ترخان نامو
ترخان نامو: هن ڪتاب جو نالو مٿين فهرست ۾ 30 نمبر
تي آيل آهي ۽ ڪتاب جو متن ايندڙ سٽن ۾ ايندو. ڪتاب
جي ڪجهه ڀاڱن ۽ حصن تي ايندڙ سٽن ۾ بحث اچي ٿو.
سبب تاليف: هن ڪتاب جي آغاز ۾ مؤلف چوي ٿو ته
ميرزا محمد صالح بيگ ترخان پٽ ميرزا عيسيٰ بيگ
ترخان (ثاني) (جڏهن هو گجرات ۾ ترسيل هو) لکيو ته:
”ترخان نامو“ جيڪو هن جي ابن ڏاڏن جي زندگيءَ
حالات تي مشتمل هو، سو سنڌ مان هٿ ڪري کيس موڪلي.
مؤلف ميرزا محمد صالح جي باري ۾ هيئن ٿولکي:
”هو خاندان ۽ قبيله پروري جي محبت ۾ پنهنجي اسلاف
عالي نسب جي مطالعي سان خواهش ۽ رغبت رکندو هو ته
جيئن پنهنجي خاندان ۽ نسب کي معلوم ڪري، ته خوانين
مان ڪير شرف ۽ عظمت جو حامل آهي.“
هي ڪتاب اهڙي وقت تاليف ٿيو، جڏهن سمورا ارغون
مڪمل طرح سان ختم ٿي چڪا هئا ۽ عيسيٰ ثانيءَ جي
وفات (1061هه) کان پوءِ، ترخانن مان فقط ميرزا
محمد صالح ۽ چند فرد سندس عزيز و اقارب بطور آخري
يادگار جي رهيل هئا.
سنڌ ۾ هي ٻئي حڪمران قبيلا اڌ صديءَ اڳ، ختم ٿي
چڪا هئا. ميرزا غازي بيگ جي وفات بعد (1022هه)،
ميرزا عبدالرزاق معموري، ڄاڻايل خاندان جي هڪ هڪ
فرد کي سنڌ مان وٺي هندستان ۾ جهانگير بادشاهه وٽ
پيش ڪيو. جيئن ته ڪتاب ذخيرة الخوانين جو مؤلف لکي
ٿو:
”- هن سلسلي جو نالو نشان جهڙو رهيو ئي نه آهي بلڪ
سمورن ارغونن ۽ ترخانن جا آثار هن شهر (ٺٽي) ۾ پڻ
نه رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو هنن مان (سنڌ ۾) جيئرو
هوندو ته اهو پڻ نه هئڻ جي برابر هوندو(1)
.“
اها ڳالهه ظاهر آهي ته هنن ٻنهي خاندانن جي خاتمي
سببان، ميرزا محمد صالح جي اها جبلي فطرت هئي،
جنهنڪري هو ان فڪر ۾ رهندو هو ته پنهنجي عالي نسب
بزرگن ۽ خوانين بلند مقامات جا حالات جمع ڪري. -
جڏهن به ڪو خاندان زوال پذير ٿئي ٿو، ته انهن جو
سعادت پذير اولاد زبون حال ۾ عروج و اقبال جي
داستانن مان هڪ قسم جو دلي اطمينانِ ۽ ذهني سڪون
حاصل ڪري ٿو. اهوئي تنها وسيلو آهي ذليل احساس جي
علاج جو، جيڪو شڪست خوردگي، تنزل ۽ انحطاط کان
پيدا ٿئي ٿو. ميرزا محمد صالح، خاص سنڌ سان تعلق
رکندڙ هو، پر جيڪي هڪ ملڪ جا ناهن، سي پنهنجي طاقت
جي زور تي ٻين جي ڪمزوريءَ مان بيجا فائدو وٺن ٿا،
پوءِ جڏهن به انهن جي زوال جو وقت اچي ٿو، تڏهن
پنهنجي مقدر جي لکئي جي سامهون ٿين ٿا ۽ اهو فطرت
جو قانون آهي، جيڪو ازل کان ابد تائين هلندو اچي
ٿو.
ميرزا محمد صالح بيگ رشته داري سببان سيد مير محمد
جي ذريعي ٺٽي سان غير مستقيم لاڳاپو رکندڙ هو.
اِهوئي سبب آهي، جو مرزا کانئس گهر ڪئي ۽ لکيو ته:
ان ڪتاب (ترخان نامو) کي هٿ ڪري، کيس موڪلي. مؤلف
خود ان جو تذڪرو ڪيو آهي ۽ چوي ٿو ته:
”- شفقت ۽ مهربانيءَ جي بنا تي پنهنجي ابن ڏاڏن جي
طريقه سلوڪ تي، انهيءَ سلسلهِّ فقرا جي بنياد تي
توجه مبذول فرمايو. انڪري هن اقل العباد (سيد
محمد) هڪ خط ۾ لکيو ته ”ترخان نامو“ موڪليان پيو.(1)“
اُن کان پوءِ وري مؤلف لکي ٿو ته:
”- جيتريقدر ٿي سگهيو، هن خادمِ فقراء ڄاڻايل ڪتاب
جي تلاش ۽ جستجو ڪئي، پر اهو ڪتاب ڪٿان به ملي نه
سگهيو ۽ نه ڪنهن اُن بابت ٻڌايو(2)
.“
آخري حصي ۾ انهيءَ عبارت مان معلومات ملي ٿي، ته
هڪ ڪتاب ”ترخان نامو“ جي نالي سان، ترخانن جي باري
۾ تاليف ٿيو هو ۽ ميرزا محمد صالح پڻ اُن ڪتاب جي
ڳولا ۾ هو. اهو قول اسان جي گمان جي تائيد ڪري ٿو
ته يقين سان ارغونن ۽ ترخانن جي بزرگن جا حالات و
ڪوائف سندن فرمائش تي ڪتابي صورت ۾ تاليف ٿيا
هوندا. پر زماني جي هٿ چراند کان محفوظ نه رهيا ۽
اهل تحقيق جي اکين اڄ تائين ان کي نه ڏٺو آهي.
بهرحال جڏهن اهو ڪتاب ”ترخان نامو“ سيد محمد کي هٿ
نه لڳو، تڏهن هن هڪ ٻيو ڪتاب ساڳئي نالي سان تاليف
ڪيو، جيڪو ساڳين حقيقتن تي حاوي هو. ان ريت ميرزا
محمد صالح جو حڪم ۽ فرمائش پوري ڪئي وئي.
ڪتاب جا ماخذ: مؤلف چوي ٿو ته ”ترخان نامو“ جي
تاليف وقت، جي ڪتاب استفادي جي جوڳا ڏٺا ويا، سي
هن ريت آهن:
1. روضة الصفا (مير خواند)
2. ظفرنامه تيموري (شرف الدين علي يزدي)
3. تاريخ همايوني (؟ بايزيد بيات)
4. اڪبرنامه (ابوالفضل علامي)
5. نگارستان (احمد بن محمد غفاري)
6. تاريخ طاهري (سيد محمد نسياني ٺٽوي)
7. منتخب بي بدل يوسفي (يا منتخب التواريخ: محمد
يوسف بن شيخ رحمت الله - سال تاليف 1056هه).(1)
8. تاريخ گزيده (حمدالله مستوفي)
9. مجمع الانساب (؟ محمد بن علي بن محمد شبانڪاره
- سال تاليف 743هه).(2)
10. تاريخ طبري (محمد بن جرير طبري)
ڪتاب جي مطالعي بعد اهو اندازو ٿيندو ته فقط
ڄاڻايل ڪتابن مان مؤلف استفاده ڪيو آهي ۽ جيڪا ان
بعد اضافي عبارت آهي، سا تعارفي آهي، ٻيو بس. هن
فهرست جي تذڪري بعد ڪتاب جي مؤلف لکيو آهي ته:
”- هن اقبال و اجلال جي دستگاهه کي جيڪو مرغوب ۽
مطلوب هو، سو انتخاب ڪري، سندس بزرگن جو شجرو حضرت
نوح تائين... مرتب ڪيو ويو آهي ۽ سندس بزرگن جا
حالات، جن تخت بادشاهيءَ تي حڪومت ڪئي آهي، برسبيل
اجمال ۽ اختصار سان مسودي ۾ مشغول ٿيو، جنهن جو
نالو ”ترخان نامو“ رکيو ويو-“
مؤلف ڪتاب جا ابتدائي ٻه باب، ميرزا محمد صالح جي
نسب نامي ۽ نجي زندگي تي حضرت نوح تائين لکيا آهن،
جي تحقيق ڪندڙن طبري، روضة الصفا، ظفرنامه ۽ تاريخ
گزيده تان ورتل آهن. اهڙيءَ طرح حڪومت جي زماني
وارا واقعا، قنڌار کان ترخانن جي سلطنت جي خاتمي
تائين، لفظ به لفظ سنڌ جي تاريخ (تاليف مير معصوم
بکري) تان نقل ڪيل آهن. حيرت آهي ته ڄاڻايل ڪتاب
جي نالي کي پنهنجي ماخذ جي فهرست ۾ ذڪر نه ڪيو
اٿس. ميرزا غازي بيگ جا حالات آغاز کان انتها
تائين، تاريخ طاهريءَ تان نقل ڪيل آهن، باقي
حقيقتون ”تاريخ سنڌ مير معصوم“ مان اخذ ٿيل آهن.
درحقيقت ”ترخان نامو“ کي مير معصوم جو اڻ پورو
انتخاب سڏڻ گهرجي. اسان جي قول جي ثابتيءَ لاءِ هن
ڪتاب جي مختلف عبارتن کي، انهيءَ تي قياس ڪرڻ
گهرجي.
ڪتاب تي هڪ نظر: ڄاڻايل سٽن مان ظاهر ٿي چڪو آهي
ته ”ترخان نامو“ مير معصوم جو اڻ پورو خلاصو آهي.
اهڙي طرح ڪو وڌيڪ مواد يا مطلب نٿو رکي ۽ ان ريت
مؤلف ميرزا عيسيٰ بيگ (ثاني) جو همعصر هو ۽ هيءُ
ڪتاب ميرزا محمد صالح جي فرمائش تي تاليف ڪيل آهي.
انهيءَ ڪري ٿيڻ ائين گهربو هو، ته تحقيق ۽ جستجو
کان پوءِ انهن حقيقتن کي، جيڪي اڳوڻن ڪتابن ۾ آيل
آهن، تن ڳالهين ۾ اضافو ڪري ها. جيڪڏهن سندس راءِ
مطابق ائين نه ٿي ٿيو، ته گهٽ ۾ گهٽ ميرزا عيسيٰ
بيگ (ثاني) ۽ ان جي اولاد متعلق مفصل معلومات ڪتاب
۾ آڻي ها. پر افسوس آهي جو مؤلف ائين به نه ڪيو،
ايستائين جو پنهنجي ممدوح ميرزا محمد صالح بابت به
ڪا خاص حقيقت نه لکي اٿس. آخر ۾ ميرزا عيسيٰ
(ثاني) جو ٽن صفحن ۾ احوال لکي، ڪتاب ختم ڪيو اٿس
۽ ميرزا محمد صالح جي احوال بابت ايترو به نه
لکيائين، جيترو ”ذخيرة الخوانين“ ۾ مواد آيل آهي.
انصاف جي تقاضا پٽاندر مؤلف پنهنجا فرض پورا نه
ڪيا آهن، جيتوڻيڪ سندس حياتيءَ ۾ اهڙا ماڻهو به
موجود هئا، جن کان ڪي حقيقتون، جي اڳوڻن ڪتابن ۾
آيل نه آهن، حاصل ڪري، ڪتاب ۾ واڌارو ڪري سگهيو
ٿي. بلڪ انهن جي مدد سان ڪيترن ئي گذريل واقعن جي
باري ۾ تحقيق ۽ قيمتي معلومات جو اضافو به ڪري
سگهيو ٿي. جيڪڏهن مؤلف ٿورڙي تڪليف ڪري ها، ته هن
خاندان جي احوال ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهيو
ٿي. ليڪن هن ته پنهنجي وقت جو به تذڪرو نه ڪيو
آهي. جيڪڏهن هو، ميرزا غازي بيگ جي عهد کان ميرزا
محمد صالح تائين، عيني شاهدن جي مدد سان معلومات
جمع ڪري، ڪتاب ۾ درج ڪري ها، ته پوءِ هن ڪتاب جي
پاڻ وڌيڪ اهميت ٿئي ها ۽ پڙهندڙن لاءِ غير معمولي
۽ وڌيڪ لاڀائتو ثابت ٿئي ها. حالانڪ اُن وقت خود
مؤلف جي خاندان مان ڪي اهڙا به شخص موجود هئا، جي
چاهي ها ته رڳو ترخانن بابت زياده معلومات ڪتاب ۾
آڻي ٿي سگهيو.
مؤلف جي هن آسان ڪارڪردگيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته
جيڪي ڪتاب کيس سولائيءَ سان هٿ لڳا، تن جو مطالعو
ڪري، هن خاندان جا حالات مختصر ڪري انهن ڪتابن مان
لکيا اٿس ۽ انهيءَ اجائي اختصار جي ڪري، جيڪي
حقيقتون هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهن، سي هڪ قاري جي
معلومات کي اڳتي وڌڻ نه ڏينديون، بلڪ اُن جي بجاءِ
سندس دماغ مان نوان نوان سوال اُڀرندا ۽ جن
پڙهندڙن هن ڪتاب کان پهرين تاريخ معصومي، تاريخ
طاهري ۽ بيگلارنامه جو مطالعو ڪيو هوندو، ته پوءِ
هي ڪتاب سندن مطالعي ۾ ڪو اضافو نه ڪندو.
پاڻ مؤلف انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي، ته هن
تاليف وقت سندس ڪيترائي رشتيدار، عزيز و اقارب ۽
ميرزا عيسيٰ (ثاني) جي اولاد مان حيات هئا، جيئن
هو پنهنجي تاليف ۾ چئي ٿو:
”- ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان (ثاني) جا ننڍا ننڍا پٽ،
ڏهٽا ۽ عزيز، جي ميرزا سان وابسته هئا، جن کي هن
جداجدا منصبن ۽ مددِ معاش سان سرفراز ڪيو هو-“(1)
هي قصو شاهجهان جي آخري عهد جو آهي. هن کان اڳ
جهانگير جي عهد ۾ مير عبدالرزاق معموري، ترخان
قبيلي کي سنڌ مان ٻاهر هندستان وٺي ويو هو. اُهي
ترخان به ميرزا عيسيٰ (ثاني) جي حوالي رهيا، جيئن
مؤلف خود لکي ٿو:
”- سمورا ارغون، ترخان ۽ سپاهه نواب ميرزا عيسيٰ
ترخان (ثاني) جي خدمت ۾ رجوع ڪيا ويا ۽ نواب نهايت
ڪمال همت سان انهن جي خبر گيريءَ ۾ مشغول ٿيو.
هرهڪ کي سندن علمي قابليت مطابق پنهنجي خدمت ۾
رکيائين-“(1)
مٿي ذڪر ڪيل سڀ ماڻهو مؤلف جي عهد ۾ جيئرا هئا،
تڏهن به انهن جي زندگيءَ جا حالات گمناميءَ جي
پردي ۾ رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ تاريخ طاهري ۾ جيڪو
مؤلف پنهنجي طرفان احوال لکيو آهي، تنهن کانسواءِ
ٻيو ڪوبه احوال (ان بابت) هٿ نه ٿو اچي.
جيڪي تاريخي ڪتاب هندوستان ۾ تاليف ٿيا آهن، جن ۾
ميرزا عيسيٰ (ثاني) ۽ ان جي پٽن جا تذڪرا آهن، سي
به اسان کي آسانيءَ سان لڀن نه ٿا. جنهن سبب اڄ
تائين اسان هن نيڪوڪار امير (ميرزا عيسيٰ ثاني) جو
تذڪرو ڳولي رهيا آهيون، جيڪو پنهنجي شاندار
ڪارنامن سببان، نمايان شاهي عظمت وارو هو، تنهن
بابت به ڪٿان، اسان کي پوري خبر نه ٿي ملي.
تاريخي شڪ، شبها: مٿي ڄاڻايل غلطين کانسواءِ
زيرنظر ڪتاب ۾ هڪ ٻيو وڏو نقص به اهي، اُهو هيءُ
آهي ته هن ڪتاب جي مؤلف تاريخ واقعن جي تاريخ يا
سال جو ذڪر نه ڪيو آهي، ايتري تائين جو اڪثر سال،
جيڪي ڪتاب ۾ آندا اٿس، سي به غلط ڏنا اٿس. مثال
طور:
1. عبدالعلي ترخان تاريخ 9 - رجب سال 1040هه وفات
ڪئي ۽ ان جي قبر، ڪتبي سان اڄ تائين موجود آهي،
ليڪن مؤلف هن جي وفات واري سال کي 1039هه ڄاڻايو
آهي. جيڪڏهن مؤلف ٿوري به زحمت گوارا ڪري ها ته هن
جو ڪتبو مڪليءَ جي قبرستان ۾ اڃا تائين موجود آهي،
جنهن جي آسانيءَ سان تحقيق ڪري سگهيو ٿي ۽
عبدالعلي جو سن وفات صحيح طور سان ٻڌائي ها.
2. مؤلف ميرزا غازي بيگ جي، وفات وارو سال 1020هه
لکيو آهي. جڏهن ته تاريخ طاهري ۽ ذخيرة الخوانين ۾
1021هه لکيل آهي.
3. ميرزا جاني بيگ جي وفات وارو سال، ڪتاب ۾ مؤلف،
رجب 1011هه لکيو آهي. جڏهن ته هن جي وفات جي صحيح
تاريخ 27-رجب سال 1009هه آهي. اهو سن هن جي مقبري
جي محراب تي پڻ موجود آهي.
4. جان بابا، ميرزا عيسيٰ (ثاني) جو والد ميرزا
محمد صالح جو ڏاڏو هو، جنهن جي قبر اڄ تائين مڪلي
جي ٽڪريءَ تي موجود آهي ۽ قبر تي ڪتبو جڙيل آهي،
جنهن ۾ وفات وارو سال ۽ شهادت جي تاريخ پڻ درج
آهي. ميرزا باقي هن کي سال 978هه ۾ قتل ڪيو. ليڪن
مؤلف ان واقعي جو سن، تاريخ 979هه لکيو آهي.
5. ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان (اول) 973هه ۾ وفات ڪئي،
جنهن جي قبر اڄ تائين ڪتبي سوڌو موجود آهي. جڏهن
ته مؤلف هن جي تاريخ وفات ۾ هڪ سال جو اضافو ڪري،
مير معصوم جي تتبع تي 974هه کي سندس وفات جو سال
سڏيو آهي.
6. همايون بادشاهه، شيرشاهه کان شڪست کائڻ بعد
947هه (28- رمضان) جي سنڌ ۾ پهتو. ليڪن مؤلف سندس
هت اچڻ وارو سال 949هه (ٻه سال پوءِ) لکيو آهي.
7. ميرزا عيسيٰ بيگ (ثاني)، بروايت ماثرالامرا(1)
، محرم 1062هه ۾ وفات ڪئي. هي
اُهو وقت هو، جڏهن پاڻ شاهجهان جي دربار مان
پنهنجي جاگير راڌڻپور ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيائين،
قصهءَ سانڀر ۾ ترسيو، جڏهن ته مؤلف پنهنجي ممدوح
جي سال کي به درست نه لکيو ۽ سال 1062هه جي جاءِ
تي سال 1061هه (ماهه محرم 1061هه) تحرير ڪيائين.
مطلب ته اهڙي قسم جون ڪيئي
غلطيون،
هن ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ اينديون.
تاليف
وارو سال: مذڪوره ڪتاب جي مؤلف، تاليف واري سال جو
ڪٿي به ذڪر نه ڪيو آهي. ظاهري طور تي هيءُ ڪتاب
ميرزا عيسي! (ثاني) جي وفات بعد (1062هه) ۾ تاليف
ٿيو. اهڙي عبارت هن ڪتاب ۾ آيل آهي، جنهن مان اها
خبر پوي ٿي. جڏهن هي ڪتاب تاليف ڪيو ويو، تڏهن
ميرزا محمد صالح سنڌ ۾ نه هو ۽ شاهجهان، ميرزا
محمد صالح کي سندس والد جي آخري زندگيءَ ۾ سورٺ
(جهوناڳڙهه 1061هه) ۾ فوجدار مقرر ڪيو، جتي هو
(1064هه) تائين
رهيو(1) . ميرزا صالح جو 1065 ۽ 1066هه ۾ حڪومت سان ڪو واسطو نه هو ۽
هن اِهي ٻه سال گجرات
۾ گذاريا. محرم 1067هه ۾ پاڻ هتان کان سيوهڻ جو
فوجدار ٿي، سنڌ ۾ اچي پهتو. مٿي ڏنل سندس احوال جي
اُڀياس مان خبر پوي ٿي ته ميرزا صالح 1065هه ۾
”ترخان
نامو“ جي
ڳولا ۾ رهيو، جڏهن پاڻ پنهنجي ملازمت کان فارغ ٿي
چڪو هو ۽ نهايت اطمينان سان پنهنجي جاگير قصبهِّ
راڌڻپور ۾ رهندو هو. ان وقت پنهنجي ابن ڏاڏن جي
زندگيءَ واري حالات کي جمع ڪرڻ جو فڪر ٿيس. انهيءَ
بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته
”ترخان
نامو“ 1065هه
جي منڍ ۾ يا 1066هه جي شروعات ۾ تاليف ٿيو هوندو.
نسب نامه: مؤلف هن ڪتاب جي شروع ۾ ارغونن ۽ ترخانن
جي شجرهِّ نسب جو تذڪرو ڪيو آهي.
نسبي سلسلا حضرت نوح عليہ
السلام کان تومنه خان تائين، اُهي آهن، جيڪي ڪتاب
”حبيب
السير“، ”ظفرنامه“
۽ ڪنهن
حدتائين جامع التواريخ رشيدي ۾ آيل آهن. اهڙيءَ
طرح تومنه خان کان امير اڪوتمر تائين به اُهي ئي
آهن، جيڪي مختلف ڪتابن ۾ ذڪر ڪيل آهن. جڏهن ته ڪن
نالن جو اصل ماخذ، جيڪو هن مؤلف جو توسط سان امير
اڪوتمر کان امير حسن بصري تائين ارغونن جي نسب
نامي جي هيٺ ۽ اڪوتمر کان عبدالعلي تائين ترخانن
جي هيٺ ڏنل آهي، اهو تسلسل ڪهڙي آڌار تي آهي، سو
معلوم ٿي نه سگهيو. جيئن ته ڪن سلسلن جي نسب نامن
کي جن کي اڪبر نامه ۾
ابوالفضل، عبدالعلي جي نالي تائين ذڪر ڪيو آهي، سا
ڪڙي وچان غائب آهي.
انهيءَ آڌار تي جيڪي واڌارا مؤلف پڌرا ڪيا آهن، سو
تسلسل مٿي ڄاڻايل جي نالن سان ٿيندو. ترخانن جي
نسب نامن ۾ عبدالعلي کان عيسيٰ ثانيءَ تائين، مؤلف
ٻيو سلسلو بيان ڪيو آهي. جڏهن ته افسوس آهي جو هن
عيسيٰ (اول) کان عيسيٰ (ثاني) تائين ڪو اهڙو تذڪرو
نه ڪيو اهي ۽ اهڙي ڪوتاهي نسب نامن ّجي ذيل ۾ امير
ذوالنون جي نالي کان شاهه حسن تائين ٿيندي آئي
آهي.
نسب نامي جو ٻيون حصو مؤلف، تومنه خان کان امير
تيمور تائين ۽ امير تيمور کان بابر تائين ترتيب
ڏنو آهي. افسوس
آهي جو مؤلف هن تقسيم ۾ به ڪافي تحقيق ۽ محنت نه
ڪئي آهي. ٻيو هي ته جهڙوڪ: تومنه خان کان امير
تيمور تائين اُهي ئي نالا آهن جيڪي امير تيمور جي
قبر تي اُڪر ٿيل آهن ۽ مختلف ڪتابن ۾ آيل آهن. ان
ريت مؤلف تيمور جي اولاد جي سلسلي کي اڌورو ڇڏيو
آهي.
اُهي نسب نامه جيڪي اسان هن ڪتاب ۾ درج ڪيا آهن،
تن جي اصل صورت اُها ناهي. يعني مؤلف جيڪي نالا
لکيا آهن، انهن جي اسان پڻ اصلاح ڪئي آهي، سمورن
شجرن کي مختلف ڪتابن ۽ مختلف ڪتبن جي مدد سان
(جيڪي قبرستان مڪلي ۾ آهن) ڀيٽ ڪري، نئين سري سان
ترتيب ڏنا اٿئون ۽ حتي الامڪان انهن کي تڪميل
تائين پهچايو ويو آهي. انهيءَ مقصد سان هنن ڪتابن:
روضة
الصفا، حبيب
السير،(1)
تاريخ مغول (تاليف عباس اقبال)، تاريخ سنڌ مير
معصوم، بيگلارنامه، تاريخ طاهري ۽ مآثر رحيمي تان
پڻ مدد ورتي وئي آهي. اهڙيءَ طرح ترخانن جي
نسب نامن ۾ ميرزا عيسيٰ (اول) ۽ ميرزا عيسيٰ
(ثاني) جي وچ وارا نالا مڪليءَ جي قبرستان جي ڪتبن
تان نقل ڪري، واڌارو ڪيو اٿئون ۽ انهن ڪتبن جي مدد
سان هرهڪ جي وفات جي تاريخ پڻ نسب نامي ۾ ڄاڻائي
اٿئون، جڏهن ته مؤلف کي ايتري ڄاڻ ۽ ايتري فرصت به
هئي، ته گهٽ ۾ گهٽ هو ميرزا عيسيٰ (اول) جي اولاد
جي مڪمل
شجرو
ڏي ها، ڇو ته هو ميرزا عيسيٰ (اول) جي مائٽن مان
هو ۽ ڄاڻايل خاندان جا ڪيترائي ماڻهو اُن وقت پڻ
جيئرا هئا. ايستائين جو خود مؤلف جو ممدوح ميرزا
صالح پنهنجي قبيلي جي چند فردن سان پڻ جيئرو هو.
مؤلف جي چاهي ها، ته انهن شجرن جي مڪمل ماخذن کي،
جن جا نالا هن ڇڏيا
آهن، تن کي ڄاڻائي سگهيو ٿي، ليڪن افسوس آهي ته هن
ائين به نه ڪيو.
مؤلف ۽ ان جو خاندان: ترخان نامو جو مؤلف سيد مير
محمد ٺٽوي آهي، جيڪو مشهور
”انجوي
شيرازي“ خاندان
مان هو. هن جو ڏاڏو، جنهن جو نالو سيد محمد
المعروفبه سيد ميران محمد هو، تنهن ڪنهن نامعلوم
سبب
جي
آڌار تي پنهنجي وطن شيراز کي الوداع چئي، پنهنجي
فرزند سيد احمد سان گڏ اٺين صدي هجريءَ ۾ سنڌ ڏي
هجرت
ڪئي(1)
۽ قصبه سيدپور ۾ اچي رهيو. اُن زماني ۾ ڄام صلاح
الدين سمي جي حڪومت هئي.
سيد
محمد جي وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد احمد ٺٽي
ويو ۽ اُتي سڪونت اختيار
ڪيائين
۽ انهيءَ شهر ۾ قاضي نعمت الله عباسي، جيڪو هڪ
بزرگ، عالم ۽ متحر هو، تنهن جي نياڻيءَ سان شادي
ڪيائين. ڄاڻايل بي بيءَ مان سيد احمد جي اولاد
(وفات غره محرم 845هه) گهڻي زماني تائين سنڌ ۾
زندگي گذاري ۽ وري اُن جي اولاد نهايت عزت ۽
احترام سان زندگي بسر ڪئي.
سيد
مراد شيرازي: سيد احمد کي هڪ فرزند هو، جيڪو سيد
محمد حسين، معروف به سيد مراد شيرازيءَ جي نالي
سان (831هه-893هه) مشهور هو. هي پنهنجي وقت جو
نهايت صوفي بزرگ ۽ صاحبِ طريقت هو. سندس مبارڪ
وجود جي تقاضا هئي ته جيئن ماڻهو زياده کان زياده
سندس احترام ڪن ۽ جوق
درجوق سندس خاندان جي فردن کان رهنمائي حاصل ڪن.
هن سلسلي جي رشد ۽ هدايت، جنهن جو هو مؤسس هو،
تنهن جو هر سال وفات واري تاريخ تي عرس ٿئي ٿو ۽
هر روز عقيدتمند ۽ زيارت ڪندڙ گهڻي کان گهڻا سندس
مزار تي اچن ٿا.
هن بزرگ جو جدا قبرستان ڪوهه مڪليءَ تي قائم آهي.
مير
علي
شير قانع، پنهنجي خراج عقيدت کي
”مڪلي
نامه“
۾
هن طرح ظاهر ڪيو آهي:
”- جمله
پاڪ مزارن مان، جنهن جو طواف ننڍا وڏا ڪن ٿا،سو
روضه پرنور و ضيا، آئينه اسرار نما، شاهدِ مشاهدِ
لي مع الله، مراد بخشِ هر بي مراد، سيد محمد حسين
مشهور بقطبِ چهارم پير مراد جو آهي. هن پاڪ مرقد
جي چؤطرف نسخهءِ اِرم هم آغوش اهي ۽ هن پاڪ زمين
جي بياض جو هر صفحو، انوارِ اِلاهي جي گلشن جو راز
آهي. خنده حور، هن آستان جو آهنگ آهي. تجليِّ طور
هن مرقد جي سفيدي آهي. غزالِ حرم هن آستاني جا
خاڪروب آهن ۽ روح الامين هن هنڌ جو پاسبان آهي-“
زبانِ سبزهِّ خود رويِّ ارضش
همين تابد برآن مضجع، چنان نور
دعا را استجابت خاکدانش
هرآن سائل که بر در گلشن تابد |
شهادت
نامه از برکرده بيغش
که
دروي شعشة
مهر است مستور
هميشه روح قدسي ميهمانش
دهن ناکرده وا، مقصود يا
يابد(1) |
اهڙي طرح
”حديقة
الاوليا“
جي
مؤلف، هيٺ ڄاڻايل
قصيدي
۾ سيد جي مدح ۾ چيو آهي
ته:(2)
ملک سيرت، ان پير سيد مراد
فروزان چراغي ز آلِ رسول
سرا پردهِّ قربِ حق منزلش
سرِ حلقهِّ جمع قدوسيان
انيسِ سرا پردهِّ وجد و حال
زخمخانهِّ شوق سر مست بود
غريقِ فرو رفته دريايِّ عشق
حقائقِ شناسِ مقالات بود
بسي طالبان را، زفيضِ نظر
زهي آستانش، مسرت فزاي
مزارِ شريفش که در مکلي است
فضاي سرايش، فرح بخش روح
غبارِ
مزارش، چو کحل البصر
ز اربابِ حاجت، هزاران هزار
کشدهر کسي در خورِ اعتقاد
کسي، گربپائي درش، سر نهد
درِ آستانش که بس دلکشاست
خدايا! بر اين خاکِ پاکِ مزار |
خجستہ
لقاؤ مبارک نهاد
گلِ گلشنِ مرتضيٰ و بتول
محلِ فيوضات غيبي دلش
شناسايِّ اسرار روحانيان
جليسِ درِ بارگاهِ وصال
زخود نيست ناحق همه هست بود
حريقِ
شراري تجلاي عشق
خداوند کشف و کرامات بود
شده جانبِ وصلِ حق، راهبر
زمراة
دل، زنگ غفلت زدائي
زمراة
دل، زند غم منجلي است
صفاي درش، ماية صد فتوح
فزائندهِّ روشني در نظر
رسد در مزارش بليل و نهار
در آغوش وصلت عروسِ مراد
گلِ کام دلرا بسر بر نهد
کليدِ کشائندهِّ کارهاست
سحابي ز بارانِ رحمت ببار |
برين مستمندِ دل آوارهء
ز فيضِ عميمش رسان بهرهء
هن سيد جي خاندان جا حالات تحفة الڪرام، مقالات
الشعراء، تحفة الطاهرين، حديقته الاوليا ۽ معيارِ
سالڪانِ طريقت ۾ ذڪر ڪيل آهن، جڏهن ته هيٺ ڄاڻايل
ٽي ڪتاب سندس حالات ۽ سندس بزرگن جي حالات تي
تاليف ٿيل آهن:
1. تذڪرة المراد، سيد علي ثاني
2. آداب المريدين، سيد علي ثاني
3. معارف الانوار (في فضائل سيد الابرار و آئمه
اطهار و احوال قطب المختار) تاليف محمد صالح بن
ملا زڪريا- سال 1149هه.
سيد مراد 63 سالن جي عمر ۾ 893هه ۾ وفات ڪئي(1)
، ۽ ”ساجداً و خالصاً“، سندس وفات جو مادهِّ
تاريخ آهي.
سيد علي ثاني: سيد علي (اول) جو وڏو ڀاءُ سيد مراد
شيرازي هو، جيڪو ان کان پوءِ سندس جاءِ نشين ٿيو.
هن جو فرزند سيد جلال (متوفي 903هه) جيڪو پنهنجي
وقت جو جليل القدر علماء ۽ ديندار هو. خصوصاً
تفسير، حديث، فقه ۽ سمورن ديني علوم ۾ مڪمل دسترس
هيس. هن آخري عمر تائين، عوام جي خدمت ۽ رشد و
هدايت ۾ گذاري.
سيد علي ثاني (متوفي 981هه) مٿئين سيد جلال جو
فرزند هو ۽ سيد مراد کان پوءِ خير و برڪت ۽ رشد و
هدايت ۾ مذڪور خاندان ۾ بلند مقام حاصل ڪيائين.
ڪيترائي سنڌ جا مشائخ هن جي تربيت سان فيضياب ٿيا
۽ پنهنجي وقت جو يگانهِّ روزگار هو. هن خاندان مان
هڪ سيد عبدالڪريم (بلڙي) وارو به هو، جيڪو پنهنجي
عهد ۾ صاحبِ ڪرامت ۽ صاحبِ ولايت هو ۽ سنڌ جي
شعراء مان باڪمال هو. هن جو سلسلهِّ رشد و هدايت
ان سرزمين تي رهيو، جنهن جو سرخيل، حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي هو، جيڪو سنڌ جو مشهور قومي شاعر
هو، سو هن بزرگوار جي اولاد مان هو.
حضرت سيد علي ثاني جي عهد ۾، ارغون سنڌ ۾ اچي وارد
ٿيا ۽ ارغونن جو سمورو دؤر هن جي ئي زماني ۾ ٿي
گذريو، بلڪ ايستائين جو ترخان حاڪمن مان هڪ عيسيٰ
ٻيو باقي، سندس معاصر هئا ۽ هيءُ سيد پنهنجي وقت
جو نهايت مڃيل بزرگ هو، نه فقط عوام الناس ڏانهس
رجوع ٿيندا هئا، بلڪ ان زماني جا صاحبانِ اقتدار
پڻ سندس خدمت ۾ پنهنجي اظهارِ ارادت کي وسيله
سعادت ۽ پنهنجي اميري، دولتمندي جو ضامن سمجهندا
هئا. جڏهن همايون بادشاهه راجپوتانه مان مايوس ٿي
عمرڪوٽ ۾ وارد ٿيو، تڏهن مذڪوره سيد، ظاهراً شاهه
حسن ارغون جي طرفان، همايون جي دلجوئي لاءِ وٽس
ويو ۽ سيد اڃا اُتي ئي هو ته اڪبر بادشاهه (آرتوار
جي رات تاريخ 5 - ماهه رجب المرجب 949هه) تولد ٿيو
۽ اهو ٽڪرو، جيڪو سيد علي ثاني جي پهراڻ مان حاصل
ڪيو ويو هو ۽ هند جي مغل بادشاهه لاءِ رکيل هو،
تنهن مان ننڍڙو چولو ٺاهي، سڀ کان پهرين تولد ٿيڻ
بعد تبرڪاً اڪبر کي پارايو ويو. ان باري ۾ ترخان
نامو، وارو هيئن ٿو لکي:
”- حضرت بادشاهه (همايون) فرزند ارجمند جي ولادت
تي نهايت خوش خورم ۽ مسرور ٿيو ۽ پوءِ سڀ کان
پهرين نور وارو لباس (اڪبر بادشاهه) لاءِ برسيل
تبرڪاً (سيد علي ثاني) جي پهراڻ مان تيار ڪيو
ويو-“(1)
ميرزا شاهه حسن (961هه) ۾ وفات ڪئي ۽ ٻن سالن
تائين سندس لاش امانتاً مڪلي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو
ويو، جنهن بعد سيد علي ثاني جي مشوري ۽ ميرزا
مرحوم جي زوجه جي چوڻ تي لاش کي مڪه معظمه ڏي کڻي
سندس والد (ميرزا شاهه بيگ) جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
ان موقعي تي سيد علي ثاني به تبرڪاً لاش سان گڏ
هو. جيئن ته ارغونن جو قبيلو، هن ذات والاصفات سان
نهايت عقيدت رکندڙ هو.
سيد علي ثاني، نه صرف شيخ طريقت هو، بلڪ وڏو عالم
۽ اديب پڻ هو. سنڌي، عربي ۽ فارسي زبان تي ڪامل
قدرت رکندڙ هو. هو سنڌي زبان جو نهايت قابل شاعر
هو. هن ٻه ڪتاب- آداب المريدين ۽ تذڪرة المراد-
پنهنجي ڏاڏي سيد مراد جي حالات تي، عربي ۽ فارسيءَ
۾ تاليف ڪيا آهن. ظاهراً قاضي محمد اُچ واري کان
پوءِ شيخ الاسلامي، سندس سپرد ٿي. هو نه فقط ديني
مسئلن ۾ مداخلت ڪندو هو، بلڪ اجتماعي پيش رفت ۽
ٺٽي جي تمدن ۾ به حصو وٺندو هو. اهوئي موسيقي جي
فروغ جو موجب ٿيو. سماع جو محفلون برپا ڪندو هو ۽
ماڻهن کي دعوتون ڏئي، اُنهن کي، آداب، رسومِ طعام
۽ مهمانيءَ جا طور طريقا سيکاريندو هو. هن جانورن
جي کلن پائڻ وارن ملن جي طلسم کي ٽوڙي، ديني مسئلن
کي اجتهادي رنگ ڏنو. مير معصوم سندس باري ۾ لکي ٿو
ته:
”- ۽ ميان سيد علي (ثاني) نهايت علم، زهد ۽ سخاوت
جو مالڪ هو. جيئن ته اڪثر فاضل ۽ مسافر سندس احسان
جي دسترخوان تان پورو حصو حاصل ڪن ٿا. سندس گذران
لاءِ جيڪو ٽڪر خاص ٿيل هو، انهيءَ جو اڌ هر سال
جدا ڪري، فضيلت وارن ۽ حرمين شريفين جي زيارت لاءِ
ويندڙن کي ڏيندو هو. هر موسم ۾ انهيءَ موسم جا
ميوا تقسيم ڪري، حقدارن کي پهچائيندو هو. جناب مير
سيدعلي (ثاني) ٻارهن حج ڪيا هئا ۽ سندس پيشانيءَ ۾
بزرگيءَ جون نشانيون ظاهر هيون. هر سال ربيع الاول
مهيني جي شروعات ۾ ٻارهن ڏينهن سيد المرسلين + جن
جي روح پرفتوح جي نيت، فقيرن ۽ مسڪينن کي عمدا
طعام کارائيندو هو ۽ مڪليءَ جي پيرن جي مزارن تي
سماع ڪندو هو. اهڙو ته ذوق هوندو هوس، جو قاضين ۽
مفتين جي منع هوندي به سماع کان نه روڪبو هو-“(1)
حديقة الاوليا جو مؤلف، جيڪو سيد (ثاني) جو همعصر
هو، تنهن هن طرح خراج ارادت پيش ڪيو آهي:(2)
آن والي کشورِ ولايت
صاحب دل عارفِ محقق
سيد علي آن بفضل ممتاز
گلدستهِّ بوستان طهٰ ها
مرآتِ جمال اسم اعظم
کشاف دقائقِ معاني
از آئينهِّ دلش هويدا
دريا دلِ قلزم سماحت
دستِ کرمش، چو ابر نيسان
فيضِ کرمش، که عام بودي
در راهِ خدا ببذل و ايثار
گر خود همه گنج شايگان بود
ميداد همه بتازگي روي
بودش بنظر هزار جوهر
صد گونہ سماطِ نزل چيدي
بنشتہ ببزمِ ميزباني
اخوان صفا زهر دياري
هر روز برسمِ ميهمانان
هر يک ز افاضهِّ نعيمش
بر چيده جواهرِ مطالب
دائم پيِّ ابتغا مرضات
هشتادويکي سنين نهصد(981هه)
کو، رخت ازين سراي فاني
آسود بخوش ترين مزاري
خورشيد زرويِّ صدق و اخلاص
خوش گنبذِ فيض بخش پرنور
از باغ گلي طرب شگفته
نزهتگه چشم اهل بينش |
|
برهان ممالک هدايت
بيدار دليِّ ولي مطلق
سر دفترِ سيدانِ شيراز
فرخ ثمري ز نخلِ زهرا
بيناي رموزِ هر دو عالم
دانائي حقائق نهاني
اسرارِ جلال حق تعاليٰ
عيسيٰ دمِ يوسفي ملاحت
ميبود هميشه گوهر افشان
زو بهرهِّ صد کرام بودي
ميداشت دلي چو بحر و زخار
در حاصل جمله بحر و کان بود
هرگز نه فگنده چين بر ابروي
با قيمتِ يک شيشه برابر
خوانهاي نعم بران کشيدي
ميداد صلاي ميهماني
فلانِ وفا ز هر کناري
از شوق بخدمتش شتابان
و ز بحر کف يدِ کريمش
برگشته از آن حريمِ صايب
کوشيده در انقضاي حاجات
بگذشته ز هجرتِ محمد
بر بست، بملکِ جاوداني
مانند بهشت مرغزاري
در گنبذِ او چو ذره رقاص
رخشان ز فضا چو جرگهِّ حور
کز شبنم فيض روح شسته
پيرايهء باغ آفرينش |
”رضائي“ ٺٽوي سنڌ جو هڪ مشهور فارسي گو شاعر آهي.
جنهن منظوم عشقيه داستان، سسئي پنهونءَ بابت فارسي
۾ ”زيبانگار“ مثنوي تاليف ڪئي آهي. اُن مثنوي ۾
سيد علي (ثاني) کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چوي ٿو:(1)
که آن طغراي منشورِ سيادت
شه معنيٰ، جهانگيرِ ولايت
حقيقت چون مجازش جلوه گر بود
شرابِ عشق مي نوشيد هردم
دلِ پرجوش او، پيمانهِّ عشق
بسي عالي ست، نزدِ حق، مفامش |
|
فروغِ ديده اي نورِ سعادت
جوان مردِ جهان، پيرِ هدايت
عجب صاحب دل و صاحب نظر بود
دلش چون باده مي جوشيد هردم
نگاهش عشق چشمش خانهِّ عشق
بود سيد علي در خلق نامش |
مقامش تته و مشهور آفاق
چو خور در طاق گردون، شهرتش طاق
.... .... .... ....
همان سيد علي مردِ ولي بود
زهي فتحي که شق شد قبر ناگاه
قدِ خود تاميان بالا کشيده
برنگِ گل، تبسم کرد، بشگفت
طعامي را کشيد از مرقدِ خويش |
|
مر او را فتح بابش رويِّ بنمود
ز شق بنمود زيبا، رويِّ چون ماه
ز خاکي سرو رعناي دميده
بمهمانان ثنا و مرحبا گفت
که از وي سيرشد هر مردِ درويش |
سيد علي (ثاني) 981هه ۾ وفات ڪئي. هي اُهو زمانو
هو، جو ميرزا باقي ترخان، سنڌ ۾ حڪومت ڪندو هو، هر
قسم جو ظلم ۽ تعدي ٺٽي ۽ سنڌ جي عوام تي ٿيندو هو.
جنهن سبب هو حياتيءَ کان تنگ ٿيا. مير معصوم
پنهنجي تاريخ ۾ سيد علي ثاني جي وفات جو مادهِّ
تاريخ ”فات العالم بجوده“ چيو آهي.(2)
صاحبِ معارف الانوار، سيد علي ثاني جي ولادت جو
سال 891هه لکيو آهي. سيد مراد، سيد علي ثاني جي
ولادت وقت حيات هو ۽ ان جي ولادت تي نهايت خوش
ٿيو.
سيد جلال ثاني: سيد جلال ثاني، سيد علي ثاني جو
فرزند هو. جيڪو پيءُ جي وفات بعد جانشين ٿي ۽ شيخ
الاسلام مقرر ٿيو. هي بزرگوار به پنهنجي والد
وانگر اهلِ دل ۽ صاحبِ رشد و هدايت هو، بلڪ جاذبِ
شخصيت رکندڙ هو. سياسي ۽ ناموريءَ جي لحاظ کان
عوام الناس ۽ غير معمولي شهرت جو مالڪ هو ۽ بلند
مقام تي هو. ڪيترائي سياسي مسئلا سندس دانائيءَ
سببان حل ٿيا.
جڏهن ميرزا باقي پنهنجي اعمالن سببان ڊنو، ته شايد
اڪبر بادشاهه سنڌ تي حملو ڪندو، تڏهن هن کي شاهي
دربار ۾ سفير ڪري، هندستان ڏي موڪليو ۽ پنهنجي هڪ
نياڻيءَ کي حرم شاهي ۾ پڻ موڪليائين. اڪبر بادشاهه
هن ظالم حاڪم جي تحفي کي رد ڪيو، ليڪن سيد جلال
ثانيءَ جي سفارش تي سنڌ تي حملي ڪرڻ کان باز آيو ۽
بادشاهه کي اُهو وقت ياد ڏياريائين ته، پهريون
ڪپڙو، جيڪو کيس تولد ٿيڻ بعد پهرايو ويو هو، سو
سيد جلال ثاني جي والد سيد علي ثاني جي پهراڻ جو
ٽڪر هو.
اهڙيءَ طرح ميرزا جاني جي عهد ۾ امير صادق خان،
اڪبر بادشاهه جي حڪم سان سنڌ ۾ ٺٽي کي فتح ڪرڻ جو
عزم ڪيو ۽ هن، بکر مان لنگهي، سيوستان تي حملو ڪيو
۽ فتح سيوستان جي خوشخبري، اڪبر بادشاهه کي لکي
موڪليائين. سيد جلال ثاني، ميرزا جاني طرفان، اڪبر
جي دربار ۾ پهتو هو، سو انهيءَ موقعي تي مذڪوره
سيد جي ڪوششن سان اڪبر بادشاهه، دوباره صادق خان
کي واپس اچڻ لاءِ حڪم موڪليو ۽ صادق خان 994هه ۾
سنڌ مان واپس ويو ۽ سنڌ وقتي طور ميرزا جاني جي
قبضي ۾ ٿي.(1)
سيد جلال عادات و اخلاق ۾ پنهنجي والد وانگر هو.
بلڪ بحر بي پايان هو. هو علم، تدبر ۽ فراست ۾
مسائلِ سياسي ۽ مهمانوازي ۽ سخاوت ۾ پنهنجو جواب
نه رکندو هو، پنهنجي والد وانگر مرجعِ خلائق هو،
مسڪين پرور هو. مير معصوم سندس معاصر هو، تنهن سيد
جلال بابت لکيو آهي ته:
”- زهد و ڪمال جي زيورن سان آراسته هو ۽ پنهنجي
والد وارو رستو اختيار ڪيائين. سمورن علمن ۾
يگانهِّ روزگار ۽ وحيدِ عصر هو. لطافت ۽ متانت ۾
بي نظير هو. جوان مردي ۽ مروت ۾ باوجود گهٽ معيشت
جي، جيڪي به وٽس هو سو پنهنجي والد کان زياده خرچ
ڪندو هو. عوام کانئس بهرمند ٿيندو هو. شريعت جي
پابندي ۾ هو پنهنجي والد کان زياده هو-“(1)
سيد جلال کي، هندستان وڃڻ کان اڳ (994هه) ۾ ميرزا
جاني، ميرزا صالح اول، (متوفي 970هه) جي دختر نڪاح
۾ ڏني.(2) هيءَ اُها دختر هئي، جڏهن ميرزا باقي ظلم ۽ جور شروع ڪيو، تڏهن
هن کي به قيد ۾ رکيائين ۽ مذڪوره حاڪم جي مرڻ کان
پوءِ، جڏهن ميرزا جاني بيگ زمامِ حڪومت سنڀالي،
تڏهن هن خاتون کي ٻين قيدين سان گڏ آزاد ڪيائين.
مير سيد محمد، صاحبِ ترخان نامو: ”معيارِ سالڪانِ
طريقت“ جي قول مطابق، عفت ماب خاتون جي بطن مان،
مير سيد جلال ثاني کي فرزند ڄائو، جنهن جو نالو
سيد محمد هو، جيڪو هر حيثيت ۾ پنهنجي والد وانگر
هو. صاحبِ تحفة الڪرام، ان باري ۾ هيئن ٿو فرمائي
ته، پنهنجي وقت ۾ هنن جي بزرگي مشهور هئي ۽ ”ترخان
نامو“ به، هن جي مؤلفات مان آهي.(3)
افسوس آهي جو سيد جلال جا حالات، ڪنهن به ڪتاب مان
نه ٿا ملن، ايستائين جو ”ترخان نامو“ ۾، خود مؤلف
به پنهنجي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو آهي.
اولاد: سيد مير محمد کي ٻه فرزند هئا: سيد مير
بزرگ ۽ سيد عبدالله. سيد مير بزرگ جو پٽ مير زين
العابدين معروف به، سيد لطف الله ٿيو، جيڪو مشهور
فارسي گو شاعر هو، جنهن ”حرزالبشر“ جي نالي سان
ڪتاب تاليف ڪيو آهي. مير قانع، مير زين العابدين
متعلق لکيو آهي ته:
”- مير زين العابدين...صاحبِ ڪمال ۽ مرجعِ انام
هو. پنهنجي وقت ۾ ساداتن جو گلِ سرسيد ۽
حميدالخصال هو. مذڪوره سيد اڪثر امرآء جو سردار
هو. هن تي بزرگي ختم ٿي. پاڻ اهل دانش جو دماغ
هو.“
علمي قابليت ۾ ڪثير هو. نسخه ”حرزالبشر“ سندس
تاليف مان مشهور آهي ۽ ”قانع“ تخلص ڪيائين. هن جي
ذات گرامي، سندس فطرت جي نتيجن ۽ عوام جي اکين کان
پوشيده رهندي هئي. (1132هه) ۾ وفات ڪيائين. مير
علي شير قانع،- ”رضواعنہ“ مان سندس تاريخ وفات ڪڍي
آهي.(1)
مير زين العابدين کي ٻه فرزند هئا. هڪ جو نالو سيد
غلام علي هو ۽ ٻئي جو نالو سيد عبدالولي هو. مير
علي شير قانع، سيد غلام علي بابت لکي ٿو ته(2)
:
”- (غلام علي) بدستور پنهنجي والد جو ۽ پنهنجي
اجداد جو قائم مقام ٿيو. جيئن ته هاڻي (1181هه)
آهي،هن جو فرزند مير لطف الله عرف سيد دره پيءُ جو
متمڪن آهي.(3)
“
اهڙيءَ طرح قانع، سيد عبدالولي جي حالات بابت لکي
ٿو ته:
”-باوجود پنهنجي ڀاءُ جي سجادگي جي....جيسين هو
حيات هو، بزرگن جي وضع کي نهايت عمدگيءَ سان قائم
رکندو آيو، جنهن کي چند سال گذريا آهن. هاڻي هن جو
فرزند نالي سيد ابراهيم باقي آهي.“
سيد مير محمد جو ٻيو پٽ سيد عبدالله هو، جنهن کي
مير حسن علي نالي پٽ هو، تنهن کي به هڪ فرزند نالي
سيد لعل مير هو، جيڪو (1181هه) تائين حيات هو.
جيئن ته ان وقت مير قانع، تحفة الڪرام جي تاليف ۾
مشغول هو، سو اُن بابت لکي ٿو ته:
”- هاڻي مير سيد لعل مير....پنهنجي والد وارو بلند
مقام رکي ٿو ۽ پنهنجي والد وانگر بزرگيءَ ۾ ان جي
صفات سان آراسته آهي.“
قبرستان: هاڻي شايد هن خاندان مان ڪوبه فرد زنده
نه آهي. ليڪن جيڪا ارادت هنن سان ماڻهو رکندا هئا،
سا اڄ به اڳي وانگر آهي. ڪوبه ڏينهن اهڙو نٿو
گذري،جو ماڻهو زيارت ۽ فاتحه خوانيءَ لاءِ هنن
بزرگن جي مقبرن تي نه ايندا هجن. هن خاندان جو
قبرستان، مڪلي تي موجود آهي. جيڪو ”قبرستان پير
مراد شيرازي“ جي نالي سان منسوب آهي. سيد مراد جي
قبر هڪ احاطي ۾ آهي، جا ٻين قبرن جي ڀيٽ ۾ نمايان
ڏسجي ٿي. انهن مزارن تي ڪا عمارت نه آهي ۽ اُهي
قبرون بهه واري گاري سان لتل آهي.
سيد علي ثاني جي مزار، مذڪوره مزار جي نزديڪ ٻئي
احاطي ۾ هڪ وڏي گنبذ هيٺان آهي. هن جي مزار تي به
ڪثرت سان زائرين اچن ٿا، جيڪو زائرين جو مرڪز آهي.
هنن ٻنهي بزرگن جي وفات واري تاريخ مطابق، ٻنهي جو
عرس ٿيندو آهي. گمان آهي ته سيد محمد جي مزار به
زير گنبذ اُنهيءَ احاطي ۾ هوندي، جيڪو سيد علي جي
احاطي ۾ آهي. جيئن ته ان جي قبر تي ڪو ڪتبو نه
آهي، جيڪو سندس تاريخ وفات کي متعين ڪري سگهي.
* * * * *
ترخان نامو جو متن: ترخان نامو جا خطي نسخا نهايت
ڪم دستياب ٿيا آهن ۽ ٻيو ڪوبه نسخو تيرهن صدي هجري
کان اڳ جو موجود نه هو. هاڻي اسان ٽن نسخن جي
معلومات فراهم ڪريون ٿا، جيڪي ٽيئي نسخا برٽش
ميوزم برطانيه ۾ موجود آهن ۽ اسان ترخان نامو جي
تصحيح ۽ ترتيب ٻن نسخن مان ڪئي آهي.
نسخہء الف: هن نسخي جو نمبر 1976 او.آر آهي ۽ نسخي
جا 62 ورق آهن، جنهن جي سائيز
12.75''x8.50''
آهي. هر صفحي تي 17 سٽون آهن، جيڪي خط نستعليق ۾
آهن. مؤرخ، 1850ع ۾ لکيو آهي ۽ ڪوبه ترقيمه
(خاتمون با تاريخ) هن ۾ ناهي(1)
.
اسان هن نسخي کي بنيادي قرار ڏيندي، هيٺين نسخن
سان ڀيٽي، درست ڪيو آهي ۽ هيٺين نسخي سان هن نسخي
جي اختلافن جو حاشن ۾ ”ب“ واري نشان مان ذڪر ڪيو
آهي.
نسخہء ب: هي نسخو خطي نسخن جي فهرست ۾ برٽش ميوزم
۾ موجود آهي، جنهن جو نمبر 1814- او.آر آهي. هن جي
ابتدائي صفحن تي بيگلارنامه (صفحي 5 کان 137)
تائين ۽ بعد ۾ ترخان نامو، صفحي 139 کان صفحي 200
تائين نقل ڪيل آهي. هن جي سائيز
12.50''x8.50''
۽ هر صفحي تي 17 سٽون آهن. هي نسخو جمادي الثاني
1265هه/ 1849ع جو آهي.(2)
جيئن مٿي ذڪر ٿيو ته بنيادي نسخي جو هن نسخي
سان مقابلو ڪيو ويو آهي.
نسخو ٽيون: هي نسخو فهرستهائي خطيءَ ۾ برٽش ميوزم
۾ آهي ۽ خطي نسخن جي شماره 1815- او.آر تي هن جو
ذڪر ڪيل آهي(1) .اسان کي نهايت افسوس آهي، جو اسان هن نسخي مان استفادو نه ڪري
سگهياسون. هي نسخو ڪو ايترو قديم ڪونهي، بلڪه هي
اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو ۽ نه وري هي ڪا
خصوصيت رکي ٿو.
”ترخان نامو“ ٽي سؤ سال پهرين تاليف ٿيو، ليڪن عجب
آهي ته ڪوبه نسخو تيرهين هجري تائين جو موجود نه
آهي هن ڪتاب جا نسخا به گهڻا گهٽ آهن. اسان جي
تحقيق مطابق هن ڪتاب جو چوٿون نسخو دنيا جي ڪنهن
به ڪتبخاني ۾ موجود ڪونهي.
ٻه مقالا: ڪتاب جي مؤلف، ديباچي کان پوءِ ٻه مقالا
(ورق نمبر 4 الف کان 31 الف تائين) درج ڪيا آهن:
1. نسب نامه حضرت نوح کان سنڌ جي ارغونن ۽ ترخان
تائين.
2. احوال حضرت نوح کان امير ايتلمش بن ايڪو تيمور
تائين، هي ذڪر ٻن فصلن تي مشتمل اهي.
فصل اول: بيان احوال خانان والا شان ترڪستان، جيڪي
چنگيز خان جي خروج ۽ ان جي اولاد نامدار جي حڪومت
تائين ايران ۽ توران ۾ حڪومت تي پهتا.
فصل دوم: سلطان اسلام غازان خان بن ارغون خان بن
اباقا خان بن هلاڪو خان.
نسب نامان ۽ حالات جي تحقيق، مختلف ڪتابن تان نقل
ڪيل آهن. مؤلف وڌيڪ ڪا تحقيق يا اضافو نه ڪيو آهي.
هن تقسيم جو شامل ڪرڻ، ٻن سببن کان غير ضروري هو.
اسان ان کي موجوده متن مان خارج ڪيو آهي، جنهن جو
پهريون سبب هي آهي ته تقسيم ڪا سنڌ سان ربط نه ٿي
رکي ۽ ٻيو سبب هي آهي ته ان موضوع تي اڄ ايترا
ڪتاب تاليف ٿي چڪا آهن، جيڪو تحقيق جو نتيجو لکڻ
وارن ۾ هئڻ گهرجي. ازانسواءِ ڪي قديم ڪتاب، جن مان
تفصيل سان معلومات انهي موضوع تي ملي ٿي، سي به
ڇپجي چڪا آهن. انڪري اها تقسيم به تحقيق جي راهن ۾
گم گشته آهي، اهو اسان جي نظر ۾ غير ضروري ۽ بي
فائدي هو، لهذا اسان مندرجه بالا تقسيم کي (جيڪا
اصل متن ۾ ورق 4 الف کان 31 الف تائين ديباچي کان
پوءِ آئي آهي) موجوده متن مان خارج ڪيو آهي.
ديباچي کان پوءِ جيڪو ورق 31 ب آهي، تنهن کي اسان
موجوده متن ۾ شامل ڪري آندو آهي.
مقالي جو خاتمون: 1959ع ۾ جڏهن آءٌ دل جو مريض هيس
۽ منيلا (فلپائن) ۾ ڊاڪٽر جي سفارش تي ترسيل هوس،
تڏهن ان وقت ڪتاب جي موجوده متن جي ڀيٽ ۾ تصحيح
ڪئي هيم ۽ اڃان آءٌ منيلا ۾ ئي هيس ته ڪراچي ۾ هي
ڪتاب طبع ٿي چڪو هو. مون گهريو ٿي ته هن ڪتاب جي
متن ڇپجڻ کان پوءِ، مؤلف جي ڪيل غلطين ۽ واڌارن
بابت، ڪتاب جي آخر ۾ تعليقات شامل ڪريان. منهنجي
اها به مرضي هئي ته هڪ مفصل مقالو، ارغونن ۾
ترخانن جي مقبرن تي، جن جون قبرون ٺٽي ۾ موجود
آهن، سي تصويرن ۽ نقشن سان هن ڪتاب ۾ ضميمي طور
ڏيان، پر بي پناهه مصروفيتن اجازت نه ڏني ته ان
ارادي کي علمي جامو پهرايان. جيئن ته پنج سال اڳ
هي ڪتاب ڇپجي چڪو آهي، تنهنڪري في الحال مون به
انهي ۾ خوبي ڏٺي ته عملاً ساڳي صورت ۾ ڪتاب کي
ڇپرايان. انشاع الله جي عمر اجازت ڏني ته نهايت
ضروري معلومات کي جداگانه ترتيب ڏئي ڇپرائيندس.
موجوده متن ۾ ڪيترائي اشتباهات آهن، پر جيئن ته ان
جي غلطين کي منهنجي غير حاضريءَ ۾، جهڙو حق هو، سو
ممڪن نه ٿيو. تنهنڪري آءٌ قارئين کان ان بابت
معذرت چاهيان ٿو ۽ پڻ اميدوار آهيان، ته اهي
اشتباهات جتي به نظر اچن، تن جي ضروري اصلاح ڪري،
انهن غلطين تي چشم پوشي ڪندا.
8- آگسٽ 1964ع
88- رابن سن روڊ،
6 منزل- ڪمرو-ڊي، حسام
الدين راشدي
هانگ ڪانگ
|