ميرزا محمد باقي ترخان
ميرزا محمد عيسيٰ بيگ ترخان جي وفات کانپوءِ سندس
وڏو پٽ ميرزا محمدباقي ترخان (973هه-993هه) تخت
نشين ٿيو،
ميرزا محمد باقي سنڌ تي 20 سال حڪومت ڪئي. سمورن
ترخانن ۽ ارغونن فرمانروائن مان هن جو سڀ کان
زياده ظالمانه دؤر حڪومت هو. هن سنڌ جي هندن ۽
مسلمانن کي جيڪي اذيتون ڏنيون تن کي پڙهڻ سان
انسان لزره براندام ٿئي ٿو. هو پنهنجي ظالمانه
طينت جي آسودگي لاءِ ظلمن جا نوان نوان بهانا
گهڙيندو هو. جاهلن، خوشامدڙين ۽ چاپلوسي ڪندڙن کي
پنهنجي حڪومت ۾ وڏا وڏا منصب ڏئي ظلم جي چڪي کي
پاڻ وڌيڪ تيز تر پيو ڪندو هو. مال ۽ دولت کي جمع
ڪرڻ جي هوس، هن کي انصاف ۽ رعايا پروري کان بلڪل
بي بهره بنائي ڇڏيو. خدا جي قدرت سندس آخري ايام
پڻ، قدرت جي قانون مطابق، سورن ۽ چريائي جي عالم ۾
گذريا. آخرالامر قدرت به کيس چيچلائي چيچلائي مٿس
پنهنجو قهر نازل ڪري مرگ مفاجات جي ذريعي ماريو.
ميرزا محمدباقي سڀ کان پهرين ارغونن جي قتل جو عام
حڪم جاري ڪيو ۽ پڻ اهو به حڪم ڪيائين ته هنن کي
ڦرڻ ۽ لٽڻ بعد هنن جي ٻارن ٻچن سان جيڪو وڻيو سو
برتاءُ ڪجو. ان قتل عام کانپوءِ جيڪي ارغون باقي
بچا سي جلاوطن ٿي هميشه لاءِ بکر ڏي ڀڄي ويا.
تاريخ طاهري ۾ اسان کي ارغونن جي قتل جا تفصيلات
ٻي طرح ملن ٿا. تاريخ طاهري ۾ آهي ته ميرزا محمد
باقي جي تخت نشين ٿيڻ بعد ارغونن متفقه طور تي هڪ
لشڪر ڪٺو ڪري طئي ڪيو ته جيڪڏهن هو اسان کي ميرزا
شاهه حسن ارغون وارو خزانو ڏيندو ته فبها ورنه
نوبت جنگ تي ٿيندي.
جڏهن ميرزا باقي کي مذڪور شورش جي خبر پئي تڏهن هن
فيصلو ڪيو ته، هاڻي حڪمت عملي جي ڳالهين مان ڪجهه
به نه ورندو. تنهنڪري هاڻي اهڙو ڪو طريقئه ڪار
اختيار ڪرڻ گهرجي. جيڪو هميشه لاءِ ان فتني کي ختم
ڪري ڇڏي.
بهرنوع هن ارغونن کي سڏائي چيو ته فڪر نه ڪريو آءٌ
فلاڻي ڏينهن توهان کي خزانو ورهائي ڏيندس. ان
کانپوءِ پنهنجي خاصخيلين، حبش خان، شيرنگ خان ۽
ملا صالح کي سڏائي خفيه طور تي حڪم ڪيو ته آءٌ
جڏهن ارغونن کي ديوان خاني (دربار) ۾ خزاني جي
ورهاست لاءِ سڏائيندس، تڏهن توهان مان هرهڪ، ٿورن
ٿورن جوان بهادرن سان ديوان خاني جي فلان فلان
صفحن ۾ لڪي ويهه جو پر اهڙي تياري سان جو، جيئن
وجهه ملي ته يڪدم اُنهن تي حملو ڪري ختم ڪجو.
مقرر تاريخ تي قاضي خميسو(1)
۽ ٻين کي حڪم مليل هو،سي ديوان خاني ۾ هٿيارن سان
لڪي ويهي رهيا. ميرزا باقي جنهن دري وٽ بيهي ماڻهن
کان سلام وٺندو هو، تنهن وٽ اچي بيهي، خزانيدارن
کي حڪم ڪيائين ته هو رپين ۽ اشرفين جون
صندوقون توشه خاني مان ڪڍي هڪ هنڌ رکن ۽ عام و
خاص ارغونن کي عام دعوت ڏنائين ته هو سمورا ننڍا
وڏا اچي حاضر ٿين ته جيئن ان جهڳڙي کي ختم ڪيو
وڃي. جيڪو ڪيتري مدت کان پنهنجي وچ ۾ اهو مابه
النزاع هليو پيو اچي. بيخبر ارغون انهي خوشخبري کي
ٻڌي شادان، فرحان و خندان ٿي، رپين ۽ اشرفين جي
حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڇي گهوڙن تي سوار ٿي ۽ فاخره لباس
پائي، ديوان خاني (دربار) ۾ قاضي خميسي وٽ اچي گڏ
ٿيا. جڏهن سمورا ارغون اچي گڏ ٿيا تڏهن ميرزا باقي
انهن کي چوائي موڪليو ته ڪيتري وقت کان وٺي، توهان
سمورن کي ڏسڻ لاءِ منهنجي دل ۾ تمنا آهي ۽ خصوصاً
جو هينئر توهان سڀ اچي گڏ ٿيا آهيو. آءٌ به هينئر
اڪيلو ۽ هٿيارن کانسواءِ بالاخاني تي ويٺو آهيان.
تنهنڪري توهان به بغير ڪنهن خوف ۽ هراس جي مون وٽ
هليا اچو. ڇو جو توهان به منهنجا ڀائر آهيو. ساده
لوح ارغون به اشرفين جي لالچ ۾ بغير هٿيارن جي هن
وٽ هليا ويا ۽ صفون ٻڌي اچي هن جي سامهون ويٺا.
جڏهن سمورا اچي ويٺا، تڏهن ارغونن کي مخاطب ٿي
چيائين ته: اي عزيزؤ، آءٌ پاڻ هن خزاني مان بيزار
ٿي چڪو آهيان تنهنڪري خزاني جي رپين ۽ اشرفين کي
توهان سمورن ۾ ورهائي، توهان سمورن کي پنهنجو عزيز
بنائڻ چاهيان ٿو ۽ آءٌ هاڻي ئي توهان کي ورهائي
ڏيان ٿو. توهان کي خبر آهي ته اڄوڪو ڏينهن به عجيب
آهي. دولت اهڙي شيءِ آهي جو پيءُ کي پٽ جو ۽ ڀاءُ
کي ڀاءُ جو دشمن بنائي ٿي. مون کي فڪر آهي ته دولت
جي ورهائڻ وقت جيڪو عموماً شور ۽ شر ٿئي ٿو ۽ پاڻ
۾ جهڳڙو ٿئي ٿو، تنهن گڙبڙ کان مون کي جيئن آزار
نه پهچي. جنهنڪري آءٌ پري ٿي وڃي ويهان ٿو. ائين
چئي هو پري ٿي وڃي ويٺو ۽ پنهنجي پٽ کي حڪم ڪيائين
ته، هو اشرفيون وغيره تقسيم ڪري. ان اڃا صندوقن جا
تالا به نه کوليا هئا ته لڪل ماڻهو ٻاهر نڪري آيا،
جن کي پهريائين اهڙي قسم جو حڪم مليل هو ته،
ارغونن مان هڪ به جيئرو نه ڇڏجو. سو نڪرڻ سان ئي
هنن، ارغونن تي اهڙو ته سخت حملو ڪيو ۽ اهڙو ته
هنن جو قتل عام ڪيو جو هنن مان هڪ به باقي جيئرو
نه رهيو. ان کانپوءِ قتل ٿيل ارغونن جي سرن کي ڌڙن
کان ڌار ڪري ديوان خاني جي دري مان پئي ٻاهر
اڇلايو ويو. باقي ارغون عوام جيڪي قاضي خميسي جي
چؤگرد ديوانخاني کان ٻاهر بيٺل هئا تن کي به هن
قتل ڪرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ايستائين جو هڪ به
ارغون قلعي مان ٻاهر صحيح سلامت وڃي نه سگهيو.
انهي کانپوءِ ميرزا باقي پنهنجن خاصخيلين کي وري
حڪم ڪيو ته هو ارغونن جي حويلين ۾ اندر گهڙي هنن
جو قتل عام ڪن. ڀلي کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي تنهن
کي به جيئرو نه ڇڏين. ان بعد سندس حڪم مطابق جلادن
جي هڪ خاص جماعت، ارغونن جي حويلين ۾ اندر گهڙي
اُتي جيڪو به ٿي هنن کي هٿ چڙهيو تنهن کي سواءِ
قتل ڪرڻ جي نه ٿي ڇڏيائون. آخرالامر اهڙي موت جي
گرداب مان باقي جيڪي ارغون بچيا سي گجرات ڏانهن
هليا ويا. شاهه قاسم ارغون ۽ علي شير ارغون، سميجن
۾ وڃي پناهه ورتي.
دريائي ارغون ولد علي شيرارغون، هن قتل عام
کانپوءِ ارغونن جي تباهه حالت کي بيان ڪندي پيو
چوندو هو ته، مذڪوره حادثي کانپوءِ ارغونن جي اها
حالت وڃي ٿي، جو نه کائڻ لاءِ ماني ۽ نه پائڻ لاءِ
ڪپڙو ميسر هو. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو گهوڙو هو ته اُهو
به بک ۾ پاهه ٿي ڏٻرو ۽ ضعيف ٿي ويو هو. پراڻين
تلوارن کانسواءِ جيڪي مياڻن ۾ هونديون هيون ۽
پراڻين نڪمين ڪمانن کانسواءِ باقي هنن وٽ ڪجهه به
نه رهيو. فقط شڪار تي هنن جي گذربسر پيو ٿيندو هو
۽ بدنصيبي کان هنن تي اهڙو به وقت اچي ويو، جو
پيءُ پٽ کان ۽ پٽ پيءُ کان جدا ٿي پريشان حال
زندگي پيو گذاريندو هو.
آمدم برسرِ مطلب، ترخان نامو جي متن ۾ ميرزا باقي
جي احوال ۾ پڙهي چڪا آهيون، ته هن ڪهڙي ڌوڪي ء ۽
دغا سان ڪيترائي دفعا قرانن تي هٿ رکي ۽ مٿي تي
رکي، پنهنجن ڀائرن، عزيزن، قريبن، حتاڪه پنهنجي
ناٺين کي به ”هوتي ۽ نوتي“ جهڙن جلادن هٿان ڪهڙي
نه بيدردي سان قتل ڪرايو! بلڪ پنهنجي ماءُ حاجي
ماهه بيگم جنهن جي ڪوششن ۽ عاجزين سان ميرزا باقي
وليعهد ٿي تخت نشين ٿيو. ورنه ميرزا عيسيٰ ته
پنهنجي ٻئي نمبر پٽ ميرزا محمدصالح جي مرڻ کانپوءِ
پنهنجي ٽئين نمبر پٽ ميرزا جان بابا کي ولي عهد
ڪري تخت نشين ڪرڻ ٿي چاهيو پر ماهه بيگم، ميرزا
عيسيٰ جي مرڻ وقت، خفيه پيغام محمدباقي ڏي موڪلي
کيس تاڪيدن سان گهرائي تخت نشين ڪيو، جيتوڻيڪ
ميرزا عيسيٰ ماهه بيگم کي چيو ته تون هن کي ولي
عهد ڪرڻ چاهين ٿي، پر ياد رک تنهنجو خود موت هن
ظالم جي هٿان ٿيندو. خدا جي قدرت ٿيو به ائين جو
ميرزا باقي، ماءُ (ماهه بيگم) کي قيد جي ڪوٺڙي ۾
بند ڪري هن جو ان پاڻي بند ڪري ڇڏيائين، جنهن جي
نتيجي ۾ هوءَ کـُـڙيون گهرڙي گهرڙي، بک ۽ اُڃ وگهي
پاهه ٿي قيد ۾ ئي مري وئي.
قاضي خميسو، جيڪو ميرزا باقي جي پريشانين وقت ساڻس
گڏ هو، تنهن کي ”وڪيل ڪل“ مقرر ڪيائين. هي اهڙو
اهم عهدو هو جو، ملڪ جو مدار ئي انهي عهدي تي هو.
قاضي خميسي جي خوشنصيبي کيس ان بلند مرتبي تي
رسايو جو ڪيئي هزار سوار ۽ پيادا ساڻس همرڪاب
رهندا هئا. هن جي شان و شوڪت جو اهو عالم هو جو
جيترن به رنگن جا هن وٽ گهوڙا هئا، اوترائي جداجدا
انهن گهوڙن لاءِ طنبيلا ٺهرايائين. هن جا طنبيلا
عراقي، ڪڇي، ترڪي، تازي ٻين انيڪ نسلن جي گهوڙن
سان ڀريل هوندا هئا. جيتوڻيڪ هو بذات خود جاهل هو.
ليڪن هڪ طرف زماني جي ستم ظريقي ۽ ٻئي طرف خميسي
جي خوشنصيبي، اها هئي جا سندس دؤر جا جيد علماء
پنهنجي ضرورتن سبب، خميسي کي پنهنجو وسيلو بنائڻ
تي مجبور ٿيندا هئا ۽ هن جي جاهلانه گفتگو ٻڌي
برداشت ڪندا هئا. مطلب ته ايڏي اوج هوندي به سندس
اخلاقي حالت اها هئي جو هڪ ڏينهن شيخ عبدالوهاب
پوراني ۽ سيد علي شيرازي ڪن ٻين بزرگن سان گڏجي
خميسي جي جاءِ تي ويا ته بنا کيڪارڻ جي عالم کي
ٽوڪيندي، حقارت ۽ ٺٺولي جي انداز ۾ چيو ته: اَچو
ملئو! ڪيئن آيا آهيو؟ عالمن هن جي اها بي مروتي
ڏسي نهايت پشيمان ٿيا پر قاضي نعمت الله جيڪو
مذڪور علمائن ۾ نهايت تيز ۽ ذهين طبيعت وارو هو،
تنهن خميسي کي چئي ڏنو ته قاضي! اسان کي ٻڌاءِ ته
ملا جي ڇا معنيٰ آهي؟ جيئن ته خميسو مطلق جاهل ۽
اڻپڙهيل هو انهيءَ ڪري جواب نه ڏئي سگهيو، جيڪا
سراسر سندس لاءِ بيعزتي جهڙي ڳالهه هئي، سو چالاڪي
ڪري، علمائن جو قطع ڪلام ڪري، هڪ گول دائري جي شڪل
زمين تي ڪڍي پڇيائين ته ٻڌايو ته هي ڇا آهي؟
علمائن جو وفد، جنهن ۾ سمورا اهل ڪمال علماء هئا،
سي هن جي سوال تي حيران ٿي چوڻ لڳا ته اسان کي ته
ان باري ۾ ڪابه خبر نه آهي. تون ئي کڻي ٻڌاءِ ته
هي ڇا آهي؟ خميسي جواب ۾ چيو ته ميان هي کائڻ واري
ماني جي شڪل آهي، جو توهان جهڙا بزرگ به هن جي چڪر
۾ ڦرندا وتن. وري يڪدم ٻيو دفعو خميسي زمين تي
پنهنجي آڱر سان نانگ ۽ بلا جو ور وڪڙ جهڙي شڪل تي
ليڪو ڪڍي چيو ته، هي هن کان به سولو سوال آهي،
ٻڌايو ته هي ڇا آهي؟ وري هنن بزرگن جواب ۾ چيو ته
اهڙي شڪل بابت به اسان کي ڪا خبر نه آهي. جيتوڻيڪ
اسان علم هئيت، حڪمت، رياضي، ڪيميا، ريميا، سيميا،
توحيد ۽ تسخير سڀ پڙهي چڪا آهيون. بهرنوع تون ئي
ان تي روشني وجهي ٻڌاءِ! خميسي خان چيو ته توهان
ايتري وڏي علم وارا ٿي ڪري مذڪور شڪل کي سمجهڻ ۾
ناڪام رهيا آهيو، سو رعبدار آواز ۾ چيائين ته: ڇا
توهان اڄ ڏينهن تائين به ڍڳي کي پيشاب ڪندي نه ڏٺو
آهي؟ جنهن تي عالم چيو ته ها، برابر هاڻي اڄ
ڏٺوسين. خميسي جي صحبت ناجنس کان، هي سمورا علماء
متنفر ٿي، بغير پنهنجي ضروري بيان ڪرڻ جي يڪدم
اُٿي کڙا ٿيا. قاضي خميسي جڏهن ڏٺو ته هي علماء
ناراض ٿي وڃي رهيا آهن، تڏهن يڪدم شرمسار ٿي معافي
وٺي کانئن اچڻ جو سبب پڇي، پوءِ اُهو ڪم ڪري وڏي
عزت سان کين وڃڻ ڏنائين.
مٿئين واقعي مان اندازو ڪري ڏسو ته، ميرزا باقي
ڪهڙي قسم جي نااهل ماڻهن کي ملڪ جي حڪومت جون
واڳون سپرد ڪيون؟
جيڪي مسافر نوان نوان شهر ۾ ايندا هئا، تن کي
سڏائي ظاهري هنن سان نهايت خنده پيشاني سان پيش
ايندو هو ۽ هنن سان نهايت همدردي جو برتاءُ ڪندو
هو. جنهن بعد هو ڌوڪي ۾ اچي، ميرزا باقي جي تعريف
ڪري چوندا هئا ته هن کان وڌيڪ همدرد ۽ مسافر نواز،
دنيا ۾ ٻيو ڪو ورلي هوندو. المختصر پوءِ انهن
مسافرن کي درياءَ جي سير ڪرائڻ جي بهاني سان،
مرادئي ميربحر جي حوالي ڪبو هو ته، جيئن هو هنن کي
درياءَ جو سير ڪرائي. مراديو به انهن کي بناوٽي
ٻيڙي ۾ درياءَ جي سير ڪرائڻ جي بهاني سان چاڙهي
ويندو هو ۽ جڏهن وچ درياءُ ۾ ايندو هو ته تڏهن
ڪشتي جو هيٺيون تختو ڪڍي، هنن مسافرن جي، ڪشتيءَ
حيات کي گردابِ اَجل ۾ غرق ڪري ڇڏيندو هو.
هنن بيروني سياحن ۽ مسافرن کي غرق ڪرائڻ کان،
ميرزا باقي جو مقصد اهو هوندو هو ته جيئن ڪوبه
مسافر ملڪ جا حالات ٻاهر نه پهچائي سگهي يا ٻئي
ڪنهن بيروني ملڪ ۾ ميرزا جي خلاف متان ڪو آواز
پهچائي سگهي. اهڙي طرح جنهن شخص کي ملاقات ڪرڻ جي
لائق نه سمجهندو هو ته ان کي ٻاهر ئي ختم ڪرائي
ڇڏيندو هو.
مطلب ته ميرزا باقي جي ناشائسته حرڪتن ۽ ظلمن کان
عوام ايتري قدر ته تنگ ٿيو جو رات ڏينهن هن کي پيا
بددعائون ڪندا هئا. 992هه ۾ اوچتو ميرزا باقي کي
سندس وڏي پٽ ميرزا شاهه رخ جي مرڻ جي خبر پئي،
جيڪو ان وقت سرڪار نصرپور جو حاڪم هو. ميرزا باقي
کي، وڏي پٽ جي مرڻ جو وڏو صدمو پهتو. جنهن بعد هن
پنهنجي حرم سرا ۾ ٻانهنين جي شلوارن ۾ ٻليون
وجهرايون ۽ ان سان گڏ هنن جا سينا پڻ ڪپائي
ڇڏيائين ۽ مردن کي هاٿين جي پيرن سان ٻڌي رستن تي
گهل رايائين ۽ پوءِ پيو چوندو هو ته هنن ئي منهنجي
پٽ کي مون کان جدا ڪيو هو! هن جي ظلمن ۽ رعايا جي
بددعائن آخر رنگ لاتو. ميرزا باقي کي آخري عمر ۾
پنهنجي جان جو خوف ٿيڻ لڳو. ته متان کيس زهر نه
ڏين. تان جو هن جي کاڌي پيتي جي شين تي جيسين هن
جي متعدد خاص، ملڪ احمد خان، جنهن کي پٽيلو
ڪيائين، تنهن جي مهر نه لڳل هوندي هئي، تيسين هرگز
نه کائيندو هو ۽ نه پاڻي پيئندو هو. هاڻي سندس
ظلمن خود کيس ڏنگڻ شروع ڪيو. ميان حسن، (سيد طاهر
محمد نسياني جو والد) روايت ٿو ڪري ته: مرڻ واري
رات ميرزا باقي پنهنجي خاص خدمتگارن ”مار قدم
قورچي“ (هٿياربند سپاهي) ۽ ”ڇتي هندو“ ۽ ”دريائي
آبدار“ جن سان محو استراحت هو. ٻاهر سندس پٽيلي
ملڪ احمد جي چؤنڪي هئي ته، اوچتو اڌ رات جو ميرزا
باقي جي اک کلي ۽ پنهنجي پلنگ تان اُٿيو ۽ کيس اهو
به خوف ٿيو ته سندس پهريدار متان بيدار ٿين. سو
اُٿڻ سان پهرين چراغ وسائي ڇڏيائين. ان کانپوءِ
پنهنجي خاص تلوار مياڻ مان ڪڍي ۽ ان جي چهنب
پنهنجي پيٽ تي رکي، تلوار جو قبضو يعني مـُـٺ،
درِي جي طاق ۾ اڙائي اهڙي طرح زور سان دٻايائين،
جو تلوار جي چهنب سندس پيٽ مان ٿيندي، پـُـٺي کان
ٻاهر نڪري آئي. جنهن بعد هن جا آنڊا ٻاهر نڪري
آيا. هن پنهنجن آنڊن کي هڪ هٿ ۾ جهليو ۽ ٻئي خون
آلوده هٿ سان اونداهي ۾ رستو ڳولهيندو، ڀتين کي
ويو خون سان رنڱيندو. جڏهن هو پنهنجي پلنگ تائين
پهچي نه سگهيو ته ايتري ۾ سندس هلڻ جي آواز کان
ستل خدمتگار، ننڊ مان سجاڳ ٿيا. ڏسن ته ميرزاباقي
سڄو خون ۾ تر ٿيو پيو آهي ۽ مرغ بسمل وانگر پيو
تڙپي ۽ چراغ وساڻل آهي. سو پهرين ته هن کي پلنگ تي
ليٽائي، چراغ روشن ڪري ڏسن ته ميرزا باقي نزع جي
عالم ۾ آهي ۽ هن جي زخمن مان تيزي سان خون پيو
وهي. خدمتگار پٽڪا لاهي زمين تي اُڇلائي اوڇنگارون
ڏئي روئڻ پٽڻ لڳا. هنن جي روڄ پٽجي جي آواز تي،
چؤنڪي وارا پهريدار پڻ هوشيار ٿيا. اهڙي حالت ۾
ميرزا باقي، پنهنجي پٽيلي ملڪ احمدخان کي ياد ڪري
سڏايو. هن وٽ ماڻهو ويا پر هو نه ٿي آيو. ليڪن وري
به هن وٽ نوڪر ويا ۽ کيس ٻڌايائون ته ميرزاباقي تي
نزع جو عالم طاري آهي ۽ هن کي پنهنجي آخري ديدار
جي سڪ ٿي آهي. جنهن تي ملڪ احمد لاچار ٿي، ميان
حسن کي ساڻ ڪري ويو، ڏٺائين ته ميرزاباقي نزع جي
حالت ۾ پيو هو. ملڪ احمد جي اچڻ بعد ميرزاباقي جي
جيئن مٿس نظر پئي، تيئن کيس يڪدم، ”پٽم پٽم“ چئي
پاڻ ڏي ڪري کڻي ڀاڪر وڌائينس. المختصر ميرزاباقي
پنهنجي آخري وقت ۾ سڀني کي مخاطب ٿي چيو ته توهان
منهنجي هن ڳالهه جا شاهد رهجو ته: مون خود پنهنجو
پاڻ کي قتل ڪيو آهي. متان ڪنهن ٻئي تي منهنجي خون
جي تهمت لڳائي وڃي. سڀاڻي منهنجي پٽن ۽ اميرن کي
به اصل حقيقت کان آگاهه ڪجو.
ليڪن پوءِ به ڪيترن ماڻهن کي بي گناهه ميرزاباقي
جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪري مارايو ويو. ميرزا
محمد باقي خميس ڏينهن تاريخ8 شوال 993هه جي وفات
ڪئي. لب تاريخ سنڌ ۾، مادهءِ تاريخ وفات حسب ذيل
ڏنل آهي:
ز غيب آمد ندا تاريخه او گفت
”که گوئي سرور و سردار“ باقي
993هه
ميرزا باقي کي مڪلي واري قبرستان ٺٽي ۾ دفنايو
ويو. هن جو مقبرو سمورن ترخانن جي دفن گاهه کان
جدا ۽ پنهنجي والد ميرزا عيسيٰ جي مقبري جي ڏکڻ
اتر طرف، ٽن سؤ قدمن جي فاصلي تي واقع آهي. جنهن
جي چار ديواري ۾ چند قبرون آهن. ان چار ديواري جي
وچ ۾ هڪ ٻي ننڍي چار ديواري آهي، جنهن ۾ پنج قبرون
آهن. انهن مان ٻيو نمبر قبر ميرزا باقي جي آهي،
جنهن تي حسب ذيل ڪتبو نصب ٿيل آهي، جيڪو پيراندي
کان آهي:
وفات يافت حضرت جنت
مکاني الواصل الي جوارالملک
الرحمان ميرزا محمدباقي بن ميرزا
محمدعيسيٰ ترخان در تاريخه
روز پنج شنبه هشتم
شهر شوال سنه 993هه
مذڪوره ننڍي چوديواري جي اندرين خواهه ٻاهرين
پيشاني تي چوڌاري، آيات اُڪريل آهن، محراب تي پڻ
آيت جي اُڪر آهي. اندر آيتن کانسواءِ ديوار جا
ڪنارا ۽ پاوا نقشيدار آهن. ديوار ۾ هوا لاءِ
ڄاريدار جارا آهن. مٿان ڇت ناهي(1)
.آيتون هن ريت آهن:
ٻاهرين ڪناري تي:
بسم الله....تبارک الذي....بماء معين. (سوره
الملک، آيت 1 تا 20)
بسم الله....قل هو الله احد......ڪفواً احد. (سوره
الاخلاص، آيت 1)
صدق الله.... و الحمد الله رب العالمين،
مشقـہ العبد الفقير الي الله الملک المتين، حسن بن
رڪن الدين(2).
(3) ساڳي چوديواري ڀرسان ميدان تي ميرزا باقي جي
ٻين عزيزن جون پڻ قبرون آهن. اندر داخل ٿيڻ لاءِ
اوڀر کان عالم پناهه ۾ دروازو آهي.
(4) اندرين ڪناري تي:
بسم الله.....اذا وقعته الواقعة....فسبح باسم ربک
العظيم. (سوره الواقعه، آيت 1)
مشقـہ العبد الفقير الي الله الملک المتين حسن بن
رڪن الدين.
محرام تي اندرين پاسي:
فنادتـہ الملائکة...في المحراب. (آيت آل عمران)
قبر جي لوڙهه تي پاسن کان:
قال الله سبحانـہ تبارک و تعليٰ.
شهدالله انـہ لا الـہ الاهو الملائکة...بصير
بالعباد. (سوره آل عمران)
صدق الله....النبي الڪريم.
بسم الله....تبارک الذين...بماء معين. (سوره
الملک)
بسم الله...الله لا الـہ الاهو الحي القيوم....هو
العلي العظيم. (سوره البقره)
قال الله....کل شيئا هالک...ترجعون. (سوره القصص)
صدق الله يبشرهم ربهم.....عنده اجر عظيم (سوره
التوبه)
صدق الله....رسولـہ النبي الڪريم.
ميرزا محمد باقي ٽيهه (30) سال مسلسل سنڌ تي حڪومت
ڪئي. ميرزا باقي جي والده، سنڌ جي سوڍن مان هئي.
جنهنڪري ارغون ۽ ترخان کيس طعني طور ”سندي بچه“
ڪري سڏيندا هئا. ليڪن افسوس جو هن سنڌي ٻچي، سنڌ
اندر جيڪي ظلم ڪيا تن جو مثال، ڌاري تسلط جي دور ۾
ملڻ مشڪل آهي.
ارغون ۽ ترخان سؤ ورهن کان مٿي سنڌ ۾ رهندا آيا ۽
هميشه پاڻ کي برتر ۽ بالا سمجهندا رهيا. هو فاتح
هئا ۽ سنڌي محڪوم. حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ جيڪو فرق
ٿئي ٿو سو، شدت ۽ وڏي شدمد سان، زير بحث دؤر ۾
قائم رهيو.
ياد رهي ته هر دؤر جي سياست ۽ معاشري جا نقيب
پنهنجي ان دؤر جا شعرا ۽ اديب ٿين ٿا. ان دؤر جو
ادب ۽ شاعري هڪ آئينو آهي. جيڪو پنهنجي دؤر جي
عڪاسي ڪري ٿو ۽ انهي شعر و ادب جي وسيلي، اُن جي
معاشري، سماج ۽ سياست جا نقشا اُڀري اسان جي
سامهون اچن ٿا.
ميرزا باقي جي دؤر جي شاعرن کي مطلع ڪرڻ سان هنن
جي ڪلام ۾ نهايت واضح ۽ شعوري طور تي ميرزا جي
ظلمن ۽ ان دؤر جي بدحالي ۽ تاريڪي جو نقشو اکين جي
سامهون اچي ٿو. ان زماني ۾ ميرزا تي ڪيترن شاعرن
هجويه شعر جوڙيا جن مان ڪي محفوظ آهن.
صاحبِ مقالات الشعرا، ترخاني دؤر جي، ”رنگين“ تخلص
واري شاعر جا ٻه اشعار ڏنا آهن، جيڪي ميرزا باقي
متعلق آهن.
در زماني ميرزا باقي نماند
امتيازِ نيک و بد اندر جهان
قدر دولت را ندانست تاکه شد
شهر کاسه ليس يا جمعي سگان
غضنفر بيگ جيڪو ميرزا باقي جي دؤر جو شاعر هو ۽
ارغون خاندان مان هو. ميرزا باقي جي ظلمن جي بجلي
جڏهن ارغونن جي سرن تي اچي ڪڙڪي، تڏهن هي غريب به
ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو ۽ ميرزا باقي هن کي پنهنجي
وطن ٺٽي مان جلاوطن ڪري ڇڏيو. جنهن بعد ميرزا باقي
جي حڪومت جو بقيه دؤر جلاوطني جي عالم ۾ ڪيچ مڪران
۾ گذاريائين. هن جي جيئري، هي غريب ڪڏهن به پنهنجي
وطن کي ڏسي نه سگهيو. ميرزا باقي جي مرڻ بعد جڏهن
ميرزا جاني بيگ تخت سلطنت تي ويٺو، تڏهن ميرزا
خسرو خان چرڪس(1)
جي توسل ۽ سفارش سان ميرزا جاني بيگ جو مقرب ۽
ملازم ٿي اچي شامل ٿيو. هو پنهنجي جلاوطني جو شڪوه
ڪنان ٿي ميرزا باقي جي متعلق چوي ٿو ته:
نمود آواره ام ميرزائي باقي
نيا سايد دمي بر جائي باقي
ز حق است عنقريب اين آرزويم
که گوشم بشنود: اي هائي باقي!
”فراقي“ جيڪو ميرزا باقي جي دؤر جو شاعر هو تنهن،
باقي جي وفات کانپوءِ جڏهن ميرزا پاينده ۽ پٽس
جاني بيگ مسند نشين ٿيا تڏهن فراقي شاعر چيو ته:
بزرگانِ زمانِ شاه ”باقي“
ندانستند احوالِ ”فراقي“
کنون، پاينده چشمِ مهرباني
همي دارم من از ياران ”جاني“
مٿين شاعرن کانسواءِ رافت، علي خان ۽ نعمت الله،
ميرزا باقي جي دربار جا مشهور شاعر هئا. ميرزا
محمدباقي کي پنهنجي جهانباني ۽ سياسي بصيرت سان گڏ
شاعري جو به شعور هو ۽ چڱو شاعر هو. تخلص باقي
ڪيائين ميرزا باقي جي شاعريءَ متعلق، تذڪره مقالات
الشعراء ۾ پڻ ذڪر آيل اهي.
ڪتاب محڪ فخري، جيڪا صوبدار خان جي حڪم سان
1257هه/1841ع جي لکيل آهي، تنهن ۾ ميرزا باقي جي
نالي ٻه غزل تحرير ٿيل آهن. جي ٻئي غزل هن هيٺ پيش
ڪن ٿا:
غزل
نه آرامي نه دردش نه اميدِ زيستن دارم
بمرگِ خود شدم راضي چه عمر است اين که من دارم
چه سان شرحِ گرفتاري دلِ گويم که در هجرت
نه پروائي گلستانِ نه سر و برگ چمن دارم
نه جورش را بود حدي نه صبرم را بود پايان
چه جور است اين که او دارد چه صبر است اين که من
دارم
چه سان حالِ دلِ خود گويم آنمه را اگر بينم
شوم لب بسته گاهِ ديدنش گرصد سخن دارم
چنين گر دل شدم ”باقي“ اسيرِ عشق بد خوئي
نه دل دارم بلائي بهر جانِ خويشتن دارم
ايضاً
منم و ساغرِ عشرت ز مئي سودائي
عاشقِ سوختهءِ دل شدهءِ رسوائي
نه نصيبم ز عقل و نه ز خويشم خبري
نه بکس گفت و شنيدي نه ز خود پروائي
مال و جاهي که درين عالم پر درد و غمست
اندک و بيش نديديم چو بي غوغائي
از جهان دست کشيديم و شديم آسوده
بنهاديم روان برسرِ عالم پائي
بهتر از ملک و جهان است سراسر ”باقي“
بفراغت نظري بر رخِ مه سيمائي
فرد
تلاشِ منصبِ دنيا فزوده درد سرم
کنون کلاهِ نمد اختيار بايد کرد
* * *
|