سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي درٻار

 

صفحو ؛ 5

مير مراد عليءَ جو وڏو پٽ نورمحمد اٽڪل ٽيهن ورهين جي عمر جو آهي- هو، هوبهو پيءُ جو نقل آهي- هن ۾ پيءُ جون سڀ خراب خصلتون ۽ هن جا ٿورا چڱا لڇڻ آهن. هن کي ماڻهو ڌڪاريندا هئا. مون ڪونه ٻڌو آهي، ته هن ۾ ڪو چڱو گڻ آهي، سواءِ ان جي، ته پيءُ لاءِ مطلبي محبت اٿس. هن جي حياتيءَ جو ظاهري مقصد آهي دنيا گڏ ڪرڻ. سڄي خاندان ۾ هيءُ هڪڙو سردار آهي، جو اڻ پڙهيل آهي. هن کي هڪ رواجي خط فارسيءَ ۾ لکي پيءُ ڏي موڪلڻو هو. مون ڏٺو، ته هن اهو به هڪ منشي کان لکارايو. هن مير شهداد نالي هڪ ڳٽڪو پٽ آهي، جنهن جي عمر ٻارنهن ورهيه ٿيندي.

مير محمد نصير خان، مراد عليءَ جو ٻيو پٽ آهي. سنڌ جي شاهي خاندان ۾ هو سڀني کان وڌيڪ رلڻو ملڻو ۽ خوش خلق آهي. هو پنجويهن ورهين جي عمر جو آهي. شڪل جو سهڻو پر ڪجهه ٿلهو ۽ نهايت فضيلت وارو آهي. هن جي تمام شاندار صورت آهي ۽ پيءُ ۽ ڀاءُ سان ڪابه مشابهت ڪانه اٿس. خوش قسمتيءَ سان هو وصفن ۾ به اهڙو ئي هنن جي برعڪس آهي. نصير خان اهڙو ئي سخي آهي، جهڙا هو ڪنجوس آهن. هن پنهنجي دولت نهايت فراخدليءَ سان اُڏائي آهي. فراخدلي، گڻ هجي يا اوگڻ، پر سخيءَ جي هميشه خاص ڪري مشرقي ملڪن جي تعريف ۽ واکاڻ ڪئي ويندي آهي.

حيدرآباد ايندي، مان رستي ۾ مير صاحبن جي خصلتن ۽ شاعراڻي شعور جي گهڻي تعريف ٻڌي هئي. مون سجهيو، ته دنيا جي هر ملڪ ۾ مصنفن کي ساڳيون ڪمزوريون هونديون آهن، تنهنڪري مان پهرينءَ ئي ملاقات جي وقت وجهه وٺي، مير صاحب جن کان ”ديوان جعفري“ نالي سندن تصنيف جي گهر ڪئي، جنهن جي شهرت لاءِ مون کين چيو، ته سڄي هندستان ۾ پکڙجي وئي آهي. اها ڳالهه کين نهايت پسند آئي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، مون کي انهيءَ تصنيف جو هڪ نهايت سهڻو ۽ باتصوير نسخو ڏنو ويو، جنهن جي پهرين صفحي تي سندن هٿ اکر هئا. جيڪڏهن تصنيف سچ پچ سندن آهي، ته پوءِ هنن بيشڪ کيرون لهڻيون، پر مون کي هنن جي گفتگوءَ ۾ اهڙي بلند خياليءَ جي ثابتي ڪڏهن ڪانه ملي هئي.

ديوان جعفريءَ کان پوءِ، مون کي ٻين ميرن کان وڌيڪ قيمتي سوغاتون مليون. هنن وٽ پنهنجون تصنيفون ته ڪونه هيون، پر هنن مون کي حافظ ۽ سعديءَ جي ديوانن جا نهايت خوبصورت نسخا ڏنا، جن مان ڪي، ڪيتريون پيڙهيون ڪلهوڙن جي ڪتبخاني ۾ رهيا هئا، ۽ نه فقط قيمتي هئا، پر ايراني خط جا بهترين مثال پڻ هئا، ۽ مون کي ٻيون به ڪيتريون نادر سوغاتون مليون. ولي محمد خان مون کي ڪابل جي بادشاهه شاهه شجاع الملڪ جي پيرن جي هڪ سهڻي سائي رنگ جي جـُـتي ڏني، جنهن لاءِ هن کي اهڙي عزت هئي، جا هڪ وزير کي بادشاهه لاءِ هئڻ کپي.

مير نصير خان کي انگريز سرڪار لاءِ هميشه عزت پئي رهي آهي. حيدرآباد ۾ جو اسان جو ڏيهي وڪيل رهندو آهي، انهيءَ جي هن هميشه عزت پئي ڪئي آهي. منهنجي ته هو خاص طرح تعظيم ڪندو هو. هو مردانگيءَ ۾ ٻين سڀني کان سرس آهي، جنهنڪري سپاهه ۾ ڏاڍي عزت اٿس. ٽالپر خاندان جي ننڍين شاخن مان هيءُ ئي هڪ شهزادو آهي، جنهن جي ترقيءَ ۽ اوج جو امڪان آهي. ائين آهي، ته هو پختي ارادي جو ماڻهو نه آهي ۽ نه هن وقت ترقيءَ جو خيال اٿس. پر چئي نٿو سگهجي، ته جيڪڏهن کيس ميدان صفا ٿي مليو، ته ان جو سندس طبعيت تي ڪهڙو اثر پوندو، خاص ڪري جڏهن عوام جو رايو سندس فائدي ۾ آهي.

مون کي مير صوبدار خان سان ملاقات ڪرڻ جو موقعو ڪونه مليو هو. مان جڏهن سنڌ ۾ هوس، تڏهن مٿس مير صاحب وڏي جو ناراضپو هو. هن مون ڏي نياپا موڪليا، پر مير ان ڳالهه تي اعتراض ورتو هو. هو فتح عليءَ جو پٽ آهي، جو ٽالپر خاندان جي عظمت جو باني هو. هو سنه 1801ع ۾، پيءُ جي وفات کان ٻه - چار ڪلاڪ اڳ ڄائو هو. فتح علي، ڀائرن کي معصوم ٻار جي پارت ڪري گذاري ويو. صوبدار ڪيترا سال ڪرم عليءَ جي گود جو پٽ هو، پر هن کي مرگهيءَ جو مرض هوندو هو. هڪڙي ڏينهن کيس انهيءَ بري مرض جي دؤري ۾ ڌڪ لڳو، ۽ هو بيهوش ٿي درٻار ۾ ڪـِـري پيو. مراد عليءَ ڀاءُ کي چيو، ته انهيءَ بدبخت مان ڪي ڪين ورندو. انهيءَ وقت کان وٺي، هو غربت ۽ گمناميءَ ۾ گذاريندو آهي، ۽ کيس پنجويهه هزار رپين جو حقير ساليانو وظيفو ملندو آهي.

مير صوبدار سمجهي ٿو، ته سندس مصيبتن لاءِ مراد علي جوابدار آهي. جڏهن مراد علي بيمار ٿيو، تڏهن صوبدار ۽ هن جا دوست خوش ٿيا، ته اجهو ٿو مري. تنهن کان سواءِ هن پنهنجي حق لاءِ کليو کلايو گهر هئي، ان تي  مراد عليءَ کي مٺيان لڳي. صوبدار لاچار ميرن جي دٻاءَ ڪري، درٻار ۾ حاضر رهندو هو. پر مون ڏٺو، ته هن سان ڪوبه ڪونه ڳالهائيندو هو، ۽ نه ئي هن کي ڪنهن به قسم جي عزت ڏني ويندي هئي.

پر مراد عليءَ، صوبدار کي چڱيءَ طرح ڪونه سڃاتو هو. هن پنهنجي مورثي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پيءُ جي باقي بچيل دوستن ۾ مير ٺاري جي سرڪش پٽ، مير علي مراد سان سازش ڪرڻ شروع ڪري ڏني. منهنجي هئڻ ڪري هو پنهنجون رٿون عمل ۾ آڻي نه سگهيو، پر مان حيدرآباد مان نڪتس، تنهن کان پوءِ، هو جلدئي ريگستان ۾ اسلام ڪوٽ جي قلعي ڏانهن ڀڄي ويو، جتي پنجن ڇهن ڏينهن اندر سندس ساٿي ۽ پوئلڳ، جي ڪل اٽڪل پندرنهن سؤ ماڻهو هئا، وڃي شامل ٿيا، ۽ سڌو حيدرآباد تي چڙهائي ڪيائون. هن جي انهيءَ بهادراڻي چال گاديءَ وارن ميرن کي ککو وکو ڪري ڇڏيو. پر هنن مصلحت کان ڪم وٺي صلح ڪيو. صوبدار خان کي ملڪ جو حصو ڏنائون، ۽ کيس حڪومت ۾ شريڪ ڪيائون. جوان شهزادي جي سرفرازي خاندان جي ٻين فردن کي ڪين آئڙي. امڪان آهي، ته جيڪڏهن ڪو موقعو ملي وين، ته هو کيس ڪڍڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪندا، جو هو سندن رستي ۾ هڪ ڪنڊو آهي.

مير صوبدار شڪل جو موچارو آهي. هن جو قد وچولو آهي ۽ هو البت فربهيءَ ڏانهن مائل آهي. هن جو اٿڻ - ويهڻ پـُـر تڪلف آهي. پر هن تي گهڻو وقت چوڪسي رهي آهي، جنهنڪري هن معاملي ۾ صحيح اندازو نٿو ڪري سگهجي. مون ٻڌو آهي، ته هن جي تعليم تي گهڻو ڌيان ڏنو ويو هو. هو لاشڪ ضعيف طبع ماڻهو آهي، ۽ ڪنهن نه ڪنهن فرقي جي اثر ۾ اچي ويندو. پر جي فارسي ڪتابن ۾ شعر جي ڄاڻ کي علم ڪوٺي سگهجي ٿو، ته هن ۾ ادبي شعور آهي ۽ هو صاحبِ علم آهي.

سنڌ ۾ خالص فوجي حڪومت آهي. ماڻهو، حاڪمن جي رحم و ڪرم تي آهن. انهن جي ڪمبختي اها آهي، ته سندن حاڪم انهيءَ اهم حقيقت کان غير واقف آهن، ته ڪنهن به منتظم حڪومت ۾، حاڪم جو فائدو رعيت جي بهبوديءَ ۾ هوندو آهي. ايشيا جي ٻين ناظمن وانگر مير به پنهنجو ترت فائدو. پوءِ اهو ڪهڙو به خسيس هجي- آئيندي جي فائدي لاءِ قربان نه ڪري سگهندا آهن. بدقسمتيءَ سان هو سمجهن ٿا، ته سندن گهراڻي جي استقلال ۽ شان جو دارومدار خزاني جي جمع ڪرڻ تي آهي، تنهنڪري هنن جي حڪومت جو سمورو نظام انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. انهيءَ مان کين هڙ حاصل به گهڻو ڪجهه ڪونه ٿو ٿئي ۽ ماڻهن کي گهڻو نقصان رهي ٿو. انهيءَ ڪوتاهه نگاهه نظام ڪري سنڌ ۾ محصول ۽ ڍلون اهڙيون موتمار آهن، جو واپار کي سخت نقصان رسائين ٿيون، ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري، جو ملڪ جي صنعت تي ان جو برو اثر پوي ٿو. ڍلون، جيڪو وڏو واڪ ڏيندو آهي، ان کي ٺيڪي تي ملنديون آهن. ٺيڪيدارن کي ٺيڪا حاڪمن جي مهربانيءَ سان ملندا آهن، ۽ کين ڪنهن به صورت ۾ معافي ڪانه ملندي آهي، تنهنڪري هو پنهنجي مختصر ايامڪاريءَ ۾ هر نموني جو ظلم ۽ زبردستي ڪندا آهن.

هر يورپي آدمي، جنهن هن معاملي تي غور ڪيو آهي، تنهن کي تعجب لڳندو آهي، ته اهڙي نموني جو انتظام ڪيئن ايترو وقت هلندو آيو آهي! ميرن جي ٻڌي ۽ اتفاق جو ذڪر مان اڳيئي ڪيو آهي. ايشيا جي حڪومت جي تاريخ ڏيکاري ٿي، ته انسان کي ڪيتري سهڻ جي شڪتي آهي ۽ حاڪم جزا لوڙڻ کان سواءِ، ڪيترو جور و جفا ڪري سگهن ٿا. تنهن کان سواءِ، سنڌ کي ٻين هڪجهڙن ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سهوليتون آهن. انهن سهوليتن جي ڪري سنڌ، ڪجهه قدر بدانتظامي ۽ جهالت جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. سنڌ، موسمي برسات ۽ ان جي نه پوڻ ڪري، جي ڀر وارن ملڪن ۾ ڏڪر ۽ آفتون ٿينديون آهن، تن کان آجي آهي. قدرت ان کي سنڌونديءَ جهڙي پائيدار ۽ مستقل نعمت عطا ڪئي آهي، جا واپار ۽ زراعت جو هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن کي ظلم به بند نٿو ڪري سگهي. ان ڪري ڪڙمي، نه فقط پنهنجون ٻنيون ٿوري خرچ ۽ تڪليف سان آباد ڪري سگهن ٿا، پر پوري وقت تي چڱي فصل جي اميد به رکي سگهن ٿا، ۽ جيڪڏهن سندن خواهش هجي، ته پنهنجي محنت جو مٺو سڦلو ڦل آسانيءَ سان نفعي تي ٻين ملڪن ۾ موڪلي سگهن ٿا. حاڪمن جي مخالفت هوندي به زمين جي زرخيزيءَ ڪري سنڌ ۾ مزدوري ۽ کاڌي پيتي جون شيون، ڪڇ ملڪ کان سستيون آهن. ڪڇ جا ماڻهو هميشه تنگيءَ جي وقت ۾ قوت گذران لاءِ، اسان جي علائقن جي بدران سنڌ ڏانهن ويندا آهن. تنهنڪري هن بدنظام ملڪ ۾ ماڻهو ساوا ۽ آسودا نظر ايندا آهن، جا ڳالهه ڏسي انهن ماڻهن کي تعجب لڳندو آهي، جي سمورين حقيقتن تي ويچار نه ڪندا آهن.

اهو چوڻ ضروري آهي، ته هر انسان شرارت وانگر ظالم جي ظلم جي به حد ٿيندي آهي. البت ايترو قبول ڪبو، ته مير حڪومت جي اصولن کان غير واقف آهن ۽ تعصب جي ڪري سندن ذهنيت خراب ٿيل آهي، نه ته هو پنهنجن ڪارواين ۾ هروڀرو ظالم ۽ بيرحم نه آهن. تنهن کان سواءِ هو اهڙا انڌا به نه آهن، جو کين اها خبر نه پوي، ته رعيت کي حد کان وڌيڪ آزارڻ ۾ ڪهڙا خطرا ۽ خوف آهن. خوش قسمتيءَ سان مالي انتظام ۾ اهڙيون پابنديون آهن. جي ڪجهه قدر رعيت کي فائدو رسائين ٿيون. حڪومت کي رعيت کان وڌيڪ ٺيڪيدار سان همدردي ڪانه هوندي آهي. تنهنڪري ٺيڪيدار جي برخلاف، جي پڪارون ٿينديون آهن، سي حڪومت خوشيءَ سان ٻڌندي آهي، ۽ اڪثر ڌرين جا تڪرار مفتيءَ ڏانهن شرعي فيصلي لاءِ موڪليندي آهي. ٻي ڳالهه آهي مسلمان سڀ سپاهي آهن. هنن وٽ نه ايترو پئسو آهي نه صبر ۽ استقلال، جو هو ٺيڪيدار ٿي سگهن. تنهنڪري ڍلون گهڻو ڪري هندن جي هٿ ۾ هونديون آهن. هندن جي طبقي کي درٻار ۾ ٿورو رسوخ هوندو آهي. کين ملڪ ۾ سواءِ دولت جي ٻيو ڪو اثر يا آبرو ڪونه آهي. ٺيڪيدارن کي ڪڇ ملڪ وانگر ديواني عدالت جون سهوليتون ميسر ڪونه آهن. ضلعن جا مسلمان ۽ فوجي ناظم، کين حسد جي نگاهن سان ڏسندا ۽ ڌڪاريندا آهن. هو هنن جي دولت تي رشڪ کائيندا آهن. کين ۽ سندن مذهب کي نفرت سان ڏسندا آهن. انهيءَ ”ويڙهائي راڄ ڪرڻ“ جي اصول مان ماڻهن کي فائدو رسندو آهي. اها هڪ ڏک جهڙي ڳالهه آهي، ته سنڌ ۾ ملڪيت جي حفاظت جو سارو دارومدار حاڪمن جي بـُـرن جذبن جي ميزان تي آهي. حاڪمن جو فائدو اڪثر ان ۾ هوندو آهي، ته هو گڏجي يڪمشت ٿي غريب ڳوٺاڻن کان سندن محنت جو ڦل ڦرين.

انهن مشڪلاتن هوندي به مون کي شڪ آهي، ته سنڌ اڳي ڪڏهين ايتريون نعمتون ڏٺيون نه آهن، يا کين ايترو سياسي اقتدار مليو آهي، جو هن وقت کيس حاصل آهي. سنڌ جا حاڪم جاهل ۽ جابر آهن، پر سنڌ جي تاريخ ڪانه ٿي ڏيکاري، ته ڪو کيس هن کان بهتر حڪومت ڪڏهن ملي آهي، جا کيس هن وقت آهي. سنڌ جي حاڪمن لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي، ته هنن سنڌ کي گذريل ٽيهه ورهيه ساندهه امن امان ۽ صلح سانت ۾ رکيو آهي. تنهن کان سواءِ اهي سرفروش جوڌا جن انقلاب آڻي ڪلهوڙن کي ڪيرايو هو، سي گذريل اَڌ صديءَ ۾ ميدان مان غائب ٿي ويا آهن يا عمر رسيده ۽ ڪمزور ٿي ويا آهن. هاڻوڪي نسل کي پنهنجن وڏن جي خونريزيءَ ۽ غارتگريءَ جون فقط ٻڌل خبرون آهن. انهيءَ طوفان کان پوءِ سنڌ ۾ سڪون ٿي ويو آهي. ٻين ملڪن وانگر سنڌ ۾ گوڙ فساد ۽ وڳوڙ کان پوءِ آهستي آهستي حڪومت اندر اهڙو انتظام ۽ استقلال پيدا ٿيو آهي، جو سنڌ اڳي ڪڏهين ڪونه ڏٺو هو.

اها حقيقت آهي، ته سنڌ ۾ تنزل ۽ برباديءَ جون گهڻيون نشانيون آهن. ماڻهن جو خيال آهي ته اهي خانه جنگيءَ واري عرصي جو نتيجو آهن. اهڙي ثابتي ڪانه آهي، ته ڪو اهي علامتون ميرن جي صاحبيءَ ۾ خاص طرح وڌيون هيون يا مير، پوين ڪلهوڙن کان وڌيڪ رعيت جي بهبوديءَ ۽ واپار جا بدخواهه آهن. ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙو، نه فقط هڪ خونخوار ظالم هو، پر هو هر طريقي سان واپار ۽ صنعت جي ترقيءَ جي آڏو رڪاوٽ ٿي ايندو هو. هن ڪيترا ظلم ڪيا ۽ انهن مان هڪ اهو به هو، ته ٺٽي (1) مان انگريزن جي ڪوٺي کڻائي ڇڏي هئائين. ان ۾ شڪ ڪونهي، ته آمدني گهٽ ٿي آهي. پر هن قصور لاءِ مير جوابدار آهن، جن اجايون قربانيون ڪيون آهن. مثلاً: هنن آباديءَ (2) لاءِ زمينون ٺيڪي تي ڏيڻ بدران سڀ کان وڌيڪ زرخيز ضلعن جون وڏيون ايراضيون پنهنجي شڪار لاءِ جهنگ ڪري ڇڏيون آهن.

ڪابل جي حڪومت جي ٽٽڻ ڪري ميرن جي جند هڪ بالادست اختياريءَ جي اطاعت کان ڇٽي آهي. هو هاڻي تقريباً خودمختيار حاڪم آهن. ان ڪري هو شڪارپور جو زرخيز ضلعو هضم ڪري سگهيا آهن، جو هنن پنج ورهيه اڳ زوريءَ ورتو هو. شڪارپور تي مير سهراب حڪومت ڪندو آهي، پر ان جي آمدنيءَ مان ٻين ميرن کي به حصو ملندو آهي. ساڳئي وقت هو پندرنهن لکن رپين جي سالياني خراج جي ٻوجهه کان به آزاد ٿيا آهن، جي کين افغان درٻار کي ڏيڻا پوندا هئا. رنجيت سنگهه، ڪابل جي رياستن جي واليءَ جي حيثيت ۾ ڪيترا دفعا کانئن اصلوڪي خراج گهرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي، پر هنن هميشه انڪار پئي ڪيو آهي. رنجيت سنگهه مڪاني مشغولين يا سياسي معاهدن جي بار ڪري، پنهنجي مطالبي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ تي ڪاهي نه سگهيو آهي.

ميرن جو سمورو خاندان مذهبي احڪامن جو پابند آهي. مون خود ڏٺو آهي، ته هو عام درٻار ۾ گوڏا کوڙي نماز تي بيهي ويندا آهن. پر هن اهم معاملي ۾ منجهن عجيب اختلاف آهي. وري تعجب جي ڳالهه هيءَ آهي، ته اختلاف (1) انهن ٻن ڀائرن جي وچ ۾ پاڻ وڌيڪ آهن، جن جو پاڻ ۾ اتفاق ۽ ٻڌي آهي! ٽالپر بلوچ عام سنڌين وانگر اصل سني هئا. پر هنن جو ايران سان لاڳاپو رهيو آهي، جنهنڪري ايران جي بدعتن کي سندن درٻار ۾ دخل مليو آهي. مراد عليءَ ۽ صوبدار کان سواءِ، جي اڃا شرعي اصولن تي قائم آهن، ٻيا سڀ شيعا يعني حضرت عليءَ رضي الله تعاليٰ عنه جا معتقد آهن. مير مراد عليءَ جي اوگڻن ۾ هڪ اهو به آهي، ته هو هڪ تعصبي مجذوب آهي. ٻيا به ڪي هن کان وڌيڪ ڪشاده دل نه آهن. جڏهن مان علالت سبب بستري ۾ داخل هوس، تڏهن مان پنهنجي مريض جي خبرچار لهڻ لاءِ هڪڙو هندو نائب حڪيم موڪليو هو، جڏهن هو درٻار ۾ ويو، تڏهن يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو، ته هن جو هٿ مريض لاءِ مضر ثابت ٿيندو، تنهنڪري هن کي رخصت ڏني وئي. ان لاءِ پوءِ مون کان معافي ورتي وئي.

جڏهن مان سنڌ ڇڏي، تڏهن ميرن مون کي ٻه واچون مرمت لاءِ ڏنيون. منهنجو هڪڙو نوڪر اتفاق سان چئي ويٺو، ته ڀـُـڄ ۾ هڪڙو هندو آهي، جو واچن جي مرمت جو ماهر آهي. اهو ٻڌي هنن واچون منهنجي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جيستائين مان وعدو ڪيو، ته اهي هڪ بت پرست جي هٿن ۾ نه ڏنيون وينديون. هڪڙي نهايت قيمتي تلوار جا مير صاحب جن مون کي سوغات طور ڏني هئي، تنهن تي سندن وزير جوهڪ ڪتبو لکيل آهي، جنهن تي هو فخر ڪندا آهن. ان جو مطلب آهي، ته شل لک هندو ان ترار جي ڌار (1) سان مرن!

مان ميرن سان مذهبي مسئلن تي ڪيترا دفعا بحث مباحثو ڪيو. کين عيسائي مذهب لاءِ عزت هئي، ڇاڪاڻ ته ان جي بانيءَ کي حضرت محمد (صلي الله عليه وسلم) جن وڏو پيغمبر ڪري قبوليو هو. هنن جا سوال ۽ دليل عجيب هئا. هڪڙي دفعي مون کان پڇيائون، ته ڇا تون انهن ڪرستانن مان آهين؟ جي ان گڏهه جي پيرن جي پوڄا ڪندا آهن، جنهن تي مسيح بيت المقدس ۾ چڙهي آيو هو؟ ۽ جنهن جا پير اڃا يورپ جي ڪنهن ڪليسا ۾ يادگار طور محفوظ آهن. انهيءَ ڳالهه دهرائڻ جي ضرورت نه آهي، ته هنن کي عيسائي فرقن جهڙوڪ: ڪئٿولڪ، گريڪ (يوناني) ۽ پراٽيسٽنٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي، تنهنجي خبر کين ڪانه آهي.

سنڌ جي حڪومت ۽ رعيت ۾ مذهبي فراخدليءَ جي بوءِ به ڪانه آهي. مير، سڀ کان وڌيڪ پنهنجي زبردستي، محمدي مذهب جي پکيڙڻ ۾ ڪندا آهن. تعجب آهي، ته هندو ڪيئن هن ملڪ ۾ رهيا پيا آهن؟ انهيءَ جو فقط هڪڙو ئي سبب ٿي سگهي ٿو، سو هيءُ آهي، ته اسان کي به نباتات وانگر پنهنجي جنم ڀوميءَ لاءِ محبت ٿئي ٿي. هندن سان نهايت دشوار عقوبتون ڪيون وينديون آهن. هنن کي مسلمانڪي پوشاڪ پائڻي ۽ ڏاڙهي رکائڻي پوندي آهي. ٿورو وقت ٿيو، ته هنن جي طبقي کي گهوڙي تي سواري ڪرڻ جي منع هوندي هئي. هاڻي به ٿورا ڪي سرڪاري ڪامورا آهن، جن کي زين تي سواري ڪرڻ جي رعايت ۽ فخر حاصل آهي. شاهوڪار ۽ معزز واپاري به گڏهن يا خچرن تي سواري ڪندا آهن. اهي جانور اهڙا، ته پليت سمجهيا ويندا آهن، جو ٻين ملڪن ۾ به ذليل اڇوت سمجهي، انهن کي هٿ نه لائيندا آهن. جڏهن ڪو متڪبر مسلمان لنگهندو آهي، ته هو (هندو) انهيءَ حقير سواريءَ تان به لهي پاسو وٺي بيهندا آهن.

مسلمانن کي سنڌ ۾ اها ترغيب ڏني ويندي آهي، ته هو بت پرستيءَ جون سڀ نشانيون ڊاهي ڇڏين. برهما جي حقير ۽ ڪمبخت پوڄارين کي مذهبي آزادي ڪانه آهي. دهل دف ڪو ورلي ٻڌبو آهي. جي دهل وڄائڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي، ته اهو هٿ سان، ۽ نه ڏونڪي سان وڄايو ويندو آهي. حيدرآباد ۾ بتن کان سواءِ ڪي مندر آهن، پر انهن جي اندران سرود جو آواز ڪڏهن نه ٻڌڻ ۾ به ايندو آهي. جيڪڏهن ڪي به مومن شاهدي ڏين، ته ڪنهن هندوءَ قرآن مجيد جي آيت يا محمد رسول الله (صلي الله عليه وسلم) جو ڪلمو پڙهيو آهي، ته هن جو هڪدم طهر ڪيو ويندو آهي. هيءَ هڪ تمام رواجي ڳالهه آهي، پر ان کي مظلوم طبقي جا هندو ماڻهو سڀ کان وڌيڪ جبر ۽ مصيبت ڪري سمجهندا آهن. ڪهڙو به خسيس بهانو مليو، ته ٺهه پهه طهر ٿي ويندو. وڏي ڳالهه ته هميشه عذر اهو ڏنو ويندو آهي، ته طهر، مظلوم کي آخرت ۾ شفاعت پهچائڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح مظلوم کي جسماني درد سان گڏ، روحاني عذاب به ڏنو ويندو آهي........(1)

هندن سان جنهن نموني جو انصاف ڪيو ويندو هو، تنهن جي ڏسڻ جو مون کي موقعو مليو هو: هڪڙي ڏينهن هڪڙو واڻيو مون وٽ ڪيترائي ڪپڙا وڪڻڻ لاءِ کڻي آيو. باغ مان نڪرڻ کان پوءِ، هن هڪ ڪلاڪ اندر موٽي اچي دانهن ڏني ته: ”تنهنجي هڪڙي سنتريءَ مون کان هڪڙي قيمتي ريشمي ڪپڙي جو ٽڪر ڦريو آهي“. فطرتن مون کي سپاهيءَ جي روش تي غصو آيو، ڇاڪاڻ ته هن ڌارين ماڻهن جي نظر ۾، منهنجي ۽ ڏيهي فوج جي گهٽتائي ڪئي هئي. تنهنڪري مون هڪدم ڏوهه جي باريڪ جاچ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. هندو ڪابه ثابتي پيش ڪري نه سگهيو. ڪيترن شاهدن شاهدي ڏني، ته جوابدار بي قصور هو. مون کي خاطري ٿي، ته تهمت ڪوڙي هئي. مون کي خانگي طرح معلوم ٿيو، ته واڻيي کي منهنجي دوست، گوپالداس وڪيل، فرياد ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. هن جو خيال هو، ته سپاهيءَ کي بچائڻ لاءِ، آءٌ هڪدم قيمت هڙان ڀري ڏيندس. تنهنڪري مون اهو معاملو ختم ڪري ڇڏيو ۽ ٻنهي ڌرين کي چيم، ته جي اها ڳالهه مون وري ٻڌي، ته ميرن جي ڌيان تي آڻيندس.

هندوءَ ٻئي ڏينهن وري اچي ساڳيو راڳ آلاپيو. تنهنڪري مون شام جو مير صاحبن کي انهيءَ تڪرار کان واقف ڪيو. مون کين وڌيڪ چيو، ته تهمت انهيءَ جماعت جي هڪڙي فرد تي آهي، جنهن هڪ ادنيٰ ۾ ادنيٰ سپاهيءَ کي به هڪ ڪلاڪ نوڪري ۾ رهڻ لاءِ، پنهنجي چڱيءَ چال جي ثابتي ڏيڻي آهي. اهي ئي ماڻهو آهن، جي حڪومت جي پاران وڙهن ٿا. تنهنڪري هنن جي نيڪناميءَ جي حفاظت ڪرڻ منهنجو فرض آهي. مون کين عرض ڪيو، ته جاچ ڪرائي وڃي، ۽ وعدو ڏنومانِ ته جيڪڏهن سپاهيءَ تي ڪابه ثابتي هوندي، ته کيس ڀـُـڄ واپس موڪليو ويندو، جتي هن کي سخت سزا ڏني ويندي. ميرن مون کي نهايت تحمل سان ٻڌو، ۽ انهيءَ واقعي لاءِ افسوس ظاهر ڪيائون، ۽ انهيءَ ماڻهوءَ جو نالو پڇيائون، جنهن مون کي هيتري دقت پهچائي هئي. مون جواب ڏنو، ته هڪ هندو آهي. هندوءَ جي نالي ٻڌڻ سان، مٿن جادوءَ جو اثر ٿيو. مراد عليءَ هڪدم چيو ته: ”بس، جاچ جي ضرورت نه آهي“، حڪم ڏنائين ته: ”مجرم کي زوريءَ مسلمان ڪيو وڃي“. مون ڏٺو، ته انهيءَ حڪم جي پيرويءَ ڪرڻ لاءِ ڪيترا ماڻهو هڪدم تيار ٿيا. مون انهيءَ سختيءَ تي اعتراض ورتو. مير صاحب کلي جواب ڏنو ته: ”تون سنڌ جي هندن کي نٿو سڃاڻين، هو سڀ لچ ۽ بدمعاش آهن“. پر مون هن غريب تان شامت ٽاري ڇڏي. مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي، ته منهنجو ولي محمد تي ايترو اثر هو، جو مون ڏوهيءَ کي ميرن جي ڄاڻ کان سواءِ ڇڏرائي ڇڏيو.

اهو تعصب جنهنڪري ايتريون ظالمانه ڪاروايون ٿين ٿيون، سو هڪ ٻيءَ ڳالهه ۾ به ظاهر ٿئي ٿي. سيدن يعني آل رسول کي بيحد عزت ڏني وڃي ٿي. هندن کي برهمڻ ۽ پروهتن جو ايترو خوف ۽ هراس نه هوندو، جيترو مسلمانن کي سيدن جي قوم کان ٿيندو آهي. هڪڙو ذليل ادنيٰ ماڻهو، جو انهيءَ عالي نسل جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو، تنهن کي به مجلس ۾ وڏي ۾ وڏي دنيوي مرتبي جي ماڻهن کان وڌيڪ بهتر جاءِ ملندي آهي. مون وٽ جي علاج لاءِ حشام ماڻهن جا ايندا هئا، سي سڀ خوشيءَ سان سيدن کي پهرين وارو ڏيندا هئا. مون ڏٺو، ته مير به انهيءَ طبقي جي ماڻهن سان ٿورو گهڻو گهائل مائل ٿيندا هئا. ماڻهوءَ کي ڪيترو به جوش ۽ غصو هوندو، ته به هن کي همت نه ٿيندي، جو ڪنهن سيد کي گهٽ وڌ ڳالهائي يا ڌڪ هڻي. ٻيا ماڻهو اتي جو اتي ساهه ڪڍي ڇڏيندس. انهن رعايتن ۽ سهوليتن ڪري سيدن جون بهيرون ڀر وارن ملڪن مان سنڌ ۾ اينديون آهن. هو نه فقط سماج جا نڪما ۽ سست رڪن آهن، پر هنن جو عوام جي دلين تي تمام برو اثر پوي ٿو، ۽ هو خلق تي ڳرو ٻوجهه آهن. حيدرآباد جا رستا فقيرن سان ڀريا پيا آهن. هو نهايت بيحيائيءَ ۽ آڪڙ سان خيرات گهرندا آهن، جنهن مان سندن اثر ۽ طاقت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. تحقيق هي فقير ماڻهن جي اخلاقي پستيءَ جي هڪ دکدائڪ ثابتي آهن.

انهيءَ تعصب جا اثر، جن جو مون ذڪر ڪيو آهي، اهڙا ته نمايان آهن، جو ڪوبه ماڻهو هڪ هفتو به ملڪ ۾ رهندو، ته اهي سندس ڌيان تي ايندا. مون سان جيڪو هندو وڪيل ساڻ هو، تنهن سان منهنجا ساٿي ۽ سندن پوئلڳ هر نموني جون مسخريون ۽ ٺٺوليون ڪندا هئا. حيدرآباد جي قلعي جي ڪنگرن مٿان انگريزن جو جهنڊو لهرائيندو ڏسڻ جو جيترو انتظار معزز هندن کي هو، ايترو ٻئي ڪنهن کي ڪونه هو. هو بنا پڇڻ جي پنهنجون شڪايتون ٻڌائيندا هئا، ۽ اڪثر پنهنجن ظلمن جا داستان بيان ڪندا هئا.

سنڌ جا مير، عام مسلمان حاڪمن کان عياشي ۽ نفس پرستيءَ ۾ گهٽ مدهوش آهن. هو ايترا حوصلي وارا ماڻهو آهن، جو کين عيش پرستيءَ جو خيال به ڪونه رهندو آهي. ممڪن آهي، ته هو دنيا جا سڀ مزا اڳيئي وٺي چڪا هجن. مراد علي هڪڙي دفعي مون کان پڇيو ته: ”’دارو‘ واپرائڻ ۾ اعتراض ته ڪونه آهي؟“ مون سمجهيو، ته هن جو مطلب آهي نشيدار شراب. آءٌ کيس چوڻ وارو هئس، ته بهتر ٿيندو، ته هن وقت سڀني گرم شين ۽ خاص ڪري شراب کان پاسو ڪجي، ته مون کي هڪدم چيائين ته: ”انگور جو رس حرام آهي، ۽ ان جو نالو هڪ مومن جي اڳيان وٺڻ نه کپي“. مون کي پوءِ خبر پئي، ته مير صاحب جن جو مطلب ”ڏاڙهون“ هو. هن نقل مان شايد ائين نظر اچي، ته مير کي مجلس اڳيان پنهنجي نمائش ڪرڻ جو ارادو هو. پر مون کي اها خاطري آهي، ته مير نشيدار شيون ۽ شراب ڪونه واپرائيندا آهن. مون ٻڌو آهي، ته جيڪي ماڻهو سندن روبرو نشي جي حالت ۾ ايندا آهن، تن کي هو بي آبرو ڪري ڪڍندا آهن. بهادر خان کوکر، هڪ وڏي گهراڻي جو بلوچ سردار آهي، ۽ مراد عليءَ جي ملازمت ڪندو آهي. هو هڪ دفعي نشي جي حالت ۾ ڏٺو ويو هو، تنهنڪري کيس ڪيترو وقت نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو هو. هميشه انهن دوائن وٺڻ کان انڪار ڪندا هئا، جن ۾ نشيدار عرق مليل هوندا هئا. درٻار ۾ حقو نظر ڪونه ايندو آهي. ساري خاندان ۾ ڪوبه آفيم ڪونه کائيندو آهي. اميد اها هئي، ته حاڪمن جي پرهيزگاريءَ جو اثر رعيت تي پڻ پوندو، پر منهنجو آزمودو آهي، ته اڪثر سپاهي ۽ گهڻا درٻاري اهڙيون شيون واپرائيندا آهن، جي دل کي ڪمزور ۽ جسم کي ضعيف ڪن ٿيون. سنڌ ۾ آفيم جو ايترو ئي واهپو آهي، جيترو ڪڇ ۾ برانڊيءَ جي هڪ - ٻن بوتلن کان وڌيڪ ڪو تحفو وڌيڪ مقبول ڪونه سمجهيو ويندو آهي. مون کي ماڻهو هر وقت علاج لاءِ تنگ ڪندا هئا. ڪو اڻسڌيءَ طرح چوي، ته مون کي ڳجهي مرض جي ايذاءَ کان ڇڏاءِ، ۽ ڪو چوي، ته عيش ۽ نفس پرستيءَ ۾ وڃايل طاقت واپس آڻي ڏي.


(1)  انهيءَ ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ، ته سنڌ ۾ هن وقت حالتون ڪلهوڙن جي زماني کان وڌيڪ خراب نه آهن، مان هيٺيون حوالو ميجر رينيل جي ڪتاب مان ڏيان ٿو، جو ٽالپرن جي زماني کان اڳ جو لکيل آهي.تخمينو ڪيو ويو آهي، ته هندو جي ملڪ جا اصل رهاڪو هوندا هئا، ۽ ڪئپٽن هئملٽن جي وقت ۾ مسلمانن کان ڏهوڻا هئا، تن تي مسلمان ناظم سختيون ڪندا آهن. هنن کي مندر يا عبادتخانا ڪونه ٺاهڻ ڏنا ويندا آهن. انهيءَ سختيءَ جي ڪري انهن مان ڪيترا ٻين ملڪن ڏانهن لڏي ويندا آهن. (رينيل جي تذڪري تان ورتل.) مسٽر ايلفنسٽن به ثابت ڪري ٿو، ته سنڌ جون گهڻيون هاڻوڪيون مصيبتون ميرن جي اعمالن جو نتيجو نه آهن. مان اها ڳالهه اڳيئي لکي آيو آهيان، ته عبدالنبيءَ هڪ لڱا ڪابل جي بادشاهه کان مدد ورتي هئي. ڪهڙي نموني جي مدد هئي، سا مسٽر ايلفنسٽن جي لفظن ۾ ڏجي ٿي: ”هن وقت (1781ع ۾) ٽالپرن جي بغاوت شروع ٿي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ جي ناظم کي هڪالي ڪڍيو ويو. ٻي سال بادشاهه (تيمور شاهه) باغين کي سزا ڏيڻ لاءِ فوج موڪلي، جنهن ٿورڙي ئي وقت ۾ سڄي صوبي تي قبضو ڪيو. ٽالپر، پنهنجي اصلوڪي ريگستان ڏانهن موٽي ويا ۽ ٻيا ماڻهو دراني لشڪر کان پاسو ڪري، ٽڪرين ۽ جهنگلن ڏانهن ڀڄي ويا. مدد خان ملڪ کي باهين ۽ خونريزيءَ سان تلف تاراج ڪري ڇڏيو. هن اهڙا ته ملڪ ۾ راڱا ڪيا، جو انهيءَ حملي کان پوءِ، اچي ڏڪر پيو. چون ٿا، ته سنڌ ان وقت جيڪي سـَـٺو هو، تنهن جي اثر کان اڃا سنئين نه ٿي آهي. (ايلفنسٽن جي ڪتاب ڪابل تان ورتل.)

(2)  ميرن کي شڪار جو ڪيترو شوق آهي، سو هن نقل مان ظاهر ٿيندو: مير فتح عليءَ پاڻ کي ساليانا ٻن - ٽن لکن رپين جي ڍل جو نقصان پهچائي، حيدرآباد جي ڀرسان هڪڙو تمام زرخيز علائقو ويران ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪوٽا پچا نالي هڪ قسم جو هرڻ رهي ٿو، جنهن جي شڪار جو کيس شوق آهي. ٿورو وقت ٿيو، ته هن جي ڀاءُ مراد عليءَ هڪڙي قديم ڳوٺ جي ماڻهن کي ڪڍي ڳوٺ ڊهرائي ميدان ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ڪڪڙن جي ٻانگن ۽ مال جي چرائيءَ ڪري، سندس ڀاءُ جي جاگير ۾، جا ان ڳوٺ جي لڳ هئي، شڪار لهي ويندو هو.

(1)  ميرن جي خاندان ۾ جو مذهبي خيالن تي اختلاف آهي، سو سر جان مالڪوم جي سني ۽ شيعي فرقن تي لکيل تبصري ۽ ميجر پاٽنجر جي هيٺ ڏنل حوالي پڙهڻ کان پوءِ، اڃا به وڌيڪ تعجب خيز معلوم ٿيندو. ياد رکڻ کپي، ته مير خود بلوچ آهن ۽  پنهنجي حسب نسب تي فخر اٿن. ظاهر آهي، ته سني شيعي مذهب وارا هڪٻئي سان گڏ صلح سانت ۾ رهي نٿا سگهن. ٻنهي ڌرين جي تعصبي ماڻهن کي مخالف طريقي جي معتقدن کان ڌاريي مذهب جا ماڻهو وڌيڪ مٺا لڳندا آهن: ڇاڪاڻ ته مخالف طريقي وارا هر وقت سندن اصولن تي حملا ڪندا رهندا آهن. اها ڳالهه اڳيئي ظاهر ڪئي وئي آهي، ته سندن اختلاف مذهبي ۽ اصولي ڳالهين متعلق آهن، ۽ نه عملي ڳالهين متعلق. (مالڪوم جي ڪتاب ايران، جلد - 2 تان ورتل.) هنن جي مذهب متعلق هي عرض ڪرڻو آهي، ته اولهه طرف وارا سڀ بلوچ، سواءِ ڪنهن ايڪڙ - ٻيڪڙ جي، سني مسلمان آهن ۽ کين شيعن لاءِ سخت نفرت ۽ ڌڪار آهي. بلوچستان ۾ شيعو سڏائڻ ڪرستان سڏائڻ، کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. (پاٽنجر جي ڪتاب بلوچستان تان ورتل.)

انيسٽيسيبس ڪتاب جو مصنف انهن فرقن بنسبت لکي ٿو ته: هنن فرقن ۾ جيترو اختلاف گهٽ آهي، اوتري ئي منجهن هڪٻئي لاءِ نفرت آهي. ترڪ سڀ سني آهن، ۽ ايراني سڀ شيعا. ترڪ وڌيڪ تعصبي آهن ۽ ايراني وڌيڪ ڀرمي.

(1)  مان ڪهنه رڪ، ۽ جوهر جي ۽ ايران جي پيدائش آهيان. مان ڏسڻ ۾ هلڪي، پر دشمن لاءِ گران آهيان. جو ڪو بهادر ماڻهو پوريءَ طاقت سان مون کي ڪم آڻيندو، ته منهنجي ڌار سان سوَ هزار هندو مرندا

(1)  خال واري جاءِ تي، مصنف طرفان ڪي اهڙا لفظ استعمال ڪيل آهن، جي حقائق کان پري ۽ نهايت ئي دل آزاريندڙ آهن، پر ساڳئي وقت انهن لفظن جي ذريعي، ڪنهن به قسم جي ڪا معلومات ڏنل ڪانه آهي. انهيءَ سبب ڪري مترجم انهن کي خارج ڪري ڇڏيو آهي. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org