سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: وتايو فقير

باب: ٽيون

صفحو :6

وتايو فقير

ولي محمد طاهرزادو

باب چوٿون

 

ڏاکڻي سنڌ ۾ وڌيڪ هلندڙ لطيفا

 

37. ماٺ ڪر ته ڏوڌ نه ڀرين!

وتايي فقير وٽ هڪ ڍڳي هوندي هئي. ماڻس جو اُن سان گهڻو پيار هو. هڪ سال مال ۾ اچي موڙو پيو. گهڻن ڀاڳين جا وٿاڻ خالي ٿي ويا. چوڌاري مال جي مرڻ جي دانهن لڳي وئي. وتايو به ان ڌڪ کان بچي نه سگهيو، جو سندس ڍڳي به مري وئي. ماڻس روئڻ، پٽڻ ڪُٽڻ لڳي. وتايي چيس ته امان، ايتري ڪاوڙ نه ڪر. الله سائين ڪروڌ ۾ اچي مرڳو ڏوڌ نه ڀرائي وٺئه!

 

38. ٽانڊو دوزخ ۾ ڪونهي!

هڪ ڏينهن وتايو ۽ ماڻس سفر تي نڪتا. واٽ تي سج لهي وين. رات پئجي ويئي. ماڻس چيو ته ابا. جهوت ڏيئي ڪٿان ٽانڊو ته هٿ ڪري وٺ ته ماني پچائي کائون. فقير ٿورو هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻي، موٽي آيو ۽ چيائين، امان ٽانڊو ڪٿي ڪونهي!

ماڻس چيو ته پوءِ ڀل دوزخ مان ئي کڻي اچ. وتايو کلي پيو. چيائين ته اتي به ويو هوس. پڇا ڪيم، چيائون هت ٽانڊو ڪونهي. سڀ گنهگار پاڻ سان گناهه جي باهه کڻي ايندا آهن. ان باهه تي دوزخ مچندو، بس!

 

39. اهو به نه ڦُرائين!

فقيرکي ماڻس چيو ته سگهو ڪپڙو ڪونهي، روڪڙ جي گهرج آهي. اٿي ڪا پورت ڪر. وتايي رب پاڪ کي سوال ڪيو. جواب مليس ته اهو ٻير جو وڻ ڌوڻ. وتايي ٻير کي ڌوڻيو ته پَن پَٽ تي ڪرندا رپيا ٿيندا ويا. ڄڻ رپين جو مينهن پئي وٺو. انهن مان هڪڙو رپيو کڻي اچي ماءُ کي ڏنائين. چي، هن مان ڪو ڪپڙو وٺي ڍڪ. ماڻس چيس ته هيٺ ته گهڻائي رپيا پيا آهن، تو رڳو هڪڙو رپيو کنيو آهي؟ جواب ڏنائين ته هٻڇ نه ڪر، وري جي اچي ويس ريچڪ ته رپئي کان به سڪائيندو ۽ اهو رپيو به ڦُرائي ويهندينءَ.

 

40. آءٌ ڪٿان کائيندس!

وتايي کي شوق ٿيو ته ٻني پوکجي، ماڻهن کي منٿ ڪيائين ته مون سان اچي آبت وهو. ڪيترائي ماڻهو فقير جي سڏ تي جوڙا ڪاهي آيا. اچي جو لڳا ته اٺ ڏهه جريب زمين کيڙي ويا ۽ پوءِ ڏاند ڇوڙي ويٺا. سٺي ڀَت جو انتظار ڪرڻ، ڇو ته آبت پوري ٿيڻ تي ونگارين کي هر ڪو مٺو ڀٽ کارائيندو هو. گهڻي دير گذري ته وتايي کي چيائون ته فقير، ڀلا ڇا ويٺو ڪرين، اُٿي ڀَت آڻ!

فقير چيو ته انهيءَ ويچار ۾ ويٺو آهيان، ته توهين ته گهر به وڃي کائيندؤ، پر آءٌ ڪٿان کائيندس.

 

41. چڱو ٿيو جو اُڇلي ڇڏيم نه ته منهنجا به لاهه نڪري وڃن ها!

وتايو ڀر واري ڳوٺ ڏانهن ٿي ويو. واٽ تي سج لهي ويس. مٿان رات پئي هن وٽ کيسي ۾ هڪ رپيو پيل هو. هن کي ڊپ لڳو ته متان هن رپئي لاءِ ڪو هلاڪ نه ڪري وجهيم. سو اهڙي ڊپ واري شيءِ کان جند ڇڏائجي. پوءِ رپيو ڪڍي هڪڙي ڪرڙ جي پاڙ ۾ اڇلائي هليو ويو. صبح جو ڪي ڌنار اتان اچي لنگهيا. چمڪندڙ رپئي تي نظر پين. مال ڇڏي اچي رپيو کنيائون. پوءِ دل ۾ چيائون ته لاشڪ هتي ڪا ملڪيت پوريل آهي. بس پوءِ ته اچي ڪهاڙين جا وارو وار کڻي ڪيائون. آس پاس جا وڻ سڀئي پاڙئون پٽي ٻاهر ڪيائون، پر ٻيو ٿيو مڙئي خير. هوئي اهڙو هڪڙو رپيو. ٻي ڏينهن جڏهن فقير اتان اچي مَٽيو ۽ وڻن سان ويل ٿيل ڏسي، چوڻ لڳو، ”چڱو جو اُن کُٽڪي کي اڇلي ڇڏيم، نه ته هنن وڻن وانگر منهنجا به لاهه نڪري وڃن ها!“

 

42. مئل نه هجان ها ته گاڏي نڪتل ڏسين ها!

هڪ ڏينهن وتايو ماءُ کان ڪاوڙجي نڪتو. چيائين هن گهر ۾ وري نه ايندس وڃيو ٿيو ڪٿي مران. ائين چئي اچي مقام ۾ کڏڙي کوٽي سمهي رهيو ته جيستائين ساهه نڪري وڃي، تيستائين اتي سُتو پيو هوندس. مقام جي ڀر ۾ ڪا ٻني هئي، جنهن جو پاڻي ڀڄي وڃي واٽ ۾ پيو هو. اتان ڪو بيل گاڏي وارو مال سان ڀريل گاڏي ڪاهي اچي لنگهيو گپ هئڻ سبب گاڏي گچي پئي هوڪا ڪرڻ لڳو ته ٻيلي ڪو اوري پري همراهه هجي ته اچي مون کي مدد ڪرائي جو گاڏي گتي پئي اٿم. اهو هوڪو ٻڌي وتايي چيو ته يار، سڏ تنهنجو ٻُڌو اٿم، دل به پئي چئي ته تنهنجي مدد ڪريان. پر مُئو پيو آهيان. مئل نه هجان ها ته گاڏي هن کان اڳ ٻاهر نڪتل ڏسين ها!

 

43. هي ڍڳو منهنجو آهي!

وتايي فقير ٻني آبت تي کيڙائي پر هرلي ۾ ڍڳو واهڻ لاءِ کپندو هوس، سو لڳو ڳوٺن ۾ لوهون ڏيڻ. آخر هڪڙي ڳٺ مان چاليهن رپين ۾ ڍڳو خريد ڪيائين ۽ پئسا ڪتي لٿي ڏيڻ جو واعدو ڪيائين. پوءِ ڍڳو ڪاهي، ڳوٺ ڏانهن ٿي آيو ته جيڪو ماڻهو مليس، سو پڇيس ته فقير ڍڳو ڪنهن جو آهي؟ جي چوي ته منهنجو آهي ته وري پڇيس گهڻي ورتو اٿئي ۽ ڪٿان ورتو اٿئي ۽ ڪنهن کان ورتو اٿئي؟ اهڙن سوالن جا جواب ڏيندي، بنهين خفي ٿي پيو. سو ڇا ڪيائين جو ڳوٺ ٻاهران اچي، ڍڳو وڻ سان ٻڌي پاڻ مٿي وڻ تي چڙهي. گهوڙا گهوڙا ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو، ڳوٺ وارا سڀئي سِگها سِگها اچو نه ته وتايي جو حال ڪونهي. ماڻهو رڙين تي ڊوڙندا آيا. پڇيائونس، فقير تو سان ڪهڙي ويڌن آهي، جو سڄو ڳوٺ کڻي گڏ ڪيو اٿئي؟ چيائين ته هي ڍڳو جيڪو وڻ سان ٻڌو پيو آهي، سو مون چاليهن رپين ۾ خريد ڪيو آهي. منهنجو ئي آهي، چوريءَ جو ڪونهي، نڪي خدا ڪارڻ مليو اٿم. توهان سڀني کي سُڌ ٿو ڏيان، جنهن کي خبر نه هجي، تنهن کي ٻُڌائي ڇڏجو. ائين چئي وڻ تان لهي ڍڳو ڪاهي ويو هليو.

 

44. جيڪي چوانءِ سو ته اڳئي آهين!

وتايو فقير ڪٿي پري وڃڻ لاءِ سنڀريو، خيال ڪيائين ته ڪنهن کان وهٽ ڇڏائي چڙهي وڃان. پوءِ سڀني واقف ڪارن وٽ لنگهي ويو، جنهن وٽ وڃي سو کُتو جواب ڏيو ڇڏيس.

چوڻي آهي ته سڀ ڪو سائي جو، غريب کي ڪير پڇي به ڪونه. رُلي رُلي واپس ٿي آيو ته هڪ سونهون منهن ۾ مليس، دل ۾ آيس ته هن کي صدا هڻي ڏسان، من مولا من ۾ وجهيس. پنڌ کان پوءِ به ڪُتي جي وات ۾ چڱو. گڏهه هڪي تڪي اٿس من کڻي ڏيڻ جي هام هڻي! سو هن کي چيائين مون کي فلاڻي شهر وڃڻو آهي، پيادو وڃي رسڻ ۾ دير لڳنديم، صبح کان وٺي وهٽ لاءِ ڦريو آهيان، هرڪو ڪياڙي کڻيو ڏيکاري. جي تون مهرباني ڪرين ته الله ڪندو ته خوش هوندين. هن چيو منهنجو وهٽ هي گڏهه اٿئي، سا قبول پوي ته حاضر اٿئي، جيڪو حال حبيبان، سو پيش پريان. وتايو خوش ٿيو. گڏهه جي ان کان واڳ ورتائين. مٿس چڙهي اٿي هليو. گڏهه ڍرڙي پئي هلي، فقير وٺي سؤنٽا ڀيڙيس. ڏنڊن جي باهه کان گڏهه وٺي فقير کي ڪُڏائي پَٽ سان هنيو. سڄو ڌوڙ ۾ ڀَڀُوت ٿي ويو. گڏهه کي ڏسي چوڻ لڳو، ”جيڪي چوانءِ سا ته اڳئي آهين.“ ڪپڙا ڇنڊي گڏهه ڌڻيءَ کي ڏئي، پيادو وڃي ان شهر کان نڪتو.

 

45. مرنداسين اُتي، جتي ڪو سڃاڻو نه هوندو!

وتايو سير ڪندو هڪڙي وڏي شهر ۾ آيو. قسمت سان بيمار ٿي پيو. سو شهر جي مسافرخاني ۾ هڪڙي ڪنڊ ۾ گودڙي وڇائي ليٽي پيو. بيماري وڌي وئي ۽ مٿس غشي طاري ٿي ويئي. سڄو ڏينهن بيهوش پيو هو. ماڻهو اچي گڏ ٿيا. تن چيو هن جو ڪو هتي مٽ مائٽ، ڄاڻ سڃاڻ هجي ته انهن کي ٻڌايو. خبر ناهي هندو آهي يا مسلمان آهي! وتايي اهي لفظ ٻڌي چيو، هتي هندڪي مسلمانڪي پئي هلي، آءٌ اُتي مرندس جتي ڪو سڃاڻو نه هوندو. ان جولان ۾ گودڙي کڻي رمندو رهيو.

 

46. ڇڏ انهيءَ کي جنهن الله به وسارايو!

هڪڙي ڀيري فقير وڏي سڏ، لا اله الالله جو ذڪر ڪندو پئي ويو ته واٽ تي ڪنهن سخي مرد، هن کي خدا ڪارڻ هڪ رپيو ڪڍي ڏنو. فقير رپيو وٺي اٿي هليو ته دل ۾ هورا کورا ٿيس ته رپئي جو اَنُ وٺان يا امان جا ڪپڙا وٺان، يا رکي ڇڏيان. انهي رد بدل ۾ ذڪر وسري ويس. پوءِ اوچتو ڇرڪ ڀري چيائين، هيءُ ڇا!؟ هڪڙي رپئي خدا جو نالو وسارائي ڇڏيو آهي، جي گهڻا هجن ها ته الائجي ڪهڙو حال ٿئي ها!؟ ڇڏ کڻي ان کي جنهن الله وسارائي ڇڏيو آهي! اهو سوچي رپئي کي اُڇلائي ڇڏيائين.

 

47. ماريو ته انهيءَ تڪڙ آهي!

هڪڙي سال وتايي کي خيال آيو ته ڪنهن سان ڀائيواريءَ تي گڏجي ٻني پوکيان. سو هڪڙي ڪڙميءَ کي چيائين ته مون کي پاڻ سان ڀائيوار ڪر. هن قبول ڪيو. ٻئي ڏينهن گڏجي زمين تي آيا ۽ جهنگ وڍڻ شروع ڪيائون. پوءِ هاريءَ چيس ته تون وڃي اُماڙي کڻي آءٌ ته ڪوهڙ ساڙيون. وتايو ٺوٻر کڻي ويندو رهيو. ويو ته وڃڻ کي ويو. هاريءَ هَرَ ڏنا، سانور گهمايو، ٻج ڇٽيو، پاڻي ڏنو، پر وتايي جي وتاڳ به ڪانه سُڻائين. آخر ته پوک پچي تيار ٿي، لابارو پيو، اَنُ ڳاهيو، وائريو ۽ رانهه ٿي. جڏهن بٽئي ٿيڻ جو ڏينهن آيو، ته وتايي کي خبر پئجي ويئي ۽ ٺڪر ۾ ٽانڊو کڻي ڊوڙندو کري تي آيو. اڇا ويجهو ٿيو ئي ڪونه هو، ته ٿاٻڙجي ڪري پيو. ڀائيوار هاري پڇيس، هيترا ڏينهن ڪٿي هئين؟ جو اچڻ سان ڪري پيو آهين؟ فقير چيو ته ٽانڊو هٿ ڪرڻ، وري جلد ورڻ ڪري ڪريو آهيان. هاريءَ چيو ڇهن مهينن کان پوءِ ظاهر ٿيو آهين، وري چوين ٿو ته جلد وريو آهيان؟ وتايي چيو، تڏهن ته چوان ٿو ته: ماريو ته انهيءَ تڪڙ آهي.

 

48. دعا ڀلي نه سُڻ، پر کڏ ۾ ته نه هڻي مار!

هڪڙي ڏينهن وتايو ڳاٽ مٿي ڪريو الله کي ستائيندو پئي ويو. ڪنڌ مٿي هوس ۽ چيائين پئي وتايي تي پنهنجو رحم ڪر، وتايي جو حال ڪونهي ٻڌاءِ ته وتايو ڇا ڪري؟ جنهن کي پروس کڻي ڇڏيو اٿئي. ايترو چوندي اڳيان ڪا کڏ هئي، تنهن ۾ وڃي ڦهڪو  ڪيائين. ڪرڻ سان چوڻ لڳو ته دعا ڀلي نه سُڻ، پر کڏ ۾ هڻي ته نه مار!

 

49. ڄار جي پاڙ تائين ڊپ اٿئي!

وتايي وٽ هڪ رپيو پٽڪي جي پلاند ۾ ٻڌل هو. رات رستي ۾ پئجي ويس. ڊپ ۾ ته متان ڪو ڦورو ملي ۽ رات وڳڙي ۾ ماري وجهي يا چوي ته ڪڍ ناڻو ٻاهر، نه ته ماريائين ٿو. اهي پور پچائي رپيو پلاند مان ڇوڙي هڪڙي ڄار جي وڻ جي پاڙ ۾ پوري ڇڏيائين. پوءِ بي ڊپو ٿي اڳتي هلڻ لڳو، ته هڪ ڇڙو ماڻهو مليس، جنهن چيو ته يار هن جوءِ ۾ چورن ۽ رهزنن جو ڀؤ آهي، توکي ته ڪونه مليا؟ ڪهڙي هنڌ انهن جو گهڻو خوف آهي؟ وتايي چيو گهڻو خوف البت انهيءَ ڄار جي پاڙ تائين آهي، پوءِ ڪوبه ڀؤ ڀولو ڪونهي.

 

50. ڇُٽي پيو سومهڻي جي سورن کان!

وتايو جنهن مسجد ۾ نماز پڙهندو هو، تنهن جو مولوي سومهڻيءَ جي نماز تمام ڊگهي ڪري پڙهائيندو هو. هڪ ڀيري ڳوٺ جي ڪن ماڻهن وتايي کي چيائون رات فلاڻو گذر ڪري ويو. وتايي پڇيو ڪير هو؟ سندس ڪو نشان پتو ٻڌايو. هنن چيو جيڪو تنهنجي ڀر ۾ بيهي نماز پڙهندو هو. فقير چيو، چڱو ٿيو، ڇُٽي پيو سومهڻي جي سورن کان.

 

51. پوءِ ڀَڏن تي سينڊون هڻندو وتندو!

ڳوٺ ۾ مهامري اچي پئي. ڳوٺن جا ڳوٺ ماڻهن کان خالي ٿيڻ لڳا. ڪي ماڻهو گڏجي وتايي وٽ آيا ۽ چيائونس ته فقير، دعا گهر ته الله سائين رحم ڪري، بُڇڙي (وبا/بيماري)، ملڪ مان نڪري وڃي. چيائين ڇڏي ڏيوس، ماڻهو مري ٿيندا ڀينگ، سندس نالي وٺڻ وارو به ڪو ڪونه رهندو، پاڻ اڪيلي سر پوءِ ڀڏن تي سينڊون هڻندو وتندو!

 

52. آسمان وارو معصومن جي جهٽ ٻڌي ٿو!

هڪ ڏينهن وتايي وٽ ڪي سنگتي اچي ڪَٺا ٿيا. چيائونس ته ڏاڍي بک لڳي آهي، ڪجهه کاراءِ. فقير ويچار ۾ پئجي ويو ته هڪ ڇوڪر ڪوهر کڻي هوڪو ڏيندو اچي ڀرسان لنگهيو. فقير امالڪ ان کي سڏي چيو ته بابا، هنن همراهن کي ڪجهه کاراءِ. پوءِ ٻالڪ سپيون ڀريندو هر ڪنهن کي چڱا خاصا ڪوهر ڏيندو ويو. تان جو سڄو پاٽوڙو خالي ٿي ويس. پوءِ وتايي کي چيائين ته ڏي پئسا. وتايي چيو ماٺ ڪر جيسين پئسا اچن. ڇوڪر وٺي گوڙ گهمسان ڪيو. چي: مون مسڪين جا ڪوهر مفت ۾ وتايي کارائي ڇڏيا آهن. پئسا به نٿو ڏي، چوي ٿو ته ماٺ ڪر، پَهر گذري ويو آهي. وتايي چيو ته مون توکي چيو ماٺ ڪر، گهوڙا گهوڙا نه ڪر! ائين چئي ٻه ٽي ٿڦون وهائي ڪڍيائينس. ٿڦون لڳڻ سان وڌيڪ ڇوڪر آسمان مٿي تي کڻي ڏنو. ماڻهو اچي ميڙ ٿيا. ڇوڪر کان پڇيائون ته ابا ڇا آهي؟ ڇوڪر سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ان تي هڪڙي ماڻهوءَ چيو وتايي وٽ ڪٿان آيا پئسا؟ اچي وٺ جيترا تنهنجا پئسا ٿين سي کڻ. پوءِ ڇوڪر ڏوڪڙ وٺي ويندو رهيو. سنگتين پڇيس ته اهو ڇا ڪيئي؟ چيائين مون وٽ هڙ ۾ ڪي ڪين هو، سمجهيم ته تڪڙو سوال خدا به ڪين سڻندو. سو هن معصوم کي ٿڦڙ هڻي، دانهون ڪرايم، جو ٻڌي اٿم ته: آسمان وارو معصومن جي جهٽ ٻڌي ٿو.

 

53. لِڪڻ جو لَڪ ناهي.

وتايي فقير کي ڪنهن همراهه ڏسي،زور ڪري چيو ته فقير مرڻ برحق آهي؟ فقير چيو تڏهن ٿو چوين موت برحق آهي جو لڪڻ جو لَڪ ٺاهي.

 

54. هڪڙو ڏيان نه ٻيو لکايان به نه؟

هڪڙي شاديءَ جي دعوت وتايي فقير کي به مليل هئي. سڀئي ماڻهو ڀت کائي پوئو لکائيندا ٿي ويا. ڪنهن ڪيترو ته ڪنهن ڪيترو ٿي لکايو. وتايو اهي واڪ ٻڌي، لکندڙ جي ويجهو آيو ۽ چيائين منهنجا به پنج رپيا پوئو لکي ڇڏ. لکندڙ چيو رپيا هٿ ۾ ڏي ته پوءِ لکيان. فقير چيو، چڱو ٿو چئين. اهڙو گنهگار مون کي ٿيڻو ڪونهي. هڪڙو رپيا ڏيان به نه، ٻيو لکايان به نه!

 

55. تنهن ۾ توهان جو ڇا؟

وتايي فقير کي چيائون ته اڄ ديڳ ڀت جي توهان جي پاڙي ۾ همراهه کڻيو پئي ويا. وتايي چيو ته تنهن ۾ منهنجو ڇا؟ ماڻهن چيو فقير اهو سمورو ڀت تنهنجي ماءُ کي پئي ڏنائون. تڏهن وري چيائين، تنهن ۾ توهان جو ڇا؟

 

56. ڇو ٿي مڙس کي هائيءَ ۾ هڻين؟

هڪڙي ڏينهن وتايو پاڙي مان ڪنهن مائي کان ڏڌ وٺڻ ويو. گهر جي ڌياڻيءَ مڙس کي پئي چيو ته ميان تون به ڪنهن اولياءَ تي باس وڃي باس، مڃتا مڃ ته الله سائين ڪا مٺي مراد پسائينئي. اولاد سان جهولي ڀرينئي. وتايي اهي حرف ٻڌي مائيءَ کي ٻاهر اچڻ لاءِ سڏ ڪيو، جڏهن مائي ٻاهر آئي ته هن کي چيائين ته هوءَ اروڙيءَ تي ٻارنهن ٻچن سان ڪُڪڙ پئي چڳي، ڏسين ٿي؟ چيائين هائو. ته پوءِ تون کڻي ٻڌاءِ ته ان ڪهڙي اولياءَ تي سُکا باسي، جي ٻارنهن ٻچا وٺيو پئي هلي ۽ ڪهڙي پير تي پڙ وڌائين؟ ٻڌاءِ؟ چري ڏيڻ وارو ڏيي ته ويرم ئي ڪانهي. ڇو ٿي غريب مڙس کي هائيءَ ۾ هڻين.

 

57. گابي کان رنڀ ڪرائين ها!

هڪڙي ڀيري وتايي ڍڳي پئي ڏڌي. گابي کي ونگ سان ونگي ڇڏيو هئائين. کير ڏهندي کيس گابي ڌارائڻ جو خيال لهي ويو. چارئي ٿڻ ڏهندو رهيو ته گابي گُبو هنيو ته ونگ ڍرو ٿي ويو. ونگ ڍري ٿيڻ تي ڳئونءَ جو وٺي لت هنئي ته لوٽي اونڌي ٿي پئي. اتي خدا کي چوڻ لڳو ته مولا سائين، جي مون کي گابو ڌارائڻ وسري ويو هو ته توکي ته ياد هو، تو ڍڳيءَ کان لت هڻائي سڀني کي بک مارايو. کڻي گابي کان رنڀ ڪرائين ها.

 

58. ڳنڌڻ ته ڪونه مليو، پر ماني کان به نراس!

هڪ ڏينهن وتايي جي اڳيان ماڻس ماني آڻي رکي. پڇيائينس ته رُکي ماني آهي ڇا؟ ماڻس چيو، ها. وتايي چيو رُکيون مانيون کائي بيزار ٿي پيو آهيان. ماني کڻ، مون کي نه کپي، ڪو ڳنڌڻ مليو ته کائيندس، نه ته نه. ماڻس چيو ته الله سائين کان دعا گهر ته ڪو ڪٿان در پٽي ڏي، باقي آهي ڏڌ لپ به ڪانه. ته چڱو، آءٌ ڪٿان لسيءَ لپ ڇڏائي ٿو اچان. ائين چئي اٿيو، ڇونه سندس ڪتو به ڇڙيل پٺيان بيٺو هو. وتايي جو اُٿڻ ۽ ڪُتي جو مانيءَ ۾ چڪ وجهڻ. اتي فقير دانهن ڪئي ته ڳنڌڻ ته ڪونه ڏيارئي پر اُن کان اڳي ماني به کڻائي ڇڏيئي!

 

59. نماز لاءِ وڏيري جهڙو بندوبست هجي ها!

وتايي جي مهندان هڪڙو ماڻهو لُر ڀڳو ويو. وتايي ڊوڙي وڃي جهليس، پڇيائينس ته ادا، آهي ته خير، هينئن ٽاپين ۾ ٽٽو وڃين؟ ماڻهوءَ چيو ته ڳوٺ جي وڏيري جو حڪم آهي ته جيڪو نماز نه پڙهي، ان کي ٻڌي مون وٽ وٺي اچو ته ڪُتن جي بڇ ڪرايانس. صبح واري نماز مون پڙهي ڪانهي. ٻڌم ته وڏيري جا ماڻهو رسا کڻيو منهنجي ٻڌڻ لاءِ پيا اچن. هاڻ ڀڳو وڃان ته هنن کي هٿ نه اچان، نه ته وڏيرو پٺيءَ تي موچڙا هڻائيندو. اهو سڻي وتايي منهن مٿي ڪري چيو ڏس ڀلا ڪٿي ٿا ماڻهو شرافت سان نماز پڙهن؟ ماڻهو سڀ نماز پڙهن ها، جيڪر وڏيري جهڙو نماز پڙهائڻ جو بندوبست هجي ها.

 

60. ڀانئين ٿو ته رخ ڪهڙو هوس؟

هڪ سانجهيءَ جو وتايو فقير گدائيءَ شفائيءَ جي خيال سان ڀر واري ڳوٺڙي ۾ ٿي ويو. هُڙيءَ وٽ پهتو ته کيس ڪنهن ماڻهوءَ سڏ ڪيو. فقير مُڙي ڏٺو ته همراهه ويجهو اچڻ جو اشارو ڪيس. هيءُ ويجهو ٿيو ته ڏسي ته هڪڙو ماڻهو وڻن جي اوٽ ۾ بيٺو آهي. هن کان پڇيائين ڇا ٿو چئين؟ هن چيو ته سامهون ئي ڳوٺ ۾ شايد پنڻ  ٿو وڃين؟ فقير چيو هائو. ته چڱو ڪَنَ کولي ٻڌ. ڳوٺ جي منڍ ۾ نم وارو گهر اٿئي، اتي وڃي صدا هڻج. هڪڙي زائفان چِٽي ڳوري، ڳچي ڊگهي، قدآور ۽ ٻه چوٽيون ٿيل خيرات ڏيڻ لاءِ ٻاهر ايندي، هن کي چئج ته سامهون هُڙيءَ ۾ تو وارو سينڌو بيٺو آهي، چيو اٿس سِگهي اچي مون وٽان ٿي وڃ. پهرين اهو نياپو پهچائي، پوءِ ٻيا گهرِ پنجانءِ جي نياپو نه ڏنئي ۽ وري هتان ٿو مٽين ته هيءُ ڪهاڙيءَ ڏسين ٿو، ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندوسانءِ. فقير آنهن ڪري ڳوٺ ۾ ان گهر وٽ اچي سنئين هنئي. ساڳين پارن واري عورت ٻاهر آئي. هن کي سربستو نياپو ڏنائين. اها زال پيغام سڻي اچرج ۾ پئجي ويئي. فقير کي چيائين منهنجو ته ڪو سينڌو يا ڪو چڳ ڪونهي، توکي غلط پارانڀو مليو آهي. فقير چيو مون توکي سڻايو. هاڻ تون ڄاڻ ۽ هُو ڄاڻي. تنهن تي عورت چيس ته ڀلا ڪجهه هن جا پار پتا ڏينم. فقير چيو ڏاٻ تي پٽڪو، مٿي تي ٻڌل، هيٺان ڪاري گوڏ ٻڌل ۽ بُت تي صدري پيل هيس ۽ هٿ ۾ ڪهاڙي هيس. پير اگهاڙا ۽ جُهنڊ هڻيو بيٺو هو. عورت چيو ته اهي پار ته مون کي دل سان ئي نٿا لڳن. وتايي چيو ته نٿا لڳن ته ٺهيو. تڏهن هن زال اُٻهري ٿي پڇيو ته فقير ، ڀلا رخ ڪهڙو هئس؟ فقير چيو ته رخ اهو هئس، جي ويندينءَ ته اُمالڪ پليت ڪندئي.

 

61. بنا اجوري کڻيو پيا هلون!

وتايي جا ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل هئا، سو هڪڙي تڙ وٽان اچي مَٽيو. ڪن زالن تڙ تي ڪپڙا پئي ڌوتا. هڪ پوڙهي عورت وتايي کي ڏسي چيو ته تون ته ڪو مت جو وڙهو آهين، پوءِ هن زالن جي تڙ وٽان ڇو اچي لنگهيو آهين؟ ڏس ته ڪپڙا ڦاٽا پيا اٿئي، وَسلا پيا ڏسجنئي. فقير چيو ته سچ ٿي چوين. اهي وَسلا آهن اوهان جا، ڇو ته ٻار توهين ٿيون ڄڻيو، اسان ته بنان اجوري کڻيو پيا هلون!

 

62. ڏاڍو تکو گهوڙو هو، جيڪو هڪ ئي رات ۾ جهان ڇڏي ويو.

هڪ دفعي ڳوٺ جي هڪڙي زميندار گهوڙو خريد ڪيو. ان کي ڏسڻ جي لاءِ ڪيترائي ماڻهو زميندار جي گهر پهتا، انهن ۾ وتايو فقير به موجود هو. زميندار چيو ته ”مون هيءُ گهوڙو هڪ سؤ روپين ۾ خريد ڪيو آهي، ان لاءِ ته هي تيز رفتار آهي.“ ماڻهن چيس ته ”اوهان هن تي سواري ڪريو ته اسين ڏسون.“ زميندار جواب ڏنو ته ”اڄ هن کي آرام ڪرڻ ڏيو، سڀاڻي صبح جو سوير آئون هن تي سواري ڪندس اوهان ان وقت ڏسجو!“ اهو ٻڌي ماڻهو پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ويا.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻهو ۽ وتايو فقير زميندار جي جاءِ تي پهچي ويا. زميندار کي جڏهن ماڻهن جي اچڻ جي خبر پئي ته ٻاهر نڪري آيو، ان وقت سندس اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. هن گنڀير آواز ۾ چيو ته، ”منهنجو گهوڙو رات مري ويو.“

وتائي فقير چيو ”ڏاڍو تکو گهوڙو هو، جيڪو هڪ ئي رات ۾ هن جهان کان هن جهان ۾ پهچي ويو!“

 

63. گڏهه جي تصوير.

هڪ ڏينهن وتايو فقير ڪنهن تلاءَ ۾ وهنجي رهيو هو. هن جا ڪپڙا تلاءَ جي ڪپ تي رکيل هئا. هڪڙي حرڪتي ڇوڪر ڇا ڪيو جو هن جي قميص تي ڪوئلي سان گڏهه جي تصوير ٺاهي ڇڏي. فقير جڏهن وهنجي ٻاهر نڪتو ته ڪپڙا پاتائين ۽ هن کي سندس ڪپڙن تي گڏهه جي تصوير نظر آئي، ويجهڙائي ۾ ڪيترائي ماڻهو ويٺل هئا. وتائي فقير وڏي واڪي چيو ته ”ڪهڙي گڏهه منهنجي قميص سان منهن اگهيو آهي.“ اهو ٻڏي ڀر ۾ بيٺل ماڻهو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا.

 

64. ماٺ ڪري هليو وڃان ها!

هڪ ڀيري وتايو فقير ڪنهن ڳوٺ ۾ پهتو ۽ اتان جي ماڻهن کي سڏي چيائين ته ”مون لاءِ هڪدم مانيءَ جو بندوبست ڪريو نه ته اوهان سان اهو ئي سلوڪ ڪندس جيڪو اڳئين ڳوٺ وارن سان ڪيو اٿم!“

وتائي جي اهڙي ڌمڪي ٻڌي ماڻهو ڊپ کان هن لاءِ عمدا کاڌا تيار ڪرائي آيا. جڏهن کائي خوش ٿيو ته ڳوٺ وارن پڇيس ته سائين اوهان اڳئين ڳوٺ وارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو هو؟“ وتائي چيو ”مون انهن کان ماني گهري، پر هنن نه ڏني ۽ آءٌ ماٺ ڪري هليو آيس. جيڪڏهن اوهين به ماني نه کارايو ها ته آءٌ هتان به ماٺ ڪري هليو وڃان ها، ٻيو ڇا ڪريان ها!“

 

65. اُبتو ڪري ٽنگڻ به مسخري آهي.

هڪڙي ماڻهوءَ چيو، فقير الله سائين بي نياز آهي، تون ساڻس مسخريون ۽ حُجتون ٿو ڪرين. ڏينهن قيام ابتو ڪري ٽنگيندءِ. فقير چيو هڪ سنئين سڌي ماڻهوءَ کي ابتو ڪري ٽنگڻ به مسخري آهي.

 

66. سمنڊ کي مينهن جي ڪهڙي ضرورت؟

هڪ ڏينهن وتايو لاڙ پاسي ۾، سمنڊ جي ڪِناري تي بيٺو هو. ڏسي کڻي ته سمنڊ مٿان مينهن پيو وسي، سُڪيءَ تي هڪ ڦڙي به نٿي ڪري. سو اکيون مٿي ڪري چيائين: ڏاڍو زور وارو آهين! پاڻيءَ کي پاڻيءَ جي ڪهڙي ضرورت؟ هن ائين چيو ته مينهن بند ٿي ويو. پوءِ ڪيترائي پاڻيءَ جا جيت جڻيا ۽ جانور ڳاٽ اڀا ڪري ٻاهر نڪري آيا. ايتري ساري مخلوق ڏسي، فقير چيو مون کي اها خبر ڪانه هئي، آءٌ ڀلا تو جيترو ڪيئن ڄاڻي سگهندس!

 

67. هُو ڪِني عادت نٿو ڇڏي، آئون سٺي عادت ڪيئن ڇڏيان.

هڪ ڀيري فقير درياهه جو ڪپ ڏيو پئي ويو ته هڪ ڀٽونءَ کي پاڻيءَ ۾ ٻڏندو ڏٺائين. سو ترِي هيٺيان ڏئي. ٻاهر ٿي ڪڍيائينس ته وِڇونءَ ٺڪاءُ ڪرايس ڏنگ. ان جي سور کان تري ڪڍي ورتائين. ته وري ٻڏڻ لڳو. هن وري به تريءَ مٿان کنيس ته ڏنگ هنيائين. ته تري ڇنڊڻ لڳو. ڪنهن ماڻهوءَ اهو تماشو پئي ڏٺو. تنهن چيس فقير، ڇڏ دشمن کي ته ٻڏي مري، ڏسين نٿو ته هو پنهنجي ڏنگ هڻڻ جي بڇڙي عادت ماڳهين نٿو ڇڏي؟ فقير چيو ته هو پنهنجي ڪِني عادت نٿو ڇڏي ۽ آءٌ پنهنجي سُٺي عادت، ٿوري تڪليف ڪري، ڇو ڇڏي ڏيان.

 

68. چڱو چار آنا ڏيو.

وتايي کي ڪنهن ماڻهوءَ خدا ڪارڻ رڍ ڏني هئي. پئسن جي ضرورت هيس، سو رڍ وڃي شهر ۾ وڪڻڻ لاءِ بيٺو. ماڻهن کانئس پڇيو ته فقير رڍ گهڻو ٿي لهي. چيائين ته پنج رپيا. هڪڙي چرچو ڪري چيس ته فقير، لهي ته گهڻئي ٿي پر تون فقير تن آهين، ڪا ڇوٽ به ڪر جو دنيا ۾ تنهنجو ڪو مثال نه ٿئي. فقير چيو ته اهو آزمودو ٿا وٺو ته چڱو رڍ جا چار آنا ڏيو ته آءٌ ماني وٺي وڃي کاوان، ڪالهونڪر بکيو آهيان.

 

69. الائجي ڇا آهي؟

هڪ لڱا رستي تان ويندي فقير چانديءَ جي دٻلي لڌي، کوليائين ته خوشبوءِ پکڙجي ويئي، ڇاڪاڻ ته اُن ۾ کٿوري پيل هئي. وتايي ڪڏهن به اهڙي خوشبوءِ ڪانه سونگهي هئي، منجهي پيو ته الائجي ڇا آهي؟ جي ڪنهن کان پڇندس ته متان چور ڪري ٻڌائيم. پوءِ پور پچائيندو گهر آيو ۽ ماءُ کي چيائين ماني پچائي ڏنيم. جڏهن هن اٽو ڳوهيو ته دٻلي کڻي ان ۾ اُلٽايائين. ماڻس پڇيو اهو ڇا آهي؟ جنهن ۾ ڏاڍي سُرهاڻ آهي؟ وتايي سوچيو وڻندڙ شيءِ آهي، جوکو ڪونه پهچائيندي. پوءِ کٿوريءَ پڪل ماني کائيندي ماڻس پڇيو ڇا آهي، وتائي سادگيءَ سان وراڻيو ته الائجي ڇا آهي؟

 

70. چڱو جو وڻ ۾ ڇانهين نٿي ٿئي!

هڪڙي ڏينهن وتايو ٿڪجي ڪنهن ٻير جي وڻ هيٺان اچي سُتو. مٿي ٻيرن کي ڏسي چوڻ لڳو ته هي وڻ به انبن جي وڻ جيڏو آهي. ان جو ڦر- ٻير ننڍو خلقيو اٿس پر انبن جي وڻن ۾ انب هن کان گهڻو ڳؤرو آهي. تنهن کان به عجب جي هيءَ ڳالهه آهي، جو ڇانهين وري دل ۾ پيدا ٿو ڪري، جيڪا وڻن ۾ پيدا ٿيڻ گهرجي هئي. ايتري جو هڪڙو ٻير اچي ٽڪڻ تي ڪريس ته مٿو کنهڻ لڳو. چوڻ لڳو ته آءٌ ڀُليو آهيان، مٿان ڌڪ هڻڻ ۾ هي ننڍڙو ٻير به قهري ٿو ڏسجي، چڱو جو انهيءَ وڻ ۾ ڇانهين نٿي ٿئي! نه ته وتايو ڪنهن کان موڪلائي به ڪين سگهي ها.

 

71. هر هر جواب ڏيڻ بيحيائي آهي!

وتايو گهر ۾ ڪن گَهرن ويچارن ۾ ويٺو هو. ماڻس چيو ته ابا، ٻاهران ڪاٺيون ڦانگا ڳولي آءٌ ته چُلهه دکايان. وتايي چيو ته مون کي هينئر ڇڏي ڏي. ماڻس ويئي، ڇيڻا ڪاٺيون ميڙي اچي باهه ٻاريائين، پوءِ وري وتايي کي سڏ ڪري چيائين، ابا، هي گهڙو ڀري اچ ته اٽو ڳوهيان، ماني پچايان. فقير چيو، امان چيو مانءِ ڪين ته مون کي ڪجهه به نه چئو. مائي وئي، گهڙو ڀري آئي. ماني پچايائين. پوءِ چيائينس ته ڀلا، ڏڌ لپ پاڙي مان وٺي اچي ماني کاءُ. وري به ساڳي ڳالهه. اصل ڪجهه نه چوينم. پوڙهي ويئي، ڏڌ وٺي آئي، چڱو ڀلا راتوڪو بکيو آهين، ماني ڏڌ رکيو آهي ڪو ته گرانهه کڻ.

الا الا! ماءُ الائجي ڇا ٿيندي آهي؟ جيئن ٿو جهليانس تيئن ٿي نئون حڪم ڏينم. امان، هر هر جواب ڏيڻ بيحيائي آهي. اجهو تنهنجو حڪم مڃيان ٿو. ماني کائي ڍؤ ڪريان ٿو.

 

72. مون کي نماز ڀانءِ نٿي پوي!

پاڙي جي ملان تمام چڱيءَ ريت وتايي کي هدايت ڪئي. مسلمانن کي نماز پڙهڻ گهرجي، جيڪو نماز نٿو پڙهي، سو مسلمان ئي ناهي. اُٿي هلي نماز پڙهه. وتايو ساڻس گڏجي نماز پڙهڻ ويو. اڃا فرض جوٽيائون ته پٺيان واڪو ٿيو ته ”وتايا ڪٿي آهين؟ ڊوڙي آءٌ تنهنجي گهر جي لوڙهي کي باهه لڳي ويئي آهي!“

اهو آواز ٻڌي، نماز کي اڌ ۾ ڇڏي، فقير گهر ڏانهن ڀڄندو ويو ۽ چوندو ويو ته هن مُلن کي گهڻئي ڀيرا چيو اٿم ته ادا، توهان واري مون کي نماز ڀانءِ نٿي پوي، تڏهن به پچار نٿا ڇڏين. هاڻ خوش ٿيا هوندا جو وتايي جو گهر پيو سڙي.

 

73. جيڪا گهڻن جي صلاح!

هڪ دفعي فقير پاڻ سان ڪتو وٺيو پئي ويو. جڏهن شهر ۾ گهڙيو ته سندس ڪُتي کي ٻيا ڪتا ڦري آيا ۽ چڪ هڻڻ لڳس. وتايي وٽ لٺ هئي، سا پنهنجي ڪتي کي ٺڪاءُ ڪرايائين. ماڻهو پڇيس ته فقير، هيءُ ڪتو تنهنجو ڪونه آهي ڇا؟ وتايي چيو هائو، منهنجو آهي، پوءِ تون ڇوٿو مارينس؟ ان ڪري جو ٻيا ڪُتا ڦري آيا اٿس. هاڻ ڪبو ائين، جيئن گهڻن جي صلاح هوندي!

 

74. اسين به مڙس آهيون!

وتايي جي پاڙي ۾ ڪي ٻه زال مڙس اچي پاڻ ۾ وڙهيا. مڙس زال کي موچڙي تي موچڙو پئي هنيو. گوڙ تي فقير هنن جي گهر اندر ويو ۽ موچڙو لاهي هن عورت کي ٻه ٽي پادر هڻي ڪڍيا. مائيءَ جي مڙس پڇيو، ”فقير تون ڇوٿو موچڙا هڻينس؟“ وتايي چيو ”ڀلا تون ڇو ٿو ڪُٽينس؟“ هن چيو ”آءُ ته مڙس آهيان.“ وتايي چيو، ”اسين به مڙس آهيون. ٻيو اسين وري کدڙا آهيون ڇا؟“ مڙس، زال کي مارڻ ڇڏي ڏنو ۽ چيو فقير تون نڪري وڃ، اسين ڄاڻون پاڻ ۾.

 

75. هينگ ته منهنجي گڏهه جي آهي!

وتايي مسافريءَ تي وڃڻ لاءِ گڏهه ڌاري هئي. سا ڳوٺ ۾ پئي ڦرندي هئي. وتايي جي هئي سو ڪير به نالو ڪونه وٺندو هوس. هڪڙيءَ شام جو وتايو پنهنجي گڏهه ڳولڻ لڳو، خيال ڪيائين ته هينئر ٻڌي ڇڏيانس، اسر جو چڙهي فلاڻي ڳوٺ ويندس. پاڙي ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي پري ٿي وهانءَ تي وڃڻو هو، ٻيو ڪو وهٽ هٿ ڪونه لڳس، سو وتايي جي گڏهه جهلي ٻڌي ڇڏيائين ته آڌيءَ مانجهيءَ انهيءَ تي چڙهي روانو ٿيندس. وتايي کي ڪنهن ٻڌايو ته تنهنجي گڏهه فلاڻو تنهنجي پاڙي وارو ڪاهيو پئي ويو. وتايو هن جي در تي آيو. سڏ ڪيائينس. پڇيائين ته ادا، ٻڌو اٿم ته منهنجي گڏهه تنهنجي گهر اندر آهي. مون کي سڀاڻي پري وڃڻو آهي، مهرباني ڪري ڇوڙي ڏينم. هُن کي به پري وڃڻو هو، تنهن وڏا قسم کڻي چيو فقير ڪنهن تو سان چرچو ڪيو آهي، مون کي مرشد جو سُنهن آهي ته گڏهه مون وٽ ڪانهي. وتايي جو آواز سڃاڻي گڏهه اندران هينگ ڪئي. وتايي چيو ته اهو آواز منهنجي گڏهه جو آهي، تو هروڀرو ڪوڙا قسم کنيا آهن. هن چيو فقير تون مون مسلمان جي ڳالهه تي اعتبار نٿو ڪرين، پر هن گگدام جي زبان تي مون تي شڪ ٿو ڪرين؟ سچ پچ ڪو چرٻٽ آهين! هن چيو هائو هائو، ڏٺم تنهنجي مسلماني! هاڻي مسلماني رڳو ڪوڙن قسمن تي وڃي رهي آهي. ائين چئي اندر گهڙي گڏهه ڇوڙي هليو ويو. هو ڪوڙو قسمي ڦڪو ٿيو.

 

76. مون کي خدا ڏيندو ته واپس ڏئي ويندس!

وتايي سان ماڻس گلا ڪئي ته ابا، تنهنجي ماني پچائي ٿي رکان ته ڪتا کڻيو وڃن، جي ڪوٺيءَ کي دروازو هجي ته ڪڙو ڏئي سانڍي رکي ڇڏيان، پوءِ اويل سويل ڪيڏي مهل به گهر اچين ته پنهنجي ماني کائين. هن چيو اجهو در کڻي ٿو اچان. پوءِ ويو، مسيت جو در پٽي گهر کڻي اچي، پنهنجي ٻارٽ تي چاڙهي ڇڏيائين. مسيت جو مُلان آيو، ڏسي ته در ٺهي ئي ڪونه. سو پيرو کڻي سڌو وتايي جي گهر وٽ آيو. سڏ ڪري چيائين ته ”ميان، تون ته هاڻ ماڳهين ارڪانن مان نڪرندو ٿو وڃين. توکي شرم ڪونه آيو جو خدا جي گهر جو دروازو لاهي کڻي اچي پنهنجي گهر تي چاڙهيو اٿئي؟“ وتايي چيو شرم ته گهڻو ئي آيم پر ماني ڪتا کڻيو ٿي ويا. سوچيم ته جڏهن مون کي دروازي جيتري توفيق ٿيندي، تڏهن دروازو واپس وڃي رکندس، ڇو ته مون کي ڏيڻ وارو به اهوئي آهي، کيس خبر آهي ته وتايي وٽ در ڪونهي، هنن کي تڪليف آهي. مُلان چيو آءٌ در لاهيو ٿو وڃان. وتايي چيو در اهو لاهيندو جنهن جو آهي. باقي تون ٻڌاءِ تنهنجو ساڻس ڪهڙو لاڳاپو آهي. ڪهڙي مٽي مائٽي آهي يا توکي خود پاڻ چيو اٿس ته مون ۾ سگهه ڪانهي، تون وڃي وتايي کان دروازو وٺي اچ. ٻڌاءِ، ته توکي ڇا چيو اٿس؟ ماڻهو اچي گڏ ٿيا. ملان خار ۾ گاريون ڏيڻ ۽ وڦلڻ لڳو. وتايي چيو هن کي جهليو، مون هن جو ڪوبه ڏوهه ڪونه ڪيو آهي. هي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ خدا جو عيوضي ٿيو آهي. مون کي خدا ڏيندو ته واپس (در) ڏئي ويندس.

 

77. اِجها توهان جي مُرشد جي جُتي!

ڳوٺ ۾ هُل هلاچو هُليو ته فلاڻو بزرگ، فلاڻي ذات وارن جو مرشد اچي لٿو آهي، ڏاڍو خدا جو پهتل ماڻهو ۽ ڪافي ڪرامت وارو آهي. وتايي کي دل ۾ خيال آيو ته آءٌ به ڇونه وڃي سندس زيارت ڪريان. سو فقير جُتي پرڀري لاهي مرشد جي کٽ ڀرسان ويهي، انهيءَ جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو. هن کي مرشد جي ڪابه ڳالهه ڪانه آئڙي، سو ڪچهري مان اٿي وڃڻ وارو ٿيو. پر ڇا ڏسي ته جُتي هجيئي ڪانه، موٽي وري اچي ساڳيءَ جاءِ تي ويٺو. اتي مرشد جي چانديء سان مڙهيل جُتي رکي هئي. فقير ان مٿان پاٿول ماري ويٺو. ٿوري دير کان پوءِ، مرشد ڪم سانگي اٿيو ۽ جُتي ڳولڻ لڳو. وتايو ماٺ ڪيو ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺو هو. چوڌاري چؤ پچوءَ هلي ته مرشد جي جُتي نٿي لڀي، ڪنهن کنئي آهي؟ جنهن ماڻهو وتايي جي جُتي کنئي هئي، تنهن سمجهيو ته شايد ڀُل ۾ مون مرشد واري جُتي کنئي آهي، سو چوڻ لڳو ته اِجها اِجها، هيڏانهن پئي آهي مرشد سائين جي جُتي. هو جڏهن جتي کڻي کٽ جي ويجهو آيو، ته فقير چيو ادا، اها منهنجي جُتي آهي ۽ جوٽ هيٺان جُتي ڪڍي چيائين هيءَ توهان جي مرشد جي جُتي آهي. جنهن کي جُتيءَ جو سماءُ نٿو پوي، سو ڪهڙي ڪاني ڪرامت ڪندو هوندو!؟

 

78. هڪڙي جي اَوس اَونائيندو!

وتايو ڪنهن ڌُن ۾ منگن مست ٿيو ويٺو هو، ته هڪڙو هاري هر ڪُلهي تي کڻي اچي مَٽيو. فقير کي ڏسي چيائين وتايا فقير، مون نياڻي فلاڻي هنڌ پرڻائي ڏني آهي. ڇوڪريءَ جو مڙس به مون وانگر هاري آهي. ٻه سال ٿيا آهن ته مينهن وسي ئي ڪونه ٿو، ڏاڍا ڏکيا ويلا پيا واريون. تون درويش آهين، دعا گهر ته الله سائين ڪو پنهنجي رحمت وسائي. هو اتي ئي بيٺو هو ته مٿان هڪڙو ڪنڀار اچي لنگهيو. هاريءَ کان پڇيائين ڇا پيو درويش کي چئين؟ هن چيو دعا پيو گهرانس ته ڪنڀار به اچي مٿان بيٺو ۽ چيائين فقير مون به نياڻي فلاڻي هنڌ پرڻائي ڏني آهي. ٻه سال لاڳيتو برسات بند ڪانه ٿي ٿئي. ڇوڪريءَ چوائي موڪليو آهي ته بابا، ڏاڍا ڏکيا آهيون، آوي چڙهي ڪانه ٿي، ڌنڌو هلي ڪونه ٿو. ڪجهه ته موڪليو ته کائون. تون الله جو خاص ٻانهو آهين، ڪا دعا گهر ته الله سائين سڪارج ڪري. وتايو کِلي پيو، چيائين توهين ٻئي هليا وڃو ٻنهي مان هڪڙي جي اوس اَونائيندو. باقي منهنجي ٻڌي ڪونه ٿو. مرضيءَ جو مالڪ آهي.

 

79. اها ڳالهه ته وري ڪرين ها!

پاڙي وارين ماين جو وتايي جي ماءُ سان قرب هو. اويل سويل وٽس پيون اينديون هيون. هڪ ڏينهن وتايو لوڙهي وٽ بيٺو هو ته هڪ پاڙي واري ماڻس سان ملڻ آئي. لهواريون اوڀاريون ڪندي چيائين ته وتايو ته اڳئي مڱائي ڇڏيو هو، هاڻي وري گهري ڏسو ته ڇا ٿا چون؟ ويچارو سَٽون کائيندو گهمي. ماڻس چيو، پڻس هندو هو تڏهن مڱايو هئائين. پوءِ مسلمان ٿياسين، هاڻي اسان کي سڱ ڪيئن ڏيندا جو چوان؟ وتايي ۾ ڪو ڪمائيءَ جو کِرُ ڪونهي، جو ٻئي ڪنهن کان سڱ گهران کڻي ۽ پوءِ وري ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳيون، جڏهن مائي اُٿي وڃڻ واري ٿي ته وتايي وڌي اچي چيس ته ماسي، اڳين سيڻن کان سڱ گهرڻ واري ڳالهه ته وري امان سان ڪرين ها. مَن مُڙي به پون!

 

80. چريا کَريا آهيون پر ننگَ سُڃاڻون ٿا!

قسمت سانگي وتايو عمرڪوٽ کان وڃي نڪتو. وري به اتي انهيءَ کوهه[1] تي جتي زالن گهاگهرا ۽ چؤنرا پئي ڀريا، هڪ پوڙهي وتايي کي افعالن مان سهي ڪري ورتو ته لاشڪ وَتو اهو آهي، سو ڇوڪرين کي چيائين ته هن کي کيڪاريو ته سُڌ پوي ته سچ پچ درويش وَتو آهي يا ڪو ٻيو. ڇوڪرين مان هڪڙي چيو ته سندس مڱيندي کيڪاريس ته مزو ايندو! پوءِ سڀني انهيءَ تي زور ڀريو ته: هُو مسلمان، پاڻ هندو، ٿورئي سڱ مائٽ هن کي ڏيندا. ڏسون ته ڇا ٿو چئي؟ نيٺ لڄ ڪندي هوءَ وتايي جي ڀر ۾ آئي. چيائين ادا وتو، ڀلي ڪري آئين. هٿ ته ڏي؟ وتايي هٿ ڪونه ڏنس. چيائين چريا کريا آهيون، تڏهن به ننگ سڃاڻون ٿا!

 

81. لَب تي ليٽي هوندي!

وتايي کي چيائون اڄ ماڻهين بازار ۾ ليٿڙيون پئي کاڌيون ڇو؟ فقير چيو امان اهڙي آهي ئي ڪانه. البت ڪٿي لَبَ تي ليٽي هوندي! پوءِ جڏهن ماڻس گهر آئي ته پڇيائينس ته، اڄ تو بازار ۾ ليٿڙيون پئي کاڌيون، ماڻهو ٿا چون؟ هن چيو ابا، ڏٺم ته پئسو پٽ تي پيو هو. چيم ته جي نمي کڻنديس ته هرڪو چوندو ته هيڏانهن ڏي، منهنجو ڪريو آهي. سو ڇا ڪيم ٿورو پريان وڃي، ليٿڙندي ليٿڙندي، پئسي مٿان اچي پيس ۽ ائين، پئسي کي کڻي ورتم.[2] ”ها، مون اڳئي ائين سمجهيو هو. امان! ڪنهن لب تي ليٽي هوندي.“

 

82. خدا کي خواب ۾ ڏٺم!

هڪ ڏينهن، هر گهٽيءَ ڪوچي ۾ وتايو چوندو وتيو ته ”خدا کي ڏٺم، خدا کي ڏٺم.“ ماڻهو ڦري آيس ته چوڻ لڳو ته خدا کي خواب ۾ ڏٺم. پڇيائونس ڪيئن ڏٺئه، ڪهڙو نمونو هوس؟ چيائين ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل پيا هئس. اڳيان پاروٿيون مانيون ۽ ڀت جا اُرڙ لڳا پيا هئس پاڻ کليو پئي. مون پڇيس ته درويش ڪير آهين؟ چيائين توهان مخلوق جو خدا آهيان. مون چيو اسان جو خدا ته جهانن جو پاليندڙ، روزي رسائيندڙ، ٻانهن جون مرادون پوريون ڪندڙ آهي، سو تون ٿي نٿو سگهين؟ چيائين وتايا، مون تي ويساهه ڪر، آءٌ اهو ساڳيو خدا آهيان. ته پوءِ ههڙا حال ڇو ڪيا اٿئي؟ مون ڪونه ڪيا آهن، هيءُ ڪپڙا، هي کاڌو ۽ هيءُ ڪني ڪينئري ميوات جا ڏسين ٿو، سا منهنجن بندن منهنجي نالي تي خيرات ڏني آهي. انهيءَ جا انبار لڳا پيا آهن. سڀاڻ مرڪي اچي چوندا ته ”الله! اسان تنهنجي نالي تي ڏاڍيون خير خيراتون ڪيون هيون.“

 

83. ڀَري کڻائي هليو وڃ!

وتايي کي ماڻس چيو ته ابا، شادي کڻي ڪرايانءِ، پر جي ڪو پورهيو ڪرين، چار پئسا گڏ ڪرين ته ڪنهن کان سڱ گهران.

وتائي هائوڪار ڪئي. سو ڪهاڙي کڻي، درياهه جي ٻئي ڪپ تي ٻيلي مان ڪاٺيون ڪري اچي شهر ۾ وڪڻڻ لڳو. ڀريءَ جو آنو ڏيڍ ملندو هوس. ڏهه ٻارهن ڏينهن ڀريون ڍويائين. درياهه جي پُل ميل ڏيڍ پنڌ تي پرڀرو هئي. سو پنڌ جو ڦير ڏاڍو ڏکيو لڳندو هوس.

هڪڙي ڏينهن ڪاڙهي تتي جو ڀري مٿي تي کڻيو پُل ڏانهن پئي آيو. ڀري ڳري، ڏينهن تکو، پگهر ۾ ٻُڏل سو اهڙيءَ حالت ۾ چيائين ته الله سائين، ههڙن ڏَجهن کان موت کڻي ڏين ته چڱو! ٿورو اڳڀرو ٿيو ته هڪڙي مهيب خوفناڪ شڪل سندس رستو روڪي بيٺي. هُن کي ڏسڻ سان ڀري مٿي تان ڪري پيس ۽ ڏڪڻي وٺي ويس. هن چيو وتايا ڇا ٿو گهرين، چئو ڇا ٿو کپئي؟ هن ڏڪندي ڏڪندي پڇيس ته تون ڪير آهين؟ چيائين ته آءٌ ملڪ الموت آهيان. وتايي چيس ته ڇاڪاڻ آيو آهين؟ چيائين ته تو رب سائين کي ستايو هو ته هن مصيبت کان مون کي موت کڻي ڏي! سو مون کي حڪم ٿيو ته ڀڄ وڃي منهنجي بندي کان پڇ ته ڇا ٿو گهري؟ جيڪي چوي ائين ڪج! هاڻ تون ٻڌاءِ ته ڇا ٿو گهرين؟ وتايي چيو الله کي التجائون ڪيم ته ڏک کان بچاءِ، سک نصيب ڪرينم ته ڪڏهن ڪين ٻڌائين پر موت گهريم ته تون به هڪدم اچي حاضر ٿيو آهين! انهيءَ ڪم ۾ ته ٻئي جٽ ٿيو ويٺا آهيو! پر سهنج ڏيڻ جي ڪا سولائي اوهان وٽ ڪانهي؟ هن چيو آءٌ تنهنجن انهن گردولين سان ٻڌل ناهيان، تون هاڻي جيڪي چوين اُهين ڪريان؟ بس، تون ٻيو ڪجهه به نه ڪر، هيءَ ڀري مون کي مٿي تي کڻائي هليو وڃ.

 

84. مڙس ڪئي سون، ته هڪ جون ٻه مليون!

وتايو فقير واٽ وٺيو پئي ويو ته ڪنهن شخص سڏ ڪري هڪڙي ڇيلڙي، الله جي نالي تي ڏنيس. فقير سان گڏ ڇيلڙي هلي ئي نه، فقير تاڻي تاڻي ڪَڪ ٿي پيو. پريان ڪي اِسم بيٺل ڏٺائين، سڌو اتي آيو. ڏسي ته همراهه گاڏيءَ تي ويٺو ڏاند پيو هڪلي. ان کي منٿ ڪري چيائين ته هيءَ منهنجي ڇيلڙي پاڻ وٽ رک، آءٌ جڏهن موٽندس ته ڪاهي ويندس.“ هن چيو فقير اتي ٽوڙهو وجهي، مُني سان ٻڌي ڇڏينس. پوءِ فقير هليو ويو. ڏيڍ سال کن کان پوءِ اتان اچي لنگهيو. ياد آيس ته هتي مون هاريءَ کي ڇيلڙي بيهارڻي ڏني هئي. سو سڌو هُرلي تي آيو. اچڻ ساڻ هاريءَ کان ڇيلڙي جي گهر ڪيائين. هاريءَ چيس درويش، تون ڇيلڙي اتي ٻڌي هليو وئين. آءٌ به پويان پاڻيءَ جي نگهبانيءَ تي ويس. ورندي ڏسان ته بگهڙ ڇيلڙي کنيو پيو وڃي. ڇيلڙي جا ٻيڪاٽ پئي پيا جهجهوئي ڊوڙيس، هڪلون ڪيم، پر بگهڙ جو وات هو ڇيلڙي ڪٿي ٿو ڇڏي؟

فقير چيو تون پويان ڪونه پئينس؟ چيائين پٺيان پئي ڇا ڪريان؟ بگهڙ لڙ ڀڳو ويو. فقير چيو ڪهڙي پاسي ويو پئي؟ هن چيو اولهائون ڀڳو ويو. فقير چيو ڪا ها ها هوئڙ ڪرينس ها؟ چيائين ماٺ ڪريو ويٺو هج. پنهنجي وس ۾ مون به ڪونه گهٽايو هو. فقير چيو ته ڀلا اٿي مون کي اهو پاسو ۽ پير ڏيکار ته ڪا پڇا ڳاڇا ڪريون. هُو اٿيو، کلندو فقير کي ٻڌائيندو هليو ته هتان آيو، هيڏانهن ويو. وتايي چيلهه سان سندرو کڻي ٻڌو . اتان کان وٺي هڪلون ڏيڻ لڳو: متان ويو آهين، کلا ٿئي، نه ويندين. اِهو اِهو، وٺجوس، اڳ ڦروس، پَٺ کنيو وڃي. ڦري اچوس. ائين چوندي هڪڙي ڳوٺڙي وٽان اچي گذريا. ڳوٺ جا ماڻهو گوڙ تي ٻاهر نڪري آيا. وتايي کان پڇيائون فقير ڇاهي؟ ڪنهن تي بڇ ڪئي اٿئي؟ چيائين هن جوان کان بگهڙ ڇيلي کڻي ويو آهي، ان جو پيرو کنيون ٿا وڃون. هنن پڇيس ڪيڏي مهل ڪڏهن؟ هن چيو پر سال. ماڻهو کِليا. چي، پر سال واري ڇيلي هن سال ڪيئن هٿ ايندي ۽ بگهڙ ڪيئن سڃاپندو؟ اتي هڪڙي ڳوٺاڻي چيو بروبر! پر سال اسان ميلي تي ٿي وياسين ته بگهڙ هڪڙي ڇيلي تاڻيندو آيو ۽ اچي اسان جي منهن پيو. پوءِ ته گهوٻاٽن جا ڪڙڪا لائي ڏناسينس. ڇيلي ڇڏي ڀڄي ويو. پَٺ کي ڏٺوسين ته منجهس اڃا ساهه جا داڻا هئا. پوءِ کڻي کُدن وٽ ڇڏيوسينس. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ خوف لٿس، ڌڪ جهلي ويئي. پوءِ پئي چِنائين. وري لڳي به جهٽ. مادي ڦر ڏنائين. اهو ڦر به اچي وڏو ٿيو آهي. هلو کُدن کان وٺون. پوءِ کُدن وٽ آيا، اچي اها ٻڪري سڃاتائون ۽ ڦر سوڌي وتايي کي ڏنائون. وتايي هاريءَ کي چيو ته ڏٺئه؟ مڙسي ڪئي سون ته: هڪ جون ٻه مليون!

 

85. اوستا، اڄ ته واندڪائي اٿئي؟

هڪڙي ڏينهن وتايو هڪڙي واڍي جي دُڪان وٽان اچي مَٽيو. ڏٺائين واڍو کٽ پيو جوڙي. سو پاڻ به کيس منٿ ڪيائين ته پٽ تي سمهي سمهي پاسا پيا سُور ڪن، مهرباني ڪري مون کي به ڪا کٽ جوڙي ڏي. واڍي چيو واهه جي جوڙي ڏيندس، پر هينئر واندڪائي ڪانه اٿم، ٻئي گهمري اچ ته ٺاهي ڏيندوسانءِ، قصو پئي هليو، وتايو پئي آيو ته ماڻهو جنازو کڻي پئي مقام ڏي ويا. پڇيائين ته ڪير گذريو آهي؟ چيائون ته فلاڻو واڍو، جيڪو کٽون جوڙيندو هو. تڏهن چيائين ته ٿورو ترسجو. جنازي کي ويجهو اچي چيائين، اُوستا، اڄ ته (جهجهي) واندڪائي اٿئي، چئن ماڻهن جي ڪلهن تي ستو پيو آهين، اٿي ڪا کٽ اسان کي به جوڙي ڏي!

 

86. هاڻ ڏنيم الله جي واٽ ۾!

وتايي ماءُ کي چيو ته امان بک ڏاڍي لڳي اٿم، ماني پچائي ڏينم. آءٌ اجهو ٿو اچان. ماڻس ٻاجهر جي ماني گهڙي دانگيءَ تي وڌي. جڏهن پچي سوڪ ٿي ته ڀت ڀران اُڀي ڪري رکيائين. وري ٻي پنهنجي ڪاڻ گهڙڻ لڳي. جهڙو ماني دانگي تي وجهي ٿڦيائين ٿي ته پٺيان ڪُتو وتايي واري پڪل ماني کڻي وٺي ڀڳو. مائي ڪتي پويان ڊوڙي، پر ڪُتي ماني نه ڇڏي. ٻُٽ ڀڄي ويو. لاچار ٿي، ماڻس کيس چيو ته ”ابا هاڻ اها ڏنيم الله جي واٽ ۾.“ موٽي اچي ڏسي ته دانگي تي پيل ماني به سڙي ويئي. پوءِ چيائين وتايي جو ڪو نصيب ئي اهڙو آهي!

 

87. رب پاڪ تنهنجي ته ساهيڙيءَ جيتري به هلندي ڪانهي!

ڪي لاباريا، سارين جي پچڻ تي لاڙ ويا. اتي لابارو ڪري وَلهه (پلال) گڏ ڪيائون. وتايو به اتان اچي لنگهيو. ڏٺائين ته ڪي فقير وَلهه جا ڀاڪر ڀريو پيا وڃن، پڇيائين ڪٿان آندي اٿوَ؟ چيائون ته چونڊو ڪيو اٿئون. فقير دل ۾ چيو ته آءٌ به چوندو ڪري ڪجهه پلال امان ڪاڻ کڻي وڃان. پر آسپاس جون ٻنيون چونڊجي ويون هيون. فقير لابارين کان الله جي نالي تي پلال پنڻ لڳو. ڪنهن ڏنس ٿي ته ڪنهن نٿي ڏنس. جڏهن پنهنجي ڳوٺائي لابارين کان گهريائين ته هڪ مرد وتايي کي ٻه مُٺيون پلال جون کڻي ڏنيون. اوچتو ان مرد جي زال پُٺ ورائي ڏٺو ته وتايي کي مڙس پيو وَلهه ڏي. ٿوري ولهه ڏسي مڙس کي چيائين سُڃاڻين نٿو ته اهو وتايو منهنجي ساهيڙيءَ جو پٽ آهي. ڏنو ڇا اٿئيس!؟ ماءُ سان ڳالهه ڪونه ڪندو ته ماسيءَ هوندي مُٺ پلال جي مليم. ان تي مڙس کيس چيو مون کي ڪل ڪانه هئي ته هيءَ وتايو آهي. پوءِ وڏو ڀاڪر پلال جو ڀري ڏنائينس. فقير ڳاٽ کني چيو هاءِ هاءِ! رب پاڪ ساهيڙيءَ جيتري به تنهنجي هلندي ڪانهي! الائجي ڪيئن پيو جهان هلائين؟

 

88. جيڪو هر ڪنهن سندو آهي، سو ڪو ڍڳيءَ جي سنڀار ڪندو!

وتايو هفتي ڏيڍ لاءِ ڳوٺ ڇڏي ٿي ويو. وٽس هڪ ڍڳي هئي، ماءُ کي چيائين ته رات جو ڍڳيءَ جي پارت بادشاهه پير کي ڪري پوءِ سمهج. ماڻس ڳچ ڏينهن ته بادشاهه پير کي پارت ڪري پوءِ سمهندي هئي، پر هڪڙي رات اُٺ اچي مغز ۾ ويٺس، ته بادشاهه پير ڪير ٿيندو آهي، جنهن کي پارت ڪريان؟ پارت ڪريان ته پنهنجي رب پاڪ کي، جيڪو بادشاهه پير جو به خالق مالڪ آهي. سو رب پاڪ کي پارت ڪري سمهي رهي. انهيءَ رات چور ڍڳي ڇوڙي ويا. صبح جو اٿي ڏسي ته ڪاريءَ وارا ڪک! ماٺڙي ڪري ويهي رهي. جڏهن وتايو آيو ته اول ماءُ کان ڍڳيءَ جو پڇيائين، جنهن چيس ته ڳئون چور ڪاهي ويا. وتايو حيرت ۾ پئجي ويو. ماءُ کي چيائين ڇو تو بادشاهه پير کي پارت ڪانه ڪئي هئي ڇا؟ چيائين ته ڪندي هيس، پوءِ ڳئون ڪيئن وئي؟ بس انهيءَ رات الله سائين کي پارت ڪري سُتيس. ٺهيو تو هٿن سان ڳئون وڃارائي ڇڏي. الله سائين، جيڪو هر ڪنهن سندو آهي، سو ٿورئي تنهنجي ڍڳيءَ جي سنڀار ڪندو؟

 

89. مئل ڪُڪُڙ وياج کائڻ کان به خراب آهي ڇا؟

وتايي جي ماءُ کي ڪنهن الله جي نالي تي هڪڙو ڪڪڙ جو چوزو خيرات ڏنو هو، هوءَ ان جي تمام گهڻي پرگهور ڪندي هئي. سڄو ڏينهن کارائڻ پيارڻ ۾ رُڌل رهندي هئي. وتايي چيس ته امان، گهڻو نه جهوڪينس متان مري نه پوي. خير، چوزو اچي وڏو ٿيو، هاڻ ڦِري ڪڪڙ بنجي ويو. هڪڙي ڏينهن ٻلو آيو، تنهن کي جهڙپ ۾ اچي ويو، ڳاٽو مروٽي ويس. ماڻس جو سمورو پورهيو ۽ سنڀال کن ساعت ۾ ختم ٿي وئي. ڪڪڙ جو سانڍي پالي وڏو ڪيو هئائين ۽ جنهن تي تمام گهڻو آر هوس، ان جي اوچتي مرڻ تي ججهو روڄ ۽ راڙو ڪيائين، ان کي هنج ۾ کڻي پار ڪڍڻ ويٺي. مٿان وتايو آيو، جنهن چيس ته ڪڪڙ هاڻ ڪم جو ڪونهي، اڇلي ڇڏينس. اروڙيءَ تي. ماڻس کي تيئن وڌيڪ ڏک ٿيو. چيائين توکي مون سان همدردي ڪانهي ڇا؟ وتايي چيو، بنهين ججهي آهي، پر ڇا ڪجي؟ پاڻ هڪڙي اهڙي طاقت جي وس آهيون، جنهن وٽ ڪنهن جي به هلندي پڄندي ڪانهي. ٻيو ڪڪڙ ٿي پوندو پر اهو هاڻي ڇُٽو! ائين چئي هليو ويو. ماڻس سوچي چيو ته آءٌ پنهنجي پاليل ڪڪڙ ڪتن ڪانگن جي حوالي ڇو ڪريان؟ اُن جو چڱو بلو ٿي ڪريان.

پوءِ بازار مان گيهه، لوڻ، مرچ ۽ سُرهو مصالحو وٺي آئي. ڪڪڙ جا کنڀ کوهي، آنڊا گجيون ڪڍي، ان کي گيهه ۾ ڀُڃڻ ويٺي. جڏهن ڀُڳو تيار ٿيو ته مٿس مصالا ٻُرڪي ڍاڪونءَ ۾ ڍڪي بازار ۾ آئي. بازار ۾ هڪڙي حاجي سڳوري جو ڪپڙي جو دڪان هو، ان جي پڇا ڪيائين. اهو وياج کائڻ ۾ مشهور هو. ان کي ڳولي لڌائين، پوءِ مرچن مسلان ۾ تَرِ ٿيل ڪڪڙ کيس اڳيان رکي چيائين ته ابا، هي ڪڪڙ کائي ان جو سواد وٺ، حاجيءَ سڳوري کي مسالي جي بوءِ مغز ۾ ويٺي ته ان جو وات پاڻي ٿي پيو. ڍڪ لاهي، ٻوٽيون پٽي کائڻ لڳو. دل ۾ خيال ڪيائين ته هن مائي ڪڪڙ انهيءَ ڪري آندو آهي، جو ڀانئي ٿي ته آءٌ ڪو کاڌن جو خوراڪي پارکو آهيان. کيس هميشه اهڙن مالن تيار ڪرڻ لاءِ پيو اڀاريندس. وري ڌيان تي آيس پڇي ته ڏسانس ته سڄي شهر ۾ هن مون کي ئي ههڙو لذيذ مال کائڻ واسطي ڇو آڇيو آهي؟ سو کائيندو به پيو وڃي ۽ پڇڻ به لڳو، وتايي جي ماءُ، اڄ هيءُ مون تي مهرباني ڇو ڪئي اٿئي؟ هُن چيو مهرباني ٻهرباني ڪجهه به ناهي. هيءُ منهنجو تاتيل پاليل ڪڪڙ هئو. تنهن کي رات ٻلو ماري ويو. آءٌ مٿس گهڻئي رنيس ۽ اڇلڻ بجاءِ خرچ ڪري مرچ مسالا ۽ گيهه ڦوٽا وجهي رڌي تنهنجي کائڻ لاءِ کڻي آيس، چيم ته ڪتن ٻلن جي پيٽ ۾ پوڻ عيوض جي ماڻهوءَ جي، سو به حاجي سڳورو هجي، هن جي پيٽ ۾ پوي  ته پڪ بهشت ۾ مون سان اچي ملاقات ڪندو. اهو سوسو آيم تڏهن توکي کائڻ ڪاڻ ڏني اٿم. حاجيءَ چيو ٻيا ڪي حاجي هت ڪين آهن ڇا؟ چيائين آهن، پر اهي وياج خور نه آهن. توکي خدا جي مار پوي تو مون مسلمان ۽ حاجيءَ کي مئل ڪڪڙ جو حرام گوشت کارايو آهي؟ مري خدا کي ڪهڙو جواب ڏينديءَ الله سائين کي چونديس ته تو ۽ تنهنجي رسول ڪريم وياج کي حرام ٺهرايو هو. چيو هو ته جيڪو ماڻهو وياج ٿوکائي سو گويا پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت ٿو کائي. ته ڇا منهنجو ڪڪڙ وياج کائڻ کان به خراب آهي؟ هاڻ مون کي ڏي ٿانءُ، پاڻهي هضم ٿي ويندئي. حاجي اُٻڙڪا ڏيندو رهيو، مائي ٿانءَ کڻي اهو چوندو هلي ويئي ته: منهنجو ڪڪڙ وياج کائڻ کان به خراب آهي ڇا؟

 

90. تڪڙ، اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي!

وتايي جي ماءُ پيرسن هئي، بيمار ٿي وئي، ٽئين ڏينهن لڏي پرلوڪ ويئي وتايي ماءُ واسطي ڏاڍو ٻاڪاريو. ماڻهو اچي ميڙ ٿيا. چيائونس فقير روئڻ کي ڇڏ، اٿي ڪو ڪفن دفن جو بندوبست ڪر. فقير روئندو گهر مان نڪري هليو ويو. ٻٽي ڳوٺ ڦِريو پر روئڻ کان ڪنهن کي ڪين چيائين ته ڪا ماءُ مئي اٿم. هڪڙي ڳوٺڙي واري کانئس روئڻ جو ڪارڻ پڇيو. فقير چيو ماءُ مري ويئي اٿم، ان جي ڪفن دفن لاءِ هيڏانهن هوڏانهن پيو لُوهون ڏيان ۽ ڦران. هڪ شخص چيو ته اچي، هيءُ جوڙي مون پاڻ لاءِ رکائي ڇڏي هئي، تون وڃي مرهيات جي پورت ڪر. پوءِ اها جوڙي کڻي ڳوٺ آيو. ماڻس کي مُئي اهو ٽيون ڏينهن هو. جيئن گهر ۾ اندر آيو ته ڦان ٿي پٽ تي ڪري پيو. ماڻهن چيو  بنهين جهٽ جوڙِ وٺي آيو آهين؟ چيائين ڀلا ڇا ڪريان!؟ مون کي امان جي ڪفن دفن جي تڪڙ اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن جيڪي جتان مليو اٿم، تڏهن سو کڻي ڊُڪندو پيو اچان. هاڻ اتي سينگاريوس. ماڻهن چيو ته ايترو وقت ڪير ٿو لاش کي گهر ۾ سهي. وتائي وراڻيو جي سٺو نٿي ٿيو ته پوءِ مون کي ڇو ٿي ڊوڙائي ڊوڙائي اڌ مئو ڪيو.


 

[1] . مينگهي مالهيءَ ڳالهه ڪئي، ته اهو کوهه اڃا تائين عمرڪوٽ ۾ موجود آهي.

[2] . ساڳي طرز جي هنديءَ ۾ مثال آهي ته: ”بنيئي کان بيڻا ڪجهه ديکهه کر هي گرتا هي.“

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org