ڇپائيندڙ پاران
جيتريقدر تاريخي حقيقتن جو تعلق آهي، ته سنڌ ۾ انگريزن جا آڳاٽا پيرا ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾ ڏسجن ٿا، جڏهن ڪمپنيءَ طرفان واپار سانگي انگلينڊ جا واپاري حيدرآباد ۾ اچڻ شروع ٿيا.
ٽالپرن جي دؤر ۾، جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جون پاڙون ڏکڻ ايشيا ۾ ڪنهن قدر پختيون ٿي چڪيون هيون. دراصل تڏهن ئي انگريزن جي سنڌ ۾ اَچ وڃ
۾واڌ آئي ۽ حڪمرانن سان عهدنامن جا سلسلا وجود ۾ آيا.
جديد ۽ سائنسي انداز ۾ سنڌ بابت گهڻي کان گهڻو مواد انگريزن يا سندن دور ۾ لکيو ويو آهي. انهيءَ مواد ۾ ڪتابن، سفرنامن، سرڪاري رپورٽن ۽ ٻئي مواد جو تعداد سـَـونِ ۾ آهي. جيتوڻيڪ انگريز دور
۾ لکيل ڪتابن منجهان ٿورو حصو ترجمو ٿي، سنڌيءَ ۾ شايع ٿيو آهي، پر اڃا اٿاهه مواد پنهنجي اصل حيثيت (انگريزي زبان) ۾ ئي موجود آهي، جنهن
کي شايع ڪرائڻ لاءِ سنجيدهه اُپائن وٺڻ جي ضرورت آهي.
سنه 1843ع ۾ چارلس نيپئر طرفان سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ، جيڪي به انگريز، تجارت توڙي سفارت، سياحت توڙي پڙتال جي حوالي سان سنڌ ۾ آيا، تن سڀني ۾ ڊاڪٽر جيمس برنس سڀني کان منفرد ۽ اهم آهي.
هـُـو صاحب ٻين انگريز جاکوڙين جي ڀيٽ ۾ گهڻو عرصو سنڌ ۾ رهيو ۽ ٽالپري درٻار طرفان سرڪاري طرح سڏايل مهمان جي حيثيت ۾ ميراڻي محلات منجهه
بيمار پيل شاهي خاندان جي رُڪن مير مراد عليءَ جو علاج ڪندو رهيو. ان لحاظ کان سهيوڳي انگريز ليکڪن جي ڀيٽ ۾ کيس ئي حيدرآباد جي شاهي درٻار
کي جـُـزئيات جي حد تائين ڏسڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ سموري سنڌ جي اُن وقت هلندڙ ڪار وهنوار جو پيرائتو احوال اچي ٿو وڃي.
ڊاڪٽر جيمس برنس، اُن دؤر جي سنڌ جون حالتون ذاتي مشاهدي ۾ قلمبند ڪيون آهن ۽ ظاهر آهي، ته سنه 1828ع جي زماني جو سندس معرفت ملندڙ اکين ڏٺو احوال، ٽالپري دؤر جي اوج ۽ عروج جي حوالي سان
تاريخ ۾ هڪ اهم سند جي حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر برنس هڪ اهڙي قوم جو فرد هو، جيڪا سنڌ مٿان قبضو ڪري، کيس برطانيائي راڄ هيٺ آڻڻ جي رٿا هٿ ۾
کڻي چڪي هئي، تنهنڪري ڏيهي حاڪمن توڙي مختلف قبيلن ۽ مقامي ماڻهن کي نٻل ۽ ڪمتر سمجهڻ ۽ انهن لاءِ ڌڪار فطري طرح سندس دل ۾ موجود هئي.
بهرحال ان حقيقت کي تسليم ڪندي به چوڻو پئي ٿو، ته سندس حوالي سان سنڌ بابت مليل اکين ڏٺو احوال، اُن دؤر جي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو. اهو
مواد اڄ جي پڙهندڙ لاءِ وڏي معلومات جو ذريعو بنيو آهي، جيڪو دلچسپيءَ کان خالي نه آهي.
هيءُ ڪتاب پنج ڀيرا ڇپجڻ کان پوءِ به، پڙهندڙن وٽ وري به مقبول ۽ گهربل آهي. لهـٰـذا، مانوارن پڙهندڙن جي طلب کي مان ڏيندي، هيءُ ڇهون ڇاپو پڌرو ڪجي ٿو.
ڄام شورو، سنڌ اعجاز احمد منگي
اربع 17- رمضان المبارڪ 1427هجري سيڪريٽري
بمطابق 11- آڪٽوبر 2006ع سنڌي ادبي بورڊ
تمهيدي خط
ڀـُـڄ جو سفارتخانو،
10- جون 1828ع
ڪڇ جي سفير ڏانهن،
جناب اعليٰ
مان پنهنجي سنڌ جي تازي سفر جو احوال، ۽ ان سان گڏ ملڪ جي حڪومت متعلق ڪي خيال پيش ڪريان ٿو، جي اميد ته ڪارائتا ثابت ٿيندا. مون کي مير صاحبن سان گهائل مائل ٿيڻ جو اهڙو موقعو مليو هو، جو
اهڙو ڪنهن به يورپي عملدار کي هن وقت تائين ڪونه حاصل ٿيو آهي. ازانسواءِ، مون انهن جي تختگاهه ۾ قيام جي دوران، خاص توجهه ڏيئي، سندن
عادتن ۽ اخلاق جو مطالعو ڪيو آهي. تنهنڪري مون کي اميد آهي، ته مان سرڪار جي ڌيان تي، حيدرآباد جي حڪومت جي عجيب نظام متعلق، نئين ۽ دلچسپ
معلومات آڻي سگهندس.
سنڌ ۾ مون کي لکڻ لاءِ فرصت گهٽ هئي، جڏهن مون سنڌ ڇڏي، تڏهن مون کي اميد هئي، ته مان اوڏانهن وري جلد موٽي ويندس، تنهنڪري مون اهڙي باريڪ پڇا ڳاڇا ڪانه ڪئي، جهڙي ڪرڻ کپندي هئي، تنهن هوندي
به، مون معلومات جو ڪجهه ذخيرو گڏ ڪيو آهي، جو مون کي وڏي اميد آهي، ته سرڪار لاءِ ڪارآمد ٿيندو. ڪڇ ۾ موٽڻ کان پوءِ، مون کي توهان جي
عنايت سان سنڌ متعلق ڪيترن ئي ڪاغذن ڏسڻ جو وجهه مليو آهي. مون کي تعجب آهي، ته ڪڇ جي تاريخ ۽ مالي حالت بنسبت ڪيترو مواد، جو مون نئون
سمجهيو هو، سو اڳيئي مسٽر ”ڪرو“، ”سيٽن“ ۽ ”ايلسن“ جي روبڪارين، ۽ ”پاٽنجر“ جي ڪتاب ”سيرِ بلوچستان“ (Travels
in Balochistan) ۾ اهڙي سهڻي نموني ۾ ڏنل آهي، جو منهنجي لاءِ ان سان مقابلو ڪرڻ محال آهي.
انهن حالتن هيٺ، منهنجي لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي، ته مان پنهنجين ذاتي ڪارواين ۽ تاثرات جو تذڪرو ڏيان. اها ڳالهه ڏسڻ ۾ آسان آهي، پر ان ۾ ٻه مشڪلاتون آهن. سنڌ جي مشاهدي،
منهنجي دل ۾ جي جذبا پيدا ڪيا آهن، تن جي بيان ڪرڻ لاءِ سرڪاري روبڪارين جي طرز موزون نه آهي، ۽ نه مان اهو مناسب ٿو سمجهان، ته ڪو اُهي
هنن ورقن جو موضوع ٿيڻ کپن. پر سرڪار پنهنجي 23- اپريل واري خط ۾ اها ڳالهه مون تي ڇڏي آهي، ته منهنجي روبڪاري جو مضمون ڪهڙو هجي؟ اميد
آهي، ته گورنر صاحب پنهنجي عنايت ڪري، مون کي اهڙي مواد پيش ڪرڻ لاءِ معافي ڏيندو. عوام ۾ نقطهء نگاهه کان ضروري نه آهي، پر اهو صاحب بهادر
۽ سندس رفيقن لاءِ اميد ته دلچسپيءَ کان خالي نه هوندو.
بنده
جيمس برنس
(هيءُ خط اصل ڪتاب جو ڀاڱو هو، پر ان مان هن ڪري ڪڍيو ويو آهي، ته جيئن
ڪتاب هڪ سرڪاري روبڪاري نظر نه اچي. ساڳي مراد سان فقرن کي عدد پڻ ڪونه ڏنا ويا آهن- مصنف) |