باب ٻيون
ساريءَ سنڌ ۾ ساڳيائي چُٽڪا ٿا چئجن
6.
مولا ڪنن واري مار!
وتايي فقير هڪ ڍڳي ڌاري هئي. ان جو گاهه پَٺو پاڻ
ڪندو هو. رات جو جڏهن گاهه ڍڳيءَ کي ڏيئي وڃي
سمهندو هو ته پاڙي واري جي گڏهه الائجي ڪيڏي مهل
اچي گاهه کائي ويندي هئي، يا گاهه مٿان مُٽي ويندي
هئي. گڏهه جو کاڌل اَوباريل گاهه ڍڳي ڪانه کائيندي
هئي. مُٽ جي سُوگراڻ ڪري به گاهه کي ويجهي نه
ويندي هئي. تان جو ڍڳي کير سُڪائي ويئي. وتايو
سجاڳ ٿيندو هو ته گڏهه کي ڪا سيکت ڏيان، پر هوءَ
ڇُرڪ ڀڄي ويندي هئي. نيٺ ڪَڪِ ٿي پيو. هڪ رات جو
الله سائين کي ٻاڏايائين ته مولا! انهيءَ وڏن ڪَنن
واريءَ کي مار ته منهنجي منجهانئس جند ڇٽي. ائين
چئي سمهي رهيو. صبح جو ڇا ٿو ڏسي ته گانءِ ڀٽاري
ٽنگون ٽيڙيو پئي آهي! هُو ويو، وڃي گهٽيءَ ۾ بيٺو.
اتان هڪڙو انڌو اچي لنگهيو. ان کي ٻانهن کان وٺي
اندر آيو ۽ چيائين ته حافظ، ڏس ته هيءُ ڪهڙو جانور
مئل آهي؟ انڌي ڍڳيءَ کي مَناڙي هٿ لائي ڏسي چيو ته
هيءُ ته ڍڳي مئل آهي. وتايي آسمان ڏانهن ڪنڌ مٿي
کڻي چيو: ارمان جي ڳالهه آهي، توکي انڌي جيتري به
سُڌ ڪانه ٿي پوي! مون چيو ڪَننَ واري مار، تو هڻي
سڱن واريءَ کي ماري ڇڏيو آهي!
7.
سُڻئي سَهي پر سمجهئي ڪونه!
وتايو فقير ڪنهن مسافريءَ تان موٽي رهيو هو، پنڌ
تمام گهڻو هو، سو الله کي سوال ڪيائين ته مولا، ڪا
سواري ڏيار ته پنڌ کان ڇُٽان ۽ جهٽ پهچان. اهو
خيال ڪري اڳڀرو ٿيو ته هڪ سپاهي بيٺو هو. جنهن جي
گهوڙي تازي ويائي هئي. سپاهي حيران هو ته ڪيڏي مهل
ڦَرُ اُٿي هلڻ جهڙو ٿيندو جو ٿاڻي تي پهچندس.
اوچتو جو وتايي کي اٻالين حالين رستي تان ايندو
ڏٺائين ته سڏ ڪري چيائينس ته سگهو ٿيءُ هي ڦر ڪنڌ
تي کڻ ۽ مون کي ٿاڻي تي پهچائي پوءِ وڃ! وتائي چيو
آءٌ غريب مسافر آهيان پري وڃڻو اٿم، مون کي ڇڏ، پر
سپاهيءَ هڪ ٻه چهبڪ ڪشي ڪڍيس ۽ زوريءَ ڦر کڻي ڪنڌ
تي رکيائينس. فقير لاچار ٿي ڦر کڻي اٿي هليو. واٽ
تي نماڻيون اکيون کڻي چيائين ته: ”اي موليٰ سڻئي
سهي، پر سمجهئي ڪونه!“ مون چيو ته مون کي ڪنهن وهٽ
تي سوار ڪر، پر تو وري ماڳهين منهنجي مٿان وهٽ
چاڙهي ڇڏيو.
8.
تنهنجي ماڻهوءَ ۽ رئيس جي ماڻهوءَ
۾ فرق!
ڪو واهه ڀڄي پيو هو. ڳوٺ جي وڏيري ڪمدار کي چيو
ته ڇيڙ وٺي وڃي واهه ٻَڌائي اچ. وڏيرو تمام ڪڙڪ
ماڻهو هو، سو ڪمدار ڇيڙ وٺي ڪم کي وڃي لڳو، پر
ٿورن ماڻهن هئڻ ڪري ڳنڍي ٻَڌڻ ۾ دير لڳي رهي هئي.
ڪمدار به جيڪو ٿي لنگهيو، تنهن کي بيگر ۾ ٿي
وهايو. ٿيو ائين جو وتايو فقير به ڪن ٻن واٽهڙن
سان گڏ اتان اچي مٽيو. ڪمدار کين هڪل ڪئي ته ڪير
آهيو ۽ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ هنن ٻن ماڻهن چيو: اسين
فلاڻي رئيس جا ماڻهو آهيون. مينهون ڪاهڻ پيا وڃون.
پوءِ وتايي کان پڇيائين ته تون ڪير آهين ۽ ڪيڏانهن
ٿو وڃين؟ وتايي چيو ته آءٌ الله جو ماڻهو آهيان، ۽
پنهنجي ڳوٺ پيو وڃان. ان تي ڪمدار بگڙي چيس، تون
الله جو باقي ٻيا چورن جا ماڻهو آهن، ها نه!
هيڏانهن اچ، کڻ ڏلهو! مُلڪ ٿو ٻُڏي، هي الله جو
ماڻهو ٿيو چڪر هڻندو وتي. وتايي ڏلهو کنيو ۽ خدا
کي چيائين: ”ڏٺئه تنهنجي ماڻهوءَ سڏائڻ ۽ رئيس جي
ماڻهوءَ سڏائڻ ۾ فرق!“
9.
مُيون سهسايون، پرڻايون ڪون؟
وتايو واٽ وٺي ويو پئي ته ڏٺائين ڪي ماڻهو جنازو
کنيو پيا اچن. انهن کي ڏسي بيهي رهيو. جڏهن ويجهڙا
آيا ته کانئن پڇڻ لڳو ته ادا، اهو ڇا ٿا کنيو وڃو؟
ماڻهن چيس ته انڌو ته ڪين آهين؟ ڏسين نه ٿو ته ميت
آهي. چيائين هائو، برابر جنازو آهي، پر مرد جو آهي
يا عورت جو؟ هنن چيو ته عورت جو آهي. ڀلا جي عورت
جو آهي ته اهو به ٻڌايو کڻي ته پرڻيل هئي يا
ڪنواري؟ هنن چيو ته ڪنواري هئي. تڏهن چيائين ته:
”ميون سهسايون، پرڻايون ڪون.“
10.
پڻهين جو گهر اهو اٿئي؟
وتايو ڪـٿان پري کان مسافري ڪري گھر ڏانهن پئي
آيو. سندس گھر جي کڙهه لـڳ هڪ ڇوڪر پئي حاجت ٿي
ڪئي. فقير کي چڙ آئي، ته ٻيو هنڌ ڇڏي ماڳهين لنگهه
وٽ ويٺو آهي، سو دڙڪو ڏيندي پڇيائينس ته ڇورا ڪير
آهين؟ ڪنهن جو پٽ آهين؟ ڇوڪر اچي ڊنو، سو ڊپ ۾ رڳو
خدا خدا ڪرڻ لڳو. (هُو خدا بخش جو پٽ هو.) وتايي
خدا خدا ٻُڌي کڻي ڪنڌ ۾ هٿ وڌس ۽ ڇڪي مسجد تائين
آيس ۽ چيائين ته: ”خدا... خدا پيو ڪرين ته اهو
اٿئي پڻهين جو گهر.“
11.
تو ته دنگ ڪري ڇڏيو!
هڪ هنڌ وتايو ڪنهن ڌيان ۾ ويٺو هو، پنهنجي خيالن
جا اونٽار چڙهيل هوس ته هڪڙو ماڻهو، جنهن کي تمام
تڪڙو حاجت جو خيال لڳو هو، سو وتايي جي پٺيان ڪنهن
ٻوڙي کي پٺ ڏيئي ويهي رهيو. هن جي ريح جي آواز تي
فقير ڪنڌ کنيو. ڏٺائين ته بنهه سندس پوئتان ماڻهو
پيو رفع حاجت ڪري. تڏهن هن کي شرمائي چيائين:
”چريا ته اسين پيا سڏجون، پوءِ تنهنجي مَت ڪيئن
مارجي ويئي آهي. جو ههڙي انڌائي ويٺو ڪرين؟ تو ته
دنگ ڪري ڇڏيو!“
12.
ڀل ته منهنجو جُهڳو جهڻ ٿئي!
وتايو گهمندي ڦرندي هڪ شهر ۾ آيو. اتان لڳو بازار
ڪڇڻ. هڪ هنڌ هڪڙي حلوائيءَ جو دُڪان ڏٺائين، جنهن
۾ ڪيئي قسم مٺائين جي، جليبيون، گيهر، ستربنيون،
ميسوپاڪ، تَلي ٻَڌي، قرص، توشا، ٽڪيون ۽ الائجي ڇا
ڇا رکيل هئا؟ ان دڪان جي آسڻ تي حلوائي ڪنڌ هيٺ
ڪريو جُهڪيو ويٺو هو. اڳيان حلوي جو ٿالهه ڀريو
رکيو هوس. حلوي کي ڏسي فقير جي دل سرڪي، گيدي ۾ هٿ
وڌائين ته پائي به وٽس ڪانه هئي.
پوءِ بيهي بيهي، ڏَسڻي آڱر اُڀي ڪري، حلوائيءَ جي
اک ۾ چوڪڻ جي ڪوشش ڪيائين. آڱر کي اک ڏانهن کڄندو
ڏسي حلوائي دانهن ڪئي، چي، فقير انڌو ڪندين ڇا؟
فقير چيو ته تون ڏسين به پيو ڇا؟ حلوائي چيو هائو،
انڌو ڪونه آهيان. فقير چيو جي انڌو ڪونه آهين ته
هيترا سارا مال ٿالهه اڳيان رکيا اٿئي، پوءِ کائين
ڇو نٿو؟ حلوائيءَ چيو اهي وڪري لاءِ آهن، جي آءٌ
کاوان ٿو ته جهڳو جهڻ ٿو ٿئيم. فقير چيس: ”فڪر
ناهي، تون لهي هيٺ ٿيءُ، اهو، مال، آءٌ ويهي ٿو
کاوان، پوءِ ڀل ته منهنجو جهڳو جهڻ ٿئي.“
13.
ٽڪي وارو به ڏس ۽ تنهنجي نالي
وارو به ڏس!
هڪڙي دفعي وتايو فقير ڪنهن مارڪيٽ مان اچي مَٽيو.
اتي هڪڙو هاري گدرن جي ٻوري ڇنڊي وڪڻڻ لاءِ ٺَهي
ٺُڪي ويٺو هو. ڳاڙها ڳاڙها گدرا ڏسي وتايي کي طلب
ٿي. هاريءَ کي الله جي نالي تي سوال ڪيائين ته ڪو
گدرو خدا ڪارڻ کاراءِ. هاريءَ ٻوٿ بڇڙو ڪيو. چيو
ته اڃا ويٺا ئي ڪونه آهيون ته اجهو فقير اچي ڪڙڪيو
آهي. ائين چئي هڪڙو ڪِونئرَو ۽ ڦِٽل گدرو هن کي
ڏنائين. فقير کيسي ۾ هٿ وڌو ته ٽَڪو پيو هوس، سو
ڪڍي هاريءَ کي ڏنائين ۽ چيائينس ته يار اچي ڪر
ٻُهڻي، هن جو ڪو گدرو ڏي. هاريءَ ڳولي ڳولي ٺاهوڪو
موچارو گدرو کڻي ڏنس. پوءِ ٻئي گدرا هڪڙو هڪڙي هٿ
۾ ٻيو ٻئي هٿ ۾ جهلي ڪنڌ آسمان ڏانهن ڪري چوڻ لڳو
ته: تون پاڻ پنهنجو قدر ڏس. ”هي ٽڪي وارو به ڏس،
هيءَ تنهنجي نالي وارو به ڏس.“
14.
هڪ ڳالهه امان جي وس ۾ به آهي!
ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڳالهه اچي ڇڙي ته سڀ ڪجهه الله
سائين جي وس ۾ آهي. ڪرڻ ڪرائڻ وارو پاڻ پروردگار
آهي. روزي به سندس وس ۾ آهي. گهڻي ڏي يا ٿوري. پاڻ
رزاق آهي، سندس ئي حڪم سان دنيا جو ڪارخانو پيو
هلي. وتايو فقير به ان ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو، ڳالهيون
جڏهن دنگ ٿيون ته امالڪ چيائين ته: جيڪي چئو ٿا سو
سڀ سچ آهي، پر هڪڙي ڳالهه امان جي وس ۾ به آهي.
ماڻهن پڇيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ فقير چيو ته
اِهو امان جي مرضي تي ڇڏيل آهي، وڻيس ته ڀَت رڌي،
وڻيس ته ماني پچائي.
15.
ڏي ٿو پر کنگهائي!
هڪ ڀيري وتايي کي خيال آيو ته روزي رزاق ٿو ڏي ۽
ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکيو اٿس. پوءِ ڇونه کڻي پاڻ
پرک وٺجي. رڳو ماڻهن جي چوڻ تي اعتبار ڪري ڇو
ويهجي. اهو خيال ڪري ڳوٺ کان ٻاهر نڪري هڪڙي جهنگ
۾ هڪڙي وڏي گهاٽي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. دل ۾
چيائين جي رزاق آهي ته پاڻهي اتي روزي رسائيندو.
هڪڙو ڏينهن گذريو، ٻيو ڏينهن گذريو ته فقير جو حال
هيڻو ٿيڻ لڳو. هاڻ ٻُڏتر ۾ اچي ويو ته لهي وڃي
ڪٿان ٽُڪر گُهري کائي يا اڃا به ڏسي ته ڇا ٿو ٿئي؟
اوچتو ڊنبلو ماڻهن جو اتي وڻ هيٺان اچي لٿو، جيڪي
شڪار ڪري آيا هئا. پوءِ يڪدم اتي ئي ديڳڙا ڪڍي
شڪار ٿيل هرڻ کي سيخ ڪيائون ۽ قورمو ٺاهيائون. رڌي
پچائي واندا ٿيا ته انهن جي سردار چيو ته هُو
پريان جهڳيون پيون ڏسجن، انهن ۾ ضرور ڪي غريب
ماڻهو رهندا هوندا. منهنجو خيال آهي ته هڪڙي پاٽ
ڀري انهن کي خدا ڪارڻ ڏئي اچو ته کائي دعا ڪن.
بورچيءَ ماني وڌائي قورما ڪباب برياني مٿان رکي
هڪڙي ماڻهوءَ جي مٿي تي پاٽ رکي.
جڏهن هو هلڻ وارو ٿيو ته وتايي ڏٺو ته کاڌو ته هاڻ
هٿن مان ٿو وڃي. سو مٿان وڻ تي کنگهڪارون ڪرڻ لڳو.
ماڻهو ڏٺو ته هڪڙو غريب مٿي ويٺو آهي، هنن سمجهيو
ته ڪو ڪاٺير آهي. سو سڏي چيائونس ته فقير هيٺ لهي
اچي کاءُ. وتايو هيٺ لهي آيو سڃاتائونس ته هيءُ ته
وتايو فقير آهي. چيائونس فقير اتي ڇا ويٺو ڪرين؟
چيائين ته الله جو آزمودو ٿي ڪيم ته روزي ڪيئن ٿو
رسائي؟ ڏي ٿو پر کنگهائي ٿو ڏي. جي نه کنگهان ها
ته شايد اها پاٽ ٻئي هنڌ هلي وڃي ها، ائين چئي
کائڻ کي لڳي ويو.
16.
رپئي کي سڃاتائين پر توکي نه
ڄاتائين!
درياهه جي پتڻ ڇُٽڻ تي وتايو پري کان ئي رڙيون
ڪندو ڊوڙندو آيو. چي، مهاڻا ٻيڙي جهلجو، مون فقير
کي خدا جي واسطي کڻيو هلو. قسم اٿو خدا جو ترسجو.
آءٌ اچي پهتو آهيان. الله کي مڃو نه وڃو، پر مهاڻن
پڳهه کنيا. ٻيڙي هلڻ لڳي، فقير جي ڏانهن ڪابه
توجهه نه ڪيائون، جڏهن ته هن جون رڙيون چِٽيون پئي
ٻڌائون. ڪنارو ڇڏي ٻيڙي اڳڀري ٿي ته وتايو به اچي
پهتو. وتايي کيسي مان رپيو ڪڍي چيو ته ٻيلي هيءُ
سڄو سارو رپيو وٺو، پر مون کي چاڙهيو هلو، ڏاها
ٿيو، نه ته سڄو سارو رپيو وٺو، پر مون کي چاڙهيو
هلو، ڏاها ٿيو، نه ته سڄو ڏينهن هتي دربدر ٿي
ويندس. مهاڻن ڏٺو ته ٻين کان رڳو ٻه ٻه آنا مليا
آهن، فقير رپيو پيو آڇي، سو ٻيڙيءَ کي موٽائي ڪپر
تي آندائون. رپيو وٺي، فقير کي ٻيڙيءَ تي
ويهاريائون. جڏهن فقير جو هانبارو ڍرو ٿيو، تڏهن
چيائين: ته ”اي منهنجا مولا، رپئي کي جيترو سڃاتو
ٿو وڃي، اوترو توکي ڪير ڪونه ڄاڻي!“
17.
ٻنهي پارين وتايو مُٺو!
وتايو سدائين هوندو هو سفر تي. ڪڏهن ڪڏهن ته مهينا
ٻه گذري ويندا هئس. سو ماڻس سندس ڳاراڻي ۾ پئي
ڳرندي هئي. نيٺ خيال آيس ته فلاڻي ڳوٺ ۾ مرشد ٿا
رهن، ڇونه انهن وٽ وڃي رهان؟ اهو خيال ڪري جيڪي
ٻه- ٽي ٽپڙ هئس، سي ڪڇ ۾ ڪري ان ڳوٺ ۾ وڃي مرشدن
کان ڪا ڪوٺي اَجهي لاءِ وٺي ويهي رهي. وتايو جو
ڳوٺ اچي ته ماڻس ٺهي ئي ڪانه. پڇا ڪيائين، ماڻهن
چيو ته فلاڻي ڳوٺ ۽ پاڙي ۾ سيدن وٽ وڃي رهي آهي.
فقير مُٺيون ڀيڙي وٺي ڀڳو. اچي ماءُ کي ڳولي
لڌائين. پڇيائينس: امان! تون هت ڇو هلي آئي آهين؟
ماڻس چيو ته ابا! حياتيءَ تي اعتبار ڪونهي. تون
ڪڏهن آهين ته ڪڏهن ناهين، چيم ته مرشدن وٽ وڃي
رهان جي ٻنهي جهانن جا وسيلا آهن. وتايي چيو امان،
تو ته قهر ڪري ڇڏيو. سيدن جي ذات ڏاڍي، جي ڪنهن
خسيس ڳالهه تان تپي کڻي پِٽ پاراتو ڪن ته به وتايو
مُٺو، جي وتايو جذب ۾ اچي سيدن کي ڪجهه چئي وجهي،
تڏهن به وتايو مُٺو. ماڻس چيو سو ڪيئن؟ وتايي چيو
ته انهن ماڻهن کي اڳئين جهان ۾ هلي ڇڏائڻ جي اهڙي
پَٽي پڙهائي ڇڏي آهي، جو پاڻ ڪهڙا به ڪم ڪندا وتن،
پر جي ڪنهن جي واتان سندن گلا جو ڪو گفتو نڪتو هي
سندن خليفا ۽ ماڻهو انهيءَ تي چڙهي ويندا ۽ هڻي
کونڌي ڳيرو ٺاهي ڇڏيندا. تنهن ڪري ته چوان ٿو ته:
ٻنهي پارين وتايو مُٺو.
18.ٻُڏو
سهسايو پر ڏٺو نه سهسايو!
ڪنهن واهه جي گهيڙ وٽ ڪن زالن ڪپڙا پئي ڌوتا ۽ ڪي
وهنتيون پئي، ڇو ته اتان ڪنهن جي مَٽڻَ جو گس ڪونه
هو. اهو انهن زالن جو خاص گهيڙ هو. وتايو فقير
اوچتو انهيءَ واهه جي ٻيءَ ڀر تان گهيڙ سامهون اچي
نڪتو. زالن کي ته ڪا اون ڪانه هئي، سو بنا ڪنهن
کٽڪي جي گهيڙ تي ڪپڙا ڌوئڻ ۽ شنان ڪري رهيون هيون.
اوچتو جو هنن جي نگاهه فقير تي پين ته مُنهن لڪائڻ
لاءِ کڻي مڙني پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏني. فقير انهن جو اهو
لقاءُ ڏسي چيو شابس هجيو، ڏٺو نه سهسايوَ پر ٻڏو
سهسايوَ!“
|