سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: وتايو فقير

باب: ٽيون

صفحو :8

وتايو فقير

ولي محمد طاهرزادو

باب ڇهون

 

وتايي جي نالي سان هليل وڌيڪ ڳالهيون

 

وتايو فقير هڪ عجيب انسان هو. اهڙو انسان ورلي پيدا ٿيندو آهي. هن ۾ تمام گهڻيون خوبيون هيون، پر سڀني کان سندس وڏي خوبي هيءَ هئي جو هو ڪنهن جي به دل نه ڏکوئيندو هو. هميشه ماڻهن کي پيو کلائيندو هو. ماڻهن کي جهيڙي جهٽي کان روڪيندو هو ۽ ڏاڍو امن پسند انسان هو.

وتايو فقير ننڍي هوندي کان ئي اهڙيءَ طرح ڳالهائيندو هو، جو ماڻهو سمجهندا هئا ته هيءُ ته ڪو بنهه سادو ۽ ڀورو آهي، ائين نه هو. هو وڏو داناءُ ۽ درويش صفت انسان هو.

هي درويش لکڻ پڙهڻ کان سواءِ ٻيا به ڪيترا هنر جهڙوڪ درزي، واڍي، ڪوري ۽ موچيءَ جو ڪم به ڄاڻندو هو.

 

130. زهر کاڌو اٿم ته موت نٿو اچي!

ننڍپڻ ۾ وتايي کي ماڻس درزي وٽ ڪم سکڻ ڪاڻ ويهاريو. هڪڙي ڏينهن درزي رومال ۾ ڪا شيءِ ويڙهي اچي جاري تي رکي، وتايي کي چيو ته مون کي ڪو ڪم ڪار آهي، دير سان ايندس. هن جاري تي، هن رومال ۾ ويڙهيل زهر رکيل آهي. متان تون کڻين، نڪي ٻئي ڪنهن کي هٿ لائڻ ڏج.

درزي ويو هليو. وتايي اٿي رومال کوليو ته ماکيءَ سان ڀريل پيالو ويڙهيو پيو هو. هن کي خيال ٿيو ته درزي هيڏو سارو ڪوڙ ڇو ڳالهايو. کڻي چئي ها ته ابا، هن ۾ ماکي آهي، ڪنهن کي به نه ڏج، ته ڇا ٿي پوي ها. هاڻ استاد کي ڪو سبق سيکارجي. جيئن ڪوڙ هڻڻ جي گت ڇڏي ڏي، سو اتان اُٿيو رومال کڻي اچي بازار ۾ وڪيائين. جيڪي ڏوڪڙ مليس، انهن جي نانوائي کان ماني وٺي، اچي پيالي کي ٻرو ڏنائين. پوءِ ساڌ پاڪ بنجي ويهي رهيو. جڏهن درزي آيو ته اچڻ سان جاري تي نگاهه ڪيائين. وڌي اچي ڏسي ته خالي پيالو رکيو آهي. وتايي کان پڇيائين ته رومال ڪيڏانهن ويو؟ هن چيو آءٌ ڪم ۾ هوس ته ڪو چور لاهي کڻي ويو. پوءِ تو کيس ڇو نه جهيلو؟ اُتر ڏنائين، گهڻو ئي پٺيان پيو سانس پر جهل نه ڏنائين! اُمالڪ ڀڄي ويو. پوءِ توهان جي ڊپ کان اچي پيالي وارو زهر پي ڇڏيم ته استاد جي موچڙن کان اڳ موت اچيم ته چڱو. ڏاڍو ڏک اٿم ته توهين اچي ويا آهيو، پر اڃا موت ڪونه آيو آهي! هن کان پوءِ درزي ڪوڙ ڳالهائڻ جي پچر ڇڏي ڏني.

 

131. اهو تنهنجو پاڇولو هو!

صبح سان هڪ ماڻهو وتايي کي اچي سڏ ڪيو. فقير چيو ويٺو آهيان، هليو اچ. اهو ماڻهو اندر ويو. فقير پڇيس ڏي خبر ڪيئن پنڌ پيو آهين؟ چيائين ته رات ڏاڍا سڻڀا مال کائي سُتس. خواب ۾ شيطان ڏسڻ ۾ آيم. سوچيم ته توهان کان پڇان ته انهيءَ سُپني جو ويڃاڻو ڇا آهي؟ وتايي پڇيس شيطان ڪهڙي شڪل ۾ توکي ڏسڻ ۾ آيو؟ چيائين ڊهه بڊهه گڏهه جهڙو هو. وتائي تعبير ٻڌائيندي چيس، ڪوبه ڊپ نه ڪر! اهو تنهنجو پاڇولو هو. اهو ٻڌي هو ڦڪو ٿي هليو ويو.

 

132. گهوڙو چور کڻي ويا، سنج ڪير کڻي؟

هڪڙا ٻه ماڻهو وتايي وٽ آيا، هڪڙي چيو درويش، اڄ تو وٽ هڪ نياءُ کڻي آيو آهيان. اسان جو نبيرو ڪر.

وتايي چيو ته بيان ڪر. هن چيو ته هيءُ ٻيو ماڻهو جيڪو مون سان گڏ آهي، سو منهنجو نوڪر آهي. مسافريءَ تي نڪتا هئاسين، هتان کان ڪوهه ٻن پنڌ تي گهوڙو ٿڪجي پيو ۽ انڌارو ٿي ويو. نوڪر کي چيم ته گهوڙو بنهين نٿو چُري، سنج لاهي هت وڻ هيٺ ويهي ٿا وسرام وٺون. صبح تائين گهوڙي جو ٿڪ ڀڄي پوندو، پوءِ اٿي روانا ٿينداسين. هن چيو ٺيڪ آهي. پوءِ سنج لاهي وڇائي ويٺاسون. مون هن کي چيو ته تون سمهي پؤ آءٌ گهوڙي جي نگهداري پيو ڪندس. هن چيو ته اهو ڪونه ٿو جڳائي جو مالڪ پيو چوڪيداري ڪري ۽ نوڪر پيو ننڊون ڪري. توهان سمهي پؤ، آءٌ پيو جاڳندس. خير هي جاڳندو رهيو، آءٌ ليٽي پيس. ٿوري جهٽڪي ڪرڻ کان پوءِ هڪل ڪيم ته جاڳين پيو يا سُتو پيو آهين، ڇُڙڪ ورندي ڏنائين ته جاڳان ته پيو، پر هڪڙي مسئلي اچي منجهائي ڇڏيو اٿم. پڇيو مانس ته اهو مسئلو ڪهڙو آهي؟ چيائين، ٻڌو اٿم ته هي ڌرتي پاڻيءَ مٿان الله سائين بيهاري آهي، جي پاڻي مٿان بيٺل آهي ته پوءِ ٻڏي ڇو نٿي؟ مون چيو ته انهن خفقانن کي ڇڏ، گهوڙي جو ڌيان ڪج. چيائين توهان بي فڪر رهو. آءٌ وري چيلهه سڌي ڪرڻ لڳس، پر کُٽڪي ۾ ننڊ به نه ٿي آيم، اڌ ننڊ ته اڌ سجاڳي هيم. سو پهر کن کان پوءِ وري پڇيومانس ته هوشيار آهين، ڪي ننڊ نهوڙيئي؟ چيائين سجاڳ آهيان، پر وري ٻيو معاملو مغز ۾ کُپ کوڙي ويٺو اٿم. چيومانس ته اهو وري ڇا آهي؟ چيائين ري ڀنڀين آسمان بيٺو آهي، سو ڪري ڇو نٿو؟ چيومانس الله کي مڃ! ڇڏ انهيءَ ڀُوڪپائيءَ کي. گهوڙو نه وڃائين. چيائين، گهوڙو اکين آڏو ٻڌو بيٺو آهي، سو ڪٿي ٿو وڃي. توهان بيپرواهه رهو.

مون کي ٽيون ڀيرو جاڳ ٿي هڪل ڪئي مانس، چيائين بلڪل جاڳان پيو، پر هڪڙو نه ٻيو سوداءُ نٿو ڇڏيم. مون پڇيس ته الائجي ڪهڙن پورن ۾ آهين؟ الله سائين شل خير ڪري! چيائين ته ٻيو ته ڪو پُور ڪونهي، اهو اُلڪو اٿم ته الله سائين عادل انصاف پسند موليٰ مهربان آهي، پوءِ توکي مالڪ ۽ مون کي نوڪر ڇو بنايو اٿس؟ جي پاڻ ٻئي هڪ جهڙا هجون ها ته ڪهڙو گهاتو پوي ها. ان تي مون کي بُڇان آئي، سخت تنبيهه ڪئي مانس. چيومانس ته پويون پهر آهي، وڏا دوڏا پَٽي ويهه! اهي ترڪ تال ڇڏي ڏي. پوءِ آءٌ چڙ ۽ ڪاوڙ کان سمهي رهيس ۽ سج اڀرڻ تي اک پٽيم جان کڻي ڏسان ته گهوڙو ٺهي ئي ڪونه. وائڙو ٿي پڇيم ته اڙي گهوڙو ڪيڏانهن ويو؟ چيائين ته منهنجي به اوچتو اک لڳي وئي. گهوڙو شايد چور ڪاهي ويا. پر هاڻ سمجهان ٿو ته خدا برابر انصاف ڪندڙ آهي، شايد منهنجي من جي منشا موجب اهو ڪم ٿيو آهي.

بس گهوڙي جي گم ٿيڻ تي منهنجا طاق لڳي ويا. ڀانئيان ته هن کي ڪچو ئي کائي ڇڏيان، جنهن ڪوڙا اٺسٺا دل ۾ رٿي گهوڙو ڇوڙايو آهي. هاڻ چيومانس گهوڙو ته ويو پر سنج کڻ ته ڪنهن وسينءَ ڀيڙا ٿيون، ڪٿي هلي ڪا دانهن ڪوڪ ڏيون. من ڪو تدارڪ ٿئي ته سنجن کڻڻ کان نابري واريو ويٺو آهي، پريان هِن ڳوٺڙي کي ڏٺوسون. چيومانس ته هل ته هلي ڪنهن ڏاهي کان آچار ڪرايون. تون نوڪر ٿي سنج ڇو نٿو کڻين. چيائين ته هلو. پوءِ هت آيا آهيون. ماڻهن چيو ته هت وتايو داناءُ ٿو رهي. ان کان وڃي فيصلو ڪرايو. تڏهن تو وٽ آيا آهيون. وتايي چيو مون سربستي ڳالهه سمجهي، نوڪر کي تڏهن پُور ٿي پيا، جو تو هن کي پورو پگهار نه ڏنو آهي، هينئر به پگهار جا پئسا ڏينس ته بلاشڪ سنج کڻي هلندو. مالڪ چيو ته اجهي سندس مهيني جي پگهار جا رپيا. توهين وٺي ڏيوس ۽ چئوس ته هلي سنج کڻي. وتايي نوڪر کي رپيا ڏنا ۽ چيائينس ته ابا، پنهنجي مالڪ سان گڏجي وڃي سنج کڻي اچ! هُن چيو مون سنج کڻڻ کان انڪار به انهيءَ ڪري ڪيو هو جو پگهار نٿي ڏنائين. هاڻ وڃان ٿو. ٿوري دير کان پوءِ ٻئي موٽي وتايي وٽ آيا. چيائون سائين سنج به اتان ڪو کڻي ويو آهي. وتايي چيو ته مون سوچيو ته اوهين جو ضد ڪري آيا آهيو، سو پويان سَڻائي ٿي ويئي هوندي. تڏهن ته نوڪر کي پگهار ڏياريم. جو سنجن کڻڻ جي آسري تي توهان ڏنو هو، پر جي سنج نه ڏسو ها ته پگهار هرگز نه ڏيوس ها. هاڻي گهوڙي ۽ سنجن جون پڇائون ڪندا وڃي ڳوٺ رسو.

 

133. ٺهيو ٺڪر نيٺ ته ڀڄڻو آهي!

فقير کي ڪنهن ڪنڀار ٺڪر جا ٿانءَ ڪُنو، دکي، جمني، ٽڀي، پاٽ، پاٽوڙو، ڪونڊي، طباق، سڻڪ، پيالا، دانگي ۽ ٻيا ڪجهه دلا، ڪُپا ۽ هڪ مٽ ڏنو ۽ چيو ته فقير هيءَ خدا ڪارڻ ٻارهن مهينن لاءِ ٿانءَ اٿئي، جي سڀئي گهر ۾ ڪم ايندءِ. مون کي دعا ڪج! فقير چيو ته ايترا ٿانءَ مون کان ته ڪونه کڄندا. ڪنڀار اهي ٿانءَ ٽنگڙ ۾ وجهي پنهنجيءَ گڏهه تي ٽنگڙ رکي ڏنس، چيائينس ته ٿانءَ گهر ڇڏي پوءِ ٽنگڙ ۽ گڏهه مون کي موٽائي ڏئي وڃج. فقير جيئن گڏهه تي ٿانءَ کنيو پئي آيو ته ماڻهو مٿس چٿرون ڪرڻ لڳا. ڪو چوي ته فقير ڪنڀار ٿيو آهين ڇا؟ ڪو چوي فقير ڪنڀارن وٽن نوڪر وڃي بيٺو آهين فقير چيو ڪنڀار به انسان آهن، نوڪر به انسان بيهندا آهن. مون کي ته الله جي واٽ ۾ ٿانءَ مليا آهن، جي ٻئي ڪنهن کان کڻايان ٿو ته مزوري ڀرڻي پوندي، سو ڏوڪڙ ڪين اٿم، پنهنجو ڪم پاڻ ٿو ڪريان. هڪڙي چيو ته فقير، پيالو پَٽ تي ڪِري ڀڄي پيو اٿئي. تو ان جي خبر ڪانه لڌي! فقير چيو ويئي جو ارمان ڪرڻ اجايو آهي. جيڪي بچيا، گهر تائين پهتا، سي ئي منهنجا ٿيندا. گهڙيو ٺڪر آخر ڀڄڻو آهي.

 

134. شرم کان پيتيءَ ۾ لڪو آهيان!

هڪڙيءَ رات وتايي جي گهر ۾ چور آيا. چورن جي اچڻ جو ڌٻڪو سڻي، فقير هڪ پراڻي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ وڃي لڪو. چورن سڄو گهر اُهاڙيو پر ڪجهه به ڪونه هٿ آين. هڪ چور پيتي اٿلائي ته ڳؤري لڳس، جان کڻي مٿيون ڍڪ کڻي ته وتايو اندر ويٺو آهي. چور چيس کلا ڊڄڻا! لڪي ويٺو آهين، ته متان چور سچي ڪرائينم يا ماري نه وجهنم؟ وتايي چيو انهيءَ کان ڪونه لڪو آهيان، البت شرم کان اچي پاڻ کي بند ڪيو اٿم ته سڄو گهر ڦولهڻ کان پوءِ، چور چوندا ته بنهين ڪو سُڃو آهين، ناحق هن گهر ۾ آياسين ۽ پوءِ وڃي نلائي ڪندا ته وتايي جي گهر ۾ ڀينگ پئي واڪا ڪري. سو انهيءَ لڄ کان لڪي ويٺو آهيان. چور ڏاڍا شرمندا ٿيا.

 

135. دلبي ۽ دولاب سان منهنجي ڪان پوي!

ڪنهن ماڻهوءَ وتايي فقير کي هڪڙو گڏهه الله ڪارڻ ڏنو هو. فقير گڏهه ڪاهي گهر آيو. ٿورا گهڻا ڏينهن گذريا ته فقير جي توڻ کُٽي پئي. ماڻس چيس ته اهو گڏهه شهر ۾ وڪڻي سيڌو پاڌو وٺي اچ. وتايو گڏهه ڪاهي شهر ۾ آيو. هوڪا ڏيڻ لڳو ته ڪو مون کان هي گڏهه خريد ڪري!

ماڻهن چيس ته ائين هلي هلي ڄڙهه نڪري ويندءِ. گڏهه پڙيءَ تي ڪاهي وڃي دلال جي حوالي ڪر ته اهو ان گهڙيءَ ۾ وڪڻي ڏيندءِ. ”سچي ٿي چئين.“ ائين چئي گڏهه پڙيءَ تي اچي دلال کي ڏنائين. چيائينس ته هي وڪڻائي ڏنيم. دلال چيو ته هينئر وقت پورو ٿي ويو آهي. سڀاڻي ساجهر اچج ته ٻولي لڳارائيندس. وتايي ٻئي ڏينهن دلال کي گڏهه ڏنو.

دلال وڏي واڪي چوڻ لڳو ته ٻولي لڳايو، هي گڏهه خراساني آهي، هن جي ماءُ يزداني هئي، هن جو پيءُ برفاني هو. تمام اصيل گڏهه آهي. ٽيهه چاليهه مڻ کڻي ڊوڙون پائڻ ۾ ڪمال ٿو ڪري. هن گڏهه کي ڄاڻو، ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو ڪو خريد ڪري نه سگهندو. ڇو ته وتايي وٽ ٿو رهي. وتايو پاڻ به اناج لاءِ سڪندو ٿو وتي، سو گڏهه کي ڪٿي ٿو داڻو کارائي سگهي. آءٌ اوهان کي پڪ ٿو ڏيان ته ٻه مهينا هن جي دل جان سان چاڪري ڪريو، پوءِ کانئس ڪم وٺو. جيڪي چيو اٿم، ان ۾ ذرو به ڦيرو ڏسو ته پنهنجا پئسا واپس وٺي وڃجو، پر ٻيڻو مون تي ڏنڊ رکجو. آهي ڪو واڪ ڏيڻ وارو؟ آهي ڪو ٻولي لڳائڻ وارو؟ اهڙا گفتا ٻڌي وتايي فقير دلال کي ڪن ۾ چيو ته جي واقعي اهڙي سوکڙيءَ جهڙو گڏهه آهي ته نه وڪڻانس، وڃي گهر بيهاري کارايانس؟ دلال آهستي چيس ته اهي حرف رڳو ماڻهن کي ڦاسائڻ لاءِ ٿو ٻوليان. اڄڪلهه دلبي ۽ دولاب کان سواءِ ڪٿي ٿو دنيا جو ڪارخانو هلي! تون ماٺ ڪري بيٺو رهه. ٿوري دير کان پوءِ جهول ٽَڪن جي ڀري وڃ ۽ مون کي پنهنجي دلاليءَ جو چوٿون حصو ڏج!

وتايي چيو ته دلبر ۽ دولاب سان منهنجي ڪان پوي! مون کي گڏهه الله واٽ مليو آهي، سو وڃيو ٿو الله جي جهنگ ۾ ڇڏيانس، جڏهن چَري چَري متارو ٿيندو، تڏهن اچي وڪڻندوسانس.

 

136. فقير جي جيئري جاڳندي ڪرامت!

چون ٿا هڪ ڏينهن وتايو فقير پنهنجي گهر اگهاماڻيءَ ۾ ويٺو هو، ته هڪ عورت روئندي وٽس آئي. چيائين فقير پنجون سال ٿيو آهي، منهنجي مڙس کي گهر مان نڪتي. سندس ڪا ڪَل ڪانهي، ڪٿي آهي ڇا پيو ڪري، جيئرو آهي يا مري ويو؟ ٻارڙا ابهم ڇڏي ويو آهي، پويان جي سار نه لڌي اٿس. آءٌ ته جنڊ ڪڍي ڪڍي مري وئي آهيان. خدا جي واسطي ڪٿان به مڙس مون کي ڳولي هٿ ڪري ڏيار ته آسائتي ٿيان. آءٌ تو وٽ پنهنجي دُعا وٺڻ ۽ پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ آئي آهيان، الله کان پني به منهنجي مدعا پوري ڪر. فقير مائيءَ جي منهن ۾ چتائي ڏٺو، جيڪا لڙڪ اُگهي رهي هئي، پوءِ پنهنجي سامهون ويٺل ڪُتي کي حڪم ڏنائين، ته جنبورا، اُٿي وڃي هن مائيءَ جي مڙس کي ڳولي اچ. ڪتو اٿي هليو ويو. مائي وٽس ويٺي رهي. پهر ڏيڍ کان پوءِ ڪتو اچي فقير اڳيان پڇ لوڏڻ لڳو. فقير مائيءَ کي چيو ته مائي، اٿي الهندي طرف گهاٽن ڪرڙن ۾ وڃي ڏسي ته بروبر مڙس هيڏانهن هوڏانهن پيو ڊوڙي ۽ ليئا پائي. زال مڙس کي چيو اتي ڇا پيو ڪرين؟ مڙس چيو ته تون هت ڪيئن آئي آهين؟ زال چيو تون پنهنجو قصد اول سڻاءِ ته پوءِ آءٌ توکي پنهنجو اچڻ ٻڌائيندس. مڙس چيو ته آءٌ ٺٽي شهر ۾ آهيان. پلو وٺي آيو هوس، تنهن کي اڱڻ ۾ رکي اندران لوڻ کڻڻ ويس ته هڪڙو جنبورو ڪتو آيو، جو پلو کڻي وٺي ڀڳو. آءٌ پٺيان پيو سانس ته هِنن ڪرڙن ۾ اچي گم ٿي ويو آهي. ڪتو ۽ پلو ٻئي ڪونه ٿا لڀن. تون پنهنجي خبر ڪر. زال کلي چيو ته هيءُ ٺٽو ڪونهي، هي اگهاماڻيءَ جا ڪِرڙ آهن. مون وتايي فقير کي منٿ ڪئي، جنهن پنهنجي جنبوري ڪتي کي حڪم ڪيو، جو توکي هتي وٺيو آيو آهي. پهرين هل ته اهو ڪتو ڏيکاريانءَ پوءِ مون سان گڏجي گهر هل. پنج سال مون تنهنجو اوسيئڙو ڪيو ته نه ماڻهو منجئي نه ڪو حال احوال. تون عيالدار ائين منهن موڙي وڃي ويهي رهئين؟ ڪو ٻچن جو به دل ۾ خيال ڪو قياس ڪونه پيئي؟ هو منجهي پيو، چيائين چرچو ڇڏ، سچي ڳالهه سڻاءِ! هن چيو ته سچ ۽ ڪوڙ جي سُڌ مون سان گڏجي هل ته پاڻهي پوندءِ! مڙس زال سان هيڪاندو ٿي هليو. زال سڌو وتايي جي آستان تي آئي. اُتي هُن جي مڙس ويٺل ڪتي کي سڃاتو. چيائين ته پڪ اهوئي ڪتو هو، جيڪو پَلو کڻي ڀڳو هو. پوءِ وتايي کي به سڃاتائين. پر اها خاطري نه ٿيس ته ڪو آءٌ جهٽ پٽ ۾ اگهاماڻي ۾ پهچي ويو آهيان، پوءِ زال سان گڏجي گهر آيو ته سندس ٻچا پڻ ابا ابا ڪري اچي چنبڙيس، پر اهو سمورو لقاءَ هو جادوءَ يا خواب وانگر ڏسندو رهيو. جڏهن هفتو ٻه گذريو ته پوءِ ڄاتائين ته فقير پنهنجي ڪرامت سان مون کي وطن واري آندو آهي. اها ڪرامت اهڙي مشهور ٿي، جو ماڻهو وتايي جي ڪڍ ڪاهجي پيا ۽ فقير اگهاماڻي ۾ رهڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org