سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: وتايو فقير

باب: --

صفحو :1

وتايو فقير

ولي محمد طاهرزادو

 

ڇپائيندڙ پاران

 

کل ڀوڳ ۽ مزاج سنڌي سماج ۽ ثقافت جو قديم دور کان اٽوٽ حصو رهيا آهن. تاريخ ڏسي ٿي ته بنيادي طرح هڪ سکُيي ستابي ۽ پُر امن ديس هئڻ ڪري، سنڌي ماڻهو عام حالتن ۾ ته زندگيءَ کي ان جي فطري رنگ يعني بي فڪريءَ ۾ گذاريو ئي آهي، پر اُن انتهائي ڏُکين حالتن کي منهن ڏيندي به پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ کي خوش مزاجيءَ واري ڪيفيت ۾ جاري رکيو آهي. سنڌ جي سماجي زندگيءَ جو اهو تاريخي ورثو دربان، اوطاقن، ڪچهرين ۽ شادين مُرادين کان ويندي بازارن، هوٽلن ۽ مجلسن تائين مسلسل ڦهلبو رهيو آهي. سنڌي قوم جي سماجي زندگيءَ سان لاڳاپيل هي ادارا هميشه لطافتن ۽ نزاڪتن جو حسين سنگم بڻيا رهيا آهن. انهن قديم روايتن تي نظر وجهندي، بهرحال اها ڳالهه آسانيءَ سان محسوس ڪري سگهبي، ته سنڌ جي سماجي زندگيءَ جو لازمي جُز بڻيل وکرن يعني لطيفي، ٽوٽڪي، ٽوڻي توڙي ٽوڪ ۾ ٻئي جي دل ايذائڻ ۽ رنجائڻ وارو عنصر حاوي نظر نه ايندو. ان جي اُبتڙ انهن مڙني عنصرن ذريعي زندگيءَ جي ڪڙائين کي لطافتن ۾ جذب ڪرڻ، تيز ۽ تُرش شخصي روين ۾ سُڌارو آڻن ۽ کل ڀوڳ ذريعي ڪڙيون سچائيون ۽ حقيقتون نروار ڪرڻ وارو لاڙو ڪجهه سرس ئي نظر ايندو.

ويجهي ماضيءَ ۾ انهيءَ سنڌي روايت کي جنهن شخص پورڻتا جي پَدَ تائين پهچايو، تنهن کي عام طور ”وتايي فقير“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي ڏاکڻئين حصي سان لاڳاپيل سنڌي سماج جي هن انتهائي ذهين شخص وتايي فقير، پنهنجي روزاني زندگيءَ جي سرگرمين، ٻولن، خيالن ۽ لاڳاپن ذريعي جيڪي لوڪ ڏاهپ جا موتي ميڙيا آهن ۽ انتهائي سادگيءَ سان عقل جا عظيم تُحفا سنڌي سماج کي آڇيا آهن، تن جي آڏو اڄوڪي سنڌ جا نالي ۾ نهال ڪئين داناءَ دان ڪري سگهجن ٿا. ڇاڪاڻ جو عقل، تدبر ۽ خيال جي گهرائي فقط ڊگرين، لقبن ۽ مجلسي اعزازن جي محتاج نه هوندي آهي، پر اُها ته ڪنهن به انسان جي هڪ جهلڪ، ادا، چُرپر، جملي يا مُرڪ منجهان ئي پڌري ٿي پوندي آهي. انهيءَ تسلسل ۾ چئي سگهجي ٿو ته ”سنڌ جي وتايي“ سان لاڳاپيل، نقل، چوڻيون، روايتون، ڪهاڻيون ۽ قصا رڳو ٽائيم پاس ڪرڻ جو سامان حاصل ڪرڻ يا سکڻي ڏند ٽيڙ جو کاڄ ناهن، پر اُهي ته انساني ادراڪ، تجربي، مشاهدي ۽ تجزيي جو اهو شاندار سنجوڳ آهن، جن جي ذريعي نه رڳو ان دور جي ڪيترن سماجي، روحاني ۽ فڪري اهنجن ۽ آزارن جو علاج ٿي سگهيو هُئو، پر وتايي جي نقلن ۾ موجود اعليٰ تدبر جي ذريعي اڄوڪي دور ۾ به سنڌ کي چُهٽيل ڪئين موذي مرضن کان نجات ملي سگهي ٿي. اهوئي سبب آهي جو وتايي جو ٻُڌيءَ ڀريل ٻولن کي ٻُڌندي محسوس ئي نه ٿو ٿئي ته اهي پنج صديون پراڻي ڪنهن لوڪ ڏاهي جي اندر جو آواز آهن، بلڪ لڳي ٿو، ته سندس ڪردار ۽ ڪهاوتون اڄ به اسان جي آسپاس موجود رهندي سچائيءَ کي منعڪس ڪري رهيو آهن. اوهان جي هٿن ۾ موجود هيءُ ڪتاب ”سنڌ جو وتايو“ پڙهندي محسوس ڪري سگهبو ته عظيم ۽ سچا خيال پئي پراڻا نه ٿيندا آهن.

جيتوڻيڪ ”سنڌ جي وتايي“ ۾ ڪئين نوان نقل ۽ احوال پڙهڻ لاءِ ملندا، تڏهن به عين ممڪن آهي ته هن ڪتاب ۾ ڪجهه اهڙا نقل به اچي ويا هجن، جيڪي ورجاءَ جو باعث بڻجن، پر ان ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي ته وتايي جي پاڙيسري ۽ جاکوڙي ليکڪ جناب ولي محمد طاهر زادي پنهنجي هن سهيڙ ۾ ٻوليءَ، بيان ۽ واقعه نگاريءَ جا ڪئين نوان روپ متعارف ڪرايا آهن. محترم مُرتب انتهائي سادي ۽ سُلوڻي انداز ۾ وتايي جي زندگيءَ، رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ سندس ٻولن بابت نئين سر قلم کڻي، سنڌ جي هڪ امر ڪردار کي نئين نسل سان آشنا ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. اُميد اٿئون ته سندس اها ڪوشش پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان شروع ڪيل نئين اشاعتي سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي ثابت ٿيندي.

 

ڄام شورو، سنڌ                          انعام الله شيخ

17- ربيع الاول 1426هجري                   سيڪريٽري

بمطابق 27- اپريل 2005ع              سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org