واڌارا ۽ اضافا
ميرزا عباس علي بيگ
رب يسر ولاتعسر وتمم بالخير الظفر
سنڌ
خوش کشوري ست دائم بادا لقائي سندهه
کشمير آبديده ز آب و هوائي سندهه
تقرير عاقبت شود ابکم ز گفتگو
کس رامجال نيست که زد او ثنائي سندهه
يارب ز رخم ديده حاسد نگاه دار
دايم بود به امن ز لطفِ خدائي سندهه
خورشيد هر سحر به ثنايش کشائي او
چرخ از شفق حنائي به بندد بپائي سندهه
دريائي سندهه را صفت از حد فزون بود
آئينه آبديده ز موجِ صفائي سندهه
توفيق بسته هائي در دهر وا کند
اطراف دل به لرزه ز فتح و لوائي سندهه
بي بهره کس ز خوان کريمان نميرود
عالم به بهتر از درِ دولت سرائي سندهه
ماهِ نوشت بوسه زن اندر رکاب او
هر شام خور ز عجز بود جبه سائي سندهه
معمار کارخانئه قدرت ز دست لطف
خوش وضع دارد اين همه رنگين بنائي سندهه
شاهان چار سـُـو قسم از رتبه اش خورند
خورشيد يوزه زر بکند از گدائي سندهه
فغفور چين ز بندگيش باج بدهد او
قيصر خراج تحفئه فرستند برائي سندهه
ايران ز دولتش متحير بسانِ روم
هندوستان به فخر تو بختِ رسائي سندهه
هر گوشه نهر جاري و هر سو شگفته باغ
رضوان به دل بهشت چه سازد بجائي سندهه
هر گوشه د کان ملاحت نمک کشاد
شوخ ست غمزهءِ نگه سرمه سائي سندهه
ترکان گرفته پشئه ترکي ز چشم شان
خوبان به حسن قايم باز از ادائي سندهه
چشمِ بد فلک شود از هيبتش سياه
از تيغ روشن آئينئه خوش جلائي سندهه
هر گاه باش بزهد ز منصور بيشتر
نزديک بر اجابت باشد دعائي سندهه
مردم همئه پسند و نکو کار هر طرف
خوش خلقي زبان ست ز دل غمزه وائي سندهه
تا گردشِ فلک بود از دؤرِ مشتري
يارب به فتح تازه بود مدعائي سندهه
”مير“ از درت هميشه به اميد اين دعا ست
گردان ستاره برسرِ کامِ رضائي سندهه
خداداد خان مملڪتِ پاڪستان جي صوبه سنڌ ۾، اسلامي
تاريخ جو آغاز سال92هه (710ع) ۾ محمد بن قاسم جي
فتحِ سنڌ کان ٿئي ٿو ۽ انتها 1259هه (1843ع) ۾
ٽالپور حڪومت تي ٿي. جنهن جو باني مباني، فاتحه
سنڌ مير فتح علي خان ٽالپور هو. معلوم هجي ته
مندرجه بالانظم، فاتحه سنڌ مير فتح علي خان ٽالپور
جي فرزند مير صوبدار خان المتخلص به ”مير“ جو،
پنهنجي وطن سنڌ ملڪ تي چيل آهي. جيڪو هن 1843ع
کانپوءِ نظربندي واري زماني ۾ ڪلڪتي ۾ يعني غريب
الوطني جي عالم ۾ چيو.
وطن کان دور، اهل و عيال، عزيز و اقارب ۽ هم وطن
دوستن کان پري، ازانسواءِ قيد و مصيبت، سو اهڙي
عالم ۾ وطن جي حب ۽ اُڪير يقيناً کيس ستايو، جنهن
بعد جيڪي کيس سنڌ بابت ۽ اُن جي ياد ۾ چوڻ گهربو
هو سو چيائين. مير صوبدار خان 1846ع ۾ ڪلڪتي ۾
وفات ڪئي. جيتوڻيڪ مير صاحب موصوف سنڌ جو پڻ سابق
ڏيهي حاڪم هو، سو پنهنجي وطن سنڌ ملڪ جي تعريف ۾،
اهڙي نظم چوڻ ۾ حق بجانب هو. ليڪن اڄ کان هڪ هزار
سال اڳ يعني چوٿين هجري ۾ محمود غزنوي جي متواتر
حملن ۽ ان جي، سنڌ ۽ پنجاب تي حڪومت قائم ڪرڻ
سببان، سنڌ ۾ ايراني اثرات ۽ ان جي فرهنگ ۾ هڪ
تازگي پيدا ٿي وئي. تنهن کي به ان وقت جي ڪيترن ئي
فارسي گو شاعرن، سنڌ ملڪ کي پنهنجي دواوين ۾ متعدد
صورتن ۾ ياد ڪيو آهي. جيڪي سنڌ ملڪ ۽ ان ۾ رهڻ
وارن سان ۽ اُنهن سان گهري واقفيت ۽ دلچسپي جي خبر
ٻڌائن ٿا. بلڪ حسب ذيل اشعار مذڪور سلسلي ۾ مطالعي
ڪرڻ جي قابل آهن.
(دقيقي، وفات قبل 384هه)
شه بر برستان و شاهانِ هـــند
گزنيش بدادند و ســاهانِ سند
ديوان: ص. 80
(فرقي: محمود جو همسفر - وفات 429 هه)
شيده ام که فرامرز رستم اند سند
يڪشت مار و بدان فحر کرد پينس تبار
ديوان: ص. 53
به سند و هند ڪسي نيست مانده گان آرزد
کز آن تـــــو شـــــود آنـــــجا بجنگ يک چاکر
ص. 73
زنده پيلان کز در دريائي سند آورده اي
ســــال ديگر بگزراني از لبِ دريائي نيل
ديوان: ص. 221
رايتِ تو سـايه افگنده است بر دريائي سند
کي بود شاها که ســـــايه افگند بر کوه شام
سند و هـــــنـــد از بـــــــت پرستان کرد پاڪ
رفــــته زيـــــن ســـو تـــــا
بـــــدريـــائـــي روان
ديوان: ص. 263
(عنصري: وفات 431هه)
به سند و هند ز عکسِ رخِ هزيتيسان
مزارغوان را نتــــــوان شناختن ز زرير
ديوان: ص. 73
به سند و ناحيتِ هند شهر يار آن کرد
کجا بمـــــــردمِ خيبر نکرده بـُـد حيدر!
ديوان: ص. 111
هم اندر اين مه کاين حرب کرد و رفت به سند
قحرب کــــــوره و تــــارا چــه گـــير کانِ کبر
ديوان: ص. 112
(قطران تبريزي: وفات بعد 466هه)
اگرچه زادِ تو اين جا و گرچه جـــــاي تو ايدر
بتو ترسانند اندر سند و چين اطفال را مادر
ديوان: ص. 174
(ناصر خسرو: وفات 481هه)
از پارسي و تازي و از هندي و از ترک
وز سندي و رومي و زعبري همه يکسر
ديوان: ص. 174
به پيغمبر عــرب يکسر مـــشرف گشت و فراًد
ز ترک و رومي و هندي و سندي گيلي و ديلم
ديوان: ص. 269
بعلــــمِ هندسه ســـر بر کشيدي
به سند و هند و اطرافِ خراسان
ديوان: ص. 213
به سند انداخت گاهم گهه به مغرب
چنين هــــرگــــــز نديدستم فــــــلاخن
ديوان: ص. 371
من همي نـــــازش به آلِ حيدر و زهــــرا کنم
تو همي نازش به سند و هند بد گوهر کني
بنده اي را سند بخشي پيشکاري را طراز!
کهــــتري را بــــر زمينِ خــــاو ران مهتر کني
ديوان: ص. 423
بخواهد خورد مر پروردگانِ خويـــش را گيتي
فخواهد رستنِ از چنگال او سندي و نه هندي
ديوان: ص. 493
چو فصلِ دين احمد را ز فضلِ خويش بفگندي
چه باشد فضل ســـــــوي اوترا بر هندي و سندي
(عسجدي مروزي، سومناٿ ۽ سنڌ ۾ محمود سان گڏ هو،
وفات: 514هه)
تا شاهه خسروان سفر سومنات کرد
کردار خويش را علمِ معجزات کرد
ديـوان، بتصحيح طـــــاهـــري شهاب:
(مسعود سعد سلمان وفات: 515هه)
رايانِ هند را و هز بـــرانِ ســــنـــد را
در بيشها بياب و بيک جانثار کن
ديوان: ص. 437
(امير معزي، وفات: 518هه)
بر زمينِ هند و سند از هيبتِ شمشير او
شير غرند نگردد يکزبان غائب ز غاب
ديوان: ص. 66
از ناحيه سند کـــــنـــــون تــــا بــــدرِ
هــــــــنـــد
بس کس که ازين رنجه بدرد است و بتيمار
ديوان: ص. 202
خصم ملک از گرنري صد لشکر آورده بهم
از حــــــد کالنجر و قــــنـــوج و سند و مولتان
ديوان: ص. 520
(مختيار غزنوي، جيڪو سرهنگ خطيبي ۽ مسعود سعد
سليمان جي ملاقات وقت سنڌ ۾ آيو هو. وفات: 535هه
مقدمه 95)
ترا به حاڪمي سند تهنيت چه کنم
کر گشت از هنرن پند در زمانه سمد
همه ممالک مشرق سپرده گــــير بتو
چو هند بر تو نوشتند سند را چو نظر
ديوان: ص 139
(ز قصيده در مدح بهرام شاه سلجوق: از الحڪيم شهاب
الدين شاهه علي ابي رجاءِ الغزنوي 567ه)
چو هنـــــــد و سنــــد گــــرفتي مثال ده به
سپاه
که تاز چين و يمن سوئي مصر و شام کشند
(لباب الالباب: ص 280، جلد: 2)
(رباعي از ضيا ء الدين ابوبڪر بن احمد الجامي
وزير، ”محمد خوارزم شاهه“ 608هه)
اي دوست مرا درد تو از درمان به
يڪ ساعت ديدار تو از صد جان به
از سيب انخد ان تو يڪ شفتالو
نزديڪ من از مزار سوستان به
(لباب الالباب: ص. 112، جلد: اول)
(از ڪتاب ديوان تحفة الصغر تصنيف امير خسرو دهلوي
سال
وفات: 725هه)
سرو چو تو در اُچهه و در تته نباشد
گل مثل رخِ خـــوب تــو البته نباشد
مندرجه بالاشعراء ڪرام جي اشعار مان اهو ثابت
ٿيندو ته انهن سنڌ کي هرگز نه وساريو بلڪ هر ڪنهن
پنهنجا پنهنجا تاثرات پنهنجن دواوين ۾ دائما، بطور
يادگار جي ڇڏيا. بهرحال هن ضمناً تمهيد بعد هاڻي
اسين وري پنهنجي اصل موضوع تي اچون ٿا.
ڏهين صدي هجري جي پهرين چوٿائي ۾ بخارا، ماوراء
النهر، خراسان، ايران ۽ دهلي، ان سان گڏ سنڌ ۾ پڻ
اهڙا ته واقعات ۽ حادثات يعني وڏا وڏا انقلابات ۽
نشيب و فراز رونما ٿيا، جن جي ڪري انهن مختلف
سرزمينن جي دنيا يڪسر بدلجي وئي. پريشاني، بربادي،
ڪشت و خون ۽ درهمي و برهمي جو عجيب و غريب عالم
ٿيو. ڪيترائي خاندان ختم ٿي مٽجي ويا، ڪيتريون ئي
حڪومتون زير ۽ زبر ٿيون. پراڻن حڪمرانن جا تخت ۽
تاج اُلٽ پلٽ ٿي ويا ۽ ڪيترين ئي نئن سلطنتن جو
آغاز ٿيو، ڪيتريون ئي نيون قوتون اُڀري آيون، نوان
خاندان پيدا ٿيا، نئن حڪومتن جي تشڪيل ٿي.
شيبانين جو اُڀرڻ (906هه/1500ع) محمد خان شيباني
پنهنجي خون آشامين ۽ لشڪر ڪشين سببان ان زماني ۾
ايران، تورن ۽ خراسان جي سرزمين کي لتاڙيندو پامال
ڪندو باربار خون سان پـُـسائيندو رهيو. جنهن جي
نتيجي ۾ ساڳي چوٿائي جي اندر اندر پاڻ خود پنهنجي
محنت تي پاڻي ڦيري پنهنجي جان وڃائي ويٺو.
صفوي سلطنت جو بنياد پوڻ (907هه/1502ع) يعني شاهه
اسماعيل صفوي پنهنجي نئين سلطنت جو بنياد ساڳي
چوٿائي ۾ وڌو. هرات وارن تيمورين جي ازدواج ۽
اولاد جي ڪثرت سببان، سلطنت جي چراغ جي گل ٿيڻ
(913هه/1506ع) يعني آل تيمور جي سلطنت جو آخري
چراغ ساڳئي عهد ۾ هرات جي اندر هميشه لاءِ وسامي
ويو. ڪيترائي شهزادا قتل ٿي ويا ۽ پوءِ باقي جيڪي
ڪجهه بچيا، سي اهڙا ته هڪٻئي کا وڇڙجي ويا جو
جيسين جيئرا هئا تيسين وري ڪڏهن به هڪٻئي جي شڪل
ڏسڻ نصيب نه ٿين. ساڳيو ئي حال آل تيمور جي ٻي شاخ
جو فرغانه ۾ ٿيو. بابر جو فرغانه مان آواره ٿي
ڪابل ۽ قنڌار تي تسلط پيدا ڪرڻ لاءِ (928هه/1522ع)
يعني بابر پيءُ واري مسند وڃائي ويٺو. توران کان
وٺي دره خيبر تائين وادين ۽ پهاڙن جي نشيب و فراز
۾ پنهنجي قسمت جي پستي ۽ بلندي سان کيڏندو ڪڏندو ۽
تماشا ڏسندو رهيو. نيٺ هندستان ۾ هڪ وڏي سلطنت جو
بنياد رکيائين. (932هه/ 1526ع).
ساڳيو حال سنڌ ۾ وقوع پذير ٿيو. يعني سنڌ ۾ سمه
خاندان جو ختم ٿيڻ. صدين جي سمه سلطنت ۾ سلطان ڄام
نظام الدين جي اک بند (914هه/ 1508ع) ڪرڻ سان خانه
جنگي شروع ٿي. سلطان حسين بايقرا ميرزا، جي اميرن
مان ڪجهه فردن تي منحصر ارغونن جو خاندان جنهن جو
سرڪرده شاه بيگ ارغون هو، سو جڏهن قنڌار ۾ بابر
کان شڪست خورده ٿيو، تڏهن سڌو سنڌ ۾ پهچي، پنهنجي
حڪومت جو نئين بنياد وڌائون، (928هه/1522ع).
همايون کي، شير شاهه کان شڪست کائي سنڌ ۾ جائي
پناهه نه ملڻ سبب، (ربيع الاخر 950هه/11 جولائي
1543ع کان 7 محرم 952هه/12 مارچ 1545ع)، ايران ۾
وڃي پناهه گزين ٿيڻ ۽ شاهه طهماسپ جي همدردي ۽ مدد
سان وري هندستان جي تخت و تاج کي حاصل ڪرڻ، هي
سمورا واقعا ڏهين صدي هجري جي پهرين ٽن چوٿائين ۾
رونما ٿيا. جنهن جي نتيجي ۾ قديم ايران جي سرزمين
کان وٺي ننڍي کنڊ جي خاڪ تائين پورو سياسي سماجي
ماحول ۽ ثقافتي صورتحال بلڪل تبديل ٿي ويو. جنهن
کان هڪ ٻي خاص ڳالهه جا اسان وٽ رونما ٿي، سا هي
آهي ته آئينده ڪيترين صدين تائين جاگيرافيائي
حدون، جيتوڻيڪ بظاهر قائم رهيون، ليڪن سياسي ۽
سماجي معاملات ۽ مسئلن ۾ برصغير تي هميشه ايران جي
هڪ قسم جي بالادستي رهي. ڇو جو سماجي يا سياسي
معاشري جي جن اميرن ۽ اهلِ فڪر وارن، هتي اچي
تشڪيل ڪئي سي سمورن جا سمورا ايراني ۽ توراني هئا.
امان و امان، اطمينان ۽ آرام پڻ يا آبرومندانه
گذربسر، توران ۽ خراسان ۾ نه ڏسي، امن پسند شهري
جن ۾ وڏا وڏا علماء، فقها، مذهبي پيشوا، اهلِ علم
۽ قلم پڻ حضرات هئا، سي قافله در قافله جي صورتن ۾
اتان نڪري سنڌ جي طرف اچڻ لڳا. پهرين انڪري آيا جو
شيبانين جي غارتگري اتي جهنم جهڙو سمان پيدا ڪري
ڇڏيو. ليڪن ان جي مقابلي ۾ هتي سنڌ ۾ بهشت جهڙو
امن و امان وارو گهوارو هو. پر جڏهن ايران ۾ صفوي
سلطنت قائم ٿي، تڏهن ڪي تشدد جا ستايل ۽ ڪن جو
ارغونن سان تعلق هئڻ سبب، هنن جي آمد جو سلسلو
جيڪو ڄام نظام الدين سمي بادشاهه جي عهد کان ئي
شروع ٿي چڪو هو، سي هاڻي رڪجڻ جي بجائي پاڻ وڌيڪ
تيز ٿي ايندا ويا. جيئن ته ارغونن جي دؤر ۾ تاريخ
جي اندر اسان کي بيشمار نامور علماء، شعراء ۽ اهلِ
قلم حضرات جن جا اسمائي گرامي ملن ٿا ۽ جي سنڌ ۾
اچي اهڙي طرح پناهه گزين ٿيا جو وري ڪڏهن به واپس
وڃڻ جو نالو نه ورتائون.
ساڳئي دؤر ۾ سنڌ ۾ پنهنجن بزرگن جي مقبرن ۽ قبرن
تي فارسي ڪتبا ۽ تاريخِ وفات جا اشعار ڪنده ڪرائڻ
جو پڻ رواج پيو.
معلوم هجي ته اڪثر ايراني شعراء يا علماء هندستان
وڃڻ لاءِ پهرين سنڌ مان لنگهندا هئا ۽ پوءِ هتي
ڪجهه وقت قيام ڪري، سنڌ جي باشندن مان استفادو
حاصل ڪري پوءِ بکر ۽ ملتان واري رستي کان لاهور
مان ٿيندا، مغل سلطنت دهلي ڏي ويندا هئا.
زير بحث دؤر ۾، ڪتاب تحفة الڪرام، مقالات الشعراء،
حديقة الاولياء، تحفة الطاهرين ۽ پڻ ٻين ڪيترن ئي
تذڪرن ۽ تاريخن ۾ سنڌي عالمن، مشائخن محدثن، شاعرن
۽ بزرگن جا اسمائي گرامي ملن ٿا، جن مذڪور سلطان
جي دؤر ۾ سنڌ اندر اطمينان ۽ دلجمعيءَ سان ديني ۽
دنيوي علمن کي فروغ ڏيڻ ۾ اڻ وسرندڙ ڪوششون ۽
خدمتون ڪيون.
اهڙيءَ ريت امن، راحت، فراعت ۽ خوشحاليءَ جون
خبرون جڏهن ڏورانهن ڏيهن تائين پهتيون، تڏهن سنڌ
کان ٻاهر جي مشاهيرن به قطار در قطار، ٿي سنڌ ڏي
پنهنجو رخ ڪيو. سلطان نظام الدين جي آخري دؤر ۾ ته
خاص طرح ايران، خراسان خواه ماوراء النهر مان
ڪيترا ئي گهراڻا سنڌ ۾ ايڏيءَ ڪثرت سان اچي پهتا،
جو انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ حضرت ننگر ٺٽي ۾ علحدا
محلا مخصوص ڪرڻا پيا. وچ ايشيا ۾ اهو زمانو سخت
بدامني ۽ طوائف الملوڪي جو هو.
انهيءَ ڀاڇڙ ۾ گهڻا ته خس و خاشاڪ جي مثل هئا.
ليڪن ڪي اهڙا عالم ۽ دانشمند به اچي پهتا، جن جو
اچڻ سچ پچ ته سنڌ لاءِ هڪ نعمت هو، مثلاً مولانا
عبدالعزيز ابهري ۽ سندس پٽ مولانا اثيرالدين
پنهنجي سموري خاندان سميت ايران مان لڏي اچي، سنڌ
۾ مستقل طور مقيم ٿيا. علم جي اشاعت لاءِ مدرسو
جاري ڪري، هنن ستونِ علم جي طالبن جي آس ۽ پياس کي
پورو ڪيو. 901هه ۾ مشهد مقدس مان سيد يعقوب ۽ سيد
اسحاق لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيا. جن جو اولاد اڃا تائين
سادات مشهدي جي نالي سان مشهور آهي. وري 906هه ۾
سيد محمد عابد مشهدي جا ٻه فرزند سيد احمد ۽ سيد
محمد سي به ايران مان لڏي سنڌ ۾ آيا. ان زماني ۾
ايران جي ڪيترن ملڪن تي تيموري مغل، راڄ ڪندا هئا.
تنهنڪري ايرانين لاءِ خاص لفظ ”مغل“ يا ”ولايتزا“
استعمال ٿيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو ڄام نظام
الدين جي دؤر حڪومت ۾ ٺٽي ۾ سندس يادگار ”مغلپوره“
سرڪاري خرچ تي تعمير ٿيو ته جيڪي به ايراني عالم،
فاضل ۽ شاعر سنڌ ۾ اچن ته اچي اُتي مغلپوره (ٺٽي)
۾ پنهنجو مسڪن ڪن.
ڄام نظان الدين، پنهنجي دربار ۾ حسب عادت گهڻو وقت
عالمن سان علمي بحث، مباحثه ۾ صرف ڪندو هو(1)
علامه جلال الدين محمد دواني (المتوفي 908هه)
شيراز کان سنڌ ملڪ ۾ اچڻ جو ارادو ڪري، پنهنجن ٻن
شاگردن مير شمس الدين ۽ مير معين کي ٺٽي موڪلي،
اتي اچي رهڻ جي استدعا ڪئي. جنهن تي ڄام نظام
الدين شايان شان حويليون تعمير ڪرائي گذران وغيره
جا اسباب ڪيا ۽ هنن ٻن شاگردن هٿان، راهه خرچ به
ڏانهس موڪليائينس پر قاصدن جي پهچڻ کان اڳ، مذڪوره
مولانا وفات ڪري ويو. جيئن ته مير شمس الدين ۽ مير
معين کي ڄام نظام الدين جي صحبت وڻي وئي، تنهنڪري
موٽي اچي ٺٽي ۾ رهيا، جتي هنن ديني ۽ دنيوي علم جي
اشاعت ۾ ڀلئون ڀل بهرو ورتو.
مذڪور خاندان جو آخري تاجدار ڄام نظام الدين
المعروف به ڄام نندو (866هه کان 914هه) ۽ خراسان
جو آخري تيموري سلطان شاهه حسين بايقراء (863هه
کان 912هه) هي ٻي همعصر ۽ دوست بادشاهه هئا. جنهن
سبب ٺٽو ۽ هرات هڪڙي ئي وقت ۾ شاعرن ۽ عالمن جو
مرجع بنيل هو. خدا جي قدرت جڏهن ايران ۾ تيموري
سلطنت جو خاتمو ٿيو، تڏهن عين انهي وقت سنڌ ۾ به
سمه حڪومت ختم ٿي.
ڄام نظام الدين به پنهنجي وقت جو اعليٰ شاعر هو
حسب ذيل رباعي سندس چيل آهي:
اي آنکه ترا ”نظام دين“ ميخوانند
تو مفتخري مرا چنين ميخوانند
گر در رهِ دين ز تو خطائي اُفتد
شک نيست که کافر لعين ميخوانند
بهرنوع شاهه حسين بايقرا جي هڪ امير شاهه بيگ
ارغون قنڌار ۾، بابر کان شڪست کائي سنڌ ۾ پهتو ۽
خانئه جنگي مان فائدو وٺي پنهنجي حڪومت جو از سرِ
نـَـؤ بنياد وڌائين. شاهه بيگ ارغون جي خاندان جا
ٻيا به فرد هئا، جيڪي مذڪور صدي جي آغاز ۾ آيا ۽
ساڳي صدي جي آخري چوٿائي تائين هرات، ڪابل، قنڌار
۽ پوءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ردوبدل ۾ نهايت وڏو
ڪردار ادا ڪندا رهيا. امير ذوالنون ارغون ۽ سندس
پٽ شاهه بيگ ارغون جي هٿان، ڪابل، قنڌار، بست ۽
داور جي زمين وارن علائقن تي جيڪي ڪجهه ٿي گذريو،
تنهن ۾ هنن ٻنهي پيءُ پٽن جو وڏو هٿ هو ۽ پوءِ
جڏهن هي سڀ اُتان نڪتا، تڏهن سنڌ ۾ وارد ٿي پنهنجو
تسلط ڪيائون. هتي جي ملڪي امور ۽ معاملات ۾ جيڪا
ردوبدل ٿي، تنهن ۾ به مذڪور خاندان، خاص ڪري شاهه
بيگ ارغون جو ڪردار نهايت اهم هو. جنهن جو قدري
اختصار سان احوال هن ريت آهي.
*
ميرزا شاهه بيگ ارغون
ميرزا شا بيگ، لقب شاهه شجاع ابن امير ذوالنون،(1)
سنڌ جو پهريون ارغون بادشاهه هو. امير ذوالنون
شروع کان ئي، ميرزا شاهه حسين بايقرا هرات جي حاڪم
پاران (884هه-913هه) قنڌار جو گورنر هو ۽ ان کان
پوءِ شال (ڪوئيٽا)، مستونگ، سيوي تي سندس قبضو
رهيو.
ميرزا شاهه بيگ ارغون هرات ۾ ڄائو هو ۽ اتي پنهنجي
والد جي تربيت ۾ علم حاصل ڪيائين. ڦوهه جواني ۾
علمي ڪمالات ۽ آداب حاصل ڪرڻ ۾ مشغول رهي، ڪافي
وقت عبادت ۽ طاعت ۾ گذاريندو هو. شروع ۾ جڏهن
پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ هرات جي تختگاهه ۾ رهندو
هو، تڏهن هميشه هرات جي عالمن جي مجلس ۾ ويندو هو
۽ هفتي ۾ ٻه دفعا علمائن کي پنهنجي جاءِ تي دعوت
ڪري گهرائيندو هو. مطلب ته هي بذات خود پاڻ به
عالم هو ۽ سندس دربار هميشه عالمن، شاعرن سان مزين
هئي.
تاريخ طاهري ۽ مقالات شعراء ۾ منقول آهي ته، مير
علي شير ”قانع“ جو ڏاڏو مير شڪرالله، شاهه بيگ جي
عهد حڪومت ۾ سنڌ ۾ آيو، هن کيس ٺٽي جو قاضي مقرر
ڪيو. هن صاحب، شريعت جي پيروي ۾ عدل، انصاف ۽ شاهي
خدمتون سرانجام ڪيون. مشهور آهي ته ميرزا شاهه بيگ
هن قاضيءَ جي آزمائش جي ارادي سان ڪنهن سوداگر
وٽان گهوڙو خريد ڪيو ۽ هروڀرو ان کي پئسا نه
ڏنائين ته، جيئن هو قاضي وٽ دانهين ٿي وڃي. آخر
ائين ئي ٿيو ۽ سوداگر جڏهن قاضي وٽ ويو ته هن يڪدم
ميرزا شاه بيگ کي گهرايو. دل ۾ چيائين ته جيڪڏهن
ميرزا شاهه بيگ شريعت جي فيصلي کان منهن موڙيو ته
سندس سر جو به خير نه هوندو. هوڏانهن ميرزا شاهه
بيگ به سوچ ڪئي ته جيڪڏهن قاضي انصاف کان ڪم نه
ورتو ته سندس سر قلم ڪيو ويندو. ائين ڪندي عدالت
جي ڪارروائي شروع ٿي. ميرزا شاهه بيگ ايندي ئي
قاضي کان پنهنجي مان مرتبي مطابق ويهڻ لاءِ جاءِ
جي گهر ڪئي پر قاضي هن جي ان گهر کي ليکي ۾ ئي نه
آندو. وري قاضيءَ کان ٻن گهڙين لاءِ گهر وڃڻ جي
مهلت گهريائين ته به قاضي کيس ڌيان ۾ ئي نه آندو.
ان تان ميرزا کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ ان کان اڳ، شاهي
رعب ۾ پاڻ ڪي ڪجهه ڪري، قاضي مٿس ٻه چار چهبڪ
وهائي ڪڍيا ۽ تيسين ماٺ نه ڪيائين جيسين حقدار کي
پنهنجو حق نه مليو. جيئن ئي فريادي کي حق مليو،
قاضي صاحب وڏي آڌر ڀاءُ سان ميرزا شاهه بيگ کي سڏي
شايانِ شان جاءِ ڏنائين. ميرزا جيئن ئي آرام سان
ويٺو ته کيس قاضي، پنهنجي مسند هيٺان ترار ڪڍي
ڏيکاريائين ته اجهو مون هيئن دل ۾ رٿيو هو. جيڪڏهن
تون شريعت جي معاملي ۾ ڪا ٿوري به مداخلت ڪرين ها،
ته تنهنجو سر سلامت نه هجي ها! اهو ٻڌي ميرزا شاهه
بيگ جواب ۾ چيو ته، آءٌ به خنجر چيلهه سان ٻڌي
عدالت ۾ آيو هوس، انهيءَ ارادي سان ته توکان رسول
اڪرم + جن جي راهه ۾ جيڪڏهن ڪا خطا سرزد ٿي، ته
توکي هڪ ئي ڌڪ سان دنيا مان رخصت ڪريان.
مٿيون حوالو شاهه بيگ جي حيثيت، فطرت ۽ رجحان کي
سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي. هي صاحبِ علم و فضل فرمانروا
هو. ميرزا شاهه بيگ، صاحبِ تصنيف بادشاهه هو. هن
جي تصانيف ۾، ڪافيه جي شرح، ۽ شرح مطالع جو حاشيه،
مير سيد شريف جي فرائض جي شرح جو حاشيه. علم نحو
تي ڪتاب متخذالعجاله ۽ ڪن ٻين رسالن جا حاشيه پڻ
مشهور آهن، جي سندس طبع جا نتيجا آهن. سرڪاري
مصروفيت سان گڏ عبادت ۽ اطاعتِ الـــٰــهي ۾ مشغول
رهندو هو. شاهه بيگ هڪ سال جو مختصر عرصو، سنڌ تي
حڪومت ڪئي. تاريخ 11 ماهه محرم الحرام
927هه/1520ع جي، هي سنڌ داخل ٿيو ۽ تاريخ 22 ماهه
شعبان 930هه/1523ع جي وفات ڪيائين. ڪنهن شاعر سندس
وفات تي حسب ذيل قطعه تاريخه چئي آهي:
چون به تقديرِ خدائي ذوالجلال
گشت راهي شد شجاع سوئي جنت
سال تاريخهِ وفاتش از خرد
شـــدعـــيــــــان ”بشـــهــر شعبانِ“ شـــــدت
930هه
شاهه بيگ جي دربار، وقت جي عالمن، فاضلن ۽ شاعرن
جي آماجگاهه هئي، جتي اُنهن جي شايانِ شان قدرداني
ٿيندي هئي. شاهه بيگ جي درباري شاعرن مان غياث
الدين ۽ شيخ عبيدالله ”آهي“، مشهور ۽ قابل ذڪر
آهن. ذڪرِ روضة السلاطين کان منقول آهي، ته ميرزا
شاهه بيگ ارغون شاعر هو. مولانا محمد طالب جي
ارشاد تي پنهنجو تخلص ”نفسي“ ڪيائين. سندس چيل هڪ
شعر، هن هيٺ ڏجي ٿو:
بکسل و پيوند کن خود را به از خود رستئه
ميوهءِ کز شاخ پيوندي بود شيرين ترست
* * *
|