ميرزا غازي بيگ ترخان
ميرزا جاني بيگ جي وفات کانپوءِ، حضرت اڪبر
بادشاهه، امير خان خانان جي التماس تي ميرزا غازي
بيگ کي غائبانه پيءُ واري منصب تي سرفراز ڪيو.
سابق دستور مطابق ٺٽي ولايت جي سموري جاگير کيس
مرحمت ڪئي. بشرطيڪ پهرين ملازمت ۾ حاضر ٿئي.
ميرزا جاني بيگ، اخلاقِ حميده ۽ اوصافِ پسنديده جو
مظهر هو. سترهن سالن جي عمر ۾، آغازِ جواني ۾ پيءُ
جي مسندِ حڪومت تي متمڪن ٿيو. پنهنجي فياضي ۽
سخاوت واري هٿ سان بهار جي ڪڪر وانگر خاص و عام
جي سرن تان، زر ۽ جواهر کي گهوريندو هو. قبيلو،
خاندان، لشڪر ۽ رعايا سندس عام انعام سان بهره مند
هئا. نهايت خوش حال ۽ بي فڪري واري زندگي بسر ڪندو
هو. فضلاء ۽ علماء جو دوست هو. هميشه انهن جي صحبت
۾ رهندو هو. اڪثر علمائن کي پنهنجي حضور ۾ سڏي،
علم معقول سان بحث ڇيڙيندو هو. بلڪ انهن مان
استفادو حاصل ڪندو هو. پاڻ خود ڪمالِ سمجهي فهم ۽
صلاحيتن سان انهن جي صحبتن مان، جيڪي ڪجهه طرفين
جا علماء چوندا هئا ته تن جي اصل مدعا سمجهي منصف
ٿيندو هو. سادات عظام، مشائخ ڪرام، درويشن ۽ گوشه
نشينن تي پورو اعتقاد رکندو هو ۽ انهن جي حيثيت
مطابق حسب حال هنن جي تربيت ۽ پرورش ۾ مشغول رهندو
هو.
جيئن ته سندس طبيعت موزون هئي. سخن جي مشق ڪندو
هو، يعني شعر چوندو هو ۽ پوءِ صاحبِ ديوان ٿيو.
شاعرن جي عزت افزائي ڪندو هو. جنهنڪري پري پري کان
هر طرف کان، صاحب طبع شاعر سندس خدمت ۾ اچي حاضر
ٿيا. ازانسواءِ ان وچ ۾، ملا اسد ۽ ملا رشيد وغيره
فقيراڻي لباس ۾ ايران مان وٽس آيا. ملا اسد وجيهه،
قصئه خوان ۽ فصيح هو. ميرزا غازي بيگ هنن سڀني جي
صحبت کان محظوظ ٿيو. هنن کي منصب ۽ جاگيرن سان
سرفراز ڪيائين، ملا اسد کي پنهنجي معلمي لاءِ
ممتاز ڪري، بادشاهانه، شان و شوڪت سان گذاريائين ۽
پنهنجن ڪن قديم اميرن کي جيڪي دلسوزي ۽ گستاخي سان
کيس عرض ڪندا هئا، جي اُهي پوءِ کيس ناگوار لڳندا
هئا، ميرزا غازي بيگ انهن جي روبرو، نون اميرن کي،
”خان“ جي خطاب سان نوازي، اميرن سان منسلڪ ڪري
ڇڏيو. جهڙوڪ، خواجگي احمد سوداگر فرنگ کي، ”اعتماد
خاني“ جي خطاب سان، سرفراز ڪري، پنهنجو وزيراعظم
ڪيائين. شهبازي کي جيڪو ڪبوتربازي جي خدمت تي
مامور هو تنهن کي ”شهباز خاني“ جي خطاب سان سربلند
ڪري پنهنجو مهردار ڪيائين. بولي هندو خدمتگار کي
”دولترائي“ جو خطاب ڏنائين ملا مرشد کي ”مرشد
خاني“ جي خطاب سان نوازيائين. هاڻي اِنهن نون
اميرن جي مرضي تي اَسين پراڻن اميرن ۽ خانن تي
فوقيت کڻون. خسرو خان جي ملاحظي مان معلوم ٿئي ٿو
ته، هو اميرن مان نامدار، باوقار ۽ زبردست هو.
جنهن کي ڪير به هٽائي نه ٿي سگهيو. نتيجي ۾ جديد
اميرن، ميرزا غازي بيگ جي دل ۾ اها ڳالهه ويهاري
ته هي قديم امير، نهايت بي ادب آهن. انهن جي هوندي
اسين پنهنجن ڪمن ڪارين کان مطمئن نه ٿا ٿي سگهون،
جن جو سردار خسرو خان آهي. جيڪڏهن خسرو خان اهڙي
روش نه هلي ته سمورا امير توکان ڊڄن به ۽ توکان
خوف به ڪن. جنهن تي ميرزا غضبناڪ ٿي فرمايو ته
جڏهن خسرو خان سلام تي اچي ته ان کي گرفتار ڪيو
وڃي. ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جيڪو ان وقت دربار
۾ موجود هو، تنهن نه ٿي چاهيو ته اهڙي قسم جا امير
ختم ٿين، سو اُتان اُٿيو. اتفاق سان قلعي کان ٻاهر
در وٽ خسرو خان کيس مليو. جنهن کي ميرزا عيسيٰ
(ثاني) اشاري ۾ مٿئين ڳالهه کان آگاهه ڪري ڇڏيو.
جنهنڪري هو واپس هليو ويو. ميرزا عيسيٰ ثاني کي
نهايت ڳڻتي ٿي ته متان ڪير وڃي ميرزا غازي بيگ کي
اها ڳالهه ٻڌائي، سو ميرزا عيسيٰ ثاني به ٺٽي مان
نڪري سڌو دربار شاهي (دهلي) ڏي روانو ٿيو. ميرزا
عيسيٰ ثاني جا باقي واقعات آئينده لکيا ويندا.
1012هه ۾ سلطان ابوالقاسم بن شاه قاسم بيگلار،
مخالفت جو علم بلند ڪري باغي ٿيو. سوڍن وغيره مان
لشڪر تيار ڪيائين ۽ نواب ميرزا غازي بيگ به ڪثير
لشڪر سان هن ڏي رخ ڪيو. جڏهن ميرزا غازي بيگ وڏي
نهر جي ويجهو پهتو، تڏهن ميرزا ابوالقاسم اُن وڏي
نهر ۾ هو. هن ڏٺو ته، ميرزا غازي بيگ جي لشڪر جو
مقابلو نه ڪري سگهندس. تنهنڪري ڪوچ ڪري، شاهه ڳڙهه
جي قلعي ڏي رخ ڪيائين. جڏهن ميرزا جو لشڪر اُتي
پهتو تڏهن مقابلي ۾ ويهي رهيو. جلدئي قلعي جي
محاصري کان تنگ ٿي اَمان گهريائين. امان ملڻ بعد
ملازمت ۾ داخل ٿيو. ميرزا غازي بيگ پنهنجي وزير
شاهه قاسم خان سان صلاح ڪئي. جنهن بعد ابوالقاسم
جي اکين ۾ تتل سرايون ڦيرائي، هن کي انڌو ڪيائين ۽
پوءِ هن کي پاڻ سان وٺي فتح و نصرت سان ٺٽي ۾ آيو
۽ عيش و عشرت ۾ مشغول ٿيو. ان وچ ۾ سعيد خان،
دربار شاهي مان، ميرزا غازي بيگ کي وٺڻ لاءِ آيو.
ميرزا غازي به ان سان گڏ روانو ٿيو.
1013هه ۾ درگاهه عالم پناهه جي طرف متوجهه ٿيو ۽
پوءِ اڪبر بادشاهه ۽ شهزادي جي قدم بوسيءَ کان
مشرف ٿيو. جلدئي حضرت اڪبر بادشاهه، عالمِ بقا ڏي
راهي ٿيو ۽ حضرت نورالدين محمد جهانگير بادشاهه،
سلطنت ۽ خلافت جي مسند تي متمڪن ٿيو. اهڙي خوشي جي
موقعي تي جنهن سڀني اميرن کان پهرين مبارڪباد جي
سعادت حاصل ڪئي سو ميرزا غازي بيگ هو، هن ئي
کانپوءِ، ٻين اميرن مبارڪباد جو شرف حاصل ڪيو.
ان زماني ۾ سلطان خسرو، اميرن جي گروهه جي اتفاق
سان اڪبر آباد جي قلعي مان فرار ٿيو. جنهن تي حضرت
جهانگير بادشاهه به هن جي پٺيان پيو ۽ ٻاهر اچي
وڏن وڏن اميرن مان هڪ هڪ کي جداجدا سڏي هنن سان
صلاح ڪيائين ته هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ مون کي
خود وڃڻ گهرجي يا لشڪر کي موڪلڻ گهرجي؟ لائق اميرن
واري واري سان عرض ڪيو ته، حضرت بدولت دارالسطنت ۾
رهي ۽ شهزادي جي پٺيان لشڪر کي موڪلجي. حضرت ظل
الله، ميرزا غازي کي ياد ڪيو ته آءٌ هن کان به
پڇان، جو هو سردارزادو آهي. هو ڪڏهن به غلط راءِ
نه ڏيندو. تڏهن اميرن مان ڪنهن هڪ چيو ته اڃا هو
ناتجربيڪار نينگر آهي، سو اهڙي نازڪ معاملي ۾ ڪهڙي
صلاح ڏيندو؟ پر جڏهن ميرزا حاضر ٿيو تڏهن بادشاهه
هن کان پڇيو ته تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟ جنهن تي
ميرزا عرض ڪيو ته دراصل مشورو اهو آهي، جيڪو توهان
جي مبارڪ دل ۾ آهي پر جيئن ته هن بندي کان توهان
پڇو ٿا، ته پوءِ حضور جن پاڻ وڃن. حضرت جهانگير،
مرزا غازيءَ تي شفقت ۽ مرحمت جي نظر ڪئي ۽ پنهنجي
سمورن اميرن ڏانهن منهن ڪري چيائين ته مون نه چيو
هو ته هي سردارزادو آهي ۽ غلط صلاح نه ڏيندو؟ ان
کانپوءِ حضرت بادشاهه سوار ٿيو ۽ خسرو کي گرفتار
ڪيائين.
ان وچ ۾ شاهه بيگ خان جي قنڌار کان عرضداشت پهتي
ته قزلباش جي لشڪر، قلعي جو محاصرو نهايت تنگ ڪيو
آهي. سو جيڪڏهن مدد لاءِ لشڪر نه موڪليندا ته قلعو
هٿن مان نڪري ويندو. جنهن تي حضرت بادشاهه، قرابيگ
خان بهادر کي چند ٻين اميرن جو سردار ڪري موڪليو ۽
ميرزا غازي بيگ پڻ ان سان گڏ متعين ڪيائين. جڏهن
هو ملتان پهتا ته قضائي الٰهي سان قرابيگ خان
اوچتو مرگ مفاجات ۾ وفات ڪري ويو. اميرن جي مرضي
هئي ته حضرت بادشاهه کي عرضداشت موڪلي، جواب جا
منتظر ٿيون. ليڪن ميرزا غازي بيگ، حڪم ڪيو ته ڪوچ
جو نقارو وڄايو وڃي. ان کانپوءِ پاڻ خود درياءَ
پار ٿي، قرابيگ جي سپاهه کي دلاسا ڏئي چيائين ته،
توهان جي پگهار ۾ ڏهونڻون، پنڌرهونڻون اضافو ڪيو
ويندو، اهڙي طرح هنن کي پنهنجو ملازم بنائي روانو
ٿيو. جنهن تي سمورا امير لاچار ٿي، سندس پٺيان
روانا ٿيا. بهرنوع منزلن تي منزلون ڪندا قنڌار
پهتو پر جڏهن قنڌار کي پنجن ڪوهن جي فاصلي تي
پهتو، تڏهن ميرزا غازي بيگ، قزلباش کي گهيري ۾ آڻڻ
لاءِ پنهنجن فوجن کي تيار ڪيو. قزلباش جو لشڪر به
جوش ۾ اچي تيار ٿيو. جڏهن طرفين ۾ لڙائي ٿي، تڏهن
جهانگيري اقبال سان، قزلباشن جي دلين ۾ دهشت ۽ خوف
پيدا ٿيو. بلڪ ميرزا غازي بيگ جي فوج کي ڏسي
قزلباش جو لشڪر ڀڄي ويو. ڪيترائي گهوڙا، ساز و
سامان قزلباش ڀڄڻ مهل ڇڏي ويا جيڪي ميرزا غازي بيگ
جي لشڪر کي هٿ آيا ۽ ٽن چئن ڪوهن تائين، قزلباشن
جو تعاقب ڪيائون. آخر ميرزا غازي بيگ، قلعي جي
اندر سميت، فتح فيروزي سان آيو. ميرزا شاهه بيگ
خان ۽ ٻيا امير جيڪي قلعي ۾ هئا، تن اچي ميرزا
غازي بيگ سان ملاقات ڪئي ۽ نهايت خوش ٿيا.
بالاتفاق، فتح جي مبارڪبادي جي عرضداشت دربار شاهي
ڏي موڪلي وئي. جنهن ۾ هي ٻه شعر مرقوم ٿيا، جيڪي
ميرزا غازي بيگ جي تصنيف مان آهن.
آناکه دعوئي لمن الملک داشتند
چون يافتم ز لطفِ تو بر قندهار دست
از هول جان گريزان گشتند آن چنان
بر اسپ شان نيافت تو گوئي غبار دست
حضرت جهانگير بادشاهه، ميرزا غازي بيگ جي جرائت ۽
بهادري کي پسند ڪيو. ميرزا کي عنايت ۽ شفقت سان،
فرزندي جي خطاب سان ۽ پنج هزاري جي منصب کان ٻارهن
هزاري جي منصب تائين سرفراز ڪيائين. ٺٽي جي ولايت
۽ مملڪتِ قنڌار ۾ اضافو ڪري کيس جاگير ۾ ڏنائين.
قنڌار جي حڪومت به اضافو ڪري سندس سپردگي ۾ ڏنائين
۽ پنهنجي خاص دستخط سان فرمان جاري ڪيائين ته:
”-- ڄاڻڻ گهرجي ته ”فرزند غازي“ جيڪو هن خطاب جو
اميدوار هو، تنهن بابت، خاص و عام کي خبر هجي ته،
اسان هن کي فرزندي جي خطاب سان سرفراز ڪيو آهي.
جيڪي به شهزادن جي (احترام) لاءِ، ضروري حقيقتون
آهن، جهڙوڪ سلام، ڪورنش ۽ جنگي هاٿي وغيره، سي هن
(غازي) لاءِ بجا آڻين. ازانسواءِ اهو پڻ حڪم ڪيو
وڃي ٿو ته ديوان جي ڏينهن، اسان جي ملازمن مان
هزاري تائين، هن (غازي بيگ) جي سامهون دست بسته
بيهي رهن، هڪ هزاري کان مٿي وارا امير، سندس مسند
کان پري ٿي ۽ هيٺ باادب ويهي رهن. پڻ هنن اختيارات
جون واڳون جهڙوڪ، مشڪل فيصلا، معزولي، مقرري،
تبادلو ۽ ترقي سندس (غازي جي) اقتدار ۾ ڏنا ويا
آهن، ته جيئن ان کانپوءِ هاڻي جيڪڏهن اَحدي کي
هزاري ۽ هزاري کي احدي ڪري ڇڏي، ته اسان کي پڻ
منظور آهي.“
قصو مختصر روز بروز ميرزا غازي بيگ جو شان و شوڪت
زياده ٿيندو ويو، جو هو جوان بخت پڻ سخاوت، فياضي
۽ همت جو هٿ ڪشادو رکندو هو. جنهنڪري فاضل ۽ شاعر
ايران ۽ توران مان ڪهي اچي وٽس حاضر ٿيندا هئا.
ميرزا جون مجلسون بهشت آئين ٿينديون هيون. هميشه
فاضلن جو مجموعو ۽ يگانه روزگار شاعرن جو ساٿ،
ساڻس گڏ هوندو هو. ازانسواءِ دائما عيش و طرب ۾ پڻ
رهندو هو. هن جوان بخت دولت جي عهد ۾ هرڪو ڏينهن،
لشڪر ۽ رعيت لاءِ عيد جو ڏينهن هو ۽ هرڪا رات، شبِ
برات سمجهي ويندي هئي. ايران جي اڪثر غائبانه
مدرسن، شاعرن ۽ گوشه نشينن لاءِ نالي به نالي
ساليانو وظيفو مقرر ڪيائين. جيڪو هر سال هنن کي
پهچايو ويندو هو. جنهنڪري اُتي جا ماڻهو سندس مداح
هئا. ميرزا جي دربار، بادشاهن جي دربار جو نمونو
هئي. ٻين ملڪن سان دوستي جا تعلقات ۽ نظم و ضبط
اهڙي قسم جا هئا جو ايران جا ماڻهو ته ميرزا غازي
بيگ جا مطيع ٿي ويا. ايران جو والي کائونس خوفزده
رهندو هو ۽ ايلچين جي وچ ۾ آمد و رفت ٿيندي رهندي
هئي. ازانسواءِ ميرزا غازي کي ايران جو والي (شاهه
عباس صفوي اول) پڻ فرزند ڪري سڏيندو هو.
ڪن اميرن حسد ۽ خود غرضي سببان حضرت جهانگير
بادشاهه کي عرض ڪيو ته ميرزا غازي، باغي ٿي ويو
آهي ۽ ايران جي بادشاهه سان مخفي تعلقات جوڙيا
اٿس. هو اڄ سڀان ئي سرڪشي شروع ڪندو. جنهنڪري
امتحاناً ميرزا غازي جي نالي فرمان جاري ٿيو ته،
هو پنهنجو پاڻ کي بداڪ چوڪي مان بارگاههِ شاهي ۾
پهچائي. فرمانِ معليٰ پهچڻ شرط، ميرزا به نهايت
اخلاص سان انهي ساعت دربار شاهي ڏي روانو ٿيو.
سترنهن ڏينهن جي مدت ۾ قنڌار کان آيو ۽ لاهور جي
آسپاس شڪارگاهه ۾ پهچي، اعليٰ حضرت جي قدم بوسي جو
شرف حاصل ڪيائين. ميرزا غازي جي حاضر ٿيڻ سببان
حضرت بادشاهه نهايت مطمئن ٿيو. جن بدگماني سبب
بادشاهه کي عرض ڪيو، تن جا گمان ختم ٿيا. بادشاهه
ميرزا غازي بيگ کي طرحين طرحين ۽ قسمين قسمين جا
انعامن سان پنهنجي شهنشاهي شايان شان سان نوازيو.
بلڪ قنڌار جي عيوض ڪجهه پنجاب جا پرڳڻا به سندس
جاگير ۾ بطور تنخواهه جي مقرر ٿيا. ازانسواءِ
مملڪتِ قنڌار بطور انعام جي کيس جدا ڏنو ويو ۽
پوءِ قنڌار ڏي رخصت ڪيو ويو.
ميرزا غازي ستن سالن تائين، بالاستقلال قنڌار جي
حڪومت تي متمڪن رهيو ۽ ڪامياب حڪومت ڪيائين.
پنهنجي جودوسخا، مروت، شجاعت ۽ مردانگي جو داد
ڏنائين. ان ٿوري ئي عرصي ۾ هر ڪنهن تي مهربانيون ۽
احسان ڪرڻ سببان ملڪ جي هر طرف کان ايران ۽ توران
بلڪ هندستان جي چؤطرف ۾ سندس نيڪنامي سان نالو
مشهور ٿي ويو. جمع جي رات ماهه صفر 1020هه ۾ وڃي
حق جي رحمت سان مليو(1)
. هن جي عمر ستاويهه سال هئي ۽ ڏهه سال حڪومت
ڪيائين. ٽي سال ٺٽي ۾ ست سال قنڌار ۾ رهيو. سواءِ
نيڪنامي جي پٺيان ٻيو ڪجهه به نه ڇڏيائين. باغي،
ڀائي خان ولد خسرو خان، ميرزا جي رحلت بعد اهو
فاسد خيال دل ۾ ڪيو ته هو سندس قائم مقام ٿيندو.
جنهنڪري عوام ۾ هي بدنام ٿيو ته نمڪ حرامي ڪري، هن
پنهنجي آقا کي گهٽو ڏئي ماريو آهي. والله اعلم
بالصواب و اليه المرجع و الماب.
ميرزا غازي وفات کان اڳ، خسرو خان جي ٺٽي مان بدلي
ڪري کيس قنڌار طلب ڪيو. جڏهن خسرو خان، ميرزا غازي
جي وفات جي خبر ٻڌي، تڏهن هو اڌ تان موٽي ٺٽي واپس
ويو. ميرزا عبدالعلي بن ميرزا فرخ بن ميرزا شاهه
رخ بن ميرزا محمد باقي، (جي پوٽي) کي، فقط گفت و
شنيد لاءِ ٺٽي جي مسندِ حڪومت تي ويهاري، خسرو
خان، ملڪ ۽ حڪومت جو نظام پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.
حضرت بادشاهه جي بارگاهه ۾ اها خبر پهتي ته ميرزا
غازي بيگ جي غلام خسرو خان، بغير حڪم اقدس جي
ميرزا محمدباقي جي اولاد مان جيڪو اڃا خورد سال
نينگر آهي، تنهن کي حڪومت تي ويهاري باغي ٿيو آهي.
جنهن تي حضرت بادشاهه جهانگير، ميرزا رستم قنڌاري
کي چند اميرن سان، ٺٽي جو صوبدار بنائي، خسرو خان
کي سزا ڏيڻ لاءِ مقرر ڪري موڪليو ۽ مير عبدالرزاق
معموري کي بخشي ۽ ديوان ڪيائين، هن کي حضرت
بادشاهه، ميرزا رستم کان پهرين ٺٽي موڪليو ته هو
خسرو خان کي تسلي ۽ تشفي ڏئي، ٺٽي ملڪ تي پنهنجو
قبضو ڪري. حڪم مطابق مير عبدالرزاق معموري ٺٽي ۾
پهچي، پهريون ڪم هي ڪيو يعني خسرو خان لاءِ پانصدي
منصب تجويز ڪيو. ماهه محرم الحرام 1021هه جي مير
عبدالرزاق کانپوءِ، ميرزا رستم به ٺتي ۾ آيو. حڪم
مطابق پيروي ڪندڙ مير عبدالرزاق معموري سمورن
ارغونن، ترخانن ۽ سندن لشڪر وغيره کي انهن سان گڏ
ميرزا عبدالعلي، خسرو خان ۽ سندن اهل و عيال وغيره
مطلب ته هنن سمورن کي ٺٽي مان پاڻ سان وٺي دربار
شاهي (دهلي) ڏي روانو ٿيو. جڏهن هي سڀ اُتي پهتا،
تڏهن مير عبدالرزاق کي مذڪوره صلي ۾ ”مظفرخاني“
جو خطاب مليو.
جيئن ته عبدالعلي خان ترخان ۽ خسرو خان وغيره جن
جي ميرزا غازي بيگ سان نسبت هئي، جيڪي هن سان ٺٽي
۽ قنڌار ۾ به هئا، سي نظر اقدس مان گذري مشرف ٿيا.
تنهن کانپوءِ حڪم ٿيو ته عبدالعلي، خسرو خان ۽ ان
جي پٽ کي قيد ۾ رکيو وڃي. فقط ميرزا غازي بيگ جي
اعليٰ منصبن وارن ملازمن ي سرفراز ڪيو ويو. ميرزا
غازي بيگ جي به اهل و عيال کي معاش جي مدد سان
نوازيو ويو. باقي سمورن ارغونن، ترخانن ۽ سپاهه
وغيره کي، نواب ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جي حوالي
ڪيو ويو. ميرزا عيسيٰ، ڪمال همت سان هنن جي پرورش
وغيره ڪئي ۽ هرهڪ جي مناسب حال ۽ هنن جي صلاحيتن ۽
قابليت مطابق، نگهداشت ڪيائين. خسرو خان قيد خاني
۾ ئي فوت ٿيو. ميرزا عبدالعلي ۽ لطف الله عرف ڀائي
خان ولد خسرو خان جن کي نورجهان بيگم جي سفارش تي
قيد مان رهائي ملي. عبدالعلي ترخان لاءِ روزينو
مقرر ڪري، آصف خان جي حوالي ڪيو ويو ۽ جڏهن جوان
ٿيو تڏهن جزوي منصب سان نوازيو ويو. نيٺ 1039هه ۾
وڃي حق جي رحمت سان پيوست ٿيو(1)
. هاڻي ميرزا محمد باقي جي اولاد مان ڪوبه باقي
نه رهيو ان جو سلسلئه آخرت تي پهتو. البقائلله
الباقي المجيد.
***
**
*
نواب ميرزا عيسيٰ ترخان
ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) بن ميرزا جان بابا بيگ
بن ميرزا عيسيٰ بيگ (اول)، هن جا حالات ضمناً مٿي
اچي چڪا آهن. هر مرد خليق، اديب ۽ نهايت بردبار
هو. بلڪ صاحبِ همت، غيرتمند ۽ قبيله پرور، سپاهه
دوست ۽ وسندي وارو هو. جواني ۾ ڪمالات جا جوهر
ڏيکاريائين. علوم ۾ ڪافي دستگاهه هيس. اخلاق جي
خوبين سان سينگاريل هو. عدالت جي شوي کي ۽ شجاعت
کي پنهنجو طريقئه ڪار بنايائين. ازانسواءِ شجاعت ۽
دلاوري ۾ پڻ بينظير هو.
جڏهن 1012هه ۾ حضرت اڪبر بادشاهه جي قدمبوسي کان
مشرف ٿيو. تڏهن اعليٰ حضرت هن تي نهايت عنايتون ۽
مهربانيون ڪيون بلڪ ان وقت قانون جي خلاف، ازراهِ
شفقت ۽ عنايت، دهه سي کان به زياده هن کي منصب عطا
ٿيو ۽ اميرن جي قطار ۾ هن جو شمار ٿيڻ لڳو.
جڏهن حضرت جهانگير بادشاهه سلطنت ۽ خلافت جي مسند
تي ويٺو تڏهن ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) پڻ شاهاڻي
عنايتن ۽ شفقتن سان نوازيو ويو. جهانگير بادشاهه
جي عهد ۾، سلطنت جي هر شعبي سان مذڪور ميرزا واسطو
رکندڙ ۽ وسيلو هو. ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) اهو
باهمت انسان، خوددار ۽ غيرتمند هو، جنهن سواءِ
بادشاهه جي ٻئي ڪنهن جي به اڳيان سر نه نمايو، ۽
سلطنت جي اميرن مان ڪنهن به ٻئي کي پنهنجو وسيلو
نه ڪيائين. جنهن کان مجبوراً سلطنت جا امير ساڻس
نزاع ڪرڻ جي فڪر ۾ ٿيا. جنهنڪري ميرزا کي نهايت
ڏکين هنڌن تي بدلي ڪري جاگير ۽ تنخواهه ڏيندا هئا.
ميرزا عيسيٰ به پاڻ سان بهادر ۽ وسيع لشڪر رکندو
هو. جنهن به صوبي ۾ ويندو هو ته شجاعت ۽ دليري سان
فرض ادائي ڪندو هو. جنهن جي نتيجي ۾ انعام و اڪرام
۽ منصب ۾ اضافن سان نوازيو ويندو هو. بلڪ سربلندي
حاصل ڪندو هو.
ميرزا عيسيٰ (ثاني) کي شاهجهان بادشاهه جي شهزادگي
واري زماني ۾ ان جي خدمت ڪرڻ ۽ اخلاص جو موقعو
حاصل ٿيو. جڏهن جهانگير بادشاهه ڪشمير ۾، حق جي
رحمت سان پيوست ٿيو، تڏهن ان وقت حضرت شاهجهان
بادشاهه، بيجاپور دکن ۾ تشريف فرما هو ۽ ميرزا
عيسيٰ (ثاني) صوبئه گجرات ۾ پنهنجي جاگير تي هو.
اُن وقت ڪمال اخلاص ۽ دانائي سان، صوبيدار جي بغير
اجازت ۽ مشوري جي، احمدآباد جي عيدگاهه ۾، همايون
حضرت صاحبقران (ثاني) شاهجهان بادشاهه جي نالي
خطبو پڙهي، اُن جي خدمت ۾ روانو ٿيو. احمدآباد کان
ٽيهه ڪوهن جي فاصلي تي ڳوٺ جي ڀرسان، بادشاهه جي
قدمبوسي کان مشرف ٿي، صوبي جي سمورن اميرن کان
پهرين، مبارڪبادي جو شرف ۽ ڪورنش جي سعادت حاصل
ڪيائين. حضرت بادشاهه ظل الله به ميرزا عيسيٰ
(ثاني) تي ڪمال عنايتون ۽ مرحمتون ڪيون. جنهن وقت
حضرت بادشاهه احمدآاباد کان اڪبرآباد ڏي رخ ڪيو
تڏهن ڪمال عنايت ۽ مهرباني سان ٺٽي جو صوبو ميرزا
عيسيٰ (ثاني) کي مرحمت ڪري ۽ حڪم ڪيائين ته،
ميرزا، ٺٽي وڃي (شريف الملڪ) شرير الملڪ کي قيد
ڪري دربار قيد (دهلي) ڏي روانو ڪري، ته جيئن هو
پنهنجي ڪيل بڇڙن ڪمن جي سزا ڀوڳي، پر جي جنگ ڪري
ته هن کي قتل ڪري ڇڏي. ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني)
پنهنجو وڏو پٽ ميرزا عنايت الله هڪ هزار سوار سميت
شاهي رڪاب ۾ روانو ڪيو. شريف الملڪ جا سپاهي نهايت
دلير ۽ پنهنجي وقت جا بهادر هئا. اها فوج پڻ وسيع
هئي، ليڪن بادشاهي اقبال سان چؤطرف کان لشڪر ڪٺو
ٿيو ۽ مقابلو ٿيو. آخر جنگ و جدال کانپوءِ
شريرالملڪ کي قيد ڪري دربار شاهي ڏي روانو ڪيو
ويو. مذڪور لڙائي کانپوءِ شاهجهان بادشاهه ميرزا
عيسيٰ (ثاني) کي صاحبِ نوبت ڪري، هڪ لک رپيا نقد ۽
هزاري منصب جي اضافي سان سرفراز ڪيو. اهڙي طرح ٻين
صوبن ۾ به ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جي ڪيل نيڪ
خدمتن کي ساراهيو ويو. بهرنوع بادشاهه قدردان،
ميرزا جي تربيت ڪئي، اولاَ ميرزا کي امراء عظيم
الشان مان شمار ڪيائين ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني)
جي منصب کي سندس پٽن سميت هشت هزاري ذات ۽ هفت
هزار سوار ۽ دو اسپه و سه اسپه تائين پهچايائين.
ان کانپوءِ گجرات ۽ سورت جي گورنري واري خدمت به
سندس متعلق ٿي.
جڏهن تاريخ 12 ماهه محرم الحرام 1061هه ۾ ميرزا
عيسيٰ (ثاني) حق جي رحمت سان وڃي مليو(1)
تڏهن ميرزا صالح محمد خلف الصدق ميرزا عيسيٰ
(ثاني) کي سندس والد جو قائم مقام ڪيو ويو. ميرزا
عيسيٰ ترخان (ثاني) جا ٻيا ننڍا پٽ، پوٽا، ڏهٽا ۽
عزيز و اقارب جيڪي مجبوري جي حالت ۾ هئا، تن کي
جداجدا منصبن ۽ مددِ معاش سان سرفراز ڪيو ويو.
ميرزا عيسيٰ (ثاني) جي عمر پنجانوي سالن جي هئي ۽
سڄي عمر اطاعتِ الٰهي ۾ صرف ڪيائين. اميرن وانگر
عيش و عشرت ۾ پڻ گذاريائين. ميرزا عيسيٰ (ثاني) جو
نام نامي هندستان جي هر گوشي ۾، عدالت ۽ شجاعت ۾
مشهور آهي.
تمت بالخير
مايلوح الخط في القرطاس دهرا
و کاتبہ رميم في التراب
غرض نقشي ست کز ما ياد ماند
که هستي را نمي بينم بقائي
***
**
*
|