سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي درٻار

 

صفحو ؛ 10

فصل: 3

سنه 1816ع جي عهدنامي کان وٺي سنه 1819ع جي عهدنامي تائين

نئين عهدنامي جا شرط راءَ ڀرملجيءَ جي لاءِ تمام فائدي وارا هئا. هن جو مشڪوڪ حق تسليم ڪيو ويو ۽ اهو به هندستان جي هڪ اهڙيءَ حڪومت تسليم ڪيو، جا ان کي پائداري ڏئي سگهي ٿي. انگريزن جي فوج، واگر کي ٻن - ٽن هفتن جي اندر فتح ڪيو، ۽ راءَ جي طرفان چاليهه ڪوڙيون في جوڙي جي حساب سان، سردارن تي محصول مقرر ڪيو ويو. مانڊوي، موندرن، سيساڳڙهه ۽ بچائو وغيره جا باقي عملدار، هي حالتون ڏسي هڪدم پيش پيا. ڀرملجيءَ حياتيءَ ۾ پهريون دفعو، ملڪ کي خانه جنگيءَ کان آزاد ۽ پاڻ کي خودمختيار ڏٺو.

ٿوري وقت کان پوءِ، انگريزن جرماني ۽ خرچ جي ويهن لکن رپين مان پنهنجو حصو، جو اٺن لکن رپين کان وڌيڪ هو، ۽ ٻن لکن ڪوڙين جو ساليانو خراج راءَ کي معاف ڪيو. انهيءَ سخاوت تي راءَ کي تعجب به لڳو ۽ خوشي به ٿي. باقي رقم هن سولائيءَ سان باغي سردارن تي ڏنڊ وجهي، ۽ انهن ماڻهن کان چندا وٺي، جن ملڪ جون ڍلون وصول ڪيون هيون، پوري ڪئي. محمد سوٽو ئي هڪڙو سردار هو جنهن چيو، ته مون ۾ مالي مدد ڪرڻ جي طاقت ڪانه آهي. پر، ڀـُـڄ جي سرڪار هن کان ڪنهن نه ڪنهن رستي ڇهه لک ڪوڙيون پيڙي ورتيون.

ڪڇ ۾ اهڙيءَ طرح امن امان قائم ٿيڻ کان پوءِ، انگريزن جي فوج ملڪ خالي ڪري ويئي. فقط هڪ ننڍڙي چونڪي انجر ۾ قائم ڪئي ويئي. ۽ درٻار کي پنهنجي ڪاروبار هلائڻ جي پوري پوري آزادي ڏني ويئي. ميان نٿو جي مدد سان ميان حسين جو ساٿي، لکمياداس ويلجي، وزير مقرر ٿيو. راءَ جا فوجي صلاحڪار جهاريجا، ونجڻ جو نوگهجي ۽ ڪوٽڙيءَ جو پراگجي ٿيا. انهن مان ڪوبه انگريزن جو طرفدار ڪونه هو، ۽ نه انهن ۾ڪنهن به قسم جو ويساهه رکجي سگهيو ٿي. لکميداس هڪ قابل،پر مغرور ۽ تنگدل برهمڻ هو. چون ٿا ته هن جو جڳجيون مهتا جي خون ۾ هٿ هو. پراگجي جهاريجو هڪ بيوفا ۽ دغاباز شخص هو. خوش قسمتيءَ سان هڪ راءَ جي ڀيڻ، ڪيسر ٻائي، هڪ قابل ۽ وفادار صلاحڪار هئي. چون ٿا، ته مائي ڏاڍي دانا ِّ هئي، ۽ هن جي ئي اثر هيٺ راءَ ڪجهه وقت عقل ۽ بردباريءَ سان ڪاروبار هلائيندو رهيو.

ڪڇ ۾ انگريزن جي دست اندازيءَ سنڌ جي ميرن کي سخت رنج پهچايو ۽ سندن دلين ۾ شڪ شبها پيدا ڪيا. ممبئيءَ مان هنن کي بار بار سمجهاڻيون ڏنيون ويون، پر سندن دلين ۾ اطمينان ڪونه پيدا ٿيو. هنن هڪدم ڀـُـڄ قاصد موڪليا، ظاهري طرح هڪڙي لکپت جي واپاريءَ کان ڪنهن حيدرآباد جي واپاري جي قرض وصول ڪرڻ لاءِ بهانو ڪيائون، پر درحقيقت راءَ سان سازش ڪرڻ جي خيال سان، ميرن اسان جي ڪڇ ۾ ڪارواين جو احوال، نهايت مبالغي سان، پنهنجي آقا، ڪابل جي بادشاهه محمود شاهه ڏانهن موڪليو ۽ هن کي التجا ڪيائون، ته هو اهو سوال سڌو هندستان جي اعليٰ سرڪار وٽ اٿاري. تنهن کان پوءِ، جلد ئي خبر پهتي، ته مير شڪارپور ۾ فوج گڏ ڪري رهيا هئا. ان کان سواءِ اهي به افواهه هئا، ته افغانن جون فوجون سنڌ اچي رهيون هيون. سنڌي وڪيل درٻار ۾، پنهنجو مقصد مخفي رکي نه سگهيا. هنن درٻار کي ان ڳالهه کان ذهن نشين ڪيو، ته انگريزن جهڙي جبري پاڙيسريءَ سان دوستيءَ رکڻ مان انت فائدو ڪونه هو. هنن پڻ اهڙو اشارو به ڏنو، ته ضرورت جي وقت ميرن جون فوجون راءَ ڀرملجي جي حوالي ڪيون وينديون. مطلب ته دوستيءَ ۾ رخني وجهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. پر خوش قسمتيءَ سان، ڪڇ جي حڪومت کين صاف جواب ڏنو، پوءِ سندن ڀل ڪهڙو به مقصد هجي- وڪيل ناڪامياب ٿي حيدرآباد موٽي ويا.

انهيءَ سفارت کان پوءِ، خود ڪابل جي بادشاهه، هندستان جي گورنر جنرل ڏانهن پنهنجو اعتراض لکي موڪليو. خط جي شروع ۾ لکيل هو ته: ”اسان کي خاطري آهي ته حضور عالي، راءَ جي ملڪ تي چڙهائيءَ جي اجازت ڪانه ڏني هوندي- بادشاهه سلامت جو خيال هو، ته کيس ڪڇ جي حڪومت تي هڪ مبهم حق هو، جنهن جي اڳي اسان کي خبر ڪانه هئي. “ڪڇ افغان حڪومت جو هڪ حصو آهي، تنهنڪري ان سان به دست اندازي ڪانه ڪئي وڃي. وزير فتح خان جو خط پڻ بادشاهه جي رقعي سان گڏ آيو هو، سو ته ان کان به وڌيڪ پـُـر معنيٰ هو. ان ۾ لکيل هو ته: ”شاهي قدمن ۾ خبر پهتي آهي، ته انگريزن جي قوم جي ڪن فرنگين، جن کي عقل کان وڌيڪ همت آهي، تن کي اهڙو حوصلو ٿيو، جو اسان جي شاهي مملڪت جي سرحد جو هڪ ضلعو آهي، دست اندازي شروع ڪري ڏني اٿن. هيءُ خبرون ٻڌي حضور اعليٰ جي دل ۾ غصو پيدا ٿيو ۽ شاهي فرمان جاري ڪيائون، ته حڪومت جي سڀني ضلعن جي ناظمن کي ارشاد ڪيو وڃي، ته هو تيار رهن، ۽ وڌيڪ حڪمن جو انتظار ڪن“. وزير اڳتي هلي فرمائي ٿو ته: ”جيڪڏهن اهي ماڻهو باز نه اچن  ۽ اهڙي قسم جون خبرون وري بادشاهه سلامت کي پهتيون، ته به لک دوراني ۽ ايلات، چار دستا ايبڪن ۽ تيمورين جا، ماڪوڙين ۽ مڪڙن جيترا هزارا، خلجين، اندرين، ٽونڪن، مڪوسن، خوجاين ۽ ڪوهستانين جون قومون، خيل باشين ۽ مغلن جون فوجون، ڪنواري، ترخان، شرنواري، هنمود، کٽڪ، بنگا وڏا ۽ ننڍا،دائودي، روها ۽ محمودزئي ۽ يوسف زئي ٽڪرن خواهه پٽن جا، ۽ ناگائون ۽ امان جا ماڻهو، نواب سيوبند خان والي ڪڇ واليه، ۽ ديرن ۽ ملتان جا ناظم، ۽ بلوچن، بروهين، مزارين ۽ رڪن سود دوله ۽ امير سود دوله جون فوجون، مع بلوچن جي فوج ۽ توبخاني ۽ شاهخاني جي. اهي سڀ طاقتون سمنڊ جي ڇولين کان به وڌيڪ بادشاهه جي حڪم مطابق انهن کي گهيرو ڪري فنا ڪنديون ۽ دوستيءَ جو خاتمو ڪيو ويندو، تنهنڪري بهتر آهي، ته توهان هنن کي منع ڪري، اهڙين بيجا ڪارواين کان باز آڻيو“.

هن لاف زنيءَ ۽ بادشاهه جي فوجن جي زبردست فهرست، مارڪئس آف هيسٽنگس جي دل ۾ ذرو به لرزو ڪونه پيدا ڪيو. هن خيال ڪيو يا فيصلو ڪيو، ته هيءُ خط جڙتو ڪري سمجهڻ کپي. صاحب جن هڪ دوستانه خط وزير ڏانهن لکيو. ان ۾ لکيل هو ته: ”ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته ڪابل مان جي اسان کي خط پهتا آهن، سي ٻنهي حڪومتن جي بدخواهن جا لکيل آهن، جن جي مرضي آهي، ته اسان پاڻ ۾ وڙهون، ته کين فائدو پهچي“. ان خط ۾ وزير کي اهو به ياد ڏياريو ويو هو، ته ڪڇ ڪڏهن به افغان مملڪت جو حصو ڪونه ٿي رهيو هو، ۽ مختصر لفظن ۾ انگريزن جي ڪارواين جو مقصد کيس سمجهايو ويو هو. ساڳئي وقت کيس اهو به چيو ويو، ته خط جڙتو ٿو نظر اچي، ڇاڪاڻ ته: ”اسان کي خبر آهي، ته فتح خان جهڙو داناء، آزمودگار ۽ سياڻو ماڻهو ائين ڪڏهن ڪونه سمجهندو، ته انگريز سرڪار ڪو اهڙين گدڙ ڀڀڪين کان ڊڄي ويندي. وزير کي معلوم هوندو، ته انگريز سرڪار ڪڏهن به پنهنجي طاقت جو بيجا فائدو وٺي، پاڙيسرين تي حملو نه ڪندي ۽ انگريز سرڪار تي هن وقت تائين جنهن به اڳرائي ڪري حملو ڪيو آهي، سو پاڻ فنا ٿيو آهي.

جڏهن صاحب بهادر جو خط افغانستان ۾ پهتو، تڏهن ڪابل ۾ حالتون بدلجي ويون هيون. قاصد جنهن جي هٿان هي خط موڪليو ويو هو، تنهن کي رنجيتسنگهه جي فوج رستي ۾ گرفتار ڪيو هو ۽ هو ڪيترا هفتا انهن جو قيدي هو. هو جڏهن پشاور ۾ پهتو، تڏهن وزير سکن سان مقابلي ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هو. سکن کي اٽڪ تي حملي ڪرڻ جو ارادو هو. فتح محمد چالاڪ مشرقي سياستدانن وانگر هڪدم انهيءَ خط جو فائدو ورتو. دشمنن تي رعب ويهارڻ لاءِ، حڪم ڪيائين، ته خط کي توبن جي سلامي ڏني وڃي. ساڳئي وقت ڇانوڻيءَ ۾ وڃي ماڻهن کي وڏي آواز سان ٻڌايائين، ته اسان جي دوست، هندستان جي گورنر وٽان سنيهو پهتو آهي.

مارڪئس آف هيسٽنگس کي وزير هڪ نهايت مبالغي آموز مشرقي محاورن سان ڀريل خط لکيو. ڪئپٽن ايم. مرڊو جنهن جي معرفت اهو خط پهتو، تنهن کي خاطري ڏني ويئي هئي، ته حضور جن جي خوشبودار خط جي مٺي ۽ مفرح خوشبوءِ هن جي مغز جي هرهڪ ڪنڊ ڪوچي ۾ پهتي، ان کي معطر بڻايو آهي. جنهن وقت هن خط پڙهيو، تنهن وقت کان وٺي هن جي دل ۾ انگريز سرڪار ۽ ڪابل جي حڪومت جي وچ ۾ دوستيءَ جو غاليچو، محبت جي محل ۾، هميشه وڇايل هوندو. ان کان سواءِ، قاصد کي هدايت ڪئي ويئي هئي، ته هو پنهنجن مالڪن کي ٻڌائي، ته بادشاهه سلامت جي اميد هئي، ته انگريز سکن جي مقابلي ۾ نه فقط سندن مخالفت ڪندا، مگر سندن مدد ڪندا. اسان اڳتي هلي وري سنڌ اڳئين وانگر ڪابل جي مطيع ڪنداسين. جيڪڏهن توهان کي ڪي سنڌ متعلق ڪو مقصد هجي، ته اسان توهان جي مدد ڪنداسين. پڇاڙيءَ جو وزير اهو تماشو هن طرح ختم ڪري ٿو. لکي ٿو ته: ”ڪلڪتي ۾ جي خط پهتا آهن، تن جي اسان جي ملڪن کي به خبر ڪانه آهي، ممڪن آهي ته ڪنهن سنڌي گماشتي ڪابل ۾ اسان جي ڪنهن نمڪ حرام منشيءَ وٽان رشوت ڏئي، منهنجون ۽ ٻين عملدارن جون مهرون چورائي، اهي خط هٿرادو جعلسازي ڪري ٺاهيا هجن“.

انهيءَ وچ ۾ ڪڇ جي حڪومت ثابت ڪري چڪي هئي، ته هو اسان جي اعتبار جا لائق نه آهن. تعجب آهي، ته هيترن لکن رپين جي معافيءَ، اٽلو سندن دلين ۾ شڪ پيدا ڪيا. سنڌ جي سازشين به هڻي هنڌ ڪيو. راءَ کي جي وڌيڪ اختياري هٿ ۾ آئي، تنهن باقي سندس مغز ڦيرائي ڇڏيو. سفير اتفاق سان ڪاڏي ٻاهر ويل هو: تنهنڪري درٻار هن جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي، تونا بندر وٺڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ مقصد لاءِ عهدنامي جي شرطن جي خلاف ڀڄ ۽ عرب سپاهي ڀرتي ڪيا ويا. پر اهي سازشون ڪئپٽن ايم. مرڊو جي بيداريءَ ۽ چالاڪيءَ ڪري اُسري نه سگهيون. هن ڪڇ جي نار جي ڪاٺياواڙ واري طرف کان، اوکا منڊيل مان فوجون گهرايون ۽ ساڳئي وقت درٻار کي زور ڀريائين، ته نين فوجن ۾ تخفيف ڪئي وڃي. آخر گهڻي گس گساءُ کان پوءِ، اهي مطالبا لاچار قبول ڪيا ويا. مطلب، ته انگريز سرڪار جي هر رٿ کي لاپرواهيءَ سان نظرانداز ڪيو ويو، هن وقت واگر جي اثر ۾، پارڪر جي کوسا قبيلي جي ڌاڙيلن، ڌاڙا هڻڻ شروع ڪري ڏنا، پر راءَ پنهنجي حد کي به ڌاڙن کان بچائڻ لاءِ ڪو قدم ڪونه کنيو: ۽ نه هو پنهنجن دوستن جي ملڪ کي بچائڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ لاءِ تيار هو.

درٻار جي روش نهايت خراب ۽ اعتراض جوڳي هئي، ۽ حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿينديون وييون. لکميداس ۽ هن جي ڌر بي طرفدار هئا ۽ هنن کي ڪنهن به وقت انگريز سرڪار سان هٿ ڳنڍڻ جو ارادو ڪونه هو. پر هنن جو اثر ڏينهون ڏينهن گهٽبو ٿي ويو، ۽ راءُ خراب صلاحڪارن جي چنبي ۾ اچي ويو هو. هو رات ڏينهن نشي ۾ چور هوندو هو. هو پنهنجو وقت رذيل ۽ ڪميڻن ماڻهن جي سنگت ۾ گذاريندو هو، جي هن کي هر وقت سندس نون دوستن يعني انگريزن ۽ هنن جي عيوضيءَ ڪئپٽن ايم. مرڊو جي خلاف ڀڙڪائيندا هئا. انهن خبيثن ۾ موهنجي ٺڪر نالي، هڪ شيطان هو، جو هن جو بدترين صلاحڪار هو. بدبخت راءَ کي جيڪي به مصيبتون پيش آيون، تن لاءِ هو جوابدار هو.

انهن ڳالهين جو نتيجو پڇاڙيءَ ۾ خراب نڪرڻو هو. حڪومت جون واڳون راءَ جي بدڪار دوستن جي هٿ ۾ اچي ويون، ۽ هن جي طمع عيش لاءِ هر نموني جو ظلم ۽ بي انصافي ڪئي ويئي. عام ماڻهن ۾ خيال ويٺل هو، ته انگريز، راءَ جا دوست آهن، ۽ هو هن جي هر حالت ۾ مدد ڪندا. انهيءَ ڳالهه جو فائدو وٺي، هن واپارين ۽ ٻين شاهوڪار ماڻهن کان وڏا قرض ورتا. جڏهن هو ٿڪجي پيا، ته پوءِ زور زبردستيءَ کان ڪم ورتو ويو. آبادگارن کان اٺن مهينن جي ڍل اڳواٽ وصول ڪئي وئي، ۽ گهرو عملدارن ۽ ضلعن جي ناظمن کان ويهه لک ڪوڙيون بدترين نموني جي عيش عشرت ۾ اُڏائڻ لاءِ زوريءَ جـُـرماني طور وصول ڪيون ويون. ڀرملجي پاڻ محل مان ٻاهر اصل ڪونه نڪرندو هو. ملڪ جو ڪاروبار دربدر ٿي ويو ۽ هو ويو ماڻهن جي نظرن ۾ ڪـِـرندو. هن فتح محمد جي ڌيءُ کي بد راهه ڪيو، ۽ چيائين ته ميان ابراهيم منهنجي ڀيڻ سان ائين هليو هو، تنهنڪري هن کان انتقام وٺڻ لاءِ اهو ڪم ڪيو اٿم. هر ڪنهن جون زالون گهٽين ۾ ڦاسائي، محل ۾ وٺي ويندا هئا، جتي هنن جي عصمت دري ڪئي ويندي هئي ۽ سندن زيور لاٿا ويندا هئا. ڪوبه دنيادار ماڻهو ملڪ ۾ سلامت ڪونه هو. جهاريجا سڀ پنهنجن زمينن تي هليا ويا، ۽ هـو ڀـُـڄ جي ويجهو به نه ايندا هئا. وزير اڳيئي انگريزن جي خلاف هوندا هئا. هو هاڻي پنهنجي ملڪيت ۽ اقتدار وڃائي ويٺا هئا: تنهنڪري هنن ڪئپٽن ايم. مرڊو کي استدعا ڪئي، ته هو وچ ۾ پئي، سندن جان بچائي. انهيءَ عملدارن کي هدايتن موجب، دست اندازيءَ ڪرڻ جي اجازت ڪانه مليل هئي، پر هن پنهنجي اثر سان سندرجي سيئوجي، جي ڀائٽيي، رتنسيءَ کي وزارت ۾ شامل ڪرايو. سندرجي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو هڪ پراڻو وفادار ۽ لائق ملازم هو. اميد ڪئي ويئي، ته هو پنهنجي دانائيءَ ۽ عقل سان ڀرملجي کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، کيس برين عادتن ۽ خراب دوستن جي صحبت کان ڇڏائيندو.

شاهي سفير (ڪئپٽن ايم. مرڊو) پنهنجي سر به اهڙي ڪوشش ڪئي، پر هو ان ۾ ناڪام ٿيو. بدقسمتيءَ سان رتنسي به راءَ کي پنهنجي چنبي ۾ آڻي نه سگهيو، جو کيس سڌاري. راءَ جون بدعادتون ۽ انهن جا برا اثر خراب صورتون اختيار ڪرڻ لڳا. آخر راءَ کان هڪ اهڙي خطا ٿي، جنهن ثابت ڪيو، ته هن کي ڪوبه اصول يا انسانيت ڪانه هئي. ڀائيجي ٻاوا جو بدقسمت پٽ لدوبا، پنهنجي سؤٽ جي گاديءَ تي ويهڻ کان پوءِ، درٻار جو سياسي قيدي ٿي رهيو هو. پر هن تي سخت پهرو ڪونه هوندو هو ۽ بعضي بعضي هن کي راءَ جي بدمستين ۽ محفلن ۾ شامل ڪيو ويندو هو. هڪ رات راءَ ۽ هن، دير تائين گڏجي شراب پيتو ۽ آخر هڪٻئي سان دوستيءَ جو دم هڻي جدا ٿيا. پنجن منٽن کان پوءِ، هو محل جي اڱڻ مان لنگهي رهيو هو، ته هن تي ڪن هٿياربندن ماڻهن حملو ڪري، کيس وڏيءَ بيرحميءَ سان ماري ڇڏيو.

راءَ پهريائين انڪار ڪيو، ته ڪو هن بيرحم ۽ مردود ڪم ۾ ڪو سندس هٿ آهي. چيائين ته: هيءَ ڪم منهنجن پهريدارن منهنجي اجازت کان سواءِ ڪيو آهي: ايتريقدر جو بندوق هٿ ۾ کڻي هو قاتلن جي اڳواڻ کي مارڻ لاءِ تيار ٿيو. پر پوءِ جلد خبر پئي، ته هن لدوبا جي قتل جو حڪم پاڻ ان وقت ڏنو هو، جڏهين لدوبا کانئس موڪلائي نڪتو هو ۽ هن پاڻ اکين سان لدوبا کي محل جي دريءَ مان خون ٿيندو ڏٺو هو. ڏوهه جي ڏوهارين کي ڪنهن به قسم جي سزا ڪانه ڏني وئي هئي. ڏوهارين جو اڳواڻ عبدالڪريم نالي هڪ عرب جميندار هو. هن کي نوڪريءَ مان، ته برطرف نه ڪيو ويو، پر اٽلو کيس اضافو، ٻيا انعام ۽ اقرار ڏنا ويا. پر اڃا ٽي مهينا به نه گذريا، ته انهيءَ شيطان تي خدائي قهر نازل ٿيو: ڀـُـڄ ۾ هڪڙي سپاهيءَ هن جي حڪم سان هڪ گانءِ ماري وڌي، هندن ۾ اچي تاءُ پيو. عبدالڪريم، سپاهيءَ کي هندن جي ڏمر کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر راءَ حڪم ڏنو، ته عبدالڪريم ۽ ڏوهاري ٻنهي جو خاتمو ڪيو وڃي.

لدوبا جو خون هڪ فضول ۽ جبر جو ڪم هو. هن ڪو شڪايت جو سبب ڪونه ڏنو هو. هن پنهنجا ڏک سور وساري ڇڏيا هئا. هن کي جيڪڏهن ڪو حق هو، ته ان جي دعويٰ ڪانه ڪئي هئائين. راءَ کي هن مان ڪو خوف ڪونه هو، ۽ راءَ جو حق جهاريجن تسليم ڪيو هو ۽ کيس انگريز سرڪار جي ٽيڪ هئي. راءَ جي جيڪڏهن چشم پوشي ڪجي، ته چئجي ته هن اهو حڪم اوچتو نشي جي حالت ۾ ڏنو هو. پر هن جي روش مان ظاهر آهي، ته هن جي دل ۾ اجايا ۽ بي بنياد شڪ پيدا ٿيا هئا. لدوبا جي قتل کان پوءِ به هو، هن جي ڪٽنب تي ظلم ڪندو رهيو.

راءَ جي انهيءَ وحشياڻي ڪاروائيءَ جي ڪري، ڪڇ ۾ هن لاءِ سخت نفرت پيدا ٿي. جهاريجا سردار هاڻي پڇتائڻ لڳا، ته هنن ڇو لدوبا جو حق مارجڻ ڏنو هو- پر ڏڌو کير ٿڻن ۾ نه پوي. ڪيترن سردارن ظاهر ظهور راءَ کي لدوبا جي خون لاءِ ننديو. انهيءَ ڳالهه تان ابراسا ۾ ونجڻ ۽ سندڻ سردارن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. ڀرملجيءَ کي جا ڀياد وارن سان دشمني هئي، سا انهن تازن واقعن جي ڪري گهٽ ڪانه ٿي هئي: تنهنڪري هو به هڪدم جهيڙي ۾ ٽپي پيو ۽ سندڻ تي ڏنڊ وجهڻ جو خيال ڪيائين. اڳتي ڏيکاريو ويندو، ته انهيءَ بي انصافي جي ڪري هن پنهنجو تخت ڪيئن وڃايو.

انهن واقعن جي خبر ممبئيءَ ۾ پهتي، ۽ مقتول شهزادي جي وڌوا جي پيءُ به پنهنجي درد ڀري دانهن موڪلي. لدوبا جو سهرو ڪاٺياواڙ جو هڪ ننڍڙو سردار هو، ۽ هو انگريزن جي پناهه هيٺ رهندو هو. هن رحم ۽ انصاف جي نالي ۾ پڪار ڪئي، ته راءَ کان حساب ورتو وڃي. وڌيڪ چيائين، ته منهنجي ڌيءَ جنهن کي ستون مهينو پيٽ آهي، سا ڀـُـڄ ۾ قيد آهي، هن کي هڪدم اتان ڪڍي، سندس حوالي ڪيو وڃي. لدوبا جا ٻار اڳي انهيءَ بهاني تي ماريا ويا هئا، پر اهي ته نياڻيون هيون. هاڻ بدبخت ماءُ ۽ هن جي نئي ٻار سان به ساڳي تعدي ٿيڻ جو امڪان هو: تنهنڪري ڪئپٽن ايم. مرڊو کي هدايت ڪئي ويئي، ته راءَ کي ٻڌائي، ته هن جي درٻار ۾ جيڪو هولناڪ واقعو ٿيو هو، تنهن تي انگريز سرڪار کي سخت صدمو پهتو هو. انهيءَ ڪري انگريزن جو به بد ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته درٻار کي سندن ٽيڪ هئي. تنهنڪري ڏوهين کي سزاياب ڪرڻ کپي. فوتيءَ جي وڌوا جي حفاظت ڪرڻ ضروري هئي. ساڳئي وقت جهاريجن جي سردارن ڏي به خط لکيا ويا، ته گورنر ۽ سندس ڪائونسل کي اُميد آهي، ته وڌوا ۽ ان جي ٻار سان عزت ۽ مروت جو برتاءُ ڪيو ويندو. هنن کي عرض ڪيو ويو، ته انهيءَ ڪم لاءِ هو راءَ کي لکن ۽ هن سان ملي، مٿس پنهنجو پورو پورو اثر هلائين.

انهيءَ درخواست راءَ جي دل ۾ انگريزن لاءِ شڪ ۽ نفرت پيدا ڪئي. چيائين، ته هيءُ هڪ گهرو معاملو آهي ۽ ان ۾ بيروني دخل نه ٿيڻ کپي. جيڪڏهن اها ڳالهه چوري وئي، ته پوءِ اسان جي دوستي ڪانه رهندي. ان کان پوءِ، هڪدم پنهنجون فوجون ابراسا مان واپس گهرائي ورتيون ۽ ٻين هنڌ ڀرتي ڪرڻ لڳو ۽ اهڙيون تياريون ڪرڻ لڳو، جي هڪ دوستاڻي ۽ صلح پسند حڪومت جي شان وٽان نه هيون. درٻار ۾ قرض ڏئي، ان جو موٽائي وٺڻ جو سوال وري اٿاريو ويو. هڪ رٿ تيار ڪئي ويئي، ته گاهه جي گاڏين ۾ هٿيار بند ماڻهو موڪلي، انجر وٺڻ جي ڪوشش ڪجي. ڀـُـڄ ۾ جو انگريزن جو ديسي وڪيل هو، تنهن جي هتڪ ڪئي ويئي. راءَ جي وڙهڻ تي مرضي هئي، پر اهڙي همت ڪانه هئس.

ڀرتي ڪيل فوجون، پارڪر جي کوسن کي گوشمالي ڪرڻ جي بهاني تي واگر موڪليون ويون هيون. پر سفير کي راءَ جي طبعيت جو هاڻي ڪافي آزمودو ٿي چڪو هو: تنهنڪري ٻيون فوجون گهرائي انجر جي چونڪيءَ کي مضبوط ڪيو. هڪڙي انگريزي فوج گجرات مان گهرائي، رڻ ڏانهن موڪلي ويئي. درٻار کي استدعا ڪئي ويئي، ته هو رستي ۾ ان کي سرو سامان جي مدد ڪن، مگر مدد ڏيڻ کان صاف جواب مليو. اٽلو راءَ پنهنجن فوجن کي هوشيار ڪيو ۽ پنجويهه توبون تيار ڪيون ويون. فوجون فقط اشاري لاءِ تيار بيٺيون هيون، پر وري کين اوچتو هٿيارن رکڻ جو حڪم مليو- شايد راءَ جو نشو ٽٽي ويو هو يا ڪنهن دوست جي صلاح جو اثر ٿيو هوس. جڏهن اسان جي فوج انجر ڏانهن وڌي، تڏهن هن ڀـُـڄ کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي سپاهين جو هڪ دستو بيهاري ڇڏيو، ته جيئن انهن ٻن شهرن جي وچ ۾ آمدرفت جو رستو بند ٿي وڃي. پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ، هي سپاهي، سفير جي استدعا تي رتنسيءَ جي صلاح سان هٽايا ويا.

هوڏانهن وري حيدرآباد جي عجيب درٻار، راءَ جي ڪارواين کي بلڪل مختلف نقطه ِّ نگاهه کان ڏسي رهي هئي. هنن کي جڏهن لدوبا جي قتل جي خبر پيئي، تڏهن راءَ سان همدردي ڏيکارڻ لاءِ هڪ وڪيل موڪليائون ۽ راءَ کي چوائي موڪليائون، ته اسان جي توهان سان دوستي آهي. جهاريجن جي باغي سردارن جي خلاف ڪا مدد کپيوَ، ته اسان حاضر آهيون- ڪڇ جو گهرو معاملن بنسبت سنڌ ۾ عجيب غريب خبرون پهتون هيون. ميرن کي ڊپ ٿيو، ته راءُ هاڻي وري انگريزن کان مدد گهرندو. هنن تي انگريزن جو ڀوت اڳي ئي سوار هو، تنهنڪري سمجهيائون، ته جي راءَ کي اسان مدد ڪنداسين، ته کين انگريزن اڳيان هٿ ڊگهيرڻو نه پوندو- ميرن جي وڪيل جي خوب آجيان ڪئي ويئي، پر هنن مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو. ڇاڪاڻ ته هو ان جي عيوض لکپت بندر، جو سنڌونديءَ جي اوڀارين شاخ تي آهي، ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. لکپت بندر ميرن جي سرحد جي ويجهو آهي ۽ سنڌين جي هميشه ان ۾ نظر پئي رهي آهي.

راءَ هڪ بي لغام گهوڙي وانگر ظلم زبردستي ۽ عيش پرستي ڪندو رهيو. هو سواءِ پنهنجن بدڪار رفيقن جي ٻئي ڪنهن سان ڪونه ملندو هو. هن کي نه اندر جي آواز جي پرواهه هوندي هئي، ۽ نه ماڻهن جي دک جي. لدوبا جي وڌوا، هڪ ٻانهيءَ جي معرفت پنهنجن دوستن ڏي هڪ چٺي موڪلي هئي، جا ڏيکاري ٿي، ته ان وقت محل جي ڪهڙي حالت هئي. ان خط ۾ هوءَ لکي ٿي، ته راءُ ضرور سندس عصمت دري ڪندو ۽ سندس معصوم ٻار کي به پورو ڪندو. ٻار کي لکمياداس وزير آزيون نيزاريون ڪري بچايو. پر ويچاري مائيءَ جو ڪهڙو حشر ٿيو، تنهن جو اڄ ڏينهن تائين پورو پتو ڪونه پئجي سگهيو آهي. ڪڇ جي هاڻي اهڙي ذليل حالت ٿي هئي، جهڙي راءَ راهه دين جي حڪومت ۾. البت انگريز سرڪار جي ڊپ ڪري کـُـلي کلائي بغاوت ۽ فرقيبازي ڪانه هئي. راءَ کي انگريز سرڪار لاءِ سخت نفرت ۽ ڌڪار هئي. هن جو اهڙو ته مغز خراب ٿي ويو هو، جو هو هر موقعي تي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪندو هو. هو ڪئپٽن ايم. مرڊو جو جڏهن نالو وٺندو هو، تڏهن کيس گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو. هو جڏهن نشو ڪندو هو، تڏهن دل کولي همت سان لاف هڻندو هو، ته انجر ضرور واپس وٺندس. بعضي ته عملي قدم کڻڻ جي به ڪوشش ڪندو هو. هن انجر جي واپارين تي ايڏيون موتمار ڍلون وڌيون، جو هو تونابندر ڏانهن ڪپهه موڪلي نه سگهندا هئا. اهڙيءَ طرح هنن جو واپار صفا بيهي ويو. هن جي ڪمال حماقت اها هئي، جو حڪم ڪيائين، ته ڪوبه جهاز انجر جي واپارين جو مال نه کڻي.

انهن اڳراين تي سفير اعتراض ورتو. هن اڳ به ڪيترا دفعا راءَ کي نصيحت ڪئي هئي، ته خراب عادتون ڇڏي ۽ بدڪار صلاحڪارن کي نوڪريءَ مان ڪڍي. ڪئپٽن ايم. مرڊو جي جان خطري ۾ هئي ۽ کيس باقاعدي خون جي ڌمڪي ملي هئي، پر تنهن هوندي به هو همت ۽ مردانگيءَ کان ڪم وٺي، راءَ وٽ ويو ۽ نصيحت ڏنائينس، ته ڪڌن ڪرتوتن مان کيس اوس نقصان رسندو. ڪئپٽن ايم. مرڊو جي ملاقات جو احوال مون کي ميجر نوبل ڏنو هو، جو ساڻس گڏ هو. تنهن کان پوءِ، راءَ جي نوڪرن به هن جي ارادن جي تصديق ڪئي آهي. هو سڀ ان ڳالهه تي اتفاق راءِ آهن: ته راءَ ٺڪر موهنجيءَ، ڪئپٽن کي مارائڻ جو حڪم ڏنو هو. پر جڏهن ڪئپٽن ايم. مرڊو اچي درٻار ۾ حاضر ٿيو، ته هن جي همت هارجي ويئي ۽ منصوبو ترڪ ڪيو ويو. پر انهن موقعن تي سفير ۽ هن جي عملي جي درٻار ۾ پوري آجيان ڪانه ڪئي ويئي هئي: بلڪ کين سپاهين ۽ ملازمن محل جي اڱڻ مان لنگهندي ٿيلها ڏنا هئا. هنن جي سلامن جو جواب به ڪونه ڏنو ويو. عام ماڻهن جي حڪم يا گهٽ ۾ گهٽ اجازت ڏني ويئي هئي، ته هنن کي گهٽ وڌ ڳالهائين ۽ مٿانئن ٺٺوليون ڪن. راءَ پاڻ، جڏهين جڏهين ڪئپٽن ايم. مرڊو ساڻس ملڻ ويندو هو، ته نشي ۾ چـُـور هوندو هو. هن ڪئپٽن جي ڪابه صلاح قبول نه ڪئي ۽ پنهنجن گناهن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. عهدنامي ۾ شرط هو، ته هو پنهنجون فوجن گهٽائيندو: پر ان باري ۾ ڪئپٽن جو مشورو ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيائين. مطلب ته سفير جي ڪابه تقاضا پوري نه ڪيائين، جنهنڪري هن کي لاچار واپس موٽڻو پيو.

هن صوبي ۾ ناراضپي ۽ بدانتظاميءَ جي حد ٿي چڪي هئي. نٿومهتا ۽ ٻيا وزير جان بچائي ڀڄي ويا. لکمياداس ۽ هن جي ڌر انگريزن جا طرفدار ٿي ويا. راءَ سندڻ ۾ دست اندازي ڪئي ۽ جهاريجن جي سردارن تي خراج مڙهڻ جي ڪوشش ڪيائين، جنهنڪري ڀياد ۾ سخت ناراضپو پيدا ٿيو. هن بمبئي سرڪار ڏي خط لکيو، ته اسان اڳي روڪ خراج ڪڏهن ڪونه ڏنو آهي، ۽ استدعا ڪيائون، ته جيڪڏهن اها بيجا ڍل اسان کان زوريءَ وصول ڪئي وڃي، ته توهان اسان جي مدد ڪريو. پڇاڙيءَ جو چيائون، ته ڪڇ جي ڪاروبار جي سڌارڻ لاءِ انگريزن جي حڪومت جي دست اندازيءَ جي ضرورت آهي. بمبئي سرڪار جهاريجن سردارن ۽ سندن حاڪم جي جهڳڙي ۾ ڪاهي پوڻ مناسب نه سمجهيو. راءَ جو حق هنن پاڻ تسليم ڪيو هو: تنهنڪري هنن فيصلو ڪيو، ته اسان تيستائين ڪو به قدم ڪونه کڻنداسين، جيستائين راءَ اڳرائي ڪري اسان جي سامهون نه پوندو. پر راءَ جلد کين اهڙو موقعو ڏنو. ڀرملجي ڏينهون ڏينهن سست ٿيندو ٿي ويو. آخر هن انجر جي شهر تي اوچتو حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي ڪن ڳوٺن تي هن اڳيئي بيجا اختيار هلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. انهيءَ ارادي سان هن مياڻن ۽ ٻين ماڻهن، جن کي فوجي پٽي تي درٻار جون زمينون مليل هيون، تن کي ڀـُـڄ ۾ گهرايو. پوءِ پنج هزار ماڻهو ۽ يارنهن توبون ساڻ ڪري لکنود تي چڙهائي ڪيائين. ان کان اڳ هن ڪيترن جهاريجن کي دڙڪا  دلاسا ڏيئي، پنهنجيءَ فوج ۾ شامل ڪيو هو.

راءَ سفير کي برغلائي چيو، ته مان واگر ۾ ڪن باغين کي سزا ڏيڻ وڃان ٿو. پر اها ڳالهه ظاهر ظهور ڪوڙي هئي، ڇاڪاڻ ته واگر مان هن پنهنجون سڀ فوجون واپس گهرائي ورتيون هيون. هوڏانهن انجر ۾ سندس مقابلي لاءِ تياريون ڪيون ويون هيون، جنهنڪري لاچار اِهو قصد ڇڏڻو پيس. پر هن انگريز سرڪار جي هتڪ ڪرڻ ۽ عهدنامي جي ڀڃڻ جا ٻيا طريقا اختيار ڪيا. هن اوچتو ڪڇ جي اوڀر ۾ آريسير جي شهر تي چڙهائي ڪئي، جنهن جو سردار سفير جي پناهه ۾ انجر ۾ درٻار سان ڪن مسئلن جي فيصلي لاءِ رهيو پيو هو. ڪئپٽن ايم. مرڊو راءَ جي هن بيجا روش تي سخت اعتراض ڪيو ۽ کيس ياد ڏياريائين، ته عهدنامي جي شرط موجب هن ۾ واگر جي جميندارن جي وچ ۾ جي اختلاف هئا، تن جو فيصلو ڪمپنيءَ کي ڪرڻو هو. انجر جي سردار ڪلياڻ سنگهه کي حضور واليءَ جي عرض تي اختلافن جي فيصلي ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو هو. انهيءَ رقعي جي پڇاڙيءَ جا لفظ هي هئا: ”جيڪڏهن تنهنجي آريسير کي ختم ڪرڻ جي خواهش آهي، ته تون ڀلي ائين ڪر: پر ان جو مطلب اهو ٿيندو، ته تون انگريز سرڪار سان ناتن ٽوڙڻ لاءِ آماده آهين“.

راءَ انهيءَ اطلاع جي ڪا پرواهه ڪانه ڪئي، بلڪ سڀني جي مشوري جي خلاف، هن ٺڪر موهنجي ۽ هن جي ساٿين جي چوڻ تي، آريسير جو گهيرو جاري رکيو. ٻن مهينن کان پوءِ، جڏهن ڏٺائين، ته ڪاميابيءَ جو اميد خير ڪي آهي، تڏهن وري ڪئپٽن ايم. مرڊو سان هيٺانهين ورتائين ۽ لکيائينس، ته مون کي تنهنجي ۽ تنهنجي سرڪار لاءِ نهايت عزت آهي. پر ان خط ۾ سندس ڪارواين تي جو اعتراض وريو ويو هو، تنهن ڏانهن ڪوبه اشارو ڪونه هو. مگر هاڻي اهي سڀ ڳالهيون اجايون هيون، ۽ عهدنامو اڳيئي معطل ڪيو ويو هو. مارڪئس آف هيسٽنگس پڌرو ڪيو هو، ته راءَ ڀرملجي عوام جو دشمن آهي ۽ هن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏيئي ڇڏيون هئائين. لارڊ صاحب جو مقصد هو، ته ڪڇ ۾ اهڙي حڪومت قائم ڪجي، جا سن 1816ع جي عهدنامي مطابق انگريزن سان دوستاڻي نموني سان هلي. راءَ ڀرملجيءَ جي برين عادتن جهڙي ماڻهو کان اهڙي اميد رکڻ اجائي هئي. تنهنڪري حڪم ڏنو ويو، ته جهاريجن جي مدد سان راءَ کي معزول ڪيو وڃي ۽ سردارن کي چيو وڃي، ته هو مسند تي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي ويهارين، جنهن کي هو ان جو حقي وارث سمجهن. انهن حڪمن کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ انجر ۾ سر وليم گرانٽ ڪيئر جي سرڪردگيءَ هيٺ فوجون ڪٺيون ڪيون ويون. اتي ساڻن وسراجي، ٻه پراگجي، الياجي ۽ مياتجيي ۽ پنج وڏا ڪڇ جا جهاريجا سردار به اچي شامل ٿيا، ۽ چيائون، ته اسان راءَ جي خلاف هر ڪاروائيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيون.

انهيءَ وچ ۾ راءَ، آريسير جي سردارن سان ٺاهه ڪري تڪڙو تڪڙو ڀـُـڄ موٽي آيو، جتي هو اوچتو بيمار ٿي پيو، تنهنڪري هو پاڻ ڪابه تياري ڪري يا حڪم ڏيئي نه سگهيو، پر هن جي طرفدارن ۽ مقربن هڪ چڱي خاصي فوج تيار ڪئي. انگريزن جي فوج جڏهن دارالسلطنت کي ويجهو پهتي، تڏهن انهن سان سندن ڪجهه مقابلو ٿيو. پوءِ ڪئپٽن ايم. مرڊو، راءَ کي اطلاع ڏنو، ته اسان جي سرڪار جو ارادو آهي، ته ڪڇ جي حڪومت جو ڪاروبار جهاريجن جي ڀياد جي صلاح سان نئين سر ٺاهجي. کيس اهو به چيو ويو، ته جيڪڏهن هو مخالفت ڪندو، ته کيس ان جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو، پر جي آڻ مڃيندو، ته کيس بچاءُ ڏنو ويندو ۽ سندس جوڳي عزت ڪئي ويندي. هن اطلاع جو جواب ٻئي ڏينهن ڏنو ويو، جڏهن پورجيه جي جابلو قلعي تي، جو ڀـُـڄ جي شهر جي ويجهو آهي، زوريءَ ڏاڪڻيون رکي قبضو ڪيو ويو. ان تي راءَ، کمياداس وزير جي معرفت اچي سفير جي تنبوءَ ۾ حاضر ٿيو، جتي هن کي انگريزي فوج جي حفاظت ۾ رکيو ويو. هن سان هر ممڪن مروت ڪئي ويئي، پر ساڳئي وقت ڪوشش ڪئي ويئي، ته جيئن هو ڀڄي نه وڃي. هن جي صحت جو خاص خيال ڪيو ويو، هن جي بي اعتدالين ۽ بيمارين جي ڪري اهڙي حالت ٿي ويئي هئي جو هو بيهي ۽ ڳالهائي به نٿي سگهيو.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ، راءَ ڀرملجي باقاعدي معزول ڪيو ويو ۽ هن جي رهائش جو انتظام فتح محمد جي محل ۾ ڪيو ويو. جهاريجن سردارن کي اجازت ڏني ويئي، ته هو پنهنجي مرضيءَ مطابق هن جو جانشين انتخاب ڪن. عام راءِ اها هئي، ته مقتول شهزادي لدوبا جو معصوم ٻار چونڊيو ويندو. پر پڙهندڙن کي ٻڌي تعجب ٿيندو، ته ڀياد يڪراءِ ڀرملجيءَ جي ٽن ورهين جي اڪلوتي پٽ کي انتخاب ڪري راءِ ڏيسل جي لقب سان گاديءَ تي سرفراز ڪيو. چون ٿا، ته هيءُ وزير لکمياداس مهتا جي چوڻ تي ڪيو ويو هو. جيڪڏهن اها حقيقت آهي، ته هن پنهنجي قربانيءَ ۽ فراخدلي لاءِ بيشڪ کيرون لهڻيون. ياد هوندو، ته راءُ ڪنهن وقت هن جي رت جو پياسي هو ۽ هن جي ملڪيت ضبط ڪرائي هئائين. پر لکمياداس ۽ ٻين گهڻن سان مون ان معاملي متعلق ڳالهايو آهي. هنن جو منڍ کان وٺي اهو خيال هو، ته ڀرملجي فطرتاً ظالم ۽ ڪٺور دل نه هو، مگر هو هڪ نيچ ۽ بدڪار ڌر جي هٿ ۾ ضعيف ۽ گمراهه پـُـتلو هو، وزير جي دل، راءَ جي زوال کان پوءِ، هن ڏانهن نرم ٿي ويئي هئي. راءَ جي معزوليءَ ۾ سڀ راضي هئا، پر تنهن هوندي به جهاريجن سردارن جي مرضي هئي، ته حڪومت سندن نالي ۾ هلائي وڃي. جڏهن اها صلاح قبول نه پئي، تڏهن چيائون، ته قيد ۾ راءَ جي عزت ڪئي وڃي ۽ گادي هن جي خاندان ۾ رهڻ کپي. تاريخ ثابت ڪري ڏيکاريو، ته ڀياد جو فيصلو وڌيڪ معقول هو. جيڪڏهن هو لدوبا جو ناتوان ۽ معصوم ٻار چونڊين ها، ته ان مان ڪو سود ڪونه ٿئي ها. ساڳئي وقت هنن اهو به فيصلو ڪيو هو، ته جيڪڏهن ڏيسلجي بنا اولاد مري ويو، ته هن جو وارث لدوبا جو پٽ ٿيندو. پر لدوبا جو پٽ ٿورن هفتن کان پوءِ مري ويو ۽ ڪڇ جي شاهي خاندان جي حقي شاخ جي وارث ڀائيجي ٻاوا جو نسل هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.

ان کان پوءِ، ملڪ جي ڪاروبار سڌارڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. ۽ راءَ ڏيسل جي صغيرائپ ۽ حڪومت هلائڻ لاءِ عيوضين مقرر ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو. جهاريجن کي چيو ويو، ته هو ان ڪم لاءِ ماڻهن جو ڪافي تعداد منتخب ڪن. هنن ڪڇ جا سڀ کان وڌيڪ طاقت وارا ٻه جهاريجا سردار هڪڙو روهه جو وسراجي ۽ ٻيو ننگرچيءَ جو پريتراجي اوڌوجي نالي هڪڙو راجگور برهمڻ، وزير لکمياداس وليجي ۽ سيٺ رتنسي ڄيٺا چونڊيا. انهن کان سواءِ هنن انگريز سفير جو نالو به ڏنو، پر ان تي گورنر جنرل پهريائين اعتراض ورتو، ڇاڪاڻ ته هن جي مرضي هئي، ته ڪڇ هڪ آزاد رياست ٿي رهي. پر جهاريجن جي ڀياد ۽ ٻين چونڊيل عيوضين جي استدعا تي لارڊ صاحب قبول ڪيو، ته ڪئپٽن ايم. مرڊو انهيءَ جماعت جو صدر ٿي رهي.

ڀـُـڄ ۾ جي قدم کنيا ويا، تن تي گهڻو ڪري سڀني طبقن جا ماڻهو راضي هئا. لکپت بندر کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به شهر، نئين راءَ ۽ عيوضين جي جماعت جي حڪومت تي اعتراض ڪونه ورتو. لکپت ۾ عرب فوجون هيون ۽ انهن جي صداقت ۽ وفاداريءَ ۾ پهريائين ڪجهه شڪ هو، پر لکپت به سواءِ ڪنهن فوجي ڪاروائيءَ جي آڻ مڃي. اهڙيءَ طرح ڪاروبار پختي پائي تي بيهارڻ کان پوءِ، راڄگذار حڪومت جي مختلف کاتن ۾ سڌارن ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. ڀرملجي جيڪي ڪنڌ ڀڳا خرچ ڪري، اجايون فوجون رکيون هيون، سي موقوف ڪيون ويون. ملڪ جي بچاءَ ۽ حڪومت جي مدد لاءِ هڪ انگريزي فوج رياست جي خرچ تي مقرر ڪئي ويئي. راءَ جي محل جي حفاظت خلاصي جهاريجن جي حوالي ڪئي ويئي ۽ راءَ جيڪي ڪميڻا رذيل ماڻهو انهيءَ اهم فرض لاءِ رکيا هئا، تن کي برطرف ڪيو ويو.

راءَ جا ظلم ۽ زبردستيون اڃا مس بند ڪيون ويون ۽ انگريز سرڪار جي مدد سان هڪ نئون ۽ بهتر دستور قائم ڪيو ويو، ته قدرت جو ڪوپ اچي ڪڇ جي ظالمن مٿان ڪڙڪيو. اوچتو هڪ عجيب قسم جو زلزلو ٿيو، جنهن ملڪ جا سڀ ڪوٽ ۽ قلعا پٽ تي ڪيرائي، خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا. انگريز سرڪار کي ڪيتري وقت کان انهن شر ۽ بغاوت جي ڪاشيانن ڊاهڻ جو خيال هو، پر قدرت اهو ڪم پاڻ ڪرڻ مناسب ڄاتو. ملڪ جو نقصان ٿيو، سو تصور کان ٻاهر آهي. فقط ڀـُـڄ ۾ ست هزار گهر پٽ ٿي ٺري پيا، ۽ ٻارنهن سؤ ماڻهو دٻجي مري ويا. انجر ۾ به ايترو ئي نقصان ٿيو. مانڊويءَ ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ به ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. هن ڀيانڪ حادثي سببان جي ٻيون علامتون ظاهر ٿيون هيون، تن جو ذڪر ڪرڻ هتي ضروري نه آهي. انهن جو احوال ممبئيءَ جي ادبي سوسائٽيءَ جي مخزن ۾ اڳيئي ڇپجي چڪو آهي.

انهن ڪارواين مطابق ۽ ٻن حڪومتن جي وچ ۾ دائمي ۽ باعزت دوستي قائم ڪرڻ لاءِ هڪ نئون عهدنامو ڪيو ويو، جنهن ۾ سنه 1816ع واري عهدنامي جي شرطن کان سواءِ، ٻيا ڪيترا شرط هئا، جي ملڪ ۾ نين حالتن پيدا ٿيڻ ڪري لازمي ٿيا هئا. ڏسڻ ۾ ايندو، ته انگريز سرڪار کي راءَ جي اندروني ڪاروبار ۾ مداخلت ڪرڻ جو بلڪل ارادو ڪونه هو. ساڳئي وقت سرڪار اهو ذمو پاڻ تي کنيو هو، ته راءَ جي طاقت کي ڪو لوڏو ڪونه ايندو ۽ ملڪ جي وحدت کي اندروني خواهه بيروني دشمن کان بچايو ويندو. اهڙيءَ طرح جهاريجن سردارن تي به وڏي عنايت ڪئي ويئي. هنن انقلاب جي زماني ۾ اسان جي مدد ڪئي هئي، تنهنڪري هنن جو اسان تي حق هو. اسان هنن کي خاطري ڏني، ته سندن ملڪيتون سلامت رهنديون، بشرطيڪ هو وعدو ڪندا، ته نياڻين جي هتيا نه ڪندا. انهن ڀاري رعايتن جي مقابلي ۾ انگريز سرڪار کي نالي ماتر فائدو پهتو آهي. اسان کي ڀـُـڄ جي درٻار مان فقط ٻه لک ۽ اسي هزار رپيا ساليانو خراج ملندو آهي، جو ضروري فوج جي خرچ جي اڌ کان به گهٽ آهي. هوڏانهن درٻار کي انجر ۽ ان جي ماتحت وارا علائقا واپس ڪيا ويا آهن. انهن دوستيءَ جي فائدن کي شمار ڪندي، اسان کي ٻالڪ هتيا بند ڪرڻ ۾ جا اخلاقي فتح حاصل ٿي آهي، سا وسارڻ نه کپي. ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ انهيءَ وحشتناڪ رسم بند ڪرڻ جي اسان شروع کان وٺي ڪوشش پئي ڪئي آهي، ۽ هاڻي ان جو رواج گهڻو گهٽ ٿي ويو آهي.

ڪڇ ۾ اسان جي اچڻ کان اڳ، جي حالتون هيون، انهن تي جيڪڏهن غور ٿو ڪجي، ته چئجي ٿو ته نئون انتظام ملڪ لاءِ مفيد ثابت ٿيندو- جيڪڏهن اسان مداخلت ڪري پنهنجي اختياريءَ ۽ انصاف جوهٿ نه ڊگهيڙيون ها، ته هن وقت تائين فسادن ۽ بدانتظاميءَ جي ڪري ملڪ جو نالو نشان به نه هجي ها. ڪڇ، سنڌ جي فوجي ظالمن جي فولادي چنبي ۾ اچي وڃي ها، يا اڳي وانگر مڪاني ستمگرن جو شڪار هجي ها. تحقيق اهو تصور ڪرڻ محال آهي، ته حڪومت جون بدڪاريون ۽ بدعنوانيون ۽ بدبخت صوبي جي ماڻهن جي بداخلاقي، جن لاءِ خونريزي ۽ بغاوت رواجي ڳالهيون آهن، ملڪ کي ڪٿي پهچائين ها!

قلم تازو، 15- جون 1829ع، جتي اسان پنهنجو قصو ختم ڪيو هو، ان وقت کان وٺي ڪڇ کي انگريزن جي حڪومت جي نعمت حاصل پئي ٿي آهي. اتفاق سان گوڙ فساد پيو ٿيندو آهي، پر ان جو ڪارڻ ڏڪار يا اهڙا ٻيا طبعي سبب هوندا آهن، جن تي ڪابه انساني حڪومت قابو پائي نٿي سگهي. سنه 1823ع ۽ 1824ع ۾ بارش بلڪل ڪانه پئي، ان ڪري ڪڇ جهڙي ملڪ ۾، جنهن جي آبپاشيءَ جو سارو دارومدار آسمان جي رحم تي هوندو آهي، جا تڪليف ٿي هوندي، ان جو تصور ڪري نٿو سگهجي. گهڻا ماڻهو گجرات لڏي ويا، جتان هو پوءِ، جڏهن پاڻيءَ جي ڪميءَ جي شڪايت دور ٿي، تڏهن موٽي آيا. ٻيا جي گهٽ صلح پسند هئا، سي پارڪر ۽ سنڌ ۾ ٽپي ويا. اتي هنن فوجي سپاهين ۽ ٻين صوبن جي جانبازن سان گڏجي ٽولا ٺاهي، ڪڇ ۾ ڌاڙا هنيا، ڳوٺ ڦريا ۽ ساڙيا. سن 1825ع ۾ ڪجهه برسات پئي. ان سال ريجنسي جي چوڻ تي نائب سفير جي نظرداريءَ هيٺ ڍالن وصول ڪرڻ جو هڪ نئون ۽ ڪم آزاد طريقو اختيار ڪيو ويو. ان ڪري ملڪ ۾ ڪجهه ٺاپو ٿي ۽ ڌاڙيلن جون ڪاروايون گهٽ ٿيون. انهن مان گهڻن بک جي ڪري اهو ناجائز پيشو اختيار ڪيو. جڏهن ملڪ وري سائو ۽ سبز ٿيو، تڏهن هنن چپ چپاتيءَ ۾ موٽي اچي پنهنجون ٻنيون وسايون ۽ درٻار گهڻو ڪري سڀني کي سواءِ چند ماڻهن جي ڪرم فرمائي، زمين آباد ڪرڻ جي اجازت ڏني.

سنڌ جي حڪومت انهن چورن ۽ ڌاڙيلن کي هميشه پناهه پئي ڏني آهي، جنهنڪري اسان جا انهن سان وقت بوقت مت ڀيد پئي ٿيا آهن. ٻين موقعن تي، هڪڙو سن 1829ع ۽ ٻيو سن 1825ع ۾، ميرن کي هيسائڻ لاءِ، ته جيئن هو عهدنامن جي ڀڃڪڙي نه ڪن، اسان کي ڪڇ ۾ فوج جو مظاهرو ڪرڻو پيو هو. سن 1823ع ۾ انگريزن ۽ ڪڇ جي حڪومتن جي وچ ۾، هڪ نئون عهدنامو ٿيو هو. هن جي شرطن مطابق انجر ۽ ان جي ماتحت علائقا راءَ کي واپس ڏنا ويا. انهن جي عيوض هن اسان کي اٺاسي هزار رپيا ڏيڻا ڪيا. تخمينو ڪيو ويو هو، ته اها رقم انهن علائقن جي آمدنيءَ جيتري آهي. راءَ صاحب کان ڪل اسان کي ٻه لک ۽ اٺاسي هزار رپيا ملندا آهن. ڏڪر ۽ ٻين سببن ڪري اهو خراج باقاعدي ڪونه ڏنو ويندو آهي. وقتن تي اسان اهو خراج معاف به ڪري ڇڏيو آهي. بهرحال، اهو اسان جي خرچ لاءِ ڪافي نه آهي. اها حقيقت آهي ته اسان جي عاليشان سلطنت جي لاءِ ڪڇ هڪ سرحدي صوبو آهي. پر انهيءَ جا فائدا مشڪوڪ آهن. ڪڇ اسان جي خزاني تي هڪ دائمي ۽ اجايو بوجو آهي. ڪڇ جي دوستيءَ مان اسان کي وڏا ۽ ڏٺا وائٺا نقصان ٿيا آهن، پر هن موضوع تي وڌيڪ اپٽار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.

هن تذڪري ۾ جن شخصن جا نالا ڏنل آهن، تن متعلق وڌيڪ معلومات دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندي. ڪئپٽن ايم. مرڊو، سن 1819ع جي عهدنامي کان پوءِ جلدي وفات ڪري ويو. هن جي وفات ڪري سندس لاءِ ملڪ کي سخت صدمو پهتو ۽ ڪڇ جي يورپي خواهه ديسي رهاڪن کي ڏک ٿيو. هو سچ پچ ته ڪڇ جو هڪ وڏو خيرخواهه هو. هو واگر جي علائقي ۾ پلنسوا جي ڀرسان برون وادي ۾ گذاري ويو، ۽ دفن به اتي ئي ڪيو ويو. مڪاني ماڻهو هن جي قبر جي نهايت خبرداريءَ سان حفاطت ڪندا آهن، ۽ پري پري جا ماڻهو ان جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن. هڪڙي شريف ماڻهوءَ کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو محنت جو اجر کپي! راءَ ڏيسل هاڻي تيرهن ورهين جو ٿيو آهي ۽ اميد ڪئي وڃي ٿي، ته هو رعيت جي دل جون مرادون پوريون ڪندو. هن ڀـُـڄ جي پادريءَ ريورنڊ مسٽر گريءَ کان ڪجهه انگريزي سکي آهي ۽ هن بزرگ، جوان شهزادي جي دل ۾ حسابن ۽ ٻين علمن لاءِ شوق پيدا ڪيو آهي.

هن جو پيءُ، سابق راءَ ڀرملجي، اڃا نظربند آهي. هو ويچارو اڃا چوٽيهن ورهين جو به نه آهي ۽ ان مان ڏهه ورهيه بند ۾ گذريا اٿس. پنج ورهيه ٿيا، ته مون هن کي ڏٺو هو. ان وقت هن جي تمام رحم جهڙي حالت هئي ۽ هو فتح محمد جي محل ۾ رهيل هو. هن کي سندس معزوليءَ جي وقت کان وٺي پـُـٽ يا گهر جي ٻئي ڪنهن به ڀاتيءَ جي منهن ڏسڻ جي اجازت ڪانه ڏني ويئي هئي. ڪرنل پاٽنجر سن 1825ع ۾ ڀـُـڄ جو سفير مقرر ٿيو. هن کي سندس حال تي رحم آيو ۽ سرڪار کان اجازت ورتائين، ته هن کي ڪنهن وڌيڪ آرام واريءَ جاءِ تي رهايو وڃي. ان وقت کان وٺي هو پنهنجي پٽ جي محل ۾ رهندو آهي، جتي کيس وڏا آرائش ٿيل ڪمرا مليل آهن. ائين آهي، ته هن تي انگريزي فوج جو پهرو بيٺل آهي، ته جيئن هو ڀڄي نه وڃي، پر ان کان سواءِ کيس هر نموني جون ٻيون سهوليتون ڏنيون ويون آهن. هن کي هفتي ۾ ٻه دفعا ٻاهر هوا خوريءَ لاءِ هڪ يورپي عملدار ۽ ڪن سپاهين سان گڏجي وڃڻ جي اجازت هوندي آهي. هو گهڻو وقت پنهنجي پـُـٽ، راءَ جي صحبت ۾ گذاريندو آهي. هو پٽ جي تعليم ۾ گهـَـري دلچسپي وٺندو آهي ۽ هن لاءِ محبت اٿس. هو هاڻي اهڙو ڳنڀير ۽ معتبر لڳندو آهي، جو ڪو ڪونه چئي سگهندو ته هو اڳي هڪ مڪار قاتل ۽ ڪٺور ظالم هو، جنهن رعيت تي هر قسم جي مصيب آندي هئي. هو ڪجهه قدر پرهيزگار آهي ۽ چون ٿا ته سؤٽ جي خون لاءِ سچ پچ پڇتايو اٿس، ۽ توبهه تائب ٿيو آهي. انهيءَ واقعي هن جي دل ۾ ضمير تي گـَـهرو اثر ڪيو ٿو ڏسجي. هن سن 1827ع ۾، پنهنجن پاپن جي پراسچيت ڪرڻ لاءِ لدوبا جي مٽي، گهڻو ڪري، ڪريا ڪرم سان، گنگانديءَ جي پاڻيءَ ۾ اڇلائڻ لا”، برهڻن هٿان، بنارس جي پوتر شهر ڏانهن موڪلارائي هئي. زواليت جا اهي فائدا آهن. گهٽ ۾ گهٽ راءَ ڀرملجيءَ تي ان جو چڱو اثر پيو آهي. راءَ راهه دين جا هڏا به تازو بنارس موڪليا ويا آهن، ان لاءِ ته هن جي آتما کي شانتي حاصل ٿئي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجن وڏن جي ڌرم کان ڦري ويو هو، ۽ پنهنجي مذهب جي جنون ۾ ملڪ کي آزاريو هئائين.

راءَ ڀرملجي جي ڀيڻ ڪيسر ٻائيءَ جي شادي ڪاٺياواڙ ۾ جهونا ڳڙهه جي نواب سان ڪرائي ويئي هئي. چون ٿا، ته اتي هن کي ڪنهن حيلي سان مارايو ويو هو. ڪڇ جا ماڻهو چوندا آهن، ته هن جي جـُـثي ۾ زهر وڌو ويو هو. پهرئين عهدنامي کان پوءِ، محمد سوٽي ۽ سيويراج هنسراج کان زوريءَ وڏيون رقمون، جي هنن غبن ڪيون هيون، وصول ڪيون ويون هيون. ان کان پوءِ هنن جو اقتدار گهٽ ٿي ويو، هو ٻيئي سن 1818ع ۾ مري ويا. چون ٿا، ته کين زهر ڏنو ويو هو. ميان حسين جي ذليل زندگي اڃا پوري ڪانه ٿي آهي. هو سال ۾ ٻه دفعا ڀـُـڄ ويندو آهي، جتي سندس پيءُ ڪمال حاصل ڪيو هو ۽ پاڻ بدناميءَ ۾ رهيو هو. هن جو ذليل ۽ فربه بدن ڏيکاري ٿو، ته هو ڪهڙن شغلن ۾ مشغول آهي. هن جي ڀيڻ جنهن جي راءَ ڀرملجيءَ عصمت دري ڪئي هئي، سا هڪ فاحش ۽ بازاري عورت ٿي چڪي آهي.

سن 1819ع جي عهدنامي کان پوءِ، ڪڇ جي حڪومت جو ڪاروبار انگريز سفير، وزير لکمياداس ۽ سيٺ ڄيٺا جي هٿن ۾ هوندو هو. جماعت جا جهاريجا ميمبر دست اندازي ڪونه ڪندا هئا، سن 1825ع ۾ ثابتي ملي هئي، ته جهاريجن جو مکيه سردار روهٽن وارو وسواجي ڪن باغين سان بغاوت ڪرڻ جهڙي خط و ڪتابت ۾ ملوث هو: تنهنڪري هن کي پنهنجي عهدي تان لاهي، شهر نيڪالي ڏني ويئي هئي ۽ هن جاءِ تي ٻيو سردار مقرر ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ وري رتنسي کي هٽايو ويو، جو هن ڏانهن رياست جي بقايا رهيل هئي ۽ هن جو ڪيترن ذليل ۽ ڪڌن ڪمن ۾ هٿ هو، جن جي ڪري هو پاڻ ۽ سنرجي سيئوجي جو سارو خاندان تباهه ٿي ويو ۽ انگريز سرڪار کانئن بدظن ٿي. راءَ ڏيسل، ملڪي ڪاروبار ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي، ۽ اڪثر درٻار ڪندو آهي. پر مکيه ڪاروبار اڃا سفير لکمياداس جي هٿ ۾ آهي. عام خيال هو، ته هن جو به انهن ذليل ڪمن ۾ هٿ هو، جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. پر هن وقت هو نهايت ايمانداريءَ سان ڪم ڪري رهيو آهي. ڪڇ ۾ هن وقت هيءُ ئي هڪ شخص آهي، جو پنهنجي نسل ۽ لياقت جي ڪري مٿي چڙهيو آهي.

17- اپريل 1830ع مارچ ۾ جڏهن سرجان مالڪوم ڀـُـڄ ويو هو، تڏهن حڪم ڏنو هئائين، ته سابق راءَ ڀرملجيءَ تان پهرو لاٿو وڃي.

- سفارتخانه ڀـُـڄ، 1- جنوري 1830ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org