ميرزا محمد پائينده بيگ
ميرزا محمد باقي جي وفات کان پوءِ، قرعئه سلطنت هن
جي فرزند ميرزا محمد پائينده بيگ جي نالي تي پيو.
هي مجذوب الحال، مخبوط العقل ۽ دنياؤ مافيا کان بي
خبر هو. جنهنڪري اميرن، ميرزا پائينده جي بجائي ان
جي فرزند يعني ميرزا باقي جي پوٽي، ميرزا جاني بيگ
کي مسند نشين ڪيو.
ميرزا پائينده، پي جي زماني ۾ پٽس ميرزا جاني بيگ
۽ مصاحب شمس ڪشميري سميت سيوهڻ جو حاڪم هو. 982هه
۾ بکر جو به حاڪم ٿيو.
جڏهن ميرزا جاني بيگ سنڌ جي مفتوح ٿيڻ بعد هندستان
وڃڻ لاءِ تيارين ۾ هو تڏهن پائينده بيگ ماهه صفر
1000هه جي ٺتي ۾ وفات ڪئي. هن جي قبر ميرزا عيسيٰ
ترخان (اول) سان گڏ (نمبر 5) آهي ۽ ڪتبو پنجن
چؤڪور خانن ۾ پيراندي کان اُڪريل آهي:
(1) قد وصل الي جوار
رحمت حضرت الملک
السبحان ميرزا محمد پائينده بن ميرزا محمد باقي
ترخان...الله تعاليٰ
تاريخ ماهه صفر 1000هه
هي آيتون قبر جي لوڙه تي آهن
قال الله تعاليٰ: شهدالله انـہ...الحکيم. (سوره آل
عمران) صدق الله.
الله لا الـہ الا هوالحي القيوم....فيها خالدون.
(سوره البقره)
بسم الله....تبارڪ الذين...بماء معين. (سوره
الملک)
قال الله تعاليٰ: يا ايتها النفس... ادخلي جنتي
(سوره الفجر)
فيها نعيم مقيم خالدين فيها ابداً.
صدق الله....العظيم. ياالله. و صدق الڪريم.
وچ ۾ باري تعاليٰ جا اسماء گرامي آهن:
يا رحمــٰـن يا رحيم يا ڪريم يا حي يا قيوم يا
لايموت ابداً.
انهن اسماء گرامي جي سڄي پاسي کان:
ربنا آتنا في الدنيا....عذاب النار.
کٻي پاسي کان:
ربنا و تقبل....يوم يقوم الحساب. (سوره ابراهيم)
هيٺين پاسي کان:
وارحمنا برحمتک يا ارحم الراحمين.
ٻئي پاسي کان:
وقال ان الذين آمنو...بعبادة ربـہ احداً. (سوره
الڪهف)
والذين آمنوا و عملو الصالحات....وعدالله حقاً.
(سوره النسا) صدق الله.
قال الله سبحانـہ و تعاليٰ: ان الذين قالو ربنا...
السميع العليم. (فصلت)
صدق الله تعاليٰ.
بهر نوع، ميزا پائينده مجذوبيءَ جي عالم ۾ به
پنهنجي شاهي خانداني ماحول کان متاثر ٿي، شعر و
شاعريءَ سان شغف رکندي، شعر چوندو هو. حسب ذيل
اشعار، ”مقالات الشعراء“ ۾ سندس نالي سان تحرير
ٿيل آهن:
فلک بکام که گرديد کاخرش نفگند،
ترا ز سنگِ فلاخن قياس بايد کرد.
-------
ميروم نعره زنان تا بدرِ دوست ولي،
ترسم آن يار شود آگـہ و برهم گردد.
* * *
ميرزا محمدجاني بيگ ترخان
سيد مير محمد ”ترخان نامو“ ۾ لکيو آهي ته ميرزا
محمدباقي ترخان خودڪشي ڪئي. ان بعد حڪومت جو حق
ميرزا پائينده بيگ ترخان کي مليو. پر هو مجذوب هو،
انڪري اميرن سندس فرزند ميرزا محمد جاني بيگ ترخان
کي ڏاکڻي سنڌ جو حڪمران بنايو. هي واقعو سن 992هه
برابر 1585ع ۾ ٿي گذريو.
ميرزا جاني بيگ جي حڪمرانيءَ جا ٻه دور آهن: هڪ
دور 993هه/1585ع کان شروع ٿي سن 1000هه / 1592ع تي
ختم ٿئي ٿو، جڏهن هيٺينءَ سنڌ کي اڪبر جي لشڪر
فتح ڪيو ۽ سڄي سنڌ مغل شهنشاهت جو حصو بنجي وئي.
هتان کان ميرزا نيم خودمختيار ۽ مغل امير جي حيثيت
۾ سنڌ جو اڳواڻ بنيو. سندس هي ٻيو دور سڄي جو سڄو
سنڌ کان ٻاهر گذريو، تان جو هن سن 1009هه/ 1601ع ۾
هندستان ۾ فوت ٿيو ۽ اتان سندس لاش کڻي اچي مڪليءَ
جي تاريخي قبرستان ۾ دفن ڪيائون.
جاني بيگ جو پهريون دور صرف ستن سالن تي محدود
آهي. ان دور ۾ هو هيٺينءَ سنڌ جو حقيقي معنيٰ ۾
آزاد حڪمران هو، ليڪن هن زماني ۾ سيوهڻ کان سنڌ جو
مٿيون اڌ اڳ ۾ ئي مغلن جي حوالي ٿي چڪو هو. اتر
سنڌ جو بدنام حاڪم سلطان محمود بکري جڏهن وڏيءَ
عمر ۾ اٺين صفر 982هه بمطابق ٽيهين مئي 1574ع تي
فوت ٿيو(1)
، تڏهن هي عمل مڪمل ٿيو ۽ اپر سنڌ مغلن جي حوالي
ٿي وئي. جڏهن جاني بيگ ٺٽي ۾ مسند نشين ٿيو،
تڏهن هيٺينءَ سنڌ تي به مغلن جون نگاهون هيون، پر
اهي مناسب موقعي جي تلاش ۾ هئا. ان ريت جاني بيگ
کي اٽڪل روءِ ست سال آزاد حيثيت ۾ ٺٽي تي حڪومت
ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.
ميرزا جاني بيگ اِهي ست سال ارغونن ۽ ترخانن اميرن
جي دلجوئي ڪندي گذاريا. ميرزا باقي ترخان جيڪي ظلم
ڪيا، هن انهن جي ازالي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. اهڙا
تفصيل ڪتابن ۾ موجود آهن. ميرزا نهايت عقلمند،
ملڪي معاملن کان باخبر ۽ هڪ زيرڪ سياستدان هو، کيس
ننڍيءَ عمر ۾ ٺٽي جي حڪمراني ملي هئي. سنڌ جي سطح
تي جن حالتن سان کيس منهن ڏيڻو پيو، ان حالت ۾
واقعي هو هڪ خوشقسمت انسان هو. محمود بکري فوت ٿي
چڪو هو، جنهن سان هر وقت ترخانن جا جهيڙا ۽ لڙايون
جاري هونديون هيون. ان ريت هـُـو بکر جي طرف کان
مطمئن هو. ميرزا عيسيٰ هو ته مضبوط حاڪم، پر کيس
هميشه محمود بکريءَ سان منهن ڏيڻو پوندو هو. ٻئي
طرف ميرزا عيسيٰ جي دور ۾ خود سندس پٽن جون لڙايون
به هلنديون ٿي رهيون.
ميرزا جان بابا، ميرزا محمد باقي ۽ ميرزا محمد
صالح پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا(1)
. ان ريت باقي ترخان جو سڄو دور خونريزين سان ڀريو
پيو آهي(2)
. ميرزا جاني بيگ واقعي ڀاڳ وارو حاڪم هو، جنهن کي
انهن حالتن کان فراغت ملي هئي. پاڻ دلجمعيءَ
سان ترخانن کي آباد ڪيائين. سندن منصب بحال ڪري،
کين جاگيرون ڏنائين ۽ وري پنهنجن عهدن تي مقرر ڪري
سرفراز ڪيائين. سنڌي عوام به وڏيءَ حدتائين سڪون
جو ساهه کنيو. ان امن ۽ سڪون واري دور ۾ جاني بيگ
سنڌ جو پنهنجو سڪو جاري ڪيو ۽ ان جو نالو ”ميري“
رکيو. انهيءَ سڪي جي قيمت البت ميرزا عيسيٰ جي سڪي
”عيسائي“ کان گهٽ هئي(3)
. ان هوندي به جاني بيگ جو پنهنجو سڪو جاري ڪرڻ،
خود سندس حڪومت جي استحڪام جي علامت ڏسجي ٿو.
ميرزا جاني بيگ حڪومت جا ست سال مس پورا ڪيا هئا
جو اڪبري لشڪر اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو. هي اهو زمانو
هو، جڏهن هندي مغل روزبروز پنهنجيءَ سلطنت کي
وڌائي رهيا هئا. بکر اڳ ۾ ئي مغلن جي قبضي ۾ هو.
وقت اچي ويو هو ته سنڌ جو رهيل حصو به مغل
والارين. اڪبر بادشاهه سن 998هه ۾ لاهور ۾ هو، جو
حڪم ٿيو ته ميرزا جاني بيگ تي حملو ڪيو وڃي ۽ ٺٽي
کي مغلشاهي حدن ۾ شامل ڪيو وڃي. ان جي پس منظر ۾
مير معصوم لکيو آهي ته ”ايتري ۾ بادشاهه جي غيرت
واري رڳ جنبش ۾ آئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن بادشاهي بخت جي
هماءَ لاهور جي تختگاهه تي پنهنجيءَ منزل جو پاڇو
وڌو، تڏهن ميرزا جاني بيگ، ميرزا شاهه حسن جي
دستور جي پيروي ڪري، اطاعت جا فرض بجا نه آندا،
بلڪ خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو“(1) .
هن مهم لاءِ عبدالرحيم خان خانان کي مقرر ڪيو ويو.
بکر جو علائقو کيس جاگير ۾ ڏنو ويو. درٻيلو، ڪاڪڙي
۽ چانڊڪو مير معصوم کي مليا. مير معصوم هن مهم ۾
شريڪ ٿيو. خان خانان 14- صفر 999هه/1590ع تي سنڌ
لاءِ روانو ٿيو. ان کان اڳ بادشاهه محمد صادق خان
کي مقرر ڪيو هو، جو شڪست کائي موٽيو هو(2)
. خان خانان ضروري تيارين بعد 999هه ۾ لاهور مان
نڪتو، جنهن جي تاريخ فيضيءَ ”قصدتته“ مان ڪڍي،
مغلن کي جاني بيگ جي طاقت ۽ سنڌ ۾ مقبول هجڻ جو
احساس هو، انڪري ٺٽي جي فتح لاءِ وڏي پيماني تي
تياري ڪئي وئي هئي. خان خانان عبدالرحيم ۽ مير
معصوم کان علاوه ڪم از ڪم پنجاهه نامور امير،
بهادر سپاهي ۽ جنگي جوڌا، سنڌ جي فتح لاءِ چونڊيا
ويا. انهن جا نالا ڪتابن ۾ محفوظ آهن(3) . ان کان علاوه ڪجهه روحاني بزرگن جي دعا ۽ مدد به حاصل ڪرڻ جا
جتن ڪيا ويا. هڪ سال تائين مقابلا ٿيندا رهيا.
ٻنهي طرفن جا جوڌا مارجي ويا. وڏي پيماني تي مال ۽
ملڪيت جي بربادي ٿي. ملڪ ۾ افراتفري پيدا ٿي. نه
ته ڪو کٽي پيو سگهي ۽ نه وري ڪو هارائي پيو سگهي.
ان حالت ۾ ميرزا جاني بيگ تنگ ٿي صلح لاءِ هٿ
وڌايو. هيءَ صلح انڙپور ۾، 26- محرم 1000هه برابر
17-آگسٽ 1591ع تي ٿي. ان بعد خانخانان فوجي محاصرو
ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان ٺاهه کي فتح سان منسوب
ڪري، ٺٽي ۾ چراغان ڪرايو ويو. جشن منعقد ڪيا ويا ۽
موجوده شاعرن قصيدا چيا ۽ تاريخون ڪڍيون(4)
. ٺاهه موجب، ميرزا جاني بيگ 24- جمادي الثاني
1001هه مطابق 1592ع تي وڃي شاهي درٻار ۾ حاضر ٿيو.
سندس روانگيءَ جي تاريخ هن طرح ڪڍي ويئي:
کرده للکم نام تاريخش رقم: ”بستان فتح“،
باغِ اقبالِ تو بادا داغِ گلزارِ جنان(5)
.
بادشاهه جــــو خيــال هـــو تـــه سنڌ تـــي
پنهنجو گورنـــر مقرر ڪـــري. البت خان خانان جي
سفارش تي اڪبر ٺٽو جاني بيگ جي حوالي ڪيو. سيوهڻ ۽
لاهري بندر مرڪزي ڪنٽرول ۾ ڏنا ويا. جڏهن ته جاني
بيگ کي بادشاهه پاڻ وٽ رکيو ۽ ميرزا حڪومت جي
سنڀال لاءِ ٻين ترخاني اميرن سان گڏ ميرزا خسرو
چرڪس کي ٺٽي جي انتظام لاءِ روانو ڪيو(1) . جاني بيگ باقي زندگي، اڪبر بادشاهه جي حڪم موجب، ساڻس گڏ
رهيو. مير معصوم لکيو آهي ته ”خان خانان جي عرض
ڪرڻ تي حضرت، جاني بيگ سان نهايت لطف ۽ مهربانيءَ
سان پيش آيو ۽ ٺٽي جو ملڪ سندس حوالي ڪيو ۽ جاني
بيگ حضرت جي خدمت ۾ رعايت ۽ اعتماد حاصل ڪري، پنج
هزاري منصب سان سرفراز ٿيو. مٿس حضور جي ڏاڍي
مهرباني ۽ توجهه ٿيو. ان حدتائين جو خسرو شاهه کي
سندس داماديءَ لاءِ مقرر ڪيائون“(2)
.
مرزا جاني بيگ جي وفات 27 - رجب 1009هه/1601ع تي،
دکن ۾ ٿي ۽ سندس لاش آڻي ٺٽي جي تاريخي قبرستان
”مڪليءَ“ تي دفن ڪيو ويو(3)
. اسير (دکن) خانديش جي فتح لاءِ مغلن جو وڏو لشڪر
موجود هو. موقعي جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، بادشاهه
اڪبر به پنهنجي سر اسير جي مهم تي نڪتو هو. تاريخي
تقاضا تحت ۽ شاهي حڪم موجب سنڌ جا ٻه امير، مير
معصوم بکري ۽ ميرزا جاني بيگ ترخان به موقعي سر
اڪبر بادشاهه سان گڏ هئا. 22 - رجب 1009هه تي اسير
فتح ٿيو. جاني بيگ قلعي جي مضبوطي ۽ بهادر خان
فاروقيءَ جي بزدلي ۽ ڪاهلي ڏٺي، تڏهن کيس ايترو ته
خوف ۽ پڇتاءُ ٿيو جو 27- رجب 1009هه تي مري ويو.
تذڪرن ۾ اچي ٿو ته خواجه محمد قور بيگي برهانپور
مان جاني بيگ جو لاش کڻائي ٺٽي آيو، جيڪو مڪليءَ
تي هڪ خاص مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. هي مقبرو اڄ به
سلامت ۽ درست حالت ۾ موجود آهي(4)
. اڪبر وري به ڏاکڻي سنڌ ترخانن کي مرحمت ڪئي ۽
ٺٽي جو انتظام ميرزا غازي بيگ جي حوالي ڪيو ويو.
سنڌ جي مشهور تاريخدان سيد حسام الدين راشدي صاحب
هن حاڪم تي ڏاڍو دلچسپ تبصرو ڪيو آهي. هو لکي ٿو
ته جاني بيگ طبعاً نرم ۽ مهربان مزاج حڪمران هو.
ازانسواءِ سنڌي قبيلن سان مٽين مائٽين ۾ ڳنڍجي،
سنڌ کي اباڻو بنائي چڪو هو، ۽ سنڌ جي باشندن کي
ڌاريو نه بلڪ پنهنجو هڏ رت سمجهي، ساڻن پنهنجائيءَ
وارو سلوڪ ڪندو ٿي رهيو. جڏهن هو اسير (خانديش) ۾
فوت ٿيو ته وصيت مطابق سندس لاش آڻي مڪليءَ تي
دفن ڪيو ويو. ارغونن وانگر نه ڪيائين، ته سنڌ جو
رت چوسيندي ۽ خون وهائيندي جڏهن موت آين، ته ايتري
به هن سرزمين سان دلچسپي ڪانه ڏيکاريائون جو هتي
کڻي پاڻ پورائين(1)
. ان هوندي به جاني بيگ ۾ وڏيءَ حد تائين اخلاقي
ڪمزوريون موجود هيون. سيد طاهر محمد لکي ٿو ته
ميرزا جاني بيگ سٺا لڇڻ ۽ ڪم ڇڏي، ان حد تائين
غلط ۽ شرمناڪ ڪم شروع ڪيا جو کلم کلا ڇوري بازيءَ
تي لهي آيو. سهڻن ڇوڪرن کي غلطڪاريءَ لاءِ پاڻ وٽ
موجود رکندو هو، ڪيترن وڏن خاندانن بلڪ سيدزادن جي
گهرن مان، جن جي نالن جي ظاهر ڪرڻ کان شرم اچي ٿو.
هر ڪنهن ماڻهوءَ کي انهن افعالن جي سڌ آهي. انهن
ڇوڪرن کي ڪنگڻ ٻانهن ۾، زالاڻا ڪپڙا پارائي،
پنهنجيءَ ريجهه لاءِ زنانخانن ۾ رهائيندو هو.
ماڻهن اهو بدافعال ڏسي توبهه ٿي ڪئي ۽ استغفار
پڙهندا رهيا(2)
.
ميرزا جاني بيگ مغل توسيع پسنديءَ جو شڪار ٿيو.
حالانڪ تذڪره نويسن ان لاءِ سندس بدافعالن کي
ذميدار سڏيو آهي. هو علم ادب جو شيدائي هو. هڪ
شاعر جي حيثيت ۾، ”حليمي“ تخلص رکندو هو. ڪجهه شعر
تذڪرن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن:
تخم ديگر بکف آريم و بکاريم ز تو،
آنچـہ کشتم بخجالت نتوان کرد درو.
خوش آن و قتيکـہ عشق غمخوارم بود،
آهِ شب و گريـہ سحر کارم بود.
بد کرديءِ چرخ بين کـہ بامن بگذاشت،
کالاي غمي که زيبِ بازارم بود.
عشقي خواهم که از خودي پاک کند،
اَبي مزه اي که دهر نمناک کند.
پاي که بيابانِ عمل را سپرد،
دستي که گريبانِ هوس چاک کند(1)
.
ميرزا غازي بيگ ترخان
سن 1009هه ۾ جڏهن ميرزا جاني بيگ ترخان فوت
ٿيو،تڏهن اڪبر بادشاهه حڪم جاري ڪيو ته ميرزا غازي
بيگ بدستور ٺٽي جو حاڪم ٿي رهندو(1)
. غازي بيگ ان وقت ننڍو هو، تنهنڪري حڪومت جا سڀ
ڪاروبار پراڻا امير، خاص ڪري خسرو چرڪس هلائيندو
رهيو. ٻئي طرف نصرپور صوبي ۾ بيگلارن جو خاندان
صحيح معنيٰ ۾ طاقتور هو. آهستي آهستي ٿي غازي
بيگ ۾ اعتماد پيدا ٿيندو ويو ۽ هن هڪ هڪ ڪري پراڻن
اميرن کي ختم ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. انهن ۾ خان زمان
جي پٽ مير ابوالقاسم سلطان بيگلار جو نالو وڏي
اهميت رکي ٿو. خان زمان جيتوڻيڪ ڪراڙو هو، پر اڃا
زندهه هو. غازي بيگ جڏهن پراڻن اميرن مان جند
ڇڏائڻ جي رٿابندي ڪئي، تڏهن سندس گهڻو ڌيان مير
ابوالقاسم سلطان بيگلار ڏي ويو. آخر ڳالهه اتي
وڃي پهتي جو ٻنهي ڌرين ۾ ويڙهه جي نوبت اچي پهتي.
ان وقت هر طرف ماڻهن ۾خوف ۽ هراس ڇانئجي ويو. خاص
طرح ٺٽي ۾ ته ماڻهن جا هوش حواس خطا ٿيويا. سيد
حسام الدين راشدي لکي ٿو:
”پوڙهو خان زمان زندهه هو. هڪ طرف پٽ هو، ٻئي پاسي
سندس ولي نعمت ميرزا جانيءَ جو پٽ ميرزا غازي هو.
ڪنهن جو طرف وٺي، ڪنهن کي چوي. وڏيءَ مشڪل ۾ اچي
ڦاٿو! آخر نصرپور جي قريب قلعي شاهه ڳڙهي جي ويجهو
ٻئي لشڪر آمهون سامهون اچي منزل انداز ٿيا. لڙائي
اڄ سڀان تي اچي بيٺي. ان وقت صورتحال جي نزاڪت
ڏسي، خان زمان خلوت مان نڪري، ميرزا غازيءَ جي
خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو. صلح جي ڪوشش ڪري، ٻنهي ڌرين
کي ويجهو آندائين. پٽ لاءِ جان جي امان حاصل ڪري،
مصحف شريف تي واعدو وٺي، کيس اچي ميرزا غازيءَ جي
خدمت ۾ پيش ڪيائين(2) .“
ميرزا غازيءَ رسمي طرح صلح ڪيو مگر دل ۾ اڃا غير
هوس. راشدي صاحب لکي ٿو: ان صلح بعد، اڃا ميرزا
غازي اتي ئي منزل انداز هو، جو هڪ ڏينهن ڏانهنس
لکي موڪليائين ته ”چنير نامه“ کڻي اچ ته مجلس
ڪريون.
مير ابوالقاسم مصحف وچ ۾ آڻڻ سبب ڌوڪي ۾ اچي ويو.
هن اعتماد ڪيو ۽ تن تنها ڪتاب کڻي روانو ٿيو. جڏهن
ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نديءَ جي وچ ۾ پهتو، تڏهن اوچتو مٿس
حملو ڪري، کيس قابو ڪري، سندس اکيون ڪڍيون ويون.
ان کان پوءِ کيس قيد ڪري ٺٽي بنديخاني ۾ موڪليو
ويو(1)
.اڳتي هلي اهو انڌو مڙس جيل مان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
پر وري به گرفتار ٿيو ۽ پوءِ خسرو چوڪس جي سفارش
تي آزاد ٿيو ۽ سموري زندگي نصرپور ۾ گذاري، سن
1039هه ۾ وفات ڪري ويو.
ميرزا غازي بيگ جو ٻيو معرڪو ۽ زورآزمائي خسرو
چرڪس سان ٿي، ليڪن ان ۾ کيس ڪاميابي نه ٿي سگهي.
ميرزا ٺٽي ۾ بغاوتن کي منهن ڏئي رهيو هو ته اڪبري
درٻار مان بابا طالب اصفهاني کيس وٺڻ لاءِ پهتو.
هڪ سال جو وقت گذريو، مگر غازي بيگ کي شاهي دربار
۾ رواني ٿيڻ جي وٿي نه ملي. مٿان وري ويهه هزار
لشڪر ڏئي، سعيد خان چغتائيءَ کي موڪليو ويو. گڏوگڏ
ابوالقاسم نمڪين کي به حڪم ٿيو ته سعيد خان جي مدد
ڪئي وڃي(2) . بادشاهه درٻار ۾ ميرزا خسرو (چرڪس) کي به ساڻ وٺي اچڻ جو
تاڪيد ڪيو هو، مگر حالات جي تقاضا تحت ائين نه ٿي
سگهيو(3)
. ميرزا غازي بيگ 1012هه ۾ شاهي درٻار ۾ پهتو.
اڪبر 13-جمادي الثاني 1014هه (25-آڪٽوبر 1605ع) تي
فوت ٿيو. بادشاهه جهانگير تخت نشين ٿيو. ٺٽو
بدستور ترخانن جي حوالي ٿيو. ستت ئي قنڌار ۾
شورشون ٿيون، جنهن لاءِ ميرزا غازي بيگ کي مقرر
ڪيو ويو. ميرزا غازي اتي سن 1021هه تائين رهيو جو
اتي وفات ڪيائين ۽ سندس لاش ٺٽي پهتو. ان ريت ٺٽي
تي ۽ پڻ سنڌ تي ترخانن جي سڌي ۽ اڻ سڌي حڪمراني
ختم ٿي. ان کانپوءِ سموري سنڌ، هندي مغلن جي قبضي
۾ اچي وئي.
غازي بيگ ترخان جو دؤر اصل ۾ ميرزا خسرو چرڪس جو
دور آهي، جنهن کي خسرو خان ۽ خسرو بيگ به سڏيو وڃي
ٿو. ميرزا قنڌار ۾ هو جڏهن وفدن جا وفد شڪايتون
کڻي، خسرو جي بيدخليءَ لاءِ ٻاڏائيندا رهيا. سندس
فرزند لطف الله ڀائي خان ته ابتدا کان ميرزا سان
گڏ ٺٽي مان نڪتو ۽ سڄو وقت قنڌار ۾ هن سان موجود
رهوي. خسرو ذاتي طرح سان ٺيڪ ٺاڪ انسان هو، مگر
مختلف پرڳڻن تي پنهنجا پٽ ۽ پوٽا توڙي ڏوهٽا مقرر
ڪيائين، جن ملڪ کي ٻاري ڇڏيو هو. آخرڪار ميرزا
غازي بيگ سندس معزوليءَ جا حڪم ڪڍي، کيس قنڌار
پهچڻ جو تاڪيد موڪليو. جيسين هو قنڌار پهچي، ميرزا
غازي پاڻ سن 1021هه ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾ فوت ٿي ويو.
ڪجهه تذڪري نويسن جو خيال آهي ته ڪثرت شراب نوشيءَ
سبب فوت ٿيو. ڪن لکندڙن جو رايو آهي ته هن کي لطف
الله ڀائي خان زهر وگهي مارايو هو(1)
.
ميرزا غازيءَ جو دؤر ڪجهه ادبي خوبين سببان اهميت
رکي ٿو. هن دؤر ۾ ادراڪي بيگلاري سن 1010هه ۾ سنڌ
۾ هڪ عشقيه داستان بابت فارسيءَ ۾ ”مثنوي
چنيسرنامه“ لکي، جا مير ابوالقاسم سلطان بيگلار ڏي
منسوب ٿي. اها مثنوي ”سنڌي ادبي بورڊ“ 1956ع ۾ سيد
حسام الدين راشديءَ جي تعاون سان ڇپي آهي. ساڳئي
مصنف فارسي نثر ۾ ”بيگلارنامه“ سن 1017هه ۾ لکيو.
هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ مکيه دستاويز آهي. اصل
ڪتاب ”سنڌي ادبي بورڊ“ 1980ع ۾ ڇپيو آهي. سيد
عبدالقادر ٺٽوي سن 1016هه ۾ سنڌ جي اوليائن بابت
هڪ ڪتاب ”حديقة الاوليا“ فارسيءَ ۾ لکيو ۽ خسرو
چرڪس کي معنون ڪيو(2) . هيءُ ڪتاب سال 1967ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ سيد حسام راشديءَ جي
ڪوششن سان شايع ڪيو آهي.
ميرزا غازي بيگ خود به شاعر ۽ اديب هو. ابتدا ۾
”غزالي“ ۽ ”وقاري“ تخلص رکيائين. هن فارسيءَ ۾ هڪ
ديوان مڪمل ڪيو هو. رباعيون به چيائين ۽ ”ساقي
نامه“ به لکيائين. سندس ادبي ذوق ۽ شعر سخن سان
محبت ۽ عشق جو تذڪرو، هندي تذڪري نويسن سان ايراني
ليکڪن تائين، سوين مصنفن ڪيو آهي. سيد حسام الدين
راشدي هن جا متفرقه شعر گڏ ڪري ڇپايا آهن(3) . قنڌار ۾ هو، ته شعر سخن جون مجلسون ڪيائين. هندستان کان وٺي
ايران ۽ وچ ايشيا تائين، وڏي تعداد ۾ شاعرن سندس
محفل ۾ شرڪت ڪئي، قصيدا چيا ۽ انعام اڪرام وصول
ڪيا. راشدي صاحب جو ان بابت هڪ مڪمل ڪتاب ”ميرزا
غازي بيگ ترخان اور اسکي بزم ادب“ سال 1970ع ۾
شايع ٿيو آهي. ادب نوازيءَ ڪري راشدي صاحب کيس
زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي: ”ميرزا غازيءَ کي
نظر کائي وئي ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. اگر
طبعي عمر نه، تڏهن به ٿوري مهلت مليس ها، ته ادب
جي جاءِ ڪري کيس ساهتي تاريخ ۾ اڪبر ۽ جهانگير جي
درٻار جيترو رتبو نه به ملي ها، تڏهن به پڪ آهي ته
علم ۽ هنر جي پرورش سبب سندس مرتبو پڪ آهي ته خان
خانان جهڙي علم دوست ۽ ادب پرور کان ته مٿي هجي
ها.“ پير صاحب مذڪوره ڪتاب ۾ پنجٽيهن شاعرن جو
احوال ۽ شعر ڏنو آهي، جي ميرزا غازي بيگ جي درٻار
سان وابسته هئا.(1)
ميرزا غازي بيگ سٺو سياستدان ۽ ڪامياب سفارتڪار
هو. هڪ طرف جهانگير کيس نهايت قريب رکندو هو ۽ ٻئي
طرف ايران جو صفوي بادشاه شاهه عباس (985-1038هه)
به مٿس وڏو اعتماد ڪندو هو. ان هوندي به والد جاني
بيگ وانگر اخلاقي طور تي نهايت پست هو. شراب نوشي
۽ زناڪاريءَ جا تفصيل به ڪتابن ۾ موجود آهن. ان
لاءِ هن پنهنجي ماءُ کي به ڪتب آندو ٿي(2) ۽ ان ۾ ڪوبه شرم حياءُ محسوس نٿي ڪيائين. راڳ رنگ ۽ موسيقيءَ
جي محفلن جو به شوقين هو. ميرزا غازي قنڌار ۾ فوت
ٿيو ته سندس لاش آڻي پنهنجي والد جي مقبري ۾ سندس
ڀرسان دفن ڪيو ويو. ان ريت سنڌ ۾ ترخانن جو دؤر
حڪومت پورو ٿيو.
تاريخدانن جو رايو آيه ته سنڌ ۾ غازي بيگ جو دور
حقيقي معنيٰ ۾ خسرو چرڪس جو دور هو. هو صحيح طور
تي خودمختيار حاڪم هو. ميرزا کيس مارائڻ جي ڪوشش
ڪئي، ته ان ۾ ناڪام ٿيو. کيس بيدخل ڪرڻ جو جتن
ڪيائين ته ان ۾ به ڪامياب نه ٿيو. وري آخري مرحلي
تي قنڌار مان سندس معزوليءَ جو حڪم جاري ٿيو ته
مورڳو ميرزا غازي بيگ جي زندگي پوري ٿي وئي.
آخرڪار جڏهن غازي بيگ فوت ٿيو ته وري به سنڌ تي
پنهنجو قبضو برقرار رکڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪيائين.
ميرزا باقي جي پڙپوٽي عبدالعلي ترخان کي حاڪم
بنائي، پاڻ اصل معنيٰ ۾ عملدار ٿي ويٺو، ليڪن
جهانگير هڪدم ميرزا رستم کي ڪثير لشڪر سان ٺٽي
موڪليو، جنهن عبدالعلي ترخان ۽ خسرو کي گرفتار ڪري
هندستان روانو ڪيو. هاڻي مڪمل طور تي سنڌ مغلن جي
اثررسوخ ۾ اچي وئي. خسرو داناء، دلير ۽ دانشمند
انسانن هو. علم پرور ۽ عالمن جو قدردان هو. ٺٽي ۾
اڄ به دابگير مسجد سندس ياد کي تازو ڪري ٿي(1)
. خسرو سن 1022هه ۾ قيد ٿيو ۽ سن 1028هه ۾ اجمير ۾
فوت ٿي، خواجه معين الدين چشتيءَ جي مقبري جي
احاطي ۾ دفن ٿيو. قبر تي ڪتبو هن طرح آهي:
آن خسرو خان که دست جودش،
از دل، غمِ فقر و فاقه ميشت.
از خطهءِ سند بود عمري،
بس گوهر عدل و داد را صفت.
آخر، بگذاشت اين جهان را،
خود رفت و بعالمِ بقا خفت.
از دل جستم چو سالِ فوتش،
”جايش به بهشت“، هاتفم گفت(2).
* * *
ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان ثاني
سيد مير محمد چئن ترخان حاڪمن کان پوءِ ميرزا
عيسيٰ ترخان ثانيءَ کي ذڪر جي لائق سمجهي، ان جو
پنهنجي ڪتاب ۾ جداگانه احوال ڏنو آهي. ان کانپوءِ
ترخانن ۾ ڪوبه وڏو نالي وارو امير ٿي نه سگهيو. هي
امير ميرزا عيسيٰ وڏي جو پوٽو، ميرزا جان بابا جو
پٽ، ميرزا باقيءَ جو ڀائيٽو ۽ ميرزا جاني بيگ جو
چاچو هو. ان ريت ميرزا غازي بيگ جو پاڻ سڱ ۾ وڃي
ڏاڏو ٿيو. سندس والد ميرزا جان بابا سنڌ جي سميجن
مان شادي ڪئي هئي، سي ميرزا عيسيٰ جا ناناڻا هئا.
راشدي صاحب جو خيال آهي ته هو سن 976هه ۾ پيدا ٿيو
هوندو(1)
. جڏهن ميرزا باقي ارغونن ۽ ترخانن جو قتل شروع
ڪرايو، تڏهن ميرزا عيسيٰ کي ماءُ کڻي وڃي
پنهنجن مائٽن ۾ لڪايو. جاني بيگ جي دور ۾ هو ٺٽي
موٽي آيو ۽ سڄو وقت خير خوبيءَ سان ڪڍيائين. ليڪن
جڏهن 1009هه ۾ جاني بيگ جي وفات کانپوءِ غازي بيگ
ترخان ٺٽي جو حاڪم بنيو، تڏهن سندس لاءِ ڏکيا
ڏينهن اچي ويا. غازي بيگ پراڻن اميرن مان جند
ڇڏائڻ ٿي گهري. ان ريت درٻار ۾ ويڙهه شروع ٿي وئي.
مير ابوالقاسم سلطان بيگلار انڌو ڪيو ويو. ميرزا
خسرو چرڪس صلح ڪري درٻار ۾ ويٺو رهيو. ان دور ۾
ميرزا عيسيٰ ثاني به عتاب ۾ آيو. ليڪن هن وري به
ناناڻن ۾ وڃي پناهه ورتي، جتان غازي بيگ کيس هٿ نه
ڪري سگهيو. آخري طور تي هو سن 1012هه ڌاري سنڌ مان
مايوس ٿي هندستان پهتو، جتي اڪبر بادشاهه کيس
ڀليڪار چيو ۽ منصب به ڏنائين(2)
. جهانگير جي دور ۾ سندس ترقي ٿي ۽ هن اڪثر وقت
دکن ۽ گجرات ۾ گذاريو. بادشاهه فوت ٿيو ته ان وقت
به هو گجرات ۾ هو. سن 1012هه ۾ ميرزا غازي فوت
ٿيو، عبدالعلي ترخان ۽ خسرو چرڪس گرفتار ٿي
هندستان پهتا، تڏهن جهانگير ميرزا عيسيٰ کي گجرات
مان طلب ڪيو. کيس ٺٽي تي مقرر ڪرڻ جو ارادو
ڪيائين، مگر بعد ۾ ميرزا رستم صفويءَ کي ٺٽي جو
گورنر مقرر ڪري، عيسيٰ ترخان کي راڌڻپور جو
جاگيردار بنايو ويو. ان طرح ارغونن ۽ ترخانن جي
سموري لشڪر کي به ٺٽي مان بيدخل ڪيو ويو هو، سي سڀ
شاهي حڪم موجب ميرزا عيسيٰ جي حوالي ڪيا ويا. ان
مان سندس درست مالي حالت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
ميرزا عيسيٰ سن 1035هه ۾ گجرات ۾ هو، جڏهن مستقبل
جو بادشاهه شاهجهان بغاوت ڪري ٺٽي پهتو، پوءِ اميد
۽ اجهي جي آسري ۾ گجرات روانو ٿيو. عيسيٰ پاڻ شاهي
عتاب جي خوف کان پاسيرو ٿي ويو، البته سموري گهربل
مدد شهزادي خرم کي پهچايائين. ان ريت عيسيٰ جو
مستقبل محفوظ ٿي ويو(1)
. شاهجهان تخت نشين ٿيو، ان وقت هو سنڀل جو عملدار
هو. هاڻي کيس منصب ”چهار هزار ذات و دو هزار و
پانصد سوار“ تي فائز ڪري ٺٽي جي صوبيداري تي مقرر
ڪيو ويو. افسوس ته هن عهدي تي کيس اڍائي مهينا رهڻ
جو موقعو مس مليو (سن 1037هه-1038هه). عهدو ڇڏڻ
بعد به پاڻ ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو. ان دور ۾ پنهنجي
۽ پنهنجي والد جان بابا جي مقبري ۽ رانڪ ٺهرائڻ جو
حڪم ڏنائين ۽ رٿابندي ڪيائين(2)
.
راشدي صاحب جي تحقيق آهي ته ٺٽي مان ڪڍي ميرزا
عيسيٰ کي سن 1038هه ۾ مٿرا جو صوبيدار مقرر ڪيو
ويو. سن 1045هه ۾ کيس ٽيون ڀيرو سورٺ جهونا ڳڙهه
بدلي ڪري، منصب ۾ واڌارو ڪيو ويو. اڳ چهار هزاري
ذات ۽ سه هزاري سوار منصب هيس ۽ هاڻي پنج هزاري
ذات ۽ چهار هزاري سوار جي منصب تي فائز ٿيو، يعني
ته هڪ هزار جو اضافو ذات ۾ ۽ هڪ هزار جي واڌ سوارن
۾ ڪئي وئي(3) . سن 1049هه ۾ شاهجهان راضي ٿي سندس منصب ۾ وري به هڪ هزار
سوار جي واڌاري جو حڪم ڪڍيو(4) . مطلب ته هاڻي ميرزا عيسيٰ پنج هزاري ذات سان گڏ پنج هزاري
سوار به بنجي ويو. همعصر مؤرخن لکيو اهي ته سن
1052هه ۾ گجرات جي صوبيدار اعظم خان کي معزول ڪري،
شاهجهان، ميرزا عيسيٰ کي اتان جو گورنر مقرر ڪيو.
سندس پٽ ميرزا عنايت الله والد جي جاءِ تي سورٺ جو
حاڪم بنيو. راشدي صاحب هن دور ۾ عيسيٰ جي حاصلات
کي نهايت سهڻن لفظن سان ياد ڪيو آهي. گجرات جو صدر
مقام احمد آباد هو. ميرزا عيسيٰ، اعظم خان کي شاهي
درٻار ڏانهن اماڻي، پاڻ ملڪ جو انتظام ۽ اصلاح ۾
لڳي ويو. زمينون غيرآباد ٿي ويون هيون، انهن کي
آباد ڪرايائين. ڳوٺ ويران ٿي چڪا هئا، انهن کي
وسايائين. ماڻهو دربدر هئا، انهن کي جائيتو
ڪيائين. ملڪ اندر بدنظمي ۽ انتظامي خرابي حد کان
ٽپي چڪي هئي، وڏيءَ جاکوڙ بعد ميرزا انهيءَ کي دور
ڪري، نظم و نسق کي دوباره رائج ڪيو.(1) ان بعد به کيس ڪيئي واڌارا مليا. آخرڪار عزت ۽ خير جي ملازمت
ڪري، وڏي آبرو ماڻي، ميرزا، شاهجهان جي دور ۾ سن
1061هه ۾ رٽائرمينٽ ورتي. هڪ سال پوءِ سن 1062هه ۾
فوت ٿيو. کيس مڪليءَ تي آڻي پنهنجي ٺهرايل خوبصورت
رانئڪ ۾ دفن ڪيو ويو.(2) هڪ سٺي منتظم کان علاوه پاڻ راڳ رنگ جو شوقين، ساز سرود جو
ڪوڏيو، نظم ۽ نثر ۾ ڪامل، سنڌي سرن ۽ آلاپن مان
واقف، عياش، آزاد منش ۽ خوش باش شخص هو. ڪيف ۽ سڪر
جي چاٽ پڻ هيس. سندس تحرير جو ڪوبه نمونو دستياب
ڪونهي.
ميرزا عيسيٰ کي هي پٽ هئا: ميرزا عنايت اذلله، جو
سن 1058هه ۾ فوت ٿيو ۽ پهريون لاش سندس هو جو
ميرزا عيسيٰ جي رانڪ ۾ دفن ٿيو. ميرزا فتح الله
عرف ميرزا فتحي، جو سن 1093هه ۾ فوت ٿيو. هي پڻ
رانڪ عيسيٰ ترخان ۾ دفن ٿيو. ميرزا محمد صالح
ثاني، جو سن 1076هه کان پوءِ فوت ٿيو. سندس تحرڪ
تي ڪتاب ”ترخان نامو“ سيد مير محمد سن 1065هه ۾
لکي تيار ڪيو. ان کان علاوه ٻه پٽ ٻيا به ٿيا، پر
اهي ايترو مشهور ڪونهن، يعني ميرزا محمد عاقل ۽
جان بابا ترخان ثاني. ان کان علاوه هڪ نياڻي صالحا
بيگم به هيس. ميرزا عيسيٰ جا پٽ ۽ پڙپوٽا، گجرات ۽
سنڌ ۾ وڏن عهدن تي رهيا. تاريخ ۽ تذڪرن ۾ سندن
احوال موجود آهي.
ميرزا عيسيٰ جي رانڪ، مڪليءَ جي خوبصورت عمارت
آهي. هن تي ارڙهن سال ڪم هليو، يعني 1037هه ۾ ڪم
شروع ٿيو ۽ 1054هه ۾ ڪم ختم ٿيو. پٿر جي فراهمي،
گهاڙيٽو، فن تعمير، رازا ۽ ڪاريگر وغيره سڀ گجرات
کان آندا ويا. ان ريت ميرزا عيسيٰ جي روپ ۾ سنڌ ۽
گجرات جو تاريخي تعلق توڙي ثقافتي ميل ميلاپ وري
جڙيو. ڄام نظام الدين جو مقبرو، سمن ڄامن ۽ گجرات
جي لاڳاپن تي بهترين روشني وجهي ٿو. ان طرح وري
ميرزا عيسيٰ جي دور ۾ ذاتي دلچسپيءَ سان اهي
تعلقات قائم ٿيا. هي تاريخي رانڪ اڄ به ان خوبصورت
دور ۽ هڪ بهترين منتظم جي ياد ڏياري ٿي. ميرزا جي
مزار تي هي ڪتبو لڳل آهي، جنهن مان سال وفات
1062هه نڪري ٿو:
چو رحلت کرد از دارِ فنا، آن سرورِ ترخان،
به بستانِ جنان، آسوده شد در منزل اعليٰ،
بپرسيدم چو سالِ رحلتِ او از خرد، گفتا:
نموده ميرزا عيسيٰ بگلزارِ ارم ماوا.
1061هه(1)
.
|