڪ کي ويران ۽ برباد ڪري ايندا هئا. ڪئپٽن فيلن نالي هڪ انگريز عملدار جي هڪ سنڌي قاتل کي، جو نواننگر مان ڀڄي ويو هو، تنهن کي ڀـُـڄ جي درٻار ۾ نوڪري ڏني ويئي هئي. مشهور ڌاڙيل حسن ناکئي، ۽ اهڙي قسم جي ٻين ماڻهن کي حڪومت جي تختگاهه ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي. ڄڻ ته هڪ عهدنامي جي شرطن جون اهي ڀڃڪڙيون ڪافي نه هيون. فتح محمد پاڻ سنتلپور ۾ چوڪي قائم ڪرڻ ۽ اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ جي ارادي سان ڪڇ جو رڻ ٽپي، پارڪر ۾ فوج وٺي ويو.

عهدنامي جي انهن ڀڃڪڙين تي ڪئپٽن ايم - مرڊوي سخت اعتراض ورتو. هو مانڊويءَ ۾ پنهنجو ڪاروبار پورو ڪري، ڪاٺياواڙ ۾ مورويءَ جي شهر ڏانهن هليو ويو، جتان جميندار کي سندس وعدا ياد ڏياريائين ۽ کيس انهن جي پاڙ پٽڻ لاءِ تنبيهه ڪيائين. هن کانئس شاهه داراب جي ملڪيت موٽائي ڏيڻ جي گهر ڪئي، جنهن بمبئيءَ سرڪار کان مدد گهري هئي. ساڳئي وقت فتح محمد کي چيو ويو، ته جيڪڏهن هو سنڌي خوني ۽ ڌاڙيل اسان جي حوالي نه ڪندو، ته انهن ڪڌن ڪرتوتن لاءِ کيس جوابدار ٺهرايو ويندو. انهيءَ اعتراض تي سنتلپور مان فوج هٽائي ويئي هئي، ۽ واگر جي ڌاڙيلن وغيره متعلق اڃا ڳالهيون هليون پئي، ته فتح محمد مري ويو. زنجيريءَ جون کٽل ڪڙيون پوريون ڪري، اسان هاڻي پنهنجو قصو وري شروع ڪريون ٿا.

فتح محمد جي مرڻ کان پوءِ، ڪڇ جي حڪومت جون واڳون هن جي ٻن وڏن پٽن، ميان حسين ۽ ميان ابراهيم جي هٿ ۾ آيون. اهي ٻيئي جوان هڪٻئي کان مختلف هئا. ميان ابراهيم کي عقل، همت ۽ ڦڙتائي هئي، بلڪ پويون ٻه وصفون ته بلڪ حد کان وڌيڪ هئس. هو ننڍو ڀاءُ هو، تنهن هوندي به هن حڪومت جي ڪاروبار ۾ چڱو بهرو ورتو هو، ۽ هن کي واگر جي مشهور قلعي ”ڪن ڪوٽ“ جو ناظم مقرر ڪيو ويو هو. هن جو ڀاءُ ضعيف دل، سست ۽ غير مستقل مزاج سمجهيو ويندو هو. تنهنڪري هو ڀـُـڄ ۾ پيءُ جي نظر ۽ سنڀال هيٺ رهندو هو. مرڻ کان ڪجهه وقت اڳ فتح محمد، جڳجيون مهتا نالي، هڪڙي ناگر برهمڻ جي صلاح مصلحت تي هلندو هو. هن جي ايمانداريءَ ۾ کيس پورو پورو اعتماد هوندو هو. هن جي وصيت هئي، ته سندس پٽ، مهتا جي صلاح مشوري تي هلن ۽ سندس تعظيم ۽ تڪريم ڪن. پر انهيءَ شخص جي اثر کان جميندار جا رشتيدار ناراض هئا، ۽ هن جا پٽ ساڻس حسد ڪندا هئا. اهو اثر خاص ڪري هنن جي ماءُ، جمل ٻائيءَ کي پسند نه هو. جمل ٻائي هڪڙي فسادي طبعيت جي عورت هئي. هوءَ موندرا جي حاڪم ميان سوٽي جي اثر هيٺ هوندي هئي، جو ان وقت جو هڪ نهايت شرير ۽ فسادي شخص هو، ۽ جنهن سان هن جي عزازت هئي. جيستائين فتح محمد جيئرو هو، تيستائين هو پنهنجن عزيزن کي لغام ۾ رکندو ايندو هو، پر هن جي مرڻ کان پوءِ، هو مڇرجي پيا. ميان ابراهيم پيءُ جي مرڻ جي خبر ٻڌي ڪن ڪوٽ کان موٽي آيو ۽ مرتئي جي رسمن ادا ڪرڻ جي بهاني تي ميان محمد سوٽي، ملڪ محمد، ڏوسل ويڻ ۽ ٻين مسلمان عملدارن کي دعوت ڏئي ڀـُـڄ ۾ گهرايائين. اتي هڪدم جڳجيون مهتا جي خلاف هڪ جماعت ٺهي ويئي ۽ هن کي مارڻ جو منصوبو رٿيو ويو.

انهيءَ منصوبي ۾، فتح محمد جي وڏي پٽ، ميان حسين کي شامل ڪونه ڪيو ويو هو. شايد ائين سمجهيو ويندو هو، ته هو مهتا جو طرفدار آهي يا ممڪن آهي، ته هنن ائين سمجهيو هجي، ته هو بزدل ۽ غير مستقل مزاج ماڻهو آهي، تنهنڪري کيس اهڙي ڪم ۾ شريڪ نه ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ رازداري ۽ پختي ارادن جي ضرورت هئي. پر انهيءَ سازش جي خبر يحيٰ نالي هڪڙي عرب جميندار کي پئجي ويئي، جنهن کي جڳجيون جي مدد سان درٻار ۾ نوڪري ملي هئي. هن کي جڏهن منصوبي جي خبر پئي، تڏهن هو همت ڪري، پنهنجن هموطنين سان مهتا جي جان ۽ مال کي هر حال ۾ بچائڻ لاءِ نڪري نروار ٿيو.

معاملو انهيءَ حد کي پهتو هو، جڏهن راءُ راهدين گذاري ويو. ان وقت وري هڪ واقعو ٿيو، جنهن جهيڙي کي مذهبي رنگ ڏيئي، ڌرين کي وڌيڪ ڀڙڪايو. اهو بدقسمت حاڪم ڪيترا سال مغز سالم نه هئڻ سبب نظربند هو. هن کي ٻين وهمن سان گڏ اسلام لاءِ هڪ قسم جو جنون هوندو هو، ۽ آزاديءَ جي زماني ۾ سرڪاريءَ مملڪت ۾ زوريءَ اسلام پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. پوين ڏينهن ۾ هو وڦلندو هو، ۽ هر وقت مذهبي ڳالهيون ڪندو هو. هن متقي ۽ پرهيزگار شخص وانگر فاقا ڪڍڻ شروع ڪيا هئا، ۽ وصيت ڪئي هئائين، ته سندس مڙهه هڪ ننڍيءَ مسجد ۾ پورايو وڃي، جا هن خاص انهيءَ مقصد لاءِ محل جي اڱڻ ۾ ٺهرائي هئي. هيءَ ڪا اهڙي وصيت نه هئي، جنهن کي ميان ابراهيم ۽ هن جا ٻيا مسلمان دوست سولائيءَ سان ٺڪرائي سگهن: تنهنڪري هنن فوتيءَ جي خواهش شرعي نموني ۾ پوري ڪرڻ لاءِ هڪدم ڪوشش ڪرڻ شروع ڪري ڏني. فوتيءَ کي رواج موجب دفن ڪرڻ لاءِ مڪمل تياريون ڪيون ويون. هوڏانهن جڳجيون مهتا چار - پنج سؤ راجپوت وٺي، زوريءَ لاش کڻي ڏاڍي ڪريا ڪرم سان چـِـکيا تي چاڙهيو. هندو ان تي ڏاڍا خوش ٿيا.

هيءَ ڪاروائيءَ محل جي زالن جي چرچ تي ڪئي ويئي هئي، جن جي نظر ۾ لاش جو پورڻ هڪ وڏو پاپ جو ڪم هو. ميان ابراهيم ۽ هن جي ڌر کي دست اندازيءَ ڪرڻ جو وجهه نه مليو. شايد اهو ڪم هنن جي طاقت کان ٻاهر هو. تنهنڪري راءُ راهه دين جي رک وڃي سندس وڏن جي رک سان ملي. مسلمان جي نظر ۾، مهتا جي روش هڪ وڏي بي ادبي هئي. ان ڪري هڪ طرف هن جا دشمن پاڻيءَ کان نڪري ويا، ۽ قوم جو هڪ زبردست فوجي طبقو سندس خلاف ٿي ويو. ٻئي طرف هن پنهنجو اثر عربن ۾ وڃايو، جي هن وقت تائين سندس ڀرجهلو ۽ مددگار هئا. انهن حالتن ۾، گاديءَ لاءِ منصوبا ۽ سازشون شروع ٿي ويون. اهي منصوبا ڪيترا هفتا نهايت زهريلي نموني ۾ هلندا رهيا. جڳجيون ۽ جهاريجي سردارن، ڀائيجي ٻائي جي حقي پٽ ۽ راءُ راهدين جي ڀائٽي، لدوبان جي طرفداري ڪئي. ٻيءَ ڌر فيصلو ڪيو ته مانسنگهه کي تخت تي ويهارجي، جو راهدين جو هڪ ٻانهيءَ مان پٽ هو.

اهي ٻيئي رقيب ننڍيءَ عمر جا هئا ۽ ملڪ جي ڪاروبار جي خبر ڪانه هين. مسلمان ڌر جي لاءِ ٻيئي هڪجهڙا هئا. هنن کي فقط هڪ گـُـڏو کپندو هو، جنهن جي نالي ۾ هو پنهنجا ذاتي مقصد پورا ڪن. لدوبا ٻنهي مان ننڍو هو ۽ حقي وارث هو. پـُـکو شايد ان تي پوي ها، پر ميان ابراهيم هن جي رقيب جي فائدي ۾ هو. ميان ابراهيم ڇو هن جو طرف ورتو، ان لاءِ ضروري آهي، ته ميان ابراهيم جي مختصر تاريخ ڏجي: هن وقت کان ٻه سال اڳ، ميان ابراهيم جي مانسنگهه جي ڀيڻ ڪيسر ٻائيءَ سان محبت ٿي ويئي هئي. ڪيسر ٻائي به هن کي پيار ڪندي هئي يا گهٽ ۾ گهٽ مصلحتاً ڏيکاريندي هئي، ته ساڻس پيار اٿس. ميان ابراهيم مخفي طرح ڪيسر ٻائيءَ سان ملڻ لاءِ محل ۾ ايندو هو، ته مانسنگهه هن جي مدد ڪندو هو. انهيءَ راز جي خبر معلوم سنگهه نالي هڪ مارواڙي جميندار وڃي فتح محمد کي ٻڌائي. هن موقعي تي فتح محمد هن جي اعليٰ اخلاق جي پوري پوري ثابتي ڏني. راءُ سان مائٽي ڳنڍڻ ۾، هن جي ذاتي عزت افزائي ٿئي ها ۽ اها مائٽي هاڻ ممڪن به هئي. انهيءَ رشتي ڪري ڪڇ جي حڪومت پشت بپشت سندس خاندان ۾ رهندي اچي ها، پر هن اهي فائدا پنهنجي فرض ۽ ناموس سان خريد ڪرڻ نٿي چاهيا. تنهنڪري هن هڪدم پٽ کي درٻار ۾ اچڻ کان منع ڪئي، ۽ حڪم ڏنائينس ته، دارالسلطنت ڇڏي وڃي واگر ۾ رهي. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، ميان ابراهيم ڀـُـڄ واپس اچي، وري ڪيسر ٻائيءَ سان پنهنجا تعلقات شروع ڪيا. ڪيسر ٻائيءَ جي چوڻ تي هن حقي وارث بدران ڪيسر ٻائيءَ جي ڀاءُ کي مدد ڪرڻ جو وعدو ڪيو. ميان محمد سوٽي کي 50,000 ڪوڙيون رشوت ملي. انهن ٻنهي گڏجي مانسنگهه کي، راءُ ڀاري يا ڀرملجي جي لقب سان تخت تي ويهاريو.

انهيءَ انتخاب تي جهاريجن جو ڪوبه اعتراض ڪونه ورتو ٿو ڏسجي. انهن مان گهڻا، ته پنهنجن گهرن مان به نه نڪتا ۽ جيڪي ملڪ ۾ وهيو واپريو پئي، سو ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيائون. ٻين کي رشوت ملي يا ڊپ ۾ رهي اعتراض ڪونه ورتائون. راءُ ڀرملجي ارڙهن ورهين جو هو، جڏهن هو تخت تي ويٺو. هن جي سموري حياتي محل جي ملول ۽ اونداهين ڪوٺين ۾ گذري هئي، تنهنڪري تخت تي ويهڻ ڪري هن جي طبعيت ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه آيو. البت، ڪڏهن ڪڏهن هن کي عام ماڻهن جي اڳيان پنهنجي نمائش ڪرڻي پوندي هئي، نه ته هو ۽ سندس سؤٽ لدوبا، هميشه نظربند هوندا هئا. چون ٿا، ته بند ۾ هو هڪٻئي سان ڏاڍيءَ محبت سان رهندا هئا ۽ منصوبا ڪندا هئا، ته موندرن جي سردار جي طاقت ڪيئن ڊاهجي. پر ميان حسين جلد حڪومت جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ ڪيون، ۽ ڀـُـڄ ۾ هرهنڌ سپاهي رکيائين. اها ڳالهه ممڪن نه هئي، ته نظربند شهزادن جون رٿون ڪي ڪامياب ٿينديون. پر، ميان محمد سوٽي جي هٺيلي ۽ سرڪش روش، آخر ميان حسين جي ستل جوش کي جاڳايو. هن کي اڳيئي غصو هو، جو کيس پوري عزت ڪانه ملندي هئي، تنهنڪري هن مسلمانن کي مخفي طرح ڇڏي وڃي، جڳجيون مهتا جي ڌر سان ڳالهيون ٻولهيون شروع ڪيون.

انهيءَ وچ ۾ انگريز سرڪار، فتح محمد جي مرڻ کان پوءِ، وري ميان حسين کي وڪيل موڪلڻ جي اجازت گهري هئي. ميان حسين ڪجهه لکپڙهه کان پوءِ، انگريزن کي عرض ڪيو ته ڀـُـڄ ۾ وڪيل موڪليو وڃي. انهيءَ خدمت لاءِ رگهوبا اپا چونڊيو ويو، جو هڪ هوشيار ۽ آزمودگار شخص هو. مان هن کي ذاتي طرح سڃاڻان ۽ ڪيترا دفعا ساڻس ڳالهيون ٻولهيون ڪيون اٿم. هن کي هدايتون ڏنيون ويون هيون، ته هو ڪڇ جي حڪومت سان نرمائش ۽ تحمل کان ڪم وٺي. هو جڏهن ڪڇ ۾ پهتو، تڏهن اتي مٿيون ڏيکاريل حالتون هيون. هن ڌرين جي وچ ۾ پئي، مهتا ۽ ميان حسين جي وچ ۾ دوستي پڪي ڪرائي. هو ٻيئي سفارت جي مقصد جي فائدي ۾ هئا، رگهوبا اپا جي ڪارواين جو نتيجو هيءُ نڪتو، جو ڪئپٽن ايم. مرڊو کي مورويءَ مان ڀـُـڄ موڪليو ويو ۽ جڳجيون مهتا، جنهن کي عربن جي مدد هئي، تنهن کي هاڻي انگريزن جي وڪيل هئڻ ڪري، ايتري همت ٿي جو ميان حسين کي چيائين ته: ”جيستائين ميان محمد سوٽي کي موقوف نه ڪيو ويندو، تيستائين مان درٻار جي ڪنهن به حيثيت ۾ نوڪري نه ڪندس”. ميان حسين، مهتا جي اها گهر قبول ڪئي. پر ميان محمد ڀڄ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، ۽ هر نموني ۾ ڪوشش ڪيائين، ته ڪئپٽن ايم. مرڊو ڀڄ نه اچي. پر جڏهن هن جون اهي ڪوششون ناڪام ٿيون، تڏهن هو غصي ۾ ناراض ٿي موندرن موٽي ويو. ميان حسين کي به سندس ڀاءُ ۽ جڳجيون مهتا جي روش پسند نه هئي، پر هو دارالسلطنت ۾ رهي پيو ۽ واجهائيندو رهيو، ته نتيجو ڪهڙو ٿو نڪري! ساڳئي وقت هو پنهنجي عيش عشرت ۽ نفس پرستيءَ ۾ مشغول هو.

ڪئپٽن ايم. مرڊو کي ڪڇ جا عملدار عزت سان پيش آيا. هن ڏٺو، ته جڳجيون مهتا ۽ ميان حسين، انگريز سرڪار سان دوستاڻا تعلقات قائم ڪرڻ جا خواهان آهن. سنتلپور جي معاملي تي به بحث ٿيو، هن عذر ڏنو، ته سندن نظر ۾ ڪڇ جي درٻار کي اوڏانهن فوج موڪلڻ جو حق هو. هنن جي خيال ۾ سنه 1809ع جي عهدنامي جي صحيح معنيٰ ۽ مقصد اهو هو، ته ڪمپني ۽ سندن دوستن جي ملڪن تي حملا نه ٿين. سنتلپور، راڌنپور جي نواب جي ملڪيت هئي، ۽ نواب ڪمپنيءَ جو طرفدار نه هو. هنن اها ڳالهه قبول ڪئي، ته فتح محمد ڊاڪو حسن ناکئي کي ڀڄ ۾، شهزادي داراب جي جهاز جي ڦر ٿيڻ کان پوءِ گهرايو هو. پر چيائون، ته سامان جي قيمت ايتري نه هئي، ان ۾ فقط ٿورا ايراني زيور هئا. ڌاڙيل برابر ميان محمد سوٽي جي نوڪريءَ ۾ هو. هنن اهو ذمو پاڻ تي کنيو، ته هو هن جي ٻانهن کانئس وٺي، انگريز سرڪار کي سزا ڏيڻ لاءِ حوالي ڪندا. هو سنڌي قاتل کي به اسان جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هئا، بشرطيڪ هو ڪڇ ۾ هجي. هنن اها ڳالهه قبول ڪئي، ته اسان جون واگر جي خلاف شڪايتون حقيقي هيون ۽ هو واگر جي ڌاڙيلن کي سزا ڏيڻ لاءِ فوج موڪلڻ لاءِ تيار هئا. ۽ ڪئپٽن ايم. مرڊو کي دعوت ڏنائون، ته هو به فوج سان گڏجي هلي. ميان حسين ان ڳالهه جو اقرار ڪيو، ته سندس حڪومت ضعيف هئي. هو انهيءَ ڳالهه ۾ راضي هو، ته انگريز ڀل وچ ۾ پئي ڪڇ ۾ امن امان قائم ڪن ۽ حڪومت جون واڳون حقي وارثن کي ڏيارين.

انهن مان ڪيتريون رٿون خاطرخواهه نه هيون، پر انگريز سرڪار جي خوشنوديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ درٻار، موندرن جي سردار کان حسن ڌاڙيل جي گهر ڪئي ۽ ميان حسين 12- اپريل تي 300 ماڻهو وٺي، ڪئپٽن ايم. مرڊو ساڻ ڪري واگر تي ڪاهي ويو. ميان محمد سوٽي، جنهن نموني ۾ گس گساءُ ڪيو ۽ جو جواب ڏنو، سو ڏيکاري ٿو، ته هو ڪهڙي قسم جو ماڻهو هو ۽ سچ تي هلندو هو يا نه ۽ ڪڇ جي سرڪار لاءِ ڪيتري عزت هئس. جنهن وقت کيس خط پهتو، ان وقت ڌاڙيل سندس نوڪريءَ ۾ ڏٺو ويو هو. هن جو جواب هيءُ هو ته: ”توهان جو چوڻ آهي ته انگريز ڪئپٽن، ايم. مرڊو اچي ويو آهي، هنن کي ڇا کپي؟ ناکئو حسن ته ڪراچيءَ ۾ ويٺو آهي“. جڏهن فوج واگر ۾ پهتي، تڏهن گهڻا سردار ميان حسين جي ڇانوڻيءَ ۾ اچي پيش پيا. هن پلانسو ۽ رابور ۾ چونڪيون قائم ڪيون ۽ صوبي ۾ وري صلح سانت ٿي ويو. پر هن وٽ ايترا وسيلا نه هئا، جو هو پڪي پائي تي امن امان قائم ڪري سگهي. تنهنڪري هو جلد ڀڄ موٽي آيو ۽ ڪئپٽن ايم. مرڊو، ڪاٺياواڙ هليو ويو. هن کي خاطري هئي، ته ڪڇ جا حڪمران، پنهنجي سرڪش رعيت کي قبضي ۾ رکي نه سگهندا.

انهيءَ وچ ۾ ابراهيم ميان، جو فوج سان گڏجي واگر ويو هو، سو اڃا موندرن جي ڌر جو طرفدار هو. هو روز ڀاءُ کي انگريزن جي طرفداريءَ ڪرڻ لاءِ ننديندو هو. ڀاءُ جي موٽڻ کان پوءِ، ابراهيم ميان ڪن ڪوٽ ۾ ترسي پيو، ۽ ٻيلي ۽ واگر جي ٻين ڌاڙيلن جي هر نموني حوصلا افزائي ڪرڻ لڳو. آخر هن کليو کلايو پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀڄ جي حڪمرانن جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، ۽ اسڪرنسا جهڙي لـچ ۽ فسادي ماڻهوءَ ۽ محمد سوٽي سان گڏجي، انجر جي ضلعي ۾ ڦرلٽ ڪئي ۽ ڌاڙا هنيا ۽ درٻار جي شهر فتح ڳڙهه ۽ ان جي قلعي تي زوريءَ قبضو ڪيو. اهڙيءَ طرح ڪڇ جي اوڀر واري حـصي ۾ ڦـُـرلٽ ۽ فساد پئي هليا، ته ٻئي طرف مانڊويءَ ۾ به وڳوڙ ۽ خونريزي هئي. موندرن جي سردار جي چرچ تي، ڏوسل ويڻ ۽ ملڪ محمد، پنهنجي مالڪ سوڀراج هنسراج کان مانڊوي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هنن جو منصوبو ظاهر ٿي پيو ۽ هنن شڪست کاڌي. خانه جنگي زور سان شروع ٿي ويئي ۽ درٻار کي ان جي خراب نتيجن بند ڪرڻ جي طاقت ڪانه هئي. مـُـلڪ ٽن - چئن مختلف ڌرين ۾ ورهائجي ويو. سڀني ڌرين جو مقصد هو ته غريب ڪڙمين ۽ ڪاسبين کي ڦـُـرڻ، جن جي حالت اڳيئي ڦرين لـُـٽين سبب نهايت قياس جوڳي هئي. واگر جي ڌاڙيلن کي به لـُـڙ ۾ مزو اچي لڳو ۽ هر طرف ملڪ ۾ خواهه ٻاهر پنهنجو ڄار پکيڙيائون. گائڪوار ۽ پيشوا جا سٺ ڳوٺ، ڪاٺياواڙ ۾ ناس ڪري ڇڏيائون. انهن ڏوهن کي بند ڪرڻ لاءِ ڪي به اثرائتا قدم ڪونه کنيا ويا. آخر انگريز سرڪار لاچار ٿي ڌرين کي اطلاع ڏنو ته: ”اسان ۽ اسان جي دوستن جون فوجون ڌاڙيلن جي پٺيان سندن گهرن تائين واگر ۾ ڪاهي وينديون، ۽ فوج جو سمورو خرچ ڀڄ جي درٻار کي ڀرڻو پوندو. تنهن کان سواءِ راءُ، جا رقم نواننگر جي ڄام کي لهڻندو هو، سا اڳئين نقصان جي عيوضي ۾ پاڙي ويندي.“ انهيءَ اطلاع ۽ موندرن جي ڪاميابيءَ جو، حسين ميان جي ضعيف دل تي چڱو اثر پيو. هن ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ، آخر پاڻ کي ڀاءُ جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو، جنهن سان سندن ماءُ هنن جو ٺاهه ڪرايو. ڪڇ وري به انگريزن جي مخالفن جي هٿ ۾ اچي ويو ۽ اڳيان وعدا سڀ وساريا ويا. حسن ڌاڙيل، جو ڀڄ ۾ نظربند هو، تنهن جي ٻانهن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو- سنڌي قاتل، ابراهيم ميان جي نوڪري ۾ رهيو- اسان جيڪي گهرون ڪيون هيون، سي ميان ابراهيم ۽ هن جي طرفدارن ٻڌيون ۽ اڻ ٻڌيون ڪري ڦاڙي ڇڏيون.

ڀائرن جي انهيءَ ٺاهه کان پوءِ جلدئي، هڪ وحشتناڪ واقعو ٿيو- جڳ جيون مهتا هڪ محنتي ۽ ڪارائتو ماڻهو هو، تنهنڪري پهريائين هن کي لازمي طور وزير ڪري رکيائون. پر هن، حڪمران ڌر جي خلاف ايترا، ته ڏوهه ڪيا هئا، جو انهن جي معافي ملي نٿي سگهي. انهيءَ ڪري هن جي قتل جو منصوبو وري نئين سر جاڳايو ويو. عرب به هاڻي هن ڏانهن سرد مهر ٿي ويا هئا. ڪيترن هن کان ڳرا قرض کنيا هئا. ازانسواءِ، هن کين درٻار جي طرفان پيشگيون به ڏنيون هيون. هو هاڻي هن جا قرضي هئا ۽ اهو فڪر هون، ته هن مان جند ڪيئن ڇڏائجي. اهڙين حالتن هيٺ ابراهيم ميان هڪ مخفي قاصد موڪلي، يحيٰ جميندار کي رشوت ڏيئي بي ايمان ڪيو. عرب سڀيئي جڳجيون کان برطرف ٿيا- هنن کي جا سرڪاري خزاني مان پيشگي ڏني وئي هئي، سا سموري معاف ڪئي وئي هئي ۽ انهن جي مکيه اڳواڻن مان هڪ - هڪ کي 6000 ڪوڙيون، انعام ڏنيون ويون. اهي ڪاروايون ڳـُـجهه ڳوهه ۾ ڪيون ويون هيون.

ممڪن آهي ته ميان حسين کي انهن ڳالهين جي دير سان خبر پئي هجي، جڏهن معاملو هن جي وس کان ٻاهر نڪري ويو هو. جڳجيون کي خبر ئي ڪانه رهي، جيستائين دشمنن جون رٿون ٺهي راس ٿيون. هڪڙي ڏينهن اوچتو ڏٺائين، ته سندس گهر کي ميان ابراهيم ۽ موندرن جي سردار جي ڀاءُ جعفر سوٽيءَ جي سرڪردگيءَ هيٺ هٿياربند سپاهين محاصرو ڪيو آهي. جڳجيون کي پنهنجا به بدترين دشمن ڏسي خاطري ٿي، ته حملي ڪندڙن جو ارادو ڪهڙو هو. تنهنڪري هن نااميد ٿي مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ پنهنجن ملازمن جي مدد سان سڄا سارا ڇهه ڪلاڪ لڙندو رهيو. آخر در تي توبون چاڙهيائون، ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ مخالفت ڪرڻ اجائي هئي. هو انهيءَ شرط تي پيش پيو، ته هن کي فتح محمد جي پٽن جي محل ڏي وڃڻ ڏنو ويندو، جتي هو معافيءَ جي درخواست ڏيندو. محاصرو ايترو، ته وقت هليو هو جو ميان ابراهيم پاڻ انهيءَ ٺاهه کان اڳ هليو ويو هو، ۽ هن جي جاءِ تي سندس هڪ ملازم ابراهيم حبشي جميندار حاضر هو. جڳجيون جو هن تي اعتبار هو. ابراهيم ضامن پيو، ته جڳجيون کي هٿ ڪونه لاتو ويندو، بلڪ هن جڳجيون کي ميان حسين جي گهر تائين سلامت پهچائڻ جو ڪم به پاڻ تي هموار ڪيو. بدبخت مهتا، انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪري، گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾ نڪتو، ۽ آخر هو ماڻهن جي ڀيڙ ۽ گوڙ مان لنگهي، حسين ميان جي گهر جي دروازي تي پهتو. اتي هن، ظالمن کان جيئدان گهريو ۽ ماڻهن کي منٿون ڪيائين، ته ميان ابراهيم ان وقت دريءَ کان بيهي کيس طعنا ڏيڻ لڳو، ته تون اهو آهين، جنهن پنهنجو ملڪ انگريزن کي ٿي وڪيو. ائين چئي، حڪم ڏنائين، ته وٺوس، جعفر سوٽي ۽ هن جي ماڻهن هڪدم انهيءَ حڪم جي پيروي ڪئي.

ساڳئي ڏينهن صبح جو جڳجيون جو ڀاءُ، رامچندر مهتا، دستور موجب درٻار ڏانهن سلاميءَ لاءِ ٿي ويو، ته هن کي ميان ابراهيم جي چوڻ تي جهلي، گهٽا ڏيئي ماريو ويو. ميان ابراهيم پوءِ هـُـلايو، ته هن خودڪشي ڪئي هئي. ٻيو ڀاءُ، ۽ خاندان جو آخري فرد ڪوبرجي، جو گهڻي وقت کان بيمار هو، ۽ جنهن کي شايد سندس ناتوانائيءَ ۽ گهٽ حيثيت سبب ڇڏيو ويو هو، تنهن پنهنجي خاندان جي بربادي ڏسي، پنهنجي حياتي پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هن پاڻ کي برهمڻ جي رواج مطابق جيئرو زمين ۾ پورايو. هنن جو ويساهه هو، ته ائين ڪرڻ سان ظالمن تي قادر جو قهر نازل ٿئي ٿو. انهن خوني ڪارواين کان پوءِ، مهتا جو گهر ڦر لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو ويو. هن جي ملڪيت جو وڏو حصو حڪومت ضبط ڪيو: بلڪ ائين چئجي، ته حسين ۽ ابراهيم ميان غضب ڪيو. ملڪ جو ڪاروبار به هنن مهتا وليجي ۽ لکميداس جي مدد سان پنهنجي هٿ ۾ کنيو. جڳجيون مهتا جي ڀـُـڄ ۾ عزت هوندي هئي. هن جي دکدائڪ ۽ بيرحميءَ جي قتل جي ڪري، ماڻهن ۾هڪ نفرت جي لهر پيدا ٿي. ميان حسين انهن ڪارواين ۾ گهڻو يا کليوکلايو حصو ڪونه ورتو هو. انهن ڏوهن لاءِ محمد سوٽو ۽ سندس ڀاءُ جعفر جوابدار هئا. هو پاڻ کي ماڻهن جي لعنت کان بچائڻ لاءِ موندرن هليا ويا. کين اهو ڊپ هو، ته شايد انگريز سرڪار به دست اندازي ڪري.

اڃا انهن دکدائڪ واقعن جو تاءُ مس ڍرو ٿيو هو، ته ميان ابراهيم کي پنهنجن ڏوهن جي جواب ڏيڻ لاءِ بارگاهه ايزديءَ ۾ سڏ ٿيو. هن پنهنجي ڀاءُ، لکميداس ۽ ٻين دوستن جي صلاح سان پنهنجن عملدارن ۽ خاص ڪري جڳجيون مهتا جي قاتلن کي انعام اڪرام ڏيڻ لاءِ هڪ خاص ڏينهن مقرر ڪيو هو. هو سڀ وڏي طمطراق سان ميان حسين جي جاءِ تي گڏ ٿيا هئا. اضافي جي اميد ۾، جي ماڻهو اتي آيا هئا، انهن ۾ مارواڙي جميندار معلوم سنگهه به هو، جنهن ميان ابراهيم ۽ ڪيسرٻائيءَ جو راز فتح محمد کي ٻڌايو هو. هن جو چوڻ هو، ته مون به ڪيترا سال درٻار جي وفاداريءَ سان خدمت ڪئي آهي ۽ مون کي به ان جو بدلو ملڻ کپي. ميان ابراهيم کي هن لاءِ ڪهڙي محبت هوندي، سو عاقل خود سمجهي سگهن ٿا. تنهنڪري کيس گاريون ۽ ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو ويو. مارواڙيءَ کي به جو لڳي مٺيان، سو ڇا ڪيائين، جو هڪدم ميان ابراهيم تي ڪٽاريءَ جو وار ڪري کيس اتي پورو ڪري ڇڏيائين. ماڻهن ۾ حراس ڇانئجي ويو. ميان حسين کي اچي ڏڪڻيءَ ورتو ته اجهو ٿو منهنجو وارو به اچي. هن لکميداس کي ٻئي ڪمري ۾ وٺي وڃي پناهه ورتي. پر هنن کي اجايو ڊپ ٿيو هو. قاتل کي ٿڏي تي ماري، ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو. اها خبر پڇاڙيءَ تائين ڪانه پئي، ته هن کي ڪي صلاحڪار به هئا يا نه.

عام طرح ائين سمجهيو وڃي ٿو، ته معلوم سنگهه درٻار ۾ خون ڪرڻ لاءِ سهي سنڀري ويو هو. اها ڳالهه هن مان ظاهر آهي، ته هو هٿيار ڪپڙن ۾ لڪائي، مخفي طرح درٻار ۾ کڻي ويو هو. هو ان کان ٿورو وقت اڳ محل مان چونڪي ڏيئي موٽيو هو. گهڻن ماڻهن جو خيال هو، ته هن کي راءَ جي چرچ هئي، پر ڀرملجي انوقت ارڙهن ورهين جو هو. هن اڳي خونريزيءَ لاءِ پنهنجو رايو ڪڏهن ڪونه ڏيکاريو هو. هن جي ٻين گناهن ۾ هن گناهه جي ڳنڍڻ لاءِ خاص سبب ڪونه آهي. ماڻهو جيڪي ڌرين کي چڱيءَ طرح سڃاڻن ۽ جن اهو واقعو اکين سان ڏٺو آهي، تن جو چوڻ آهي. ته ان وقت معلوم سنگهه کي اهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪو سبب ڪونه ڏنو ويو هو. حقيقت هيءَ ٿي ڏسڻ ۾ اچي، ته ميان جو مارواڙي جميندار جي ڪنهن مائٽياڻيءَ سان رستو هو. ان سان گڏ هن جو ايمان به ڪيو ويو هو. ميان ابراهيم اڃا پنجويهن ورهين جو مس هو، جڏهن سندس قتل ٿيو. هو هڪ بداخلاق ۽ بي اصول ماڻهو هو، تنهنڪري هن جي وفات تي ماڻهن کي ڏک ڪونه ٿيو هوندو. پر هو جوان نهايت سخي، بهادر ۽ خوشخلق هو. پنهنجي خاندان ۾ هي ئي هڪڙو شخص هو، جنهن کي پڻس جي عقل جو حصو ورثي ۾ مليو هو. تنهنڪري هن جي وفات تي، فتح محمد جي پراڻن دوستن کي نهايت گهڻو صدمو پهتو. هنن جي نظر ۾ هو ڪهڙو به نالائق هو، پر جميندار ٿي ويو. فتح محمد پنهنجن پٽن کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو ۽ پيشگوئي ڪئي هئائين، ته کانئس پوءِ سندس گهراڻي جو خاتمو ٿيندو.

ميان حسين کي ڀاءُ جي قتل جي خبر ٻڌي، هراس وٺي ويو. هن کي اها سڌ ڪانه هئي، ته دوست ڪير آهي ۽ دشمن ڪير آهي؟ هن کي مايوسي وٺي ويئي. ڊيڄڙي جو مرض، ته اڳيئي هوندو هوس، سو در بند ڪري وڃي گهر ۾ عربن جي پهري هيٺ سمهي پيو. پهريائين، ته راءَ ۾ شڪ پيس، ۽ حڪم ڪيائين، ته محل تي حملو ڪيو وڃي. راءَ قسم کنيو، ته مان بي قصور آهيان، تنهن هوندي به عرب فوج درٻار ۾ هميشه لاءِ رکي ويئي. هن آئيندي جي خوف کان احتياطاً ڀـُـڄ ۾ جي ٻه - ٽي سؤ مارواڙي سپاهي هئا، تن کي مارايو يا شهر نيڪالي ڏني وئي. انهن واقعن ڪري ملڪ ۾ ولولو پئجي ويو. دارالسلطنت جا دروازا ڪيترا ڏينهن بند هئا ۽ آمدورفت بلڪل ڪانه هئي. ميان حسين کي ايترو ته هراس وٺي ويو، جو هو ٿڌيءَ دل سان ڪوبه ڪم نٿي ڪري سگهيو. حڪومت جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ڪوبه مضبوط ۽ سالم دل ماڻهو ڪونه هو، تنهنڪري حڪومت جون واڳون عرب جميندارن جي هٿ ۾ اچي ويون ۽ هو ملڪ جو ڪاروبار هلائڻ لڳا. هنن پنهنجي فائدي لاءِ ڳريون ڍلون ۽ محصول وصول ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. حڪومت جي اهڙي ڪمزور حالت ڏسي، بچو، چوٻاري ۽ رهاپور ۽ ٻين شهرن، ڀـُـڄ کان خودمختيار هئڻ جو اعلان ڪيو ۽ انگريزن کان مدد ۽ پناهه گهريائون. ميان حسين، ڀاءُ جي خون کان پوءِ گهر کان ٻاهر ڪونه نڪتو. آخر هن محمد سوٽي کان مدد گهري. محمد سوٽي کي خبر هئي، ته ماڻهن کي هن لاءِ نفرت آهي، تنهنڪري هو بيماريءَ جو بهانو ڪري، ڀڄ اچڻ کان نٽائي ويو، ۽ اٽلو پنهنجن ملازمن کي چيائين، ته ڦريون ۽ ڌاڙا شروع ڪريو. اهڙيءَ طرح ملڪ ۾ فساد ويو وڌندو. هوڏانهن واگر ۾ ڌاڙيل پنهنجون ڪاروايون ڪندا رهيا. انگريز سرڪار وري ميان حسين جي اڳيان پنهنجا مطالبا پيش ڪيا. هن کي ڊپ، ته اڳيئي هو، ۽ اها به خبر هئس، ته حڪومت بيوس آهي. انهيءَ ڪري سمجهيائين، ته هيءُ هڪ سونهري موقعو آهي، جو هٿان وڃائڻ نه کپي. تنهنڪري انگريزن سان ڳالهين ٻولين ڪرڻ لاءِ هڪ وڪيل موڪليائين.

پر ميان حسين کي حڪومت جو ڏانءُ ڪونه هو. هن جي بداخلاقيءَ جي سڀني کي خبر پئجي ويئي هئي. ملڪ تي جيڪي هن مصيبتون مڙهيون هيون، تن جو ماڻهن کي پورو پورو احساس هو. هرهڪ معزز ماڻهوءَ جي اها ئي مرضي هئي، ته اهڙي ذليل ۽ ڪميڻي ماڻهوءَ کان ملڪ جو قبضو ڇڏائڻ کپي. عام ماڻهن جو رايو به هاڻي راءَ ڀرملجيءَ جي طرف ٿي ويو هو ۽ هنن سيويراج هنسراج جهاريجي سان مخفي ڳالهيون هلايون. تنهن کان پوءِ جلد ئي مانڊويءَ مان عيوضي آيا، جن اچي راءُ جي اطاعت ڪئي. سيويراج پاڻ توڙي اسڪرنسا ۽ ٻيا سردار به فوجون وٺي اچي حاضر ٿيا. ميان حسين کي عرب جميندار گهڻيون ئي ٿوڻيون ٿنڀا ڏنا، پر هو همت جهلي نه سگهيو. جڏهن ڏٺائين، ته هن جو ڪوبه واهي نه آهي، تڏهن ڀرملجيءَ سان ٺاهه ڪيائين. هو ڀـُـڄ مان نڪري ويو، ۽ کيس انجر، بچو، بادرڳڙهه ۽ ڪن ڪوٽ ڏنا ويا. پڇاڙيءَ جو هن کي هڪ خلعت ڏئي، مانَ شان سان روانو ڪيو ويو. هو پنهنجا عرب سپاهي به پاڻ سان انجر وٺي ويو، جو نئين سرڪار ڪن به شرطن تي انهن کي ڀـُـڄ ۾ رهائڻ لاءِ تيار نه هئي. اهڙيءَ طرح، سموري مخالفت ختم ٿي. شهر جون ڪنجيون وڏيءَ ڌام ڌوم سان راءَ جي حوالي ڪيون ويون. راءَ سيويراج هنسراج ۽ اسڪرنسا کي پنهنجو وزير مقرر ڪيو ۽ ملڪ ۾ حال في الحال امن امان قائم ٿي ويو.

برطانيا سرڪار به واجهائي رهي هئي، ته ڀڄ جو حشر ڇا ٿو ٿئي؟ هنن جو خيال هو، ته جي حڪومت حقي وارثن کي ملندي، ته سندن مطالبن جي حق رسي ڪئي ويندي، تنهنڪري هنن هاڻي وري راءَ کي درخواست ڪئي ۽ راءَ جي وڪيل سان ڳالهين ٻولين هلائڻ لاءِ تيار ٿيا. پر راءَ جي روش مان جلد ظاهر ٿيو، ته هن کي اسان سان ٺاهه ڪرڻ جو ارادو ڪونه هو. هن وقت تائين ڪڇ جي درٻار جي واگر جي ڌاڙيلن کي ظاهري مدد ڪانه هوندي هئي، پر هاڻي ڀرملجي کليوکلايو ڌاڙيلن جي سردار سرمانيا کي خلعت ڏئي، جهيڙو وڌايو. تنهن کان سواءِ ڪئپٽن ايم. مرڊو جي گماشتي کي به زوريءَ ڀڄ ڇڏارايائين: بهانو ڏنائين، ته برطانيا سرڪار سان ڳالهيون ٻولهين لاءِ ڪمپنيءَ جي مانڊويءَ واري گهوڙن جي دلال، سندرجي سيئوجيءَ کي مقرر ڪندس.

پر ڪڇ ۾ وري وڳوڙ پيدا ٿيو. ڪن ڪوٽ جي موروثي سردار، ڪن ڪوٽ تي اوچتو حملو ڪري، ميان حسين جي فوج کي هڪالي ڪڍيو. ڇهن هفتن جي اندر سيويراج هنسراج ۽ اسڪرنسا جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا. اسڪرنسا ڀـُـڄ مان نڪري وڃي محمد سوٽي سان شامل ٿيو، جنهن موندرن ۾ بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو هو، ۽ هر هنڌ فوج پئي گڏ ڪيائين. ملڪ ۾ وري گوڙ فساد ۽ خانه جنگي شروع ٿي وئي هئي. راءَ به فوج وٺي موندرن تي چڙهائي ڪئي. آخر اختياريءَ وارن ساڻس ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ قبول ڪيون. محمد سوٽي هڪ مهيني کان پوءِ، شهر موٽائي ڏيڻ جو وعدو ڪيو، بشرطيڪ راءَ پنهنجي فوج وٺي موٽي وڃي. سچائيءَ ڏيکارڻ لاءِ ميان محمد پنهنجو ڀاءُ ميان جعفر، ضامن طور راءَ جي حوالي ڪيو. پر انهيءَ مدي گذرڻ کان اڳ ميان جعفر موندرن کان ڀڄي ويو، ۽ اتان ڀاءُ سان گڏجي درٻار جي مخالفت ڪيائين.

راءَ ڀرملجيءَ جي حڪومت جلد بدنام ٿي پئي. موندرن کان موٽڻ بعد جلد ئي راءَ شادي ڪئي، ۽ ان موقعي تي گهڻائي ماڻهو ڀـُـڄ آيا. راءَ ۽ سندس عملدارن ماڻهن سان چڱو برتاءُ ڪونه ڪيو. راءَ خاص ڪري جهاريجن جي سردارن جي سخت بيعزتي ڪئي، جيتوڻيڪ هو انهن جي ئي مدد سان تخت تي ويٺو هو. هن خوامخواهه اسمبيا جي سردارن تي حملو ڪري، هنن شهر ناس ڪري ڇڏيو ۽ سندس گهر تي ڳريون چٽيون وڌائين، جنهنڪري سردارن ۾ ڏاڍو جوش پيدا ٿيو. راءَ جي پنهنجي ملڪ ۾ عزت ڪانه هئي. هن جي وزيرن هاڻي راءَ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ دشمن پيدا ڪيا. ڪاٺياواڙ ۾ جوريا جي قلعي وٺڻ لاءِ انگريزن ۽ گائڪوار جون فوجون موڪليون ويون هيون. سيويراج هنسراج اتان جي باغين کي کليوکلايو بارود ۽ ٻي مدد پئي پهچائي.

پر جوريا جو قلعو خلاف اميدن جي تمام آسانيءَ سان فتح ٿيو ۽ ڪڇ جي حڪومت تشويش ۾ پئجي وئي. راءَ جون به اکيون کليون ۽ اچي ڊپ ورتس. انهيءَ ڪري هن انگريزن سان هن وقت صلح ڪرڻ ۽ پنهنجن ڏوهن جي معافيءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو. هن واگر جي ڌاڙيلن کي سزا ڏيڻ جي ارادي سان هڪ زبردست فوج وٺي، انهن جي ضلعي تي ڪاهي ويو. هن بلاسوا، رهاپور ۽ ڪانمير فتح ڪيا ۽ مشهور ڌاڙيل سرمانيا کي مارايائين، جنهن کي اڳي هن مدد ڪئي هئي ۽ انعام ڏنا هئا. پر اها ڳالهه ظاهر هئي، ته هن اهي قدم ڊپ وچان کنيا آهن. درحقيقت هو ان ڳالهه ۾ راضي نه هو. هو ڀـُـڄ کان ٻاهر پندرنهن ڏينهن کان وڌيڪ ڪونه رهيو ۽ ڌاڙيلن جي ڪارواين بند ڪرڻ لاءِ ڪي اثرائتا قدم به ڪونه کنيائين. ڏسجي ٿو، ته سرمانيا اتفاق سان يا راءَ جي مرضي خلاف ماريو ويو هو. سرمانيا جو اولاد به هن جهڙو ئي رهزن هو ۽ راءَ انهن کي پناهه ڏيڻ جو وعدو ڪيو.

واگر ۾ راءَ ڀرملجيءَ جي اچڻ ڪري ڌاڙيلن جون ڪاروايون ڪجهه وقت مهمل رهيون، پر راءَ جي فوج جو نڪرڻ ۽ ڦرلٽ جو وري زور شور سان شروع ٿيڻ. خود ڪئپٽن ايم. مرڊو جي ڇانوڻيءَ تي، مورويءَ جي ڀرسان حملو ڪري، کيس زخمي ڪيو ويو. ٿورڙن مهينن جي اندر ڪاٺياواڙ ۾ هڪ سؤ ڇٽيهه ڳوٺن ۾ ڦر ڪئي ويئي- چاليهه هزار چوپايو مال چورائجي ويو هو ۽ اٺن لکن جي ملڪيت جو نقصان ٿيو هو. انهيءَ کان سواءِ انگريزن ۽ گائڪوار جي حڪومت انهن بيجا ڪارواين کي بند ڪرڻ لاءِ ڏهن لکن رپين کان وڌيڪ رقم فوج تيار ڪرڻ تي خرچ ڪئي هئي. ڀڄ درٻار اسان جي تحمل کي ڪمزوري ڪري سمجهيو هو. هاڻي خاطري ٿي چڪي هئي، ته راءَ کي پنهنجي باغي رعيت قبضي آڻڻ جي نه طاقت هئي، نه مرضي، تنهنڪري ڪئپٽن ايم. مرڊو کي هدايتون ڏنيون ويون، ته کانئس اڳين گناهن لاءِ عيوضي کي طلب ڪري ۽ آئيندي لاءِ خاطري وٺي، ته ڌاڙا هڻائڻ بند ڪيا ويندا. ساڳئي وقت هن کي اهو به چيو ويو، ته هو سرمانيا جي ٻارن ٻچن جي گهر ڪري ۽ راءَ کي چوي، ته هن ڪوڙن بهانن تي، اختلافن جي فيصل ڪرڻ لاءِ وڪيل موڪلڻ کان نٽائي، انگريزن جي جيڪا هتڪ ڪئي ويئي هئي ۽ انگريزن جي وڪيل کي جو
بي آبرو ڪري ڀـُـڄ مان ڪڍيو هئائين، تنهن لاءِ معافي وٺي. انهن مطالبن جو مقرر وقت اندر، صاف صاف جواب ملڻ کپي. ساڳئي وقت راءَ کي ڊيڄارڻ لاءِ، انگريزن ۽ گائڪوار جي گڏيل فوج، ڪرنل ايسٽ ۽ ويٺل راءَ ڏيونجي جي سرڪردگيءَ هيٺ، رڻ جي سرحد ڏانهن موڪلي ويئي.

ڀرملجي مدي جي اندر انهن مطالبن جو جواب ڪونه ڏنو، پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هن هڪڙو بي معنيٰ خط، ڪئپٽن ايم. مرڊو ڏانهن لکيو، جنهن ۾ اسان جي سوالن جو ڪوبه ذڪر ڪونه هو. تنهنڪري متحد فوج، ويناسير وٽ، ڪڇ جو رڻ ٽپي واندياهه ڏانهن وڌي- واندياهه جو سردار ۽ ٻيا گهڻا سردار هڪدم متحد فوجن جي اڳيان پيش پيا. هن کان اڳ مانڊويءَ ۽ موندرن جي سردارن اسان سان ڳالهيون ٻولهيون هلايون هيون، ۽ هاڻي هو ڀرملجيءَ کان باغي ٿي ويا هئا. ڪئپٽن ايم. مرڊو هنن سان ٻيهر ڳالهيون ٻولهيون شروع ڪري ڏنيون، ته جيئن هو درٻار سان وري ٺهي نه وڃن. هن پڻ راءَ ڏانهن ٺاهه لاءِ خط لکيو ۽ کيس عرض ڪيائين، ته ڳالهين هلائڻ لاءِ وڪيل موڪليو وڃي. جهاريجن جي مکيه سردارن کي اطمينان ڏيارڻ لاءِ، هڪ اشتهار پڌرو ڪيو ويو، جنهن ۾ انگريزن جي ڪارواين جا سبب ڏنل هئا. ۽ سردارن کي خاطري ڏني ويئي هئي، ته جيڪڏهن هو پنهنجن علائقن ۾ خاموش رهندا، ته سندن گهرو معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي دست اندازي نه ڪئي ويندي، ۽ نڪي انهن جي صلح ۾ ڪو رخنو وڌو ويندو.

انگريز سرڪار جو مطلب فقط ڪڇ جي درٻار کان بيعزتيءَ جي لاءِ معافي، اڳين نقصانن جو عيوضو، ۽ آئيندي لاءِ خاطريءَ جي راءِ وٺڻ جو آهي. هر ڪنهن نموني جا اُپاءَ ورتا ويا، ته جيئن رستي تي شهرن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن سان ڪابه دست اندازي نه ٿئي. جنهن وقت فوج بچي تائين پهتي، ته ماڻهن کي پورو پورو اطمينان ٿي ويو، ۽ هو فوج کي سيڌو سامان خوشيءَ سان ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا.

انهيءَ وچ ۾، راءَ ڀرملجي نڪا فوج گڏ ڪئي هئي ۽ نه انگريزن سان ڪي ڳالهيون ٻولهيون هلايون هئائين، ۽ نه وري هنن سان مقابلي لاءِ ڪا ٻي تياري ڪئي هئائين. هن کي اُميد هئي، ته سنڌ جا مير کيس ڪا مدد ڪندا. پر ممبئيءَ جي سرڪار اڳي ئي احتياط کان ڪم وٺي، ميرن کي پنهنجن مقصدن کان واقف ۽ دست اندازي ڪرڻ کان منع ڪئي هئي. جيئن نازڪ وقت ويجهو ايندو ويو، تيئن راءَ سيويراج هنسراج، محمد سوٽي ۽ ڪن ٻين مخالف ڌرين جي سردارن سان ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن جهاريجن کي به ڀـُـڄ ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ ڪوٺ ڏني، پر انهن مان ڪن ٿورن سندس سڏ اونايو ۽ انهن کي به وڙهڻ جو ارادو ڪونه هو.

ڪرنل ايسٽ جي فوج ڀيميسر تائين وڃي پهتي، جو دارالسلطنت کان ٽي منزلون ۽ انجر کان هڪ منزل پري هو، ۽ ان جي رستي تي ڪابه مخالفت ڪانه ٿي. ڪئپٽن ايم. مرڊو جو ارادو هو، ته سڌو ڀـُـڄ وڃي ۽ اتي اهڙو عهدنامو ڪجي، جو سندس سرڪار جي مرضيءَ مطابق هجي. پر هيءَ رٿ هڪ نهايت ئي بدترين واقعي جي ڪري ڦيرائڻي پيئي. فوج جڏهن ڀيميسر ۾ پهتي، تڏهن معلوم ٿيو، ته پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ڪڻڪ ۽ ان سان گڏ سنکيو به وڌو ويو هو. ساڳئي وقت خبر ملي، ته ڀـُـڄ جي رستي تي سڀني کوهن ۾، اهڙيءَ طرح زهر ملايو ويو هو. پهريون شڪ راءَ ڀرملجيءَ ۾ پيو، پر پوءِ جلد ئي معلوم ٿيو، ته اها شرارت انجر جي گهوڙيسوارن ڪئي هئي، ۽ ان جي لاءِ ميان حسين جوابدار هو. انهن حالتن هيٺ لازم هو، ته فوج کي احتياط کان سواءِ اڳتي وڌڻ نه کپي. ان فيصلي کان پوءِ، اهو ضرور هو، ته عارضي طور ڪنهن اهڙيءَ جاءِ تي قبضو ڪجي، جتان ڪاٺياواڙ جي دوستاني ساحل سان اچ وڃ جو رستو قائم ٿي سگهي. انهيءَ ڪري ميان حسين کي حڪم ڪيو ويو، ته هو انجر ۽ ان جي ماتحت جو توني جو قلعو هو، سو انگريزن جي فوج جي حوالي ڪري، پر هن انهيءَ تجويز تي اعتراض ورتو. تنهنڪري فوج اڳتي وڌي، انجر جي قلعي جي سامهون توبون کڙيون ڪيون. آخر جڏهين توبن قلعي ۾ شگاف ڪيو، تڏهين قلعي وارا پيش پيا. حسين ميان کي سزا ڪانه ڏني ويئي. هو ان وقت کان وٺي گمناميءَ جي حالت ۾ مورويءَ ۾ رهي ٿو، ۽ هن جو گذران درٻار جي سخاوت تي آهي.

انجر کان پوءِ، يڪدم تونا وريو ويو. ڪئپٽن ايم. مرڊو وري راءَ کي هڪ خط جي رستي، انهن ڪارواين جي ضرورت جي سبب کان آگاهه ڪيو، ۽ کيس وري خاطري ڏنائين، ته اهي قلعا ٺاهه کان پوءِ واپس ڪيا ويندا. راءَ کي وري تاڪيد ڪيو ويو، ته هو پنهنجا وڪيل موڪلي ٺاهه جون ڳالهيون ٻولهيون هلائي. انهن شهرن جي فتح ڪرڻ کان پوءِ، ٻئي ڏينهن تي محمد سوٽو، انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ اچي پيش پيو ۽ راءَ ۽ سيويراج هنسراج وٽان ٺاهه لاءِ خط پهتا.

خيال هو، ته سردارن ۽ عام رعايا جي نظر ۾ راءَ جبراً تخت هٿ ڪيو هو. تنهن کان سواءِ انگريزن کي اهو خيال به ويٺل هو، ته جيتريقدر ٿي سگهي، اوتريقدر حقي وارث کي گاديءَ تي ويهارڻ کپي، تنهنڪري ڪئپٽن ايم. مرڊو کي هدايت ڪئي ويئي، ته هو ان معاملي ۾ جهاريجن جو رايو معلوم ڪري، ته سندن خيال لدوبا متعلق ڪهڙو هو ۽ هن سان ڪڇ جي حقي راءَ جي حيثيت ۾ عهدنامو ڪري. پر ڀرملجي جي برخلاف ڪوبه ڪونه نظر آيو، تنهنڪري صلح جون ڳالهيون ٻولهيون انهيءَ سان ئي هلائڻيون پيون.

جڏهن فوج دارالسلطنت جي ويجهو لئڪونڊ ۾ پهتي، تڏهن ڀـُـڄ جا وڪيل آيا ۽ چيائون، ته راءَ کي اسان جا شرط قبول آهن. راءَ سڀني مطالبن جي عيوض مکيه جهاريجن جي ضمانت سان، ويهن لکن رپين جو دستاويز لکي ڏنو ۽ ان کان سواءِ سال ۾ ٻه لک ڪوڙيون خراج طور ڏيڻ جو وعدو پڻ ڪيائين. آخر ڊگهين ڳالهين کان پوءِ، ٻن حڪومتن جي وچ ۾ صلح ۽ دوستيءَ جو عهدنامو صحيح ٿيو. اڳين گناهن جي عيوضي ۽ آئيندي جي خاطريءَ کان سواءِ عهدنامي جا ٻيا مکيه شرط هي هئا: پهريون، ته اسان واگر کي هيسائي راءَ جي زير سايي ڪنداسين، ٻيو انجر جو شهر ۽ ضلعو انگريز سرڪار جي حوالي ڪيو ويندو. ان کان پوءِ، ڪئپٽن ايم. مرڊو انجر ۾ ڪليڪٽر ۽ ڪڇ جو سفير ٿي رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org