وتايي فقير
بابت روايتون
الف: روايت
سهڻا سخن جن جا، موتي ۽ الماس،
داتا ڏي تون دل ۾، تِن پاڪن جي پياس،
آگا اندر منهنجي ۾، آهي اهائي آس،
لاهي اڄ اداس، سچن جي صحبت ڪاڻ.
اڄ اسين انهيءَ خدا جي ٻانهي جو ذڪر ڪريون ٿا،
جنهن کي عام طرح ”وتايو فقير“ سڏيو ويندو آهي. اها
حقيقت آهي ته هيءُ جنهن نموني، رنگ ۽ ڍنگ ۾ رهندو
هو، تنهن ۾ سڀ ڪو هن کي ٻالو ڀولو سمجهندو هو، پر
الله پاڪ ته هن سان انهيءَ ڀورڙائيءَ ۾ اهڙا ڀال
ڪيا، جهڙا پنهنجن پيارن بندن تي ڪندو آهي:
الا، ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا!
(شاهه صاحب)
هيءُ درويش انهيءَ ڀورائيءَ جي ويس ۾ به ماڻهن کي
اهڙا ته سياڻپ جا نقطا ٻڌائي ڇڏيندو هو، جو سڀني
کي حيرت وٺي ويندي هئي. سندس نقل گهڻا مشهور آهن.
انهن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته بظاهر هن جيڪي چيو آهي،
سو کِل جهڙو آهي، ليڪن حقيقت ۾ ان ۾ وڏي نصيحت ۽
سبق سمايل آهي. افسوس آهي، جو اهڙي نيڪ ٻانهي جو
ڪوبه حقيقي تذڪرو اسان وٽ نه آهي.
چون ٿا ته وتائي فقير جا وڏا اصل ۾ هندو کٽي هئا.
جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا، وتايو تاجپور شهر ۾ ڄائو
هو، جتان ڪجهه وقت بعد سندس مائٽ لڏي اچي نصرپور ۾
ويٺا. جڏهن هيءُ وڏو ٿيو، تڏهن پڻس هن کي عمرڪوٽ
مان مڱايو. ان وقت ئي هن جو اهڙو نمونو هوندو هو،
جو سڀ هن کي وَتُو چريو سڏيندا هئا.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هيءُ گهمندو گهمندو وڃي
عمرڪوٽ نڪتو. تڙ تي مايون پاڻي ڀري رهيون هيون. جي
هن کي سڃاڻنديون هيون. انهن ۾ هن جي مڱ به بيٺل
هئي. ٻين زالن سندس مڱ کي چيو ته، ”تون وَتُوءَ کي
کيڪار، ڏسون ته ڇا ٿو چوي؟“ جڏهن کيس سندس مڱ
کيڪاريو تڏهن يڪدم چيائين:
؟چريا کريا آهيون پر سڃاڻون سڀئي ٿا!“
ڪجهه وقت گذرڻ کان وتائي فقير جي شادي ٿي ۽ هو
پنهنجي وني وٺي نصرپور ۾ آيو.
سندس والد ميلهورام جيڪو پنهنجي روح ۾ موحذ هو ۽
هن جو ڪاروهنوار، ۽ اٿڻ وهڻ گهڻو مسلمانن سان هو.
سو پنهنجي زال، پٽ ۽ ننهن ۽ آل اولاد سوڌو مسلمان
ٿيو. سندس نالو شيخ غلام محمد رکيو ويو ۽ وتايو
جنهن جو اصل نالو وتن مل هو، تنهن جو نالو شيخ
طاهر رکيو ويو، پر سندس نالو وتايو جيڪو خلق جي
زبان تي چڙهيو ۽ عام ٿي ويو.
ٻي روايت هيءَ آهي ته پنهنجي پيءَ جي وفات کان
پوءِ وتايو جنهن جو روح اصل ۾ واحد وارو هو، جيڪو
ڪن ظاهري سببن ڪري ماٺ ۾ رهيو. سو پنهنجي ماءُ ۽
زال سوڌو مسلمان ٿيو ۽ سندس نالو ”شيخ طاهر“ رکيو
ويو. پر جيئن ته سندس اصل نالو وَتُو مشهور هو،
تنهن ڪري مسلمان ٿيڻ بعد به سندس نالو ”طاهر“
ماڻهن کان وسري ويو. ۽ هو وتوءَ بجاءِ وتايو سڏجڻ
لڳو، جو اڄ ڏينهن تائين مشهور ۽ معروف آهي. هن جي
تُربت ٽنڊي الهيار کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي
اُلهندي طرف آهي.
ب: روايت
صدقي ٿيان محـــبوب تــــوتان، مون سان ناتو نينهن
اڙايو ٿئي،
دڳ گمراهيءَ وارو ڇڏائي، رستو صاف وٺايو ٿئي،
چڱي هئي ڪا قسمت منهنجي، حاصل ٿي آ صحبت تنهنجي.
وڻي نٿي ڪا رغبت ڪنهن جي، جــــا ڪـون جام پلايو
ٿئي.
حق جو مليو پيغام اندر کي، ياد نه آيــــو آرام
اندر کي،
وڻي ويو آ اسلام اندر کي، ڪوڙو ڪفر ڇڏايو ٿئي،
آهين باغ حقانيءَ جو گل، ماڻڪ مــوتي خاص امل،
دم دم مست ”وتي“ سان ملي، مون کي مست بنايو ٿئي.
مٿئين شعر مان ڀانئجي ٿو ته هن کي حضرت رسول ڪريم
ﷺ
جن جي زيارت نصيب ٿي هئي، تنهن ڪري پنهنجو اباڻو
ڌرم ڇڏي مسلمان ٿيو ۽ مجازي عشق مان حقيقي عشق کي
پهتو. فيض رباني سان ڀرپور ٿي ويو ۽ رڳ رڳ ۾ سندس
داخل الاهي نُور ٿي ويو. هو سالڪ نه رهيو پر مجذوب
بڻجي ويو ۽ مجذوبن جي وات مان جيڪو ٻول ٻاهر
نڪرندو آهي، سو درگاهه ڌڻي سڳوريءَ ۾ قبول پوندو
آهي، ڇو ته مجذوب نه کائڻ مان مزو وٺن ٿا، نه وري
عمدو لباس ڍڪين ٿا، جو نفس خوش ٿئي. وَتو فقير به
نهايت سادي طبيعت رکندڙ هو، سادي خوراڪ کائيندو ۽
سادي پوشاڪ ڍڪيندو هو. سندس ٻول نصيحت جي نُقطا
آهن. انهن جي پوري پروڙ تن کي پوندي، جيڪي سياڻا ۽
پڙهيل پختا آهن. باقي جيڪي ماڻهو نقل ٻڌي ٽهه ٽهه
ڪري کلي کيرا ٿين ٿا، سي پوري مطلب کي نٿا پهچي
سگهن.
جيئن ته هڪ ولي الله پنهنجي مجلس ۾ چيو: ”مان
کاوان ٿو جيئڻ لاءِ، ۽ ٻيا جيئن ٿا کائڻ لاءِ.“
انهيءَ جو مطلب اهو فرق ٿو ڏيکاري، ته ولي خدا جو
رڳو کاڌو ايتري قدر ٿورڙو کائيندو آهي، جنهن کاڌي
جي طاقت سان رات يا ڏينهن عبادت الاهي ڪري سگهي.
باقي ٻين جو جيئڻ رڳو کائڻ لاءِ آهي ۽ رڳو کاءُ
کاءُ جو خيال اٿن. اهڙا ماڻهو جي پنهنجا پيٽ کاڌي
سان ڀرپور ڪندا ته نُور خدائي اندر ڪٿي ماپي
سگهندو؟ ان ڪري خيال هلائي انهيءَ مطلب تي پهچڻ جي
ڪوشش ڪريو، جنهن مراد تي وتايي فقير ڳالهايو آهي.
1.
اگهاماڻو
ڏهين صديءَ ڌاري سنڌ ملڪ منجهان سنڌو درياءُ ڇهن
درياءُ ڇهن ڇاڙن ۾ ورڇجي وهندو هو. اُنهن ڏينهن ۾
سنڌ جو اُڀرندو ۽ ڏاکڻو حصو بلڪل آباد سرسبز
علائقو هوندو هو.
درياءُ لوهاڻي ۽ مُهراڻي جي وچ واري واديءَ کي
”سماواتي پرڳڻو“ ڪوٺيو ويندو هو. تنهن ٽاڻي سنڌ جا
مکيه ۽ وڏا شهر، وگهه ڪوٽ، رتن ڪوٽ، قدم ڪوٽ، ڏيجي
ڪوٽ، عمرڪوٽ، روپاماڙي، ساموئي ۽ ننگر ٺٽو هئا.
لوهاڻي درياهه تي مشهور ٻه بند هڪ نصرپور ۽ ٻيو
اگهاماڻو شاندار بندرگاهه ليکبا هئا، اگهاماڻو شهر
اٽڪل ٻن ميلن ۾ پکڙيل هو. هن جي آدمشماري ويهن
پنجويهن هزارن کان مٿي هئي. هتي هر قسم جا ڪاريگر
۽ ڪاسبي رهندڙ هئا. هتي وڏن وڏن سيٺين ۽ شاهوڪارن
جون ڪوٺيون ۽ ڪارخانا هئا. بندر هئڻ ڪري سماواتي
پرڳڻي جو واپار ٻيڙين وسيلي درياهه اُڪري سمنڊ پار
ملڪن سان هلندڙ هو.
اگهاماڻي جي بندر تي وڏا وڏا گهاٽ ۽ تَڙ هئا، جتي
ٻيڙين جون بهيرون ڏسڻ ۾ اينديون هيون. شهر ۾ هرهڪ
ڌنڌي ۽ هنر وارن جون جدا جدا بازارون هيون، هزارين
رپين جي روزانو ڏيتي ليتي ٿيندي هئي.
هت هڪ وڏي ديني درسگاهه هئي، جنهن سان لڳ وڏي مسجد
۽ حجرا پڻ موجود هئا. ان جو مهتم هڪ خدا جو
برگزيده ٻانهو عامل باشريعت مخدوم محمد اسماعيل
سومرو هو. جنهن لاءِ سوچيو وڃي ٿو ته ڪاٺياواڙ جي
پاسي جو هو. هو سياح ۽ سيلاني هو ۽ جڏهن اگهاماڻي
۾ آيو ته سنڌ جي آبهوا پسند آيس. هتي ديني درسگاهه
کولي ويٺو. هن درسگاهه ۾ هر ديني مضمون فقه، شرع،
حديث، منطق، حڪمت، حساب صرف ۽ نحو تعليم ڪاڻ وڏا
وڏا ناليرا اُستاد مقرر ٿيل هئا. ڪيترائي علم جي
اُساٽ وارا ڪٿان ڪٿان کان ڪَهي هت اچي علم پرائي
پنهنجي علمي پياس اُجهائيندا هئا.
سمن جي صاحبيءَ ۾ جيڪي به مولوي، عالم، قاضي ۽
حافظ پيدا ٿيا، تن کي اگهاماڻ جي سَندُن،
دستاربندين چوٽ چاڙهي ناليرو ڪري ڇڏيو هو.
ج: روايت
وتائي جي پيءُ جو نالو ميلهورام هو ۽ سندس اصل
نالو وتڻ مل هو، جو پوءِ وتو مل سڏجڻ ۾ آيو.
ساڳئي سمي عمرڪوٽ ويجهو مهراڻي درياهه تي رنگريز ۽
کنڀاٽين جا ڪيترائي پاڙا رهندا هئا. جن سان
ميلهورام پڻ کنڀاٽي هئڻ ڪري گڏجي ڪم ڪندو هو. اُهي
بگ، چُنيون، پيٽيون، اَجرڪون، دمچيون ۽ پڙا وغيره
رڱي وڪڻي گذران ڪندا هئا ۽ اهو سامان مسلمان ئي
هنڊائيندا ۽ اوڍيندا هئا. پري پري تائين سندن ڪم
جو ناماچار هوندو هو.
اوچتو اهڙو ڦيرو آيو جو سندن ڌنڌو ماٺو ٿي ويو.
ڏڪار پيو ۽ اوائلي اپت ۾ ڪَتر پوڻ لڳي. پوءِ رڱاوت
جو ڪم ڪندڙ کتري ٽڙي پکڙي ويا پر ميلهو رام خيال
ڪيو ته اسان ڪاڻ اگهاماڻو شهر بهتر ٿيندو. اتي
مسلمان گهڻا ٿا رهن ۽ بندر هئڻ سبب مال جو اُڪلاءُ
ٿيندو رهندو. ڇو ته هتان جو ڏيساور سان واپار هلي
ٿو. پوءِ هو ڪٽنب سميت لڏي اگهاماڻي ويو.
1. اگهاماڻي ۾ رهڻ:
َ
اگهاماڻو، ته درياهه جي لڳ شهر هو، پر ان کان سڏ
پنڌ تي هڪ پيرل نالي واهه به وهندو هو. ان واهه تي
ماڻهن جا ٻه ٽي گهر هئا، جي پَتڻ ڍوئي ڪندا هئا.
ميلهورام پنهنجي ڌنڌي جي لحاظ سان پيرل واهه تي
رهڻ پسند ڪيو. هڪڙي وڏي ڪنڊيء جي وڻ وٽ ڪچيون
جايون ٺهرائي رهيو. ساڻس گڏ سندس پٽ وتڻ مل عرف
وَتو پنجن سالن جو ۽ ڀائيٽيو ستن سالن جو ڀاڄائي ۽
سندس گهر واري گڏ هئا. سال ٻن کان پوءِ وَتوءَ کي
عمرڪوٽ مان مڱايائين، جيڪو ظاهري طرح آلو ڀولو پيو
لڳندو هو. ميلهورام خيال ڪيو ته منهنجي هنر جو مال
مسلمان چوڙين ۽ پائين ٿا، هت گهڻائي مسلمانن جي
آهي. ڇوڪرا به پڙهڻ کان انڪاري آهن. هيءُ مدرسو
مسلمانن کي تعليم ڏي ٿو، ڇونه کڻي مسلمان ٿڪجي ته
سڀ آساني ٿي پئي، پوءِ گهر جي ڀاتين سان صلاح
ڪيائين، جن کيس وڏو ڄاڻي سندس چوڻ ڪيو ۽ کيس
مسلمان ٿيڻ لاءِ ساڻس گڏ رهي مسلمان ٿيڻ ۾ خوشي
ڏيکاري.
2. مسلمان ٿيڻ جو واقعو
هڪڙي ڏينهن ميلهورا مخدوم صاحب جن جي ڪچهريءَ ۾
آيو ۽ پنهنجو دلي مقصد بيان ڪيائين. مخدوم صاحب جن
خوش ٿيا. هن جي ڪٽنب کي جمعي نماز بعد بيعت وٺي
مشرف با اسلام ڪيائين. اهو شايد 973هه سال هو.
ميلهورام جو نالو شيخ غلام محمد، سندس ڀائٽي جو
نالو شيخ عالي ۽ وَتوءَ جو نالو شيخ طاهر عرف
وتايو، مخدوم صاحب پاڻ رکيو. عربيءَ ۾ وطاءُ پيرن
اگهاڙن سان گهمندڙ ماڻهوءَ کي چئبو آهي. ٻيو اسان
جو سنڌي لفظ ”وٽو“، جنهن ۾ پاڻي ٿا پيون، سو پڻ
اصل ۾ عربي لفظ وطاءُ آهي. اسان وٽي کي جمني
ڪوٺيندا هئاسين. مخدوم صاحب شايد اها ڳالهه ڌيان ۾
رکي، هن مجذوب تي جنهن جا پَريندي پرڪار پڌرا هئا،
پيرين اگهاڙو نالو رکي ڇڏيو. پوءِ سڀ شيخ سڏجڻ
لڳا. شيخ غلام محمد پنهنجي رڱاوت جي ڌنڌي کي لڳو
رهيو. ٻنهي ڇوڪرن کي مخدوم صاحب جي مدرسي ۾ پڙهڻ
ڇڏيائين، پاڻ مخدوم صاحب جن وٽ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ
سومهاڻي نماز وٽن مسجد ۾ پڙهندو هو ۽ ساڻن ڪچهريون
ڪندو هو. ٿورو پري پنڌ هئڻ سبب پنهنجي مسجد
پنهنجي پاڙي ۾ پڻ ٺهرايائين. جتي باقي نماز جا وقت
پڙهندو هو.
وتايو اگهاماڻي ۾ لڏي اچڻ وقت اٽڪل پنجن سالن جي
ڄمار جو هو. ننڍپڻ کان ئي مستانو ۽ مجذوب پيو ڏسڻ
۾ ايندو هو. هن کي پيءُ مدرسي ۾ سوٽهنس شيخ عاليءَ
سان گڏ پڙهڻ ڇڏيو، پر پڙهڻ تي چاهه ڪونه هئس، تنهن
ڪري ڇڙواڳ پيو هلندو هو، پڻس کي خيال ٿيو ته
منهنجي مرڻ کان پوءِ متان ماڻهو کيس وڌيڪ چريو ڪن،
تنهن ڪري کيس مڱائي به ڇڏيائين. هوڏانهن شيخ عالي:
ڪنز، قدري ڪافيه ۽ ٻيا فقه جا ڪتاب پڙهي قابل ٿيو
هو. هن کي نصرپور جو قاضي ٿي رهڻ لاءِ وقت جي
حڪومت جو پروانو مليو هو.
وتائي جي نه پڙهڻ ڪري ۽ پڻس جي مري وڃڻ ڪري وتائي
جي ماءُ کي ڏاڍو صدمو پهتو. کٽڻ ڪمائڻ وارو مري
ويو هو. پٽ ۾ اهڙي اميد رکڻ عبث هئي. تنهن هوندي
به پاڙي جي ملاح پاتڻين کي منٿ ڪيائين ته هن کي
پتڻ هاڪارڻ سيکارين ۽ پاڻ وٽ رکن، جيئن ٽُڪر ڀور
جا سکيا ٿي پوَن.
هن کي مهاڻن پتڻ ڍوئو ڪري رکيو، جيڪو نُول ملندو
هوس، سو پاڻيءَ ۾ اڇلي ڇڏيندو هو. پڇڻ تي ٻڌائيندو
هو ته ٻيڙي هلي درياهه جي پيٽ تي ۽ پئسا کڻو
توهين! آخر انهن به ڪڍي ڇڏيس. ماڻس چيس ته: ڪو ته
ڪم ڪر نه ته بک مري وينداسين. پوءِ هُو پيءُ جي
گراهڪن وٽ ويو، انهن کان ڪو ڍينگلو ڇڏائي کڻائي
آڻي درياهه جي ڪپ تي، کوٽرائي رکيائين ۽ ٻين کان
ڏاند پني آيو. هُرلي ۾ ڏاند ته ٻڌائين پر اَڏ جو
منهن ڦيرائي درياهه ڏانهن ڪري ڇڏيائين. ڍڳي وهڻ
سان جيڪو پاڻي درياهه مان نڪتو ٿي، سو موٽي وري
وڃي درياهه ۾ پيو ٿي. اِن نموني هُرلو (نار)
هڪليندي ڪيترائي ماڻهو اچي وتايي جو رؤنشو ڏسي کلڻ
لڳندا هئا. پر درويش کي انهن جي کلڻ جي پرواهه
ڪانه هوندي هئي ۽ پنهنجو ڪم روزانو ڪندو رهندو هو.
جڏهن پوکون پڪيون ته خالي ٻوريون کڻي انهن هارين
وٽ ويو، جن جون درياهه تي لهاريون پوکون هيون ۽
انهن هارين کي چيائين ته منهنجي پاڻيءَ جي حصي جو
اَنُ ڏيو. هاري پڇڻ لڳا ته ڪهڙو تنهنجو پاڻي هو؟
ته انهن کي ٺڙٺپ ٿي چيائين ته توهين سُنهن قسم کڻو
ته منهنجي هُرلي جو پاڻي توهان جي ٻنين ڏانهن ڪونه
ٿي وهي آيو. هارين کلي هن کي ٻوري ٻوري اَنَ جي
ڀري ٿي ڏني، پوءِ ته پهاڪو مشهور ٿي ويو ته ”ڪهڙو
وتايي وارو اُبتو چرخو پيو ڦيرائين؟“
اتي اگهاماڻي ۾، ڪيتريون ئي عجيب غريب ڳالهيون
وتايي هٿان ٿيون هيون
3. اگهاماڻو ڇڏڻ:
وتايو ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ اچي ڪپڙا لاهي ڇڏيندو هو.
ننڍو هو ته ماڻس فقط قميص ۾ مدرسي موڪليندي هُيس.
استاد کيس ٻاهر ويهاريندا هئا. خاص طرح مخدوم محمد
اسماعيل جڏهن هن کي ڏسندو هو ته آسمان ڏانهن پيو
نهاريندو هو، ۽ خدا جو نالو وٺي الائجي ڇا ڇا پيو
چوندو هو؟ طهريل ڪونه هو. تنهن ڪري مخدوم جو هن کي
اگهاڙو ۽ اڻ طهريل ڏٺو ته مسجد مان ڪڍي ڇڏيائينس،
ڇو ته هن جي مستاني هئڻ ڪري مائٽ اها رسم بجا
آڻائي نه سگها هئا.
مسجد کان نڪرڻ کان پوءِ پاراتو ڏيندي مسجد کي چيو،
”خدا جو گهر ڪوٺائي مون کي اچڻ نٿي ڏين، باقي جلد
ئي تو وٽ چٻرا اچي واسو ڪندا.“ ٿيو به ائين مخدوم
پاڻ جهٽ گذاري ويو ۽ مسجد ۽ مدرسو ڦِٽي ويو. اڄ به
اتي چٻرن جا آستانا موجود آهن.
جڏهن شيخ عالي نصرپور ۾ قاضي ٿيو ته هو ماءُ کي
وٺي نصرپور ۾ اچي رهيو، پر وتايو قاضي عاليءَ سان
گڏ نه رهيو. هو ملڪ جي سير سفر تي نڪري پيو. ڪيترن
ئي شهرن ۾ ورهين جا ورهيه رهيو. جڏهن ڇِڪ ٿيندي
هيس ته ماءُ کي اچي ڏسندو هو ۽ جيڪي ملندو هوس، سو
ماءُ کي آڻي ڏيندو هو.
4. وتايي جو مرڻ:
چون ٿا ته وتايو ٽن هنڌن تي مئو. اول ڳوٺ پسنديءَ
جي دڙي تي. جتي ڪن هندن ۽ مسلمانن ۾ جهڳڙو ٿيو،
اُتي هن کي سنياسي فقير سمجهي هندن ساڙڻ جي ڪوشش
ٿي ڪئي ۽ مسلمانن دفن ڪرڻ جي ارادي سان فقير کي ٿي
کنيو. هنن جي گوڙ تي وتايو اٿي کڙو ٿيو. چيائين ته
هت به نه مئاسين!
ٻيو دفعو شيخ ڀرڪئي لڳ گس تي مئو پيو هو. اتان ڪي
ڌراڙ ڇوڪرا مال چارڻ لاءِ مال هڪلي وڃي رهيا هئا.
اڳيان ڏٺائون ته ماڻهو مئو پيو آهي. متان مال نه
لتاڙيس، سو ٽنگن ٻانهن کان جهلي گهلي پاسيرو ڪري
ڇڏيائونس. اتان فقير اٿي هيئنءَ چوندو ويو:
”سڌ پئي مُئاسون، ٽنگن ٻانهين کنياسون، پر هت به
نه مئاسون.“
ٽئين ڀيرو واڳونءَ ڏر
وٽ لوهاڻي درياهه جي ڪپر تي مئو پيو هو، ته ڪي
عورتون اتان اچي لنگهيون، جن سمجهيو ته ڪو چريو
ٻڏل ٿو ڏسجي، درياهه جي ڇولين ڪپر تي اڇلي ڇڏيو
اٿس. پوءِ هڪڙي ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيو ته ناٽڪو
(ساهه ) هليس پيو. تنهن تي اُتي گڏهه جي لِڏ ميڙي،
دُکائي ان جي دونهين جو واس نڪ ۾ ڏنائونس، ته فقير
اٿي کڙو ٿيو. چيائين عجب آهي! ڪالهوڪي مئل کي لِڏ
جو واس ڏئي اڄ کڻي اٿاريو اٿوَ؟
هاڻ هلون ٿا اڳتي: پڇاڙيءَ جو اٽڪل ستر پنجهتر
ورهين جي عمر جو ٿيو ته سندس سئوٽ شيخ عالي،
جو کانئس گهڻو اڳ گذاريويو هو، ۽ عمر ۾ به کانئس
وڏو هو، تنهن جي قبي تي مجاور ٿي اچي ويٺو. هڪڙي
ڏينهن فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ ڀر واري ڪڙيي مان وضو
ڪرڻ لاءِ ڪپ تي ويو ته پير تِرڪي ويس، ڪڙيي ۾ ڪري
پيو ۽ ٻڏي مري ويو. ماڻهن کي تمام دير سان خبر
پئي. پوءِ پاڻيءَ مان ڪڍي سينگاري پکاري شيخ
عاليءَ جي قبي جي در سامهون ڏهاڪو کن وِکن تي
اڀرندي ڏانهن دفن ڪيائونس. هن وقت مٿس چوڪنڊي ٺهيل
آهي.
|