سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: وتايو فقير

باب: ٽيون

صفحو :5

وتايو فقير

ولي محمد طاهرزادو

باب ٽيون

 

اتر سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ڦيرگهير سان چيل چُٽڪا

 

الف[1]: 19. کُٽو هجين ته صحِي ڏي!

هڪ ڏينهن وتايي جي گهر ۾ اَن کپي ويو. ماڻس چيو ان خيرڪو وڃي رهيو آهي، اُٿي ڪو حيلو ڪر. فقير پَنو مس ۽ قلم کڻي مسيت ۾ منبر تي چڙهي ويٺو ۽ چيائين، جهانن کي روزي ڏيندڙ، وتايي جي گهر ۾ اَن صفا ڪونهي تو چيو آهي ته آءٌ روزي ڏيندڙ آهيان، هاڻ پنهنجي وعدي کي پاري ڏي، يا هن پَني تي صحي ڪر ۽ لک ته آءٌ کُٽي پيو آهيان ته ماڻهن کي ڏيکاري کين پڪ ڏياريان ته پنهنجي مڙسي پاڻ ڪن. هن اڃا ايترو چئي بس ڪيو ته مسجد ٻاهران سڏ ٿيس ته وتايا، ٻاهر نڪري آءُ. ٻاهر نڪتو ته هڪڙو ماڻهو گڏهه تي اَنَ جي ڳوڻ رکيو بيٺو هو، جنهن چيس ته هيءُ خدا ڪارڻ جو اَنُ آهي، وٺي پنهنجي حوالي ڪر. وتايي مٿي ڏٺو ۽ چيو ته: ڏاڍو سياڻو آهين! صحي نه ڏنئه پر اَن موڪلي ڏنئه.

 

ب[2]: 20. گهر ۾ اَنُ ڪونهي!

هڪڙي ڏينهن وتايي فقير کي سندس ماءُ سڏي چيو ته ابا، گهر ۾ کاڌي لاءِ اَنُ ماڳهين نه آهي. سو ڌڻي سڳوري جي نالي تي پني ڪي داڻا آڻي ڏي. فقير ٻڌڻ سان سڌو مسجد ۾ اندر آيو، اچي مسجد ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي منبر تي چڙهي اکيون مٿي ڪري چوڻ لڳو: اي مولا سائين! تون پاڪ آهين، کائڻ جي اسان کي بک ڏني اٿئي. سو جيئن تنهنجو هيءَ گهر مسجد ويران آهي، تيئن اسان جو گهر صفا سُڃ نه ڪر. ائين بک ۾ پاهه ڪري نه مار يا پنهنجو نالو رزاق نه ڌار، جيئن ڪو آسرو نه رهي. ايتري ۾ ڌڻيءَ سڏ اونايو، هڪ شخص ڳوڻ اَن جي ٻاهران آڻي فقير کي چيو: فقير صاحب هيءَ قبول پوي، ڌڻي جي نالي تي! فقير اُن کان اَنُ ورتو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اَن آڻي ماءُ کي ڏنائين.

 

الف[3]: 21. وتايي وارو اڳ وٺڻ.

هڪ لڱا وتايي جي ڳوٺ ۾ چوري ٿي. ماڻهو پير کڻ چورن جي پٺيان پيا. وتايو چورن جي ڳولا ۾ سڌو مقام ۾ ويو، اتي وڃي ويهي رهيو. ڪن ماڻهن پڇيس ته فقير، اتي ڇا ويٺو ڪرين؟ چيائين چورن جو اڳ اچي ورتو اٿم. نيٺ ته هيڏانهن ايندا ڀڄي ڪيترو ڀڄندا؟

 

ب:[4] 22. چورن جو اڳ وٺبو آهي.

ڳالهه ڪندا آهن ته وتايي فقير جي پاڙي ۾ ڪنهن هر مان هڪ رات جو چوري ٿي. صبح جو چورن جا پير ڏسڻ لاءِ ماڻهو اچي گڏ ٿيا. فقير گهڻا ماڻهو ڏسي انهن وٽ آيو، پڇيائين ته هيتري خلق ڇو اچي هت گڏ ٿي آهي؟ ماڻهن چيو رات چوري ٿي ويئي آهي. فقير چيو ته پوءِ هت گڏ ٿيڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هلو ته هلي ڳولهيون. فقير چيو خيال نه ڪريو، مون اڳ ورتو اٿمانِ. هاڻي ڀڄي نه ڇُٽندا. خدا جي قدرت چور به مقام لڳ ٻوڙن ۾ لِڪا ويٺا هئا. وتايي فقير جي ڳالهاءُ ٻڌي، هنن چيو ته چوري وتايي کي موٽائي ڏيو، شايد وتايي کي اسان جي هت اچڻ ۽ لِڪڻ جي سڀ خبر آهي، سو کيس آهستي سڏي چيائون. فقير ماٺ ميٺ ۾ اها چوري سُئي سڳي سوڌي اسان کان وٺي هٿ ڪر، پر ڪنهن کي اسان ڪَل نه ڏي. وتايي چوريءَ جو سامان وٺي ٻاهر بيٺل همراهن کي سڏ ڪيو ۽ چيو ”بابا، چور به لڌا چوري به ملي. هاڻ پنهنجو مال کڻو. ”چورن جو ائين پير کڻبو ۽ اڳ وٺبو آهي.“

 

الف: 23. ڪٿي سُڃائي به ڪم اچيو وڃي![5]

هڪ سال درياهه ۾ چاڙهه ٿيو. سانوڻ جا به بَرهڙا هجن، مينهن پوريون ڪري ڇڏيون هجن. ڍورا ڍنڍون ڦاڙ پيا ڦاڙين. ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو ويجهو ٿيندو ويو. ڳوٺن جا ماڻهو ٽپڙن ڍوئڻ، مال کي ڪاهڻ ۽ ٻچن کي گهلڻ ۾ لڳي ويا. سڀ ڪنهن کي ساهه جي اچي لڳي. وتايي ڏٺو ته منهنجو گهر به ٻڏي ويندو، سو ٻه رليون، پاٽ ۽ وَٽو کڻي، ماءُ کي ٻانهن کان وٺي اچي بند تي چڙهي ويٺو. ماڻهن جي ڀڃ ڊوڙ کي ڏسي، ماڻس کي چوڻ لڳو ته: ڏس ڪٿي ڪٿي اها سُڃائي به ڪم ڏيو وڃي!

 

ب: 24. آسودن کي درياهه لڏائي ڇڏيو.

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي اونهاري جي موسم برسات گهڻي پوڻ ڪري ۽ درياهه اُٿلي پوڻ ڪري ملڪ ۾ ٻوڙ ٻوڙان لڳي وئي. ماڻهو جهڳا ڇڏي سامان سڙو کڻي ڀڄڻ لڳا. وتايي فقير وٽ ڪو ايڏو سامان هو ئي ڪونه ۽ کيس ٻُڏڻ جي پرواهه ڪانه هئي. جن ٽپڙ پئي ڍويا تن کي چوڻ لڳو:

اڳ يا پوءِ، لڏي هلبو لوءِ،

ٽپڙ اهي ڍوءِ، جيڪي اچن ڪم اڳيان.

 

اسان کي سُڃائي ڇڏائي ڇڏيو،

آسودن کي درياهه لڏائي ڇڏيو.

 

الف[6]: 25. عشق ڪرڻ بدران ڏند شيڪيو پئي آهي!

وتاوي فقير ڪنهن واقفڪار وٽ ويٺو هو. اوڀاريون لهواريون ڪندي اچي عشق جي ڳالهه نڪتي. فقير ان سنگتيءَ کان پڇيو ته عشق ڇا آهي؟ هن چيو عشق دل جي وندر ۽ روح جي راحت آهي. جنهن کي عشق اندر ۾ ناهي، اهو انسان ئي ناهي. تنهن تي فقير چيو تڏهن آءٌ به عشق ڀلي ڪريان؟ هن چيو ضرور توکي به ڪرڻ گهرجي. فقير چيو عشق ڪنهن سان ڪبو ۽ ڪيئن ڪبو؟ هن چيو فقير اها ڳالهه ظاهر پئي آهي ته مرد جو عشق هميشه زال سان ٺهندو آهي. ان سان پيچ اڙائڻ جا طريقا آهن: پهرين ان کي سنهو پٿر اڇلائي هڻبو، پوءِ ڏسبو ته ڇا ٿي ڪري ۽ ڇا ٿي چوي؟ ان موجب ان سان پير کڻبو. اهي خبرون ڪري ٻئي هڪ ٻئي کان موڪلائي توڪلائي هليا ويا. ٻئي ڏينهن فقير گس وٺيو پئي آيو ته هڪ عورت پاڻيءَ جا گهڙا ڀريو مٿي تي رکيو پئي ويئي ۽ هئي به موچاري، سو فقير کي عشق جي يادگيري اچي ويئي، کڻندي ئي هڪڙو زنبوٽو ٺڪاءُ ڪرايائينس. زنبوٽي جو لڳڻ هن جا دلا ڀڃي اچي پٽ تي ڪريا ۽ مائيءَ جو وٽجي پَٽ تي ڪرڻ. ڪرڻ سان ڍڪرجي ويئي. فقير مٿان اهو لقاءُ ڏسي وٺي ڀڳو ۽ گس تي ڪنهن جي پڇڻ تي چيائين: وڃ عشق ڪرڻ بدران ڏند شيڪيو پئي آهي!

 

ب[7]: 26. ڀورڙي کي ڪهڙي خبر عشق جي!

هڪڙي رات وتايو ڪنهن دوست وٽ وڃي ٽِڪيو. زماني جون ڳالهيون ڪندي، دوست پڇيس، وتايا، پنهنجي حياتيءَ ۾ ضرور عشق به ڪيو هوندءِ؟ پڇيائينس ڪنهن سان؟ هن چيو ڪنهن زال ذات سان . فقير چيو

ننڍپڻ ۾ عشق مجازي ڪياسي،

پوءِ حقيقي عشق ۾ ٽپي پياسي،

 

لڳو عشق حقاني ڄڻ مصري،

پوءِ ويو مجاز به مون کان وسري.

تون پنهنجي عشق جي ڪا سُڌ سڻاءِ. دوست چيو ته اول ۾ مرد عورت مٿان عاشق ٿيندو آهي، انهيءَ کي اکيون ڀڃي اشارا ڏيندو آهي. پوءِ اک اک سان اڙجي ويندي آهي، ۽ دل قرب ۾ ڪڙجي ويندي آهي

محبت جي ماڙي اڏائي،

 قرب جو ڪوٽ ٺاهي

جان سان جڙجي ويندي آهي.

جڏهن وتايو رهي ٽڪي موڪلائي ويو هليو ته واٽ ۾ فقير کي هڪ نهايت سهڻي من موهڻي عورت ڏسڻ ۾ آئي، سو وڌي اچي ويجهو ٿي کانئس پڇڻ لڳو: مائي، توکي ڪا عشق جي حقيقت معلوم آهي ته مون کي به سمجها ۽ تو به ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن سان عشق ڪيو هوندو؟ عورت کلي چيو:

تکي تيز آهي نظر عشق جي.

تو ڀوري کي ڪهڙي خبر عشق جي؟

 

الف[8]: 27. جڃ ڪرائي ته ويرم ئي ڪانهي!

ڳالهه ڪندا آهن ته وتايي فقير کي سيون ڏاڍيون وڻنديون هيون. ڪنهن پڇيس ته فقير! ايڏو سيئن تي چاهه اٿئي، تون غريب پينڙيات پوءِ ڀانئين ٿو ڪيئن کائي ڍءُ ڪندين؟ چيائين ته الله سائين جي جڃ ڪرائي ته وٽس ويرم ئي ڪانهي.

 

ب[9]: 28. ملان نه سيون کائي وڃن.

ڳالهه ٿا ڪن ته وتايو فقير ٻين کاڌن کان وڌيڪ سَيون پسند ڪندو هو. رمضان جو مهينو اچي ويو، ماڻس سيون ٺاهڻ شروع ڪيون ماءُ کي سڏي چيائين ته امان، خيال اٿم ته رمضان جي ڇهويهين تاريخ جو روزو آءٌ به رکان جيئن ستاويهين جي رات جو جيڪي سيون مسجد ۾ اينديون سي به وڃي کاوان ۽ اهو رؤنشو به ڏسان ته روزائتا ڪيئن ٿا سَئين تي مريو مَٽ ٿين ۽ پيٽ ۾ ٿا سَٿين! ماڻس چيو ابا، پنهنجي ماني به کڻي وڃ. ائين نه وڃ، جو متان ماڻهو چون ته وتايو رڳو سيون کائڻ لاءِ آيو آهي. ماڻس اُٿي ماني پچائڻ لڳي، وتايو ويٺو هو. اڃا هٿ ۾ چاڻو اٽي جو کنيائين ته مٿان ٻانگ آئي. ماڻس دل ۾ چيو ته ٻانگ پوري ٿئي ته ڪلمو ڀري پوءِ ماني ٿڦيان. هڪڙي ٻانگ پوري ٿي، هن ماني اڃان ٿڦي ته ٻي شروع ٿي، ان لاءِ ترسي ته ٽي ٻانگ آئي ماڻس جي ڊيلهه ڪرڻ تي وتايي ماءُ کي چيو، انهن ٻانگن پاڻ ۾ ٻَڌي ڪئي آهي ته جيئن تون ماني پچائي نه سگهين! تون انهن کي هڻ ڍنڍ ۾ ماني پچائي ڏي نه ته سيون ٻُٽ کائي ويندا. پر مائي ٻانگن ڏانهن تانگهيندي رهي. وتايو ڊوڙندو مسجد ۾ آيو. جماعتن سان روزو کولي سَئين کي لڳي ويو. چيائين جي امان جي چوڻ تي لڳان ها ته: مُلان سيون کائي وڃن ها ۽ آئون رڳو ڌوتل ٿانءَ اچي ڏسان ها.

 

الف[10]: 29. لُچن کي ته نه لڪائي!

هڪڙي ڏينهن ڪو لُچ وتايي فقير جي گهران پاڻيءَ جو گهڙو کڻي ويو. ماڻس چيس ته ابا، اڄ ته ڪو گهڙو به کڻي ويو آهي، پاڻي ڪيئن پيئنديس. وتايو اهو ٻڌي، سڌو مسجد ۾ آيو. اتي رکيل دلن مان هڪڙو ٺوڪي وڄائي کڻي هلڻ تي هو ته مُلن چيس ته فقير هي ڇا ٿو ڪرين؟ الله سائين جي گهر جو دلو کڻيو ٿو وڃين؟ فقير چيو، اسان جو گهڙو کڄي ويو آهي. جي ٻي هنڌان کڻندس ته چور ڪري ٻَڌندم، سوچيو اٿم ته هن يار کي خبر ڪانه پوندي، بي ڊپو هليو ويندس. مُلي چيو تون ڀُليو آهين. هو عالم الغيب آهي، سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو. فقير چيو ته: اهو ته صحيح آهي: پر لُچن کي ته نه لڪائي!

 

ب[11]: 30. وٺ پنهنجا ٿانءَ!

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ سال تمام سخت برسات پئي. وتايي جو گهر ڪکن جو اڏيل جهوپو هو، سو مينهن ۾ ڪري پيو. ماءُ سوڌو اڱڻ ۾ ٻاهر ستل هو. گهر جي ڇت ڪرڻ جو ڦهڪو ٻڌي، ماڻس چيو ته ابا، پاڻ ۽ ڍڳي ٻاهر آهيون، پر ڀَت رڌڻ وارو ڪُنو ۽ دلا ضرور ڇت جي ڪرڻ سان ڀڄي ٽڪرا ٿيا هوندا! ماءُ کي چيائين ڳڻتي نه ڪر، صبح جو توکي سلامت ملندا. صبح ٿيو ته فقير مسجد ۾ آيو. ملان کي چيائين ته ٻه دلا ۽ هڪڙو ڪُنو کڻندس. ملي چيو ته اهي خدا جا آهن، جي خدا جي گهر ۾ رکيا آهن ۽ هي نه کڻ، وتائي رات منهنجو وڏو نقصان ڪيو اٿس. سو سندس ئي ٽپڙ کڻندس. جي توکي ڏکي ڳالهه ٿي لڳي ته تون پنهنجي گهران ڀري ڏي يا ماٺ ڪري ويهه. وتائي کي اڳ پوءِ کيس ئي ڏيڻو آهي، ٻين جي چوري مون کي ڪرڻي ڪانهي. جيڪو رحيم آهي، ڪريم آهي، حليم آهي ته باقي ڇا کپي! مولا مهربان سخي سلطان، باري بُردبار جيڪو ڏئي نه پچاري!

وتايو به ان وٽ لنگهي آيو آهي ۽ سندس ٿيل زيان جو بدلو کنيو ٿو وڃي. مُلي کڻي ماٺ ڪئي. هو گهر آيو ۽ چيائين امان، اچي وٺ پنهنجا ٿانءَ.

 

الف[12]: 31. هاڻ ڀل سڄو جبل تورين!

ملان وعظ ڪندي چيو ته وٽ چيٺڻ وڏي ثواب جو ڪم آهي. هميشه وڏو ڀتر کڻي، ان سان وٽ چيٺجي، ڇو ته اهو وٽ وارو ڀتر ملائڪ نيڪ اعمالن سان گڏ توريندا. ان جو ثواب ملندو. وتائي اها ڳالهه ٻُڌي دل ۾ رکي. جڏهن پيشاب لڳس ته جبل جي پاڙ ۾ پيشاب ڪري، وٽ چيٺڻ واسطي سڄي جبل کي چوڌاري ڦريندو به رهيو ۽ وٽ به چيٺيندو رهيو. پوءِ چيائين ته هاڻ ملائڪ ڀَل سڄو جبل تورين ۽ ثواب داخل ڪن.

 

ب: 32. وتائي جا وَٽ به ياد ڪن.

جمعي ڏينهن مسجد ۾ ڪنهن مولويءَ وعظ ڪندي چيو. هر انسان جا گناهه ۽ ثواب، حشر ۾ حساب ڪتاب ۾ ايندا. مثلا ڪنهن شخص خدا جي واٽ ۾ هڪ رپيو ڏنو ته ان کي ڏهه دنيا ۾ ۽ ستر آخرت ۾ ملندا. رات جو عبادت ڪيائين، ڏينهن جو سمهي رهيو ته اها ننڊ به عبادت ۾ شامل ٿيندي. اهڙيءَ طرح نماز پڙهڻ ۽ پاڪائي جي خيال سان پيشاب ڪرڻ بعد ڀتر سان وٽ چيٺيائين ته اهي ڀتر به، جن سان وٽ پچايائين، سندس ثواب ۾ ترندا. اتي وتايي پڇيو ته جيڏا به وٽ هجن، جيترا به وٽ هجن، سي سڀئي ترندا؟ مولوي چيو هائو، هائو، مڙئي ترندا! وتايو هڪڙي ڳوٺ ۾ آيو، جو جبل جي دامن ۾ هو. هو اُتي پيشاب ڪري ڄڻ ساري جبل سان وٽ چيٺڻ لڳو. ماڻهن پڇيس ته فقير اهو ڇا پيو ڪرين؟ چيائين ته وٽ پيو چيٺيان. مولوي صاحب ثواب جو ڏَس ڏنو اٿم. هاڻ ڀلي ملائڪ تور ڪندا رهن ۽ هيءُ وٽ وتايي جا به ياد رکن.

 

الف[13]: 33. خدائي ورڇ.

هڪ ڏينهن مسيت ۾ ڪنهن جماعتيءَ باسيل مٺائي آندي. وتايو به موجود هو. مڙني جماعتين وتايي کي چيو ته درويش، اٿي مٺائي ورهاءِ! وتايي مٺائي واري هڙ هنج ۾ کڻي چيو ته ”خدائي ورڇ ڪريان يا ماڻهن واري؟“ سڀني چيو ته تون الله جو خاص ٻانهو آهين، خدائي ورڇ ڪر، ٻيو ماڻهو ڇاجا! فقير چيو چڱو، وٺندا وڃو. پوءِ ڪنهن کي ٻُڪ، ڪنهن کي اڌ ٻڪ، ڪنهن کي جواب، ڪنهن کي اڌ جهول، ته ڪنهن کي ڪَڻو. ائين ڪري پوتي ڇنڊي وڃي پريان ويٺو. ماڻهن چيس ته واهه جي خدائي ورڇ ڪئي اٿئي. ڪن کي نٺٽ جواب ته ڪن جا پلاند ڀري ڇڏيئه. چيائين آءٌ ڇا ڪريان؟ توهان خود چيو ته ماڻهن واري ورڇ نه ڪر، باقي خدا، سو ته ڪن کي ڏٽيو ڇڏي، ڪي ته داڻي ڪاڻ پيا ڊوڙن. ڪن کي بک ته ڪن کي سک!

 

ب[14]: 34. الله واري ورهاست!

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن هڪ شخص وتايي فقير وٽ آيو. کيس چيائين ته اڄ رات اسان جي شادي آهي. منهنجو خيال آهي ته توهان به هلي دعوت ۾ شريڪ ٿيو ۽ پتاشا به پنهنجن هٿن سان ورهايو. فقير هائو ڪئي. هن سان گڏجي اتي پهتو. دعوت ڏيندڙ هڪ وڏي پتاشن جي هڙ فقير کي ڏني ۽ چيو ته اها ماڻهن ۾ ورهايو. فقير چيو ته، ڏاڏي آدم واري ورهاست ڪريان يا الله واري؟“ دعوت ڏيندڙ چيو ته ڀلي کڻي الله واري ورهاست ڪر! وتايي ڇا ڪيو جو پتاشن واري هڙ مان ڪنهن کي چار پتاشا ته ڪنهن کي وري ٻُڪ ڀري ٿي ڏنائين ۽ ڪن کي وري مايوس موٽايائين. ان تي ڌڻين کانئس پڇيو، ته اهو ڇا ٿو ڪرين؟ تنهن تي وتائي وراڻيو ته الله واري ورهاست ٿو ڪريان. الله به ڪنهن کي ٿورو ته ڪنهن کي گهڻو ڏيندو آهي.

 

الف[15]: 35. کائو ڪپڙا کائو!

وتايي فقير جي ڳوٺ ڀرسان ٻئي هڪڙي ڳوٺ ۾ شادي هئي. دهلن شرناين جون ڌمون ۽ ڀَتن جون الوليون لڳيون پيون هيون. وتايو فقير به پنهنجي غريباڻي پوشاڪ ۾ سڌو شاديءَ واري ڇَني ۾ هليو ويو. هيڏانهن هوڏانهن گهڻو ئي نهاريائين، پر ڪنهن رُکي صلاح به ڪانه ڪيس. ٻيا جيڪي لٽي ڪپڙي ۾ ٺهيل ماڻهو پئي آيا، تن کي ڪم وارن عزت سان وٺي پئي ويهاريو ۽ کين کارايو پئياريو. هي ويهي ويهي ٿڪو ۽ اُٿي هڪڙي کَٽيءَ وٽ آيو. اُن کي ڌئارڻيءَ جا پئسا اڳواٽ ڏئي، مسواڙ تي ڪپڙا وٺي، پائي، ڏاڍي رعب سان اچي ڇَنيءَ ۾ گهڙيو. ماڻهو ڊوڙي آيا، وٺي آڻي عزت سان گلم تي ويهاريائونس. يڪدم ٻوڙ پلاءَ اچي ويا، جيڪي فقير اڳيان رکندا ويا. فقير انهن پاٽين مان ٻُڪ ڀريندو ڪُلهن مٿان اڇليندو ويو ۽ چيائين ته ”کائو ڪپڙا کائو“ ماڻهن چيس ته فقير، هي ڇا پيو ڪرين، چريو ٿيو آهين ڇا؟ ورندي ڏنائين ته اڳهرو پنهنجن ميرن ۽ سادن ڪپڙن ۾ هئس ته ڪنهن ڪونه سڃاتو، هاڻ جڏهن اڇا اُجرا پراوا ڪپڙا پائي آيو آهيان، ته عزت به ٿي آهي ۽ ماني به خاص ملي آهي. مطلب ته مون کي ڪنهن ڪونه سُڃاتو پر ڪپڙن کي هڙني سڃاتو آهي، تڏهن ته چوان ٿو ته کائو ڪپڙا کائو!

 

ب[16]: 36. پهرين برادري کائيندي پوءِ ٻيا!

هڪڙي ڏينهن وتايي فقيرکي ڪنهن شاديءَ جي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيڻو هو. سو ڇا ڪيائين جو تمام سوير اُتي آيو. هڪ ماڻهو کاڌي وٽ بيٺل نظرداري ڪري رهيو هو. ان کي چيائين پهرين مون فقير کي کارايو ته هليو وڃان. انهن چيس ته پهرين برادر وارا کائيندا، پوءِ جيڪو اوبر سوبر طعام بچندو سو فقيرن کي ڏبو. ان تي هُن کي مَٺيان لڳي. اچڻ سان هڪ پاڙي واري کان ڌوتل ڪپڙا منٿون ڪري وٺي، ڪپڙا ڍڪي، گهوڙي تي چڙهي شاديءَ ۾ آيو. پوءِ ساڳئي ماڻهوءَ گهوڙو کائنس وٺي ٻڌو ۽ باعزت ويهاري ماني کارائي روانو ڪيائينس.

 


[1] . ڏاکڻي سنڌ ۾ ان طرح ٽوٽڪو چيو وڃي ٿو.

[2] . اتر سنڌ ۾ هن طرح ٽوٽڪو چيو وڃي ٿو.

[3] . ڏاکڻي سنڌ ۾ هن طرح ٽوٽڪو چيو وڃي ٿو.

[4] . اتر سنڌ ۾ چون: ڪي چون ٿا ته وتايي جي خود جُتي چوري ٿي ويئي هئي.

[5] . اتر سنڌ ۾ چون.

[6] . ڏاکڻي سنڌ ۾ چون

[7] . اتر سنڌ ۾ چون

[8] . ڏاکڻي سنڌ ۾ چون.

[9] . اتر سنڌ ۾ چون

[10] . ڏاکڻي سنڌ ۾ چون.

[11] . اتر سنڌ ۾ چون.

[12] . ڏاکڻي سنڌ ۾ چون.

[13] . ڏاکڻي سنڌ ۾ چون.

[14] . اتر سنڌ ۾ چون.

[15] . ڏاکڻي سنڌ ۾ چون.

[16] . اتر سنڌ ۾ چون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org