سڪندر جي رستي تي
تبصرو
هن تذڪري جي نقل سان گڏ، مون سرڪار جي خدمت ۾ سنڌونديءَ، ۽ جنهن رستي کان مان موٽي ويو هوس، تنهن متعلق ڪيتريون ياداشتون به پيش ڪيون هيون. منهنجي خيال ۾ اهي ياداشتون نه دلچسپ آهن، نه
ضروري تنهنڪري انهن جو ذڪر هن تذڪري ۾ ڏيڻ مناسب نه آهي. پر هي خام خيال يا وهم، جي مون پنهنجي مسافريءَ جي دوران ۾ تڪڙو قلمبند ڪيا هئا،
سي مان هت رهڻ ڏيندس. جيڪو به مسافر سنڌ ۾ سفر ڪندو آهي، سو فطرتاً سنڌونديءَ بابت ڪجهه نه ڪجهه لکڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهي. تنهن کان
سواءِ ممڪن آهي، ته منهنجا هي نقطا، ڪنهن صاحب لاءِ ڪارائتا ٿين، جنهن کي سڪندر جي رستي جهڙي دلچسپ معاملي ۾ کوجنا ڪرڻ جو شوق هجي. منهنجو
اندازو آهي، ته سنڌوندي هاڻي ان حالت ۾ آهي، جهڙيءَ حالت ۾ ٻه هزار ورهيه اڳ يونانين جي ڏينهن ۾ هئي. انهيءَ ڳالهه جو خاطريءَ سان فيصلو
ڪرڻ ناممڪن آهي. مون کي سنڌونديءَ متعلق تحقيقات گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق هو. آءٌ جڏهن سنڌ ۾ هوس تڏهن، ۽ سنڌ مان موٽڻ بعد ڪيترن ئي مڪاني ماڻهن
کان مون پڇائون ڪيون آهن. پر هنن مان فقط اها ڳالهه معلوم ٿي آهي، ته سنڌوندي نهايت غير مستقل مزاج آهي. هو چون ٿا، ته اسان جي مختصر
حياتيءَ ۾ به ان ۾ ڪيتريون اوچتيون ڦيريون گهيريون ٿيون آهن. هڪڙو نوجوان ۽ هوشيار خراساني، جنهن کي مان پاڻ سان حيدرآباد مان وٺي آيو هوس،
جتي هو گهڻا سال رهيو هو، تنهن مون کي چيو، ته سنڌوندي اهڙي ته بي اعتبار آهي، جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي سنڌونديءَ جي ڪنهن خاص منهن مان
سمنڊ ڏي وڃڻو هجي، ۽ هن کي اڄ خاطري هجي، ته اهو منهن کليل آهي، ته سڀاڻي امڪان آهي، ته ٺٽي کان هيٺ اهو منهن هوندو ئي ڪونه.
ٺٽي کان هيٺ سنڌوندي ڦٽي ٻن وڏين شاخن ۾ وهي ٿي- هڪڙي ميرايون ۽ ٻي بگهاڙ. آءٌ بگهاڙ، جو سيتا به سڏبو آهي، وٺي هيٺ ويو هوس. جتي اهي شاخون جدا ٿين ٿيون، اتي بگهاڙ ميراين کان وڏو آهي. ٺٽي
کان چار ڪوهه هيٺ درياءَ جي کٻي ڪپر تي سمن جو ڳوٺ آهي. هتي درياء منو ميل ويڪرو آهي. ائروسمٿ ۽ ڪئريءَ جي نقشن ۾ انهن ٻن وڏين تقريباً
هڪجيڏين شاخن جو نالو نشان به نه آهي، پر اهي فوجي عملدارن جي قلمي نقشي ۾ صحيح ڏيکاريل آهن. ميرايون پهريان هڪ ننڍي شاخ نشان ڪيل آهي، پر
پوءِ مکيه درياء ڏيکاريل به آهي. اها لاهري ۽ براجي بندرن کان لنگهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هيءُ نقشو ميجر رينيل جي اڳين صديءَ جي آخر ۾
ڏنل بيان سان، نالن ۽ ٻين ڳالهين ۾ ملي ٿو.
آءٌ سمجهان ٿو، ته اڳين ماڻهن کي هاڻوڪن مصنفن کان سنڌ جي دوآبي جي وڌيڪ خبر هئي. يوناني مصنف ائرين (Arrian) لکي ٿو ته: ”هن ايراضيءَ ۾ سنڌوندي يوناني اکر جي صورت اختيار ڪري ٿي ۽ اها ايراضي مصر جي دوآبي
واري پرڳڻي کان گهڻو وڏي آهي. پٽالا جي ڀرسان سڌوندي ڦٽي ٻن وڏين شاخن ۾ وهي ٿي، ۽ اتي، ٻيئي سمنڊ تائين ساڳئي نالي سان سڏجن ٿيون“. آءٌ
اکين ڏٺي ثابتيءَ سان چئي سگهان ٿو، ته اها پوئين ڳالهه صحيح آهي. ماڻهو چون ٿا، ته جيتوڻيڪ بگهاڙ يا سيتا، جنهن مان هن وقت آءٌ گذري رهيو
آهيان، سا ٿوري مفاصلي کان ڦٽي گهڻيون شاخون ٿئي ٿي، ۽ واياڻيءَ وٽ وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. تنهن هوندي به بندر بسته ۽ لکپت جي ڦاٽ يا
سنڌونديءَ جي حقيقي اوڀارين شاخ ۾ سولائيءَ سان پهچي سگهجي ٿو. جيڪڏهن هاڻوڪن جاگرافي نويسن کي اها خبر هجي، ته هو ائين نه چون ها، ته
سڪندر سنڪري واهه مان اوڀر طرف ويو هوندو. جيتريقدر مون تحقيقات ڪئي آهي، ته هن وقت سنڌ ۾ ”سنڪري“ نالي ڪوبه واهه ڪونه آهي. ممڪن آهي، ته
هن وقت ڪو واهڙ ان نالي سان سڏبو هجي. ڏسجي ٿو، ته اڳينءَ صديءَ جي وچ ڌاري انهيءَ نالي جو ڪو واهڙ هو. ڇاڪاڻ ته نادرشاهه ۽ دهليءَ جي
بادشاهه جي وچ ۾ جيڪو عهدنامو ٿيو هو، ان ۾ انهيءَ نالي جو ذڪر ڪيل آهي. اهو واهه غالباً ڦرائيون
(1) ، ڦليلي يا پرسياري هوندو. انهيءَ حالت ۾ اسان کي ائين ٺهرائڻو پوندو، ته هاڻوڪو ٺٽو ۽
برهمڻ آباد جو ڦٽل شهر، جو ان جي ويجهو آهي، سي يونانين وارو شهر پٽالا نه آهي، يا ته سڪندر ٺٽي کان مٿي وڃي، سنڌونديءَ جي اوڀارينءَ شاخ ۾
ڏسڻ لاءِ ويو هو، جنهن جو ڪوبه ذڪر يا امڪان نه آهي. مشرقي ملڪن ۾ مڪاني ماڻهو ساڳي نديءَ کي ڪيترائي نالا ڏيندا آهن ۽ وري انهن کي
بدلائيندا آهن. جيئن ملڪ جو رواج بدلبو آهي، تنهنڪري تمام گهڻو مونجهارو ٿيندو آهي.
جيڪڏهن اسين فرض ڪريون، ته شير مقدونيه (سڪندر) بگهاڙ يا سيتان ۾ جهازراني ڪئي هئي، ته انهيءَ حالت ۾ هن جي مسافريءَ جا سڀ مسئلا حل ٿين ٿا ۽ ڌڪن هڻڻ جي ضرورت نه ٿي پوي. اها مڇين واري ڍنڍ(2)
جنهن جو ذڪر ائرين ڪري ٿو، سا لکپت جي کاري هوندي، جا سمنڊ جي ڀرسان ڏهه ميل ويڪري آهي. چون ٿا، ته ڍنڍ مان لنگهڻ کان پوءِ، هو ٽي ڏينهن
(3) ڪنارو وٺي پئي ويو ۽ رستي ۾ کوهه کوٽايائين. جاگرافيدان ان ڳالهه تي يڪراءِ نه آهن، ته ڪو
هو ڪڇ ۾ ويو هو. جيڪڏهن هو نارائڻ سر ۾ لٿو هوندو ۽ سٺ ميل پنڌ ڪيو هوندائين، جيئن ڊاڪٽر ونسينٽ تخمينو ڪري ٿو، ته ان حالت ۾ هو ابراسه جي
علائقي ۾ سندان جي ڳوٺ ۾ پهتو هوندو، ۽ ڀيرجاڪو ۽ ڪوراٺو واري علائقي مان لنگهيو هوندو. ان ڪري اها تاريخي زمين ڪري ليکي سگهجي ٿي. قديم
جاگرافين جي نقشن ۾جيڪو زائلينو پولس (1) جو شهر ڏيکاريل آهي، سو هاڻوڪي لکپت کي نارائڻ سر کان
وڌيڪ ويجهو، يعني ڪوري نديءَ تي مٿڀرو آهي. جيڪڏهن سڪندر اتي لٿو هو، ۽ اتان سٺ ميل پنڌ ڪيو هئائين، ته ان حالت ۾ هو بندر جڪي کان پرتي
ڪونه ويو هوندو.
ممڪن آهي ته پٽالي جو شهر اتي هجي، جتي هاڻي جهرڪن جو شهر آهي. ان حالت ۾ سڪندر پڃاري شاخ مان لنگهيو هوندو، جا ٻني، لائقپور، ميرپور ۽ مغربيءَ کان لنگهي ٿي. اتان هو لکپت جي کاريءَ تائين
اچي سگهيو هوندو. مون کي معلوم ڪونه ٿيو، ته ميٺ يا مهراڻ نالي ڪا ايڏي وڏي شاخ بگهاڙ مان نڪري ٿي، جيئن بحري آفيسر جي نقشي ۾ ڏيکاريل آهي.
مون کي خاطريءَ سان معلوم ٿيو آهي، ته هن موسم ۾ پڃاريءَ کان سوا”، ٻئي ڪنهن به پاڻيءَ جي رستي مغربيءَ وڃي نه سگهبو آهي. پر سڪندر کي آگسٽ
يا سيپٽمبر ۾ ان مان لنگهڻ ۾ تڪليف ڪانه ٿي هوندي. ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ پڃاري ڦوڪيل وهندي هوندي. سفارتخاني جو منشي چئي ٿو، ته هو ڇويهه
ورهيه اڳ پنهنجي ڪٽنب سان انهيءَ شاخ مان ٺٽي کان ڪوٽ سر، جو لکپت جي کاريءَ تي آهي، ويو هو. نقشي ۾ جو نالو ڏنل آهي، سو مون ڪونه ڦيرايو
آهي. پر جيتريقدر مون کي خبر آهي، ته هن شاخ کي سنڌ ۾ ميٺ ميراين جي نالي سان ڪونه سڏيندا آهن.
منهنجي ناقص عقل ۾، ان ۾ ذري ماتر به شڪ نه آهي، ته ٺٽو ئي قديم زماني جو شهر پٽالا آهي. آئرين چوي ٿو، ته پٽالا لفظ جي ساڳي معنيٰ آهي، جا يوناني لفظ ”ڊيلٽا“ يعني دوآبي جي آهي. جيڪڏهن سنڌ
جو ڪوبه حصو دوآبي سڏجڻ جي لائق آهي، ته اهو ٺٽي کان جيڪو هيٺ علائقو آهي، سو آهي. اها ڳالهه به ممڪن نه آهي، ته سڪندر جنهن نيل نديءَ جي
دوآبيءَ جو معائنو ڪيو هو، سو ڪن ٻين مٿين شاخن کي، جي تمام ننڍيون هونديون، تن کي ڪو دوآبي جي نالي سان سڏيندو. ان ڳالهه جي هڪ ٻي به
ثابتي آهي، ته پٽالا مٿي نه هو. لکيل آهي، ته سڪندر پهريان پٽالا مان سڄي هٿ واري شاخ وٺي ويو هو، جا لاشڪ هاڻوڪي ميرايون شاخ آهي، ۽ اڃا
چار سؤ فرلانگ يا پنجاهه ميل پنڌ ڪيائين، ته ناکئن خبر ڏنس، ته سمنڊ ويجهو آهي. اهو ٻڌي، هو خوشيءَ ۾ گد گد ٿي ويو. اسان کي معلوم آهي، ته
ٺٽي ۽ سمنڊ جي وچ ۾ اسي ميل مفاصلو آهي. اهو ممڪن نه آهي، ته ناکئا خواهه انهن کي ڪيترو به آزمودو هجي، ٽيهن ميلن کان وڌيڪ مفاصلي تي هوا
جي رُخ مان چئي سگهندا ته سمنڊ ويجهو آهي. هن راءِ جي خلاف فقط هڪڙي ڳالهه آهي، سا هيءَ ته سنڌوندي جي وِير سمنڊ کان سٺ ميلن تائين ويندي
آهي. مقدونيا وارن وِير جو لاهه - چاڙهه ڏٺو هوندو، اڳتي هلي، هيءَ وِير ڏسي حيران بلڪ خوفزده ٿيا هوندا. جڏهن هو اڃا سمنڊ کان ٽيهن ميلن
تي ڪونه پهتا هوندا. ممڪن آهي ته هو سـِـير ۾ ڪيترا ميل هيٺ تڪڙا هليا ويا هجن، ۽ کين وير جي خبر نه پئي هجي. ان ڳالهه تي ڪهڙو به ناکئو
ڀلجي سگهي ٿو، خاص ڪري انهيءَ موسم ۾، جنهن ۾ هو سنڌ مان لنگهيا هئا. ان وقت سنڌوندي ڦوڪيل وهندي آهي. انهن کي خبر تڏهن پئي هوندي، جڏهن
وِير گهڻو چڙهي هوندي، ۽ ڏکڻ - اولهه جي چوماسي هوا سندن راهه ۾ رڪاوٽ وڌي هوندي. هن ۾ وري ٻيو اختلاف آهي. چون ٿا، سڪندر پنهنجي سپهه
سالار ليونيٽس کي حڪم ڏنو هو ته: “هو پنهنجي لشڪر سميت بحري ٻيڙي سان گڏوگڏ هلندو اچي، پر سنڌونديءَ جي ڇوڙ وارو ملڪ اهڙو آهي، جو هو سمورو
وقت آرماڙ جي ويجهو ڪونه رهي سگهيو هوندو. قديم جاگرافي نويس نهايت صحيح آهن. ائرين چوي ٿو، ته سنڌونديءَ جو مکيه منهن ٻارنهن ميل ويڪرو
هو. جديد کوجنائن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي، ته اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. ونسينٽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اها ڳالهه غلط آهي. هن جي خيال
موجب يونانين ڊڄي ڪري وڌاءُ ڪيو آهي(1) .
ڪڇ جي مختصر تاريخ
تمهيدي قيل و مقال
هن ڪتاب ۾، ڪڇ جو برطانيا سرڪار سان لاڳاپو شروع ٿيو، تنهن کان پوءِ جي مختصر تاريخ ڏنل آهي. اها تاريخ ڪجهه سال ٿيا، ته سرڪاري ڪاغذن تان، ڪئپٽن چارلس والٽر، جي تاريخ کي مڪمل ڪرڻ جي ارادي
سان ۽ ڪن دوستن کي خوش ڪرڻ لاءِ لکي ويئي هئي، جن کي اڳوڻي راءَ ڀلملجيءَ جي حياتيءَ ۽ ڪارنامن پڙهڻ جو شوق هو، جو هن وقت ڀـُـڄ ۾ نظربند
آهي. مون وٽ ڪئپٽن والٽر جا ڪاغذ موجود نه هئا، تنهنڪري مون هن ڪتاب جي منڍ ۾ ڪڇ جي اڳوڻيءَ تاريخ جو مختصر احوال ڏنو آهي، جو مانواري
مائونٽ اسٽوئرٽ ايلفنسٽن، ڀـُـڄ جي سياسي سفير، ليفٽيننٽ ڪرنل پاٽنجر ۽ ممبئي فوج جي اعليٰ آفيسر جي ننڍي نائب، ليفٽيننٽ ۽ جيمس هالنڊ جي
سرڪاري روبڪارين تان اخذ ٿيل آهي.
هتي هڪڙو خط درج ڪجي ٿو، جو ڪڇ جي تاريخ سان تعلق رکي ٿو.
ممبئي قلعو
20- اپريل 1830ع
سياسي کاتو نمبر - 531
ڪڇ جي سفير ڏانهن
صاحب مـَـنَ حسبِ حڪم، توهان کي اطلاع ٿو ڏجي، ته توهان جو 13- مارچ وارو خط، ڊاڪٽر برنس جي خط جي نقل سميت پهتو. توهان مهرباني ڪري سرڪار جي پاران انهيءَ عملدار (ڊاڪٽر برنس) جي سندس ڪڇ جي
تازيءَ تاريخ تي لکيل قيمتي مضمون لاءِ، شڪريو ادا ڪندا.
توهان پڻ ڪرم فرمائي، ڊاڪٽر برنس کي ٻڌائيندا، ته سرڪار کي اها ڳالهه ٻڌي نهايت خوشي ٿي آهي، ته سرڪاري عملدار پنهنجي فرصت جو وقت اهڙين ڪارآمد کوجنائن ۾ صرف ڪن ٿا ۽ کيس خاطري ڏيندا، ته ڪڇ
جو صاف ۽ مجمل احوال، جو هن صاحب لکيو آهي، سو جناب عزت ماب ڊائريڪٽرن جي مجلس جي ڌيان تي آندو ويندو.
- ٽي. وليم. من
سرڪار جو سيڪريٽري
فصل: 1
انگريزن جي اچڻ کان اڳ، ڪڇ جي مختصر
تاريخ جو تمهيدي احوال
نائين صدي عيسويءَ ڌاري، سما قوم جي هڪ جماعت پنجن ڀائرن جي رهنمائيءَ هيٺ سنڌ مان لڏي اچي ڪڇ ۾ آباد ٿي، جتي هنن رفتي رفتي ساري حڪومت هٿ ڪئي ۽ اتان جي قديم رهاڪن واگهلن، ڪـِـٽين، ۽
واگـِـم چـَـؤڙن جي ٽن مکيه فرقن کي زور يا ڌوڪي سان، ملڪ مان هڪالي ڪڍيو.
چئن - پنجن پيڙهين کان پوءِ، هو پاڻ کي قوم جي اڳواڻ، ”جهاري“، جي نالي پٺيان جهاريجا سڏائڻ لڳا. چون ٿا ته انهيءَ جهاري، هڪ ڏينهن ۾ پنهنجون ست ڌيئرون ماري، پنهنجن پوين لاءِ ”ٻالڪ هتيا“
جو مثال قائم ڪيو هو.
انهن جي حڪومت هيٺ، ڪڇ ڪيترا ورهيه صلح سانت ۾ رهيو- جيستائين قوم جي مکيه شاخ جي سردار، هميرجيءَ کي ڄام راول نالي هڪ جهاريجي قتل ڪيو. پيءُ جي قتل کان پوءِ، هميرجيءَ جو پٽ ڪينگرجي مدد
لاءِ احمدآباد جي ناظم ڏانهن ڀڄي ويو، جو سندس ڀيڻويو هو. ناظم کيس خوشيءَ سان مدد ڏيڻ قبول ڪئي ۽ هن قوم جي سرداريءَ ۽ قاتل کي سندس غصب
ٿيل حق وٺي ڏيڻ لاءِ، هڪ فوج رواني ڪئي.
جڏهن ناظم جي فوج ويجهو پهتي، تڏهن راول پنهنجن فريقن سان ڪاٺياواڙ ڏانهن ڀڄي وڃي نواننگر نالي هڪ شهر جو پايو وڌو، جو اڄ تائين سندس پوئين جي قبضي ۾ آهي. ڪينگرجي، ڪڇ مان موروي، جا
ڪاٺياواڙ ۾ آهي، تنهن تي سنه 1549ع ۾ قبضو ڪيو، ۽ پاڻ کي راءُ يا راول سڏائڻ لڳو.
ڪينگرجيءَ جي وقت کان وٺي راهه دين جي وقت (1666ع) تائين، جو راءَ جو وڏو پٽ تخت تي ويهندو آيو. راهه دين جي ٽئين پٽ پراگجي، پنهنجي وڏي ڀاءُ جيواجيءَ جو خون ڪيو، ۽ هن جو ٻيو ڀاءُ نونگلجي
انهيءَ وچ ۾ گذاري ويو. سنه 1698ع ۾، جڏهن پراگجيءَ جو پيءُ گذاري ويو، تڏهن هو پنهنجن ڀائٽين: ڪيانجي پٽ جيواجي، ۽ ڪلاجي نونگلجي جو حق
ريٽي، پاڻ مسند تي ويٺو ڪيانجيءَ کي هن ڪاٺياواڙ ۾، موروي جي حڪومت ڏني، جا اڄ تائين هن جي پوين جي قبضي ۾ آهي. ڪلاجي ابراسا جي ضلعي ۾ وڃي
مکيه شهرن تي قبضو ڪيو، جتي ان وقت کان وٺي سندس پوين جو اثر هليو اچي.
پراگجيءَ کان پوءِ، هن جو پٽ گوريجي، سنه 1716ع ۾ تخت تي ويٺو. هو هڪ بهادر ۽ همت ڀريو شهزادو هو. هن پنهنجي پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي شجاعت ۽ مردانگيءَ ۾ نالو ڪڍيو هو، پر هن جي حڪومت ۾ڪو
نمايان ڪارنامو ڪونه ٿيو. هن کان پوءِ، سندس پٽ راءُ ڏيسل تخت تي ويٺو.
راءُ ڏيسل، سنه 1719ع ۾ گاديءَ تي براجمان ٿيو. هن ڪڇ جو منهن تمام مٿي ڪيو ۽ ڪڇ لاءِ عزت پيدا ڪئي. هنن چئن فوجن کي، جي شهنشاهه جي نائب، ڍل وصول ڪرڻ لاءِ موڪليون هيون، شڪست ڏيئي هٽايو،
۽ پنهنجون فوجون سرحد پار موڪلي سنڌ، پارڪر ۽ اوکا منڊيل ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪري، سنڌ ۽ پار جي ڦورو سوارن ۽ اوکا منڊيل جي ڊاڪن جي
ڪارواين کي ٻنجو ڏنو.
هن، ڪڇ جي نار ۽ ڏاکڻئين ڪناري جي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن تي قبضو ڪيو. هن جو چوڻ هو، ته مورويءَ جي راجا جي عزازت ڪري، منهنجو انهن شهر ۽ ڳوٺن تي حق آهي. انهن ڪارواين تي ڪافي خرچ ٿيو ۽ تنهن
کان سواءِ هن پنهنجي ملڪ ۾ به چڱا سڌارا ڪيا. ان هوندي به هو ڀرپور خزانو ڇڏي وڏيءَ عمر ۾ گذاري ويو.
هن جي حياتيءَ جا پويان ڏينهن، سندس پٽ شهزادي لـِـڪاجيءَ جي شرارتن ڪري ڏکيا گذريا، جنهن هن کي نظربند ڪري رکيو، ۽ سندس مشهور وزير سيٺ ديوڪرن جو خون ڪرايو.
لـِـڪاجيءَ حڪومت جون سموريون واڳون سنه 1745ع ۾ پنهنجي هٿ ڪيون. هن جي حڪومت سندس پيءُ جي وفات کان پوءِ، ڏهه ورهيه هلي. هن ڏاڍا خرچ ڪيا ۽ شان شوڪت ۽ دٻدٻو رکيو، جنهنڪري درٻار جو اڳيون
دستور ۽ رواج بدلجي ويو. راءُ ڏيسل، پارڪر ۽ سنڌ ۾، جي فوجي چونڪيون رکيون هيون، تن کي هڪالي ڪڍيو ويو، ۽ هن جو پٽ جو پوءِ راءُ گوري ٿيو،
تنهن کليو کلايو بغاوت شروع ڪئي. انهيءَ عرصي لاءِ ڪئپٽن والٽر لکي ٿو ته: ”ملڪ جو ڪاروبار هڪٻئي پٺيان نالائق وزيرن جي هٿ ۾ ڇڏيو ويو هو.
هنن جي لياقت فقط اها هوندي هئي، ته هو ڪابه نامعقول ۽ بيهودي تجويز قبول ڪندا هئا، جنهن مان راءُ جي خودپسندي ۽ خرچ ۾ اضافو ٿيندو هو.
مطلب ته اهڙا ظلم ۽ زبردستيون ٿيڻ لڳيون، جن جو نالو نشان به نه هوندو هو“.
هن جي حڪومت ۾ ٻه - ٽي وزير ماريا. راءُ ڏيسل جي مشهور وزير سيٺ ديوڪرن جي پٽ، سيٺ پونجا کي بيعزتو ڪري موقوف ڪيو ويو. شهزادو گورجي پيءُ جي حياتيءَ جا پويان ست ورهيه گوشه نشين ٿي ڪري وڃي
موندري ۾ رهيو. هن جي پٺيان ڪيتريون فوجون موڪليون ويون، پر اهي هميشه ناڪام رهيون. راءُ لـِـڪاجيءَ جي ڏينهن ۾ ڪنهن به پاڙيواريءَ حڪومت،
ڪڇ تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي، ۽ هن جي سموري طاقت محفوظ هئي، پر تنهن هوندي به هو پٽ جي بغاوت کي منهن ڏئي نه سگهيو. هن تيراهه ۾،
سومرا جي جهاريجيءَ جي قلعي ۾ شهر ابراسي تي ناڪام حملو ڪيو ۽ هو هارائي شرمسار ٿي، پنهنجي ڳوٺ واپس موٽي آيو. جڏهن سيٺ پونجا، راءُ
لـِـڪاجيءَ جي موت جي خبر ٻڌي، تڏهن هو وزير ٿيڻ جي اميد ۾ تڪڙو ڀـُـڄ آيو،پر هن جي کليو کلايو هتڪ ۽ مخالفت ڪئي ويئي. آخر خبر پيس ته کيس
مارڻ جي سازش هلي رهي آهي. پوءِ هو سنڌ ڏانهن ڀڄي ويو، ۽ وزارت،جيونسنگهه نالي سندس هڪ ڏورانهين مائٽ کي ڏني ويئي.
هن جي حڪومت ۾، سنڌين گهٽ ۾ گهٽ چار دفعا حملو ڪيو. هر دفعي ملڪ ويران ڪيو ۽ لـُـٽيو ويو. جيتوڻيڪ فاتح، ملڪ ۾ ديري ڄمائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. ٻه حملا ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پاڻ پنهنجي سر ڪيا
هئا، ۽ ٻه هن جي پٽ ميان محمد سرفراز خان. ميان غلام شاهه جي مرضي هئي، ته راءُ کيس پنهنجي ڀيڻ جو سڱ ڏئي. عهدنامي ۾ اهڙو شرط به وڌو ويو،
پر ان جي پوئواري ڪانه ڪئي ويئي. ٻئي حملي وقت ميان غلام شاهه کوکرن جي سردار جي ڌيءُ تي راضي رهيو، جنهن جي خاندان جو راءُ کان پو”،
گاديءَ تي حق سمجهيو ويندو هو.
انهن واقعن ثابت ڪيو، ته ڪڇ وارن کي سنڌ جي حڪومت جي مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانه هئي. راءُ لالچ ڏيئي، راهه ديناپور جي نواب، نواننگر جي ڄام، مورويءَ جي حاڪم ۽ ٻين کان سپاهي گهرايا، پر انهيءَ
بيروني امداد هوندي به ڪڇ جي حڪومت جو خاتمو ٿئي ها، جيڪڏهن سيٺ پونجا جا هٿ نصيب نه ٿينس ها. ميان غلام شاهه کي حملي لاءِ تيار به سيٺ
پونجا ڪيو هو، پر پوءِ هن پڇتايو ۽ ميان غلام شاهه کي ريهي ريبي حيدرآباد واپس روانو ڪيائين. جڏهن سنڌي موٽي ويا، تڏهن سيٺ پونجا کي وزير
مقرر ڪيو ويو. پر پوءِ جلدئي راءُ کيس پنهنجن هٿن سان زهر جو پيالو پياري، ماري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن کيس صلاح ڏني هئي، ته عهدنامي جي شرطن جي
پوئواري ڪرڻ کپي. ٽن ورهين کان پوءِ، هن جي پٽ سيٺ ديوجي، وزارت جو عهدو قبول ڪيو ۽ هن کي به زهر جي رستي جوانيءَ ۾ موت نصيب ٿيو.
ڪڇ مان موٽندي، ميان غلام شاهه لکپت بندر ۾ پنجن هزارن سپاهين جي فوج ڇڏي ويو هو. انهن ڏينهن ۾، لکپت هڪ رواجي ڳوٺ هوندو هو. تنهن کان سواءِ هن هڪ بندر ٻڌرائي، سنڌونديءَ جو پاڻي اوڀارينءَ
شاخ مان، جا لکپت جي ڀرسان وهندي هئي، سمنڊ ڏي وڃڻ بند ڪري ڇڏيو. اهڙي بيجا روش اختيار ڪرڻ ڪري، هن هڪڙي زرخير علائقي، جنهن جي سارين جي
پيدائش مان ڀـُـڄ سرڪار کي اٺن لکن ڪوڙين جي آمدني ٿيندي هئي، تنهن کي هڪ هيبتناڪ ڪلراٺو رڻ بنائي ڇڏيو.
جڏهن ميان غلام شاهه مري ويو، تڏهن هن جي پٽ ميان محمد سرفراز خان پنهنجي فوج لکپت مان واپس گهرائي ورتي. پر جيئن اڳي لکيو ويو آهي، ته هن ان کان پوءِ، ٻه دفعا زبردست فوج سان ڪڇ تي حملو
ڪري، ملڪ جو ڪيترو حصو ويران ڪري ڇڏيو.
ساڳئي وقت ڪڇ جي فوجن کي ڪاٺياواڙ جي اترئين ڪناري تان، بمبئيءَ ۽ ٻين شهرن مان ڄام جي زيردستن هڪالي ڪڍيو. انهن نقصانن جي تدارڪ ڪرڻ بدران راءُ پنهنجو سمورو وقت ۽ خيال عجيب قسمن جي ظلمن ۽
عيش پرستيءَ ۾ ضايع ڪرڻ لڳو. هن هڪڙو حبش جو ٽولو نوڪريءَ ۾ رکيو، جي سندس ويجهو فقط انهن ماڻهن کي اچڻ ڏيندا هئا، جي هن جي فاحش ۽ ذليل
مجلسن ۾ شامل ٿيندا هئا. آخر درٻار جي زالن، مکيه عملدارن تي زور ڀريو، ته راءُ کي قيد ڪن. انهيءَ عارضي حوالات جي وقت ۾، سڀني حبشين کي
ماريو ويو يا هو ڀر وارن ملڪن ڏانهن ڀڄي ويا. ان ڳالهه تي راءُ کي ايترو غصو آيو، جو قيد مان ڇٽڻ کان پوءِ هو بيزار ٿي مانڊويءَ ڏي هليو
ويو، جتي هڪ عاليشان محل ٺهرائڻ شروع ڪيائين، پر پوءِ اهو پورو ڪري نه سگهيو.
انهن حقيقتن مان ظاهر آهي، ته راءُ گوري هڪ خونخوار ۽ بيرحم ظالم هو. مٿي جيڪي خوفناڪ واقعا ڏنا ويا آهن، انهن کان سواءِ هن پنهنجي ڀاءُ مانسنگهجيءَ کي پنهنجن هٿن سان پاڻ ماريو. ڇاڪاڻ ته
هن تي هڪ عورت، جنهن کيس جواب ڏنو هو، مهربان ٿي هئي. چون ٿا، ته هن جي اڻويهن ورهين جي حڪومت ۾، ٽيهن کان وڌيڪ وزير سندس غصي يا طمع جو
شڪار ٿيا هئا. هن پٺيان ٻه پٽ ڇڏيا: هڪڙو شهزادو راهه دين ۽ ٻيو پرٿويراج، جنهن کي عام طرح ڀائيجي ٻاوا چوندا هئا. هن کان پوءِ، راهه دين
سندس گاديءَ تي ويٺو.
راءُ راهه دين سنه 1778ع ۾، اڻويهن ورهين جي ڄمار ۾ حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي. هن جي ماءُ، ديويچند نالي هڪ لوهاڻو وزير مقرر ڪيو، پر پوءِ معلوم ٿيو، ته راءُ گوريءَ کان وٺي، هنن جا پاڻ ۾ ناجائز
تعلقات هوندا هئا.
راءُ راهه دين ننڍي هوندي کان وٺي، خون خرابيءَ تي هريل هو. هن جلد ثابت ڪري ڏيکاريو، ته هو هڪ لائق شاگرد هو، جنهن کي ماءُ جي بيوفائيءَ لاءِ پيءُ جي وصيت جي ضرورت نه هئي. هن اهي حبشي وري
رکيا، جن کي ڪجهه سال اڳ تڙي ڪڍيو ويو هو. انهن جي مدد سان، هن هڪ ڏينهن ديويچند ۽ هن جا ٽي ڀائر ۽ هنن جا ٻن سـَـونِ کان وڌيڪ طرفدار
مارايا.
انهيءَ کان پوءِ، هڪڙي حبشي جميندار جي سرپرستيءَ هيٺ، ميگهراج نالي هڪڙو واڻيو وزير رکيائين. پر انهن نامناسب عملدارن جو جلد پاڻ ۾ جهڳڙو ٿيو، جنهنڪري فرقيبازي شروع ٿي ويئي. راءُ ڪن خاص
دوستن سان، محل جي اندر، شهوت پرستيءَ ۽ عيش عشرت ۾ مصروف هو، ۽ ٻاهر انهن جو خون پئي وهيو، جيڪي سندس لطف جا خواهان هئا. جيڪي سڀني کان
وڌيڪ همت ڀريا حبشي هئا، تن کي جلاوطن ڪيو ويو. چون ٿا، ته راءُ پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ، هنن جي کاڌي ۾، پاڻ پنهنجن هٿن سان زهر ملايو هو.
پر حبشين کي راءَ تي اڃا ڪافي اثر هو، ۽ هنن کانئس واڻئي کي مارڻ جي اجازت ورتي، ۽ نيٺ واڻئي کي عام درٻار ۾ قتل ڪيو ويو.
انهن بـُـرين ڪارواين جي خبر ٻڌي، ڪيترا ضلعي جا عملدار پاڻ کي ڀـُـڄ جي حڪومت کان آزاد سمجهڻ لڳا، پر مانڊوي ۽ ڪي ٻيا شهر راءَ ڏانهن وفادار رهيا. راءُ تازو مسلمان ٿيو هو ۽ هن جي مرضي
هئي، ته رعيت کي به زوريءَ مسلمان ڪجي. تنهنڪري هيءُ فيصلو ڪيائين ته: ”هندن جا سڀ مندر ۽ بت ڊاهي ناس ڪجن“. اها پاڳلپڻي واري ڪاروائي، هن
پهريائين مانڊويءَ ۾ شروع ڪئي، جتي هو خاص انهيءَ ڪم لاءِ سنبري ويو هو. پر برهمڻن ۽ واڻين جي اتي گهڻائي هئي. انهن سندس مخالفت ڪئي ۽
پنهنجو ناراضپو ڏيکارڻ لاءِ پاڻ ”دراگو“ ڪرڻ جو دڙڪو ڏنائونس. راءَ چـَـيـُـنِ، ته هو سندن گدڙ ڀڀڪين کان ڊڄڻ وارو نه آهي، ۽ هڪدم ترار
ڪڍي، انهن مان پنجن - ڇهن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيائين، پر هن جي ملازمن کيس جهلي ورتو. پوءِ حڪم ڏنائين، ته شهر کي ڦـُـريو وڃي، پر خوش
قسمتيءَ سان هنن فوج کي رشوت ڏيئي پنهنجي پاسي ڪيو ۽ شرارت جا باني ناڪام رهيا. ان وقت خود راءَ جي حياتي خطري ۾ هئي. شهر جي ماڻهن غصي ۾
راءَ ۽ هن جي پهريدارن تي حملو ڪيو، ۽ هو جان بچائي ڀـُـڄ هليا ويا. مانڊويءَ ۾ جا هن کي شڪست نصيب ٿي هئي، تنهن جي بدلي وٺڻ لاءِ هن هڪ
عجيب طريقو اختيار ڪيو. هو هاڻي فقيراڻو ويس ڪري، حبشين سان گڏجي شهر ۾گهمڻ لڳو. جيڪو به ماڻهو ڪلمي پڙهڻ کان انڪار پيو ڪري، تنهن کي حبشي
ماريندا ٿي هليا.
هاڻي اها ڳالهه مشهور ٿي ويئي، ته راءَ جو مغز خراب ٿي پيو آهي. هن کي سندس ڀاءُ، ڀائيجي ٻاوا، جي صلاح سان قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. آخر ’انجر‘ مان مخفي طرح فوج گهرائي کيس نظربند ڪيو
ويو. ان کان اڳ هن کي هٿ ڪرڻ جون ڪيتريون ناڪام ڪوششون ڪيون ويون هيون، پر هن حبشين جي مدد سان انهن جو مقابلو پئي ڪيو. هڪڙي مقابلي ۾ راءَ
۽ هنن جي رفيقن، محل جي اڱڻ ۾ وزير ڪوٽاري واگهه ۽ هن جي ٽي سؤ همراهن کي نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪيو.
هن کان پوءِ، راءُ سمورو وقت نظربند (1)
رهيو. هن جو ڀاءُ، ڀائيجي ٻاوا، اڃا ايڏيءَ عمر جو نه هو، جو ملڪي ڪاروبار سنڀالي سگهي. تنهنڪري حڪومت، پگهاردار فوج جا ٻارنهن سپه سالار
هلائيندا هئا، جي سڀ مسلمان هئا. انهن جو اڳواڻ ڏوسيل ويڻ هو، جنهن جي حڪم هيٺ هو ڪاروبار هلائيندا هئا.
انهن اڳواڻن ۾ فتح محمد نالي هڪڙو سنڌي به هو. هو جهڙو هو لائق، تهڙو هو بهادر. هن ڏٺو، ته ڏوسيل ويڻ جي حڪومت ضعيف ۽ بدنام آهي، تنهنڪري هن فوج ڪاروبار هلائيندڙ وزيرن، ۽ ڪن جهاريجن سان
منصوبو رٿيو. سنه 1792ع ۾ هن ڏوسيل ويڻ کي برطرف ڪري، حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ڪيون. هن ڏهه ورهيه لاڳيتو ڀائيجي ٻاوي جي نالي ۾، ناظم جي
حيثيت سان قابليت ۽ استقامت سان حڪومت هلائي. آخر ڀائيجي ٻائو جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن هو محسوس ڪرڻ لڳو، ته کيس حڪومت جي ڪاروبار ۾ مداخلت ڪانه
هئي. هنسراج ۽ ٻيا وزير جي فتح محمد جي حڪومت ۾ راضي نه هئا، تن انهيءَ ڳالهه جو فائدو ورتو. اتفاق سان فتح محمد دارالسلطنت مان ٻاهر ويل
هو. انهيءَ موقعي جو فائدو وٺي، هو ڀائيجي ٻاوي کي مانڊويءَ وٺي ويا، جا ان وقت هنسراج جي قبضي ۾ هئي. هنسراج جي دولت ۽ لياقت، ٻين وزيرن
جي شموليت، ۽ ڀائيجيءَ جي هردلعزيزيءَ ۽ حقگوئيءَ جي ڪري، ماڻهو ڪثرت سان هنن جا طرفدار ٿي ويا. فتح محمد لاچار ٿي ڀـُـڄ ڇڏي، انجر جي قلعي
۽ ان جي آسپاس واري ملڪ جي حڪومت قبول ڪئي.
انهيءَ انقلاب کان پوءِ، ڇهن مهينن جي اندر يعني سنه 1802ع ۾ ڀائيجي گذاري ويو، ۽ فتح محمد کي وري وارو لڳي ويو. هنسراج واپاري هو، هن کي دولت به هئي ۽ هو هڪ هردلعزيز به هو، پر هو فوجي هنر
کان بنهه غير واقف هو، تنهنڪري هو مانڊويءَ ڏانهن هليو ويو، ۽ ڀـُـڄ تي فتح محمد وڃي قبضو ڪيو. لکپت بندر، موندرو، ڀٽ ۽ سيسالڊ، آزاد
سردارن جي هٿ ۾ رهيا. انهن مان ٽي مسلمان هئا، پر هو هنسراج سان ٻڌل هئا. انهن ڌرين کي عرب، سنڌي ۽ ڪڇي پگهاردار مسلمان سپاهين جي مدد هئي.
جهاريجن کي هن وقت شايد گهڻي وقعت ڪانه هئي، ۽ هنن جو انهيءَ ڪشمڪش ۾ ڪوبه ورتل بهرو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. انهن مان ڪي پنهنجن ڪوٽن ۾
بيطرفدار رهيا ۽ ڪن وڃي مخالف ڌرين جي نوڪري ڪئي. راءُ، فتح محمد جي قبضي ۾ هو ۽ هنسراج کي ڪا ذاتي اختياري ڪانه هئي، پر تنهن هوندي به
برادريءَ جو وڏو حصو هن جي نوڪريءَ ۽ هن جي ڌر سان شامل هو. فتح محمد جي هٿ ۾ به جيڪي آيا، انهن کي پورو ڪري ڇڏيائين. هن انهن جي گهرن ۾
جهڳڙا وجهايا، انهن جي قلعن کي گهيرو ڪيائين ۽ پنهنجي خزاني ڀرڻ ۽ انتقام وٺڻ لاءِ ڪيترا بهانا ڪري، انهن تي چٽيون وڌائين. خرچ جي پورائيءَ
ڪرڻ لاءِ هن واپارين ۽ آبادگارن تي ڪيترا محصول ۽ ڏنڊ وڌا. انهن ڪارواين ملڪ ۾ عام ناراضپو پيدا ڪيو، پر تنهن هوندي به هن جي خلاف ڪا سازش
ڪانه ٿي. هو دارالسلطنت ۽ راءَ جي ملڪ جي گهڻي حـصي تي حڪومت ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجن رقيبن جي علائقي تي به حملا ڪندو رهيو- جيستائين هن جي
پڄاڻي ٿي. ”جميندار“ جي نالي کي ڪڇ ۾ اڄ به ايتري عزت ڏني ويندي آهي، جيتري راءَ کي. فتح محمد سنه 1813ع ۾ گذاري ويو. هنسراج هن کان ٿورو
وقت اڳ مري ويو هو، ۽ راءَ راهه دين پوءِ جلد ئي راهه رباني وٺي راهي ٿيو.
جيستائين فتح محمد کي ڪاميابي حاصل ٿيندي رهي، تيستائين هو منصف مزاج ۽ رحمدل هو- جيستائين ڪا خاص مجبوري نه هوندي هئس، پر ٿوري ئي ڪا اٽڪ پوندي هئس يا ڪو نقصان ٿيندو هئس، ته هن کي هڪدم
غصو وٺي ويندو هو. انهن ڏينهن جو اتهاس خانه جنگي، خونريزي، قتل، ڌوڪيبازي ۽ ظلم زبردستيءَ جو هڪ دردناڪ داستان آهي.
فتح محمد کي جو ورثو مليو هو، ۽ هن جا جي مقصد هئا، انهيءَ مان ڪا ٻي اميد رکڻ به اجائي هئي. هن جي همت، سخاوت، احساس ۽ غربت تحسين جوڳي هئي، پر هن جي ظلمن، انتقام ۽ وقتي ڌوڪيبازيءَ لاءِ
اسان کي نفرت آهي. تنهن کان سواءِ، هن پنهنجي بدبخت رعايا، جنهن جي محبت جي هو دعويٰ ڪندو هو، تنهن تي بارها بدترين نموني جي خانه جنگيءَ
جي مصيبت آندي. خانه جنگي ڀاڙتـِـي سپاهين جي مدد سان هلندي هئي، جن جو خرچ ملڪ جي آمدني کان وڌيڪ هوندو هو. مختصر لفظن ۾، هو ڌاڙيلن جي
ٽوليءَ جو هڪ ظالم ۽ بيرحم سردار هو. جيڪڏهن هن ڪي ٻيا چڱا جذبا ڏيکاريا يعني ٻه - ٽي شهر اڏايائين ۽ لکپت جو قلعو ٺهرايائين ۽ تونيءَ ۾
بندر قائم ڪيائين، ته انهيءَ مقصد سان، ته پاڙيوارن سردارن کان گوءِ کڻي کين نقصان پهچائي.
لکپت جي قلعي وارن مخالفت جو اظهار ڪيو، تنهن کان پوءِ هن ان
تي چار دفعا پاڻ پنهنجي سر ناڪام حملا ڪيا، ۽ بيپناهه شهر ۽ ڳوٺ ناس ڪيائين، جيڪي ماڻهو سندس ڀڄي وڃڻ ڪري، سندن مخالفن جا طرفدار ٿيا هئا،
سي سڀئي مارايائين. هنن وري سندس طرفدارن کان وير ورتو. ڀـُـڄ ۽ مانڊويءَ جي وچ ۾ جي ڳوٺ آهن، تن جي پٽيلن کان مون ٻڌو آهي، ته مخالف ڌرين
هنن کي هڪ مهيني ۾ ٽي دفعا ڦُر ڪري، هڪالي ڪڍيو.
|