پر ڪلهوڙن جي بدبخت خاندان تي نه انهيءَ فياض دليءَ ۽ نه سندن اڳوڻي آزمودي جو ڪو اثر پيو. ميان عبدالنبيءَ انهيءَ ماڻهو جي ڪرم سان مسند تي ويٺو هو، جنهن کي سندس خاندان سخت آزاريو هو. پر
گاديءَ تي ويهڻ سان ئي هن مير بجر خان کي مارائڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ هو آخر هڪ هندو ساٿيءَ جي مدد سان ڪامياب ٿيو.
(1)
هن واقعي کان پوءِ، ٽالپرن جي غصي جي حد نه رهي: هو سڀ هٿيار کڻي، اٿي کڙا ٿيا. ڪيتريون ئي خونخوار لڙايون ٿيون، جن جو نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ جي حڪومت جو نقشو ئي
بدلجي ويو. ميان عبدالنبي بلوچستان جي جبلن ڏانهن ڀڄي ويو، جتان هن پنهنجي حڪومت وري هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون. هڪڙيءَ ڪوشش ۾ هو ڪابل جي بادشاهه جي مدد
سان ڪجهه قدر ڪامياب ٿيو، ۽ مير بجر جي پٽ عبدالله خان کي مارائي، پنهنجي ڏوهن جي فهرست ۾ اضافو ڪيائين. هن پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن جلاوطنيءَ، غربت ۽ ذلالت ۾
گذاريا. (1) ملڪ جي ڪاروبار جو انتظام اتفاق راءِ سان مير صوبدار جي پٽ ۽ مير بهرام جي پوٽي، مير فتح علي خان جي حوالي ڪيو
ويو، جنهن جي بهادريءَ استقلال ۽ جوش جي ڪري، ملڪ جي حالتن ۾ ڦيرو آيو هو. تنهن کان پوءِ جلد ئي تيمور شاهه کيس سنڌ ڏيئي، ملڪ جو حاڪم تسليم ڪيو. انهيءَ اعليٰ
مرتبي کي رسڻ کان پوءِ، هن نهايت فياض دليءَ کان ڪم وٺي، پنهنجن ٽن ڀائرن: غلام علي، ڪرم علي ۽ مراد عليءَ کي حڪومت جي ڪاروبار ۾ پاڻ سان شريڪ ڪيو، ۽ چئني سنڌ جي
اميرن جي نالي سان گڏجي حڪومت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيستائين هو چارئي جيئرا هئا، تيستائين کين هڪٻئي لاءِ نهايت محبت ۽ شفقت هوندي هئي، جنهن ڪري هو ”چار يار“ جي شريف
خطاب سان سڏبا هئا. جيتوڻيڪ مير فتح علي سنه 1801ع ۾، ۽ غلام علي سنه 1811ع ۾ وفات ڪري ويا، تنهن هوندي به هيءَ حڪومت، جا هڪ ڪرشمو آهي، منڍ کان وٺي اڄ تائين سواءِ
ڪنهن ڦيرڦار جي ساڳئي نموني ۾ هلندي اچي ٿي! ڪلهوڙن جي جلاوطن گهراڻي جا ڪي پويان، اڃا سکن جي مشهور حاڪم رنجيت سنگهه، ۽ جوڌپور جي راجا جي پناهه هيٺ رهن ٿا.
انگريزن جو سنڌ سان ٿورو واسطو رهيو آهي، ۽ سو به خاطريءَ جهڙو نه- ٺٽو وچ ايشيا جي واپار جو مرڪز هو. ان مان فائدو وٺڻ لاءِ، ڪي انگريز سوداگر، اوائل ۾ سنڌونديءَ تي اچي پهتا هئا، پر
پرتگالين جي مخالفت ڪري، هو پڪي بيٺڪ قائم ڪري نه سگهيا. جيمس پهرئين، ايران جي بادشاهه ڏانهن جيڪي ايلچي موڪليا هئا، تن جون سنه 1614ع ۾،
سنڌ مان لنگهڻ وقت جيڪي بيعزتيون ڪيون ويون، ان مان ڏسجي ٿو، ته اسان جي هم وطنين جي ان وقت نيڪنامي ڪانه هئي. اٽڪل سنه 1758ع ۾، ميان غلام
شاهه ممبئيءَ جي سرڪار کي ٺٽي ۾ ڪوٺي کولڻ جي صلاح ڏني، مگر اها ٿورن ئي سالن کان پوءِ بند ڪئي ويئي. هن صديءَ جي شروع تائين مسٽر ڪرو (Crow) ٺٽي ۾، اسان جو تجارتي وڪيل هو. فرانسيسي لوڪن جي سرگرمين ۽ منصوبن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي
اتر هندستان جي مکيه حڪومت ڏانهن سفارشون موڪلڻيون پيون. مسٽر ايلفنسٽن (Elphinstone)
۽ سر جان مالڪوم (Sir John Malcolm) ڪابل ۽ ايران اماڻيا ويا. هڪڙو وڪيل حيدرآباد به روانو ڪيو ويو. جيتوڻيڪ هن جي پوري آجيان نه ڪئي ويئي، تنهن هوندي به هو گورنر جنرل جي مقصد ۾ ڪجهه قدر ڪامياب ٿيو. انهيءَ
سفارت کان اڳ ميرن، سواءِ ڪن واپاري عرضدارن جي انگريز سرڪار جي رعيت جا ٻيا ماڻهو ڪونه ڏٺا هئا. ان ڪري هو اسان کي گهڻي وقت کان وٺي، محض
”هٽ واڻيا“ ڪري سمجهندا ۽ سڏيندا هئا. البت کين اها خبر ڪانه هئي، ته کانئن هڪ وڏي هستيءَ (يعني نيپولين بوناپارٽ) به اسان تي اهو ساڳيو
نالو رکيو هو. مان سمجهان ٿو، ته اهو غلط خيال هاڻي هنن جي دلين مان ذري گهٽ مٽجي ويو آهي. مير صاحبن سان، جي اسان جا تعلقات سنه 1816ع ۾
ڪڇ جي فتح کان پوءِ رهيا آهن، تن جو بيان ڪڇ جي تاريخ ۾ ڪيل آهي، جا هن تذڪري جي پٺيان ڏني ويئي آهي.
مان 3- نومبر تائين انتظار ۾ رهيس، جڏهن ميرن جو متوقع خط به اچي پهتو. خط نهايت دوستانه لفظن ۾ لکيو ويو هو. ان ۾ مون کي استدعا ڪئي ويئي هئي، ته مان هڪدم حيدرآباد پهچي وڃان. مون کي اهو
به ٻڌايو ويو هو، ته مون کي سندن درٻار ۾ وٺي اچڻ لاءِ، سندن ٻه عزيز درٻاري امير موڪليا ويا هئا. مان هڪدم انهيءَ خوشگوار حڪم جي پيروي
ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ شروع ڪري ڏني، ۽ پاليا (Pallia)
۽ گهاريءَ (Gharee)
واري سڌي رستي کان وڃڻ جو بندوبست ڪيم. اتي وڪيل وري شرارت شروع ڪئي، ۽ چيائين ته: ”مون کي حڪم مليو آهي، ته اوهان کي ڀين (Bheen)
يا مغلڀين (Muglebhen)
واري رستي کان وٺي اچان، جو الهندي طرف جاتيءَ جي علائقي ۾ هڪ شهر آهي“. مون کي تعجب لڳو، ته جڏهن ميرن مون کي هڪ مهلڪ مرض جي علاج لاءِ
گهرايو هو، تڏهن ڇو مون کي هڪ ڊگهي رستي کان وٺي ٿي ويا، جنهن ۾ ڪيترا ڏينهن وڌيڪ لڳي ويندا. پر وڪيل ڪو خاطريءَ جهڙو جواب ڪونه ڏيئي
سگهيو، ۽ لکپت جي قلعدار به مون کي پرزور لفظن ۾ صلاح ڏني، ته اهڙو جوکي جو ڪم نه ڪرڻ گهرجي. مون پوءِ محسوس ڪيو، ته منهنجا شڪ شبهه واجبي
نه هئا. مون کي هتي، ۽ رستي ۾ فقط انهيءَ ڪري ترسايو ويو هو، ته جيئن سنڌ جا عملدار ۽ مختيار منهنجي چڱيءَ طرح خاطرداري ۽ تواضع ڪري سگهن.
سڀني تيارين مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، آءٌ ٻنپهرن جو روانو ٿيس. ان وقت واءُ سڻائو هو، آءٌ پنجين بجي ٻيءَ ڀر ڪوٽڙيءَ (Kotree) جي پتڻ تي پهتس. سڌو رستو چئن ميلن کان وڌيڪ ڪونه ٿيندو، پر وهڪري جي ور وڪڙن جي ڪري اسان
اٺن ميلن کان وڌيڪ مسافري ڪئي هوندي. سنه 1819ع واري مشهور زلزلي جو هن شاخ
(1)
تي عجيب اثر پيو هو. انهيءَ خوفناڪ حادثي کان اڳ، جڏهن وِير لٿل هوندي هئي، تڏهن هن نهر مان پار وڃي سگهبو هو، پر هاڻي ان مان ڪنهن به وقت
پيادل لنگهي سگهڻ محال آهي. سنڌ جو ڪنارو هيٺانهون ۽ سنئون آهي، جنهنڪري اهو لکپت مان نظر ڪونه ايندو آهي، پر ڪڇ جو ڪنارو ٻئي طرف کان صاف
۽ چٽو نظر ايندو آهي.
ڪوٽڙي فقط سنڌ جي طرف جي پتڻ جو نالو آهي. اتي نڪو گهر آهي، نه بندر نه ماڻهو نه ڇيڻو. ڍل وصول ڪرڻ لاءِ رواجي سپاهين جي چونڪي به ڪانه آهي. ڪڇ خواهه سنڌ ۾ ورلي ڍل وصول ڪرڻ وارا ڪٿي نه
هوندا- هتي ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ته سپاهي ان ڪري ڪونه رکيا ويا هئا، جو ڪناري جي ويجهڙائيءَ ۾ ڪيترن ميلن تائين ماڻهن لاءِ مٺو پاڻي ڪونه آهي.
ڪناري تي اسان اٽڪل سؤ گيهه جا ڀريل اُٺ، جي سنڌ مان آيا هئا ۽ ڪيترا واپاري، جي ڪڇ ڏانهن وڃي رهيا هئا، ڏٺا. اسان کي سامان لاهڻ ۾ ڪجهه
دير ٿي، پر ستين بجي ڌاري، اسان چانڊوڪيءَ ۾، اتر - اولهه طرف ڏيئي، ”لاهه“ (Lah)
لاءِ روانا ٿياسون. اسان يارهين بجي تائين هلندا هلندا، نيٺ وڃي منزل کي پهتاسين. رستي تي نه وڻ، نه گهر ۽ نه اسان جي ماڻهن کان سواءِ ڪو
ٻيو بني بشر ڏسڻ ۾ ٿي آيو. رستو اٽڪل ارڙنهن ميل هڪ سڌي سنئين پٽ تي مشتمل هو، جو مشهور اترئين رڻ سان لاڳو آهي. ٻين لفظن ۾ اهو هڪ پورو
پورو بيابان آهي. مون ڏٺو ته، رستو مضبوط ۽ سخت هو. چيائون پئي، ته برسات جي موسم ۾ رستو مسافريءَ جهڙو نه هوندو آهي.
”لاهه“ جي بلڪل ويجهو ڪجهه وڻ آهن، نه ته چوڌاري ملڪ رڻ وانگر آهي، فقط ڪٿي ڪٿي ڪي ننڍا ٻوڙا آهن. جيستائين نظر پوي ٿي، تيستائين ملڪ هڪ بـُـٺ ۽ غيرآباد پٽ نظر اچي ٿو. ڪنهن به طرف ڪا ٽڪري
يا ڳوٺ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. لاهه ۾ اٺ - ڏهه سنڌي سپاهي رهن ٿا، جي اتان لنگهندڙ مال تي محصول اڳاڙيندا آهن. انهن جي رهڻ لاءِ هڪ کليل ڪاٺين
جي لانڍي ٺهيل آهي ۽ هنن جو گذران گهڻو ڪري ڏاچيءَ جي کير تي آهي. انهن ٿورن ماڻهن ڏسڻ مان ئي معلوم ٿئي ٿو، ته هي ماڻهو ڪڇ جي ماڻهن کان
نرالا آهن، ۽ انهن جي رهڻي ۽ زبان به نرالي آهي. هو قداور مڙس هئا، ۽ انگريزي مزورن جهڙيون ٿلهي سوٽي نيري رنگ جي ڪپڙي جون صدريون، ساڳئي
ڪپڙي جون ڪانچون، ۽ رنگين ڪپڙي جون گول اَٺ انچ ڊگهيون ديسي ٽوپيون پيل هـُـينِ. ملڪ جي ٻين ماڻهن وانگر هنن کي به ڊگهيون ڏاڙهيون ۽ مڇون
هيون، ۽ هٿن ۾ تلوارون، خنجر، جامڪيدار بندوقون ۽ ڍالون هين. سفيرن جي فوجي خدمتگارن جو ذڪر مان پوءِ ڪندس- پاٽنجر جي ڪتاب: ”سير بلوچستان“
جي منڍ ۾، جا تصوير ڏنل آهي، سا هڪ سنڌي سپاهيءَ جي شڪل، پوشاڪ ۽ هٿيار جو صحيح نقشو پيش ڪري ٿي. مان سمجهان ٿو، ته لاهه ۾ ان ڪري چونڪي
رکي ويئي آهي، جو ڪڇ کان ايندي، رستي تي پهرين اها ئي جاءِ آهي، جتي پاڻي پيئڻ جهڙو آهي- جيتوڻيڪ اسان کي جيڪو ميرو ۽ کارو پاڻي ڏنو ويو
هو، ان کي پيئڻ جهڙو پاڻي چوڻ هڪ مبالغو آهي. مون سان، جي سپاهي ساڻ هئا، انهن مان ڪوبه اهو پاڻي پـِـي ڪين سگهيو، تنهڪري انهن ۽ اسان لکپت
کان جو ٿورو پاڻي پاڻ سان آندو هو، تنهن تي گذارو ٿي ڪيو. مون کي جاءِ تمام ناموافق لڳي- هڪ ته اتي پيئڻ جو پاڻي ڪونه هو، ٻيو اتان جي هوا
کاري پاڻيءَ جي اُٻ ۽ اُٺ جي ليڏوڻن جي بدبوءِ هئي.
ٻيا ٻه ڏينهن، جا مون هڪ غيرآباد ۽ اوسـَـر علائقي ۾ مسافري ڪئي، سا اهڙي دلچسپ نه آهي، جو ان جو هت احوال ڏجي. چوٿين تاريخ ويئر (Vare)
۾ پهتس، جو لاهه کان ٻارنهن ميل پري هو. تنهن کان پوءِ تيرنهن ميل پنڌ ڪري، پنجين تاريخ شام جو هميوٽ(Hemuit) ۾ آيس. انهن ٻنهي جاين جي تفصيلوار بيان ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. اهي فقط ريگستان ۾ چونڪين جا نالا آهن، جن جي ڀرسان ڌُٻڻ مان پاڻي ملي سگهي ٿو. هميوٽ ۾ مون کي خبر پئي،
ته جي عملدار درٻار مان منهنجي استقبال لاءِ موڪليا ويا هئا، سي رڙيءَ (Ruree)
وارو رستو وٺي ويا هئا. تنهنڪري مون مغلڀين وڃڻ بدران، رڙيءَ جو رخ ڪيو، جتي مان پنجين تاريخ رات جو پهتس. رڙي، پوئينءَ منزل کان ويهن ميلن
جي مفاصلي تي هئي. لاهه کان رڙيءَ وارو رستو غالباً اتر طرف ٿو وڃي، ۽ ملڪ اهڙو ئي سنئون سڌو وارياسو رڻ پٽ آهي، جنهن جو اڳي مون ذڪر ڪيو
آهي- هڪڙي ڊِٻ به نه آهي، جا اکين کي آرام ڏئي. رڙيءَ جي ويجهو مون ڪيترائي مٺي پاڻيءَ جا دُٻا ڏٺا. مان سمجهان ٿو، ته انهن کي پاڻي
سنڌونديءَ جي ساڱري (Sunkrai)
(1) ۽ مٺو ميرو (Meeta Meera)
شاخن مان ملي ٿو، جيئن اسان جي نقشن ۾ ڏيکاريل آهي، جيتوڻيڪ مڪاني ماڻهو کين انهن نالن سان ڪونه سڏيندا آهن.
اهو ظاهر آهي، ته ڪوٽڙيءَ کان رڙيءَ تائين- وارو رستو فوجي ڪارگذاريءَ لاءِ ڪارگر نه هو. مون کي شڪ آهي، ته برسات جي موسم ۾ ڪو اهو رستو ڪم آڻي سگهجي ٿو، پر خشڪ موسم ۾ هن رستي کان توبخانو
سنڌ ۾ آڻي سگهجي ٿو. پر سڄن سارن اڻونجاهه ميلن ۾ نه کاڌي وغيره جو اسباب ۽ نه مٺو پاڻي ملي سگهي ٿو، جنهنڪري ڪنهن به ڌارئي لشڪر لاءِ ان
رستي کان اوچتو حملو ڪرڻ محال آهي. انهيءَ خشڪ ايراضيءَ ۽ سنڌونديءَ جي ساري دوآبي ۾ اُٺ پاليا ويندا آهن، جي سڄي ايشيا ۾ مشهور آهن. هن
ملڪ ۾ فقط اُٺ ئي سواريءَ جو ذريعو آهن. گاڏيون ته ماڻهن ڏٺيون به نه آهن. لاڙ ۽ قنڌار جي وچ ۾ جا آمدورفت ٿيندي آهي، سا اُٺن جي رستي ڪئي
ويندي آهي. چون ٿا ته اُٺ، جي ڪلراٺن پوٺن ۾ پلبا آهن، سي وڌيڪ مضبوط ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي منڍ کان وٺي ٿوري پاڻيءَ پيئڻ تي هيرايو
ويندو آهي.
سنڌونديءَ جي هن ڀر وارا سنڌ جا ڳوٺ ڪڇ جي ڳوٺن کان سادا ٺهيل آهن. انهن ۾ ڪڇ جهڙا پڪا پٿر جا سهڻا ۽ آسائشي گهر ڪونه آهن. ڳوٺن ۾ گهڻو ڪر مٽيءَ ۽ ڪکن جون جهوپڙيون آهن. مسجدون گهڻيون ئي
آهن، پر اهي ساڳئي نموني جون ڪچيون فقط ٿوريون مٿي هونديون آهن، ۽ ڪجهه گلڪاري به ٿيل هوندي اٿن، جنهن مان سڃاڻي سگهبيون آهن. صوبي جا گهڻا
ماڻهو پنهنجين ٻنين تي ڪکائن پکن ۾ رهندا آهن، جتي هو پوکي راهڪي ڪندا آهن.
(1) اڪثر ڳوٺن کي نالو ڪونه ٿئي. اهي پنهنجي مالڪن جي نالن پٺيان سڏبا آهن. بعضي بعضي ته ضرورت جي وقت جڏهن اَن يا
چاري جي تنگي هوندي آهي، ته سڄن ڳوٺن جا ماڻهو گهر پـَـٽي وڃي ٻئي هنڌ لڏي ويهندا آهن.
رڙيءَ جو شهر ٻين شهرن کان چڱو ٺهيل آهي. ڪجهه وقت اڳ اهو وسندڙ شهر هو. سنڌونديءَ جي مٺي پاڻيءَ کان گهڻو دور آهي ۽ پاڻيءَ ملڻ جو سارو دارومدار موسمي برسات تي اٿس. ڪڇ وانگر هن شهر کي به
گذريل چئن - پنجن سالن ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري گهڻي شڪست پهتي آهي. شهر جي آبادي پنجن سـَـون کان به گهٽ ٿي ويئي آهي. جڏهن مان اتي ويو هوس،
تڏهن اتي اَن ايترو هو جو اسان جي گهوڙن کي گاهه بدران ڪچيون ساريون ڏيندا هئا. چون پيا، ته الهندي طرف گهڻي آبادي آهي، پر ٻيو طرف غيرآباد
۽ ويران هو. شهر ۾ فقط هڪڙي جاءِ ڏسڻ وٽان آهي. سا آهي ”پير نورشاهه جي مسجد“ جا پري کان نظر ايندي آهي. اها ڏيڍ سؤ ورهين جي آهي ۽ ٺٽي جي
پٿر جي ٺهيل آهي. شهر جي ڀرسان هڪڙو مٺي پاڻيءَ جو تلاءُ آهي.
رڙيءَ ۾ پهچڻ کان پوءِ، جلد ئي مون سا اهي ماڻهو جن کي ميرن منهنجي استقبال لاءِ موڪليو هو، ملڻ آيا. هنن جو مون سان تعارف ڪرايو ويو. هڪڙي جو نالو هو حيدر خان لغاري. هو جاتيءَ جي پرڳڻي جو
ناظم ۽ وڏي وزير جو ڀائٽيو هو. ٻئي جو نالو هو بهادر خان. هو ٻئي سنڌ سرڪار جا مکيه عملدار هئا. هنن منهنجي نهايت تعظيم سان آجيان ڪئي، ۽
مون سان ڀاڪر پائي گڏيا. گهڻي خوش خيرعافيت کان پوءِ هنن مون کي ميرن جو ڊگهو ۽ مخلصاڻو پيغام ڏنو، جنهن ۾ مون کي خاطري ڏني ويئي هئي ۽ مير
صاحب مون کي ڏسي نهايت خوش ٿيندا. انهن کي حيدرآباد کان حڪم مليل هو، ته رستي ۾ جيڪڏهن مون کي يا منهنجي عملي کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت
پوي، ته ان لاءِ اسان کي خرچ ڪرڻ جي اجازت ڪانه آهي. مون سان سؤ کان وڌيڪ ماڻهو ساڻ هئا، تنهنڪري مان ايڏو احسان قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه
هوس، ۽ گهڻوئي نٽايم، پر لاچار خاموش رهڻو پيم، ته مبادا= ناراض نه ٿين. ميرن منهنجي لاءِ پنجاهه اُٺ موڪليا هئا، ۽ اهڙيون هدايتون پڻ
ڏنيون هئائون، ته منهنجي ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنڌ ڪرڻ نه ڏنو وڃي. خانن کي ته اها به ڳڻتي هئي، ته منهنجن پالڪين کڻندڙن کي ڪنهن قسم جي
سواري ڏني وڃي. اها ڳالهه ممڪن نه هئي، پر مون کي قبول ڪرڻو پيو، ته پهريوارا سپاهي ۽ ٻيا سڀ ماڻهو اُٺن تي سواري ڪن. اسان کي جو سيڌو
سامان ڏنو ويندو هو، سو نهايت اعليٰ درجي جو هوندو هو. مون کي منهنجن ساٿين کي سکي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي. هر روز اڻ مئي کنڊ،
مٺايون ۽ آفيم ڏنا ويندا هئا.
رڙيءَ تائين مسافريءَ جي احوال ڏيڻ کان پوءِ، اهو ضروري نه آهي، ته ڪي ٻيون اجايو سجايون حقيقتون ڏجن. رڙيءَ کان مان شاهه ڪپور ويس، جو اتان ڏهه ميل پري هو. اتان وري ٽي ميل پري بٺوري
ٻيڙيءَ تي، هڪڙي اونهيءَ ۽ سوڙهيءَ نديءَ رستي ويس، جنهن جو پاڻي بيٺل ٿي نظر آيو. پوءِ آمرا، جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي. ٽي ميل پري، ۽ ميرپور
جو چار ميل پري هڪ چڱو خاصو شهر آهي. ان کان پوءِ، ٺوڙا، چار ميل- لائقپور، ڇهه ميل- ڍماڪا، پنج ميل- ٻنو، پنج ميل- قبول پور، اٺ ميل-
مياڻي، چار ميل، ٽرڪل، پنج ميل- سومر جي وسي، اٺ ميل- جمڙي جي وسي، چار ميل- حيدرآباد، چار ميل.
اهي سڀ ڳوٺ ساڳئي نموني جا آهن، جنهن جو بيان اڳي ڏنو ويو آهي. انهن کان سواءِ ٻين ڪيترين عارضي بستين مان لنگهيس، جن تي ڪنهن به ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، سواءِ ان جي، ته انهن آبادين
جي ڪري، ملڪ تمام وسندڙ ٿي نظر آيو. لائقپور ۽ ٽرڪل ۾ مون کي ٽارن جي بنگلن ۾ رهايو ويو هو، جي باغيچن ۾ هئا. انهن ۾ ڏاڍي ڇانوَ ۽ گلڪاري
هئي. انهن ۾ ميرن جي شڪار جا کـُـڏڻا هئا. حيدرآباد تائين ملڪ سنئون پٽ آهي. حيدرآباد کان ٻه- چار ميل اورتي ٽڪريون شروع ٿين ٿيون. رڙيءَ
کان ٺوڙن تائين ڏاڍيون آباديون هيون، ۽ زمين نهايت زرخير هئي. مون کي ڪيترا واهه ٽپڻا پيا، جي آباديءَ لاءِ سنڌونديءَ
(1)
جي شاخن مان کوٽايا ويا هئا. انهن مان ڪيترن جي مٿان ننڍيون سرن جون پليون ٺهيل هيون. پلين جي مٿان، زمينن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ”مويا“ يعني ڇڪ
جا کوهه هئا، جي سمورو وقت پئي هليا. ڪڇ جي خشڪ ريگستان کان هڪڙي سرسبز ۽ آباديءَ واري ملڪ ۾ اچڻ تي منهنجي دل ۾ نهايت خوشي ۽ سنڌ لاءِ عزت
پيدا ٿي.
مان اٺين تاريخ شام جو ٻني ۾ پهتس، ۽ پهريون دفعو سنڌونديءَ جو معائنو ڪيم. مون کي هن مشهور ۽ تاريخي نديءَ ڏسڻ جو ايترو ته شوق هو، جو مان سڀ پنهنجو سامان پٺيان ڇڏي ۽ چاليهه ميل ڏينهن جو
سواري ڪري، ٿڪجي ٽٽجي اچي شام جو ان جي ڪناري تي پهتس. منهنجي شوق پوري ٿيڻ ڪري، جي منهنجي دل ۾ جذبا پيدا ٿيا، تن جي بيان ڪرڻ جو هتي ضرور
نه آهي. منهنجن هندو ساٿين، ته ڏسڻ سان درياء جي پوڄا ۽ بندگي ڪرڻ شروع ڪري ڏني. هنن جي نگاهه ۾ ان پوتر پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ ڪري، ابدي آنند
حاصل ٿئي ٿو. پر سڪندر جي ڪارگذارين جو جولانگاهه ڏسي، جي منهنجي دل ۾ جذبا پيدا ٿيا، سي هندن جي دل ۾ ڪونه ٿيا هوندا. هن عظيم ۽ فيض رسان
نديءَ جو ڪرم ڏسي، چئجي ٿو، ته پاڻيءَ ۽ پاڻيءَ جي ديوتائن جي پوڄا تي ڪنهن به قسم جو اعتراض ٿيڻ نه کپي.
پڃاري شاخ، ٻني وٽ درياء مان نڪري ٿي. هن هنڌ درياء جو پيٽ هڪ ميل کان به وڌيڪ ويڪرو آهي. وچ ۾ هڪ سڪل واريءَ جي ٻيٽاري اٿس. لائقپور کان ٻني ۽ ٻني کان حيدرآباد جي ويجهڙائيءَ تائين رستو
ميرن جي هڪ گهاٽي شڪار جي ٻيلي مان لنگهي ٿو، تنهنڪري آسپاس وارو ملڪ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اسان جو رستو ڪيترائي ميل سنڌونديءَ جي ڪناري سان پئي
هليو. ٻني کان ٿورو مٿي سنڌونديءَ مان هڪ عاليشان نهر نڪتل آهي. جا نهايت تجمل سان، ڪلاڪ ۾ اٽڪل ٽن ميلن جي رفتار سان تيز وهي ٿي. ان جو
سڄو پيٽ هر وقت ٻيڙين سان ڀريل رهي ٿو.
رستي ۾ منهنجن ميزبانن، منهنجي نهايت تعظيم ۽ خاطرداري ڪئي. بعضي بعضي هو پاڻ منهنجي حفاظت لاءِ رات جو پهري تي ويهندا هئا. منهنجي پاسي ۾ هڪڙو ڪرمچي رنگ جي ريشمي ڇـَـوَ سان وڏو ڪپهه جو
گاديلو هميشه تيار رکيو هوندو هو، ته متان مون کي هيٺ لهڻ جو خيال ٿئي. اسان کي ٿڌي شربت جون گهگهيون ۽ ٻيو عيش عشرت جو سامان نهايت
فراخدليءَ سان ڏنو ويندو هو. مون کي وندرائڻ لاءِ اميرن ڪيترا باز موڪليا هئا. ان ڪري منهنجي دسترخوان تي هر قسم جا پکي موجود هوندا هئا.
پکين جو شڪار جيترو سنڌ ۾ آهي، اوترو ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ مون ڪونه ڏٺو آهي. مون کي جلدي حيدرآباد پهچڻ جو ارادو هو. تنهنڪري اسان تيز
رفتاريءَ سان سفر ٿي ڪيو. اسان جي عملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هزار کن ماڻهو هئا. انهن مان ڪيترا اُٺن تي سوار هئا. خانن، خود اُٺن جي سواري ٿي ڪئي.
سنڌ ۾ اُٺن جي سواريءَ جو رواج آهي ۽ اها سهنجي به هوندي آهي. خان اٺن تي اهڙا تڪڙا ٿي هليا، جو منهنجي گهوڙي سان برابر ٿي آيا. اٺن جي
پاکڙن تي ريشمي گاديلا هئا، جنهنڪري سوارن کي اُٺ جي ڏکئي پنڌ کان تڪليف ڪانه ٿـَـي پهـِـتي. مان ڀانئيان ٿو، ته جنهن رستي کان اسان پئي
آياسين، تنهن رستي کان اڳي ڪوبه يورپي آدمي ڪونه لنگهيو هو. ماڻهو، اسان کي ڏسڻ لاءِ نهايت منتظر ۽ بيتاب هئا. منهنجي تنبوءَ جي چوڌاري
حشام ماڻهن جا هئا. فرنگين کي ڏسڻ لاءِ ملڪ جي هر حـصي مان ماڻهو آيا هئا. ڪن مون تائين پهچڻ لاءِ بيماريءَ جو بهانو ڪيو. جڏهن انهن جي ٺڳي
ظاهر ٿي، تڏهن هنن هڪدم قبوليو، ته اسان کي تنهنجي ملاقات جو شوق هو ۽ سمجهيوسين ٿي، ته ان ۾ اسان جي ڀلائي آهي.
حيدرآباد کان ٽيهن ميلن جي مفاصلي تي مون سان محمد خان ٺوڙهو اچي گڏيو، هو هڪ سردار آهي ۽ ميرن جي خاندان سان رشتيداري اٿس. هو موسيٰ ڪاهتان نالي هڪ ٻي وڏي عملدار سان گڏ منهنجي استقبال
لاءِ موڪليو ويو هو. هنن سان ڪيترا خدمتگار ساڻ هئا. مون کي هنن مان خبر پئي، ته درٻار ۾ منهنجي خيرمقدم لاءِ وڏيون تياريون ٿي رهيون هيون.
چيائون، ته ٻيا يورپي اڳي سنڌ ۾ پنهنجن ڪمن سان ايندا هئا، پر تون ميرن جي دعوت تي آيو آهين، تنهنڪري تنهنجي ٻئي نموني ۾ آجيان ڪئي ويندي.
تختگاهه (حيدرآباد) جي ويجهو پوئينءَ منزل تي سنڌ جو وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري مون سان گڏيو. هن کي ميرن مون کي شرف ڏيڻ لاءِ اڳواٽ موڪليو هو. هن جي سواري نهايت شاندار هئي. ان
۾درٻار جا تقريباً سڀ مکيه ماڻهو شامل هئا. هو هڪ پالڪيءَ ۾ سوار هو، جنهن کي اُٺ کنيو ٿي آيا. پالڪي ڪرمچي رنگ جي بخمل جي ٺهيل هئي، ۽
ٻاهران نهايت قيمتي جهالر ۽ سونا جهاٻا لڳل هئس. مون کي ڏسڻ سان، هو پالڪيءَ مان لهي اچي مون سان ڀاڪر پائي محبت سان گڏيو. هو هڪ نهايت
بزرگ، عمر رسيده ۽ معزز شخص آهي. هن جي نشست و برخواست جو نمونو شاهي درٻارين جهڙو آهي. هو جهڙو لائق آهي، تهڙو مشفق به آهي، مون کي هن
پالڪيءَ ۾ پنهنجي سامهون ويهاريو. اسان ڪيترو پنڌ اهڙيءَ طرح سواري ڪندا رهياسين.
نومبر مهيني جي ڏهين تاريخ تي صبح جو مان حيدرآباد ۾ داخل ٿيس، منهنجي اڳيان جي گوناگون منظر هئا، تن جو لفظن ۾ بيان ڪرڻ دشوار آهي. هرڪو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو، اتي اٺن- ڏهن هزارن کان به
وڌيڪ ماڻهن جو ميڙ هو، سڀ مون کي ڏسڻ لاءِ آيا هئا، هندستان جي سکر زالن جي رواج جي خلاف، زالون به پالڪيءَ جي ويجهو ڌوڪي آيون، ايتري ته
گپاگيهه هئي، جو اڳتي وڌڻ به مشڪل ٿي پيو، ۽ سنڌي سپاهين کي ترارين ۽ بندوقن سان رستو صاف ڪرڻو پيو، شهر کان هڪ ميل ٻاهر مون کي هڪ شاندار
ڪاري گهوڙي تي چاڙهيو ويو، جنهن تي نهايت سهڻا سنج پيل هئا. اهو ولي محمد خان پاڻ سان وٺي آيو هو، ۽ اسان جي سواريءَ سان آهستي آهستي گڏ
آندو ويو هو. پر ماڻهو مـُـڙڻ جا نه هئا، تنهنڪري مون کي وري، پالڪيءَ تي ويهاريو ويو، ته جيئن ماڻهو مون کي ڏسي نه سگهن، ۽ مان گپاگيهه
کان بچي وڃان.
اهڙيءَ طرح گهڻيءَ تڪليف کان پوءِ، شديد گرميءَ ۾، مان آخر حيدرآباد جي قلعي جي دروازي تي پهتس. قلعو ميرن ۽ سندن عيال جي رهڻ لاءِ مخصوص ٿيل آهي. اتي مون کي پهريون دفعو آگاهه ڪيو ويو، ته
منهنجي هڪدم سنڌ جي والين سان ملاقات ڪرائي ويندي. ٻاهر جهڙو شور ۽ هنگامو هو، اهڙي ئي اندر قلعي ۾ خاموشي هئي. مان ڪيترين سوڙهين گلين
مان، جن ۾ فقط درٻار جا خاص خدمتگار هئا، لنگهي اوچتو هڪ وڏي کليل اڱڻ ۾ پهتس، جتي ڪيترا خوش پوشاڪ وارا سنڌي بيٺا هئا. اڱڻ جي ٻنهي پاسن
کان ڀتين تي نقاشي ٿيل هئي ۽ پٽ تي گوناگون غاليچا وڇايل هئا. هڪ ڇيڙي تي، ٽن محرابن سان در هئا، جن کي سائي ڪپڙي جا پردا ڏنا ويا هئا. مون
کي انهن مان هڪڙي در ڏانهن وزير ۽ عملدار وٺي هليا. مان جيستائين پاڻ سنڀاليان، تنهن کان اڳ منهنجي جـُـتي لاٿي ويئي، ۽ مان ميرن جي حضور ۾
بيٺو هوس. مون کي هڪ ئي وقت ۾ ساري شاهي خاندان ڏسڻ جو موقعو مليو. مون اهڙو شاندار منظر اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. اهو منظر ننڍي هوندي جيڪي
اسان مشرقي تجمل جا خيالي پلاءَ پچائيندا هئاسين، انهن سان هوبهو ٺهڪي ٿي آيو. ميرن کي خوشنما پوشاڪون پهريل هيون ۽ هو هڪ اوچي ڪمري جي
ڇيڙي ۾ اڌ گول جي شڪل ۾ ويٺا هئا. ڪمرو ايراني غاليچن سان سينگاريل هو. ٻه وڏا مير وچ ۾ مسند تي ويٺل هئا. مسند، اڇي رنگ جي ولايتي ريشمي
ڪپڙي جي پوش سان هڪ ٿلهي گدي هئي، جنهن تي پـَـٽ ۽ زريءَ جو سهڻو ڀرت ڀريل هو. ان جون ڪنڊون، چئن ٿـُـلهن گولن سونن جهاٻن سان ٻڌل هيون. ان
جي پٺيان هڪ ڀرت ڀريل بخمل جو طول وهاڻو رکيو هو. مطلب، ته مسند نهايت شاندار پئي لڳي. مير صاحب، جن جي ٻنهي پاسن کان سندن خاندان جا ڀاتي
يعني ڀائٽيا: مير صوبدار خان، مير محمد خان ۽ مير مراد عليءَ خان جا پٽ، مير نورمحمد ۽ نصير خان ويٺا هئا. انهن کان پرڀرو سندن چاچو مير
محمود خان ۽ هن جا پٽ احمد خان ۽ جهان خان هئا. سفيد پوش خدمتگار، شهزادن جي پٺيان تلوارن ۽ ڍالن سان بيٺا هئا.
هڪڙو يورپي آدمي، جنهن اڳي اهڙي اعليٰ ڏيهي تهذيب جو مظاهرو ڪونه ڏٺو هو، تنهن لاءِ هنن ماڻهن جي پوشاڪ جي نفاست ۽ صفائي نهايت دلڪش هئي. هتي رنگين پـَـنيـُـن ۽ ڪرمچي رنگ جي نمائش ڪانه
هئي: ۽ نه وري تجمل ۽ غلاظت جي آميزش هئي، جا اڪثر هندو راجائن جي درٻارين ۾ نظر ايندين آهي: مگر هتي اهڙي سادگي ۽ لطافت هئي، جو اهڙي مون
ڪٿي ڪانه ڏٺي هئي. ميرن ۽ سندن خدمتگارن کي تقريباً هڪجهڙا ڪپڙا پيل هئا، يعني اڇي رنگ جي سنهي ململ جا صفائيءَ سان ٺهيل ۽ چڻيل انگرکا،
ريشم ۽ زريءَ جا ڪمربند، سوڙهن پانئچن سان ريشمي ترڪي سلوارون، ۽ ڪيمخاب يا ڀرت ڀريل بخمل جون سنڌي ٽوپيون، جن جو بيان مون اڳيئي ڏنو آهي.
انهن کان سواءِ هرهڪ شهزادي جي ٻانهن تي اڪثر سفيد رنگ جي نهايت خوبصورت ڪشميري شالن جو جوڙو ۽ ڪمربند ۾ هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل ايراني
خنجر هئا، جن سندن پوشاڪ ۽ آرائش مڪمل ٿي ڪئي.
ساري خاندان کي جيڪڏهن هڪ نظر سان ڏسبو، ته انهن جي اخلاق ۽ تهذيب جي تعريف ڪرڻي پوندي ۽ اهو قبول ڪرڻو پوندو، ته گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح هو جنهن ترقيءَ ۽ اوج کي رسيا آهن، تنهن جي لائق آهن،
ننڍن شهزادن کي ته اهڙي لياقت ۽ فضيلت هئي، جا ورلي يورپي يا ڏيهي ماڻهن ۾ نظر ايندي. وڏا مير شڪل ۾ گهٽ شاندار هئا، شايد ان ڪري جو هنن
ننڍي هوندي سک ڪونه ڏٺو هو، ۽ گهڻيون تڪليفون سـَـٺيون هئائون.
(1)
هو سچ پچ وڏيءَ عمر جا آهن، پر اهڙيءَ طرح ڏاڙهيءَ ۽ وارن کي خضاب ڪن ٿا، جو پنجاهه ورهين کان وڌيڪ عمر جا نٿا لڳن. انهن جا مهانڊا ننڍن
شهزادن جي مهانڊن سان نٿا لڳي اچن، سواءِ هڪڙي شهزادي جي. ننڍا شهزادا مائن تي ويل آهن. انهن جو رنگ گورو، وار بنهه ڪارا ۽ پنبڙيون ۽ ڀرون
ڊگهيون اٿن. ميرنصير خان خاص ڪري هڪ نهايت حسين جوان آهي.
سنڌ جي درٻار جي نشست ۽ برخاست جو طريقو به اهڙوئي تحسين جوڳو هو، جهڙي ميرن جي شڪل شباهت. جيڪي عملدار حاضر هئا، سي پوشاڪ ۽ اٿ - ويهه مان اعليٰ مرتبي جا نظر پئي آيا. ڪنهن به آڏو اچڻ جي
ڪوشش ڪانه پئي ڪئي. ڪـُـت خلق کي درن کان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. ڪمري ۾ هڪ قسم جي سڪونت ۽ ڳنڀيرتا هئي. هرڪو ماڻهو انتظام سان شانائتي نموني ۾
بيٺو هو. انهن سڀني ڳالهين منهنجي دل ۾ هڪ قسم جي عزت ۽ رعب پيدا ڪيو، جنهن جي مون کي اُميد ڪانه هئي. مطلب، ته مون کي کليل درٻار ۾ ملاقات
جو شرف ڏنو ويو. اسان جي سرڪار جي اڳين ٻن سفارتن سان جو ڏيهي وڪيل گڏجي آيو هو، سو هن موقعي تي به حاضر هو. مون کي خاطري ڏني، ته منهنجي
لاءِ جو انتظام ڪيو ويو هو، ۽ مون کي جا آجيان ڏني ويئي هئي، تنهن جهڙي هن پنهنجي سنڌ ۾ ويهن ورهين جي قيام ۾ ڪانه ڏٺي هئي.
منهنجي جـُـتي در تي لهرائي ويئي هئي، پر مان فيصلو ڪيو، ته ٽوپي نه لاهيندس. تنهنڪري مان ٽوپيءَ سان ڪمري جي وچ ۾ هليو آيس. ساري خاندان منهنجو سلام ڪيو ۽ مون کي گاديءَ وارن ميرن جي آمهون
سامهون هڪ مسند تي ويهاريو ويو. گفتگو هڪدم فارسيءَ ۾ شروع ڪئي ويئي. مون کان ساڳئي وقت پنجاهه سوال پڇيا ويا: خوش آهين، چڱو ڀلو، راضي،
طبعيت ٺيڪ اٿئي، وغيره وغيره- مان انهيءَ خوش خيرعافيت جو جواب چڱيءَ طرح ڏنو، ۽ چيومانِ ته: ”مان جنهن وقت سنڌ ۾ پير پاتو آهي، ان کان وٺي
مون سان هر قسم جي مهربانيءَ ۽ عزت جو برتاءُ ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ نهايت شڪر گذار آهيانءِ. مير ڪرم عليءَ چيو، ته تون مهمان آهين، ۽
اسان جي دعوت تي آيو آهين. اسان جو سڀڪجهه تنهنجي مـِـلڪ آهي. اسان پنهنجي وزيراعظم کي تنهنجو ميزبان مقرر ڪيو آهي: هن کي هدايت مليل آهي،
ته هو تنهنجي هر نموني جي خاطر تواضع ڪري. تنهنجي رهائش لاءِ شهر کان ٻاهران هڪ باغيچو تيار ڪيو ويو آهي. تون اُتي رهه ۽ جي تنهنجي مرضي
هجي، ته تون اسان سان حيدرآباد جي قلعي ۾ به رهي سگهين ٿو.
ان کان سواءِ مسٽر ايلفنسٽن، سرجان مالڪوم، سرايون نيشن، گورنر جنرل ۽ قبلا عالم بادشاهه جارج چوٿين بنسبت پڇا ڳاڇا ڪيائون. انهن سڀني لاءِ ميرن کي نهايت عزت ۽ تعظيم هئي. چيائون، ته ڪڇ جي
سفير توکي اسان ڏانهن اچڻ جي اجازت ڏيئي، اسان سان وڏا ڀال ڀلايا آهن. انشاء الله، اسان جي انگريز سرڪار سان دوستي اڳي کان وڌيڪ مضبوط ۽
گهاٽي ٿيندي. ان کان پوءِ مير صاحب جن طب جي علم تي بحث ڇيڙيو. پهريائين مون کان تفصيلوار پڇا ڪيائون، ته تنهنجي عمر ڪيتري آهي، ۽ پنهنجو
پيشو ڪيئن ۽ ڪٿي سکيو آهين؟ يورپ جي ماڻهن وانگر هنن کي به خيال ويٺل هو، ته شباب ۽ علم جي دوستي ڪانه ٿيندي آهي. هو البت انهيءَ ڳالهه تي
نااميد ٿيا، جڏهن ڏٺائون ته منهنجي دعوا جي تائيد ۾، نه آهن، سفيد وار ۽ نه ڳنڀيرتا. پاڻ ۾ سس پس پئي ڪيائون، ته هيءُ وات - ڳاڙهو ڇوڪر
علاج ڇا ڪندو؟
ڪلاڪ کن کان پوءِ سڀني ڌارين ماڻهن کي رخصت ڏني ويئي، ۽ مراد عليءَ جي بيماريءَ جو ذڪر چوريو ويو. مير جي شڪل شبيهه مان ائين ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ آيو، ته هن کي ڪنهن به قسم جو ڪو مرض آهي. تشخيص
بعد مون ڏٺو، ته کيس ڪوبه مهلڪ مرض ڪونه هو، جيئن مان پهرين سمجهيو هو. سندس بيماري، خدمت ۽ تيمارداريءَ سان جيڪڏهن صفا ڇٽائي نه، ته به
گهٽ ڪري سگهجي ٿي. جڏهن مون کين اها ڳالهه ٻڌائي ۽ چيومان، ته اوهين جراحيءَ کان تندرست ٿي ويندا، تڏهن هنن جو انديشو دور ٿيو، ۽ هو سڀ
ڏاڍا راضي ٿيا، پڇاڙيءَ جو جڏهن اسان هڪٻئي سان ڪجهه گهرا ٿياسين، ۽ مون ڏٺو، ته هنن کي مون ۾ ويساهه ۽ منهنجي لاءِ عزت آهي، تڏهن مون هنن
کان هر شايان نموني ۾ پنهنجي اٿ - ويهه ۽ گفتگو سان موهڻ ۽ خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي ائين وسهڻ لاءِ ڪافي سبب آهن، ته مان ان ڳالهه ۾
ڪامياب ٿيس، اٿڻ وقت ٻنهي گاديءَ وارن ميرن مون کي خاطري ڏني ته: ”اسان اڳي ڪنهن به يورپي ماڻهو کان ايترو خوش نه ٿيا آهيون، جيترو توکان
ٿيا آهيون“.
درٻار مان، مون کي نواب ولي محمد خان ماڻهن جي ساڳئي بيتاب انبوهه مان اتي وٺي هليو، جتي منهنجي رهائش جو انتظام ڪيو ويو هو. اها جاءِ شهر کان سڏ پنڌ پري هڪ باغيچي ۾ هئي، جنهن کي چوڌاري
پناهه لاءِ ديوار ڏنل هئي. باغيچي ۾ وڻ ڪپي ۽ آبادي ڪڍي، اسان لاءِ جاءِ ڪئي ويئي هئي، ۽ ڪيترا تنبو ۽ شاميانا کڙا ڪيا ويا هئا. انهن مان
هڪڙو شاميانو چاليهه فوٽ ڊگهو هو ۽ ٻارنهن فوٽ اوچيون قناتون هئس. اهو شاميانو سائي ڪپڙي جو ٺهيل هو، ۽ ڳاڙها گل لڳل هئس، ۽ سڄو گلمن،
غاليچن ۽ پلنگن سان سينگاريل هو. اهو شاندار شاميانو منهنجي ملاقات جو ڪمرو هو. اهي تنبو، ۽ جنهن نموني ۾ صبح جو منهنجو استقبال ڪيو ويو
هو، تنهن مون کي الف ليليٰ جي منظرن جي يادگيري ٿي ڏياري. اڃا ساهه ئي نه پٽيو هوم، ته ڏٺم ڪيترا خدمتگار کاڌي جا خونچا کنيو ٿي آيا. انهن
مان هڪڙو طشت منهنجي اڳيان رکيو ويو. ان ۾ ڏهه - ٻارنهن چانديءَ جون رڪابيون هيون، جن ۾ منهنجي ناشتي لاءِ قسمين قسمين طعام هئا، جن سڀني
جي مٿان سونا ورق لڳل هئا. ٻين ۾ منهنجن مسلمان ملازمن لاءِ پڪل گوشت ۽ ان سان گڏ هندن لاءِ ميوا، مٺايون ۽ ٻيا طعام هئا. شام جو به ساڳئي
ڪار ٿي. آخر جڏهن چيومانِ، ته مان انهيءَ فراخدليءَ جو وڌيڪ فائدو وٺڻ لاءِ تيار نه آهيان، تڏهن ڪجهه دستور ۾ ڪمي ڪئي وئي.
ساڳئي ڏينهن شام جو مون کي وري ميرن ملاقات لاءِ گهرايو. هن دفعي اسان جي ملاقات خانگي هئي، سواءِ نمائش يا جلوس جي. ميرن کي پوشاڪ ساڳي صبح واري پيل هئي، مگر ڪمربند ۽ هٿيار ڪونه هئن. ٻيا
نوڪر چاڪر به ايترا ڪونه هئا. سندن گفتگو تمام دوستانا طريقي جي هئي. ڳالهيون گهڻو ڪري مراد عليءَ جي بيماريءَ متعلق هيون، جنهن جو هنن کي
گهڻو انتظار هو. مير صاحب جن پنجن مهينن کان عليل هئا. مون کي تڏهن گهرايو هئائون، جڏهن مڪاني حڪيمن جواب ڏنو هونِ ۽ پاڻ اميد لاهي ويٺا
هئا. مير صاحب جا ڀائر فتح علي ۽ غلام علي به شايد ساڳئي قسم جي شڪايت کان گذاري ويا هئا، جا سندن خاندان ۾ موروثي هئي. مير صاحب ته خود
پنهنجي وصيت ڪري، ۽ ملڪيت ورهائي ڇڏي هئي، ۽ پنهنجي اولاد لاءِ لکيل نصيحتون تيار ڪيون هيون. اهڙين حالتن هيٺ مراد عليءَ ۽ سندس عزيزن کي
جا سندس صحت بنسبت ڳڻتي هئي، ۽ ڇٽڻ تي جا کين خوشي ٿي، سا سمجهي سگهڻ ڏکي نه آهي.
علاج هڪدم شروع ڪرڻ ۾ دير ڪانه ڪئي ويئي، پر مون کي علاج ۾ ڪي مشڪلاتون پيش آيون: پهريون ته ميرن کي هڪ اجنبيءَ ماڻهوءَ جي هٿان دوا جو وزن وٺڻ هميشه ڏکيو لڳندو هو. تنهن کان سواءِ مون کي
ان ڪري به ڪجهه ذاتي دقت ٿي، جو بلوچن جي رواج مطابق مريض کي گولي کارائڻ کان اڳ حڪيم کي به گولي کائڻي پوندي هئي. مير مراد علي دوا کي هٿ
ڇو لائي، جيستائين اها پهريائين مان نه کاوان. مان به انهيءَ اگريءَ دوا جا ٻه - ٽي وزن وٺي ٿڪجي پيس. آخر شامت وڃي هڪڙي بدبخت نوڪر تي
پئي. هن ويچاري کي ناحق بيفائدو ڪيترو وقت ساندهه پگهرجڻ جون پڙيون ۽ جلاب وٺڻا پيا، جن سندس دل ۽ دماغ کي يورپي حڪمت جي علم جو تمام برو
اثر ويهاريو هوندو. اها رسم گهڻي وقت کان پوءِ، جڏهن مان ميرن سان وڌيڪ گهـَـرو ٿيس، تڏهن بند ڪئي ويئي. پر مون کي خاص طرح چيو ويو، ته
منهنجي لاءِ هيءَ وڏي ۾ وڏيءَ رعايت هئي. اها ڳالهه سندن خيال ۾ اهڙي ته اهم هئي، جو پنهنجي وڪيل کي هدايت ڏنائون، ته اها ممبئيءَ جي گورنر
جي ڌيان تي آڻي، ته هو سمجهي ته کين اسان لاءِ ڪيتري نه محبت ۽ عزت هئي.
سخت پرهيز، باترتيب علاج ۽ معمولي ملم پٽي ڪرڻ سان مرض جون
خوفناڪ علامتون 20- نومبر ڌاري يعني منهنجي اچڻ کان پوءِ ڏهن ڏينهن جي اندر گهٽ ٿيون، مون کي خود ايتري فائدي تي تعجب ٿيو. سڀ مير ڏاڍا
راضي ٿيا، جڏهن مان مراد عليءَ کي اعتدال سان پنهنجي رواجي ڪمن ڪارين ڪرڻ جي اجازت ڏني. ڪنهن به ماڻهوءَ تي بيماري سندس ساري خاندان لاءِ
مصيبت جو باعث ٿئي ٿي. هنن ويچارن ڪيترا مهينا قلعي کان ٻاهر جي هوا ڪانه کاڌي هئي. هاڻي شڪار لاءِ هڪدم سڀني تياري ڪرڻ شروع ڪري ڏني، ۽
مون کي شڪار ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ويئي. مير کي ڪيترا هفتا تڪليف ڪانه ٿي. مرض اٿلي پوڻ جي ڊپ کان هو باقاعدي هدايتن تي عمل ڪندو رهيو.
پر علاج بند ٿيڻ کان پوءِ، هن کان وري ڪي غلطيون ۽ بي اعتداليون ٿيون، جنهنڪري مرض ٿورو اٿلي پيو، پر هن کي صحت ۾ باقاعدي فائدو ٿيندو
رهيو.
|