امير پنهنجو ڪاروبار، پرڀات کان ٻه ڪلاڪ اڳ شروع ڪندا آهن. ان وقت هو خانگي درٻار ڪندا آهن، جنهن ۾ پڪارون ٻڌندا ۽ پنهنجن علائقن جو انتظام ڪندا آهن. اهو ئي هڪ وقت هوندو آهي، جڏهن هو پڳ
پائيندا آهن. سج اُڀرئي مهل هو ڪپڙن بدلائڻ لاءِ، پنهنجن ڪمرن ۾ ويندا آهن، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ، هو درٻار ۾ ايندا آهن، جتي سمورو خاندان
باقاعدي موجود هوندو آهي، ۽ جتي حڪومت جو سمورو ڪاروبار هلايو ويندو آهي. جيڪي خط رات اڳئين ڏينهن تي آيل هوندا آهن، سي هنن اڳيان ڍڳ ڪري
رکيا ويندا آهن. يارهين بجي تائين خطن پڙهڻ، انهن تي حڪم ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ وقت صرف ڪيو ويندو آهي، ۽ پوءِ هو ناشتي لاءِ اٿندا آهن.
ٻـِـي بجي، هو وري ٻاهر نڪرندا آهن، ۽ سج لٿي تائين گڏ هوندا آهن. جنهن کان پوءِ هرڪو پنهنجي گهر وڃي رات لاءِ آرامي ٿيندو آهي. آءٌ هميشه
عام درٻار ۾ ملاقات ڪندو هوس. مکيه اميرن سان خانگي طرح گفتگو ڪرڻ جو مون کي ڪڏهن موقعو ڪونه مليو هو. ننڍا شهزادا گهر وڃڻ کان پوءِ،
پنهنجي جدا ڪچهري ڪندا هئا، جتي سڀڪجهه وڏن ميرن جي شاهاڻي دستور جي خلاف هوندو هو. اتي ڪابه پابندي ڪانه هوندي هئي. اسان اصطبل ۾ سوئرن جي
ويڙهه، ملهون، کينهـونءَ راند، ڪشتي ۽ ٻيون ڪيتريون رانديون رونديون وڃي ڏسندا هئـاسين.
مير فتح عليءَ جي حياتيءَ ۾، جڏهن اڃا انهيءَ انقلاب جي يادگيري تازي هئي، جنهن جي وسيلي سان ميرن جي خاندان حڪومت هٿ ڪئي هئي، تڏهن غير معمولي احتياط ڪيو ويندو هو، ته جيئن ساڻن ڪو ڌوڪو يا
سازش نه ٿئي. چارئي ڀائر گڏ کائيندا ۽ هڪ ڪمري ۾ سمهندا هئا. ڪمري جي رڳو دروازي تي روشني هوندي هئي، ۽ سنجيل گهوڙا ۽ غلام تيار هوندا هئا.
سنڌ ۾ گذريل ٽيهه ورهيه لڳاتار امن امان رهيو آهي، جنهنڪري حاڪمن کي اطمينان آهي. پر هو هميشه بيدار هوندا آهن، جنهنڪري هنن جي برخلاف ڪابه
سازش ڪرڻ مشڪل آهي. هاڻي هو اڳئين وانگر ساڳئي ڪمري ۾ کائيندا ۽ سمهندا نه آهن. پر هو ساري رات پنهنجن ڪمرن جي ٻاهران صفن ۾ گذاريندا آهن.
سندن هٿيار پاسن کان رکيل هوندا آهن، ۽ مٿان ايماندار خدمتگارن جو پهرو هوندو اٿن.
ميرن جي هڪ عجيب خصوصيت هيءَ آهي، ته هنن کي هڪٻئي ۾ اعتماد ڪونه آهي. مون انهيءَ ڳالهه جو اڳيئي ذڪر ڪيو آهي، ته مراد عليءَ جي علالت وقت، هو سڀ ڪيترا مهينا حيدرآباد جي قلعي کان ٻاهر
نڪرندا ئي ڪونه هئا. جڏهن هو شڪار تي نڪرندا هئا. تڏهن احتياطاً پٺيان ڪنهن کي ڪونه ڇڏيندا هئا. مير صوبدار خان جڏهن اسلام ڪوٽ ڏانهن ڀڄي
وڃي بغاوت ڪئي هئي، تڏهن هو ٻين جي پٺيان پٺيان پئي آيو. اهڙي بدگمان ۽ خطرناڪ آئين ۾ حڪومت ڪرڻ هڪ اهڙي ڳالهه نه آهي، جنهن تي رشڪ ڪجي.
مراد عليءَ هڪڙي ڏينهن مون کي دل کولي چيو ته: ”حاڪمن جي سر تي شيهي جهڙو ڳرو ٻوجهه آهي، ان جي بار جو اندازو فقط حاڪم ئي ڪري سگهن ٿا“.
انهيءَ راءِ لاءِ، هن جس لهڻي! جيتوڻيڪ ان ۾ شڪ نه آهي، ته اهو خيال ڪنهن فارسي ڪتاب تان ورتل آهي. بهرحال، ظاهر آهي، ته مير تخت کي گلن جي
سيج ڪري نٿا سمجهن.
مير درٻار ۾ خوش اطوار، پر ساڳئي وقت متڪبر ۽ ڳنڀير هوندا هئا. هو پنهنجن سڀ کان وڌيڪ پيارن نوڪرن سان به گستاخ ڪونه ٿيندا هئا. منهنجي لاءِ جا ڪرسي ايندي هئي، ته ساڳئي وقت ٻه صندل، هڪ
گاديءَ وارن حاڪمن ۽ ٻيو ننڍن شهزادن لاءِ رکيا ويندا هئا. سڀ درٻاري ۽ خدمتگار، پري زمين تي يا ٻاهر ويهندا هئا. هو وڏي ۾ وڏي عملدار کي
به پاڻ سان گڏ ويهڻ ڪونه ڏيندا هئا. البت هڪ يا ٻه دفعو اسماعيل شاهه ۽ سندن ڪن پيارن پيرزادن کي اهو شرف بخشيو هئائون. مير، گهڻو ڪري
درٻار ۾ گڏجي ايندا هئا، ۽ ويندا به گڏجي هئا. آءٌ جڏهن حيدرآباد ۾ رهيل هوس، تڏهن مراد عليءَ جي علالت ڪري، سندس ڪمري ۾ درٻار ٿيندي هئي.
هونئن سندن رواج آهي، ته هو واري واري تي هڪٻئي جي جاين تي گڏبا آهن.
پهرين ملاقات جو ذڪر ڪندي، مان هنن جي پوشاڪ ۽ نشست - برخاست جو احوال ڏنو آهي. ڪشمير جي شالن، ۽ ٺٽي جي ريشمي ۽ زريءَ جي لونگين يا بوڇڻن کان سواءِ، هو گهڻو ڪري، ولائتي ٺهيل ڪپڙو به ڪم
آڻيندا هئا. سرديءَ جي موسم ۾ هو ململ ۽ انگرکن بدران تمام قيمتي ڪشميري شالن جا پهراڻ پائيندا هئا، جن تي زريءَ جا ڳانا ۽ قنڌار جي ڪاري
پشم لڳل هوندي هئي. ٻين موقعن تي هو ولائتي ڦولدار ريشم يا پـَـٽ جا گرم آسترن سان ۽ ڪپهه سان ڀريل ڪپڙا پائيندا هئا، جن تي تلوار يا خنجر
جو ڌڪ اثر نه ڪري سگهندو هو. درٻار ۾ سندس چاچو، مير محمود، جو هڪ شاندار شڪل جو بزرگ هو، سو سڀ کان وڌيڪ زيبدار ڪپڙا پائيندو هو. هو اڪثر
ڪري گلابي ريشم جو ڦولدار چوغو پائيندو هو. مير ڪرم علي ۽ نصير خان روز صبح جو ٻئي - ٻئي نموني جي پوشاڪ پهريندا هئا. اهي ڪپڙا ٿورن ڏينهن
کان پوءِ، آءٌ سندن خاص نوڪر کي پائيندي ڏسندو هوس.
ميرن جي درٻار ۾ جا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ ڌارين ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي ٿي، ۽ سچ پچ قابل توجهه آهي، سا آهي سندن جواهرات ۽ هٿيارن جو نادر ذخيرو. هنن جي عظيم الشان خزاني ۾ گهڻو ڪري ياقوت، هيرا،
موتي ۽ زمرد آهن، جي سندن خنجرن، تلوارين، ۽ بندوقن ۾ جڙا ِّ ٿيل آهن، جن مان گهڻا هو منڊين ۽ بازوبندن وغيره ۾
(1)
ڪپڙن مٿان پائيندا آهن.
ڪابل جي حڪومت جي ٽٽڻ ڪري، ان حڪومت جا شهزادا ۽ سردار مفلس ۽ ڪنگال ٿي ويا آهن. تنهنڪري هنن کي پنهنجا قيمتي جواهرات نيڪال ڪرڻا پيا آهن. ميرن هنن جي مجبوريءَ جو فائدو وٺي، پنهنجا ماڻهو
موڪلي سندن ڪيترا جواهر سستي اگهه تي خريد ڪري ورتا آهن. ايشيا جي سڀني ملڪن جا جواهري، سنڌ جي دارالسلطنت ۾ ايندا آهن. جتي سندن جوهرن جو
اگهه ٿيندو آهي. درٻار ۾ هڪ - ٻه ايراني سونارا آهن، جي ميناڪاريءَ جو ڪم ڪندا آهن، ۽ ميرن جي جواهرات کي پنهنجي هنر سان وڌيڪ زيبدار
بنائيندا آهن. لوهه ۽ سون جي اکرن جي پـِـچڪ ڪاري ڪرڻ جي هنر ۾ هنن ڪماليت حاصل ڪئي آهي.
اميرن کي تلوارن ۽ بندوقن جي نالين جي خريد ڪرڻ لاءِ، ايران، ترڪي ۽ فلسطين ۾ گماشتا آهن، ۽ انهن شين جو جهڙو قيمتي ذخيرو هنن وٽ آهي، سو دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ شايد ئي هجي. مون وٽ هڪڙو
سادو بنا جڙت جي، تلوار جو ڦر آهي، جو هنن اڌ لک رپين ۾ خريد ڪيو هو. هنن وٽ پراڻين ۽ عمدين تلوارن جو قدر آهي، ۽ هو تلوار جي قيمت جو
اندازو ان جي جوهر ۽ آب مان ڪندا آهن. هڪڙي تلوار، جا مون کي مير ڪرم علي ڏني هئي، تنهن تي سنه 1166 هجري (1708 عيسوي) لڳل آهي. ان جي سنڌ
۾ ٻه هزار رپيا قيمت ڪٿي وڃي ٿي. ميرن جي اسلحخاني ۾ ايشيا جي هر مشهور حاڪم جون تلوارون موجود آهن. مون شاهه عباس اعظم، نادر شاهه،
احمدشاهه دراني ۽ ايران جي هاڻوڪي شهنشاهه ۽ ٻين مشهور ماڻهن جون تلوارون هٿ ۾ کڻي ڏٺيون آهن. انهن جي ڦرن تي سونن اکرن ۾ ڪتبا لکيل آهن.
جيڪي شيعا حاڪم آهن. تن جي تلوارن جي ڪتبن ۾ عرض و معروض ۽ دعائون آهن، جي حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه ڏانهن مخاطب ٿيل آهن. ٻين ۾ قرآن
مجـيد جون آيتون پاڪ يا موزون فارسي شعر آهن. مير ڪرم عليءَ جي سڀني تلوارن تي ”بنده آلِ محمد، ڪرم علي“ لفظ لکيل آهن. مون کي جيڪا هن
تلوار ڏني هئي، تنهن تي شاهنامي مان هڪ شعر، سندس هڪ شعر، ۽ ولي محمد جي شعر مان هڪ مصرع لکيل هئي. مير نصير خان مون کي هڪ تلوار ڏني، جنهن
تي خاص موقعي لاءِ سندس لکيل ڇهه مصرعون هيون، ۽ انهن ۾ هڪ هنڌ منهنجو نالو به آيل هو.
ميرن جون تلوارون اسان جي انگريزي تلوارن کان وڌيڪ ڳريون نه آهن، پر هنن جو وزن نالي نموني ۾ ورڇ ٿيل آهي. منهنجي اڳيان هڪ جوان شهزادي، تلوار جي هڪ ڌڪ سان دنبي کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. انهيءَ
واقعي مون کي شهره آفاق، فاتح صلاح الدين جي يادگيري ڏياري، جنهن جو ذڪر سر والٽر اسڪاٽ جي ڪتاب، ”صليبي پهلوانن جا قصا“ ۾ ڏنل آهي. انهن
تلوارن استعمال ڪرڻ لاءِ خاص اٽڪل کپي ۽ گهڻي آزمودي ۽ ڦڙتائيءَ جي ضرورت آهي. منهنجي حيدرآباد اچڻ کان ٿورو وقت اڳ، وزير اسماعيل شاهه جي
هڪڙي پٽ هڪڙو نهايت قيمتي تلوار جو ڦر مشق ڪندي ڀڃي وڌو هو. اسان جو انگريزي وڍ ڪٽ جو سامان جو سڄي يورپ ۾ مشهور آهي، تنهن جو ميرن جي نظر
۾ ڪوبه قدر ڪونه آهي. هنن ڪڏهن ڪونه ٻڌو هو، ته ڪو انگلستان ۾ به قيمتي تلوارون ٺهنديون آهن. هنن کي ٻڌي نهايت تعجب ٿيو، ته بادشاهه سلامت
تازو ڊيوڪ آف ناردمبر لئنڊ نالي هڪڙي لارڊ کي، هڪ لک رپين جي تلوار بطور انعام ڏني.
هنن کي ڀليءَ ڀت خبر هئي، ته اسان جي بندوقن جا گهوڙا، سندن بندوقن جي گهوڙن کان وڌيڪ ڪارآمد آهن. هنن مون کي منٿ ڪئي هئي، ته پنهنجي سرڪار کي چؤ، ته اسان کي به ڪجهه گهوڙا گهرائي ڏئي. مون
ڏٺو، ته هنن وٽ ڪيتريون قيمتي ۽ عمديون بندوقون هيون، جي کين هند سرڪار وٽان وقت بوقت تحفي طور مليون هيون. هنن، انهن بندوقن جا گهوڙا ڪڍي،
بندوقون نڪميون سمجهي، اڇلائي ڇڏيون هيون، ۽ گهوڙا پنهنجي بندوقن ۾ وڌا هئا. ميرن جي بندوقن جي شڪل ۽ نمونو پاٽنجر جي سفرنامي جي منڍ ۾ جا
تصوير آهي، ان ۾ ڏيکاريل آهي. ميرن جون بندوقون انهن ٻن بندوقن جهڙيون هيون، مگر انهن تي ڪم گهڻو ٿيل هو. بندوقن جون نريون گهڻو ڪري،
گوليءَ جي استعمال لاءِ ٺهيل هونديون آهن. اهي اڪثر قسطنطنيه جون هونديون آهن، ۽ اهي اسان جي بندوقن جي نرين کان ڊيگهه ۾ ٻيڻيون هونديون
آهن، ۽ سوراخ سوڙهو هوندو اٿن. سنڌي، سنها ڇيرا اصل ڪم ڪونه آڻيندا آهن. ۽ هنن وٽ پستولن ۽ ٽوٽيءَ وارن گهوڙن جو قدر ڪونه هوندو آهي. جڏهين
هنن، مون کي سندن هيرن جواهرن ۽ هٿيارن جي تعريف ڪندو ٻڌو، تنهن کان پوءِ هنن مان ڪيترا هر روز مختلف نمونن جا هٿيار ۽ جواهرات پهريندا هئا
۽ مون کي پنهنجون تلوارون ڏسڻ لاءِ ڏيندا هئا، جي تلوارون بادشاهن جي ڪيترين پيڙهين جي هٿن مان لنگهيون هيون. اسان جي گفتگو اڪثر انهن جي
تاريخ ۾ ٻين مڪاني ڳالهين متعلق هوندي هئي. پر بعضي بعضي انهن کان وڌيڪ دلچسپ مضمون تي به بحث ٿيندو هو. ميرن جي خيالن ۽ راين جو چٽائيءَ
سان بيان ڏيڻ مشڪل آهي، پر مون کي جيتريقدر يادگيري آهي، اوتريقدر مان انهن جي گفتگوءَ جو تفصيلوار احوال ڏيندس: پهريان، ته هو هندستان
متعلق ڪابه ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. پر جڏهين هنن ڏٺو، ته مون کي سندن سوالن جا جواب ڏيڻ تي اعتراض ڪونه هو، تڏهن هو دل کولي پڇا ڳاڇا
ڪرڻ لڳا. هنن کي اسان جي سلطنت جي آمدنيءَ معلوم ڪرڻ جو خاص انتظار هو. مون کان ڪيترا سوال پڇيائون ته: ”اجاريدار مانواري ڪمپني، انگلستان
جي بادشاهه کي ملڪ جي پـَـٽي لاءِ ڪيتري رقم ڏيندي آهي؟“ مون جو کين ان سوال جو جواب ڏنو، تنهن تي هو مطمئن ڪونه ٿيا. مون کين چيو ته:
”منهنجي خيال ۾ بادشاهه سلامت يا ڪمپنيءَ کي آمدنيءَ مان بچت ڪانه آهي، ۽ ڪن صوبن ۾ اٽلو خرچ آمدنيءَ کان وڌيڪ آهي“. تڏهن ڪرم علي عجب ظاهر
ڪري چيو ته: ”اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ توهان جي قبضي ۾ ته پنج وڏيون حڪومتون آهن؟“ مون کيس جواب ڏنو ته: ”اها حقيقت آهي، ته اسان جي قبضي
۾ تمام وسيع ايراضي آهي، پر اسان جي حڪومت جو انتظام مسلمان ۽ مرهٽن جي انتظام کان نرالو آهي. توهان فقط پنهنجي پيٽ ۽ پنهنجي فصل لاءِ ثمر
ٺاهيندا آهيو، مگر اسان پوئين لاءِ قاعدا ٿا ٺاهيون. اسان کي حڪومت مان ذاتي فائدو نه آهي، پر انهيءَ نظام مان اسان جا ٻار ۽ اسان جي رعيت
جو اولاد فائدو وٺندا“. هنن اها ڳالهه قبول ڪئي، ته اسان حق تي هئاسين، ۽ چيائون ته: ”توهان بيشڪ عقل جي زور تي هندستان هٿ ڪيو آهي.“
رياست ڀرتپور بنسبت هنن ڪيترا سوال پڇيا، ۽ خاص ڪري لڙائيءَ جو سبب. مون جواب ڏنومان ته: ”راجا سرڪشي ۽ هٺ ڪري، پنهنجي سر تي پاڻ ئي مصيبت آندي هئي. هن جي اهڙي روش هئي، جا ڪابه وڏي حڪومت
برداشت نٿي ڪري سگهي، تنهنڪري ڀرتپور جو قلعو جنهن تي هيڏو گهمنڊ هوندو هونِ، سو ڪيرائي زمين دوز ڪيو ويو هو“. منهنجي انهيءَ قول يا شايد
سندن دل ۾ بيچيني ۽ کٽڪو پيدا ڪيو. جواب ڏنائون ته: ”توهان جيڪا حڪومت ڪئي آهي، ان ۾ ڏڦير هو. اهڙو ڪوبه ملڪ نه آهي، جت حاڪم ۽ رعيت هڪٻئي
سان ٻڌل هجن ۽ اهو توهان رستو ورتو هجي“. لاشڪ اميرن کي خام خيال ويٺل هو، ته اسان جو خوشحال ۽ يڪمشت ملڪ، ڪنهن به ڌاريي فاتح جو چڱيءَ طرح
مقابلو ڪري سگهندو. مون سندن ڌيان هندستان جي تاريخ ڏانهن ڇڪايو، ۽ چيومان ته: ”جڏهن به ڪنهن حاڪم جي قسمت
(1)
بگڙي آهي، تڏهن سندس ئي درٻاري کيس ڌوڪو ڏيئي، ڇڏي ويا آهن“. هنن برما جي لڙائيءَ جو پڻ ذڪر ڪيو، ۽ چيائون ته: ”توهان جا گهڻا ماڻهو ان ۾
زيان ٿيا آهن؟“ مون کين ٻڌايو، ته دشمن، ملڪ جي وڏي ايراضي ڏئي، اسان سان صلح ڪيو هو“. ان ڳالهه جي کين خبر ڪانه هئي، ۽ شايد کين اها خبر
چڱي به نه لڳي.
ڪڇ جي معاملي ۾، ميرن سڀ کان وڌيڪ دلچسپي پئي ڏيکاري. هو وري وري انهيءَ ڳالهه تي پئي آيا، ۽ نهايت باريڪ سوال پئي پڇيائون. سڀني چيو ته، ”ڪڇ هڪ اهڙو صوبو آهي، جو دنيا جو بهترين شڪار گاهه
ٿي سگهي ٿو.“ مون کان ڪيترا دفعا پڇيائون ته: ”اتي شڪار ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي، ۽ انگريز سوئرن جو شڪار ڪيئن ڪندا آهن؟“ هو ٻڌي ٻڌي ڏاڍو
خوش ٿيا، ته هڪڙي ضلعي جي عملدار جي هڪ ٽوليءَ، هڪ مهيني ۾ سٺ کان به وڌيڪ جهنگلي سوئر ماريا هئا. هڪڙي ڏينهن چيائون ته: ”جي توهان کي
ڀـُـڄ جي فوج ٻيءَ ڪنهن جاءِ تي ڪم آڻڻي هجي، ته اسان دوستيءَ ۾ پنج - ڇهه هزار بلوچ سپاهي موڪلي، ڀڄ جي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟“ مان
جيڪڏهين انهيءَ ڳالهه تي ظاهري بيپرواهي نه ڏيکاريان ها، ته هو جيڪر اها تجويز لکت ۾ موڪلين ها.
هنن ڪيترا دفعا مون کان پڇيو ته: ”توهان کي ڪڇ جهڙي ويران ملڪ، جنهن جو خرچ آمدنيءَ کان وڌيڪ آهي- رکڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟“ هڪ لڱا مون کي چيائون ته: ”جيڪڏهن توهان جي سرڪار ڪڇ جي حڪومت
اسان جي حوالي ڪندي، ته اسان خراج ڏيڻ جو ذمو پاڻ تي کڻنداسين، ۽ ان لاءِ شاهوڪار واپاري ضامن ڏينداسين“. مون کانئن پڇيو ته: ”انهيءَ نموني
جي انتظام کان توهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جو اسان ائين به ڪريون؟“ هنن جو رايو هو، ته راءَ جا وزير پيدائش کائي ٿا وڃن. مون خاطري ڏني مان
ته ڪڇ ۾ سچ پچ دولت ڪانه آهي. مراد عليءَ چيو ته: ”اسان پاڻهي پيداوار وڌائڻ جو ڪونه ڪو طريقو ڳولي ڪڍنداسين“. جڏهن هنن انهيءَ معاملي ۾
گهڻي دلچسپي ڏيکاري، تڏهن مون کين چيو ته: ”اسان کي پنهنجن عهد و اقرارن لاءِ عزت آهي. اهي اسان لاءِ نقصانڪار هجن يا نه، پر اسان کي اهي
ضرور پاڙڻا آهن“. هنن کي البت تعجب ٿيو، پر جڏهن مون چيو ته: ”اسان ڪڇ جي حفاظت پنهنجي خون جي خزاني سان اهڙيءَ طرح ڪنداسين، جهڙي طرح ڪنهن
زرخير ۽ آباد پرڳڻي جي“.
هنن کي روس ۽ ايران جي لڙائيءَ، بلڪ تبريز جي فتح، جنهن جي خبر کين حيدرآباد ۾ منهنجي هوندي ملي هئي، تنهنجي معلومات ڪانه هئي. هو رنجيت سنگهه کي سک ڪري سڏيندا هئا، ۽ سندس نالو عزت سان
ڪونه وٺندا هئا. هنن هڪڙي دفعي مون کي غصي ۾ چيو ته: ”هو مومن مسلمان کي پنهنجي ويجهو اچڻ ڪونه ڇڏيندو آهي“. پنجاب جي ڪاروبار متعلق، مراد
عليءَ مون کان پڇيو ته: ”توهان سيد احمد شاهه کي، جو سکن سان جهاد ڪري رهيو آهي، پئسي جي مدد ڪريو ٿا يا نه؟“ مون کين چيو ته: ”توهان جي
مغز ۾ اهڙو خيال ڪيئن آيو آهي؟ سڀڪنهن کي خبر آهي، ته سيد پنهنجي مذهب لاءِ وڙهي رهيو آهي“. پر منهنجي جواب تي هو مطمئن ڪونه ٿيا. چيائون
ته: ”شايد ممبئي سرڪار، جنهن جي تون نوڪري ۾ آهين، تنهن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر نه آهي، پر بنگال وارن کي سڀڪجهه معلوم آهي“.
مون کي اهو ڏسي ٻڌي البت تعجب ٿيو، ته هنن کي بادشاهه سلامت، شاهي خاندان ۽ انگلستان جي ٻين معاملن بنسبت چڱي ڄاڻ هئي. هڪڙي دفعي چيائون ته: ”انگريز خلاصي ۽ بلوچ سپاهي دنيا جا بهترين
آهن“. هنن کي نيپولين جي خصلتن ۽ هار جي خبر هئي، پر سندس موت جي خبر اڃا ڪانه پهتي هئن. ماتا جي ٽڪن جي هنن خبر ٻڌي هئي. جڏهن مون کين ٽڪن
جا فائدا ٻڌايا، تڏهن چيائون ته: ”اسان سنڌ ۾ به شروع ڪنداسين“، ۽ مون کي وڌيڪ چيائون ته: ”تون انهيءَ معاملي ۾ اسان کي مدد ڪر“. ڳالهين
ڳالهين تان مون، کين ٻاڦ جي انجڻ جي اهم ايجاد جي خبر ٻڌائي، مگر کين هن معاملي ۾ انگلستان جي آمدنيءَ بابت يقين ڪونه ٿيو. سمجهيائون، ته
اهي سيلانين جون ڏند ڪٿائون آهن. هو اها ڳالهه ٻڌي خوش، ٿيا، ته مون کي سندن خاندان جي تاريخ، جنهن تي فخر ڪندا هئا، تنهن جي چڱي خبر هئي.
هنن مون کي پنهنجي ڏاڏي مير بجار جي تلوار ڏيکاري، جنهن جي قتل جي ڪري، ڪلهوڙن جي گهراڻي جو خاتمو ٿيو هو. مون کين مير بجار جي حج تي وڃڻ ۽
ساڻس ڌوڪي ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌائي، جا ٻڌي هو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ البت تعجب به لڳن.
منهنجي هڪڙيءَ ڳالهه ميرن جي پيشانيءَ ۾ گهنڊ آندو: هڪڙي ڏينهن سندن وزير سان ڪابل جي حڪومت بابت ڳالهائيندي، مون سندس حاضريءَ ۾ هڪ وڏو هندستان جو نقشو کولي ڏٺو. وزير اها ڳالهه وڃي ميرن
سان ڪئي. هنن جي نظر ۾ اها هڪ نادر شيءِ هئي، ۽ مون کي چيائون ته: ”اسان کي ڏيکار“. مون نقشو درٻار ۾ کڻي وڃي کين ان جو مطلب سمجهايو. هنن
کي نهايت تعجب لڳو، جڏهين مون کين آڱر سان منزل بمنزل سنڌ، جيسلمير ۽ لاهور جا سمورا رستا ڏيکاريا. ۽ چيومان ته: ”آءٌ هن نقشي جي مدد سان،
سواءِ رستي پڇڻ جي توهان جي ساريءَ حڪومت مان گهمي سگهان ٿو“. اها ڳالهه خلاف مصلحت هئي، پر ان وقت آءٌ پاڻ کي جهلي نه سگهيس، ۽ سندن مختصر
ملڪ کي هٿ سان ڍڪي، هندستان جي شاهي ۽ شاندار سلطنت جون حدون ڏيکاريم. پهريائين، ته هنن لاپرواهي ڏيکاري، ۽ چيائون ته: ”اسان کي به توهان
جي حڪومت جي ايتري ئي خبر آهي، جيتري توهان کي اسان جي حڪومت جي خبر آهي“. پر ان کان پوءِ، هو انهيءَ ملاقات ۾ سمورو وقت ڳنڀير هئا. تنهن
کان پوءِ مون کي ڪن ماڻهن مان، جي درٻار مان مون کان پوءِ نڪتا، خبر پئي ته هنن نقشي جي ڳالهه وري دهرائي هئي. انهيءَ ڳالهه منجهن تشويش ۽
اضطراب پيدا ڪيو ۽ فرنگين کي اسان جي ملڪ جي سموري خبر آهي.
ميرن جي درٻار جي نشست برخاست جو احوال مان هينئر ڏئي آيو آهيان. مير جيڪڏهن تندرست هوندا آهن، ته مهيني ۾ ٻه دفعا پنهنجن پنهنجن شڪار گاهن ڏانهن ويندا آهن. انهن موقعن تي هنن سان هڪ وڏو
جلوس ساڻ هوندو آهي. هو اڳواٽ اهو به ظاهر نه ڪندا آهن، ته ڪٿي وڃڻو اٿن. اهڙيءَ طرح هو پنهنجو شوق به پورو ڪندا آهن، ۽ مختلف ضلعن جي
ماڻهن کي ڊپ ۾ به رکندا آهن. هو شڪار ڪرڻ لاءِ بازن ۽ ڪتن سان نڪرندا آهن، پر هنن جي شڪار جو نمونو يورپي شڪارين کي پسند نه آهي. هو اُن ۾
ڪڏهن ڪونه بيهندا آهن. هو آرام سان ڪنهن محفوظ جاءِ ۾ ويهي، چڱيءَ طرح شست وٺي هرڻ ۽ سوئر ماريندا آهن، جي ڪنهن چشمي يا کڏ مان پاڻي پيئڻ
لاءِ وٽانئن لنگهندا آهن، ۽ سندن پوئلڳ تاڙيون وڄائيندا ۽ ساراهيندا اٿن.
شڪارگاهه وڏا جهنگ آهن. انهن کي اهڙيءَ طرح لوڙها ڏنل هوندا آهن، جيئن انهن مان جانور نڪري نه سگهن. جڏهن مير صاحب شڪار تي ويندا آهن، تڏهن سڀ کـُـهيون بند ڪيون وينديون آهن ۽ فقط هڪڙي
کـُـهي جا سندن تنبن يا بنگلن جي ڀرسان هوندي آهي، سا کليل رکندا آهن. پوءِ ”تـَـڙ“ ٿيندي آهي ۽ جانور پاڻيءَ جي ڳولا ۾ اچي پنهنجو ساهه
ڏيندا آهن. بعضي هو ٻن لڳو لڳ شڪارگاهن جي وچ ۾ کڏڻا ٺاهي، انهن ۾ ويهندا آهن. پوءِ ٻه - ٽي سـَـوَ بندوقن وارا وڃي، هڪڙي شڪار گاهه ۾ تڙ
ڪندا آهن. ٽٺل جانور هڪ شڪار گاهه کان ٻيءَ ڏانهن ڳٿن مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ امير اتي ماريندا ويندا اٿن.
مير گهوڙي تي شڪار اصل ڪونه ڪن. بعضي بعضي هو اُٺ تان ”گرگ“ ڪري، هرڻ جو شڪار ڪندا آهن. شڪار ڪرڻ جي هنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به اجازت ڪانه هوندي آهي. اهڙو شڪار ورلي ٿيندو آهي، جنهن ۾ ٻه
- ٽي رعيتي ماڻهو بندوقن يا سوئرن جي هٿان ماربا نه آهن! سنڌ جا سڀ وڏا ماڻهو جڏهن ٻاهر نڪرندا آهن، تڏهن سندن بازن وارا پنهنجن شـِـڪرن
سميت ساڻ هوندا اٿن. ڪرم علي وٽ مون هڪڙو باز ڏٺو، جنهن جي قيمت ٻه هزار رپيا هئي. مير صاحب جن، مون کي به هڪڙو قيمتي باز تحفي طور ڏنو هو.
چون ٿا ته سڀ کان سٺا باز، ترڪستان ۽ ڪابل جي اتر واري علائقي مان ايندا آهن.
سنڌ خواهه ٻين مشرقي ملڪن ۾ درٻاري حاڪم جي حضور ۽ حڪم ۾ رهندا آهن. سنڌ ۾ درٻارين کي جو رتبو حاصل هوندو آهي، تنهن جو سارو دارومدار ميرن جي شفقت تي هوندو آهي. انهن درٻارين بنسبت گهڻو
ڪجهه لکڻ اجايو آهي. درٻار ۾ هنن کي جنهن صفائيءَ ۽ شان سان رهڻو پوندو آهي، سو سڀڪجهه هو پاڻ سان گهر ڪونه کڻي ويندا آهن. هو گهڻو ڪري
تمام غريب هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سموري دولت حاڪمن جي هٿ ۾ هوندي آهي، کين ٺٺ ٺانگر ڪرڻ جي وصيت ڪانه هوندي آهي. مير جي خاص ماڻهن کي
سون چڙهيل تلوارون هونديون آهن، جن مان کين سڃاڻي سگهبو آهي. مير جڏهن ڪنهن تي راضي ٿيندا آهن، ته انهن کي اهڙيون تراريون انعام ڏيندا آهن.
رواج آهي، ته درٻار ۾ اهي جڙائو هٿيار به پهريا ويندا آهن، جي ميرن جا ڏنل نه هوندا آهن. مير تحفن ڏيڻ ۾ اڪثر ڪفايت شعاريءَ کان ڪم وٺندا
آهن، جنهنڪري سندن تحفن جو قدر ڪيو ويندو آهي. وڏين خدمتن لاءِ، مير بعضي بعضي، پر ورلي پنهنجون هيرن سان جڙيل تلوارون انعام ڏيڻ فرمائيندا
آهن.
جتي سڀ تابعدار آهن، اتي آزاديءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. سنڌ جا درٻاري پنهنجن عهدن تي فقط ڪامل اطاعت، بالادستن جي عاجزيءَ ۽ خوشامد ڪرڻ سان ئي رهي سگهن ٿا. هو جنهن نموني ۾ اجنبي ماڻهن ۽
هڪٻئي جي چاپلوسي ڪندا آهن، سا يورپي ماڻهن کي اڻسهائيندڙ لڳندي آهي. مون ڪي به وڏي عهدي جا ماڻهو هڪٻئي جي ذليل خوشامد ڪرڻ کان سواءِ
گڏجندي نه ڏٺا. وري اهي ٻيئي گڏجي مون کي آسمان تائين پڏائيندا ۽ منهنجي اجائي ۽ واهيات تعريف ڪندا هئا. هنن جو تڪلف نهايت ڏکوئيندڙ هوندو
آهي. هڪ ملاقات دوران، مون سان چار- پنج دفعا ساڳين لفظن ۾ خوش خير عافيت ڪندا هئا. جنهن وقت مان ڪرسيءَ تان اٿندو هئس، ته سڀ جماعتي اڀا
ٿي بيهندا هئا، تيستائين بيٺا هوندا هئا، جيستائين مان نه ويهندو هوس. پوءِ وري هڪٻئي کي سلام ڪري سڀ ويهندا هئا. آءٌ ڀانئيان ٿو، ته هن
معاملي ۾ هو ڪابل ۽ ايران جي درٻارين جو نقل ڪندا آهن.
مير مراد عليءَ جي خوءِ متعلق جيڪي مون لکيو آهي، ان مان ظاهر آهي، ته هو اهو حاڪم نه آهي، جو ٻين جي صلاح تي هلي. اهڙي خشڪ مزاج ۽ اڻميل حاڪم بابت اهو چوڻ مشڪل آهي، ته هو ڪنهن تي مهربان
آهي. ڪو به نه چئي سگهندو، ته هن جي ملول دل ۾ ڇا ٿو وهي واپري! ڪو ائين ڪونه چئي سگهندو، ته هن جو مون ۾ ڪو ڀروسو آهي! تنهن هوندي به ٻه
اهڙا شخص آهن، جي ڪيترن سببن ڪري سنڌ جي درٻار ۾ اهميت رکن ٿا، ۽ جن جو هت خاص ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. اهي آهن: ولي محمد خان ۽ سيد اسماعيل
شاهه ميرن جا مکيه ٻه وزير جن جي مختصر احوال ڏيڻ جي آءٌ هت ڪوشش ڪندس. انهن ٻنهي کي سرڪار وٽان وڏيون پگهارون ملنديون آهن، ۽ هنن لاءِ
پالڪيون ۽ حمال مقرر ٿيل آهن، جا عزت ملڪ ۾ ٻئي ڪنهن به رعيتي ماڻهوءَ کي حاصل نه آهي.
مير، خود نواب ولي محمد لغاريءَ کي سنڌ جو وزير ڪري سڏيندا آهن. مير جي حڪومت ۾ ٽالپر خاندان جي ڀاتين کان پوءِ، ’نواب‘ کي هڪ اهم شخص ڪري سمجهڻ گهرجي. هو پاڻ هڪ بااثر قوم جو فرد آهي، جنهن
هاڻوڪن حاڪمن جي سرفرازيءَ ۾ ميدان جنگ ۾ پاڻ موکيو هو. هو هميشه سندن وفادار ۽ ڪارگر خادم ٿي رهيو آهي. هن ۾ نه فقط سندس مالڪن جو پورو
پورو ويساهه آهي، پر هن کي عام ماڻهن جي عزت ۽ محبت به حاصل آهي، جا ڳالهه هڪ خودمختيار حڪومت ۾ غير معمولي آهي. هو حڪومت جي اندروني
ڪاروبار ۾، ميرن جو صلاحڪار آهي. هن کي ايتري قوت آهي، جو هو پنهنجي تدبير ۽ نرميءَ سان درٻار جي ظلم ۽ زبردستيءَ جي تشدد کي گهٽائي سگهي ۽
هو اهڙو موقعو هٿن مان ڪڏهن ڪين وڃائيندو آهي.
هن عمر رسيده ۽ معتبر بزرگ کي پنهنجي مالڪن جي ڀلائيءَ جي اوني سيکاريو آهي، ته انگريز سرڪار سان دوستاڻا تعلقات رکڻ ضروري آهن. ميرن مون کي هن جي صلاح تي دعوت ڏيئي، پاڻ وٽ گهرايو ۽ رهايو
هو. ولي محمد خان چڱو خاصو ستر ورهين جي ڄمار جو هوندو. هن جي حياتي گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري، جي هو گذاري ويو، ته مير هڪ وفادار خادم، ۽ سنڌ
جا ماڻهو هڪ مهربان محافظ وڃائيندا. هن جو پٽ ٽيهن ورهين جو عياش جوان آهي، جنهن ۾ پيءُ جي ڪابه وصف ڪانه آهي. نواب هڪ چڱي پايي جو شاعر
آهي. ائين آهي، ته هن جو شعر مداحن سان لبريز آهي، پر ان ڪري هن جي شعر جي گهٽتائي ڪرڻ نه کپي، ۽ نه هن کي فارسي مصنفن تان نقل ڪرڻ ڪري
ڏوهه ڏيڻ کپي. هن حڪمت جي عنوان تي ڪيترا بند لکيا آهن، جي قديم حڪيمن جي خيالن ۽ اصولن تي ٻڌل آهن. پر ماڻهو انهن کي سندس ايجاد ڪري
سمجهندا آهن. ان ڪري هو سنڌ ۾ هڪ وڏو فاضل سمجهيو ويندو آهي. هن ڪيترن مرضن جي علاج تي هڪڙو ننڍڙو رسالو پڻ لکيو آهي، جو مير مراد عليءَ جي
نالي پٺيان سڏبو آهي ۽ مير صاحب ان تي فخر ڪندو آهي.
سيد اسماعيل شاهه سرڪار جو بيروني معاملن ۾ صلاحڪار آهي. جهڙيءَ طرح نواب ولي محمد خان اندروني معاملن جو صلاحڪار اٿن. مير، اسماعيل شاهه کي نواب ولي محمد کان پوءِ ٻئي نمبر ۾ عزت ڏيندا
آهن. هو رسول صلي الله عليه وسلم جن جي اولاد مان آهي، جنهنڪري مير هن جو احترام ڪندا آهن. ازانسواءِ هنن کي خيال ويٺو آهي، ته هو نهايت
داناءُ ۽ آزمودگار آهي. هن جو پيءُ ايراني هو، جو اٽڪل پنجاهه سال اڳ سنڌ ۾ لڏي اچي ويٺو هو. هو پونين ڪلهوڙن وٽ حڪيم جي حيثيت ۾ نوڪري
ڪندو هو. تنهن کان پوءِ هو ميرن جو طرفدار ٿيو، جن کيس پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکيو. اسماعيل شاهه کي سنه 1820ع ۾، ممبئيءَ سفير ڪري موڪليو ويو.
اسماعيل شاهه جي پهچڻ تي جڏهن ٻن حڪومتن جي وچ ۾ لڙائي لڳڻ جو امڪان هو، ان وقت هن جي چڱي خاطرداري ڪئي ويئي هئي ۽ مسٽر ايلفنسٽن مٿس خاص
مهربان هو. هو مون سان اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو. پر اها عام خبر آهي، ته هو وفادار دوست نه آهي، ۽ انگريزن جي بلڪل فائدي ۾ نه آهي. اسماعيل
شاهه شڪل شبيهه ۾ معتبر آهي، ۽ نشست برخاست جو ڍنگ اٿس. هو اٽڪل پنجاهه ورهين جو ٿيندو. هو البت خودپسند آهي ۽ ڏيکاريندو ائين آهي، ته عام
ماڻهن جي زبان يعني سنڌيءَ کان غير واقف آهي. هو فارسيءَ کان سواءِ ٻيءَ زبان ۾ نه ڳالهائيندو آهي، ۽ نه ٻڌندو آهي. هن کي ڪڏهن ڪڏهن ڪابل
جي درٻار ۾ موڪليو ويندو آهي. هن مون کي ٻڌايو، ته جڏهن مسٽر ايلفنسٽن ڪابل سفارت وٺي ويو هو، تڏهين هو به اتي وڪيل جي حيثيت ۾ موجود هو.
هو منصوبي بازي ۽ بهاني سازيءَ جي آئين ۾ ڀڙ آهي، جنهن جي ايشيا جي وزارتن ۾ سخت ضرورت هوندي آهي. هن کي ڪيترا پٽ آهن، جن کي حڪومت ۾ وڏا
وڏا عهدا مليل آهن. انهن مان هڪڙو، تازو سفير ٿي، ممبئيءَ ويو هو، ۽ ٻيو شڪارپور ۾ ميرن جو عيوضي آهي. هو پاڻ يارنهن سؤ رپيا ماهوار پگهار،
حڪيم جي حيثيت ۾ کڻندو آهي، حيدرآباد ۾ اهو وڏي ۾ وڏي پگهار وارو عهدو آهي، پر مير هن جي نسخن تي گهڻو ڌيان ڪونه ڏيندا آهن.
اها فطرتي ڳالهه آهي، ته سنڌ جي درٻار جي ٻن وڏن عملدارن جي وچ ۾ ڪا رقابت نه هجي. هو نه فقط مالڪن وٽ پاڻ کي سرخرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر اهڙيون اڍنگيون ڳالهيون ڪندا آهن، جن تي يورپي
مدبرن کي کل ايندي آهي. هو ٻيئي پاڻ کي حڪمت جا ماهر ۽ حاذق حڪيم ڪري سمجهندا آهن. ٻيئي مصنف آهن ۽ پنهنجن تصنيفن تي فخر اٿن. هنن جي علمي
لياقتن تي فتوا ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، ۽ مون هميشه پنهنجيءَ راءِ ڏيڻ کان پاسو پئي ڪيو آهي، پر ميرن، ٻنهي جي علمي لياقتن جو صحيح اندازو
لڳايو آهي. اسماعيل شاهه کي وظيفو ڏنو اٿن، ۽ نواب کي شهرت. هنن جي اخلاقي وصفن جي ڀيٽ ڪري نٿي سگهجي. ميرن جو ولي محمد ۾ ڪلي اعتماد آهن،
پر هو سندس رقيب جي ايمانداريءَ ۾ شڪ رکندا آهن، ۽ ان ۾ هو حق بجانب آهن. نواب هڪ سنئون سڌو ۽ سخي مڙس آهي، ۽ اسماعيل شاهه مغرور ۽ تنگ دل
سيد، فقط پنهنجي نسب ۽ ماڻهن جي طرفداريءَ ڪري چڙهيو آهي، ۽ خان، عمر ڀر جي وفاداريءَ ۽ مخلصيءَ ڪري. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ته سنڌ ۾
انهن وصفن جو قدر ڪيو ويو آهي.
انهن عملدارن کان پوءِ، ٻيو درجو آهي ڪن درٻارين جو، جي رات ڏينهن ميرن جي خدمت ۾ حاضر هوندا آهن، يا بلوچ قومن جا سردار آهن، جنهنڪري اهي خاص اثر رکن ٿا. انهيءَ طبقي مان پهريون شخص، جو
قابل ذڪر آهي، سو آهي مرزا خسرو. هو اصل هڪ جرجي غلام آهي، هن کي ارڙنهن سال اڳ مير ڪرم عليءَ خريد ڪيو هو. هاڻي کيس گود جو پٽ ڪري ليکيندو
آهي. هاڻي هو مراد عليءَ جو لاڏلو نه آهي ۽ سياسي حيثيت ڪانه اٿس. جيتوڻيڪ سنه 1823ع ۾ هو ممبئيءَ جو سفير هو. هو گوشه نشيني پسند ڪندو
آهي. هن ڪيترا شعر لکيا آهن، جن لاءِ هو سنڌ ۾ مشهور آهي. مگر شعر هن ڪرم عليءَ ڏانهن منسوب ڪيا آهن، جنهن کي شاعر سڏائڻ جو شوق آهي. مون
هڪڙي ڏينهن، مير صاحب کان سندس ڪو شعر تلوار تي لکڻ لاءِ گهريو، ته هن هڪدم مرزا خسروءَ کي گهرايو، ۽ هن سان سس پس ڪري، هڪ شعر ڏنائين، جو
چيائين، ته سندس لکيل هو(1)
.
مرزا باقر به هڪڙو جرجي جوان آهي، جنهن تي ڪرم عليءَ جي نظر عنايت آهي. محمد خان کوکر ۽ خير محمد ٺوڙهو به سردار آهن، جن تي مير صاحب جو راز آهي. مير صاحب هڪڙي موقعي تي مون کي چيو، ته
بهادر خان سندس پوئلڳن ۾ سڀ کان وڌيڪ بهادر ۽ ممتاز شخص آهي. هو ٻيئي با اثر بلوچ قومن جا سردار آهن، ۽ هميشه درٻار ۾ رهن ٿا، جتي کين وڏين
ذميدارين ۽ وڏين پگهارن وارا عهدا آهن. خير محمد، مراد عليءَ جي خانگي ڪاروبار جو عام مختيار آهي.
نواب ولي محمد جو ڀاءُ، غلام الله لغاري(1) ، عمرڪوٽ جي مشهور قلعي جو محافظ آهي، جتي چيو وڃي ٿو، ته سنڌ جي حاڪمن جو ڪيترن ڪروڙن جو خزانو رکيل
آهي. فتح عليءَ حڪومت هٿ ڪرڻ کان پوءِ، هڪدم ڪلهوڙن جي شاهي خزاني تي قبضو ڪيو هو. ان کان پوءِ ان خزاني ۾ گهڻو اضافو ٿيو آهي، ۽ هاڻي ميرن
وٽ ججهي دولت هوندي! مير، پئسو جمع ڪرڻ کي هن دنيا جو توشو ڪري سمجهندا آهن، پر امڪان آهي، ته انهيءَ ترتيب جو حشر به اهو ٿيندو، جو تاريخ
جي ٻين اهڙين تجويزن جو هميشه پئي ٿيو. اهو خزانو ڪنهن قسمت واري ڌاڙيل جي ور چڙهندو، جو اهو سندن ۽ سندن خاندان جي خلاف استعمال ڪندو.
سخندان هيوم (Hume)
چوي ٿو ته: اهو خزاني گڏ ڪرڻ جو لازمي نتيجو آهي.“
منشي خوشيرام هڪڙو هندو آهي، جنهن کي مير منشيءَ جي حيثيت ۾ هڪ سؤ رپيا مهينو ملندو آهي. هن کي ڪو اثر ڪونه آهي. سرڪاري خط سڀ هو لکندو آهي، ۽ چون ٿا، ته خطن جي ترش زبانيءَ لاءِ هو ئي
جوابدار آهي. هن جي غير حاضريءَ ۾، مون ڏي جيڪي ميرن جي طرفان خط آيا هئا، سي سڀ هن جي لکيل خطن کان وڌيڪ خوش اخلاقيءَ جا هئا. مير، ٻين
ماڻهن ڏي جيڪي خط لکندا آهن، تن ۾ خوش اخلاقي گهٽ هوندي آهي، پر هو انهيءَ ڳالهه جو گهڻو خيال رکندا آهن، ته کين جيڪي خط لکيا وڃن، سي
بافضيلت ۽ بامروت هجن. هنن جي اها عادت هيٺئين قصي مان واضح ٿيندي: آءٌ جڏهن درٻار ۾ هوس، تڏهن سرجان مالڪوم ۽ مسٽر ايلفنسٽن وٽان کين ڪي
خط پهتا هئا، جن ۾ کين ممبئيءَ جي حڪومت تبديلين متعلق اطلاع ڏنل هو. خط ۾ هر هڪ القاب ۽ عبارت جو هڪ هڪ لفظ توري تڪي لکيو ويو. منهنجي
روبرو مراد عليءَ، ڀاءُ کي چيو، ته سرجان جي خط ۾ هڪڙو اصطلاح اهڙو مؤدبانه نه هو، جهڙو ٻئي خط ۾ هو.
سنڌ جي ماڻهن متعلق ڪجهه به لکڻ منهنجي مقصد کان ٻاهر آهي، نه ڪي مون کي انهن جي اخلاق ۽ ٻين وصفن لکڻ جو ڪو ارادو آهي. انهن ڳالهين تي ٻين مصنفن اڳيئي تفصيلوار مضمون لکيا آهن.(1) آباديءَ جو پورو اندازو ڪري نٿو سگهجي. ڪئپٽن هئملٽن لکي ٿو ته: ”اڳئين صديءَ جي منڍ ۾،
سنڌ ۾ ڏهن هندن پٺيان هڪ مسلمان هوندو“. ڏسجي ٿو ته طهر جي تيز ڇريءَ ملڪ ۾ ڏاڍا ويل ڪيا آهن. هن وقت آءٌ سمجهان ٿو، ته مخالف طبقا هڪجيترا
آهن، اڃا به مسلمان وڌيڪ هوندا. سنڌ جو سرڪاري مذهب قرآن مجـيد تان ورتل آهي. اهڙيءَ طرح عدل ۽ انصاف جو طريقو به شرعي آهي. جيڪڏهن ڌريون
مسلمان هونديون آهن، ته قاضي عدل کان ڪم وٺندا آهن. پر قاضيءَ کي حڪومت جي خلاف شڪايتن ٻڌڻ جي جرات نه ٿيندي آهي. هن جي نوڪري ميرن جي رحم
۽ ڪرم تي هوندي آهي. تنهنڪري هو حاڪمن تي چوڪسي نه رکي سگهندو آهي، جيتوڻيڪ قانون کيس اهڙي اختياري ڏئي ٿو.
مون هن ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ ڏيکاريو آهي، ته هندن کي ڪهڙي نموني جو انصاف ملندو آهي. هو گهڻو ڪري پنهنجا فيصلا حڪومت جي اختياريءَ وارن بدران پنئچاتن يا امينن کان ڪرائيندا آهن. بلوچ اڪثر پنهنجا
فيصلا پاڻ ڪندا آهن. هو قصاص جو سولي اصول ۾ ويساهه رکندا آهن، مير به گهڻو ڪري هنن سان دست اندازي نه ڪندا آهن. پر جڏهن شخصي اختلافن جو
سڄين قومن تي اثر پوندو آهي، تڏهن هو جبرا= فيصلو ڪندا آهن، يا ڌرين جو ٺاهه ڪرائيندا آهن. آءٌ جڏهن حيدرآباد ۾ هوس، تڏهن اهڙي قسم جو هڪ
شديد جهڳڙو هڪ خسيس ڳالهه تان ٿيو هو. مير صاحبن کي ان جهڳڙي ۾ دخل ڪرڻو پيو. هنن مخالف ڌرين کي منهنجي روبرو درٻار ۾ گهرايو، ۽ مٿن
گهمائي، کانئن وعدو ورتو ۽ هو وري هڪٻئي سان نه وڙهندا.
سنڌ جي فوج منهنجن اميدن جي بلڪل خلاف ثابت ٿي. آءٌ ڪجهه وقت ڪڇ ۾ رهيو هوس، جتي حملن ۽ لڙاين جا هر وقت افواهه ٻڌبا هئا. مون کي ۽ ڪڇ جي ماڻهن کي خيال ۾ ويٺل هو، ته حيدرآباد ۾ ڪا زبردست
فوج رکيل آهي. پر حقيقت ۾ بلڪل ان جي خلاف آهي. قلعي جي حفاظت لاءِ فقط بلوچن جو هڪ ننڍڙو دستو رکيل آهي. ان کان سواءِ ميرن وٽ هٿياربند
سپاهي تمام ٿورا رکيل آهن، ۽ اهي به حقارت جهڙا! پر ڪيترن قومن جا سردار مستقل طور درٻار ۾ رهندا آهن. هو ڪنهن مخفي نموني ۾، ٿورن ڏينهن
اندر پنهنجي قومن جا ماڻهو گڏ ڪري سگهندا آهن، جي هونءَ پوکي راهيءَ جا ۽ ٻيا رواجي ڌنڌا ڪندا آهن. چون ٿا، ته انهيءَ طريقي سان سرڪار اٽڪل
چاليهه هزار ماڻهو گڏ ڪري سگهي ٿي. ڪئپٽن سيٽن پنهنجي روبڪاريءَ ۾ لکي ٿو ته: ”هنن کي هڪ پئسو روز ملندو آهي، جڏهن هو فوجي خدمت بجاء
آڻيندا آهن“. آءٌ سمجهان ٿو، ته اها هن جي ڀـُـل آهي يا اهو قديم زماني جو ڪو قاعدو آهي. مون ٻڌو آهي، ته گهوڙيسوارن کي ٽيهن رپين جي معقول
رقم مهيني ۾ ملندي آهي. ممڪن آهي، ته ڪنهن وقت سڄي مسلم آبادي يڪمشت اٿي کڙي ٿئي. پر دنيا جي هن ڀاڱي ۾ حب الوطنيءَ جو نالو نشان به نه
آهي. ٿي سگهي ٿو، ته ڪو رياڪار مجذوب ۽ مذهبي جنون جو فائدو وٺي، ملڪ کي ڀڙڪائي.
|