سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: وتايو فقير

باب: ٽيون

صفحو :7

وتايو فقير

ولي محمد طاهرزادو

باب پنجون

 

اُترئينءَ سنڌ ۾ مشهور وڌيڪ چُٽڪا

 

91. آخرت ۾ توهان جو بارڪير کڻندو؟

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ ڏينهن وتايي فقير  کي هڪ سپاهيءَ سڏ ڪيو ۽ چيو فقير، هيءَ صندوق ٿاڻي تائين کڻائي هل. وتايي صندوق ۾ هٿ وڌو ته هلڪڙي لڳس. سپاهيءَ کي چيائين ته تون مون کان وڌيڪ ٿلهو متارو لڳو پيو آهين، هيترو بار نٿو کنيو ٿيئي؟ سپاهي چيو ته آءٌ سرڪاري ماڻهو آهيان. پاڻ بار نه کڻندو آهيان، پر ٻيو ڪو ماڻهو هٿ ڪري، ان کان کڻائيندو آهيان، جي ڪو اشرافت سان ڪونه کڻندو آهي ته ڏنڊي جي زور تي کڻائيندو آهيانس. وتايي چيو ته هت ته ڏنڊي جي زور تي کڻائي سگهو ٿا، پوءِ ڀلا آخرت ۾ توهان جو بار ڪير کڻندو؟ جتي توهين ۽ اسين سڀئي هڪڙي ئي حالت ۾ هونداسين.

 

92. خوشيءَ سان نه ڏنئي ته زوريءَ وٺي ويئي!

ڳالهه ٿا ڪن ته وتايي فقير کي خيال آيو ته سواري ڪرڻ لاءِ وڏيري کان الله واٽ ۾ گهوڙو گهران ۽ پوءِ چڙهيو پيو گهمان.، وڏيري وٽ اوطاق تي آيو، چيائينس ته وڏيرا، ڏاڏي آدم مال ڪونه ورهايو هو، مون کي پنهنجو غريب ڀاءُ ڄاڻي، هڪڙو گهوڙو ڏيارينم. چيائين ڏاڏهين آدم ايترا ته ٻڄا ڄڻي ڇڏي ويو آهي، جو منهنجا گهوڙا ته ڇا پر ساري دنيا جا گهوڙا به انهن کي پورا ٿي ڪونه سگهندا. لاچار ٿي چيائينس ته پنڌ ڪندي بيزار ٿي پيو آهيان، خدا جي نالي تي ڪو گهوڙو ڏيارينم. وڏيري چيو ته سچ پڇين ته مون وٽ اهو هڪڙو گهوڙو آهي، جنهن تي چڙهي اندر ٻاهر نڪرندو آهيان. فقير چيس تو وٽ ته گهل گهوڙن جي هئي؟ چيائين درياهه جي ليٽ ۾ هڙئي هلاڪ ٿي ويا. تڏهن ته تمام چڱو ٿيو! وتائي چيو: خوشيءَ سان نه ڏنئي ته زوري وٺي ويئي! چوندا آهن ته خدائي خير، جي ڪو حُب سان نه ڪڍندو آهي ته الله سائين انهيءَ کان موچڙو هڻي به وٺي ڇڏيندو آهي.

 

93. ڌڻي صبر وارن سان ساڻ آهي!

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ ڏينهن ڪنهن ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي وتايي فقير وٽ آيا. دانهن ڏنائونس ته اسان کي ڳوٺ جي ٿاڻيدار ڏاڍو تپايو آهي. روز بيگار ۾ ٿو وٺي، بيگناهه ماڻهن کي ٿاڻي تي گهرائي ڪُٽي ٿو، پنهنجا ڦڏا ٺاهي ڦاسائي رشوت وٺي پوءِ ڇڏي ٿو. تون الله جو نيڪ ٻانهو آهين، الله کي ستاءِ اسان تان هيءَ مصيبت دفع ڪراءِ. فقير چيو منهنجي الله سائين صفا ڪونه ٿو سڻي. ڪيترن آدمين لاءِ التماس ڪيامانس ته فلاڻي کي پٽ ڏي، فلاڻي کي ڌن ڏي، فلاڻي کي مال ڏي، پر هڪ به نه ٻڌائين. مون ان ڏينهن کان وٺي دل ۾ فيصلو ڪيو آهي ته جيڪو هو پيو ڪندو، تنهن تي آءٌ به راضي پيو رهندس. باقي توهان کي خبر ٻڌايان ٿو ته ايترو چئي ڇڏيو اٿس ته آءٌ صبر وارن ساڻ آهيان. ان تي اعتبار ڪري صبر ڪري ويهو رهو. آزمايو ته برابر اها ڳالهه سچي آهي يا نه؟ ماڻهن صبر ڪيو ۽ پوءِ اوچتو هڪ وڏيري جي دعوت کائي موٽندي اهو ٿاڻيدار آڦرجي مري ويو. هن ماڻهن وتائي کي اچي سڄو قصو ٻڌايو ته وتائي چيو: ڌڻي صبر وارن ساڻ آهي.

 

94. من مُنڍوؤن مسلمان هو.

هڪڙيءَ مجلس ۾ ڳچ ماڻهو ويٺا هئا. وتايو به انهن جي ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو. هڪڙي ڄڻي ڀوڳ ڪندي پڇيس فقير ڪهڙيءَ رمز کان هندوپڻي کان جند ڇڏائي مسلمان ٿئين. تو ۾ ڪيتريون خصلتون اڃا هندن جهڙيون موجود آهن. سُنت ته صفا ويٺل ڪونه آهين؟ چيائين هندو مسلمان سڀ الله جا آهن، گمراهيءَ مان ڪڍڻ وارو به الله ئي آهي. من کي دل مسلماني ڏني هئائين جا سدائين قائم اٿم. باقي پوشاڪ، اٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ جنهن ۾ توهان کي هندڪو شڪ ٿو جاڳي، سي هروڀرو مسلماني ڏيکاءَ لاءِ ڪين اٿم. من ته منهنجو مُنڍؤن مسلمان هو. باقي: اوهان پاران جو ”من نه ٿيو مسلمان ڪلمو پڙهيو ته ڇا ٿيو؟“

 

95. مون پاڻ بصر کاڌو هو

هڪڙي مائي وتايي فقير وٽ پنهنجو پُٽ وٺي آئي. فقير کي چيائين ته سائين، هي رڳو ڪچا بصر ٿو کائي، ڪو ڦيڻو هڻيس يا دعا جو هٿ گهمائينس ته منجهائس اها بڇڙي عادت نڪري وڃي. فقير چيو ته ٽي ڏينهن رکي پوءِ وٺي اچجانس. مائي ٽن ڏينهن بعد آئي. فقير نينگر کي چيو ابا، ڪچو بصر نه کائيندو ڪر، ان جي کائڻ سان وات ۾ بانس ٿي ٿئي، ڀر ۾ ڪو ويهڻ نٿو ڏي، بعضي پيٽ ۾ سور ٿو پيدا ڪري. ٻڌاءِ ته کائڻ ڇڏي ڏيندين يا لِڪي ڇپي پيو کائيندين؟ ڇوڪر چيو هاڻ آءٌ ڪونه کائيندس. فقير چيو ته هاڻ ڀلي وٺي وڃينس.

مائيءَ چيو ته راهه گناهه ٽي ڏينهن مون کي ترسايوَ، اها هدايت ته انهيءَ ڏينهن به ڪري ڇڏيوهاس. فقير چيو ته آءٌ پاڻ ڪچو بصر مانيءَ سان کائيندو هوس. سو پهرين پرور کي پنهنجي واسطي التجا ڪيم ۽ ٽي ڏينهن بصر کائڻ ڇڏي ڏنم. تنهن کان پوءِ تنهنجي پٽ کي هدايت ڪئي اٿم، الله ساڃهه ڏيندس. الله وٽ سچي توبهه هميشه قبول پوي ٿي.

 

96. جيڪو ڌڻيءَ کي پسند آهي سو مون کي به!

هڪڙي ڏينهن وتايي جي پاڙي ۾ ڪو ماڻهو مري ويو. ماڻهن گڏ ٿي روئڻ شروع ڪيو. سڀ ڪو چوڻ لڳو ته ڏاڍو چڱو هو، گهڻگهرو هو، هر ڪنهن سان سڌو هو، ڪڏهن ڪيولي به نه اورانگهيائين، راڄ اشراف مڙس هو. اهي ڳالهيون ٻڌي وتايو به اوڇنگارون ڏيئي اتي اچي ڀنڻ ۾ شامل ٿيو. ماڻهن پڇيس ته ڇا تنهنجي به هن سان ڪا مائٽي هئي ڪيئن؟ جو ايڏو ٿو روئين. چيائين هن جي لڇڻن جو توهين هر هر بيان پيا ڪريو، اهو سڻي مون کي روئڻ ٿو اچي ته هو ڪهڙي دنيا کي ڇڏي، پنهنجي ڌڻيءَ جي قرب ۾ وڃي قابو ٿيو. سندس سڀ ڪو ساراهه پيو ڪري. الله وٽ به چڱن جي چونڊ آهي. اسين ڪڙهون پنهنجي حال کي نه هتي جا ٿياسين، نه هُتي جا. بس جيڪو الله کي پسند آهي، سو مون کي به پسند آهي. اها آهي اسان جي مائٽي.

 

97. ڍڳيءَ لاءِ نوڙي ٿو وٽيان!

هڪڙي ڏينهن وتايو سَر پَٽي آيو. انهن کي سٽي ڪُٽي انهن مان رسو وٽڻ ويٺو. هن جي ڍڳيءَ جو رسو بنهين ڇڄي ويو هو. سو گهر ٻاهران ويٺي اهو ڪم ڪيائين. اتان جيڪو ٿي لنگهيو، تنهن ٿي پڇيس ته فقير، ڪهڙي ڪرتا ويٺو ڪرين؟ چيائين ڍڳيءَ ڪاڻ رسو پيو وٽيان. جڏهن هرهڪ کي جواب ڏيندي، ڪڪ ٿيو ته وٺي ڪوڪريا ڪرڻ لڳو. چي، ڳوٺ جا ماڻهو جلد اچي مڙو، نه ته ڄاڻ ته قيامت آئي. ماڻهو ڊوڙندا آيا. فقير ڇا هي؟ ڪهڙو هُل هنگامو مچايو اٿئي؟ چيائين آءٌ اوهان هڙني کان ٿو پڇان ته هينئر ڏينهن آهي يا رات؟ سڀني چيو ته ڏينهن آهي. پوءِ چيائين ڏينهن ۾ انڌيرو يا اونداهي ته ڪانهي؟ مڙني چيو نه. تڏهن چيائين ته جيڪو لنگهي ٿو سو ٿو پڇي ته وتايا ڇا ويٺو ڪرين؟ جڏهن ڏسن به ٿا ته رسو ويٺو وٽيان. مهرباني ڪري هن کان پوءِ ڪوبه مون کان پڇڻ جي تڪليف نه ڪري.

 

98. انهن تي راضي هجي ها ته ڳائو مال پيدا ئي نه ڪري ها!

هڪڙيءَ ڪچهريءَ ۾ وتايو ويٺو هو ته قصو نڪتو ته الله سائين مسلمانن سان سختيون ٿو ڪري، پر هندن مٿان راضي آهي. ڏسو ته اُنهن کي مال دولت سان اَڏي ڇڏيو اٿس. سندن سٺا گهر، سهڻيون زالون، ججهو وياءُ. نه تنگي، نه ڏک. فقير چيو، ائين ڪونهي، هو ڳئون ماتا جي پوڄا ٿا ڪن ته جي مٿن اهڙو راضي هجي ها ته ماڳهين ڳائو مال نه خلقي ها، هو سندس نالي وٺڻ بجاءِ، ٺڪر جا ٺاڪر ته ڀتر جا ڀڳوان ٺاهيو پيا پوڄين. هنن جو پَرلئي يا قيامت ۾ ويساهه ڪونهي. جوڻ ۽ آواگون تي ڀروسو ڪندڙ آهن. جيڪي آخرت کي نٿا مڃين، تن کي هتي ئي بدلو ڏئي ڇڏيو اٿس.

 

99. ڪنهن به ڪونه چيو....

هڪڙي گهمري، وتايي جي ماءُ سخت بيمار ٿي پئي. کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين. وتايي کي پڪ ٿي ته امان مري ويندي. سو ان جي سيرانديءَ کان ويهي پار ڪڍي روئڻ لڳو. وتايي جي جيجل توکان سواءِ هن دنيا ۾ ڀورڙي چريي جو ڪوبه مائٽ ڪونهي! وتايي کي اڪيلو ڇڏي نه وڃجانءِ! مون کي پاڻ سان گڏ وٺيو هل. هن جي آلاپن تي پاڙي جون ڪيتريون ئي زالون اچي ڪَٺي ٿيون. انهن مان هڪ ڪُراڙيءَ وتايي جي مٿي تي هٿ رکي چيو ته ٻچڙا، هلڻو هر ڪنهن کي آهي. ماءُ مٿان ڪروڌ نه ڪر. کُٽيءَ جو نه ڪو ويڄ نه ڪو طبيب. اسين هيتريون ساريون تنهنجون مائرون ويٺيون آهيون. پيون تنهنجي سار لهنديون سين. وتايي چيو ته آءٌ انهن گشن تي ڪيئن اعتبار ڪريان؟ جڏهن منهنجي زال مُئي ته ڪنهن به ڪونه چيو ته ڳڻتي نه ڪر، اڀري سڀريم رَنڙ سَنڙ مڙيئي هڪڙي زال تنهنجي مٿي ۾ هڻي ڇڏينداسين. اها امڙ هئي، جنهن چيو ته پٽ روءُ نه، آءٌ تنهنجي ٻي شادي ڪرائيندس. پنهنجي سڪيلڌي جي جهولي ڀرائيندس. سو امان جهڙا وچن ۽ دلداريون ٻيو ڪير ٿو ڏئي سگهي؟ انهيءَ گفتگوءَ تي ماڻس اکيون پٽيون، فقير خوش ٿيو.

 

 100. آءٌ ڪو حضرت ايوب ڪونه آهيان!

وتايو ڪنهن کجين جا باغ وٽان اچي لنگهيو. دل سُرڪيس ته اڄ کارڪون کائي ڍؤ ڪجي. ڳولا ڪيائين باغائي نظر ڪونه آيس. جنهن کان کارڪون گهري يا موڪل وٺي کائي. پوءِ ماشاءَ الله ڪري هڪڙي وڻ تي چڙهي ويو. اڃا کارڪن تائين پهتو به ڪين ته پير ترڪي ويس، اچي هيٺ ڦهڪو ڪيائين. ڪرڻ سان هڪڙو کجيءَ جو سُوئو پير ۾ گهڙي ويس، جو اتي ڪيترا سوئا پکڙيا پيا هئا. درد کان وٺي دانهون ڪرڻ لڳو، چي، گهوڙا ڙي مران ٿو! ڪو آهي، جو منهنجي واهر ڪري؟ سُور جي سُوٽ کان ٻئي هٿ پير ۾ هئس ۽ پير مٿي اُڀو ڪري پئي چيائين، ”الله سائين آءٌ حضرت ايوب ڪونه آهيان، جو تنهنجي پرک ۾ پاس ٿيندس. ويڳاڻو وتايو آهيان. مون کي هن مصيبت ۾ مبتلا  نه ڪر.“ هن جي دلسوز دانهن تي باغائي به اچي نڪتو. سُوئو ڇڪي پير مان ڪڍيائينس. پوءِ وتايي پاڻهي وراڻيو چڱو ٿيو جو مفت جو مال نه کاڌو هئم نه ته الائجي ڪهڙي حالت ٿئي ها!؟

 

101. ائين ڦِرندي وئي، جهڙي ڀَت ۾ ڏوئي!

چون ٿا ته وتايو ننڍو نينگر هو ۽ پنهنجي مدرسي جي ٻاهران ويچارن ۾ ويٺو هو ته هڪ ايراني سپاهي گهوڙي تي سوار ٿي اتي اچي لٿو. هن کان پڇيائين ته مدرسي ۾ ايران ملڪ جو هڪ عالم پڙهائي ٿو، سو اندر آهي؟ وتايي چيو ته ويٺو آهي. سپاهيءَ چيو ته جيسين آءٌ ان سان ملي اچان، تيسين هن گهوڙيءَ کي پاڻي پياري اچ. وتايي کي اها ڳالهه ٻولهه وڻي ته ڪانه، پر اٿي گهوڙيءَ جو لغام ورتائين. سپاهي ترار ۽ ڍال پاڻ سان کڻي اندر ويو. هو گهوڙيءَ کي هڪڙي اُڀڪپريءَ تان پاڻي ۾ لاهڻ لاءِ اچي بيٺو ۽ لغام وات مان ڪڍي، پاڻي پيئڻ ڪاڻ پٺيان تلهڙ هنيائينس. گهوڙي بُل ڏيئي وڃي پاڻيءَ ۾ پئي ۽ گهوتا کائڻ لڳي. اهو چرخو ڏسي وتايو سپاهي ڏانهن ڊوڙندو آيو، چيائينس ته گهوڙي ويئي، گهوڙي ويئي! سپاهي هن کي هٿين خالي ڏسي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڇيو ته ”چميگوئي؟“ هن چيو ائين ڦرندي پيئي جيئن ڀَت ۾ ڏوئي. سپاهيءَ وري چيس ته ”براءِ اسپ چه ڪردئي؟“ وتايي چيو ته ججها ماڻهو ميڙيندين ته ڇونه نڪرندءِ. سپاهي اٿيو هن جي سنڌي ٻولي نه سمجهي، درياهه تي آيو ۽ ڪجهه به نه ڏسي وتايي ڏي منهن ڪري پڇيائين، ”اسپ من ڪُجا.“ وتايي سمجهيو ته پڇي ٿو ته ڪهڙي هنڌ ٻڏي. سو کانئس تلوار وٺي انهيءَ هنڌ پاڻيءَ ۾ اُڇلي چيائين، او... اُجها، يعني هُتي ٻڏي اٿئي.

 

102. فقير دال کائي دنگ ڪري ته ڪَڻو منهنجي ٻوٿ تي همائج!

هڪڙي عورت، جنهن جو وتايي فقير ۾ سچو صدق هو، فقير جي عزت احترام بنهه گهڻو ڪندي هئي، روز وٽس اچي دعائون، دفعائون ۽ ڌاڳا ڦيڻا ڪرائي ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن فقير وٽ آئي ته هن وٽ ٻيو ماڻهو به ويٺو هو. هن پئي چيس ته وتايا، تون الائجي ڪيڏي مهل ٿو ماني کائين، مون کي هينئر سان ئي اچي بُک تپايو آهي. وتايي چيس ته ڳر نه، الله روزي آسمان تان به موڪلي ڏيندو. اهي حرف ٻڌي هن آيل عورت کي دل ۾ آيو ته سدائين پئي فقير کان سڳا وٽايان. اڄ هن وٽ مهمان به آهي، ڇونه کڻي آءٌ دعوت جهليانس! پوءِ فقير کي چيائين توهين ٻئي اٿو، منهنجي گهر هلي خدا ڪارڻ پير به گهمايو ۽ دعوت به کائو. فقير جو سنگتيءَ جيڪو مشهور ڀوڳائي پڻ هو، کي چيو ڏٺئي، مون وٽ رُکي سُڪي ماني ملئي ها، هاڻ الله ڀاڳ واريو اٿئي. هن مائي جو مون سان ججهو قرب آهي. دل جان سان دعوت ڪئي اٿس، هل ته هلون، پوءِ مائي پڻڇ پتاري هنن کي وڻ هيٺان ويهاريو. پاڻ گهر ۾ وڃي سانجڻ ڪرڻ لڳي. مانيون پچائي دال رڌي ٻاهر نڪتي ته وتايي جي سنگتيءَ بک کان ٽيهلاڙا پئي ڏنا ۽ در کي ويجهڙو هو. مائيءَ هن کان پڇيو ته ابا، فقير وتايي ڪاڻ دال رڌي اٿم، اُهو ته کائيندو دال، پر تون ڇا کائيندين؟ هن چيو ته فقير کي سچيءَ سڪ مان دال رڌي ٿي کارائين يا چرچو ٿي ڪرين؟ چيائين اهو منهنجو مرشد آهي. منهنجو مٿانس ساهه به قربان آهي. تون پنهنجي ڳالهه ڪر. هن چيو جنهن جي مٿان ساهه به قربان آهي، تنهن کي دال ٿي کارائين ته پوءِ فقير دال کائي دنگ ڪري ته اهو ڪُنو، جنهن ۾ دال رڌي اٿئي، منهنجي ٻوٿ مٿان گهمائي ڇڏج مون کي به ڍؤ ٿي ويندو.

 

103. ڪو مال کائيندين يا خُورما؟

وتايي جو هڪڙو معتقد ماڻهو کيس دعوت ڏيئي، پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو. هن کي خيال آيو ته فقير سادي سودي ماني ته ائين پيو کائي، اڄ ڀانئيان ته کيرڪون يعني: کير کارڪون جن کي خُورما به چئون، رڌائي کڻي کارايانس. اهڙو طعام کائي خوش ٿيندو ۽ دل سان دعائون ڪندو. سو ماني ٺاهڻ کان اڳ فقير کان پڇيائين ته درويش ڪو مال کائيندؤ يا خورما؟ فقير ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. جو خُورما نالو اڳ ٻڌل ڪونه هوس، سو امالڪ چيائين خورما. هن زال کي چيو ته اڄ فقير پاڻ وٽ مهمان آهي، سو هن لاءِ خورما تيار ڪر. زال مڙس کي حاضر چيو. دل ۾ چيائين ڪير ٿو اهڙيون تڪليفون ڪري. هن درويش کي ڪهڙي خُورمن جي خبر پوءِ دال رڌي وٽو ڀري فقير ڏي مڙس هٿان موڪليائين. فقير ڍَڪ لاٿو ته دال رڌل ڏٺائين. ان کي ڏسي چوڻ لڳو حيف هجئي! اسان وٽ ڪوٺجين ”ڏاري دال“ هي وري خورما ٿي، اچي اڳ ورتو اٿئي. دال ڏسي ميزبان به شرمندو ٿيو.

 

104. مردن جي ته لُچائي آهي!

هڪڙيءَ مجلس ۾ هڪڙو وڏو جيد عالم مقرر واعظ ڪري رهيو هو. جنهن ۾ پردي بابت ماڻهن کي پئي چيائين: پردو بيحيائيءَ کي روڪي ٿو. مسلمان کي پردو اوس ڪرڻ جڳائي، جتي پردو ناهي، اتي خير ناهي. پردو، ادب احترام وڌائي ٿو، سچو موتي به سِپ ۾ گويا پردي ۾ آهي، جنهن جي ججهي قيمت ڪٿبي آهي. خاص طرح عورتن جو زيور پردو ئي آهي. اتي وتايو به ويٺو هو، ڪنهن پڇيس ته وتايا ڀانئين ٿو ته پردو مردن کي ڪرڻ کپي يا زالن کي؟ وتايي چيو ته سڀ لچائي مردن جي آهي زالن جو ذرو به ڏوهه ڪونهي.

جيڪي ڏاڙهي رکائي به، ديدون اڙائن ٿا،

ڏاڙهي پٽائي پنهنجي، خلق خون ڪرائن ٿا.

 

105. غريب چڱو يا شاهوڪار؟

وتايي کان پڇيائون ته دنيا ۾ غريب ٿي رهڻ چڱو يا شاهوڪار؟ چيائين:

شاهوڪاري آهي وڏي جوابداري،

چورن چڪارن سان غير واسطيداري،

دشمن، بدمعاش ۽ لچن جي پاڻ ۾ طرفداري،

دولت بچائڻ جي رات ڏينهن انتظاري،

آسودگي اها آهي جنهن ۾ پاڻ به کائي،

غريبن کي به کارائي چوڙائي ڍَڪائي،

شاهوڪار ٿي جنهن غريب تي نظر نه ڊوڙائي،

اهڙي بخيل تي هميشه لعنت خدائي،

غريب انهيءَ ڪري آهي آزاد ۽ زور

جو هن وٽ ڍڳو نڪو ڍور،

هن جو آڱوٺو وڍيندو چور.

 

106. اهڙيءَ حلال شيءِ کان نفرت ٻڌاءِ!

وتايي کان پڇيائون ته اهڙي حلال شيءِ سُجهئي، جنهن جي کائڻ سان دل کي نفرت اچي؟ فقير چيو اهو مسئلو عالمن کان پڇو، جيڪي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيل آهن. ماڻهن چيو، عالم دليل سان نٿا سمجهائي سگهن، رڳو ڊگهيون ڳالهيون ٿا ڪن. ته پوءِ ڪڻڪ جي اٽي مان سوئر جو بوتو بنايو، باهه تي پچائي ڪنهن مسلمان کي کائڻ لاءِ ڏيو، ڏسو ڇا ٿو ڪري؟ هنن چيو تو ئي صحيح دليل ڏئي سمجهايو آهي. اٽو برابر پاڪ حلال آهي، پر منجهانس جيڪو بُت گهڙيو ويو ۽ جنهن جانور جو اهو پُتلو آهي، تنهن جي صرف نالي وٺڻ سان ئي مسلمان وَونئون وڃن ٿا، ته ڀلا اهو اٽي جو سُوئر کائڻ ڪيئن پسندا ڪندا! ائين جي اٽي مان ڳئون ٺاهي، ڪنهن هندوءَ کي کائڻ لاءِ ڏني ته اهو به ڪونه کائيندو.

 

107. چورن کي پئسا به آءٌ پهچايان!

هڪڙي ڏينهن ڪنهن شاهوڪار زميندار کي سندس نوڪر وتايي فقير جي ڪرامتن ۽ ڪرشمن جون ڳالهيون ٻڌائي فقير جو معتقد بنايو. هن چيو ته جيئرو جاڳندو اولياءِ الله جو آهي، صبر شڪر جو پُتلو آهي، ظاهر مجذوب ۽ درويش آهي، باطن ۾ رُتل واصل بالله جو آهي. شاهوڪار اها ساراهه ٻڌي دل ۾ رکي. جڏهن رجب جو مهينو آيو ته هڪ سؤ اشرفيون ڳوٿريءَ ۾ وجهي، گهوڙي تي چڙهي وتايي جون پڇائون ڪندو، هڪ هنڌ فقير سان اچي ڀيڙو ٿيو. هن کي اشرفين جي ڳوٿري ڏئي، چيائين هي زڪوات جو مال آهي، تو جهڙو ٻيو ڪو حقدار ڪونهي، جو مون تان بار لاهي، ڳوٿري سوگهي ڪر. زميندار ڳوٿري ڏيئي ويندو رهيو. وتايو رتن ٽڪن جي ڳوٿري وٺي اچي پورن ۾ پيو، چي، هيترا ٽڪا ڪيڏانهن ڪندس! ڳوٺ کڻي وڃي پڪو گهر ٺهرايان جنهن ۾ امان جُهڙي ڦُڙيءَ کان بچيل رهندي. ڪو ٻڪرين يا ڳُئن جو ڌڻ ڌاريان، ماهيڙ ٿيان، کير ڏڌ پيو وڪڻان. آيو ويو مون وٽان ماني کايو پيو ويندو. نه نه، ملڪيت مون جهڙي کان وڌيڪ غريبن کي ورهائي ڏيان ته جيئن پنهنجيون نياڻيون اٿارين. مسافر خانو ٺهرايان يا مسجد! جتي ماڻهو آرام وٺن ۽ عبادت ڪن. اهي خيال پچائيندي ويٺي ئي ويٺي ننڊ اچي ويس. گينين جي ڳوٿري هٿن مان ڍرڪي وڃي جهول ۾ پيس. اتان ڪي چور واٽ وٺيو پئي ويا. وڻ هيٺيان فقير کي ستل ڏٺائون. نزديڪ آيا ته سندس سيني تي هڙ پيل ڏسي، کنيائون جا اشرفين سان ڀريل هئي. ڏاڍا خوش ٿيا. وتايو به سجاڳ ٿيو. ڳوٿري چورن جي هٿ ۾ ڏٺائين انهن کي منٿ ڪيائين ته ٻيلي اها ڳوٿري مون غريب کي خدا ڪارڻ زڪوات ۾ ملي آهي. مون کي موٽائي ڏيو. چورن چيو ته تون غريب ۽ هيتريون اشرفيون رکيو ويٺو آهين؟ توکي ڪير غريب چوندو، رڳو ڍؤنگ ڪيو اٿئي؟ ائين چئي هليا ويا. وتايي چيو ته ايترا پئسا ڏيارئي جو منهنجي خرچڻ ۽ سمجهڻ کان گهڻا هئا. مون سمجهيو هو ته تو مون تي وڏو وڙ ڪيو آهي، پر ائين ڪونه هو، پئسا انهن چورن کي ئي ڏيارڻا هوئي. مون کي وچ ڪُٽو بنائي، منهنجي هٿان ڏياري ڇڏيئي. هاڻ هنن کي ڪنهن جو به ڪو ڊپ ڪونه رهندو. باقي وتايو هميشه وانگر سَٽون ڏيندو وتندو.

 

108. مون کي پنهنجي شادي ياد پئي!

هڪڙي هنڌ شاديءَ جي دعوت وتايي فقير کي مليل هئي. فقير اتي پهتو هٿ ڌوئاري ماني اڳيان رکيائونس ته کائڻ جي ڪين ڪيائين. ماڻهن پڇيس ته جي اهو کاڌو نٿو وڻيو ته جيڪو ٻيو طلبيو سو آڻيون؟ فقير ورندي نه ڏني ۽ اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪيو. فقير کي حالن حوالن کان ويندو ڏسي، ويتر ماڻهو پريشان ٿيڻ لڳا. کانئس پڇيائون، سائين ڇو روڄ راڙي ۾ پئجي ويا آهيو؟ چيائين هن وقت شاديءَ وارن کي خوش ٿيڻ کپي. ڪو وقت هو جو منهنجي به شادي ٿي هئي ته ڏاڍو خوش ٿيو هوس. پر اها خوشي نيبَهه نه ٿي. ان تان روئڻ نٿو بيهيم ته من ڪا وري اهڙي خوشي ڏسان پر نڪي هڙ ۾ اٿم، نڪي هنج ۾ ۽ نڪي ماڻهن ۾ شمار ڪيو ٿو وڃان. الا الا!

سڀني ماڻهن فقير کي پرچايو ۽ سرچايو، ته جي نصيب ۾ خوشي لکيل هوندءِ ته بلاشڪ ماڻيندين، لکيو لوها ڪوٽ ڀڃي! پوءِ فقير ڳوڙها اُگهي ماني کاڌي.

 

109. هاڻ توهان جي هدايت تي هلندس!

وتايي ماءُ کي چيو ته سانجهيءَ پندرهين تاريخ شعبان جي ڀلاري عيد رات آهي. چون ٿا ته انهيءَ رات ماڻهن جا نصيب مقرر ٿيندا اهن، جي سڄو سال هلندا آهن. ماڻهو چڱا موچارا طعام رڌي هن رات جو مسيتن ۾ ڏيندا آهن. آءٌ به اتي وڃي کائي چَڙهه ڪريان. فقير ٻانگ اچڻ کان ٿورو اڳ مسيت جي آڳنڌ ۾ اچي ويٺو. ڏسي پيو ته ماڻهو ڍڪيل ڍاڪون مُلان جي هٿ ۾ پيا ڏين. ملان اندر مسجد ۾ گهڙيو خالي ٿانءَ موٽائي کنيو پيو اچي. وتايي سمجهيو ته آءٌ هرو ڀرو ٻاهر پيو اُسڙڪان، شايد گهڻا جماعتي اندر آهن، ڏٺائين ته مُلان حلوو سيرو هڪڙي ڪُنڊ ۾ رکيل ڪؤنرَ ۾ گڏ پيو ڪري. هن آسرو لاٿو ته انهيءَ مان ڦڪ به ڪونه ملندو، ملان وڏو بدنيت آهي، پوءِ چُپڙي ڪري ويهي تماشو ڏسڻ لڳو. ٻانگ آئي ته ماڻهن جا ڳاهٽ، مسيت ۾ جمع ٿيندا رهيا. نماز پڙهي پوري ڪيائون ته ملان هرهڪ کي ڊڳڙ مٿان سيري جو ذرڙو رکندو ڏيندو ويو. وتايي کي به ڏنائين، جنهن چيس ته اهو تنهنجو حق آهي، مسيت جو خدمتگار آهين. ڀلي گهر کڻي وڃي ٻچن کي کاراءِ. ملان کي اها چاڻڪ ڏکي لڳي، سو اندران سَيُن جو ٿالهه ڀري کڻي آيو. چي، فقير هيءُ مال کاءُ خالي پيٽ، سڳوري رات ائين نه وڃ. فقير چيو ته ايترو مال آءٌ ڪيڏانهن ڪيندس؟ جيڪي غريب مسجد ۾ آيا، تن کي تو کارائي ڍؤ نه ڪرايو، انهن کي رڳو نظر ڏنڀاڻي گرنهه گرنهه ڏنئي ۽ سمورو مال اندر ڇپر ڪري ڇڏيو اٿئي؟ هاڻ ڀانئين ٿو ته هن فقير کي سَيُن جي ٿالهي کارائي، اهو ڀريل ڪونرَ کڻارائي گهر وڃان. پاڻ کي اهڙي سڻڀي گرانهه جي سَڌ ڪانهي. مُلي چيو ته فقير، تون منهنجي نيت به سهي ڪري ويو آهين! تو ۾ ته ڪا وڏي مڻيا آهي. هاڻ مال مليدن تان مون هٿ کنيو. مون کي ڪا سهڻي صلاح ٻڌاءِ. فقير چيو، تون پاڻ آسودو ماڻهو آهين، تنهنجي گهر ۾ ايترا ڀاتي به ڪين آهن، جو رات وچ ۾ اهو طعام کائي پورا ڪندا. ضرور صبح جو ٻاهر ڦٽو ڪندين، جي ڏين ها جماعتين کي ته کائي خوش ٿين ها. تون ايترو رکين ها، جيترا تنهنجا کائڻ وارا آهن، وڌيڪ حق مسافرن جو آهي. ورهاست به ائين ڪندو ڪر. اول مسافر پوءِ جماعتي ۽ آخر ۾ تون پاڻ ۽ تنهنجي گهر وارا. مُلي چيو ته آئيندي آءٌ ائين ئي ڪندس، پر درويش مون کي ڪٿي به بدنام نه ڪج.

 

110. دنيا جا طالب کدڙا آهن!

هڪڙي ڪچهريءَ ۾ بنهه ججها ماڻهو وتايي کي ڦري آيا. چوڻ لڳس فقير، تون الله سائين کان دعا گهر ته توکي تونگر ڪري، ڏسون ته تنهنجي دعا اگهامي ٿي؟ چيائين:

ڪير ٿيندو نَرَ منجهان مادي،

گُهري وٺان ۽ پاڻ سان ڪرايان تعدي!

چيائونس سو ڪيئن؟ ورندي ڏنائين دنيا جون طالب عورتون آهن، عقبيٰ جا طالب کدڙا آهن، مولا جي ديدار جا طالب مرد آهن. اسان کي ته مولا جي ديدار جي طلب آهي. نه زالن وانگر زر زريون جي، نڪي کدڙن ۽ سڌڙين وانگر حورن جي.

اسان کي الف جي اوڙ آهي ڪافي

بيوس وسيلن کان آ ملي معافي!

 

111. اوهان کي مرڻو ڪونهي ڇا؟

ڳالهه ٿا ڪن ته وتايي فقير جي ماءُ تمام سخت بيمار ٿي پئي. پاڙي وارن هن کي چيو ته ڪنهن ڏاهي ويڄ کان علاج ڪرائينس. جواب ۾ چيائين ته جي حياتي اٿس ته مماتي ٿي نٿي سگهي، جي ڏينهن اچي پورا ٿيا اٿس ته حيلا حوالا هڙ بيڪار آهن! جي توهان کي مون سان همدردي آهي ته ڀلي ڪنهن هاتڪ حڪيم وٽ هلي ڏيکاريوس، باقي منهنجي دل دوائن ڪرائڻ کان کٽي ٿي پئي آهي. پاڙي وارا زوريءَ علاج لاءِ مائيءَ کي کڻي ويا، پر ڪو افاقو ڪونه ٿيو. مائي رحلت ڪري ويئي. پاڙي وارن مائيءَ کي ڪفن ڏئي دفن ڪيو. پوءِ ڳوٺ وارا پرچاڻي ڏيڻ لاءِ آيس. ڪن چيو فقير اُٿي ماڻهين جي ڪانڌپي لاءِ سَٺو ڪر. جيئن سڀئي ڪانڌي هٿ ٻوڙين ته مائي کي وڏو ثواب ٿيندو. هن چيو ته حڪم آهي ته جنهن گهر ۾ قضيو ٿئي، ان گهر جو ٽي ڏينهن کاڌو کائڻ، پاڻي پيئڻ مڪروهه آهي. توهان جي چوڻ تي اڃا به جمعا، چانداڻا ۽ ٻارها ڪرڻا پوندم، جيڪي مُلن پيٽ ڀرڻ لاءِ رٿائون رٿي ڇڏيون آهن. هڪ امڙ جو غم، ٻيو گهر جو گهاٽو، مون کان سَٺو ڪونه ٿيندو. هي هن ڏکئي وقت ۾ کڻي منهنجي مدد ڪيوَ ته لهي ڪونه پوندوَ. وارا ڄمارا آهن. جڏهن توهان وٽ به موت ڪاهي ايندو ته آءٌ توهان کي ڪک ڀڃڻ به ڪونه ڏيندس. توهان جي عزيزن کي ثواب پهچائڻ واسطي پاڻ پتوڙيندس. پر جي اوهان کُٽل آهيو ته پوءِ توهان تي ۽ مون تي ميار ڪانهي! رڳو منهنجي ماءُ ڪانه مئي آهي، جنهن لاءِ خرچ ۾ ٿا وجهو، اوهان کي مرڻو ڪونهي ڇا؟

 

112. وڏيرو بهشت ۾ ڪيئن ويندو؟

ڳوٺ جو وڏيرو گذاري ويو، سو سڀ ماڻهو اچي ڪانڌي ٿيا. وتايو به مقام تائين گڏجي آيو. جنازي نماز بعد، ملان قرآن بخشائڻ لاءِ هڪ عزيز کي ويهاري دعا گهري. وتايي چيو ته جي بخشائڻي ۾ مُلان کي مينهن ڏيندين ته وڏيرو سڌو بهشت ۾ ويندو. جي گهٽ وڌ ڏيندين ته ٽنگيو پيو هوندو. اهو بهشت سنڌ جي رهاڪن لاءِ ملن منٿون ڪري الله کان ٺهرائي ورتو آهي. عربستان ۾ قرآن بخشائين ڪونه، چون جهڙا عمل ڪيا هوندائين، اهڙو اَجر ملندس. اسين خدا کي رشوت ڏئي، ڪو بهشت خريد ڪري ڪونه سگهنداسين، پر هت جا ملان حرام کائڻ لاءِ اهڙي هام هڻيو بيٺا آهن. جڏهن سموري سُڌ اٿن ته پاڻ بهشت ۾ ڪونه ويندا، جو افعال اهڙا اٿن، سو سندن هٿان وڏيرو وري بهشت ۾ ڪيئن ويندو؟

 

113. پاڻ دال تي به خوش آهيون!

رمضان شريف جي آخري جمعي تي، وتايو فقير به ڪپڙا ڌوئاري مسجد ۾ نماز پڙهي، سانجهيءَ جو روزو کولڻ لاءِ اچي مسجد ۾ ويهي رهيو. مُلي هن جي اڳيان جوئر جي ماني ۽ دال جي ٻوڙ جي جمني رکي، ٻين آسودن ۽ ڪپڙي لٽي ۾ ٺهيلن مهندان گوشت، مڇي وغيره ڪڻڪ جي ڦُلن سان گڏ رکي. ڪن جي اڳيان ميوات ۽ شربت ته ڪن کي ڇڙي لسي، افطاريءَ لاءِ ڏنائين. اتي ٻن شخصن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو. هڪ چيو گهران آندا اٿئي پٽاٽا، هت وري گوشت جو وٽو ٿو اڳيان رکين. روزي کولڻ لاءِ ڪونه ٿو اچين، رڳو چشڪا وٺڻ ٿو اچين. هن چيو ته ان جي معنيٰ ته تون ڀلي گوشت کاءُ، ٻيو ڪونه کائي؟ روزو رکيو اٿئي ته ڪو مون تي ٿورو يا احسان ڪونه ڪيو اٿئي. آءٌ بيشڪ گوشت، پلاءُ، قورمو جيڪو سڻڀ مال هوندو سو ڇڪي کڻي کائيندس. هن چيو اسين مئا آهيون، جو تون کڻي کائي ويندين. هن چيو چڱو آءٌ کڻان ٿو، ڏسان ته تون ڇا ٿو ڪرين؟ پوءِ هن پلاءُ جي پاٽ ڏي هٿ وڌايو ته سندس سامهون واري ٺڪاءُ ٺؤنشو ڪرايس. پوءِ ته جماعتي هڪڙا هڪڙي جي پاسي، ٻيا ٻئي جي پاسي ٿيا. مارا ماري شروع ٿي ويئي. ٻوڙ ۽ مانيون اتي پئي ٿڏيون ٿيون. جڏهن ٺهپر ٿي ته وتايي مُلان کي چيو، چڱو جو مون کي دال ڏنئي اسين دال ۾ ئي خوش آهيون، نه ته اڄ مسيت مان ٺينڊيون رت جون وهائيندا وڃون ها!

 

114. سچو فقير سچو ملا پاڻ ۾ ويري ناهن!

وتايي کان پڇيائون ته مُلا ۽ فقير جو جهيڙو شروع کان هلندو اچي، ان جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ فقير چيو ته سچو فقير ۽ سچو مُلان پاڻ ۾ هڪٻئي جا ويري هرگز نه هوندا آهن. باقي جيڪي پاڻ ۾ وڙهن ٿا، سي گمراهه آهن. حرام جي هڏي جي هٿ ڪرڻ واسطي دست درازي ڪن ٿا.

هڏي تي هوڏ، ڪُتن آهي مَچائي،

اها ڪني ڪوڏ، ڪيترائي ڪري ويا!

 

115. تنهنجي پيءُ جي صدقي ڪپڙا لڌا!

هڪڙي ماڻهوءَ ڀوڳ ڪرائيندي، وتايي کي چيو ته ڪپڙا ته ائين زماني جي بزرگن وارا پاتا اٿئي؟ وتايي چيو ته منهنجي ڏاڏي مرڻ مهل وصيت ڪئي هئي ته سندس اوڍيل ڪپڙا، ڪنهن صندوق ۾ وجهي منهنجيءَ قبر جي ڀرسان دفن ڪري ڇڏجو، سو ڪيترائي ورهيه اهي ڪپڙا مقام ۾ پوريا پيا هئا. بابي مون کي اها ڳالهه ٻڌائي هئي، پر صندوق واري جاءِ ڪانه ڏيکاري هئي. پر سال پڻهين گذريو ته ان جي قبر کوٽڻ لاءِ قابرن پئي زمين ڳولي. صندوق واري جاءِ تي اڇو پَٽ ڏسي کڏ کوٽيائون. جيئن کڙڪو ٿيو، کڏ کنيائون ته صندوق پڌري ٿي پئي. آءٌ جو اتي بيٺو هوس، ته بابي واري ٻڌايل ڳالهه تي تري آيم. هنن کي چيم ته اها صندوق منهنجي ڏاڏي مون ڪاڻ اتي پورائي ڇڏي هئي. اها مون کي ڏيو. هن ۾ ڪابه دولت يا مال ملڪيت ڪانهي، رڳو پراڻا ڪپڙا آهن، پوءِ انهن پيتي کولي ڏٺي ته برابر منجهس پراڻا ڪپڙا پيا هئا. اهي ڏسي کڻي منهنجي حوالي ڪيائون. ڪي ڏينهن ته سانڍي رکيومان، پر هينئر گهرج پيم ته کڻي ڍڪيا اٿم. آءٌ انهيءَ ڪري پڻهين جو شڪر گذار آهيان، جنهن جي موت ڪري اسان کي امانت ملي آهي. چرچو ڪندڙ ڪنڌ کڻي مُونن ۾ هنيو.

 

116. لامن ۾ لڙڪڻ ڇڏي، ٿُڙ کي وٺيو ويٺا آهيون!

ڪنهن هندوءَ وتايي سان رهاڻ ويٺي ڪئي. رهاڻ ڪندي، کانئس سوال پڇيائين ته ڀائي وَتُو، توهان ڪهڙي اهنج کان هندو ڌرم ڇڏي مسلمانن جو مذهب اختيار ڪيو؟ وتايي چيو ته مسلمانن جو رڳو هڪ خدا آهي. هو ان کي مڃيندا آهن. سندن خيال ۾ خدا واحد. لا شريڪ آهي. هن کي نه ڪنهن ڄڻيو آهي نه هن جو ڪو ڄاول آهي. هن سان ڪنهن جي به بروبري ڪانهي، هو پنهنجي ذات ۾ يگانو ۽ نيارو آهي. اهڙيون تعريفون ٻڌي اسان جي دل هڪ ڌڻيءَ ڏانهن موڙ کاڌي. هڪ لک چوراسي هزار جُوڻيون وٺڻ، پير ۾ پرميشور ۽ ڀتر جو ٺهيل ڀڳوان پوڄڻ ڇڏي ڏنوسين. لامن ۾ لڙڪڻ ڇڏي، ٿُڙ کي وٺيو ويٺا آهيون. اهو پنهنجو ڪرم ڪري، اُڪاري پار ڪندو!

 

117. امان ڪاڻ دلي ڏک ڪجي!

وتايي کي ڪنهن چيو ته فقير، سڀاڻي محرم مهيني جي ڏهين تاريخ آهي. ماڻهو روئندا، پٽيندا، تعزيه ڪڍندا، ڪي نذر نياز ڪندا، امامن جي نالي تي سبيلون ۽ شربت پياريندا. فقير چيو امامن جو ڏک ڪرڻ برحق آهي. جي قرآن شريف پڙهي ختمو ڏجي، نفل پڙهجن، ڪربلا جي ڪيس تي افسوس ڪري، گونگا ڳوڙها ڳاڙجن ته ثواب آهي. امامن سان ڪربلا ۾ جيڪو قهر ٿي چڪو هو. ڏيکاءُ لاءِ ڪارا ڪپڙا ڍڪڻ، سَٽڻ ڪُٽڻ، بهانو بنائي سُٺا ۽ لذيذ طعام، سندن نالي تي کائڻ ۽ کارائڻ کان چڱو آهي ته امامن ڪاڻ دلي ڏک ڪجي.

 

118. وتايا شادي ڇونه ٿو ڪرين؟

وتايي کي هڪڙي ڏينهن ٻه ٽي ڄڻا ڦري آيا، چون، وتايا، شادي ڇو نه ٿو ڪرين؟ اڃا سُوٽ بدن آهين.

چيائين زباني همدردي توهان جهڙا ماڻهو گهڻائي ڪندا آهن، پر جي کانئن سڱ گهربو ته سُور وٺي ويندُنِ مکڻ پوَندي ڀلا ڪهن جو مٿو ڏکندو؟ جي توهان کي مون سان سچي همدردي ۽ حب آهي، ته اُٿي ووڙ وجهو، ڳوليو ڦوليو، پوءِ جي آءٌ انڪار ڪريان ته جيڪي وڻيوَ سو ڪجو! ميان، مک هميشه سڻڀي شيءِ تي ويهندي آهي. چوندا آهن ”شاهوڪار جا سالا گهڻا، غريب جو ڀيڻويو ٿيڻ به ڪو قبول ڪونه ڪري.“ ڪير ٿو کُٽل وتايي کي پنهنجو ناٺي بڻائي....؟

 

119. گهوڙي جي ڍُڪ جا پئسا ڏي!

هڪڙي ماڻهوءَ وتايي فقير کي منٿ ڪئي ته فلاڻي ماڻهوءَ وٽ تمام ڀلو ۽ سٺو گهوڙو آهي. آءٌ پنهنجي گهوڙيءَ کي ان گهوڙي سان ميڙائڻ گهران ٿو، پر هو گهوڙي ڏيڻ جي نٿو ڪري. تنهنجو معتقد آهي. مون تي ڀلائي ڪر هن کان گهوڙو آڻي ڏينم. وتايو هن وٽ ويو. هن پنهنجي ماڻهوءَ هٿ گهوڙو موڪلي ڏنو. جنهن گهوڙيءَ کي سائو ڪيو، پوءِ وچ واري گهوڙي آڻيندڙ پنهنجي لالچ ڪري، گهوڙيءَ  جي مالڪ کي چيو ته گهوڙي کي مالڪ گيهه جي ڍُڪ ڏيندو، تنهن ڪري ڍُڪ جا پئسا ڏيو. هن کي اها خبر ڪانه هئي ته گهوڙي جي مالڪ وتايي جي نالي تي مفت گهوڙو ڏياريو آهي. سو پئسن لاءِ تڙ ڀيڙ ڪرڻ لڳو. گهوڙيءَ واري چيو ته بابا، مون کي گهوڙو وتايي فقير وٺرائي ڏنو آهي. اهو سامهون بيٺو اٿئي، ڍُڪ جا پئسا فقير کان وٺ. وتايي چيو مون هُن کان ڪيترا ڀيرا گهوڙو ميڙائڻ لاءِ پئي ورتو آهي. هن ڪڏهن به مون کان ڍُڪ جي گهر نه ڪئي آهي. اڄ تون ئي اهو نئون اصول ڪڍي رهيو آهين. ته تون گهران ڀري ڏي. هيءُ خدائي جوڙ آهي، نر ۽ مادي ملي ڦر پيدا ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ رب سائين پئسن ڏيڻ جو حڪم ڪونه ڪيو آهي. جي پئسن ڏيڻ وٺڻ سان اهو ڪم جاري رهيو ته ناظرو سڀ وِهٽ نظري ماري ڇڏيندا.

 

120. ڪي جواڻ جماڻ جاچ!

هڪ دفعي، وتايو ڪنهن ڪاڄيتي جي ڇَني وٽان اچي مَٽيو. ڏسي ته ماڻهن جا ميڙا لڳا پيا آهن. وتايو وڌي ميڙ ۾ اندر آيو، ڏسي ته هڪڙي طوائف پئي ڳائي ۽ نچي. اکين جا اشارا ۽ جسم جا غمزا پئي ڏيکاري، وتايي کي نئون آيل ماڻهو ڏسي، انهيءَ ڏانهن جهڪڻ لڳي. وتايي چيس ته مان کُٽل ماڻهو آهيان. مون مان ڪجهه نه ورندءِ. اهي شهپرن وارا ۽ ڳاڙهن ڳلن وارا جوان گهڻا بيٺا آهن، انهي کي پنهنجون ادائون ڏيکار ته اهي مائل ٿي پوندا. پوءِ اهڙن دل ڦَينڪ جوانن مان تنهنجا سڀ سڪارج ٿي ويندا. پوءِ ڳائڻي هڙن جا ڳِل پٽيندي، کؤنس ڪندي رهي. تان جو رپين سان جهولي ڀرجي ويس. وتايي چيو تڏهن ته چيو مانءِ ته ڪي جوان جماڻ جاچ.

 

121. پاڙي وارن جو به ڌيان رکبو آهي!

هڪ عورت جنهن جو گهر وتايي جي گهر سان لڳ هو. سا پئي ڏسندي هئي ته ماڻهو وتايي لاءِ مٺايون، ميوات ۽ طرحين طرحين جا طعام کڻي سڏ ڪري اچي ڏيندا هئا. وتايو وري ننڍڙن ٻارن کي سڏي، سمورو کاڌو ۽ شيون انهن کي ورهائي ڏيندو هو. ٻار ميڙاڪو ڪيو، سندس پويان پيا هلندا هئا. اها عورت ٻارن ۾ شيون ورهائجندي ڏسي، چَپَ بيٺي چٽيندي هئي. ارادو هوس ته کيس به فقير ڪجهه کائڻ لاءِ ڏي. هڪڙي ڏينهن ڪو ماڻهو ڍاڪون ڍڪي کڻي آيو، جنهن مان سُڳنڌ پئي آئي. هن عورت وتايي سان جهيڙو شروع ڪيو. جيئن طعام آڻيندڙن تي اثر ٿئي. مائي چوڻ لڳي، فقير ٿي پِٽبين. ڇانگ ڇوڪرن جي پاڻ سان گڏ کڻيو گهمندو ٿو وتين. پراوا ٻار ٿو کارين. سٺا سٺا مال پاڻ کايو ڏنڊو ٿيو پيو هلين، ٻاهر ڏيکاءُ اهڙو ٿو ڪرين جو ماڻهو سمجهن ته فقير جو نور سان پيٽ ڀريو پيو آهي. ان سان ذرو به دل نه اٿس. ڇوڪرن بجاءِ ٻين پاڙيوارن کي اهي مال ورهائي ڏيڻ جي نٿو ڪرين؟ انهيءَ لاءِ متان ڦڪڙ نه ڦاٽي پوي، نه ته پاڙيوارن جو ڌيان رکبو آهي، تو ۾ اها مريادا ڪانهي. تنهن ڪري پاڙيوارن کان هميشه نفرت ٿو رکين. پاڙو ته پيغمبرن کي به پيارو آهي. آءٌ جي سچ ٿي چوان ته مرچ ٿا لڳنئي. اهڙي بڪواس سڻي فقير منهن مٿي ڪيو. چيو ته اي مولا پاڪ، تون دانا بينا آهين، هن عورت مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. مون کي هن جي سُهمن ۽ طعنن کان امن ۾ رک! فقير جون اهڙيون آزيون ٻڌي، ٻين پاڙيوارين عورتن هن ڇتي عورت کي سمجهايو ته نڀاڳي ڇوٿي پنهنجون پاڙون پَٽائين. ڪانه مهل ڪنهن جهڙي، فقير جي دعا اگهاڻي ته ڏسندينءَ ۽ پسندينءَ. تنهن کان پوءِ، هن عورت فقير جي پچر ڇڏي.

 

122. گگدام رتوڇاڻ ٿيندا، توهان واهه واهه ڪندا!

هڪڙي وڏيري دل ۾ خيال ڪيو ته ماڻهو تڏهن درويش ۽ فقيرتن ٿا ٿين، جڏهن دنيا جا مزا ڪونه ٿا ڏسن. وتايو به فقير تڏهن آهي، جڏهن هن ڪابه لئي ڪانه ڏٺي ۽ ورتي آهي. اڄ سوئر تي ڪتن جي بڇ ٿو ڪرايان، جي فقير ڏسندو ته دين جي دشمن کي ڪتن هڻي چيري ڦاڙي رکيو آهي، جنهن جي تباهه ڪرڻ جو مسلمانن کي حڪم آهي، فقير اهو تماسو ڏسندو ته ڏاڍو خوش ٿيندو. سو ڪمدار موڪلي وتايي کي گهرائي ورتائين. وتايو آيو، ڇا ٿو ڏسي ته ماڻهن جا حشام اُڀا ٿيا، گهيرو ڪيو بيٺا آهن. وڏيرو ۽ سندس ساٿي کٽن تي ويٺا آهن، وچ تي سوئر ٻڌو پيو آهي. پنجن ڇهن ڪتن جون، ڪُتائي رسيون جهليو بيٺا آهن. ڪتا نرا کني ڀؤنڪون به پيا ڪن ته سوئر تي اُلرون به پيا ڪن. وڏيري فقير کي عزت ڏئي پاڻ سان گڏ ويهاريو. فقير پڇيو ته مون کي ڇو گهرايو اَٿو؟ هن چيو ته ڌڻيءَ تعاليٰ سڀ تماشا پنهنجن بندن جي ڏسڻ لاءِ پيدا ڪيا آهن. توهين رڳو عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ ٿا گذاريو. مون اوهان کي گهرايو آهي ته اڄ هت مرون ۽ ڪتن جي ويڙهه ۽ سوئر مٿان ڪتن جي بَڇ ڏسي توهين خوش ٿيندا. وتايي چيو ”مروان موت ملوڪان شڪار“ واري چوڻ بيشڪ توهان قائم رکي آهي. ميان صاحب، ساهه هر ڪنهن کي مٺو آهي. ويچارا گگدام رتوڇاڻ ٿيندا، توهين واهه واهه ڪندا رهندا. پوءِ الله ۽ رسول جي يادگيري ڇڏي ڪتن جي ساراهه جي ڍُڪ ڀريندا رهندا. خدا نه ڪري جي، ڪو توهان جو پيارو ڪتو چيرجي مري ويو ته ڄڻ توهان جي گهر ۾ قضيو ٿيو. پوءِ نڪي ماني وڻندوءَ. نڪي ڳالهه ٻولهه. پوءِ وري خوشامدڙيا ايندا، سي توهان کي دلاسي ۽ دلبريون ڏيندا، پرواهه نه ڪريو، اهڙو ڪتو فلاڻي وٽ بيٺو آهي، جيتري ۾ ڏيندو، وٺنداسونس. پوءِ سوين هزارين رپيا انهن لوفرن جي چوڻ تي ڪڍي ٻاهر ڪندا. هوڏانهن ڌڻيءَ جي نالي تي خيرات يا زڪوات ڏيڻ کان ٻرو پيو ٿيندوءَ. هنن جو ڏوهه توتي پوندو، جو چڱن ڪمن بدران بڇڙا ڪم تو چونڊي کنيا آهن. ڀانئين ٿو ته ان ۾ عزت به ٿيندي ۽ خدا به خوش ٿيندو، ڀُليو آهين، مري سڀني ڪمن جو قصاص ڏيندين. فقير جي هدايت ٻڌي وڏيري جا طاق لڳي ويا!

 

123. وڏن کي ڏسي ننڍا به کرندا آهن.

ڳالهه ٿا ڪن ته شهر ۾ هڪڙو مشهور وياج خور رهندو هو. هڪڙي ڏينهن وتايو فقير هاسيڪار هن وٽ هلي ويو. چيائينس ته تون حاجي ٿي وياج ٿو کائين، جو بلڪل حرام آهي. تون سمجهين ٿو ته مون حج ڪيو آهي، هاڻي منهنجا پاپ سڀ ڌوپجي ويا. جيئن وڻندم، تيئن پيو ڪندس. تڏهن وياج پيو کائين ۽ دولت پيو ڪٺي ڪرين. چون ٿا ته ڪيترائي حاجي حج ڪرڻ بعد ايمان وڃائي ايندا آهن. جيڪو ڀليءَ راهه ۾ خرچ ڪندا آهن. انهيءَ رقم کي حاصل ڪرڻ لاءِ اجوڳ رستا اختيار ڪرڻ کان به ڪين ڊڄندا آهن. مون ٻڌو آهي ته حاجي جڏهن حج ڪرڻ لاءِ سنبري نڪرندو آهي ته اُن سان ٻه شيون ٻيون به هونديون آهن. انهن مان هڪ هوندو آهي شيطان ۽ ٻيو هوندو آهي ايمان. جڏهن حاجي اوائلي بندر تي پهچندو آهي ته شيطان چوندو اٿس ته هاڻي پنهنجي سنگت ٽٽي، ڇو ته تون ڀلي پار وڃي رهيو آهين، اتي توکي منهنجي گهرج نه رهندي.  پوءِ حاجي ۽ ايمان اچي حجاز جي ڪنهن بندر تي لهندا آهن. جڏهن حج جا سڀ رُڪن ادا ٿي ويندا آهن ۽ حاجي پنهنجي وطن ورڻ لاءِ جهاز تي چڙهڻ وارو هوندو آهي ته کيس ايمان چوندو آهي ته هن ڀليءَ ولايت کي ڇڏي، آءٌ توسان هلڻ پسند نٿو ڪريان. هاڻ تون حاجي آهين، نيڪي بدي سڀ ڄاڻين ٿو. چڱي جي چائنٺ چمي اٿئي، بس توڪل برخدا هليو وڃ. جڏهن اهو حاجي پنهنجي وطن واري بندر تي اچي لهندو آهي ته شيطان ان سان گڏ ايمان کي نه ڏسي، ڏند ڪڍندو، حاجيءَ کي اچي بغل گير ٿيندو آهي، چوندو آهي ته مون الله کان اهو پئي گهريو ته شل ايمان کي اتي ڇڏي ڇڙو موٽي اچين، هاڻي ڪوبه فڪر نه ڪر، بندو هر طرح حاضر آهي. اميد ته اُهي اُهي ڪم توکان ڪرائيندس جو دنيا کي ڏندين آڱريون اچي وينديون. ٺيڪ آهي نه؟ اهڙي پڪائيءَ سان شيطان حاجي کي کاريندو رهندو آهي. تون ڏس ته تنهنجا پُٽ شرابي آهن، رنون پيا نچائين، جوا ۽ رنڊي بازي سندن شيوو آهي. اهي سڀ ڪنا ڪم تنهنجي حرام جي ڪمائيءَ وياج مان پيا ٿين، جيڪو تون ماڻهن کي لُٽي، هُنن جو ڀڀ ڀرين ٿو. انسان جي بڇڙن ڪمن کي الله ڊگهي ڏور ڏيندو آهي، پر پوءِ اهڙو ته چؤکنڀو هن کي خدا جو غضب پڪڙي ٻڌندو آهي، جو ڇٽڻ جي ڪابه واهه نه رهندي اٿس. ڀانئجي ٿو ته جوانيءَ ۾ تون به کريل هئين! ننڍا وڏن کي ڏسي کرندا آهن. ٽٽوءَ کي ٽارو، تازي کي اشارو ڪافي آهي.

 

124. ڪانا تيري ڪيا بات ڪهون؟

هڪڙيءَ مجلس ۾ ڪنهن ڪڃريءَ پئي ڳاتو. ماڻهن جو انبوهه اچي گڏ ٿيو. اول ڌوڪڙيءَ وڄت ڪئي، ان سان گڏ سارنگيءَ واري سُر ملايو، پوءِ ڪڃري اٿي بتائڻ، ناز ۽ نخرا ڪرڻ لڳي. هڪڙي ماڻهوءَ وتايي کان پڇيو، جيڪو پنهنجي سر مگن ٿيو بيٺو هو. فقير ڇا ٿو سمجهين؟ چيائين ته ڌوڪڙي چوي پيو ”ڦٺ لعنت، ڦٺ لعنت.“ سارنگيءَ مان آواز پيو اچي ”ڪِسڪون، ڪِسڪون،“ ڪڃري هٿن جي اشارن سان چئي پئي ”اِسڪون، اُسڪون اور سڀڪون“ هن چيو فقير تو هن ڳالهه کي چڱيءَ طرح پروڙيو اهي. ٿوري مهل کان پوءِ ڪڃريءَ گانو چيو ته ”ڪانا مين تيري ڪيا بات ڪهون“ ڇوته هڪڙو ڪاڻو به ان مجلس ۾ بيٺو هو. هن ”ڪانا“ حرف ٻڌي خيال ڪيو ته ڪجهه مڙئي مون کي چوڻ ٿي گهري. متان ڪا نِلائي ڪري! سو امالڪ رپيو ڪڍي ڏنائينس. طوائف سمجهيو ته هن کي راڳ وڻيو آهي، سا ڦيرو ڏيو اچي هن جي مٿان چوي ڪانا مين تيري ڪيا بات ڪهون. بس همراهه رپئي مٿان رپيو ڏيندو رهيو، وتايو به اهو لَاءُ ڏسندو رهيو. جڏهن ڪاڻي جا رپيا کُٽا ته خفي ٿي رن کي چيائين، جيڪي چوڻو هجئي سو چؤ! مون حاجت ڪندي رڳو هڪڙو ٻير پَٽ تان کڻي کاڌو آهي، جو تو ڏسي ورتو آهي. ڍڪ ڍَڪڻ واسطي کيسو ته خالي ڪيو اٿم، تڏهن به تنهنجو اهو رينگٽ نه ٿو بند ٿئي؟ بس هاڻ ته ٻڌءِ؟ تون ٻيو ڇا چوندينءَ سِر کڻي کپايو اٿئي. وتايي اها ڳالهه ٻڌي ڪڃري کي منٿ ڪئي ته اسين بي دليا اچي ڦاٿا آهيون، راڳ روپ مان ڪونه ڄاڻون. الله توکي ٻئي ڪنهن هنڌان ڀاڳ ڀڙائيندو. هن يار کي پئسا واپس ڪر، جي غلطيءَ سان توکي ڏيئي ويٺو آهي. توهان ٻنهي هڪ ٻئي کي نه ڄاتو نه سڃاتو! پئسا ڏينس ته غريب ٻچڙيوال وڃي ڪا عيال جي اوک پلي. وتايي فقير جي منهن ۾ نهاري. هن رنڊيءَ رقم موٽائي  ڏني. ڪاڻي چيو فقير جي تون نه هجين ها ته اڄ آءٌ مور پنڻ کي پهچان ها.

 

125. عبادت خوشبو آهي!

وتايي فقير کان ڪنهن پڇيو ته فقير! اهو ڪهڙو ڪارڻ آهي، جو مسجد ۾ نماز پڙهڻ يا عبادت ڪرڻ واسطي، ماڻهو وڃي ٿو ته گهڙي کن کان پوءِ هن کي اوجهڙاڻِ ۽ اونگهه اچيو وٺي، ليٽڻ لاءِ اهليو پوي، پر ڪنهن کيل تماشي، راڳ رنگ ۾ سٺي رات نبريو وڃي، ته اک نه ٿي لڳي، سو ڇپ؟ فقير چيو ته عبادت ڪرڻ ۾ سُرهي سڳنڌ ۽ خوشبوءِ ٿي اچي، پر مسخريون تماشا ۽ رؤنشا آهن گونهه گند. تنهن ڪري انهيءَ بدبوءِ بانس تي ننڊ نه ٿي اچي. رات ويهي، ڏينهن ٿو ڪجي، حرام جا اک ڇنڀجي.

 

126. آکر کٽو ڪونهي!

هڪڙي ڏينهن وتايي کي ماڻس چيو ته ابا ،ڏڌ پني پني ڪڪ ٿي پيا آهيون . ڇو نٿو ڪنهن سيد پير کي منٿ ڪرين ته ڪا ڍڳي کڻي ڏيار ته ڀاڳيا ٿي پئون. هاڻ پاڙي پتيءَ مان ڏڌ، لسي ملڻ به بند ٿي ويو آهي. پاڻ وٽ ڪابه ڳئون جٽاءُ نٿي ڪري. وتايي چيو ته پيناڪن کان پنڻ آهي ته منهنجي لاءِ ڏکيو آهي، پر تنهنجو چوڻ مڃي وڃي ٿو ڪنهن نه ڪنهن جي لر لڳان. سو هڪڙي مرشد سان گڏجي مسافريءَ تي نڪتو. هن کي چيائين ته ڪا ڀلي ڀٽاري مون کي مُريدن کان وٺي ڏيار. امان توهان کي ڏاڍيون دعائون ڪندي. پير چيو هل ڀلي، جي ڀاڳ چڱو هوندءِ ته گهڻو ڪجهه ملي پوندءِ. اسان جو ته ٻوجهو آهي ئي مريدن جي مٿي تي.

هڪڙي ڏينهن هڪڙي دل واري مريد جي اڱڻ تي وڃي لٿا. صدق واري مريد هُن کي گهر ۾ رهايو ۽ ڏاڍي سُٺائي صفائي سان گهر کي اڇو اجرو ڪيائين. طرح طرح جا طعام، ڀانت ڀانت جا پيئڻ موجود ڪيائين. پير صاحب کائي پي جڏهن نڙ ٿيو ته مٿي کي هٿ ڏيئي ٿڌا ساهه ڀرڻ لڳو. مريد چيو قربان وڃان! اوچتي ڪهڙي ماجرا پيدا ٿي آهي؟ مرشد چيو بس مٿي جو سور کان مغز ٿو ڦاٽيم. گهر واريءَ کي چئو ته مٿي کي تيل تري هڻيم ته من ڪا فرحت ٿئي. مريد، مرشد کي اندر وٺي وڃي، ڪوٺيءَ ۾ ويهاريو ۽ گهر واريءَ کي سندس ٽهل ٽڪور ۾ ڇڏيو. صبح ٿيو ته وتايي پير کي چيو ته هيءُ تنهنجو تمام سچو صدق وارو مريد آهي، ۽ هو مالوندو ۽ سرندو پڻ آهي، هن کان ئي مون کي ڪا ڳئون ڏيار ته ڳوٺ هليو وڃان، جيئن منهنجو پنڌ سجائو ٿئي. هن جڏهن مريد کي ڍڳيءَ ڪاڻ چيو ته مريد چيو ته سائين، جيڪا توکي کپي سا ڌُڻي کڻ، منهنجي ڪابه ڳئون ڏهن ٻارهن سيرن کيرن ڏيڻ کان گهٽ ڏهائي ڪانه ٿي ڪرائي. بلاشڪ توهين منهنجي وٿاڻ ۾ دعا جا پير به گهمايو ۽ پنهنجو مطلب به حاصل ڪريو. جڏهن وٿاڻ ۾ پير ويو ته چؤپايو مال ڏسي هٻڇي ٿي پيو. وتايي کي چيائين هتان نه، باقي اڳيان ٻيا مريد رهن ٿا، اتي توکي ڳئون ڏياريندس. وتايو ماٺ ۾ رهيو. سمجهي ويو ته ڪم ڪونه ٿيندو. پير صاحب، ڏنُ پٽ وٺي جڏهن هلڻ هارو ٿيو ته ڪچهريءَ وارن مريدن کي هدايت ۽ نصيحت ڪرڻ لڳو: هي جهان فاني آهي، هتان هر ڪنهن کي هلڻو آهي، هي ماڳ مڪان ڊهي پٽ ٿي ويندا، انهن تي بانور ڪرڻ ناداني آهي. هن حياتي جو گهوڙو چارئي پهر سنجيو بيٺو آهي. رڳو لغام تڻڪڻ جي دير آهي. تنهن ڪري گناهن کان توبهه ڪري وٺو. متان ڪو اهڙو وجهه نه مليوَ، چڱاين کي چهٽي وڃو. هي وقت قيمتي اٿوَ، هن وقت لاءِ ڏاڍا هٿ هڻڻان پوندوَ، پر ڏڌو کير ٿڻين ڪين پوندو. لطيف سائين چيو آهي ته:

عمر آيو اوچتو پکي ۾ پيهي،

سٻرپسي سومرا، ڏڪي ويا ڏيهي،

نه ڄاڻان ڪيهي، ڪندو پر پهنوارن سين.

 

اتي وتايي کي وجهه لڳي پيو، چوڻ لڳو:

سنجهي ئي شروعات ٿي ورڇ وڌندي وئي،

لڳي تري تيل جي، ٻڌَجي ويا ٻيئي،

واقفيت وتايي کي، اها چٽي طرح پئي،

اهڙا ڪم ثواب جا، ٿيا توهان هٿان ڪيئي،

ڪابه ڍڳي ڏيئي، پير پڄايو پوئتي؟

وتايي جو اشارو ٻڌي، ڪُکِ ۾ ڪان لڳي ويس. مريدن کي چيائين ته جيڪا ڍڳي مون پسند ڪئي هئي، سا نذراني ۾ هن فقير کي ڏئي، هڪدم روانو ڪريوس ته ماءُ مٺڙي کي وڃي کير پياري، وتايو پوءِ ڍڳي ڪاهي ڳوٺ آيو، ماڻس سان حالي حوالي ٿيو. جنهن چيس ته تون اها ڳالهه نه ڪر، هُو پاڻهي پنهنجي پير تي پيا ڪهاڙو هڻن. تنهن ۾ پنهنجو ڇا وڃي!؟

 

127. بازار مان کنڊ ته آڻي ڏيکار؟

هڪڙي ماڻهوءَ کي، وتايي منهن ۾ چتائي پئي ڏٺو. هن پڇيس ته ڇو فقير مون کي جاچي پيو ڏسين؟ فقير چيو ته مون ٻڌو آهي ته تنهنجي گهر ۾ مرشد آيو، تنهن کي تو ٺيپ ڏيئي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي. پنهنجا ٻئي جهان وڃائي ڇڏيئه. هن ماڻهوءَ چيو ته توکي ته الائجي ڪيئن پتو پيو آهي؟ اها ڳالهه مون توڙي ٻين مريدن ته راز بنائي رکي هئي! وتايي چيو ته ٻنهي جهانن جي وسيلن سان اهڙي جٺ ڪانه ٿي ٺهي! هن چيو ته فقير مرشد جي گهڻي خدمت ڪيم، غريبي حال سارو وسان ڪين گهٽايم، پر اهڙو بد لڇڻو جو مون کي چيائين ته آءٌ کنڊ جو شربت هر هر پيئندو آهيان. سا ڳچ جيتري وٺي اچي رک. دڪاندار ٿورو پرڀرو هو. آءٌ ويس هڪڙي پاڙي واري چيو ته اڃا دڪان کليو ئي ڪونهي، تنهن ڪري موٽي آيس. گهر اچڻ سان ڇا ٿو ڏسان ته مرشد گهر ۾ سڙهه ساڄا پيو ڪري. بدن کي باهه وٺي ويم. هڪل ڏنيمانس ته شرم ته ڪونه ٿيس، پر مون کي ڊيڄارڻ واسطي چوڻ لڳو ته اچي ئي ٿي منهنجي ڪاني! مون کي هئي خار، سو ٻياني کڻي چيومانس، جيسين تنهنجي ڪاني اچي، تنهن کان اڳ اچي ئي ٿي منهنجي ٻياني!

وتايي چيو ته ڏاڍي زوراوري ڪئي آهي. ائين وهٽ وانگي نازڪ بدن مرشدن کي ماربو آهي؟ مريد چيو وتايا، ٻاهريون ڳالهيون پيو ڪرين، ڪڏهن مرشد کي گهر ۾ ويهاري، بازار مان کنڊ آڻي ڏيکار ته مڃئين. ٻاهر ٻرندي هرڪو ڏسي اندر ٻرندي ڪو ڪونه ڏسي.

 

128. سَرند ماڻهن جي ڪٿي ٿي سُڃين سان سنگت هلي!

هڪڙو سونارو، جنهن سان ناڻي جي هڙ هئي، تنهن وتايي فقير کي شهر ۾ ڏٺو. دل ۾ چيائين ته منهنجي پيٽ سان ناڻي جو نوڙ ٻڌو پيو آهي. اڄ رات ڳوٺ پهچڻو اٿم، سج به لهڻ تي آهي. ڇونه هن ڇورڙي کي گشو هڻي پاڻ سان گڏ ڳوٺ هلڻ لاءِ هرکايان. هڪڙي کان وري به ٻه چڱا آهيون، چيو ڪين اٿن ته ”ٻه ته ٻارهن“ فقير کي چيائين ته فقير هل ته ڳوٺ هلون، مون کي اڄ رات خيرات ڪرڻي آهي. هَل، ته توکي به کارائي ڍؤ ڪرائيندس. پهرين ته فقير هلڻ کان پِڙ ڪڍي بيٺو، پر سوناري جي ججهي ستائڻ تي راضي ٿي ويو. پنڌ پرانهون هو. هلندي هلندي، مٿان اچي سومهڻي ٿي. وتايي چيو ته ٻيلي آءٌ ٿڪجي پيو آهيان. هن ڪرڙ هيٺان سمهي ٿو پوان، تنهنجي مرضي! سوناري ڏٺو فقير نابري واري آهي، سو هائوڪار ڪين ڪندو. سو ڪڇيو ڪي به ڪين، دڳ کان پرڀرو هڪڙي ڄار (کٻڙ) جي وڻ هيٺان همياڻي (هڙ) سيراندي کان رکي سمهي پيو، پر ننڊ اچڻ جو خيال ڪونه هوس، جو ناڻو نينهن ٽوڙ ساڻس گڏ هو. آڌي ٿي ته ڪي چور وتايي جي کونگهرون تي بيهي رهيا. کيس اٿاري پڇيائونس ته ڇا ڇا اٿئي؟ اسان جي حوالي ڪر، نه ته سر ٿو وڃئي! هن چيو ته آءٌ وتايو فقير آهيان، مون وٽ کائڻ ڪاڻ به ڪي ڪونهي. هڪڙن چيو ڇڏيوس، ٻئي چيو بدسوڻي نه ڪريو، فقير جي تلاشي وٺو، ڪجهه نه ڪجهه وٽس پوتي پلاند ۾ هوندو. اهو ٻڌي وتايي چيو ته ڏَنڊ وڄي بلا ڀڄي، ڪي به ڪين ورندوَ. پر پريان سونارو ستو پيو آهي، ڀانيان ٿو ته پري انهيءَ ڪري وڃي سُتو آهي جو جوکم جان سان ڀيڙو اٿس. پوءِ ته چور سوناري مٿان اچي پيا، ماري ڪُٽي مال کڻي پالهو ڪري هليا ويس.

سج اڀرڻ تي سونارو ڳوٺ ڏانهن پنڌ پيو ته وتايي به پٺ ورتس. چيائينس ته سيٺ هاڻ ڇو هلڻ جي صلاح به نٿو ڪرين. ڊُڳ ڀڳو وڃين؟ سوناري چيو ته صلاح وري ڇاجي، تو هٿن سان مون کي ڦرايو آهي، جي چورن کي تون ڏس نه ڏين ها ته ٿورئي منهنجي ڪاڪل پوين ها، تون سنگت جو دشمن آهين، تو سان ياراڻي نٿي ٺهي. وتايي چيو ته ٻئي سنگت رکي نڪتا هئاسين. توئي مون کي هيڪاندو ڪري هلايو. پر رات جو سنگت ٽوڙي لِڪي پرانهون وڃي سُتين. توکي ڊپ ٿيو ته متان وتايو نه ننڊ ۾ ڏسي ڏوڪڙ کڻي وڃي. اهيءَ ڪُپت ڪرڻ ڪري پنهنجي پاڻ ڀينگ ڪرايهءِ. جي ٻئي گڏ هجون ها ته مجال هئي چورن جي، جو ٻنهي کان ڏاڍا ٿي وڃن ها! سنگت ۾ ته هڪ ٻئي سان سر جون سٽون ڏبيون آهن، پر سَرند ماڻهن جي ڪٿي ٿي بُکين سان دوستي هلي سگهي. هاڻ ٻئي سُڃا آهيون. گڏجي هل ته ڳوٺ هلون.

 

129. پنجاهه رپيا مون کي به ڏئي ويو!

ڪنهن پير کي دل ۾ آيو ته وتايو مشهور درويش پيو ليکجي ڇونه، هن کي پنهنجو خليفو ڪري مريد پنڻ واسطي وٺي وڃان، هن جي برڪت سان مال گهڻو ملندو. سو وتايي کي گهرائي پاڻ سان گڏ سير تي هلڻ ڪاڻ چيائين. وتايي چيو مون کي ڪا ڍڳي وٺي ڏج ته امان کير پيئڻ جي سُکي ٿئي، باقي آءٌ هلڻ لاءِ تيار آهيان. پير پڪ ڏنيس، پوءِ ٻئي روانا ٿيا.

هڪڙي ڳوٺ ۾ پير جا ڪي غريب مريد رهندا هئا. سڌو انهن وٽ اچي هڪ مريد کي گهرايائون. مريد آيو، پڇيائين ڇا ٿا چئو؟ پير چيو ته مون کي سؤ رپيا ڏن ڏي ۽ هن منهنجي خليفي کي هڪڙي ڀلي ڳئون ڏي. مريد چيو ته اسان وٽ لولي لاءِ لوڻ به ڪونهي. توهان روز روز فرمائشون ٿا ڪريو. اڃا هڪڙي گهوڙي جي لِڏ به ڪانه ٿي سُڪي ته اجهو مٿان ٻيو ڊگ ڊگ ڪندو ٿو اچي. توهان اسان کي به پاڻ جهڙو پنڻ هارڪو ڪري ڇڏيو آهي. توهان جي دعائن اسان کي ڪهڙو سُڌاريو آهي؟ سدائين قرضن ۾ ڪارا آهيون. ٻچا لنگهڻا سمهيو رهون. توهان جهڙن مرشدن کان ته ڀينگ ڀلي آهي. پير ڪاوڙجي پيو ۽ چيائين، اجائي ڄاڙ نه هڻ. هي مال رزق منهنجن مائٽن جي محابي توکي مليو آهي. ان ۾ اسان جي پتي به ڳنڍيل آهي. لنواءِ نه، يڪدم حڪم جي پيروي ڪر! مريد چيو، اهي حڪم ٻين تي هلاءِ. مان تنهنجو مريد ئي ٿيڻ نٿو چاهيان. بس هتان هليو وڃ. پير چيو ته هرگز نه نڪرندس. تون پنهنجي زال جا ٽپڙ وڪڻي به اسان جو پورائو ڪر. زال جي نالي ٻڌڻ سان مريد کي بخيلي وٺي ويئي، لوڙهه کڻي آيو ۽ ٺڪاءُ ڪرايائين مرشد جي مغز ۾، بس رت ڪُتا ئي نه چٽين، ريهون ڪندو وٺي ڀڳو. وتايو ته ان کان به اڳ گولي ٿي ويو. پر مُريد وتايي کي به ڊوڙي اچي پهتو. هڪڙو ٻه بانٺو ان کي به ڪشيائين، پوءِ خليفو ۽ مرشد اچي ٽاپين ۾ پيا. پنجن ڪوهن تي ٻيو مريدن جو ڳوٺ هو اتي پهتا. مريدن پڇيو ته سائين رت ۾ ڳارها ۽ ڪو وهڻ به ساڻ ڪونه اٿوَ سهڪندا پيا اچو، آهي ته خير؟ چيائون ته اڌ واٽ تي چور مليا، چورن سان چڪري به کاڌي سين پر هُو ججها ڄڻا هئا، ڏي وٺ چڱي ڪئي سون، پر آءٌ ڦٽجي پيس ۽ ڍَڪرجي وڃي ڪريس. خليفو انهن سان بَر اچي نه سگهيو، گهوڙو ڪاهي ويا پئسا به ڦُري ويا. مريدن چيو اسين تيار آهيون، اها جاءِ ڏيکاريو. اسين نه ڇڏينداسون. مرشد چيو ته اسان کي اها به ساڃهه ڪانه رهي آهي ته ڪٿي جهيڙو ٿيو. ڪٿي ڦرياسين! هاڻ توهين فرائض (فراش) ڏيو ته ڳوٺ پهچي وڃي علاج ڪرايون. مريدن چيو هيل فصل ڀلو ڪونه ٿيو آهي. اَن ڪڻا ٻچن ڪاڻ رکيا اٿؤن. هي ڏهاڪو رپيا کڻي وڃو. الله مالڪ آهي وري ايندؤ ته توهان کي خوش ڪري روانو ڪنداسون. مرشد چيو ڏسو نٿا ته اسان کي بيمانن بيدرديءَ سان ڪُٽيو آهي. مٿا ڦاٽا پيا آهن. ايترا ته ڏوڪڙ ڏيو جو ڪنهن ٺڪاڻي تي لڳون. مريدن چيو اسان جو حال اهو آهي، وڌيڪ مرضيءَ جا مالڪ آهيو. وتايي چيو ته پير صاحب، جيڪي حُب سان ڏين ٿا، سو کانئن وٺو. هُن ڳوٺ وارو مريد اهڙو ته سَرند ۽ حبدار هو، جو سؤ رپيا توهان کي ڏنائين، پر گس ۾ ڊوڙي اچي پنجاهه رپيا مون کي به ڏئي ويو. هن سان هيءَ غريب ٿورو ئي بَر ميچي سگهندا. ان کان پوءِ وتايو يا ڄمار ڪنهن پير مرشد سان گڏ گُهمڻ نه ويو.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org