ڇپائيندڙ پاران
هيءُ ڪتاب ”ترخان نامو“ چوڏيهن صدي عيسويءَ جي
آخري ۽ پندرهين صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪن ۾، وچ
ايشيا ۾ متل سياسي مانڌاڻ جو داستان آهي، جنهن ۾
صفوي، شيباني، اوزبڪ، مغل، ارغون ۽ ترخان قبيلا وچ
ايشيا ۽ ننڍي کنڊ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ واري خوني
راند ۾ مصروف هئا. انهيءَ سياسي هلچل، وچ ايشيا ۽
ننڍي کنڊ، خاص طرح سان سنڌ جي سوين ورهين واري
سانتيڪي ماحول ۽ عاليشان عوام دوست حڪومتي دورن ۾
ٿيل بي پناهه زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ واري سفر تي وڏا
هاڃيڪار اثر وڏا ۽ آخرڪار سنڌ جي مضبوط سما حڪومت
جو انت آڻي ڇڏيو.
هيءُ اهو دور هو، جڏهن يورپ جي پهرئين ملڪ
پورچوگال جي واپاري لوڪن ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي
سامونڊي رستو ڳولي لڌو هو. تنهن دور ۾ يورپ جي
ملڪن ۾ سنڌ جي مصنوعات جو وڏو کاپو هو. پورچوگيز
واپاري لوڪن گهريو ٿي، ته سنڌ ۽ گجرات جا واپاري
رڳو يورپ سان واپار ڪن، انهيءَ ڪارڻ هنن هرمز
کاڙيءَ
(Strait of Hurmuz)
تي قبضو ڪري ورتو، ته جيئن
اُهي وچ اوڀر سان صدين کان جاري سنڌ ۽ گجرات جي
واپار جو رخ ڦيرائي يورپ ڏانهن ڪري سگهن. ان سلسلي
۾ سنڌي/ عربي سمنڊ تي پورچوگيزي جهازن جو قبضو ٿي
چڪو هو. جيئن ته اهو سڀ ڪجهه سما حاڪم ڄام نظام
الدين جي آخري دور ۾ ٿيو هو. تنهن ڪري انهيءَ
مسئلي تي تُرڪ، گُجراتي ۽ سنڌي حڪمرانن، پاڻ ۾
ڪجهه سياسي لهه وچڙ به ڪئي. ڄام نظام الدين جي
وفات کان وپءِ سنڌ ۽ گُجرات جي واپار کي بچائڻ
لاءِ تُرڪ سلطان سليمان عاليشان، گُجرات جي حاڪم
مح۾ود شاهه بيگڙي ۽ سنڌين جي گڏيل 20 هزار بحري /
سامونڊي فوج هرمز کاڙيءَ وٽ 1513ع ۾ پورچوگيزين
سان مهاڏو اٽڪايو، پر هو اتان پورچوگيزين جو قبضو
ختم ڪرائي نه سگهيا.
انهيءَ دور ۾ ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي واپار، توڙي ڪُلي
اختيار ۽ اقتدار، ٻنهي کي ٻاهريون للڪارون سامهون
آيون، جن کي سياسي تدبر ۽ ڏاهپ سان مُنهن ڏيڻ جي
ضرورت هئي. پر بدقسمتيءَ سان اها متحد ۽ معتبر
قيادت اڻلڀ هئي. انهيءَ ڪري ننڍي کنڊ جي مختلف
ڀاڱن ۾ انهن للڪارن کي انفرادي حيثيت سان منهن
ڏيندي ڪيترائي سرفروش ڪردار نظر اچن ٿا.
انهيءَ زماني ۾ چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جو اهو
اولاد، جن ارغون، ترخان ۽ مغل حڪمرانن جي شڪل ۾
ساندهه ٻه سؤ ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي، تن جو هڪ
وڏو امير ذوالنون ارغون (884هه/80_1479ع)،
افغانستان/ خراسان جي حڪمران سلطان حسين بايقرا جي
دور ۾ قنڌار تي پهريائين صوبيدار ۽ پوءِ حاڪم جي
حيثيت ۾ حڪمراني ڪندي نظر اچي ٿو.
913هه/ 1507ع ۾ محمدخان شيباني اوزبڪ درياءُ جيحون
پار ڪري افغانستان / خراسان کي فتح ڪرڻ جو پڪو پهه
ڪيو. اُن وقت افغانستان تي سلطان حسين بايقرا جو
پٽ بديع الزمان حڪمران هو. محمد خان شيباني اوزبڪ
سان ميئراڪ واري ميدان ۾ بديع الزمان، ارغونن،
ترخانن ۽ ٻين خراساني قبيلن جي فوج مهاڏو اٽڪايو،
پر کين شڪست آئي ۽ امير ذوالنون ارغون مئراڪ واري
معرڪي ۾ مارجي ويو. زماني جي بدلجندڙ رنگ کي ڏسي
امير ذوالنون جي پُٽ شاهه بيگ ارغون _ محمد خان
شيبانيءَ کي پنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو يقين
ڏياريندي، قنڌار تي پنهنجي حڪمرانيءَ جو حق حاصل
ڪري ورتو. انهيءَ واقعي کي ٻه سال مس گذريا هوندا،
ته 915هه/10 _ 1509ع ۾ شاهه اسماعيل صفويءَ ايران
۽ توران کان پوءِ موجوده افغانستان جي اولهه ڏکڻ ۽
خاص ڪري هرات واري علائقي تي قبضو ڪري ورتو، جنهن
۾ محمد خان شيباني مارجي ويو.
انهيءَ زماني ۾ فرغانہ جي رياست جي حڪمران عمر شيخ
ميرزا جو پٽ بابر، پيءُ جي مرڻ کان پوءِ رياست
وڃائي پنهنجي لشڪر سوڌو ڪابل ۾ اچي لٿو هو. انهيءَ
اقتدار جي ڪشمڪش ۽ سياسي هنگامن جي ور چڙهيل
افغانستان جي رڳو هڪ شهر ”قنڌار“ تي آخر ڪيسيتائين
شاهه بيگ ارغون پنهنجي حڪمراني قائم رکي سگهيو ٿي؟
اها ڳالهه چڱيءَ ريت کيس سمجهه ۾ آئي ٿَي. تنهنڪري
هن پنهنجي قبيلي وارن ۽ ساٿين کي چيو ته: ”هاڻي هن
ملڪ ۾ رهڻ ڏکيو آهي، ۽ هڪ ڏينهن بابر بادشاهه اسان
کي هتان ضرور هڪالي ڪڍندو. ان ڪري هاڻ ٻيا ملڪ ڏسڻ
گهرجن.“ ان حوالي سان کين سنڌ _ سائو، سُکيو ۽
سَڻائو مُلڪ نظر ٿَي آيو. سنڌ جي حڪمرانن پاران
ٺاهيل صدين جي شاهوڪاريءَ پڻ ارغونن کي هرهر
هرکايو ٿَي. هونئن به هاڻ اها سنڌ ته رهي ڪانه
هئي، جنهن جو اقتدار اعليٰ ۽ والي وارث نظر ايندو
هجي. سنڌ جو داناءُ ۽ ڏاهو حڪمران ڄام نظام الدين
سن 914هه/1508ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جاءِ نشين
ڄام فيروز سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو هو، جيڪو سياسي
بصيرت، ڏاهپ ۽ سياڻپ ۾ پنهنجي پيءُ وانگر
حڪمرانيءَ جا ڳُڻ رکندڙ نه هو. سندس سؤٽ ڄام صلاح
الدين سنڌ جي اقتدار جي جنگ ۾ هن جو سياسي حريف
هو، جيڪو تڏهوڪي گُجرات جو حاڪم جو نياڻو به هو.
هُن گُجراتي ۽ ڪڇيءَ جوڌن جي مدد سان
917هه/12_1511ع ۾ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ننگر ٺٽي
تي قبضو ڪري ورتو. انهيءَ عمل جي ڪري سما خاندان ۽
سنڌ ۾ سخت سياسي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. سنڌ جو هيڪلو
آدرشي انسان ۽ ڄام نندي جو پٽيلو وزيراعظم ۽ سپهه
سالار دولهه دريا خان انهيءَ گهرو اقتداري جنگ ۾
ڪنهن به ڌُر جي ساٿ ڏيڻ بابت ڪوبه فيصلو نه پئي
ڪري سگهيو ۽ ماٺ ڪري پنهنجي جاگير باغبان تائين
محدود ٿي ويو هو.جيئن اڪثر ڪري تاريخ ۾ نظر ايندو،
ته ڪڏهن ڪڏهن قومن جي برک ڏاهن ۽ دانائن جي، وقت
مطابق فيصلو نه ڪري سگهڻ جا ڪيتا قومون صدين تائين
لوڙينديون آهن، هتي به ائين ٿيو. سڄي ملڪي سياست
ڄام فيروز جي والده ”مائي مدينہ“ جي عقل تي هلڻ
لڳي. سن 919هه/16_1515ع ۾ ٻيهر حڪومت وٺڻ ۾ ڄام
فيروز جي مدد وري دولهه دريا خان ڪئي. انهيءَ
زماني ۾ ڪيترائي افغاني خاندان ٺٽي ۾ وسي ويا هئا
۽ مٿان وري قنڌار جي مستقل حاڪميت کان مايوس ٿيل
شاهه بيگ ارغون جي سنڌ جي انهيءَ غير مستقل سياسي
صورتحال تي ڪَرڙي نظر هئي. ان ريت رولاڪ ارغونن کي
سنڌ جي حڪومت ۾ عمل دخل جو هڪ سونهري وجهه ملي
ويو. سنڌ ملڪ محلاتي سازشن جي ور چڙهي ويو هو.
انهيءَ سڄي نڀاڳ جو ڪارڻ سنڌ جي حڪمران خاندان جي
ٻن سڳن سئوٽن ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين جي
اقتدار واري جنگ هئي.
سن 917هه/1512ع ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان شال،
ڪوئٽا ۽ سبيءَ تي ڪاهه ڪئي، جتان جي حڪمران سلطان
برولي برلاس ٽي هزار بلوچ ۽ ٻيو لشڪر ساڻ ڪري سندس
مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي ويو. ٻن سالن تائين شاهه
بيگ ارغون جو لشڪر سيويءَ ۾ لنگهڻ ڪَٽيندو ۽ گوگڙو
کائي گذارو ڪندو رهيو.
هوڏانهن سن 919هه/15_1514ع تي بابر قنڌار تي حملو
ڪيو، پر پاڻ سخت بيمار ۽ ضعيف ٿي پيو، بيمار جي
عيادت جي بهاني سان شاهه بيگ ارغون کيس سوکڙيون
موڪلي وقتي طرح سان جنگ کي ٽاري قنڌار جو اقتدار
بچائي ورتو. سن 920هه/1515ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي
بُکي فوج _ باغبان ۾ ڳاهن جي ڳوٺ تي حملو ڪري،
مال، متاع، اناج ۽ نارن ۾ وهندڙ اُٺن تائين ڦرلٽ
ڪري هلي وئي.
سن 921هه/16_1515ع ۾ شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي پهريون
حملو ڪيو، پر سنڌي فوج جي زبردست مقابلي بعد ماڻهو
مارائي واپس موٽي ويو.
سن 922هه/1517ع ۾ بابر بادشاهه ٻيهر قنڌار جو رخ
ڪيو. شاهه بيگ ارغون هڪ سال جي مهلت گهري ۽ سن
923هه/18_1517ع ۾ واعدي مطابق شاهه بيگ ارغون
قنڌار جو اقتدار هميشه لاءِ بابر جي حوالي ڪري پاڻ
شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ کان پوءِ سنڌ تي حڪمرانيءَ جو
پڪو پهه ڪري ڇڏيو. سنڌجي ڪمزور حڪومت بابت کيس
گهڻي ڄاڻ به هئي. ڄام فيروز جي دور ۾ جيڪي ارغون
ٺٽي ۾ آباد ٿيا هئا، اهي شاهه بيگ ارغون کي ٺٽي جي
سياست جي پَل پَل جي خبر پُجائيندا ٿي رهيا.
سن 923هه_925هه/1517ع_1519ع تائين وارو سمورو عرصو
شاهه بيگ ارغون، شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ ۾ پنهنجو
اقتدار مضبوط ڪرڻ ۾ گذاريو ۽ 11_ محرم 926هه/1519ع
تي هن ننگر ٺٽي تي هڪ وڏي حملي ڪرڻ لاءِ ڪاهه ڪئي.
ڌارين جي يلغار خلاف دولهه دريا خان باغبان پرڳڻي
مان پنهنجن پُٽن ۽ سنڌ جي راڄن جي فوج سان گڏ وطن
بچائڻ لاءِ مقابلو ڪيو ۽ پٽن سوڌو شهيد ٿي اَمر ٿي
ويو. جڏهن ته ڄام فيروز _ شاهه بيگ ارغون آڏو پيش
پيو، جنهن جي صلي ۾ کيس ٺٽي جي عارضي حڪمراني ڏني
وئي، البت سيوهڻ جي حڪمراني شاهه بيگ ارغون پاڻ وٽ
رکي ڇڏي. هن موقعي جي حوالي سان روايت آهي، ته ٺٽي
جي هڪ سنڌي عالم قاضي قاضن، شاهه بيگ راغون کي
مشورو ڏنو ته: ”سنڌ ۾ ڪرڙ ڪانڊيرا جام آهن، ان ڪري
کهيڙو هميشه ساڻ هئڻ گهرجي.“ اها ڳالهه سمجهندي
هُن _ وٽس آيل سنڌ جي راڄن جي چڱن مڙسن کي، اتي جو
اتي قتل ڪرائي ڇڏيو.
شاهه بيگ ارغون هاڻي سبيءَ کان وٺي سيوهڻ تائين
اهم علائقن تي قابض ٿي پنهنجي حڪومت مضبوط ڪري
رهيو هو. تان جو چئن سالن کان پوءِ شعبان
930هه/1524ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي مرڻ جي ڄاڻ ٺٽي ۾
پهچڻ تي، ڄام فيروز ۽ شهر واسين وڏا جشن ڪيا. اِها
خبر ٻڌڻ کان پوءِ شاهه حسن ارغون شوال جي مهيني ۾
ٺٽي تي ڪاهه ڪري قبضو ڪري ورتو. هن قبضي خلاف ڄام
فيوز چاچڪن ۽ راهمن جي ڳوٺ پهچي اٽڪل پنجاهه هزار
سوار ۽ پيادا ساڻ ڪري لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو.
ارغونن جي لشڪر کي ڏسي سنڌي جوڌا پٽڪن جا سندرا
ٻڌي، انهن جا پلاند هڪ ٻئي ساڻ ٻڌي جنگ لاءِ تيار
ٿيا، ان جنگ ۾ ويهه هزار سنڌي سورما شهيد ٿيا،
پنهنجي هار ڏسي ڄام فيروز گُجرات ڏانهن هليو ويو.
ان ريت سڄو سنڌ ملڪ ارغونن جي قبضي هيٺ اچي ويو.
سن 931هه/1525ع ۾ ڄام فيروز سنڌ جي حڪومت ٻيهر
حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڇين ۽ گُجراتين جو 50 هزار لشڪر
ساڻ وٺي آيو، پر شڪست کائي واپس موٽي ويو. سن
935هه/1526ع ۾ هن ٽيهر سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر هن
ڀيري به شڪست سندس مقدر بڻي. هاڻ هو هڪ وڏي
فيصلائتي جنگ جي تياري لاءِ ڪڇ ۽ گجرات ۾ پنهنجي
عزيزن سان صلاحون ۽ تياريون ڪري رهيو هو، ته اوچتو
سن 942هه/34_1533ع ۾ گجرت جي حاڪم سلطان بهادر ۽
مغل بادشاهه همايون جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام
فيروز زندهه گرفتار ٿيو ۽ پوءِ همايون جي فوج کيس
قتل ڪري ڇڏيو.
ان دوران شاهه حسن ارغون سنڌ جي سرحد کي هر پاسي
کان محفوظ ڪيو. هن شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي.
سنڌ ۾ اچي حڪومت جا خواب ڏسندڙ همايون کي وڏي ڏاهپ
۽ هوشياريءَ سان قنڌار روانو ڪيو ۽ جتان هن ايران
پهچي شاهه طهماسپ جي فوجي مدد سان هندستان جو تخت
۽ تاج ٻيهر حاصل ڪيو. ان ريت شاهه حسن ارغون سنڌ
کي ڪجهه وقت لاءِ مغلن جي تسلط کان بچائي ورتو.
پوءِ شاهه حسن ارغون نپٽو ئي مري ويو. ان ريت سنڌ
جي حڪومت ارغونن جي پراڻن ساٿين ۽ عزيزن ترخانن جي
حوالي ٿي وئي. ارغونن جي ڀيٽ ۾ ترخانن سنڌ کي
پنهنجو وطن ٿي سمجهيو، ارغونن وانگر هو پنهنجا
مڙهه مديني کڻائي نه ويا. بلڪ هو ننڍي کنڊ ۾ جتي
به هئا، هنن سنڌ/مڪلي کي پنهنجو مڙهه مقام ٿي
سمجهيو. هنن سنڌ جي سوڍن ۽ سميجن مان شاديون ڪيون،
ميرزا باقي بيگ کي ته ترخان چوندا ئي هئا: ”سنڌي
بچا!“ سنڌي ماءُ جو پُٽ هوندي به هن جي مزاج ۾
چنگيزي رت واري وحشت هئي. هن ٺٽي شهر وارن سان گڏ
ترخانن ۽ ارغونن جي به وڏي نسل ڪشي ڪئي ۽ آخر ۾ پٽ
جي اوچتي مرڻ تي پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏيائين.
سنڌ سان گهري محبت ڪندڙ ۽ مرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ دفن
ٿيڻ کي پسند ڪندڙ اهي سنڌ جا ترخان حڪمران،
دليريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندي به تدبر ۾ سما
حڪمرانن جهڙا ڏاها ڪونه ٿي سگهيا هئا، جن سنڌ جي
صنعت ۽ زراعت کي وڏو اوج ڏياريو هو. ترخانن،
ارغونن دور جي لاقانونيت تي ڪجهه ضابطو آندو هو،
پر اُن هوندي به سندن دور جا ڪجهه واقعا مٿن تنقيد
جو سامان مهيا ڪن ٿا. جهڙوڪ: سن 963هه/57_1556ع
ميرزا عيسيٰ اول پاران بکر جي حاڪم سلطان محمود
ڪوڪلتاش سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پورچوگيزين کان فوجي
مدد طلب ڪرڻ ۽ انهن جي پهچڻ کان پهرين بکر جي حاڪم
سان ٺاهه ڪرڻ، اهو اطلاع ٻڌندي. پورچوگيزي لشڪر جو
اڳواڻ پيڊروبيئرٽو ڇتو ٿي پيو ۽ هن پنهنجي لشڪر کي
ٺٽي شهر تي حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. حڪم جي تعميل ۾
ٺٽي شهر کي لٽيو ڦريو ۽ ساڙيو ويو. انهيءَ حملي ۾
ٺٽي شهر جا اٺ هزار معصوم شهري پورچوگيزين جي
ترارن جو بُک بڻيا. پورچوگيزين ٺٽي شهر مان 20 لک
پائونڊن جيتري ڦرلٽ ڪئي. انهيءَ واقعي کان پوءِ
ميرزا عيسيٰ اول لاهري بندر کان ٺٽي ڏانهن ايندڙ
پرڏيهي جهازن لاءِ دولهه دريا خان جي جوڙايل آبي
گذر گاهه کي وزني پٿرن سان ڀرائي جهازن جي لنگهڻ
جوڳو نه ڇڏيو، جنهن ڪري ٺٽي جي خشڪ گودي
(Out Post) واري حيثيت ختم ٿي وئي، ٺٽي جي
واپار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ ٺٽي شهر سان گڏ ڏکڻ سنڌ
جي صنعتي شهرن جي صنعتي ترقيءَ کي پڻ وڏو نقصان
پهتو، جنهن جو ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو.
انهيءَ هوندي به ترخان حڪمرانن کي سنڌ جا بهترين
منتظم حڪمران نه چوڻ تاريخ سان بي انصافي ٿيندي.
ميرزا جاني بيگ اهو سنڌي ترخان حڪمران هو، جنهن جي
طاقت کان دهليءَ جا حڪمران خائف هئا. هن سنڌ جي
ويڙهاڪ سگهه کي منظم ڪيو ۽ قلعي اڏائڻ ۾ ايتري
طاقت ۽ ڦڙتائي حاصل ڪئي. جو سندس اڏاوتي ماهر رات
وچ ۾ قلعو اڏي ويندا هئا.هن لَڪيءَ جي جبلن ۽
سيوهڻ جي ڪنٽومينٽ واري حيثيت کي سمجهندي، ڊگهي
جنگي حڪمت عمليءَ جا اهڙا نوان مثال قائم ڪيا، جو
مغل ڪڏهن به سنڌ فتح نٿي ڪري سگهيا. هن سن
994هه/86_1587ع ۾ اڪبر جي سپهه سالار محمد صادق
خان جي فوج کي ڊگهي جنگ وڙهڻ واري حڪمت عمليءَ
وسيلي مات ڏئي دهلي روانو ڪيو. جنهن کان ٿورو وقت
پوءِ سن 998هه/88_1587ع ۾ اڪبر اعظم وڏي فوجي
تياريءَ سان عبدالرحيم خان خانان کي موڪليو. ميرزا
جاني بيگ جو هڪ اهم ماڻهو گوريو (مهتو)، جنهن تي
سنڌ جي حڪومت گهڻو ڀاڙيندي هئي، تنهن جي سازشن ڪري
ميرزا جاني بيگ ڪمزور ٿي پيو ۽ آخرڪار آڻ مڃيندي
اڪبر اعظم جي حضور ۾ پيش ٿيو. اڪبر کيس تمام گهڻي
عزت ڏني، کيس سنڌ جو غير حاضر حاڪم تسليم ڪيائين.
اڪبر اعظم دکن، اسير گڙهه، احمد نگر جا قلعا فتح
ڪرڻ واري مهم ۾ ميرزا جاني بيگ کي سياسي حڪمت
عمليءَ تحت پاڻ سان گڏ رکيو هو. هن سنڌ تي رڳو ست
سال حڪمراني ڪئي. يارهن سالن تائين سنڌ جي غير
حاضر حڪمران طور مغلن جي فوجي مهمن ۾ مصروف رهيو ۽
27_ رجب 1009هه مطابق 2_ فيبروري 1601ع جي سرسام
جي مرض ۾ مبتلا ٿي اسير ڳڙهه ۾ وفات ڪري ويو، سندس
وصيت موجب کيس مڪليءَ تي دفنايو ويو. شروعاتي
جوانيءَ جي ڪجهه ذاتي اخلاقي ڪوتاهين جي باوجود،
هو سنڌين جو دلپسند حڪمران ٿي رهيو. ميرزا غازي
بيگ، ميرزا عيسيٰ ترخان ثاني اهي سمورا ترخان
حڪمران ٺٽي، سيوهڻ ۽ بکرجي دهليءَ جي مغلن جي اثر
هيٺ اچڻ کان پوءِ به هندستان ۾ جتي به رهيا. سنڌ
کي پنهنجو اباڻو وطن سمجهندا رهيا ۽ مرڻ کان پوءِ
پنهنجا جسم سنڌ جي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي وصيت ڪندي
مڪليءَ جي قبرستان ۾ دفن ٿيا. سندن فوجي طاقت ۽
ڏاهپ کي دهليءَ جي مغل حڪمرانن پنهنجي حريفن کي
اسير ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني استعمال ڪيو. مغلن کين
دکن، گجرات ۽ پنجاب جي شورشن ۽ بغاوتن کي چٿڻ
وارين فوجي مهمن ۾ مصروف رکيو. هو سنڌ جا غير حاضر
امير ۽ حڪمران هوندي به باوقار رهيا.
انهيءَ دور جو سڄو احوال سيد مير محمد بن سيد جلال
ٺٽوي پنهنجي تصنيف ڪيل هن ڪتاب ”ترخان نامو“ ۾
تفصيلي ڏنو آهي. ’ترخان نامو‘ تاريخ جي مضمون سان
دلچسپيءَ ۽ واسطو رکندڙ استادن، شاگردن ۽ عام
پڙهندڙن لاءِ بيحد ڪارائتو ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو
اصل متن فارسيءَ ۾ لکيو ويو هو، جنهن جو پهريون
فارسي ڇاپو سيد حسام الدين راشديءَ ترتيب ڏئي سنڌي
ادبي بورڊ وٽان 1964ع ۾ ڇپرايو هو. ڪتاب جي اهميت
کي نظر ۾ رکندي جناب ميرزا عباس علي بيگ کان
سنڌيءَ ۾ اُن جو ترجمو ڪرايو ويو. جنهن مذڪوره
ڪتاب ۾ واڌارا ۽ اضافا ڪيا آهن. انهيءَ سنڌي نسخي
جو پهريون ڇاپو 1994ع ۾ بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو. جيئن
ته انهيءَ نسخي جون ڪاپيون ٿورڙيون ڇپايون ويون
هيون ۽ ٻيو ته ان ۾ مواد، سهيڙ ۽ ترجمي جون ڪافي
غلطيون رهجي ويون هيون، تنهنڪري اهو نسخو تاريخ جي
شعبي سان تعلق رکندڙ استادن ۽ شاگردن جي صحيح
رهنمائي ڪرڻ کان قاصر هو. ان سبب کي نظر ۾ رکندي
بورڊ طرفان ”ترخان نامو“ جي نئين صحتمند ڇاپي پڌري
ڪرڻ جا اپاءَ ورتا ويا. شجرن ۾ فارسيءَ جو تفصيل
مونجهارو پيدا ڪري رهيو هو. انهيءَ مونجهاري کي
ختم ڪرڻ لاءِ جناب حڪيم نياز همايونيءَ کان مدد
حاصل ڪئي وئي، جنهن صاحب شجرن ۾ ذڪر آيل تفصيل ۽
حاشين کي سنڌي ويس ڍڪائي سنڌي پڙهندڙن لاءِ اها
مشڪل آسان ڪري ڇڏي. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ جو هيءُ
نسخو مواد جي غلطين کان صاف ٿي ڇپجي پڙهندڙن جي
هٿن تائين پهتو آهي. ڪتاب جي هن ڇاپي ۾ سنڌ
يونيورسٽي جي شعبي جنرل هسٽريءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر
غلام محمدلاکي جي تعاون ۽ پبليڪيشن آفيسر مسٽر
عبدالحفيظ قريشيءَ جي محنت جو ذڪر ڪرڻ ضروري
سمجهان ٿو. ڇاڪاڻ ته سندن طرفان اهڙي سهڪار
کانسواءِ ڪتاب ۾ پراڻيون ڪوتاهيون ڪڍي نه سگهجن
ها.
ڄام شورو، سنڌ
انعام الله شيخ
ڇنڇر 5_ شعبان العظم 1426هه
سيڪريٽري
بمطابق 10_ سيپٽمبر 2005ع
سنڌي ادبي بورڊ
پيش لفظ
سنڌ جو ارغون خاندان: تاريخ جي صفحن تي ارغون
خاندان، امير حسن بصريءَ جي نالي سان، ابوسعيد
ميرزا(1) جي عهد (855هه) کان شروع ٿئي ٿو. امير ذوالنون ارغون ابن امير
حسن بصري پهرين، شاهه حسين ميرزا بايقرا، جي طرفان
(884هه) صوبيدار ۽ بعد ۾ قنڌار جو حاڪم ٿيو. سندس
وفات جي (9) نون سالن بعد سندس فرزند، شاهه بيگ ۽
اُن جو فرزند شاهه حسن، بابر بادشاهه جي هٿان
قنڌار جي حاڪميت کان محروم ڪيا ويا. هنن پهرين
شال، سيوي ۽ پوءِ (927هه) سنڌ تي تسلط حاصل ڪيو.
ٻئي پيءُ پٽ اٽڪل چاليهه سال حڪمران رهيا.
شاهه حسن(2)
(962هه) ۾ وفات ڪئي. کيس ڪوبه پٽ نه هو(3)
. جنهنڪري سنڌ، سندس ٻن امير خاندانن ۾ تقسيم ٿي.
اترين سنڌ، جنهن جو مرڪز بکر هو، سا سلطان محمود
ڪوڪلتاش جي حوالي ٿي(4)
۽ ڏاکڻي سنڌ، ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان جي حوالي ٿي(5)
. جنهن ٺٽي کي، جيڪو قديم زماني کان، سنڌ جو
گاديءَ وارو هنڌ رهندو آيو، تنهن کي پنهنجو مرڪز
ڪيائين. سنڌ ۾ اِهوئي ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان،
پنهنجي ترخان گهراڻي جو باني مباني هو.
ترخان خاندان: ميرزا عبدالعلي، جيڪو ميرزا عيسيٰ
ترخان جو والد هو، سو جليل القدر اُمرائن مان هو.
هو هميشہ ارغونن جو مددگار ۽ ساڻن هر مهم ۾ معاون
رهندو هو. ميرزا عبدالعلي جي وفات بعد سندس فرزند
ميرزا عيسيٰ ترخان به ساڳيا پنهنجي پيءُ وارا
لاڳاپا شاهه بيگ ۽ شاهه حسن سان قائم رکيا.
ايستائين جو شاهه بيگ ۽ شاهه حسن قنڌار مان ڪڍيا
ويا، جيڪي پوءِ سنڌ ۾ پهتا. ميرزا عيسيٰ به پنهنجي
قبيلي سان اتفاق ڪري، سنڌ ڏانهن ڌيان ٿيو.
ميرزا عيسي جي وفات کان پوءِ، سندس فرزند ميرزا
محمد باقي (974هه) تخت نشين ٿيو. هن سنڌ واسين تي
طرحين طرحين جا ظلم ڪيا. آخر ديوانگيءَ جي عالم ۾
(993هه) خودڪشي ڪيائين ۽ سندس فرزند ميرزا پائينده
بيگ (متوفي 1001هه) پيءُ جو جانشين ٿيو. ليڪن جيئن
ته پائينده بيگ نهايت ڪم عقل هو، تنهنڪري عوام،
عنانِ حڪومت سندس فرزند ميرزا جاني بيگ جي حوالي
ڪئي.
ميرزا جاني بيگ جي عهد ۾، هندستان جا مغل پهريون
ڀيرو اچي سرزمين سنڌ تي وارد ٿيا. سلطان محمود
بکري کي ڪو ٻه پٽ نه هو. تنهنڪري سوچ ويچار بعد
طئي ڪيائين ته وفات وقت پنهنجي سلطنت ترخانن لاءِ
ڇڏي، سو تنهن کان بهتر آهي، ته وفات کان پهريائين
(982هه) جي ڇو نه هو پنهنجي سلطنت اڪبر بادشاهه جي
حوالي ڪري، آخر هن ڪيو به ائين ۽ اهڙي ترڪيب سان
ترخانن کان پراڻي دشمني جو انتقام ورتائين.
جڏهن مغل سنڌ جا حڪمران ٿيا، تڏهن نه رڳو هنن
سلطان محمود جي سلطنت تي اڪتفا ڪئي، بلڪ اڪبر
بادشاهه جي مرضي هئي ته، سنڌ جي اميرن کان پنهنجي
والد همايون بادشاهه جو پڻ انتقام وٺي! جو همايون
ڪيتري مدت تائين هن ملڪ سنڌ ۾، پريشان حال پئي
ڦرندو وتيو، انهي ڪري (994هه) پهريون دفعو، امير
محمد صادق جي وسيلي سان ڪوشش ڪئي هئي ته ڏاکڻي سنڌ
کي به پنهنجي قبضي ۾ ڪجي. ميرزا جاني بيگ، هن ڀيري
هنن سان موافق ٿي ۽ پنهنجي سفير جي معرفت ڪوشش
ڪيائين، ته اڪبر بادشاهه پنهنجي لشڪر کي سنڌ مان
سڏائي. ليڪن اُهو طوفان، جيڪو پنجن سالن (999هه)
کان، عبدالرحيم امير خان خانان جي سرڪردگيءَ ۾
شروع ٿيو، تنهن نيٺ چند گهمسان جي لڙاين بعد،
ترخانن جي سنڌ تي حڪومت کي هميشہ لاءِ ختم ڪري
ڇڏيو ۽ سال 1000هه ۾ ميرزا جاني بيگ، ان مصلحت کي
مدنظر رکيو، ته سنڌ کي خونريزيءَ کان محفوظ رکي،
ٺٽي جون ڪنجيون امير خان خانان جي سپرد ڪجن. خان
خانان به ساڻن عهد ڪيو، ته سنڌ جي حڪومت وري سندس
حوالي ڪئي ويندي.
هن طويل مدت ۾ يعني سنه 1000هه کان سنه 1021هه
تائين ترخان سنڌ جي جاگيردارن وانگر زندگي بسر
ڪندا رهيا، يعني جاني بيگ جيسين جيئرو هو، سو به
جاگيردارن وانگر جاگيرداراڻي زندگي گذاريندو هو.
جڏهن (سال 1009هه)، اڪبري دربار ۾، جاني بيگ وفات
ڪئي، تڏهن سندس فرزند (ميرزا غازي بيگ) جانشين
جاگيردار ٿيو. اها جاگيرداري ميرزا غازيءَ جي وفات
(1021هه) تائين جاري رهي، پوءِ ارغون ۽ ترخان يعني
ٻنهي خاندانن جي حڪمرانيءَ جو مڪمل خاتمو ٿيو.
ميرزا عيسي! (ثاني) ۽ اُن جو فرزند ميرزا محمد
صالح بيگ ۽ ميرزا عنايت الله وغيره هن خاندان جا
آخري يادگار هئا. ليڪن اُنهن جو سنڌ سان ڪو اهڙو
خاص تعلق نه رهيو. هنن پنهنجي سموري زندگي، مغل
بادشاهن جا امير ٿي، هندستان جي مختلف خطن ۾
گذاري.
__________________________
تاريخي ماخذ: تاريخي ماخذ، جيڪي هنن ٻنهي خاندانن
جي حالات متعلق گڏ ڪيا ويا آهن، سي حسب ذيل ٽن
قسمن ۾ آهن:
الف: |
اُهي ڪتاب جي سينٽرل ايشيا ۾ ٻين ملڪن ۾
تاليف ٿيا آهن ۽ انهن ۾ ضمناً هنن ٻنهي
خاندانن يعني ارغون ۽ ترخان جو ذڪر آيل آهي. |
ب: |
اُهي تاريخي عام ڪتاب، جيڪي هندستان ۾ مغلن
جي عهد ۾ تاليف ٿيا ۽ اُنهن ۾ پڻ سنڌ جي
حالات جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جو احوال ۾،
ضمناً هنن ٻنهي خاندانن جي، ڪن فردن جو به
ذڪر ڪيو ويو آهي. |
ج: |
اُهي تاريخي ۽ ادبي ڪتاب، جيڪي سنڌ ۾ لکيا
ويا ۽ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ تاليف ٿيا، تن
ڪتابن مان ڪي عام ۽ ڪي خاص، هنن ٻنهي
خاندانن جي زماني بابت آهن. |
اُنهن ڪتابن جي فهرست، جن ۾ ٻنهي خاندانن جو احوال
آيل آهي، مٿئين تقسيم بنديءَ موجب هن ريت آهي:
( الف )
1. بدايع الوقايع: تاليف زين الدين محمود واصفي.
هي تاريخ خراسان (افغانستان) جي حالات تي لکي وئي
۽ نائين صدي هجري ۾ تاليف ٿي. هن ۾ سياسي حالات ۽
ڪشورڪشائي جا معاملات گهٽ آهن. هي عقل ۽ ڏاهپ جي
اجتماعي حقيقتن تي مشتمل آهي. درحقيقت هيءُ ڪتاب
هر ڪنهن جي پسند وارو آهي ۽ اُن دؤر جي اجتماعي
دؤر ۽ وضع دارين کي چشم تصور ۾ مجسم ڪري ٿو. هن
ڪتاب ۾ امير ذوالنون ارغون ۽ شاهه بيگ ارغون جا
واقعات مختصر بيان ڪيا ويا آهن(1)
.
2. بابر نامه: تاليف بابر بادشاهه.
بابر بادشاهه جي خودنوشت سوانح حيات آهي. جنهن ۾
امير ذوالنون ۽ شاهه بيگ جي ڪن واقعن ۾ مهمات جو
تذڪرو ڪيل آهي. بابر بادشاهه هميشہ وانگر شاهه بيگ
جي طرف هو، پر جڏهن هي ڪابل، قنڌار ۽ سرزمين داور
وغيره کي شاهه بيگ کان کسي، پنهنجي تسلط ۾ آندو.
تڏهن ان وقت کان شاهه بيگ ۽ هن جي وچ ۾ اڻبڻت ٿي
وئي. هن ڪتاب ان خاندان متعلق وڏي اهميت رکي ٿو.
3. روضة الصفا: تاليف محمد بن خاوند شاهه بن محمود
معروف به، مير خواند.
هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ارغونن جا حالات آيل آهن. ان
حصي کي، خواند امير، ”حبيب السير“ جي مؤلف لکيو
آهي.
4. حبيب السير: تاليف غياث الدين خواند امير.
هن ڪتاب جي مؤلف، غياث الدين جي، امير ذوالنون ۽
شاهه بيگ سان ذاتي سڃاڻپ هئي، بلڪ هو سندن دوست هو
۽ اُن زماني جي واقعن جو عيني شاهد آهي. هن ڪتاب
۾، اُن دؤر جي شروعات جا ڪي واقعا يعني امير
ذوالنون ۽ شاهه بيگ جي واقعن جو پڻ ذڪر ڪيل آهي.
5. سفرنامه سدي علي رئيس: انگريزي ترجمو از:
وامبري
(Vambery)
هن سفرنامي جو مؤلف اميرالبحر ترڪي هو. شاهه حسن
ارغون جي دؤر ۾، هيءُ سنڌ مان لنگهيو هو. هن به
اُن زماني جا مختصر حالات پنهنجي سفرنامي ۾ محفوظ
ڪيا آهن.(2)
6. همايون نامه: تاليف گلبدن بيگم
هن ڪتاب ۾ گلبدن بيگم، شير شاهه جي هٿان همايون جي
شڪست ۽ اُن جي سنڌ ۾ قيام (947هه-950هه) کي دلڪش
طريقي سان بيان ڪيل آهي ۽ پڻ همايون سان شاهه حسن
جي روش کي تفصيلي طرح بيان ڪيو آهي.(3)
7. شعر بلوچي: ترجمه از: لانگورٿ ڊمس.
هن ڪتاب ۾ بلوچي زبان ۾ چند قطعات، امير ذوالنون
ارغون ۽ مير چاڪر خان بلوچ جي باري ۾ درج ٿيل آهن.
هي اشعار اُن زماني جي واقعات تي مشتمل آهن، جي
ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ نٿا ملن.(1)
8. روضة السلاطين: تاليف فخري هروي (961هه-959هه)
هيءُ ڪتاب تذڪرو شعراء، فخري هروي، سنڌ ۾ پنهنجي
قيام جي دوران، (961هه-959هه) ۾ تاليف ڪري شاهه
حسن ارغون جي نالي سان معنون ڪيو. هيءُ ڪتاب شاهه
بيگ ۽ شاهه حسن جي ڪارنامن بابت وڏي اهميت رکي ٿو.
هن سندن سوانح ۽ پڻ انهن جي مدح ۾ قصائد شامل ڪيا
آهن. هيءُ واحد ڪتاب آهي، جيڪو شاهه بيگ جي شاعر
هجڻ بابت تاريخي دستاويز ۽ عيني شاهد آهي.(2)
9. صنايع الحسن: تاليف فخري هروي (961هه- 959هه)
فخري هروي، هيءُ ڪتاب شعر گوئيءَ جي فن ۽ صنايع و
بدايع ۾، ۽ سنڌ ۾ قيام جي دوران تاليف ڪري، شاهه
حسن ارغون جي نالي ارپيو هو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾
شاهه حسن جو ڪجهه تذڪرو پڻ ڪيل آهي.
10. مثنوي مظهرالاثار: تاليف شاهه جهانگير ”هاشمي“
تاليف جو سال (940هه)
هيءَ مثنوي، خمسه جي نهج ۽ بحر تي آهي ۽ شاهه حسن
ارغون جي عهد ۾ لکي، شاهه حسن جي نالي سان ارپنا
ڪيل آهي.(3)
11. قصائد حيدر ڪلوچ: حيدر ڪلوچ هروي
حيدر ڪلوچ هرات جو مشهور شاعر هو. هو شاهه حسن جي
عهد ۾ هرات مان سنڌ ۾ آيو ۽ هتي وفات ڪري ”پاٽ“ ۾
مدفون ٿيو. هن چند قصيدا شاهه حسن جي مدح ۾ چيا،
جي شاهه حسن جي حالات جمع ڪرڻ ۾ مفيد آهن.
12. مهمان خانه بخارا: تاليف فضل الله بن روزڀان
خنجي
هي ملوڪي تاريخ آهي، جا محمدخان شيباني جي حالات
تي مشتمل آهي، جيڪا نائين ۽ ڏهين صدي هجري جي وچ ۾
تاليف ٿي.(1)
( ب )
13. طبقات اڪبري: تاليف خواجه نظام الدين احمد
هروي، سال تاليف، (1001هه)
هيءَ عمومي تاريخ آهي، جيڪا اڪبر بادشاهه جي عهد ۾
تاليف ٿي ۽ هي پهرين مفصل تاريخ آهي، جيڪا مغلن جي
باري ۾ لکي وئي. هن ڪتاب ۾ عليحده ۽ مستقل باب
آهن. جنهن ۾ سنڌ جو احوال ڏنل آهي. جنهن جي ذريعي
ارغونن ۽ ترخانن جي حالات تي پڻ روشني پوي ٿي.
14. اڪبر نامه: تاليف علامه ابو الفضل بن شيخ
مبارڪ سنڌي، سال تاليف، (10-1004هه)
هيءُ ڪتاب پڻ هندستان جي مغلن تي لکيل آهي، جنهن ۾
اڪبر بادشاهه جي حالات تفصيل سان درج ڪيا ويا آهن.
اهڙي طرح مختلف واقعن جي ذيل ۾ ان دؤر جو ذڪر ڪيو
ويو آهي. ارغونن ۽ ترخانن جو پڻ ضمناً تذڪرو ڪيل
آهي.
15. منتخب التواريخ: تاليف ملا عبدالقادر،
بدايوني، سال تاليف (1004هه)
هيءُ ڪتاب عمومي تاريخ آهي ۽ هندستان جي مغلن بابت
آهي. خصوصاً اڪبر بادشاهه جا حالات ۽ اُن زماني جو
ذڪر پڻ ڪيل آهي ۽ هن ۾ ارغونن ۾ ترخانن جو به ذڪر
ڪيل آهي. هن تاريخ مان اسان کي اهو به معلوم ٿئي
ٿو ته ميرزا جاني بيگ، اڪبر بادشاهه جي دين الٰهي
۾ داخل ٿي چڪو هو.
16. تاريخ فرشته: يا گلشن ابراهيمي تاليف محمد
قاسم هندو شاهه، سال تاليف (18-1015هه)
هيءُ ڪتاب به تاريخ عمومي آهي ۽ ان ۾ هڪ جدا باب
سنڌ بابت لکيل آهي، جنهن ۾ سلاطينِ ارغون، ۽ ترخان
جي حالات جو تذڪرو آهي.
اُهي واقعات جي تاريخ فرشته ۽ طبقات اڪبري ۾ محفوظ
آهن، سي ڪنهن لحاظ کان پنهنجي اهميت جي اعتبار سان
معتبر آهن. جيئن ته ڪن نسخن جا ماخذ، جيڪي انهن
ٻنهي جي مؤلفين پنهنجي ڪتابن ۾ استفادو ڪيا آهن،
سي اڄ موجود ڪونه آهن.
(17) طبقات: محمود شاهي: تاليف (؟)
هيءَ گجرات جي تاريخ آهي، جنهن ۾ ارغون جو سنڌ تي
حملو ۽ انهن جي تسلط جو ذڪر ڪيل آهي. ليڪن اڄ
تائين هن جو ڪوبه نسخو نه مليو آهي.
18. ظفرالواله بمظفروآله: تاليف عبدالله بن عمر
مڪي.
هيءَ عربي زبان ۾ گجرات جي تاريخ آهي. هن ۾ به سنڌ
جي ارغونن جو ذڪر ڪيل آهي.(1)
19. ماثرِ رحيمي: تاليف خواجه عبدالباقي نهاوندي،
سال تاليف (1025هه)
هيءُ ڪتاب اصل ۾ ميرزا عبدالرحيم خان خانان جي
ڪارنامن بابت تاليف ٿيو ۽ هڪ جلد ان مان تاريخ
عمومي آهي، جنهن ۾ سنڌ بابت به لکيل آهي ۽ ان ۾
ارغونن ۽ ترخانن جو پڻ تذڪرو ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾
اُنهن جنگين جو مفصل ذڪر آهي، جيڪي جاني بيگ ۽ خان
خانان جي وچ ۾ ٿيون، هن ڪتاب جي ٽئين جلد ۾ اُهي
قصائد محفوظ آهن، جيڪي اُن وقت جي ڪن شاعرن سنڌ کي
فتح ڪرڻ وقت چيا هئا.(2)
20. ذخيرة الخوانين: تاليف شيخ فريد بکري، سال
تاليف (1060هه).
هن ڪتاب جو مؤلف سنڌي هو، هن پنهنجي سڄي عمر
هندستان ۾ مغلن جي ملازمت ۾ بسر ڪئي. مغلن جي
دربار ۾ هي مختلف عهدن تي هوندو هو، هي ڪتاب اڪبر
بادشاهه، جهانگير ۽ شاهجهان جي اميرن جي حالات تي
تاليف ڪيو ويو آهي ۽ معتبر، جاذبِ توجه آهي.
هن ڪتاب جي تذڪري ۾ مختلف هنڌن تي سنڌ جو به ذڪر
ڪيل آهي. هيءَ تنها ڪتاب آهي جيڪو ميرزا جاني بيگ،
ميرزا غازي بيگ ۽ ميرزا عيسيٰ ثانيءَ جو مفصل
احوال ڏئي ٿو. ميرزا عبدالرحيم خان خانان جو احوال
۽ سنڌ جي فتح جو احوال تفصيل سان ڏنل آهي.(3)
21. ماثرالامرا: تاليف شاهنواز خان صمصام الدوله -
سال تاليف (1155هه) کانپوءِ.
هيءُ مفصل تذڪرو آهي. اڪبر جي عهد جي اميرن کان
محمد شاهه جي عهد تائين، الف، ب جي اکرن واري
ترتيب سان لکيل آهي. هن جي مؤلف نه فقط ذخيرة
الخوانين کي ماخذ طور ڪتب آندو آهي، بلڪ هن مذڪوره
ڪتاب جي تقليد پڻ ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ سلاطين ۽
مختلف ترخان اميرن جا حالات جهڙوڪ ميرزا عيسيٰ
(اول) ميرزا عيسيٰ (ثاني) جاني بيگ، غازي بيگ ۽
محمد صالح (ثاني) جو تذڪرو پڻ ڪيل آهي.(1)
22. تذڪره ميخانه: تاليف عبدالنبي فخرالزماني -
سال تاليف (1028هه)
انهن شاعرن جو تذڪرو آهي، جن فقط ساقي نامه لکيا
آهن. ميرزا غازي بيگ جو احوال ۽ هن جي درباري
شعراء جا حالات تذڪري ۾ بيان ڪيل آهن، جيڪي ٻين
تذڪرن ۾ نه آهن.(2)
23. ديوان طالب آملي: (متوفي 1035 يا 1036هه)
طالب آملي جهانگير جي دربار کان پهرين ميرزا غازي
بيگ جي دربار سان قنڌار ۾ وابسته هو. غازي بيگ ۽
طالب آملي ڪي غزل پڻ هم طرح چيا آهن. ديوان ۾ چند
قصيدا ميرزا غازي بيگ جي مدح ۾ چيل آهن.(3)
24. اويماق مغل: تاليف ميرزا عبدالقادر خان ساڪن
سونڪره (هند)، سال تاليف (1900ع).
هيءُ ڪتاب ترڪن ۽ مغلن جي نسب نامن تي مشتمل آهي ۽
مؤلف نهايت محنت ۽ تحقيق سان مذڪوره قبيلن جي نسب
نامن کي جمع ڪيو آهي. هن ڪتاب جي صفحي 87 تي
ارغونن ۽ صفحي 90 تي پڻ بحث ڪيل آهي(4)
.
( ج )
25. تاريخ سنڌ: تاليف مير معصوم بکري (متوفي
1014هه) سال تاليف (1009هه)
هي پهريون ڪتاب آهي، جيڪو چچ نامه کان پوءِ سنڌ جي
تاريخ تي تاليف ٿيو ۽ تاريخي حقيقتن تي حاوي آهي،
جيڪو اسلام جي ابتدائي دؤر کان، اڪبر بادشاهه جي
سنڌ فتح ڪرڻ تائين لکيل آهي. هن ڪتاب جو مؤلف سنڌ
جي فتح وقت خان خانان سان همراهه هو. جنهنڪري
ارغون ۽ ترخان خاندان بابت هن ڪتاب ۾ آيل احوال
نهايت اهم آهي. هن تاريخ ۾ جيڪا به معلومات ٻنهي
خاندانن متعلق ملي ٿي، سا ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ ايتري
تفصيل سان ناهي. ايستائين جو ارغونن جا ابتدائي
حالات، هن تاريخ وانگر ڪنهن به ٻئي ڪتاب ۾ محفوظ
نه آهن. جيڪي ڪجهه ماثر رحيمي ۾ سنڌ بابت لکيل
آهي، سو هن ڪتاب تان ورتل آهي، بلڪ اڪثر حقيقتون
بجنسي نقل ڪيل آهن.
26. مثنوي چنيسرنامه: تاليف ادراڪي بيگلاري - سال
تاليف (1010هه)
هي مثنوي سنڌ جي هڪ عشقي داستان تي مشتمل آهي.
سلطان ابوالقاسم ابن شاهه امير قاسم بيگلار ارغونن
۽ ترخانن جو هم عصر هو. هي، ادراڪي جو ممدوح هو.
تاريخي ۽ ادبي لحاظ کان هي ڪتاب نهايت اهميت وارو
آهي.(1)
27. بيگلارنامه: تاليف ادراڪي بيگلاري - سال تاليف
(1017هه)
ادراڪي هن ڪتاب کي، بيگلاري خاندان جي احوال تي
تاليف ڪيو آهي ۽ جنگ جا واقعات، جيڪي جان بابا،
ميرزا باقي ۽ شاهه قاسم جي جوانمردي کي واضح ڪن
ٿا، سلطان ابوالقاسم ۽ ميرزا غازي بيگ جي اختلافات
کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. خصوصاً هي ڪتاب ارغونن ۽
ترخانن جي عهد تي آهي.(2)
(28) تاريخ طاهري: تاليف سيد محمد طاهرنسياني
(ٺٽوي)- سال تاليف (1030هه).
هيءُ ڪتاب ”تاريخ سنڌ“ کان پوءِ جنهن جو ذڪر مٿي
ٿيو، ارغونن ۽ ترخانن جي حالات تي بهترين ۽ مفصل
ترين ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ خاص طرح سان ميرزا باقي،
ميرزا جاني ۽ ميرزا غازيءَ جي زماني جو ذڪر ملي
ٿو. ڪي معلومات، جن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل آهي، سي
ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل نه آهن. هي ڪتاب امير
محمد بيگ ”عادل“، جي نالي سان ارپنا ڪيل آهي. مؤلف
ميرزا غازي جو معاصر آهي، جيڪو قنڌار جي حڪومت وقت
ميرزا غازي سان همراهه هو.(1)
(29) تاريخ مظهرشاهجهاني: تاليف يوسف ميرڪ سنڌي -
سال تاليف (1044هه).
شاهجهان جي عهد ۾ هي ڪتاب سنڌ جي حالات تي لکيو
ويو. دراصل هيءُ، سنڌ تي مرثيه آهي، اُنهن ظلمن جو
جيڪي سنڌ جي باشندن تي مغلن روا رکيا ۽ ضمناً بطور
مثال جي، ترخانن جي واقعن جو پڻ هن ۾ ذڪر ڪيل آهي.
هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ ترخانن جي لشڪر جي
وضع و قطع کي واضح ڪيو ويو آهي ۽ ٻين جنگين جو پڻ
تذڪرو هن ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي.(2)
(30) ترخان نامو: تاليف سيد مير محمد بن سيد جلال
ٺٽوي - سال تاليف (1065هه-1064هه).
هن ڪتاب تي آئينده سٽن ۾ تفصيل سان بحث ڪيل آهي(3)
.
(31) مقالات الشعراء: تاليف مير علي شير ”قانع“
ٺٽوي - سال تاليف (1174هه).
هن ڪتاب ۾ انهن شاعرن جو تذڪرو آهي، جن جو سنڌ سان
تعلق رهيو آهي. ارغونن ۽ ترخانن جي آخري عهد جي
شاعرن تائين حاوي آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي حاڪم
شاهه بيگ کان غازي بيگ جي زماني تائين، جيڪي شعراء
ٿيا آهن، تن جا حالات هن ڪتاب ۾ درج ڪيل آهن. هي
ڪتاب ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جي لحاظ سان وڏي اهميت
رکي ٿو.(4)
(32) تحفة الڪرام: تاليف مير علي شير”قانع“ ٺٽوي -
سال تاليف (1181هه).
سياسي تاريخ، ثقافتي اجتماعي طرح سان سنڌ لاءِ هي
ڪتاب،
”دائرة المعارف“ جي مثل آهي ۽ منجهس ارغونن،
ترخانن تي هڪ جدا باب لکيل آهي. اهڙيءَ طرح ان
زماني جي اميرن جو پڻ ذڪر آيل آهي، شاعر، عالم ۽
صوفي، جي اُن زماني ۾ هئا، تن جو به هن ڪتاب ۾ ذڪر
آهي. مؤلف هن ڪتاب کي تاليف ڪرڻ وقت، خاص اها ڪوشش
ڪئي آهي ته ڪو خاص اهم حوالو رهجي نه وڃي ۽ ڪي
حوالہ پنهنجي معلومات مطابق به آندا اٿس(1) .
(33) فرمان ۽ سندون: ترخانن جي دؤر جون.
هنن فرمانن جو مجموعو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي.
اِهي ڪتاب، جيڪي مٿي ڄاڻايل ذڪر ڪيل آهن ۽ اهي
ڪتاب، جي استفاده جي قابل آهن يا تازو ظاهر ٿيا
آهن. جهڙوڪ: مظهر شاهه جهاني، مهمان خانه بخارا،
بدايع الوقايع ۽ چند مڪتوب ترخانن جي عهد جا. ليڪن
انهن تي قوي گمان آهي، جي اُن دؤر سان تعلق رکن
ٿا، جن مان ڪيترا اڃا تائين پوشيده آهن. جيڪي ظاهر
نه ٿيا آهن يا ڪتبخانن ۾ موجود آهن. ڪيترائي اهڙا
ڪتاب ڪتبخانن ۾ مخطوطات جي صورت ۾ موجود آهن. جي
اڃا تائين سينٽرل ايشيا ۽ خراسان قديم، تان جو
ايران جي اڪثر ڪتبخانن مان منظرعام تي نه آيا آهن
۽ اسان کي به انهن ڪتابن جي ڪا پوري خبر ناهي،
جيڪي انهن ڪتبخانن ۾ موجود آهن.
ارغونن جو ابتدائي دؤر تيمورين جي زرين دؤر کان
شروع ٿئي ٿو، يعني شاهه حسين بايقراء ۽ هرات جي
سلطنت ۽ مير علي شير ”نوائي“، مولانا جامي ۽
بهزاد، هي بي مثل فرد آهن، سي ان قلمي دؤر جي
تاريخ ۾ مشهور آهن. مذڪور دؤر علم و فن جي اعتبار
کان زرين دؤر جي نالي سان مشهور آهي ۽ اهڙي طرح هي
دؤر تاليفي ۽ تصنيفي ڪتابن سان پڻ موسوم آهي.
بهرحال امير حسن بصريءَ جو خاندان اميرن تي مشتمل
هو. ۽ هن خاندان جا فرد نهايت وڏي حيثيت رکندڙ
هئا. هن خاندان مان هرهڪ ڪشور ڪشا ۽ اهل علم و هنر
سان واسطو رکندڙ هو. اهڙي ماحول ۾ ڪيئن ٿو ٿي سگهي
ته هن خاندان تي ڪو ڪتاب تاليف نه ٿيو هجي. قنڌار
جي چاليهن سالن جي عهد (880هه-921هه) ۾ هو، امير ۽
حڪومت ڪندڙ هئا. شاعر ۽ مؤلف سندن نعمتن مان
مستفيض ٿيندا هئا. ان ڪري اهو ممڪن ڪونهي ته ان
زماني ۾ جيڪو تاليف ۽ تصنيف جي ڪري مشهور آهي، ڪو
ڪتاب جيڪو تاليف ۽ تصنيف جي ڪري مشهور آهي، ڪو
ڪتاب ارغونن جي حالات ۽ ڪارنامن تي تاليف نه ٿيو
هوندو؟
|