سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ترخان نامو

 

صفحو ؛ 8

 

 

ترخان *

ترخان جو وجه تسميه بيان ڪندي، مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ پير حسام الدين راشدي، جن کان منقول آهي ته هڪ دفعي حضرت صاحبِ قرآن امير تيمور 18 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجن مصاحبن سان شڪار تي نڪتو، رستي ۾ بارش ۽ طوفان اهڙو لڳو جو تيمور ۽ ان جا ساٿي ان طوفان ۽ بادوباران سبب رستو ڀلجي پيا. ازانسواءِ سخت سيارو ۽ اونداهي رات هئي. بهرنوع رستي جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندا پئي ڦريا ته اوچتو هنن کي جهنگ ۾ رهڻ وارن ماڻهن جا چند گهر ڏسڻ ۾ آيا. امير تيمور ۽ ان جا ساٿي جڏهن انهن گهرن کي ويجهو پهتا، تڏهن اتي جي رهاڪن کين چور سمجهي، هنن سان وڙهڻ لاءِ ٻاهر نڪتا. پر جلدئي هنن امير تيمور کي سڃاڻي ۽ پوءِ پرچائي پاڻ سان وٺي آيا. ان بعد زمين تي ويهاري ۽ باهه ٻاري پنهنجي طاقت کان مٿي خدمت ڪري کين راضي ڪري مهمانداري جا حق بجا آندائون.

صاحبِ قرآن امير تيمور جڏهن 34 سالن جي عمر ۾ بادشاهي جي تخت تي ويٺو، تڏهن انهن ماڻهن کي گهرائي مٿن نهايت نوازشون ۽ مهربانيون ڪري کين ”ترخان“ جو خطاب ڏنائين، جنهن جي معنيٰ آهي ”نوڪري کان معافي ڏنل“ يا ”مطلق العنان“ يا ”بهادر“.

ان کانپوءِ ڄاڻايل قبيلو ”ترخان“ جي لقب سان مشهور ٿيو ۽ ترخان قوم انهن جي ئي اولاد مان آهي.

روايت آهي ته جڏهن امير تيمور جي، تقتمش خان سان لڙائي ٿي، تڏهن ساڳئي مٿئين قبيلي جو هڪ سردار ايڪوتمر نالي، امير تيمور جي طرف کان وڙهندي مارجي ويو. ان کان بعد امير تيمور جي نظر ۾ ڄاڻايل قبيلي جي وقعت وڌي وئي. جنهنڪري هنن کي ”ترخون“ جو لقب مليو، جيڪو رفتي رفتي ”ترخان“ ٿي پيو. سنڌ جا ترخان فرمانروا انهيءَ ”ايڪوتمر“ جي اولاد مان آهن.

صاحبِ ترخان نامو: کان منقول آهي ته امير ايڪوتمر، صاحبِ قرآن امير تيمور جي اميرن مان هو ۽ تقتمش خان واري جنگ ۾ امير تيمور جي طرفان وڙهندي قتل ٿيو. انهيءَ قرباني جي طفيل تيمور سندس اولاد کي ”ترخان“ جو خطاب ڏنو.

(1) ظفرنامه جي مؤلف لکيو آهي ته انهيءَ معرڪي ۾ جن مردانگي ڏيکاري، تيمور انهن سڀني کي ترخان ڪري ڇڏيو. وري اڳتي لکي ٿو ته:

... ۽ انهيءَ گهمسان واري لڙائي ۾ جيڪي ثابت قدم رهي سر ڌڙ جي بازي لڳائي وڙهيا، تن کي طرح طرح جي عنايتن ۽ نوازشن سان سرفراز ڪري هنن کي ”ترخاني“ جو لقب ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته هن جماعت کي بارگاهه شاهي ۾ اچڻ کان نه روڪيو وڃي ۽ جيڪي ڏوهه هنن کان ٿيا هجن، بلڪ نـَـوَ (9) ڏوهه ٿيا هجن يا هنن جي پٽن کي، تن بابت ڪابه پڇاڳاڇا هنن کان نه ڪئي وڃي.

چنين داد پاسخ که تانـُـهه نزاد
هر آنکس که از تخم ايشان بزاد
گنه شان نپرسند ابنائي ما
کزين پس نشينند برجائي ما

” امير ايڪوتمر جا عزيز و اقارب ۽ رشتيدار جيڪي شهادت جي اعزاز سان شهيد ٿيا، تن تي تمام گهڻيون عنايتون ۽ شاهاڻيون نوازشون ڪيائين.

بقول حبيب السير: سندس عزيزن مان شاهه ملڪ بن قلحغائي کي پنهنجي دربار ۾ امير ايڪوتمر وارو مرتبو بخشي، مـُـهر ڪلان ۽ مهر پروانه پڻ ان جي حوالي ڪيائين. حبيب السير واري اڪوتمر ڪري نالو لکيو آهي.

جن ترخان سنڌ ۽ قنڌار تي حڪومت ڪئي، سي به امير ايڪوتمر جي نسل مان آهن.

جهانگير بادشاهه کان منقول آهي ته: ميرزا جاني بيگ ۽ ميرزا غازي بيگ جا آباؤ اجداد، خراسان جي بادشاهه، سلطان حسين ميرزا بايقرا جي اميرن مان هئا. دراصل هنن جي نسب جو سلسلو صاحبقران امير تيمور جي هڪ امير سان وڃي ملي ٿو. (توزڪ جهانگيري جلد اول، ص 152)

بهرنوع، لفظ ترخان(2) خطاب آهي، جنهن جي حاصل ٿيڻ بعد ڪيل ڏوهه يا قصور، مواخذي ۾ نه ايندا آهن. ترخان جنهن وقت چاهي سواءِ اطلاع جي شاهي حضور ۾ پهچي سگهي ٿو. ڍلن خواه ٻين سرڪاري طلبن کان آزاد رهي ٿو. غنيمت جي مال مان کانئس حصو نه ورتو ويندو آهي. نـَـون (9) ڏوهن تائين سندس خطائون معاف آهن ۽ نـَـون (9) پشتن تائين ساڻس اها رعايت قائم رهندي.

اگر صد خون بيک غمزه بريزي، کس نمي پرسد
مگر ير ليغ ترخاني ز سلطان ايلخان داري

(نزاري، جهانگيري)

کنون باشد که، برخوانم به پيشِ شعر تو اندر
هر آنچه تو بخاقانان و طرخانان و خان کردي

(مجلد گرگاني، لغت فرس)

خط ترخاني و جاويد، بعالم ندهند
بگذر از عالم و منشور اماني بمن آر

(نظيري)

به شگر آن دو هفته ماهِ تابان
سپه را کرد چندين سال ترخان

(يحييٰ بن سيبک نيشاپوري)

کند ز حيله براي گزيدنِ مردم
بگاه مستي از و التماس ترخاني

(عرفي)

خراساني لهجي ۾ رئيس ۽ شريف(1) کي ترخان چيو وڃي ٿو، ٻاراڻي راند جي سرپنچ کي به ترخان چئبو آهي. (لغت شوستر)

بيباڪ لاءِ به ترخان جو لفظ ڪتب آيو آهي.

تو ترخون و ترخان، ز جورِ تو خواجو
دل از غم چو خاني و رخ زر خاني

(خواجو ڪرماني، انندراج)

يونان ۾ پنهنجن هزارن سپاهه جي سردار کي به ترخان چيو ويندو هو. ترخان (2) (اسم خاص): اقليم هفتم جي هڪ سرزمين جو نالو آهي.

- الاقليم السابع: اين اقليم که بقمر منسوب است و.... از آنجا ببلاد ياجوج و ماجوج گذرد، پسر بر بلاد کيماک و شمال بلاد خلخ و جنوب بلدان ترخان گذرد... (حبيب السير ج: 4، ص. 659، تهران.)

ترخان آباد(3): دهستان اورامان جي ديهه آهي. شهرستان، سندج جي زراب واري علائقي ۾ (فرهنگ جغرافيائي، ايران، ج: 5.)

ترخاني(4): هڪ قوم جو نالو آهي، جيڪا ايلات ڪرد مان آهي ۽ راوند جي حد ۾ رهي ٿي. (جغرافيائي سياسي ڪيهان ص. 57.)

ترخان، طرخان(5): ماڻهن جا نالا به هئا. مثلاً: (1) ابونصر فارابي جي ڏاڏي جو نالو ابونصر مهر بن اوزلغ بن طرخان. (عيون الانباء، ج: 2، ص. 134.)

(2) محمد بن علي بن طرخان بن عبدالله المشهور ابوعبدالله بلخي متوفي رجب 278هه (معجم البلدان ج: 1، ص. 264)

(3) محمد بن جعفر بن طرخان الاستر آبادي. (جواهر المضيـہ 38/2)

(4) حڪام بن طرخان بن نفي الحموي متوفي 665هه (جواهر 179/2)

(5) سليمان بن طرخان، صوفي خيل 430هه (حليـہ ج: 3، ص. 27 قاهره)

(6) طرخان حڪمران طالقان (البلدان، يعقوبي، ليدن  300)

(7) امير ترخان، شاهرخ ۽ ابوسعيد جي دؤر جو امير (حبيب السير 618/4)

(8) ترخان بيگم، سلطان احمد ميرزا جي ڇهن زالن مان هڪ جو نالو هو. (حبيب السير 96/4)

(9) خديجه سلطان ترخان، سلطان ابراهيم خان جي زال يعني سلطان محمدخان جي چوٿين جي والده، (قاموس الاعلام، ترڪي، ج: 3.)

(10) مولانا ترخاني، سپاهي سيرت ۽ صورت هو. مولانا جامي جي هيٺين مطلع تي بيت چيو اٿس:

اي ز مشکين طره ات بر هر دلي بندي دگر
رشتهءِ جان را بهر مويءِ تو پيوندي دگر

(جامي)

مرغ دل پرکندم و از سينه بريان ساختم
تا کشم پيشِ سگرت هر لحظ برکندي دگر

(مجالس النفائس، 41-214)

(1) ترخان لقب

ترخان لقب چنگيز خان ٻن نوجوان ڀائرن کي ڏنو، جن کيس لونگ خان جي چڙهائي جو اطلاع وقت کان اڳ ڏئي سندس جان بچائي، ورنه بي خبري واري حالت ۾ حملي وقت سندس مرڻ يا گرفتار ٿيڻ لازمي هو. چنگيز خان انهن ڇوڪرن کي نـَـون (9) پشتن تائين ترخان ڪري ڇڏيو.

سنگلاخ (ص 155) جو قول آهي ته ماوراء النهر، خراسان جا خان، انهن ڀائرن جي نسل مان هئا.

شيبڪ خان، عبدالوهاب مغل کي پالي منصب ”شعاولي“ ڏئي ترخان ڪيو. (مجالس النفائس)

جهانڪشائي جويني ۾ آهي ته.... وکسک را ترخان کرده و از اموال دو چندان فرمود.

تاريخ غازاني ۾ آهي ته....و اتفاق را که دلالت امير اينقول کرده بود، و آن جماعت را ميشناخت، او را ترخان فرمود و يرليغ فرمود تا همواره به تفحص مشغول باشد... (تاريخ غازاني، ص. 280)

هندستاني مغل بادشاهه اڪبر اعظم، نورالدين محمد کي ترخان جو لقب ڏنو، جنهن تي هن هيٺيون شعر چيو:

که غير از خان خشکي مي نماند
ز ترخاني تري گردد چو حاصل

غالباً تاريخ ۾ اهو آخري ماڻهو هو، جنهن کي ترخان لقب حاصل ٿيو.

(2) ترخاني اميرن جي خونريزي

تيموري سلطان ميرزا ابوالقاسم، بابر جي انتقال بعد (861هه)
ميرزا جلال الدين شاهه محمود ۽ ميرزا سلطان ابراهيم جي وچ ۾ تخت ۽ تاج تي اختلاف پيدا ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي معرڪا ۽ مجادلا ٿيا. مذڪور جنگ جي شروع ٿيڻ کان اڳ شاهه محمود جي وزير مختار امير شير حاجي، هرات جي ترخاني اميرن کي،سلطان ابراهيم جو طرفدار سمجهي تاريخ
30 - جمادي الاخر 861هه جي هرات جي باغ زاغان جي محل ۾ ڌوکي سان قتل ڪرائي ڇڏيو. اها وڏي تباهي هئي، جنهن ترخاني قبيلي کي عظيم نقصان پهچايو ۽ ڪيترائي بي مثل بهادر ۽ امير ڪبير قتل ٿي ويا. مثلاً امير اويس ترخان ۽ سندس پٽ يوسف ترخان، اميرمحمد ترخان، امير خسرو خان، امير نظام الدين احمد ترخان (جنهن جو ڀاءُ سلطان حسين، تـُـون جو حاڪم هو) ۽ ٻيا.

انهيءَ ڪارزار ۾ امير اويس ترخان، امير شير حاجي کي پيٽ ۾ ڇـُـري هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو. امير غياث الدين محمد ترخان ۽ مولانا احمد يساول (چوبدار) انهيءَ مقتل مان پاڻ بچائي، سلطان ابراهيم ميرزا وٽ پهتا، جنهن سندن دردناڪ ماجرا ٻڌي هرات مان لشڪر ڪشي ڪئي ۽ تاريخ 7 - رجب صبح جو هرات جي باغ مختار ۾ پهچي هن سلطنت تي قبضو ڪيو. سلطان محمود پاڻ بچائي مشهد ڀڄي ويو ۽ امير شير حاجي، حصارِ نيره تو، طرف گـُـم ٿي ويو. ٿوري وقت بعد سلطان ابراهيم، شاهه محمود تي ٻيهر ڪاهه ڪئي، جنهن ۾ امير نظام الدين احمد ترخان ۽ سندس ڀاءُ يعقوب ترخان شديد انتقامي جذبي سان ويڙهه ڪئي، جنهن مان محمود بمشڪل جان بچائي ميدان مان کسڪي هليو ويو. (مطلع السعدين، ص. 1123-1139).

سنڌ جا ترخان انهن ئي اميرن جي ڪنهن فرد جي اولاد يا خاندان مان آهن، ڇاڪاڻ ته امير حسن بصري جو به اهوئي زمانو هو.

* ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان جا وڏا

ميرزا عيسيٰ جي والد، ميرزا عبدالعلي کان مٿي ڪي پيڙهيون کٽل آهن، جيڪي معلوم ٿي سگهيون سي هن ريت آهن:

عبدالعلي بن عبدالخالق....؟ بن مير حسين ترخان بن عبدالعلي ترخان بن نور الله ترخان بن فضل الله ترخان امير اتلمش بن امير اڪوتمر بن امير الچي بن الجائتو خدا بنده (703-716هه) بن ارغون خان (683-690هه) بن اباقا خان (663-680هه) بن هولاڪو (654-663هه) بن تولي خان بن چنگيز خان
(562-664هه).

سنڌ جي ارغونن ۽ ترخان جي باهمي رشتو اميراڪوتمر کان هيٺ بروايت ”ترخان نامو“ هن ريت هلي ٿو:

اميراڪوتمر

 

(1) امير اتلمش بيگ                  (1) امير شنڪل

(2) فضل الله ترخان بيگ             (2) برتق بيگ

(3) ميرزا نورالله ترخان بيگ          (3) امير شيخو بيگ

(4) ميرزا عبدالعلي ترخان بيگ      (4) محمود بيگ

(5) مير حسين ترخان بيگ           (5) يار بيگ

(6)    ؟                               (6) مير فرخ بيگ

(7)    ؟                               (6) ميرم بيگ

(8)    ؟                               (8) احمدولي بيگ

(9)    ؟                               (9) فرخ بيگ

(10) ميرزا عبدالخالق ترخان بيگ    (10) امير حسن بصري

(11) ميرزا عبدالعلي ترخان بيگ     (11) امير ذوالنون بيگ

(12) ميرزا عيسيٰ ترخان بيگ        (12) ميرزا شاهه بيگ ارغون ترخان نامو جي مؤلف، عبدالخالق کي مير حسين ترخان جو پٽ ڄاڻايو آهي. ليڪن از روءِ زمانه اهو غلط آهي ۽ جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي، مير حسين کان وٺي عبدالخالق تائين وچ جون ڪم و بيش 4-5 پيڙهيون غائب آهن. بلاخمن (ص 390) ۾ پڻ اڪبرنامه تان شجرو نقل ڪندي، انهيءَ انديشي جو اظهار ڪيو آهي. کيس ارغون ۽ اڪوتمر جي وچ ۾ پڻ چئن پيڙهين جي غائب هجڻ جو گمان آهي. بهرحال ڏيکاريل نسب نامو ناتمام يا مشڪوڪ آهي.

امير اڪوتمر جي اولاد جو ترخان ٿيڻ، هنن صفحن ۾ ڄاڻايو ويو آهي. ميرزا عيسيٰ ترخان جو والد ميرزا عبدالعلي، سلطان محمود (899هه) بن ميرزا ابوسعيد (قتل 873هه) جي دؤر ۾ بخارا جو صوبدار هو، شيبان خان جي جنگ ۾ پنهنجي پٽن سميت قتل ٿي ويو. ميرزا عيسيٰ ترخان ان وقت ٻار هو،  جنهن کي مير ذوالنون ارغون، پالي وڏو ڪيو. جيسين مير ذوالنون جيئرو هو، تيسين پاڻ سان رکيائينس (بلاخمن، ص 389) امير ذوالنون جڏهن پاڻ شيباني واري جنگ (913هه) ۾ قتل ٿيو ته ميرزا عيسيٰ ترخان سندس پونيرن سان ڳنڍيو آيو.

ميرزا محمد عيسيٰ بيگ ترخان

ميرزا شاهه حسن جي زندگي جا آخري چند سال نهايت پريشاني ۾ گذريا. هو خود معذور ٿي چڪو هو. فالـج جي حملي سببان حڪيمن هدايت ڪئي ته ميرزا ٻيڙي ۾ سوار ٿي درياءُ ۾ زندگي بسر ڪري. جنهنڪري ميرزا شاهه حسن اڪثر اوقات مرڪز بدران سفر حضر ۾ بسر ڪندو هو. نتيجي ۾ جتي ٺٽي جي يڪجهتي ختم ٿي، اتي سندس دربارون ۽ محفلون به درهم برهم ٿي ويون. هن جي پنهنجي ئي نوڪرن ۾ انتشار پيدا ٿيو ۽ (959-960هه) کان عام بغاوتون ٿيڻ لڳيون. اميرن پاڻ ۾ جهيڙا ڪرڻ شروع ڪيا. جنهنڪري هن جي پنهنجي قبيلي جا ماڻهو ۽ هن جا آورده ساٿي کانئس بيزار ٿي ويا.

اهڙي بدامني جي عالم ۾، ماهه محرم (962هه) جي شروع ۾ ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان دارالسلطنت ٺٽي ۾ (Cotat upde) آڻي شهر تي قبضو ڪيو، جيتوڻيڪ بعد ۾ بظاهر ميرزا عيسيٰ ترخان، شاهه حسن ارغون سان (ربيع الاول 962هه) صلح ڪيو. ليڪن ميرزا عيسيٰ جو اڃان ٺٽي تان ئي قبضو ختم نه ٿيو هو ته ميرزا شاهه حسن (بروز سومر 12 ربيع الاول 962هه) ۾ پنهنجي جان، جانِ آفرين جي سپرد ڪري هر خرخسي ۽ خدشي کان نجات حاصل ڪئي. ارغونن جي حڪومت جي آفتاب غروب ٿيڻ بعد ترخانن جي حڪومت جو بنياد پيو. هن خاندان جو پهريون فرمانروا ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان هو، جيڪو غره ماهه جمادي الاول (962هه) جي تخت نشين ٿيو.

تاريخ طاهري ۾ لکيل آهي ته، ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان جي تخت نشين ٿيڻ بعد، اُهي ارغون امير، جيڪي ميرزا شاهه حسن جا دست راست هئا ۽ جن عيسيٰ بيگ کي حڪومت ڪرڻ لاءِ منتخب ڪيو هو، سي هاڻي ميرزا جي مخالفت ڪرڻ ۾ مشغول ٿيا. ڪيبڪ خان، فرخ تيمور ۽ ٻيا امراء شراب پيئڻ کانپوءِ مست ٿي، ميرزا عيسيٰ جي حويلي جي در تي ايندا هئا ۽ در جي اڳيان قالينن کي گهوڙن جي سنبن سان پامال ڪري گهوڙن تان لهندا هئا. ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿيندو هو، جو هو ميرزا عيسيٰ جي حويلي واري دروازي کي، تيرن ۽ نيزن سان پروڻ وانگر نه ڪندا هئا. چوندا هئا ته ميرزا شاهه حسن جو خزانو تو وٽ آهي، سو هاڻي اسان کي ورهائي ڏي. ليڪن ميرزا عيسيٰ بيگ انهن
بي وقارن کي نهايت حلم ۽ بردباري سان سمجهائي جواب ڏيندو هو ته منهنجو مال ۽ خزاني سان هرگز ڪو واسطو ناهي. بلڪ اهو منهنجي تحويل ۾ هڪ امانت جي صورت ۾ آهي. ليڪن اهو به ته سوچيو ته سلطنت جي فلاح ۽ بهبود لاءِ اها تقاضا آهي ته جيڪڏهن آءٌ توهان کي اهو خزانو ورهائي ڏيان ۽ توهان سمورا پنهنجو پنهنجو حصو شراب ۽ عيش و عشرت ۾ ضايع ڪريو ۽ جي ان بعد ڪو دشمن ملڪ تي حمله آور ٿئي ته پوءِ ياد رکو آءٌ ملڪ جي مدافعت لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندس؟ توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته ملڪ جي استحڪام ۽ بقا جو دارومدار خزاني تي ئي ٿيندو آهي. تنهنڪري توهان پنهنجي ان نعمتِ عظميٰ (خزاني) کي ڇو ٿا پاڻ ۾ ورهائي ختم ۽ برباد ڪريو. ڀلا توهان هن پنهنجي ملڪ کي دشمنن جي تصرف ۾ آڻن چاهيو ٿا ڇا؟ بهرحال اهڙي طرح جون ڳالهيون ڪري ۽ هنن کي سمجهائي مطمئن ڪندو هو.

ميرزا عيسيٰ بيگ، ارغونن جي برهمي کان بچڻ خاطر ايتريقدر ته احتياط ڪندو هو، جو جيڪڏهن شهر ۾ ڪڏهن ڪا منادي ڪرائڻ جي ضرورت ٿيندي هئي ته ميرزا عيسيٰ خود ”صدر ڪام سنڌي“ منادي ڏيڻ واري کي چوندو هو ته هر ارغون جي محلي ۾ جڏهن تون منادي ڏين ته حڪومت سان گڏ ان جو نالو وٺندو ڪر ته جيئن آءٌ هنن جي آزار کان محفوظ رهان. مطلب ته هو نهايت تدبر ۽ احتياط سان پنهنجي حڪومت کي هلائيندو رهيو.

ايستائين جو ميرزا عيسيٰ جا فرزند، ميرزا محمدباقي، ميرزا محمد صالح، ميرزا جان بابا ۽ ميرزا غالب وڏا ٿيا ته انهن جي تربيت ملا بهبود(1)، شيرنگ خان صالح ۽ فتح خان وغيره ڪندا هئا. جڏهن هي نينگر پيءُ جي سلام لاءِ حويلي ۾ ويندا هئا ته ارغون هنن کي ڏسي اندرئي اندر ۾ پيا سڙندا هئا ۽ خار ۾ پيا چوندا هئا ته اسان ميرزا عيسيٰ کي پنهنجي ملڪ جو فرمانروا ڪري وڏي غلطي ڪئي آهي. ليڪن تيرڪمان مان نڪري چڪو هو ۽ هاڻي سوائي ندامت جي ٻيو ڪو چارو نه هو. پر ارغون انهي ڪوشش ۾ هوندا هئا ته ڪهڙي به حالت ۾ انهي وڻ کي پاڙؤن پٽي ڇڏين. ليڪن جيتريقدر هي مخالفت ڪندا هئا اوتري قدر ميرزا عيسيٰ بيگ جي حڪومت جو وڻ مضبوط ٿيندو ويو.

ان زماني ۾ ميرزا عيسيٰ بيگ پنهنجي حويلي جي نزديڪ هڪ قلعو تعمير ڪرايو، ميرزا عيسيٰ جا پٽ جيڪي شهر ۾ منتشر طور تي رهندا هئا، تن سڀني کي سڏي، هاڻي ان قلعي ۾ گڏ ويهاريائين.

ميرزا شاهه حسن جي لاولد ٿي وفات ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، جنهن بعد فيصلي مطابق، اُترئين سنڌ تي (بکر ۾) سلطان محمود حڪمران ٿيو ۽ ڏاکڻين سنڌ (ٺٽي) تي ميرزا عيسيٰ ترخان جو مستقلاً تسلط رهيو. ان بعد ميرزا شاهه حسن جي بيوهه حاجياڻي ماهه بيگم پنهنجي عدت جي مدت ختم ڪري ڪم و بيش، پنجن مهينن بعد ميرزا عيسيٰ ترخان سان عقد ڪيو. ميرزا عيسيٰ به ارغون قوم جي همدردي حاصل ڪرڻ خاطر اهو عقد ڪيو.

نئين حڪومت قائم ٿيندي ئي، ٺٽي ۽ بکر جي ٻنهي رقيبن ۾ جهيڙا ۽ جنگيون شروع ٿي ويا ۽ (963هه) جي شروع ۾ ئي ميرزا عيسيٰ سلطان محمود بکري جي مقابلي ء“ هن کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ پاسي پورچوگيزن کان ڪمڪ گهريائين ۽ ٻئي طرف خود بکر ۾ پهچي هن سان لڙائي شروع ڪيائين.

بکر ۾ اڃا جنگ جي ابتدا هئي ته ميرزا عيسيٰ ترخان جا سڏايل پورچوگيز ٺٽي ۾ اچي پهتا. جن ميرزا عيسيٰ کي شهر ۾ نه ڏسي اتي جا باشندن کي اهڙي ته بيدردي سان ختم ڪيو  جو پورو شهر، گنجِ شهيدان بنجي ويو، سنڌ جو هي شاندار دارالسطنت اهڙي طرح برباد ۽ تباهه ٿيو جو ڪيترن سالن تائين ان تباهي جا نشان مٽجي نه سگهيا.

ميرزا عيسيٰ ترخان جي فرزندن مان، ميرزا محمدصالح پيءُ سان نهايت وفادار هو، جنهنڪري هن کيس پنهنجي جيئري ئي ولي عهد مقرر ڪري ڇڏيو. جنهن تان بدقسمتي سان ميرزا عيسيٰ جي وڏي فرزند ميرزا محمدباقي ۽ سندس ڀاءُ ميرزا محمد صالح جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن جي لڙائي تائين وڃي نوبت پهتي. بهرنوع ميرزا محمد صالح کي، مريد جت نالي ماڻهو کيس قتل ڪيو(1) . هن وحشت اثر خبر ٻڌڻ بعد ميرزا عيسيٰ ترخان اڪثر غمگين رهندو هو.

ميرزا محمد صالح (اول) پيءُ وانگر علم دوست ۽ شاعر هو. سندس چيل هڪ غزل جو مطلع هن هيٺ ڏجي ٿو. (معصومي، ص 251)

بران عزمم که در ملکِ جنون از سرقدم مانم
متاعِ هوش و دانش را ببا زارِ عدم مانم

۽ ان کان پوءِ ميرزا جان بابا (ٽئين فرزند) کي پنهنجو ولي عهد ڪيائين. ميرزا عيسيٰ ترخان سنڌ تي تقريباً ٻارهن سال حڪومت ڪئي.

ليڪن ميرزا عيسيٰ ترخان جي وفات کان پهرين سندس زال حاجياڻي ماهه بيگم ڪوشش ڪئي ته جيئن وڏو فرزند ميرزا محمدباقي آهي، تنهنڪري اهوئي ولي عهد ٿئي. ميرزا عيسيٰ گهڻو ئي زال کي سمجهائي چيو ته، هو هڪ ظالم، فاسد شخص آهي. هن کان خلق خدا کي نقصان رسندو. بلڪ تون به هن جي ئي هٿان مرنديءَ. جيڪا اڳتي هلي اها پيشن گوئي صحيح ثابت ٿي.

ميرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي اجل طبعي سان (973هه) ۾ وفات ڪئي. ميرزا عيسيٰ جي لاش کي مڪلي(1) تي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. جيڪو اڳي ئي سندس جيئري، سندس لاءِ تعمير ڪيو ويو هو. ڪنهن شاعر ميرزا جي قطه تاريخ وفات حسب ذيل چئي آهي.

ميرزا عيسيٰ که والئي تته
آفتابِ سپهرِ دانش و خوان
سالِ نقلش بعزت و تمکين
”رشک جنت“ و اهل رضوان بدان

973هه

ميرزا عيسيٰ ترخان (اول) جو مقبرو پٿر جي چوديواري اندر آهي. جنهن جو تفصيل هيٺين ريت آهي.

احاطي جي ٻاهران ديوار اندر قبرن جا مختلف ٿلها آهن جن مان ڪيتريون قبرون زبون ٿي ويون آهن. جيئن ته ٻاهرين ديوار سان ملحق ٻن ٿلهن ۽ اولهه واري ٿلهي خواهه ڏکڻ واري ٿلهي جي قبرن جا فقط نشان باقي آهن. اوڀر کان ڪنڊن ۾ زنانيون چؤديواريون آهن جن ۾ قبرون ناهن. ايوان ۾ ڏکڻ کان هڪ چؤکنڊي آهي. داخلي دروازن جي پيشانين تي قرآني آيتن جي اُڪر ٿيل آهي. احاطي واري ديوار جي چوڌاري هي آيتون آهن:

ٻاهرين طرف کان ديوار جي ڪناري تي:

بسم الله الرحمن الرحيم.....تبارڪ الذي بماءِ معين. (الملک 1-30)

بسم الله الرحمن الرحيم.... والضحيٰ والليل...فلماربک فحدث. (الضحيٰ 1-11)

بسم الله رلرحمن الرحيم........انا انزلنـہ في... مطلع الفجر (القدر 1-5)

صدق الله العلي العظيم و صدق حضرت رسولـہ النبي المختار الڪريم. و نحن عليٰ ذالک من الشهدين والشاکرين. والحمدلله رب العالمين.

ڪاتب مقبول عنـہ عبرالرحيم بن حافظ رشيد صديقي. اندرين طرف کان ديوار تي:

بسم الله الرحمن الرحيم - اذا وقعت الواقعة...باسم ربک العظيم. (الواقعه 1-97)

صدق الله العلي العظيم و صدق رسولـہ النبي الڪريم و نحن عليٰ ذالک من الشاهدين و الشاڪرين و الحمدلله رب العالمين.

محراب جي پيشاني تي:

قال سبحانـہ تبارک و تعليٰ: فنادتـہ الملائکة و هوقائمـہ يصلي في المحراب (آل عمران 39)

فالله خير حافظ و هو ارحم الراحمين قال الله تعليٰ: شهدالله انـہ....بصير العباد. (آل عمران 18-20)

ڏکڻين مصلي مٿان:

قال الله سبحانـہ تبارک و تعليٰ: وسيق الذين اتقوا ربهم اليٰ الجنة زمرا...الحمدلله رب العالمين (الزمر 73)

سبحان رب العزة عما يصفون و سلام علي المرسلين و الحمدلله رب العالمين. صدق الله العلي العظيم و صديق الرسولـہ النبي الڪريم.

قبر جا ڪتبا:

ميرزا عيسيٰ جي قبر جي لوڙهه تي چوڌاري اشعار ۽ آيتون اُڪريل آهن. پيراندي کان تاريخ جو ڪتبو آهي.

اولهه کان:

افسوس که دؤر کامراني بگذشت
دوران نشاط و شادماني بگذشت
سرمايئه عمر و زندگي رفت ز دست
شد عمر و زندگاني بناداني بگذشت

-------

دهريست که، صد هزار عيسيٰ ديد ست
طوريست که، صد هزار موسيٰ ديدست
قصريست که، صد هزار قصرا ديدست
طاقيست که، صد هزار کسريٰ ديدست

 

ڏکڻ  کان:

ميرسد بيداد صد، هر لحظه از دست اجل
داد از دستِ اجل فرياد از دستِ اجل

 

-------

يارب توکه داري بايمان مرا
باقول شهادت ببري جان مرا
خشنود کني جمله خصمان مرا
پـُـر نور کني تربتِ تاريک مرا

 

-------

گرمن گناهي روئي زمين کرد ستم
اميد بلطف توکه، گيري دستم
گفتي که: بروز غم دست گيرم
عاجز تر ازين مخواه که اکنون هستم

 

تربت جي مٿان چئن طرفن کان:

اي چرخ! فلک را سيرت کينئه تست(؟)
بيداد گري شيوهءِ ديرينئه تست
اي خاک! اگر سينئه تو بشگافند
بس گوهرِ قيمتي که در سينئه تست

 

-------

تا در رگِ من، خون بود و پوست
از دوست مراد خود نخواهم جز دوست
بستن باين جهان متاعِ دل نه نکوست
که آنها، همه فاني ست باقي همه اوست

 

-------

اي ديدنِ رويت آرزوئي مردم
گاهي نظرت، بود بسوئي مردم
تا چشم ازين جهان فاني بستي
شد بسته در فيض بروئي مردم

 

-------

اي! آنکه هميشه از قضا بر حذري
بشنو از  من اين حديث، گر باخبري
از سوئي قضا نباشدت راهِ گريز
گر در حضري مقيم، و در سفري

 

-------

سالها اي چرخ! تخم درد، در دل کاشتي
عاقبت کردي بخاکم جائي در دل داشتي

 

تربت جي مٿن کان چوڪور:

وچ ۾ ڪلمو ۽ چئن طرفن کان چئن خانن ۾ هي اشعار آهن:

لا الـہ الا الله محمد رسول الله
غرض نقشي ست کزما ياد ماند
که دنيا را نمي بينم بقائي
مگر صاحبدلي، روزي برحمت
کند در کار درويشان دعائي

تربت جي اوڀارين پهلو تي:

دوستان ذکر حق و فکر مزار خود کنند(؟)
عاقبت مرگست، ياران! فکر کار خود کنند
بگذرند از فکر خط و ذکر رخسار بتان
بعد ازين انديشئه ليل و نهار خود کنند
نامئه طاعت، که از دودِ گنه، آمد سياه
شست و شوئي ابن، بچشم اشکبارِ خود کنند
بارخِ همچون خزان چون گر آيد پر بهار(؟)
اين خزان خويش بادئي و از بهاري خود کنند

 

ٻنهي سرن تي:

تني که بود ويرا لباس حرير و کتان
ببين که جائي چسان کرده زير سنگ گران
مانه داشت دو عيسيٰ و هر دو شان رفتند
يکي بچرخ و دگر در زمين گرفته مکان
دهانِ خاکِ چو شد پر، ز لقمئه تنِ او
نهاد دست فلک حسرتش بدهل سنان(؟)
”بال نـہ صد و هفتاد و سه ز هجر نبي“

973هه

 

جهان گذاشه بگرفت، ملک جاويدان

لا الـہ الا الله محمد رسول الله صلي الله عليـہ وآلـہ و اصحابـہ وسلم. قال سبحانـہ و تعاليٰ: شهدالله انـہ....عندالله السلام (سوره آل عمران، آيت 18-19)

صدق الله العلي العظيم و صدق رسولـہ الڪريم.

يبشرهم ربهم...اجر عظيمـہ (سوره التوبـہ، آيت 21-22)

بسم الله...الله لا الـہ الا هو الحي القيوم...العظيم (سوره البقره، آيت 255)

صدق الله...الڪريم.

بسم الله... تبارک الذين... بماءِ معين (سوره الملک، آيت 1-30)

پيراندي کان تاريخي ڪتبو:

چؤڪور ڪتبي جي چئن پاسن کان هي اشعار آهن:

مشتاق آفتاب جمالِ محمديم

ما بندهءِ محمد و آلِ محمديم

پروانه وار سوخته از آتشِ فراق

در آرزوئي شمع جمالِ محمديم

صافِ شراب عشق زلالِ محمد است

ما تشنهءِ شراب زلالِ محمديم

خالي شده تمام ز فکر و خيالِ خود

شام و سحر بفکر و خيالِ محمديم

”صالح“ شد است شفيته هرکس بحالتي

خوش حال ماکه شيفته خالِ محمديم

وچ ۾ هي ڪتبو آهي يعني ميرزا عيسيٰ جي قبر جي لوحِ مزار تي حسب ذيل ڪتبو ڪنده ٿيل آهي.

”وفات يافت، حضرت جنت مکاني بندهءِ آلِ محمد ميرزا محمد عيسيٰ بن عبدالعلي ترخان في سنه 973هه“.

مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ميرزا عيسيٰ بيگ کي ساراهيندي لکي ٿو ته هو پنهنجي اعليٰ اوصاف، سنجيدگي ۽ فڪر راسع جي اعتبار کان، خاندان ۾ ممتاز ۽ منفرد هو، نهايت شجاعت ۽ جوانمردي ۾ وڏن وڏن ارغونن اميرن کان بازي کڻي ويو.

هي رحمدل ۽ رعايا پرور هو. هي ملڪ جي دفاع ۾ اهم حيثيت رکندڙ هو. ميرزا جي اهم ڪارنامن مان هڪ اهو به ڪارنامو آهي، ته پورچوگيزن جي قتل و غارتگري ۽ آتشزني کانپوءِ هن پنهنجي دارالسلطنت جي محافظت لاءِ ۽ ملڪ کي بيروني خطري کان بچائڻ لاءِ، حويلي ۽ قلعي کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ۽ شهر کي چئني طرفن کان شهر پناهه (ديواريون) تعمير ڪرائي ڇڏيائين. ازانسواءِ لاهري بندر جي اپسمنڊ کان بندرگاهه ڪناري تائين، اپسمنڊ مان نڪرڻ واري نهر ”نارقي واهه“ اونهون ۽ ڪشادو هو. جنهنڪري وڏا وڏا غوراب، کاري کان بندرگاهه جي ڪناري تائين آسانيءَ سان اچي وڃي سگهندا هئا. ميرزا عيسيٰ ان نهر کي، ماهرين جي مشورن سان وڏن وڏن پهڻن ۽ پٿرن  سان ڀرڻ جو حڪم ڏنو، ته جيئن ڪوبه اوچتو غوراب يا جهاز اندر اچي نه سگهي. تنهن کانسواءِ ڪناري ۽ اپسمنڊ جي وچ ۾ بندرگاهه جي حفاظت لاءِ هڪ ننڍو قلعو تعمير ڪرائي ملڪ کي بيروني خطري کان وڏي حد تائين محفوظ ڪيائين.

ميرزا عيسيٰ ترخان، جهانباني ۽ سياست سان گڏ شعر و شاعري کي نهايت پسند ڪندو هو ۽ پاڻ به شاعر هو ۽ شعر چوڻ تي طبع آزمائي پڻ ڪندو هو. سندس درباري شاعرن مان علي الخصوص، اميدي، دانش ۽ معتصم مشهور معروف شعراء هئا، ميرزا صاحب موصوف، دريا دل، سخي، عالمن فاضلن ۽ شاعرن جو قدردان هو. سابقه دستور مطابق ڪيترائي ايران، هندستان ۽ سنڌ جا شعراء، علماء، ادبا سندس دربار ءجي رونق هئا.

سلطان فخري هروي پنهنجي تاليف ڪيل ڪتاب ”جواهرالعجائب“ ۾ رقم طراز آهي ته ميرزا عيسيٰ شاعر هو ۽ حسب ذيل عبارت سان سندس شعر ڏنو آهي:

”- و امير عيسيٰ بيگ يکي از امرائي ترخان بوده و در نظم چيزهاي خود دارد و اين گوشه را گفته و نيک واقع شده و شهرت دارد-“

(1) ز هشياران عالم هرکه را بينم غمي دارد
دلا! ديوانه شو، ديوانگي هم عالمي دارد

جواهر العجائب کانسواءِ، علي قلي ”واله“ داغستاني به پنهنجي تاليف، تذڪره ”رياض الشعرا“ ۾ ساڳي عبارت سان ساڳيو شعر ميرزا مرحوم جو ڏنو آهي. مذڪور ٻنهي تذڪرن کانسواءِ ڪنهن به ٻئي تذڪري ۾ ميرزا عيسيٰ جي شعر ۽ شاعري بابت ذڪر ڪيل نه آهي.

هاڻي اسين ڪتاب جواهرالعجائب متعلق ڪي ڪجهه لکون ٿا، جيڪو فخري هروي، ميرزا عيسيٰ ترخان جي تخت نشين ٿيڻ بعد سنڌ ۾ لکيو.

جواهرالعجائب

تذڪره ”جواهرالعجائب“: (شعبان 962هه). فخري جو هي ٽيون ڪتاب آهي، جيڪو هن سنڌ ۾ لکيو. فخري مذڪور ڪتاب، ميرزا شاهه حسن ارغون جي بيوه ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان جي زال حاجياڻي ماهه بيگم جي نالي سان معنون ڪري تاريخ 12 ربيع الاول (962هه) جي، جڏهن هوءَ عدت جي مدت ختم ڪري ميرزا عيسيٰ جي عقد ۾ آئي، تنهن وقت فخري هي ڪتاب تاليف ڪيو آهي.

ظاهر آهي ته فخري ٺٽي ۾ هو ۽ هن به فطري طور تي نئين حڪمران يعني  هنن لفطن ۾:

- اميرڪبير عالمگير آفتاب نظير، سلطان نشان، سايئه لطف رحمتِ رحمان، ميرزا محمد عيسيٰ بيگ ترخان خلدالله ملڪـہ، جي دامنِ دولت سان وابستگي پيدا ڪيائين.

جواهرالعجائب جي ديباچي مان ظاهر ٿئي ٿو ته فخري جو شاهه حسن ارغون جي حرم حاجياڻي ماهه بيگم وٽ، جنهن کي هو حاجي بيگم ايد الله تعاليٰ عمر ها و دولتها لکيو آهي، تنهن وٽ سندس اچڻ وڃڻ هو ۽ هاڻي حاجياڻي ماهه بيگم سان شاهه حسن جي وفات بعد رڳو ارغون قوم جي همدردي حاصل ڪرڻ خاطر ميرزا عيسيٰ ترخان عقد ڪيو.

شاهه حسن جي وفات کانپوءِ، سنڌ ٻن حصن ۽ ٻن حڪومتن ۾ ورهائجي چڪي هئي. اُترئين سنڌ تي سلطان محمود بکري حڪومت ڪري رهيو هو. هو پڻ صاحبِ دربار هو، ۽ اتي به خراساني علماء ۽ ادباء جو وڏو گروهه، سلطان محمود جي سرپرستي مان استفاده ڪري رهيو هو. قوي احتمال آهي ته هن دربار جي مقابلي ۾ هـُـن جو ميرزا عيسيٰ ترخان جي دربار کي ترجيح ڏيڻ ۽ ان سان وابسته رهڻ جو زياده تر بلڪ اولين سبب، حاجياڻي ماهه بيگم جي شخصيت هئي، جيڪا خود پڻ پنهنجي طور تي، مشهور تيموري خواتين وانگر خاص شخصيت جي مالڪ ۽ نهايت شهرت واري خاتون هئي. ظاهر آهي ته شاهه حسن سان تعلق جي بنا تي، هن فخري کي ٺٽي ۾ ئي رهڻ تي مجبور ڪيو هوندو. جيڪڏهن براهِ راست ميرزا عيسيٰ ترخان سان وابستگي پيدا ڪيل هجي ها، ته حاجياڻي ماهه بيگم جي بجائي ڪتاب، ميرزا عيسيٰ بيگ جي نالي سان معنون ڪري ها. فخري ميرزا عيسيٰ جي سرڪار سان وابسته ته ٿي ويو هو. ليڪن هن کي سڪون نصيب نه ٿي سگهيو.

هي واقعات (963هه) جا آهن. جيئن ته فخري ٺٽي جي حڪومت سان وابسته هو ۽ غالباً چند مهينا پهريائين يعني (962هه) ۾ ئي يا چند مهينا پوءِ (963هه) ۾ ”تقريب واري ملاقات“ جي طور تي، جنس جي مناسبت سان حاجياڻي ماهه بيگم جي نالي خواتين شعراء جو تذڪرو ”جواهر العجائب“ تاليف ڪري چڪو هو.

جواهرالعجائب جي ديباچي ۾ سنڌ ۾ اچڻ ۽ رهڻ بابت ته ذڪر ڪيل آهي ليڪن شاهه حسن ارغون سان 16 سال تائين وابستگي بابت ڪوبه اهڙو اشارو ڪيل نه آهي. بهرنوع هي فخري جي آخري تصنيف آهي، جيڪا هن سنڌ ۾ لکي ۽ جنهن کان پوءِ هن سرزمين کي، جنهن هن کي سورهن سترهن سالن تائين پاليو، خوش وقت ۽ آسوده حال رکيو. تنهن کي الوداع چئي هندستان جي طرف هليو ويو.

نيشنل ميوزم ڪراچي واري خطي نسخي جي ديباچي ۾ صاف طور تي هي عمارت تحرير ٿيل آهي:

”- بلقيس زمان رفيع مڪان و همان دوران و
دلشاد زمان و قدافئه عاليشان، ظل رحمت ابزد
بيچون و چراغ، اقبال قبايل ارغون حاجي
ماهه بيگم ايدالله تعاليٰ عمر ها و دولتها، جي
خدمت ۾ هي فخري پيو ويندو هو. هڪ
ڏينهن اُتان واپس ايندي کيس جهت انبساط
خاطر، اشرف آنحضرت هن ڪتاب جي تاليف
ڪرڻ جو خيال ٿيو-“

ائين ته نه ٿو چئي سگهجي ته فخري ڪتاب پيش به ڪيو يا پيدا شده خطرناڪ صورتحال جي سببان هن جو نسخو اڃان وٽس هو، ته هندستان مان اڪبر بادشاهه جي تخت نشيني (2 ربيع الاول 963هه) جي خبر سنڌ ۾ پهتي. گويا ميرزا عيسيٰ ترخان جي مسندنشيني (ربيع الاول 962هه) ۽ اڪبر جي تخت نشيني تائين پورو هڪ سال جو عرصو وچ ۾ گذاري چڪو هو. وڏو ملڪ جنهن جو بادشاهه به وڏو، سنڌ ۾ زندگي جا سورنهن سترنهن سال گذاري، ممڪن آهي ته فخري جي سنڌ مان دل ڀرجي به وئي هجي. ازانسواءِ حالات اهڙا هئا جن جو احوال مٿي ٿي چڪو آهي، نه حال نه مستقبل، ڪا خبر نه هئي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. جنهنڪري گمان آهي ته فخري ”جواهرالعجائب“ جو مسودو ٺٽي ۾ ڇڏي ۽ مبيضه ساڻ ڪري اهڙي ذهني ڪشمڪش جي ڪيفيات ۾ هندستان ڏي هليو ويو، ته جيئن هڪ نئون ۽ تازو دم کڻي، وسيع تر دنيا ۾ پهچي بخت آزمائي ڪري.

جهڙي طرح سنڌ ۾ ماهه بيگم جو رعب تاب هو، تهڙي طرح هندستان ۾ به اڪبر بادشاهه جي دايه جيجي بيگم يعني ”ماهم انگه“ جو پڻ ڏهڪو هو. بادشاهه تائين پهچڻ ۽ پهچائڻ جو ذريعو اهائي ”جيجي بيگم“ هئي. هن جو چوڻ بادشاهه مڃيندو هو.

فخري جڏهن پايئه تخت (دهلي) ۾ پهتو، تڏهن ان وقت اًهائي- ”تقريب بهر ملاقات“ استعمال ڪيائين. جيڪو مسوده حاجياڻي ماهه بيگم لاءِ تيار ڪيائين، تنهن ساڳئي جواهرالعجائب جي ديباچي ۾ نالي ۽ نظم جي ردوبدل ڪري، بلڪ پورو ديباچو بدلائي، ان ۾ اڪبر جي تخت نشيني تي چيل قصيدو لکي ۽ آخر ۾ هڪ ٻيو قصيدو ماهم بيگم جي نالي جو شامل ڪيائين. مطلب ته جواهرالعجائب جو نسخو جيڪو فخري، حاجياڻي ماهه بيگم جي نالي سان معنون ڪري تيار ڪيو هو، سوئي ماهم انگه جي نالي دلشاد زمان و گوهرِ شاد دوران، مسند نشين بلقيس نشان، مهد عليا حضرت ماهم بيگم مدظلها جي نالي سان معنون ڪيائين.

فخري لاءِ اهڙي قسم جو تغير و تبدل ڪا نئين ڳالهه نه هئي. اهڙا شاهي دربارين جا شعراء، هميشه غير مستقل مزاج هوندا آهن يعني اهڙي قسم جي ڪمزوري هن جي مزاج ۾ شروع کان ئي موجود هئي. جيئن ته:

فخري پنهنجي تاليف ”لطائف نامه“ جي ديباچي ۾ درميش خان جي لاءِ ٻه مدحيه اشعار لکيا آهن. (ص 68 تي)

اُهي ساڳيا ٻئي اشعار ”روضة السلاطين“ ۾ ميرزا شاهه حسن ارغون جي مدح ۾ ٿوري تبديلي ڪري لکيا اٿس.

اهڙي طرح ساڳئي ڪتاب يعني تذڪره لطائف نامه ۾ ٻه اشعار شاهه اسماعيل جي مدح ۾ آهن پر جڏهن شاهه اسماعيل فوت ٿيو ۽ ان جو پٽ شاهه طهماسپ جو عهد شروع ٿيو ته انهن ئي اشعار کي جواهرالعجائب جي ديباچي ۾ بدلائي طهماسپ جي مدح ۾ ڪري لکيائين، ڇو جو اها ايراني شاعرن جي پراڻي عادت هئي.

بهرنوع جواهرالعجائب جو ديباچو اڪبر جي سلسلي ۾ بدلايائين، تنهنڪري شاهه طمهاسپ جو ذڪر ڪرڻ هن لاءِ مقابلةً ۽ مصلحةً ضروري هو.

جواهرالعجائب جي نئين ديباچي ۾ سنڌ ۾ اچڻ ۽ رهڻ جو ته ذڪر موجود آهي. ليڪن ميرزا شاهه حسن ارغون سان سورنهن سال تائين وابستگي جي طرف هڪ اشارو به ڪيل نه آهي. بظاهر ان جو سبب فقط اهوئي ٿي سگهي ٿو ته شاهه حسن ارغون، اڪبر جي والد همايون سان ناروا سلوڪ ڪري چڪو هو. تنهنڪري مناسب نه هو ته پيءُ سان بدسلوڪي ڪرڻ واري جو ذڪر ان جي پٽ جي سامهون ڪيو وڃي؟

جواهرالعجائب، تذڪرن ۾ انهي ڪري اهم آهي جو فارسي ادب ۾ پهريون تذڪرو آهي، جيڪو شاعر عورتن جي لاءِ مختص آهي. هن کان اڳ پهريائين فقط عوفي، هڪ شاعره (رابعه خضداري) جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان کانپوءِ دولت شاهه، مهستي ۽ جهان خاتون جا ضمناً نالا ڏنا آهن. فخري پهريون ماڻهو آهي جنهن جواهرالعجائب لکي پهريون دفعو دنيا کي 31 شاعرات سان روشناس ڪرايو. گويا مابعد جي تذڪره نويسن لاءِ دروازو کولي ڇڏيائين. جيئن ته ان کانپوءِ رازي، تقي ڪاشي، تقي اوحدي، واله داغستاني، شير خان لوڌي ۽ لطف علي خان آذر، فارسي ۾ شعر چوڻ وارين عورتن کي پنهنجن پنهنجن تذڪره ۾ آندو. انهن مان شير خان ۽ آذر پنهنجن تذڪره جي خاتمي تي عورتن لاءِ علحده باب قائم ڪيو. آذر اَٺ ۽ شير خان پنڌرنهن عورتن جو ذڪر ڪيو آهي.

جواهرالعجائب، جيتوڻيڪ روضة السلاطين وانگر مختصر آهي ليڪن جيڪي ڪجهه هن ۾ تحرير ٿيل آهي سو نهايت قيمتي ۽ گرانقدر آهي. جيڪڏهن فخري، جدت کان ڪم وٺي عورتن جو جدا تذرو نه لکي ها ته بقول شمس الله قادري مرحوم:

”- انهن شاعر عورتن جا حالات، جيڪي ان
۾ مذڪور آهن نه فقط ناپيد ٿين ها بلڪ
انهن عورتن جا نالا نشان پڻ صفحئه هستي تان
محو ٿي وڃن ها-“

جواهرالعجائب ۾ ڪـُـل 31 شاعرن جو ذڪر ڪيل آهي.

 

***

**

*


* مڪلي نامه: از: پير حسام الدين راشدي.

(1) مڪلي نامه. از: پير حسام الدين راشدي

(2) مڪلي نامه: از: پير حسام الدين راشدي

(1) کان (3) تائين مڪلي نامه: از: پير حسام الدين راشدي

* مڪلي نامه. از: حسام الدين راشدي

(1) ملا بهبود: هي ميرزا عيسيٰ جي خاصخيلين مان هو. ميرزا باقي محلسرا جي هڪ ڪنيز هن کي عطا ڪئي هئي، جنهن جي بطن مان، مير علي نالي فرزند پيدا ٿيو هو. ميرزا باقي جي زماني ۾ ميرزا جان بابا سان جنگ جي دوران سخت حملن کان پوءِ هي ڪم آيو. هن جي پٽ، خود ارغون خاندان جو فرزند تصور ڪري، مرايم علي سلطان جو لقب اختيار ڪيو هو. (تحفة الڪرام)

(1) تاريخ طاهري جي حاشيه تي قصي سان، قتل جي سلسلي ۾ هي شعر آيل آهي:

گگهيلي جي گار تان، ڪريان ڪٽاري گهاءِ

ميرزا صالح ماريــــان، ٻــــي نه ڪريان ڪاءِ

(1) مڪلي: ٺٽي جو مشهور قبرستان، جنهن ۾ وڏا وڏا علما، صوفيا، شعرا، بادشاهه، وزراء  ۽ اهل ڪمال مدفون آهن، منقول آهي ته ان نالي جي هڪ پاڪدامن خدا رسيده خاتون، مسجد مڪلي جي محراب جي زير سائي جيڪا شيخ حماد جمالي ولد شيخ رشيدالدين جمالي 93-793هه/90-1389ع ڄام تماچي جي عهد ۾ اتي تعمير ڪرائي هئي، سا مسجد جي ڀرسان اولهه طرف دفن ٿيل آهي. سندس چوڻ تي ان مسجد جو نالو ”مسجد مڪلي“ رکيو ويو هو. مگر آهستي آهستي اهو نالو مذڪور قبرستان تي پئجي ويو. هن مسجد جون چارئي ڀتيون ڄام نظام الدين جي مقبري جي سامهون نهايت خسته حالت ۾ موجود آهن. شيخ حماد جمالي هن مسجد جي تعمير ٿيڻ بعد سمن کي حڪم ڪيو ته آئينده لاءِ هن مسجد جي آسپاس پنهنجا مقبرا تعمير ڪرايو. ان کانپوءِ سمه حڪمران ۽ ٻيا ڪيترا اهل ڪمال هتي دفن ٿيڻ لڳا. جڏهن ته ان کان پهرين سمن جو قبرستان ”پيرپٺي“ تي هو. (تحفة الڪرام)

(1) تذڪره جواهر العجائب ۾ دختر قاضي سمرقند کان، ساڳئي بحر تي چيل غزل جو مطلع هي آهي:

رسوائي عشق، از مردم عالم، غمي دارد
که عاشق کشتن و رسوا شدن، هم عالمي دارد

ساڳئي تذڪره جي ص 135 تي ڪنهن ٻئي شاعر جي غزل جو هي مطلع ڏنل آهي:

مگر نو روز عالم بهر مي هرکس غمي دارد
که بنگ ساده، هرگم باده نبود عالمي دارد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org