سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي درٻار

 

صفحو ؛ 7

ميرن جي فولادي ڏنڊي، رعيت جو ۽ فوجي طبقي جي همت ۽ روح کي ماري ڇڏيو آهي، ۽ ملڪ ۾ جيڪو امن امان آهي، تنهن سندن طاقت کي سست ڪري ڇڏيو آهي. پر هو اڃا رهزن آهن، ۽ ڪنهن به ڳالهه لاءِ اُٿي کڙا ٿيندا، جي ان مان کين ڪو فائدو ٿيندو يا ڦرلٽ ڪرڻ جو موقعو ملندن. بکايل ڳجهن وانگر هنن کي پريان ئي ڍونڍ جي بانس ايندي آهي. جڏهن فساد جي باهه ڀڙڪي اٿندي، تڏهن هو جنگ جا نعرا هڻندا ۽ اک ڇنڀ ۾ اچي گڏ ٿيندا. صوبدار جي سازش ٻه - ٽي ڏينهن مڪمل ٿيڻ ۾ ورتا هئا. جڏهن ويهه - ٽيهه هزار سپاهي مخالف جهنڊن هيٺ ڀرتي ٿي ويا ۽ ٻيا ڪيترا ايندا ٿي ويا، تڏهين مس ڌرين جو ٺاهه ٿيو. جنگ جي ميدان ۾ سنڌي سپاهيءَ ۾ انتظام ڪونه هوندو آهي. هن جي پگهار تڇ آهي، ۽ ان جي ملڻ جي به پڪ ڪانه هوندي اٿس: تنهنڪري هو سمجهندو آهي، ته رستي تي ڳوٺن ۾ ڦرمار ڪري، پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو مون کي پورو پورو حق آهي. اها ڳالهه تسليم ٿيل آهي، ته هو بهادر ۽ جانٺو آهي، پر هن جي ڌارين ملڪن ۾ ايتري شهرت نه آهي، جيتري سنڌ ۾ اٿس. هن جي خود نمائي ۽ شيخي مشهور آهي. سپهه سالار کان وٺي، فوج جي هڪ ادنيٰ سپاهيءَ تائين، هو سمورو وقت پنهنجن يا وڏن جي گذريل يا خيالي ڪارنامن جون ڳالهيون ڪندا آهن. تعجب جي ڳالهه آهي، جو هو نهايت تحمل ۽ صبر سان هڪٻئي جون اهي واهيات ڳالهيون ۽ ٻٽاڪون ٻڌندا آهن! ميرن جو لشڪر چـُـون چـُـون جو مربو آهي. ان ۾ هر ملڪ جا ڪرايي تي حاصل ڪيل ماڻهو هوندا آهن، ۽ کين هر قسم جون پوشاڪون پيل هونديون آهن. ان ۾ اڪثر بلوچستان جي پهاڙن جا سرويچ جوان هوندا آهن: انهن مان هڪڙي رندن جي قوم آهي، ٽالپر به پاڻ کي رند سڏائيندا آهن.

هر سال ڪيترا گهوڙا ڪابل ۽ قنڌار ڪڇ ۽ ممبئيءَ ڏانهن ايندا آهن. جتي اهي انگريز سرڪار لاءِ، گماشتا خريد ڪندا آهن. انهن جو رستو سنڌ مان آهي، تنهنڪري اهي هتي سستا ملندا آهن. شايد ائين سمجهيو وڃي، ته بلوچ سپاهين کي، جي گهڻو ڪري گهوڙيسوار هوندا آهن، سٺا گهوڙا هوندا، پر ميرن جي اصطبلن کان سواءِ ٻئي هنڌ ڀلا گهوڙا نظر ڪونه ٿا اچن.  مير هر سال عاليشان گهوڙا خريد ڪندا آهن. جڏهن اهي سنڌ مان لنگهندا آهن، ميرن وٽ سٺن گهوڙن کان سواءِ ڪيترا اعليٰ نسل جا ڪتا به هوندا آهن، جي هو اتر وارن ملڪن مان گهرائيندا آهن. مون سنڌ ۾ ڪيترا وڏا مضبوط خچر پڻ ڏٺا، مون سمجهيو، ته اسان جي سرڪار کي ايراني نار جي ڏورانهن بندرن کان توبخاني لاءِ خچرن گهرائڻ بدران، سنڌ مان خچر خريد ڪرڻ وڌيڪ سولو لڳندو، تنهنڪري مون انهن متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي. پر معلوم ٿيو، ته اهي سستا ڪونه پوندا ۽ نه ڪي سنڌ مان خريد ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي.

مان ڀانئيان ٿو، ته ميرن کي اها ڀليءَ ڀت خبر آهي، ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت مٿن حملو ڪري، ته هو ڪنهن به قسم جو مقابلو ڪري نه سگهندا. اسان جي سوڀاري نالي جو ملڪ ۾ ڌاڪو آهي، ۽ مشرقي ماڻهن جي دلين ۾ اهو وهم گهر ڪري ويو آهي، ته خدا جي مرضي آهي، ته انگريز ڪنهن مدي تائين، جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندا، ان ۾ ڪامياب ٿيندا. انهن ڳالهين ڏيهي ماڻهن جي وهمي ۽ ڀرمي دلين ۾ هڪ قسم جو سنسو جاڳايو آهي. هو پنهنجو هراس لڪائڻ لاءِ عجيب اُپاءَ جهڙوڪ: لافزني، ڌارين حڪومتن کي غرور سان خطاب ٿيل خط لکڻ، ۽ اجنبي ماڻهن تي پنهنجي شان شوڪت جو اجايو رعب وجهڻ وغيره، اختيار ڪندا آهن، جي اٽلو کين ظاهر ڪري وجهندا آهن. دنيا ۾ گهڻا ماڻهو پنهنجي جهالت، تڪلف ۽ حجاب کي پردي ۾ لڪائيندا آهن، اهڙيءَ طرح ميرن کي به خبر آهي، ته جيڪڏهين سندن حالتن جي باريڪ جاچ ڪئي ويئي، ته راز فاش ٿي پوندو. اهوئي سبب آهي، جو هو ڪوشش ڪندا آهن، ته اسان کي سندن ملڪ يا سندن ذات جي صحيح معلومات نه ملي.

جنهن به ماڻهوءَ سنڌ اکين سان ڏٺي آهي، ۽ صحيح حالتن جو معائنو ڪيو آهي، تنهن کي انهن ڪوڙن بهانن تي ڌوڪو ڪونه ايندو. سنڌ ۾ جيڪي ٿورا ڪوٽن وارا شهر آهن. سي بلڪل ردي آهن ۽ قلعن سڏائڻ جي لائق نه آهن. عمر ڪوٽ، جتي سرڪاري خزانو پوريل آهي، سا هڪ تمام محفوظ جڳهه سمجهي ويندي آهي. چون ٿا، ته اهو ريگستان جي وچ ۾ آهي. جتي پاڻيءَ جو قطرو ملڻ به مشڪل آهي. اسان کي هاڻي معلوم ٿيو آهي، ته اهو قلعو سنڌونديءَ جي هڪ شاخ جي ويجهو آهي، ۽ مضبوط نه آهي. حيدرآباد جو شهر ڪچين ڀونگين جو ردي ڍير آهي، جنهن کي نه پناهه آهي، ۽ نه نزاڪت ۽ نه آسائش واريون جايون آهن. ميرن جو قلعو جنهن تي هو فخر ڪندا آهن، ۽ جو ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي، سو به پڪين سرن جي هڪ حقير عمارت آهي. ان جون سرون آهستي آهستي ڳرنديون ٿيون وڃن. اهو قلعو هڪ منتظم فوج جي عملي اڳيان هڪ ڪلاڪ به ڌڪ جهلي نه سگهندو(1) ! تڪليف جي وقت امير طبقو گهڻو ڪري ايشيائي ملڪن جي رواج مطابق مالڪن کي ڇڏي ويندو. لاشڪ مير پنهنجي حڪومت ۽ خزاني جي بچاءَ لاءِ بهادريءَ سان وڙهي سر ڏيندا. جي اسان جي مرضي هجي، ته اسان سواءِ پاڙيوارن ملڪن جي مدد جي، سنڌ کي آسانيءَ سان ۽ ملڪ جي ماڻهن جي رضامنديءَ سان فتح ڪري سگهون ٿا.

جيڪڏهين اسان سنڌ فتح ڪريون ۽ امڪان آهي، ته اسان ڪن لاچاري سببن ڪري مجبور ٿي سنڌ فتح ڪريون، جهڙيءَ طرح اسان پنهنجي وسيع سلطنت فتح ڪري ٺاهي آهي، ته انهيءَ حالت ۾ سنڌ هڪ اهو پرڳڻو آهي، جنهن مان اسان کي وڏو فائدو رسندو، بشرطيڪ اسان ان جي حڪومت اعتدال ۽ دانائيءَ سان هلايون. سنڌ جي ماڻهن ۽ اسان جي حڪومت کي جي فائدا حاصل ٿيندا، ان لاءِ هو پاڻ اسان کي ۽ هڪٻئي کي کيرون ڏيندا. ماڻهو ان ڪري خوش ٿيندا، جو انهن کي مفت اسپتالون، اسڪول وغيره ۽ هڪ خيرانديش حڪومت ملندي. ۽ سرڪار لاءِ پڻ هيءُ هڪ فخر جي ڳالهه ٿيندي، ته هڪ زرخيز ۽ آباد پرڳڻو سندن حڪومت هيٺ ايندو. آبادگار ۽ واپاري، جي هن وقت جهالت ۽ موتمار ڍلن سبب پيل آهن، سي آهستي آهستي ساهه پٽيندا ۽ نئين ۽ بهتر انتظام هيٺ زور وٺندا. صوبي جون مڪاني سهوليتون، مال جي سلامتي، ۽ عدل ۽ انصاف ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن کي ڪشش ڪري آڻيندا. اهي ماڻهو ملڪ جي آدم شماري وڌائيندا، ۽ هو مذهبي تعصب ۽ فوجي ظلم جي زنجيرن کان آزاد هوندا. تنهنڪري سعيي ۽ ڪوشش کي وسيع ميدان ملندو ۽ هنن جي همت افزائي ڪئي ويندي، جا اڳتي هلي فائدو ڏيندي. سنڌوندي وري وچ ايشيا ۽ هندستان جي وچ ۾ آمدنيءَ ۽ دولت جي شاهراهه ٿيندي. سنڌ، جنهن سان اسان جا قديم زماني کان تعلقات آهن، ۽ جنهن سان اسان جي، سندس هاڻوڪين مصيبتن ۾ همدردي آهي، تنهن کي قومن جي قطار ۾ پنهنجي اصلي ۽ جائز جاءِ ملندي ۽ قدرت جيڪي کيس نعمتون عطا ڪيون آهن، تنهن کان بهره ور ٿيندي.

جنوريءَ جي شروع ڌاري، مراد عليءَ جي صحت بلڪل ٺيڪ ٿي ويئي هئي، پر مير مون کي حيدرآباد ڇڏڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. مون کي کڙڪ پئي، ته کين مون کي هميشه لاءِ پاڻ وٽ رهائڻ جو ارادو آهي. انهيءَ جو مون کي اڳيئي شڪ هو. مراد عليءَ مون کان هڪ - ٻه دفعو پڇيو هو ته: ”توکي اسان وٽ رهڻ ۾ ڪو اعتراض ته نه آهي؟“ مون کيس ان سوال جو سڌو جواب ڪونه ڏنو هو، پر چيومانس ته: ”مان سرڪار جو ملازم آهيان، ان جي اجازت کان سواءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهان“. هو وري وري اها ڳالهه دهرائيندو هو ۽ مون کان پڇندو هو ته: ”توکي اسان ڇڏيون به ته توکي وري سرجان مالڪوم اچڻ ڏيندو؟“ ولي محمد خان هاڻي مون کي اطلاع ڏنو، ته مان ميرن کي صلاح ڏني آهي، ته هو تنهنجي ٻانهن لاءِ هڪدم سرڪاري طور لکپڙهه ڪن. مون کي خانگي طرح خبر پئي، ته ڪي اهڙيون حالتون ٿيون هيون، جنهنڪري هو جيترو ٿي سگهندن، اوترو وقت مون کي وڃڻ نه ڏيندا، جيتوڻيڪ اهو طريقو مون کي رهائڻ جو کين پسند نه هو.

ڊسمبر جي پڇاڙيءَ ۾، ڪابل جي جلاوطن بادشاهه، شاهه شجاع الملڪ، جو لڌياني ۾ اسان جو سرڪار جو وظيفيدار هو، تنهن وٽان ٻه وڪيل سوغاتون کڻي آيا. هن جي تقاضا هئي، ته شڪارپور جو ضلعو بادشاهه سلامت جي حوالي ڪيو وڃي. بادشاهه پنهنجي وڃايل حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو هو، ته شڪارپور وڃي لشڪر ڪٺو ڪجي، ان سان گڏ بادشاهه سلامت، اسماعيل شاهه جي معرفت، خانگي طرح دڙڪو به ڏياري موڪليو، ته جي مير منهنجي گهـُـر هڪدم قبول نه ڪندا، ته مان سنڌ جو قبضو پنهنجن وفادار دوستن، انگريزن جي حوالي ڪندس، جن انهيءَ اهم ڪم لاءِ منهنجي مالي خواهه جاني امداد ڪرڻ جي اڳي ئي تياري ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي.

مون منڍ کان ئي سمجهيو، ته هيءَ سابق بادشاهه جي اجائي شيخي آهي. ميرن کي ايتري همت ضرور ٿي، جو هنن انهيءَ گهـُـر کي ٺڪرائي ڇڏيو، پر انهيءَ تقاضا سان جا خوفناڪ خبر شامل هئي، تنهن سندن دل ۾ کٽڪو پيدا ڪيو ۽ خراج جي بقايائن ۽ ڪابل جي بدبخت گهراڻي وارن سان جي هنن عقوبتون ڪيون هيون، تن جي يادگيري ڏياري.

هڪ ٻي ڳالهه پاڻ وڌيڪ هنن جي دلين ۾ هراس (1) پيدا ڪيو. ڳالهه خود تمام خسيس هئي، پر ميرن جي شڪي نظرن ۾ اها هڪ منصوبي جي پختي ثابتي هئي. جنهن وقت لڌياني کان وڪيل آيا، ته ساڳئي وقت سندن وڪيل بهاولپور مان کين خبر ڏني، ته هڪ انگريزي عملدار هت پهتو آهي، ۽ خان هن جي چڱي خاطرداري ڪئي آهي. ميرن هڪدم سمجهيو، ته هن کي شاهه شجاع جي مدد لاءِ موڪليو ويو آهي. مون کي جاچ مان معلوم ٿيو، ته هو هڪ سياح هو، جنهن جو سرڪار سان ڪوبه واسطو ڪونه هو. هو شايد بنگال کان يورپ وڃي رهيو هو، ۽ ميرن کي اجايو سنسو ٿيو هو.

جڏهن ڪابل جي بادشاهيءَ جو اوج هوندو هو، تڏهن سنڌ جي حاڪمن کي پنهنجن والين لاءِ عزت ۽ مڃتا ڪانه هوندي هئي. هو پنهنجو ساليانو خراج خزاني ۾ تڏهن جمع ڪرائيندا هئا، جڏهن ڪا زبردست فوج اچي کانئن وصول ڪندي هئي. ميرن جهڙن ماڻهن مان اها اميد نٿي رکي سگهجي ته هو هڪ ڪـِـريل خاندان جي عزت ڪندا. دراني گهراڻي جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ، شاهي خاندان جي جن شهزادن سندس تختگاهه ۾ پناهه ورتي آهي، تن سان هنن نهايت حقارت آميز برتاءُ ڪيو آهي. جڏهن مان اتي هوس، تڏهن تيمور شاهه بادشاهه جو هڪ ڀائٽيو، سنڌ مان لنگهيو هو. هو برطانيا سرڪار کان، جنهن هن بدقسمت ڪٽنب لاءِ سخا جي ديگ چاڙهي هئي. ان مان حصو وٺڻ لاءِ ممبئيءَ ٿي ويو. هو مشهور بادشاهه احمد شاهه جو پوٽو آهي، پر خاندان جي ٻين ڀاتين وانگر بي سرو سامان ۽ آوارا آهي، جنهن کي مٿي لڪائڻ لاءِ هڪ جهـُـڳي به نه آهي. هو اهڙو ته غيرت وارو هو، جو ميرن جي درٻار ۾ به نه ويو. ميرن کيس پنجهتر رپيا ممبئيءَ ڏانهن موڪليا، ۽ سمجهيائون ته، اسان مٿس وڏو احسان ڪيو آهي. هن سان فقط ٻه نوڪر ساڻ هئا، ۽ هو هڪ رواجي مسافر وانگر هڪ مسجد ۾ رهيو پيو هو. هن کي جڏهن اها خبر پيئي، ته مسٽر ايلفنسٽن هندستان ڇڏي ويو آهي، تڏهن کيس ڏاڍو رنج ۽ ڏک ٿيو. هن وٽ ڪجهه ڪونه هو ۽ مون کان مدد گهريائين. مون کيس ڪئپٽن والٽر ڏانهن خط ڏنو، جو ڀـُـڄ ۾ دل کولي سندس تواضع ڪيو.

ڪڇ ڇڏڻ کان ٿورو پوءِ، مون کي سورت ۾ عام فوجي عدالت جي اڳيان شاهد جي حيثيت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ حڪمنامو مليو هو. مون کي هاڻي ملزم وٽان خطن رستي اطلاع مليو هو، ته جيستائين آءٌ حاضر نه ٿيندس، تيستائين مقدمو نه هلندو. تنهنڪري آءٌ تشويش ۾ پئجي ويس، ته هاڻي ڇا ڪجي. مون کي جو اميدن جي خلاف سنڌ ۾ انگريزن جي اثر وڌائڻ جو موقعو مليو هو، سو آءٌ ڇڏڻ لاءِ راضي نه هوس، بشرطيڪ ان کي سرڪار جي نظر ۾ ڪا اهميت نه هجي. مون ميرن ۽ سندن وزيرن کي ڪنهن به قسم جو دلاسو ڪونه ڏنو، ڇاڪاڻ، ته آءٌ سرڪار جي رايي کان غير واقف هوس، ۽ نه مون کين ممبئيءَ خط لکڻ جو مشورو ڏنو، ته مباداً اتان کين رکو جواب ملي. پر مون هڪ تڪڙي قاصد جي هٿان هدايتن لاءِ، ڪڇ ڏي نياپو موڪليو. مگر ڪڇ جو سفير ٻاهر ويل هو، تنهنڪري ڪيتري وقت تائين مون کي خاطريءَ جهڙو جواب ڪونه مليو، تنهنڪري مون ميرن کي چيو ته: ”هاڻي مون کي وڃڻ جي اجازت ڏيو، فوجي عدالت جي شاهديءَ ڏيڻ کان پوءِ، واپس ايندس. انهيءَ وچ ۾، آءٌ گورنر ۽ سندس صلاحڪار جماعت کان پڇندس، ته انهن جو ڪهڙو حڪم آهي“.

انهيءَ اطلاع جي جواب ۾، ميرن مون کي چيو ته: ”اسان سڀ گڏجي سيوهڻ جي مشهور درگاهه تي، مراد عليءَ جي صحتيابيءَ جي شڪراني ادا ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون، اسان جي مرضي آهي، ته تون به اسان سان گڏجي هل“. هن ملڪ ڏسڻ جو هيءُ مناسب موقعو هو، جو مون هٿان وڃائڻ نٿي گهريو. پر، منهنجو انهن کي ٻڌائڻ فرض هو، ته منهنجي لاءِ وڃڻ تمام ضروري آهي. هو انهيءَ ڳالهه ۾ راضي نه هئا، پر آخر انهيءَ شرط تي مڃيائون، ته مان مهيني يا ڇهن هفتن بعد انهن جي موٽي اچڻ تي، ساڻن وري اچي ملندس. مون سمجهيو، ته منهنجو مقصد هاڻي پورو ٿيو آهي، پر ان کان پوءِ به، مان ڇهه يا اٺ ڏينهن ساڻن ملندو رهيس، جيستائين مون کي اجازت ملي. هو روز چوندا هئا ته: ”اڄ نه، سڀاڻي وڃجانءِ“. آخر جڏهن منهنجي لاءِ وڌيڪ ترسڻ محال ٿي پيو، تڏهن مون کان پڇيائون ته: ”ڪهڙو رستو وٺي ويندين؟“ مون هڪدم سنڌونديءَ جي رستي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ شاهي جهمپٽي منهنجي لاءِ تيار ڪئي ويئي، ۽ منهنجي عزت افزائي لاءِ پنهنجي سؤٽ مير بجر خان جي پوٽي کي حڪم ڏنائون، ته هو مون سان پتڻ تائين گڏجي هلي.

جنوري جي ايڪيهين تاريخ، مان ميرن جي درٻار ۾ پويون دفعو ويس. موڪلاڻي ٻنهي طرفان دک ڀري هئي. مير صاحبن اڳئين وانگر شڪرگذاري ڪئي. مون کي جا هنن سنڌ ۾ مسلسل مهمان نوازي ۽ عزت ڏني هئي، تنهن لاءِ مون به سندن احسان مڃيا. مون سان گڏ سندن ڪيترا مکيه عملدار پنجن ميلن جي مفاصلي تائين درياءَ جي طرف هليا. انهن ۾ منهنجو پراڻو دوست ولي محمد به هو. هن موڪلائڻ وقت مون کي پنهنجو ديوان ڏنو. تنهن کان سواءِ، هن مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ، ڪيتريون ڪمائتيون شيون منهنجي مسافريءَ لاءِ منهنجي سامان سان گڏ موڪليون هيون. آءٌ ڪيترن عملدارن سان گڏ، جن کي مون سان ساڻ هلڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، ٻيڙيءَ تي چڙهيس. اسان هڪدم لنگر کنيو ۽ شام تائين ڪلاڪ ۾ اٽڪل ٽن ميلن جي رفتار سان آسائش جهڙي مسافري ڪئيسون. رات جو اسان ٽرڪل ۾ لنگر هنيو. ٻيڙي آگبوٽ جي شڪل جهڙي وڏي ۽ سنئين تري سان هئي، ۽ خاص آرام ۽ آسائش لاءِ ٺهيل هئي. ان ۾ منهنجي ۽ منهنجي ساٿين لاءِ هرهڪ ضروري شيءِ ۽ عيش عشرت جو سامان، جو سنڌ ۾ دستياب ٿي سگهيو ٿي، مهيا ڪيو ويو هو. ٻيڙيءَ جي تختن تي ٻه ٽارن جا بنگلا ٺاهيا ويا هئا. انهن مان هڪڙو منهنجي لاءِ هو. اهو عملدارن جي تنبوءَ جيڏو هو ۽ شڪل ۾ به ذري گهٽ ان جهڙو هو. اهو ٻاهران ڳاڙهي ڪپڙي سان ڍڪيل هو، ۽ اندران ڇيٽ جو ڪپڙو لڳل هوس. ان کان سواءِ، اسان سان ننڍين ٻيڙين جو هڪ ساٿ به هو، جنهن ۾ گهوڙا، اٺ وغيره هئا.

ٻاويهين تاريخ پرهه ڦٽيءَ مهل، اسان وري روانا ٿياسين. رات جو ٺٽي جي سامهون پهتاسين. مون ميرن کي ڪونه ٻڌايو هو، ته مون کي انهيءَ مشهور شهر ڏسڻ جو ارادو آهي. پر مون سمجهيو، ته اهڙو سونو موقعو هٿان وڃائڻ نه کپي. ٻئي ڏينهن صبح جو مان سوار ٿي روانو ٿيس. درياءَ کان ڇهه ميل مفاصلو هو. رستي تي جهنگ ۽ ساوڪ هئي. مان تڪڙو تڪڙو گهٽين مان لنگهي، اورنگزيب جي جامع مسجد ڏانهن ويس. جنهن جي ڏسڻ جو مون کي بيحد شوق هو. مون سان جي عملدار ساڻ هئا، تن ٺٽي وڃڻ تي ڪو اعتراض ڪونه ورتو. پر هنن کي ميرن کان ڪي به هدايتون ڪونه مليل هيون، تنهنڪري هنن پنهنجن گهوڙن تان لهڻ کان انڪار ڪيو، ۽ آءٌ تڪڙو شهر جون نمايان جايون ڏسي، ٻيڙي ڏانهن موٽيس. مون فقط ايترو ڏٺو، جو منهنجو اشتياق پورو ته نه ٿيو، اٽلو دل ۾ وڌيڪ ڏسڻ لاءِ خواهش پيدا ٿي. مون کي شهر جي هڪ - ٻه رهواسيءَ سان به گڏجڻ جو موقعو نه مليو. مان ٻن - ٽن منٽن لاءِ اسان جي اڳوڻي تجارتي وڪيل، مسٽر ڪروءَ جي جاءِ تي ويس. اها شهر جي وچ ۾، مڪاني نموني جي هڪ وڏي عمارت آهي. ان جي ڇت تان مون کي سموري آسپاس واري ايراضيءَ جو نظارو ڏسڻ ۾ آيو. ٺٽي ۾ اڃا ان جي اڳوڻي شان ۽ شوڪت جا نشان آهن. شهر جي ايراضي نهايت وسيع آهي. هر طرف مقبرن ۽ مسجدين جا نشان آهن. جي ڏيکارين ٿا، ته عام ماڻهن جي روايت، ته ٺٽي جو احاطو ٻارهن ڪوهن ۾ هوندو هو، سا سچي هوندي. ساريءَ سنڌ ۾ اهو هڪ ئي شهر آهي، جتي پٿرن جون عمارتون آهن. حيدرآباد جي مقابلي ۾، ٺٽي جون جايون اڪثر مضبوط ۽ بلند آهن. جيتوڻيڪ انهن مان گهڻيون هاڻي ويران ۽ زبون ٿي ويون آهن(1) .

چوويهين تاريخ، اسان وري پنهنجو سفر شروع ڪيو. شام ڌاري پير پٺي جي ڀرسان سيتا جي پتڻ تي پهتاسين، جو ٻن ميلن جي مفاصلي تان ڏسڻ ۾ پئي آيو. سنڌونديءَ مان لهوارو لنگهندي، مون کي ڪا خاص نمايان ڳالهه نظر ڪانه آئي. مون پنهنجي سفر جي نقشي ۾ اهي شهر ڏيکاريا آهن، جن منهنجو ڌيان ڇڪايو هو. مون کي آباديءَ جو نشان نظر ڪونه آيو، سواءِ هڪ سرنهن جي ٻنيءَ جي. سارو ملڪ شڪارگاهن لاءِ تباهه ڪري جهنگ ڪيو ويو آهي. ٺٽي جي ڀرسان الهندي طرف جابلو علائقو آهي. درياءَ جا ڪپر اڪثر ننڍا ۽ کاڌل هئا. ڇوڙ کان وٺي ڪيترن ميلن تائين، ڪپر اهڙي نموني جا آهن. سنڌ جي تاريخي نديءَ ۽ ان جي خوبين ۽ خصوصيتن جو ڪئپٽن مئڪسفيلڊ جي پڙتال ۽ ٻين روبڪارين ۾ اهڙو ته مفصل بيان ڏنل آهي، جو مان ان کان وڌيڪ ڪجهه به لکي نٿو سگهان. مان مناسب نٿو سمجهان، ته ڪو ٻين ڪتابن مان حوالا ڏيئي پڙهندڙن کي اجائي تڪليف رسايان. اهي ميجر رينيل، مسٽر ڪرو(1) ۽ ڪرنل پاٽنجر جي تصنيفن ۾ نهايت دلڪش نموني ۾ ڏنل آهن. هن سفرنامي جي پڇاڙيءَ ۾، سڪندر جنهن رستي سان سنڌ مان لنگهيو هو، مون ان تي پنهنجو تبصرو ضميمي طور ڏنو آهي، پر مان چئي نٿو سگهان، ته اهو قابل غور به آهي يا نه؟

مان اڳيئي لکي آيو آهيان، ته ميرن جي ملڪن تي ڪو حملو ٿئي، ته ان جي مقابلي ڪرڻ لاءِ وٽن محدود ذريعا آهن. سنڌونديءَ ڏي هڪ نظر ڪبي، ته معلوم ٿيندو، ته هڪ بحري طاقت لاءِ سندن ملڪ جي وچ ۾، درياءَ جي رستي پهچڻ، هڪ آسان ڳالهه آهي. شاهي جهمپٽي، جنهن ۾ مان چڙهي سيتا آيو هوس، سا سڌي تري واري آهي. پر اها اڌ پلٽڻ کڻي سگهي ٿي. اسان رستي ۾ ايڏيون وڏيون ٻيون ٻيڙيون به ڏٺيون. آءٌ بحري لڙائيءَ جي فن جو ماهر نه آهيان، پر مون کي خاطري آهي، ته ننڍا هٿياربند آگبوٽ سنڌونديءَ ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندا. پاڻي جي تک ۽ تانگهي شايد ڪجهه تڪليف ڏين، پر لڙائيءَ جي اعلان ٿيڻ شرط اهڙا جانباز ملاح اچي اسان جي ٻيڙيءَ ۾ شامل ٿيندا، جي جهاز رانيءَ جي فن کان چڱيءَ طرح واقف آهن، ۽ جي هاڻوڪيءَ حڪومت جي تختي الٽي ڪرڻ لاءِ هر قرباني لاءِ تيار آهن.

سيتا ۾ مون کي حيدر لغاري گڏيو، هو مون کي هڪڙي آباد علائقي منجهان مغربيءَ وٺي هليو، اتان اسان هڪڙيءَ ويران ايراضيءَ مان لنگهياسين، جنهن جو ذڪر مون هن سفرنامي جي شروع ۾ ڪيو آهي. اتان لکپت وياسين، جتي اٺاويهين جنوريءَ تي پهتس.

مون اڃا ڪڇ جي ڪناري تي پير رکيو، ته مون کي وڪيل جو اٺين جنوريءَ جو لکيل خط پهتو. ان ۾ مون کي، جيستائين سرڪار وٽان فيصلو ٿي اچي، تيستائين سنڌ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي، ۽ ان سان گڏ مون کي ڪرنل لپٽن جو خط به پهتو، جو ان صاحب ڪرم فرمائي، سورت مان لکيو هو. ان ۾ لکيل هو، ته فوجي عدالت جي ڪاروائي ختم ٿي ويئي هئي، ۽ منهنجي شاهديءَ جي ضرورت ڪانه هئي. مون هڪدم هن خبر جو اطلاع ميرن کي ڏنو ۽ وري حيدرآباد لاءِ روانو ٿي، سنڌ ۾ داخل ٿيس. مون اڃا ٽيهه ميل پنڌ مس ڪيو، ته صوبدار جي بغاوت ۽ بدامنيءَ جي خبر پيم، تنهنڪري مان اتي جواب لاءِ ترسي پيس. مان ڪيترا ڏينهن پاليءَ ۾ رهيس، جا رڻ ۾ هڪ چونڪي آهي. اتي روز لڙاين ۽ خوفن جا افواهه ٻڌبا هئا. تيرهين تاريخ مون کي ميرن وٽان وڪيل جي معرفت نياپو مليو، ته ملڪ جي اهڙيءَ حالت ۾ مون کي اڳتي وڌڻ نه کپي. تنهنڪري مان مصلحت کان ڪم وٺي، لکپت موٽي ويس. اتي جلد ئي مون کي مانواري گورنر ۽ سندس جماعت وٽان، ڀـُـڄ موٽي وڃڻ جو حڪم پهتو.

مون کي معلوم ٿيو، ته سرڪار کي سنڌ ۾ وڪيل رکڻ جو ارادو ڪونه هو، تنهنڪري مون کي حيدرآباد ۾ مڪاني وڪيل لکيو، ته مون کي ڪو ضروري ڪم ڏنو ويو آهي، جنهنڪري مون ميرن سان وري گڏجڻ جو جيڪو وعدو ڪيو هو، سو ڪونه پاڙي سگهندس. مير صاحب انهيءَ ڳالهه تي مطمئن ٿيا. ان کان پوءِ هو مون سان باقاعدي خط و ڪتابت ڪندا رهيا آهن. هنن جا خط پياس ڀريا آهن، ۽ ڏيکارين ٿا، ته کين مون سان سٺن تعلقات رکڻ جو خيال آهي. مان سمجهان ٿو، ته جيڪڏهن مان چاهيان، ته هو مون کي پاڻ وٽ دعوت ڏيئي گهرائي، هميشه لاءِ رهائڻ لاءِ تيار ٿيندا.

پڇاڙيءَ جو هن تذڪري ۾ جي اوڻايون آهن، تن لاءِ مان معافيءَ جو طلبگار آهيان. اهي اوڻايون منهنجي سستيءَ ۽ لاپرواهيءَ جو نتيجو نه آهن. مگر اهي اوڻايون انهن مشڪلاتن جي ڪري پيدا ٿيون آهن، جي مون کي هن تذڪري لکڻ ۾ پيش آيون هيون. جيڪي مصنف پنهنجي ڪارواين جا تذڪرا لکندا آهن، سي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪارواين متعلق اهڙا لفظ استعمال ڪندا آهن، جي شايد تهذيبي آداب جي خلاف هجن. انهيءَ عذر ۾ مون کي فقط ايترو چوڻو آهي، ته مون صداقت ۽ سچائيءَ سان اهڙيءَ طرح حقيقتن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن اهي تحقيق ڪيل آهن. ميرن سان منهنجي جيڪا لهه و چڙ ٿي هئي، تنهن متعلق به مون فقط ايترو لکيو آهي، جيترو هنن جي ذهنيت ۽ نشست و برخاست جي صحيح نموني ڏيکارڻ لاءِ ضروري آهي. مون گهڻا دلچسپ واقعا نه ڏنا آهن، انهن مان ڪيترا اسان جي مڪاني وڪيل جي خطن ۾ ڏنل آهن، جي هن ڪڇ جي وڪيل ڏانهن موڪليا هئا. اهي خط ڀـُـڄ موٽڻ کان پوءِ، منهنجي نظر مان گذريا آهن.

قلم تازو (1) هن تذڪري لکڻ کان پوءِ، سنڌ ۾ هڪ واقعو ٿيو آهي، جو ياد ڪرڻ جوڳو آهي، ۽ جو منهنجين ڳالهين جي تصديق ڪري ٿو: مير ڪرم علي بخار وگهي، ڊسمبر سنه 1828ع ۾ گذاري ويو. هن جو وارث مراد علي آهي، جو انهن چئن ڀائرن مان پويون آهي، جن ٽالپر گهراڻي جو پايو وڌو هو. هو هاڻي ملڪ جو واحد ۽ تسليم شده حاڪم آهي. هن جي هٿن ۾ ايتري طاقت آهي: جا اڳي ساري خاندان کي به نه هوندي هئي. فوتيءَ جي عزيزن کي، هـُـن جي وفات تي نهايت رنج ۽ الم آهي. هو مٿن نهايت مهربان ۽ شفيق هوندو هو. هن جي وفات ڪري درٻار ۾ گهڻيون تبديليون ٿينديون. درٻار جي انتظام تي جو خرچ ٿيندو هو، سو سمورو هو برداشت ڪندو هو.

فيبروري سنه 1828ع ۾، صوبدار جي بغاوت وقت جو ٺاهه ٿيو هو، ان جو هڪڙو شرط قرآن مجيد تي لکيو ويو هو، سو اهو هو ته ڪرم علي، صوبدار کي پنهنجو پٽ ڪندو. پر صوبدار، جو هڪ ضعيف طبع شخص آهي، سو ٺاهه کان پوءِ وري گمناميءَ ۾ غرق ٿي ويو، ۽ پنهنجن مددگارن کي وڏن ميرن جي ڪيني ۽ ظلم جو، بزدليءَ سببان شڪار ٿيڻ ڏنائين. تنهنڪري اها ڳالهه تعجب خيز نه آهي، ته هن ۾ ايترو به دم نه رهيو هو، جو چاچي جي وفات کان پوءِ، پنهنجي موروثي خزاني تي تبصرو ڪري سگهي. مراد عليءَ حرفت ڪري خزانو پهريائين فوتيءَ جي ڀاءُ جي زالن وٽ رکرايو، ۽ تنهن کان پوءِ، ان تي پاڻ قبضو ڪيائين. ڪرم عليءَ جي ارضي ملڪيت به سواءِ ننڍن شهزادن ۽ جاگيرن جي، هاڻوڪي حاڪم جي هٿ آئي آهي. اُميد آهي، ته سنڌ، هن جي طاقتور حڪومت ۾، گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه وقت، امن امان ۽ صلح سانت ۾ رهندي.


(1)  حيدرآباد جي ڪوٽ کي هڪ وڏي ڀت آهي ۽ منجهس هڪ وڏو قلعو آهي، جنهن تي ڪجهه ڳريون توبون رکيل آهن. ڀت سنهي آهي، پر اندران مٽيءَ جو اونهو ڀراءُ اٿس. ڪجهه مٽي اصلوڪي آهي ۽ ڪجهه هٿراڌو پيل آهي. ان ڪري ديوار ۾ رخنو وجهڻ مشڪل آهي. قلعو سمورو سرن جو ٺهيل ۽ ٿـَـلهو آهي. ان جي شڪل گول آهي: ۽ سؤ والن کان وڌيڪ ويڪر نه اٿس. ڪوٽ کي هڪڙي پاسي کان سڪل کاهي ۽ ٻئي پاسي کان هيٺانئين زمين آهي. ديوار جي ماپ اٽڪل منو ميل ٿيندي، ان ۾ توبن رکڻ لاءِ ڳـِـٿا ٿورا آهن ۽ مورچا وغيره ڪونه اٿس. قلعي جي شڪل مستطيل نموني جي آهي، ۽ اهو هڪ ڊگهي سوڙهي ٽڪريءَ جي هڪ ڪنڊ تي ٺهيل آهي جا سڀني پاسن کان اُڀي آهي. ٽڪريءَ جي آسپاس واري ايراضي سنڌونديءَ جو هڪ پيٽ آهي، ان جي ويڪر ڇهه يا اٺ ميل ۽ ڊيگهه ويهه يا ٽيهه ميل ٿيندي. اها ايراضي آباد ۽ زرخيز آهي ۽ آبڪلاڻيءَ ۾ پاڻي جي اٿل هيٺ ايندي آهي. ڪرو--

(1)  چون ٿا، ته نادر بادشاهه جڏهن سنه 1747ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن ٺٽي ۾ تمام گهڻي دولت ۽ واپار هوندو هو. پر ٽيورنيئر جي سفرنامي جي هيٺئين حوالي مان، جو ان کان اٽڪل هڪ صدي اڳ جو لکيل آهي، معلوم ٿئي ٿو، ته ٺٽي جو هن جي ڏينهن ۾ ئي زوال شروع ٿيو هو. اٽليءَ واري ڇاپي مان حوالو ڏنو آهي، جو سنه 1690ع ۾ بولان جي شهر ۾ ڇپيو هو. مون ان جو هڪ ئي نقل ڏٺو آهي، ۽ تعجب جي ڳالهه آهي، ته مون کي سنڌ جي ميرن وٽان هٿ آيو هو. اهو ميرن جي ماڻهن، هڪ بدبخت روميءَ کان ورتو هو، جو سنه 1828ع جي شروع ۾ حيدرآباد مان لنگهيو هو. درياءَ جي لـَـٽجڻ جي ڳالهه به عجب آهي. ان ۾ شڪ نه آهي، ته درياءَ گهڻائي ڀيرا رخ بدلايو آهي. مون کي شڪ آهي، ته ڪو دريا ِّ اڳي جهازرانيءَ لاءِ، هاڻي کان وڌيڪ ڪارائتو يا بيڪار هوندو. افسوس آهي، ته ان ڳالهه جي صحيح خبر ڪنهن نه ڏني آهي، ته انهن ڏينهن ۾ ٺٽو سنڌونديءَ کان ڪيتري مفاصلي تي هو. هاڻي اهو يقينـاً پنجن ميلن کان وڌيڪ پري آهي. ٺٽي جو واپار، جو اڳي وسيع هوندو هو، سو هاڻي گهڻو گهٽجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته درياء جو ڇوڙ وڃي ٿو خراب ٿيندو ۽ واري ايتري ٿي ويئي آهي، جو ٻيڙين لاءِ رستو ئي ڪونهي“. (-- ٽيورنيئر، ڀاڱو 2.)

(1)  سنڌ ۾ مشهور درياءَ، جنهن کي يورپي آدمي انڊس ۽ هندو سنڌو چوندا آهن، تنهن نالي جي پٺيان سڏبو آهي. پر هن درياءَ جي الهندي طرف واري ملڪ جو حصو، هالڪنڊيءَ کان سمنڊ تائين، لاڙ سڏبو آهي. سنڌ جي زمين سيلاب کان پوءِ اهڙي ئي زرخيز ٿيندي آهي، جهڙي مصر جي. ساڳئي وقت سنڌ جو سيلاب مصر جي سيلاب وانگر بي اعتبار نه هوندو آهي. پاڻي مقرر وقت تي ساڳئي انداز ۾ چڙهندو ۽ لهندو آهي. سنڌونديءَ ۾ اپريل جي پڇاڙيءَ ۾ پاڻي چڙهندو آهي ۽ سيپٽمبر جي شروع ۾ لهندو آهي. ٻوڏ جي ايراضيءَ جو مدار علائقي جي سلامتي تي هوندو آهي. سراسري سيلاب ٻنهي ڪپرن کان پنجن ميلن تائين ٿيندو آهي. ڪن هنڌن تي، خاص ڪري دوآبي ۾ ان کان به وڌيڪ مفاصلي تي ويندو آهي. سنڌو درياءَ ۾ موسمي سيلاب کان سواءِ، ٻيون ڪي خاص خوبيون ڪونه آهن. پاڻي جي سير، ميري ۽ لڙاٽيل هوندي آهي. ان ۾ ايترا ته تانگها هنڌ ۽ واري هوندي آهي، جو فقط سنئين تري واريون ٻيڙيون، ان ۾ سلامتيءَ سان هلي سگهنديون  آهن. سنڌونديءَ جي وهڪري ۾ تمام گهڻا وروڪڙ آهن. پـُـڇڙيءَ ۾ ته بلڪل بي اعتبار آهي. لاڙ ۾ ان جي غير مستقل مزاجيءَ جا گهڻائي نشان آهن. ان مان سڀ کان وڌيڪ نمايان هڪڙي وڏي واهڙ جو سـُـڪو پيٽ آهي، جو ڪراچيءَ کان اٽڪل پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ان کان پنج ميل پري، گردري وٽ، وري هڪ ٻيو ڦٽل واهه آهي. (ڪرو--)

(1)  سنڌونديءَ جي واڳـُـن متعلق مسٽر ڪرو هن طرح لکي ٿو ته: واڳن کي وسارڻ نه کپي. اهي تمام گهڻي انداز ۾ آهن، ۽ هندو خواهه مسلمان انهن جي تعظيم ڪندا آهن. ڪراچيءَ جو محافظ ديوتا هڪ ڇلڪن وارو مرون (واڳون) آهي، جنهن کي زالن ۽ ٻارن جو لشڪر آهي. هو ڪراچيءَ جي ويجهو منگهي پير جي گرم چشمن مان، جي ميري پاڻيءَ جون ڪسيون نڪرن ٿيون، تن ۾ رهي ٿو. منگهوپير هڪڙو ولي هوندو هو، جو اڳي اتي رهندو هو. اهي جانور بعضي بعضي چشمي جي منهن ۾ گرم ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ سمهيا پيا هوندا آهن، ۽ بعضي ٿڌن دٻن ۾ ليٿڙيون پائيندي نظر ايندا آهن. (ڪرو.)

(1)  15 - آگسٽ 1829ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org