سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :6

 

روايت [2]*

بسم الله الرحمٰن الرحيم

سبحان الله جلشانہ وڏي وڏائي سندس، سدا پيو ساراهجي. هن انسان جي دل ۾ ڪيترا خيال آهن. هڪڙي ڏينهن منهنجي دل خيال ڪيو ته هي دنيا فاني آهي. هن جهان ۾ ڪيترا سلطان، پهلوان ۽ عاشق مرد دم گذر ڪري ويا آهن، توکي به آخر هتان ڇڏي هلڻو آهي. هاڻي هڪ عاشق مرد جي ڳالهه جو بيان ڪر. دل جو اهو خيال ٿيو، پر آءٌ نه ايتري قدر پڙهيل، نه شعر جو قابل. پر هي بندو دل جو محتاج آهي ضرور. خيال هلندڙ ٿيو - سالڪن چيو آهي ته:

ڪڍون کائون گهرون گهر دي مٺائي
ڪنهن ڪون ٻي ڪنهين دي ڪم نه آئي.

تنهنڪري ڪچو ڦڪو حرف ڏسي معافي ڏيندا - ڳالهه هن طرح بيان ٿا ڪن. ڪوڙ سچ جي هڪ مالڪ کي خبر آهي. چوڻي ۾ آهي ته:

دو پيمانه آبست يک چمچه دوغ.

بيان هن طرح آهي ته ڪاڇي جي شهر ۾ شيراز نالي بادشاهه رهندڙ هو. ذات جو ڀٽي هو. تنهن کي پروردگار ٻه پٽ ڏنا هئا. وڏي پٽ جو نالو ڦل وڌئو ۽ ننڍي پٽ جو نالو شيردل چوندا هئا. آخر دنيا فاني آهي. شيراز هن دنيا مان وصال ڪري ويو. وڏي پٽ ڦُل تي پڳ آئي. قدرت الهيٰ هڪڙي ڏينهن ڦل بادشاهه شڪار تان وزير هڪ ساڻ ڪري ڳوٺ پنهنجي ڏانهن وريو. سندس ڳوٺ ڪاڇي شهر ۾ آيو. سندس محلات کان ڀلجي ٻئي گس کان اچي آتڻ واري گهٽيءَ ۾ پيو. هينئر مدرسو چون ٿا، اڳ آتڻ ڪوٺيندا هئا. جنهن ۾ ڇوڪريون پڙهنديون، ڪتينديون ۽ سبڻ جو ڪم سکنديون هيون. انهي آتڻ ۾ نو سؤ ڇوڪريون رهندڙ هيون. تت اهڙو قاعدو هوندو هو جو جيڪڏهن ڪو مرد ماڻهو آتڻ جي گس کان ايندو ڏسندا هئا ته تنهن کي قيد جي سزا ڏيندا هئا؛ مرد ماڻهو جي اچڻ جي اصل منع هئي. بادشاهه آتڻ واريون ڇوڪريون ڏسي، پوئتي گهوڙي وارڻ جو خيال ڪيو. انهي آتڻ وارين ڇوڪرين ۾ هڪ نالي نعمت نينگري تمام عقلمند ۽ زوراور هئي، تنهن ٻين ڇوڪرين کي چيو ته بادشاهه پنهنجي راڄ جو وڏيرو آهي، قسمت ساڻ آتڻ ۾ آيو آهي؛ پنهنجو لاڳ مٿس ٿئي ٿو. پر ٻين ڇوڪرين جواب ڏنو ته: اسين سڀ ڪنواريون آهيون، اسان کي لاڳ ۾ گهرڻ شرم ٿو ٿئي. تڏهن نعمت چيو ته: آءٌ ڪين ڇڏينديس. بادشاهه کي چيائين ته: توکي خبر آهي ته آتڻ ۾ مرد ماڻهو ڪونه ايندو آهي، تون آيو آهين ته اسان جو توتي لاڳ ٿئي، سو ڏي. بادشاهه، وزير کان پڇيو ته: توسان ڪا رقم گهوڙي تي کنيل آهي يا نه؟ وزير چيو ته: نو سؤ مهرن جا آهن. بادشاهه، وزير کان نو سؤ مهرون وٺي، سڀ آتڻ وارين ڇوڪرين کي ڏيئي راضي ڪيو. وري بادشاهه کي وسوسو ٿيو ته، نو سؤ مهرون اجايون ويون، ڪنهن ڪم نه آيون؛ پر ڇوڪريون ٺڳي ويون، هاڻي آءٌ به لاڳ وٺندس. تڏهن ڦل بادشاهه ڇوڪرين کي چيو ته:  اوهان مڙن کي لاڳ ڏيئي مون راضي ڪيو آهي، هاڻي مون کي هڪ ڪنوار لاڳ ۾ ڏيو. اها ڳالهه سڻي سڀني ڇوڪرين انهيءَ ڳالهه تان نعمت کي مار ڏني ته تو اسان کي مرد جي واتان گاريون ڏياريون آهن. تنهن تي نعمت چيو ته: هي بادشاهه پنهنجو عزيز آهي ۽ اڃان شادي ڪانه ڪئي اٿس. جيڪڏهن بادشاهه هڪ ڇوڪري عورت ڪري وٺي ويندو ته وڏو ڀاڳ تنهن جو ٿيندو، بادشاهه جي راڻي ٿيندي. پوءِ نعمت، بادشاهه کي چيو ته: جنهن تي تون هٿ رکين سا تنهنجي مِلڪ آهي. بادشاهه خوش ٿي آتڻ جي مجلس ۾ تيار ٿي آيو. ڇوڪرين بادشاهه کي ايندو ڏسي، يڪدم ڪپڙا مٿي تي ڪري، برقعا چاڙهي پوشجي ويهي رهيون. بادشاهه عبرت ۾ پيو ته سهڻي ۽ ڪوجهي جي خبر ڪانه ٿي پوي! آخر هڪڙيءَ تي هٿ رکيائين. جنهن تي هٿ رکيائين، سا پيرسن هئي، جا ڇوڪرين کي پڙهائيندڙ هئي. بادشاهه کي چيائين ته: آءٌ اڳئي ٻئي جي ملڪيت ٿي آخر وقت ۾ آئي آهيان، تون پنهنجي لائق ڳولي هٿ ڪر. بادشاهه سڻي، ڪاوڙجي پوئتي هليو، آتڻ جي دعويٰ ڇڏي ڏنائين. جڏهن گهوڙي تي چڙهڻ جو خيال ڪيائين، تڏهن سڀني ڇوڪرين نعمت کي چيو ته: بادشاهه پنهنجي آتڻ مان عيب ڪڍي رنج ٿي ويو آهي، هن آتڻ مان هڪ به عورت سان شادي ڪونه ڪندو. تو اسان جي راڄ مان بادشاهه کي بي مراد ڪري ڇڏيو. نعمت اها ڳالهه سڻي بادشاهه کي سڏ ڪري چيو ته: هڪ دفعو راند هارائي اٿئي، وري ٻيو دفعو وارو ڪري آتڻ مان جيڪا پسند اچئي سا وٺيو وڃ. بادشاهه جواب ڏنو ته: هاڻي بلڪل ٻيو دفعو اچڻ بادشاهن جو شان نه آهي. تڏهن نعمت چيس ته: تون ڀوري ڪنوار، انيراءِ بادشاهه جي ڌيءَ، اوچل ڪوٽ مان پرڻجي آڻيندين! انيراءِ ذات جو راٺوڙ هو. اهو طعنو بادشاهه کي تمام سخت لڳو. محلات ۾ ويو پر سک ڦٽي ويس. رات جو هڪڙي فقير وٽ ساز سڻندو هو، ان تي دل ريجهائيندو هو. نيٺ اهو ساز پاڻ سکي قابلڪار ٿيو. اهو ساز چنگ جو پنهنجو جوڙيائين.

هڪڙي ڏينهن مجلس ڪري، پنهنجي ڀاءُ کي چيائين: هي تخت توکي ٿو ڏيان، واڳ ڀاڳ سڀ تنهنجي حوالي ٿو ڪريان. پاڻ سٺ سنگتين کي ساڻ ڪري، سامي جو ويس پائي، گهوڙا طنبو کڻي اوچل ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي ڳوٺ جي نزديڪ آيو. واٽ تي هڪ هندو نرسينگ نالي گڏيس، تنهن کان ڀوريءَ جون خبرون پڇيائين. هندو تمام گرم ٿيو. بادشاهه وري آهستي آهستي مٺيون ڳالهيون ڪري، هندوءَ کي صبر ڪرايو. نرسينگ، ڀوريءَ جون سڀ خبرون ڏنيون ۽ دولت دائي رات جو پاڻي ڀرڻ باغ ۾ ايندي هئي، تنهن جي پڻ خبر مان واقف ڪيائينس. بادشاهه حقيقت ٻڌي تمام خوش ٿيو. صبح جو سويرو اوچل ڪوٽ ۾ اچي هڪ تلاءُ تي طنبو هنيائين ۽ ان هنڌ ٽڪي رهيو. شهر جو آهستي آهستي واقف ٿيندي، نيٺ ڀوري جي باغ جو واقف ٿيو، جنهن باغ مان رات جو دائي دولت، پاڻي کوهه تان ڀريندي هئي.

هڪڙيءَ رات مخفي طور ڦل باغ ۾ وڃي ويهي رهيو. آڌيءَ جو دولت پاڻي ڀرڻ آئي. اتي بادشاهه مليس ۽ پنهنجو سمورو حال سڻايس، منٿون ميڙون ڪري راضي ڪيائنس. تڏهن دائي چيو ته: تون صبحاڻي بکيا پنڻ جو بهانو ڪري، محلات جي در تي اچي سوال ڪج، ڪنهن ٻئي جي هٿان راضي نه ٿج. پوءِ توکي هٿ سان خيرات ڏيندي يا مارائي ڇڏيندي. ايترو چئي دولت پاڻي ڀري ويئي. دير بابت راڻي پڇيس. دائي چيو ته: مون کي پيٽ ۾ سور پيو هو. راڻي چيو ته: اهو ڪوڙ ٿي ڪرين، بيماري تنهنجي بدن ۾ اصل ڪانه آهي، تو ڪنهن مرد ماڻهو سان مقابلو ڪيو آهي. انهي ڳالهه تان دولت کي مار ڏنائين؛ پر دائي سچي ڪانه ڪئي. پوءِ ڀوري نياز سان پڇيس، تنهن تي دولت چيو ته: باغ ۾ هڪ سامي ڏٺم، تمام حسن جو ملوڪ هو، ڪپڙا به قيمتي هئس. اهڙو ماڻهو سهڻو مون ڪڏهن ڪونه ڪو ٻيو ڏٺو. راڻيءَ چيو ته: سامي چريو آهي ڇا جو منهنجي باغ ۾ ري موڪل آيو! تڏهن دائي چيو ته: اهڙو ماڻهو داناءُ شيرين زبان وارو ٻيو ڪونه ٿيندو. آخر ان سربستي ڳالهه راڻي کي سڻائي. راڻي ڪاوڙي ته اهو ڪوڙ ٿي ڪرين، هاڻي ڪنهن وقوف سين وٺي ان کي آءُ ته ڏسان. دائيءَ چيو ته: صبح سويرو دروازي تي ايندو. بادشاهه در تي اچي صدا ڪئي. دائي چيو ته: فقير آيو آهي. راڻي ڏسي دل ۾ راضي ٿي؛ پر دائيءَ کي چيائين ته: داڻا فقير کي ڏي ته ويندو رهي. دائي داڻا کڻي ويئي فقير کي ڏيڻ. فقير خيرات نه ورتي. فقير چيو ته: آءُ ڌڻي جي هٿ جو خير وٺندو آهيان. راڻي موتين جو ٿالهه ڀري فقير کي ڏيڻ واسطي پاڻ آئي. فقير ڪستو حاضر ڪيو، جڏهن موتي ڪستي ۾ پيا، تڏهن ڪستو ڄاڻي کڻي پٽ تي ڇڏيائين، ڪستو ڀڄي پيو. فقير چيو ته: اهو خير رنج جو قبول نه پيو. آخر راڻي، فقير کي محلات ۾ وٺي ويئي، سڀ خبرون پنهنجي روءِ پڇيائين. پوءِ فقير کي دلاسو ڏيئي روانو ڪيائين. راڻي پاڻ کي بيماري جو بهانو ڪيو. پوءِ نيٺ بادشاهه جي شادي ڀوري سان ٿي، تنهن راڻيءَ مان کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو شيراز رکيائون. پوءِ ڀوريءَ جي ماءُ هڪ ڌوتيءَ جي هٿان جدائي ڪرائي بادشاهه کي روانو ڪيو. پوءِ ڀوريءَ جون ٻه سؤٽيون هڪ جو نالو ونگ ورن، ٻيءَ جو نالو اکڙياري، جوڌپور جي ڳوٺ ۾ بادشاهي ڪندڙ هيون. تن ڏانهن خط لکي موڪليائين ته بادشاهه مون کان ڪاوڙيو وڃي ٿو؛ اوهان جي ڳوٺ جي پاسي کان ايندو، ڪنهن عقل سان وارجوس. بادشاهه چوٿين ڏينهن جوڌپور جي اچي باغ ۾ ٽڪيو. قاصد به خط آڻي ڏنو. اکڙياري انب جو وڻ وڍي، نم جي وڻ کي لوڙهو ڏنو. بادشاهه اهو ڪم ڏسي باغ مان نڪري وڃي تلاءُ تي لٿو. وري ونگ ورن هڪڙو ڇوڪرو ساڻ وٺي، ڪپڙن ڌوئڻ جو بهانو ڪري، بادشاهه کي ڪنهن حيلي ساڻ نصيحت ڏيئي، وري اوچل ڪوٽ ڏانهن روانو ڪيو. ڏهين ڏينهن وري بادشاهه اچي راڻيءَ سان مليو.

 

 

--��--

 

 

ڦل وڌئو ۽ ڀوري*

چيل محمد خان ٽالپر

 

1-      وڏي وڏائي واحد جي اعليٰ شان عظيم،
جوڙي راس جهان ڪيو قدرت ساڻ ڪريم،
وحده لاشريڪ لہ قادر آهي قديم،
حڪمت ساڻ حڪيم، ڪنهن جي چلي ٿي ڪانڪا.

 

2-     ڪنهن جي چلي ٿي ڪانڪا قدرت سين ڪائي،
 جڙي جاءِ بجاءِ ٿي هر هنڌ هيڪڙائي،
بنائي بت آدم جو ڏيئي زيب زيبائي،
وڌئين ساهه سرير ۾ ڪري حڪمت دانائي،
ڇا منجهان ٿو ڇا ڪري، ڏس واحد وڏائي،
خلقيون خدائي، ڪئين سي فرقون ڪيتريون.

 

3-     ڪئين فرقون ڪيتريون پيدا ڪيون پرور،
سڀ ساراهين سبحان کي جنّ ۽ ملڪ ۽ بشر،
ڪيئين تفاوت تن ۾ ظاهر زير زبر،
ڪي گدا ڪن گام ۾، ڪن شاهي تخت شهر،
هڪڙن ماني موڪ ملي، هڪڙا سڪن ڪاڻ ثمر،
هڪڙن ڪپڙو نه انگ تي، هڪڙا پهرن زريون زر،
هڪڙا ٻولن سچ کي، ٻيا ٻَڌن ڪوڙ ڪمر،
چار چوکيون نعمتون دان ڏنيون داور،
اول چون ايمان جي، ٻي حيا جي اڪثر،
فڪر ٽيو فائدو، چوٿون عقل چون اُپر،
ادا اهي ڳالهيون پارج پوري پر،
ته مهندا ڏينهن محشر، ملندئي مير مبارڪون.

 

4-     ملندئي مير مبارڪون، جي توڙ رکين تون تن،
چار چور به تن سين ڌرئون دُز وڙهن،
ڪوڙ ويري ايمان جو فڪر ڀڃي فرقن،
طمع ترڪ حياءَ جو چڱا ائين چون،
عقل هارايو ڪيترا وٽان عشق وڃن،
تن جون ويهي ڳالهڙيون سچا سڻ سخن،
ليلى شهر مصر ۾ ڪٿي قيس وطن،
برهه بديعل جي ڪيو سيفل ساڻ سمن،
ساهڙ خاطر سوهڻي ڪاهي منجهه ڪنن،
پرٽياڻي پنهون لئي جهاڳي جر جهنگن،
ڀوري سندي باب ۾ ٿا پٽيون پنڌ پڇن،
ترڪ ڏيئي تختن، ڦيري ڦل فقير ڪئين.

 

بيان ڪاڇي جي شهر جو، هڪڙو هو ذات ڀٽي، شيراز نالو هئس، شيراز جي والد جو نالو ڦل وڌو.

 

5-      ملڪ ڪاڇي جو بادشاهه هڪ صوبو هو سردار،
راڄ ڀٽين جي هو ٿيو مڙني ۾ مختيار،
جملي تابع تنهن جا هئا راڄ رعيت چوڌار،
عدالت انصاف سين ڪري نياءَ چڱا نروار،
واحد تنهن کي ولد ڏنو سونهن وڏي سالار،
نجومين تنهن نيڪ جو رکيو ”ڦل“ نالو نروار،
بخت بلندي بادشاهه ٿيندو سڪندر کان سؤ وار،
هي راڻو وڻندو راڄ کي سڀ مٺيءَ ريت موچار،
شڪرانو شيراز ڪيو داور جي درٻار،
خزانا خيرات ڪيا تنهن هٿن ساڻ هزار،
سانڍيو پٽ پيار مان ڪوڙي مائي ڪنار،
کاڄ خوراڪ ماکيون، ميوا، انب، انار،
عطر کٿوري مالشون روپ رکن رخسار،
وڌندي ويرم ڪانه ڪيئين جيئن اوڏ اڏي ديوار،
دوست چڱي ديدار، ”محمد“ منهن ملوڪ جو.

 

6-     ”محمد“ منهن ملوڪ جو، جيئن چوڏهين چنڊ چمڪار،
هندي، سنڌي، فارسي، هو قابل منجهه هرڪار،
”محمد“ پنهنجي مائٽ جو هو گولو منجهه گفتار،
ڪڏهن ڪيائين ڪانڪا آکيٖي کان انڪار[1]،
ڪندو روز رهاڻ هو حاضر ٿي هوشيار،
جوان[2] ساماڻي سک ٿيو وڌي وس ولهار،
راجا راضي پاڻ هو ڏسندي پٽ پيار،
ڪنهن سين هلندي ڪانڪا دولت ۽ ديوار،
قسمت ڪوٺي هر ڪهين، دلبر ڪري ڌار،
هڪ ڏينهن شاهه شيراز ٿيو بدن منجهه بيمار،
عقل ڇڏي اختيار، منجهان لوڪ لڏي هليو.

 

7-     منجهان لوڪ لڏي هليو، مال ڇڏي ملڪيت،
ڪنهن کي رهڻو ناهي ڪو هرگز هاريا هت،
توکي آندو اُتهين، قيد ڪري قسمت،
ڏسي دور دنيا جا، پئين غافل منجهه غفلت،
ڪٿ سورهيائي سهراب جي، تاب رستم جا ڪٿ،
نه آهي نشاني تن جي، جن عرش اُڏاڻا تخت،
شوخي شاهه ڇڏي ويا، ڪٿ نادر جي نصرت،
جن پاڻ کڻايو پالڪي، راز رکيو راحت،
”محمد“ ملي موت جي ڪنهن راڻي نه رخصت،
خان پنهنجا خط، ويڙهي سڀ ڇڏي ويا.

 

8.      ويڙهي سڀ ڇڏي ويا، هلندي ڪنهن سين ڪانه،
وري وارث تن جا ڪيا جوڙي منجهه جهان،
پيءُ سندي ٿيو پڳ جو ڦل مٿي فرمان،
وٺي وهاريو تخت تي خلق خوشيءَ مان خان،
مڙئي تابع تنهن جا ڪيا راڄ رعيت رحمان،
پرور تنهن جي پڌري ڪئي نام پُري نيشان،
ادا ڪاڻ اولاد جي آهن هزارين حيران،
مِلن ڏني مال جي، تان ڪوڙين ڪن قربان،
ڪنهن بات نه هلي بادشاهه، توڙي پرس هجي پهلوان،
ڪنهن جي چلي ڪانڪا، هڪ مالڪ هوئي مهربان،
ڪيو سرس ڌڻي سلطان، قادر ڪاڇي ڪوٽ جو.

 

ڦل جو شڪار تان موٽڻ، آتڻ ۾ اچڻ، آتڻ وارين ڇوڪرين جو لاڳ گهرڻ.

 

9-     وڏي وڏائي واحد جي عجب آهي اسرار،
بيشڪ بهاني سان رکي قدرت سڀ ڪلتار،
موٽيو مير محلات ڏي هو ڪري شوق شڪار،
وٺي هڪ وزير کي ٿيو حملي سان هسوار،
آيو ڪاڇي ڪوٽ ۾، ويو ڀلجي منجهه بازار،
جڙ گهوڙا، ڀڙ گهوٽيا، واٽ نه ڪن ويچار،
اچي پيا هئا اوچتا، تنهن جاءِ مٿي جهونجهار،
ڪتَين جت ڪنواريون، ٿي تن جي تت تنوار،
گهوٽ سڻي گفتار، واٽئون گهوڙو واريو.

 

10-    ڀٽين راڄ رواج هو ڪو وڏن کان ورهن،
جاءِ جوڙايئون هيڪڙي، قابو ڪوٽ ڪڙن،
هيٺ مٿي محلات کي هئا پردا پوش درين،
راڄ رعيت جون نينگريون پِرتئون تت پڙهن،
سهڻو سٽ ڪپاهه جو چرخي ٽَڪ ڪَتن،
”محمد“ مقيسي ڪپڙا سنهي سئيءَ سبن،
اچڻ جي تنهن آتڻ ۾ منع هئي مردن،
قابو قيد رکن، اتهين اچي ڪو آدمي.

 

11-    منع هئي جت مردن کي، آيو تت ارباب،
ڏسي ڏُورئون نينگريون ويون هڄي منجهه حجاب،
ويٺيون ويڙهي ڪپڙا، ڪوٽ ڪري ڪيمخواب،
اچڻ جو تنهن آتڻ ۾ پڇيو ڪنهن نه جواب،
هڪ ’نعمت‘ نالي تن ۾ هئي عقلمند عقاب،
تنهن سڏي چيو سڀن کي پڙهي قلبي ڳالهه ڪتاب،
هي راجا پنهنجي راڄ جو آهي اصل نيات نباب،
لڳي تنهن تي لاڳ ٿو پنهنجو حق حساب،
بيشڪ پنهنجو باب، ساري وٺي سڀڪا.

 

12-    تڏهن نياڻين نعمت روءِ بروءِ، چيو هي ڪلام:
اسين ڪل ڪنواريون ڪيئن وڃون وٽ وريام،
بيحد سڀڪا بڇڙي طمع زور تمام،
سوال مڙني مذهبن آهي حد حرام،
سو سون ڪجي صدقي جو نڪ ڇني ناڪام،
تنهن کان موچاري مدام، آهي ڀلي رٻ ڀرم جي.

 

13-    ڀلي رٻ ڀرم جي، جنهن جو شاهه رکندو شان،
اهي ور وڏائي جا، ڪريو تڪبر جا طوفان،
هي راجا پنهنجي راڄ جو آهي سوء پيڙهي سلطان،
اوهين اجايا ٿيون ڪريو شرط وڏا شوغان،
منهن رکي جا ”محمد“ چوي، سا نار وڏي نادان،
ٿي راجا چوي روبرو وڏي وات زبان،
تون اسان جي راڄ جو آهين خود وڏيرو خان،
آتڻ منجهه اچڻ جي آهي موڪل ڪنهن کي ڪانه،
لڳي توتي لاڳ ٿو پوش مڙني پهران،
نَوَ سؤ آهيون نينگريون پڙهندڙ منجهه مڪان،
اول ڏي هت ڏان، پوءِ ڀلي تون آئين بادشاهه.

 

14-    سڻي ڳالهه سڌر، وير پيو ويچار ۾،
بيشڪ ڀلو پاڻ تي ٿيو ننگ سندو نينگر،
آتڻ منجهه اچڻ جو، آهي ڪنهن کي ڪونه امر،
ريت آهي اڳ راڄ ۾ پهرائڻ جي پر،
ويجهو ٿي وزير کان ٿو پڇي خان خبر،
پئسا آندئي پاڻ سان ڪي ڪارڻ قوت سفر،
دم نه ديري ڪر، ته ڏان ڏيان آءٌ نينگرين.

 

15-    ڏي تون ڏان مڙن کي، راءِ نه ڪر رکت،
نو سؤ مهرون حاضري مون وٽ آهن هت،
کڻي ڏنائين خوشيءَ سان طلب ڪنديءَ کي ترت،
رازق رکي راءِ جي، پرور کڻي پت،
هن گهرڻ هن ڏيڻ، هي وير وڌو آهي وقت،
”محمد“ مولاين کي ڪين ڇڏي ٿو ڪٿ،
جنهن پلاڻيو جتهين، تنهن کي ڏئي ٿو تت،
شوم وڃن محروم ٿي، سخيان وقت نه سخت،
درجا ملندا دل تي، مهندا مهل مدت،
سو وجهه وڃائج ڪين تون، ڪم کٽي قسمت،
اچي آتڻ وچ ۾ درس لُٽي دولت،
حاڪم پنهنجي هٿ، وير ورهائي سڀ ڏنيون.

 

16-    وير ورهائي سڀ ڏنيون، مهل مليس موچار،
واري وٺتو وسوسي، ٿي هڙ هٿئون مون هار،
اچي اوکي وقت ۾ هي دولت منجهه درڪار،
ناحق مهرون مون ڏنيون هٿن ساڻ هزار،
نَوَ سوء مهرون مفت ويون، ڪم نه آيون ڪنهن ڪار،
اصل آهي حديث ۾ سمجهايو سردار،
”ڪلوا وشربو ولاتسرفوا“ ڏس آيت جو آچار،
وري پيو منجهه وسوسي، جو اندر ۾ اسرار،
جهڙو ڪيئين قارون کي تحت تري ۾ گار،
سوين ڀڙ ڀلجي ويا، هن دنيا جي ديدار،
راجا انهيءَ راءِ تي، ترت بيٺو ٿي تيار،
ڪوٺي نيندس ڪنوار، آءٌ به اوهان مان هيڪڙي.

 

17-    سڀئي سڻي ڳالهڙي، ويٺيون منجهه ويچار،
مرين نعمت شال تون، نڪ وڍي ناڪار،
ويل وهائي تو وڌو اڄ آتڻ ۾ آزار،
مُٺي! ڌارئين مرد کان گند ڏياريئي گار،
وات ڪميني ڪامڻي تنهن کي توڙ لڳي تلوار،
اوڇي عادت آدمي، تنهن کان ڌرئون گهرجي ڌار،
هئي کري هيڪ قطار، ته ولهه وڃائي وڳ جي.

 

18-    ولهه وڃائي وڳ جي، آهي بيشڪ اَهنجي بات،
سچي سولي ڳالهه ۾ وري ڪهڙي آهي مرجات،
اهو ڪم عقل جو آهي ڏاهن ملي ڏات،
هي راجا پنهنجي راڄ جو آهي خود نيڪ وڏيرو نيات،
ڪنهن جو سڱ ۾ سوٽ ٿئي، ڪنهن جو ماءُ پاران ماسات،
پنج ست پرڻي پاڻ مان مير نيندو محلات،
ٿيندي زور ساري منجهه ذات، جنهن جو ڪاڇي ڌڻي ڪانڌ ٿئي.

 

19-    ڪاڇي ڌڻي ڪانڌ، مٽِن مهڻو ناهي ڪو،
تون اسان جي آتڻ ۾ وڌو وڳوڙو وڻواند،
هن ڇڪي وٺتو پاڻ کان پنهنجو پلاند،
رهزن، ڀانيئي راند، سو وڌئي ڳٽ ڳچيءَ ۾.

 

20-    پاتم ڳٽ ڳچيءَ ۾، سو هيٖين سندو هار،
وڏو طالع تنهن جو، جنهن مليو ڪانڌ ڪنوار،
ڌوئي پير پلنگ تي، ڪندي سهج گهڻا سينگار،
رهن راڻيءَ روبرو دايون لک درٻار،
ڀينر ڀاڳ وارن سين ريس رکڻ لاچار،
رهجي ويئي جا راجا کان، سا بدبخت بيڪار،
ڪا کُٽل گهرجي گهوٽ سين ٿيندي شادي منجهه شمار،
ڪا رلندي منجهه رڍن جي، ڪندي ماهيو مد بازار،
ٻين کانڀاڻيون هٿ ۾، ڪنديون ’وهيو‘ منجهه ولهار،
پاڻهي ٿينديون پڌريون، نڀاڳيون نروار،
جا لائق لوهه لهار، جنهن کي سمجهه نه پوندي سون جي.

 

21-    سمجهه نه پوندي سون جي، سو آدم ناهه اڪثر،
نعمت نيڪ بديءَ جي، آهي هر ڪنهن خود خبر،
تون هڪ ڏاهي ڏيهه ۾، داناءَ آهين دختر،
پوري پيون سين ڪينڪي، توڙ تنهنجي تڪبر،
اسان ڇڏي پاڻ پچر، تون ورندي ڏي وريام کي.

 

22-    سنڀري اٿي سيگهه مان، ڪيو ڀڙ بيان،
ڀلي آئين تون بادشاهه، مرڪي منجهه مڪان،
هلي جنهن تي هٿ رکين، سا جوءِ تنهنجي جوان،
آيو هُو پڻ اُسري، پڙ مٿي پهلوان،
هي پڻ قابلڪار هيون، سهڻيون مت سجان،
يڪدم ويٺيون ويڙهجي، پهري پٽولا پاڻ،
راڻين رهايو ڪونه ڪو ظاهر نرت نشان،
ڳجهي ڳالهه وجود جي، راز ٻُجهي رحمان،
ٻيو پروڙي ڪونه ڪو ظاهر هجي عقل جو اخوان،
جي آهن عيب اندر ۾، سي عفو ڪرين عصيان،
سو ڦورو ڦولج ڪين، تون صاحب آهين سبحان،
”لاتقنطوا من رحمته الله“ آهي فرمودو فرقان،
خوف لهي ويا خطرا، آگي لک احسان،
واريان ڳالهه وصال جي، لٿا اوک سڀئي ارمان،
داناءُ پنهنجي دل ۾، خيال ڪري ٿو خان،
سهڻي ڪوجهي صورت جي ڪل پوي ٿي ڪانه،
سمجهه ڪري سلطان، هٿ رکيائين هيڪڙي.

 

23-    هٿ رکيائين هيڪڙيءَ، جا سنڀري گهڻا سن،
جنهن جون ڏاٺون ڏند ڀڄي ويا، هئي پوڙهي پاڙ ورهن،
سبق سيکاري تن کي، جي آتڻ منجهه اچن،
گڏ ٿي ساري گام جون، جتي ڪنواريون ڪل ڪتن،
البت تنهن استاد جون، ٻيون راڻيون راءِ رکن،
سي ويون ويچاريون ويڙهجي، ٿي سوڙهيون منجهه سنڌن،
اُچي ڳاٽ استاد هئي، مائي ماڳ مڙن،
پُکو تنهن پهلوان جو، پيو ڪوجهي تي ڪرمن،
سوين هن سنسار ۾ ٿيون واديون سون وهن،
جنهن پراپت تنهن ملي، آهي هادي هاج هٿن،
”لا تحرڪ ذرة الا باذن الله“ وائي نه واري پن،
آيس ات اسرار جو ٿي پردي پوش اکين،
ڏسي دعوى دور ٿيو، منهن ڇڏي مهرن،
وري وريو پوئتي، گهوٽ چڙهيو گهوڙن،
سرتين سڀني جٺ ڪئي، جنهن اول جاڳايو جن،
بيحد ڪِي تو بڇڙي، جو وڌئي وير ورهن،
راجا پنهنجي راڄ کان ويو نڪري منجهه ننگن،
عيب رکي آتڻ ۾ ويو حاڪم ساڻ حرفن،
واريو وري ڪونڪو، شاهه چڙهيو شرطن،
مرضيان جي نه مڙن، راءِ رُسي ٿو تن کان.

 

24-    راءُ رسي ته ملڪ مُسي، شال مَ رُسي راءِ،
ظاهر هن زماني ۾ آهي چئن پهرن جو چاهه،
تنهن ۾ آهن ڪيترا دنيا نيڪ نفعا،
نعمت! اُتي ننگ جي ڏي سگهڙ نيڪ صلاح،
راجا وڃي رنج ٿيو، راند هارايو راهه،
توڙئون توکي ڪين ڏنو ببو ڀٽياڻي ماءُ،
جيڪس اوڳي اُٺ جو آهين اصل کير پياءِ،
مورک انهيءَ مت سين، ڪيئي ڪارا سڀ سياء،
ڪين لڪندي ڳالهڙي، ساري راڄ سماء،
موٽي آءُ تون ماڳ تي، مڃ منهنجي ڳالهه اِها،
وَهندي وير درياءُ، وانجو وڃ تون ڪينڪي.

 

25-    وانجهو وڃ تون ڪينڪي، منهنجي مڃ منٿ،
وٺي وهاريئين وچ ۾، سهج ڀرين جي سٿ،
جن ۾ بوءِ بهار جي، عطر جي البت،
صاحب آهن صبر جون، ماٺ سندن مروت،
پڙهڻ ساڻ پريت جي، شوق رکيو شريعت،
طلب طريقت سڀ سکيون، آهن حاضر حقيقت،
صاحب! سچائيءَ سان ماڳ پنيئون معرفت،
ويري وڙهي نه تن سين، ڪري هوڏ گهڻي حڪمت،
آهن هادي سندا هٿ، جي اهڙي عادت عورتون.

 

26-    رنجي راجا روح مان، واتئون ڪئي وائي،
مون پروڙي سڀڪا، تو ڏني ڏهنائي،
ويئي وري ڪين ٿي، هٿ موءن هوائي،
ڀڳو ماڻڪ، دل، ٻئي سڄا ٿين نه مائي!
”ٽالپر“ ٽُٽيءَ ڳالهه کي تاڻين توائي،
موٽي موکڻ مورک جو، آهي بيشڪ بڇڙائي،
ان کان اصلائي، مٺي آهي ماٺ ڀلي.

 

27-    مٺي آهي ماٺ ڀلي، عاقل چون اصل،
ٻه رانديون رواج ۾ مرد وڙهن ٿا ملهه،
هڪ هارايئي هٿن سان، ٻي اچي مانَ عقل،
لهي وڃي لوڪ جي، خان! تو تان کل،
پهرين پيئي ڀل، وري وارو وٺ تون.

 

28-    وري وارو ڪيئن وٺان، جا راند هٿئون هاري،
پهرئين دفعي پڪ ٿي، ٻي خاص کٽڻ کاري،
ڳوپي ڳنڍجي ڪين ٿي، وڻ وڍي ٽاري،
تنهن کان مڙئي ماٺ جي آهي مصلحت موچاري،
موٽي منهن سو کڻي، جنهن جا نَو نَڪ هجن ناري،
هڪ وڍيو تان گهوريو، ٻيو ثابت سنساري،
پر منهنجي منهن ۾ هيڪڙو، ڪيو قائم ڪلتاري،
اها ريت رندن ۾ آهي ”محمد“ مياري،
ڪا ٻيهر ٻهاري، واري وجهڻي منهن ۾!

 

29-    واري وجهڻي منهن ۾، تنهن کان پارس ٿين پري،
عاقل انهيءَ ڳالهه کي رکن دانہ ڌيان ڌري،
ڪنهين وجهه وقوف سين، ڪن پورو ڪم ڪري، وانجهو وڃ تون ڪينڪي، هن سڄي سون سري،
نه ته آڻج اوچل ڪوٽ مان، ڀورِي ڪنوار ڪري،
هڏ نه وير وري، جو وير وڄايو ٿو وڃين.

 

30-    وير وڄايو ٿو وڃين، ڪي عاقل اشاري،
اکي اصل آهي هيڪڙو، جانٌ جياري جانٌ ماري،
اچي جنهن جي سر تي، سو پاڻ وڃيو پاري،
مجني کي مست ڪيئي، ڪنهن ڳالهه مٿي ڳاري،
پنهون خاطر سسئي آندئي تار منجهان تاري،
جو جنهن جي آ لاري، سي ”محمد“ ملندا تن کي.

 

31-    ”محمد“ ملندا تن کي، توري خان هجي اخوان،
وارو وريو ڦل جو، سورهه هو سلطان،
ذات زوراور عشق جي، آهي پاڳهه ۾ پهلوان،
مڃي ڪنهن جي ڪين ٿو بلڪل بات بيان،
اول عزازيل هو عاشقن جو اڳوان،
هيڪڙائي جو حق تي رکيئين نرت نيشان،
ڪنهن پر آيس ڪين ٿي آدم تي ايمان،
تنهن کان ويو تڙجي، پيو نام مٿس شيطان،
ڪهڙو قصور هو تنهن جو، جنهن کي ذاتي سڪ سبحان،
آهي عبرت جو امڪان، صاحب سندي سگهه جو.

 

32-    صاحب سندي سگهه جو، عجب آهي اسرار،
آتڻ لاهي آسرو، ٿيو گهوٽ گهوڙي هسوار،
مردن مٿي معاملا ٿين اتفاقئون اظهار،
لکين هتي لاڪا، ڄام ڦاٿا منجهه ڄار،
نينهن نهوڙي ڪيترا غازي ڪيا آهن گار،
ڇڏي پيا منجهه ڇپرين، بادشاهيون بازار،
ڪيو گردش ڦيرو ڦل تي، نازل ٿي نروار،
راجا رنگ محل ٿيا سور مثل سردار،
گهوٽ ڪيو گرفتار، ”محمد“ مهڻي هيڪڙي،

 

33-    ”محمد“ مهڻو هڪڙو، هو برهه بهانو،
نينهن نياپو موڪليو، پهريون پروانو،
ڪري ويس قلوب کي، ٻاڻ هڻي ٻانهو،
وڙهي ويري هر ڪنهين، هي ظالم زمانو،
ڪري شاهه گدا ٿو منجهه روهن روانو،
پيو پُکي ۾ بادشاهه خاتوبند خانو،
ڪيو دلبر ديوانو، نيڻن ننڊ حرام ٿي.

 

34-    نيڻن ننڊ حرام ٿي، جنهن کي جميعت اچي ڪانه،
سمهڻ سيج بندن تي سور مثل سلطان،
هليو هيجئون گام ۾، عاقل ڪاڻ امتحان،
سڻي ڳالهيون ڳوٺ جون نفعو ۽ نقصان،
ڪن کي دور دنيا ئي جا، ڪي ريجهائن رحمان،
ڪن ماکيءَ مٺيون ڳالهڙيون، ڪي شرط ٻولين شيطان،
سڻي سمجهي تن جون بديون نيڪ بيان،
ڪنهن سين ڪڇي ڪينڪي، ظاهر منجهه زبان،
ڪن پيس ڪا اوچتي، تند وڄندي تان،
ويهون واڄٽ تنهن ۾، هئا سورن جا سامان،
ساري رات سجان، ويهي وِهايئين اُتهين.

 

35-    وري آيو رات ٻي، دم نه ڪيائين دير،
سگهو سامي چنگ کي چوري هڻ ڪا ڇير،
ورندي منجهه وڙهن جيڪي دهشت ساڻ دلير،
ڪير آهين ڪٿي رهين، نام سڏائين ڪير؟
گهمان ساريون گهٽيون، ڏيان پاڙي پاڙي پير،
تڏهن ڪريان قوت ٿو آڻي اٽي سير،
مٺ ڏنائين مهرن جي، حاضر وٺ تون هير،
ٻيا پڻ ٻيڻا تو ڏيان، سڀڪنهن وقت سوير،
ويو مايا اتي موهجي، واٽ ڇڏيائين وير،
ويهي وڄايو چنگ کي، چڱيءَ چال ڇڳير،
شوق منجهان ئي شير، سڻندو روز سرود هو.

 

36-    سڻندي روز سرود کي، لڳائي مهينا چار،
سڀو ساز سکي ويو، تند وڄائڻ تار،
جانٌ جانٌ واري تند کي، سا سا ماڻهوءَ مار،
غم سندي گفتار، رکي سوز سرود ۾.

 

37-    سکيو سڀ سرود جو، حاڪم هر هنر،
وٺي آءُ وزير تون، هڪ ڪوٺي ڪاريگر،
سڏي سونارو آئيو، داناءُ مٿي در،
راجا تنهن کي روبرو زود چيو زابر،
سؤ ستارين سارنگي، ڏي جوڙي منجهان زر،
ڳچي ڳاٽ ڳلي ۾ هونِ هيرا ۽ جنوَهر،
ماڻڪ موتي تنهن ۾ رک لعلن لک لهر،
جو گُهرڻو هجيئي گهر، تان قيمت ڏيانءِ ڪيتري.

 

38-    وٺي قيمت ڪيتري، ٿيو خوش گهڻو منجهه خيال،
جود جوڙيائين سارنگي، سون سندي سڀ سال،
تنهن ۾ ڪلون ڪيتريون، وڄن گهنڊ گهڙيال،
تارون تيرهن تال، وڄن سوز سرود ۾.

 

ڦل جو سعيو ڪري، اوچل ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيڻ ۽
شير دل کي تخت تي ويهارڻ.

 

39-    ڪوٺي ڪل قرابتي، صوبا ۽ سردار،
سڀ سڻو ٿا منهنجي اوهين ڀڙ برادر يار،
منهنجي اوچل ڪوٽ ڏي قسمت ڪئي ڪلتار،
مال مڏيون ۽ ملڪيتون هي سون رپا سينگار،
ڏنم ساري ڏيهه جي عدالت اختيار،
ڀاڪر پائي ڀاءُ کي ڪيئين ميڙهي جو مختيار،
پاڻ ڪري پيس پيرن تي، آءُ دم نه دعويدار،
ڪئين واريئين ڪيترا جي مجلس جا مهندار،
ڏمري جي ڏاتار، ته روهه رلائي راڻيون.

 

40- روهه رلائي راڻيون، آهي صاحب بيپرواهه،
ڪاڇي سندي ڪوٽ ۾، واقع وريو واءُ،
هو جيئري هليو جوڳ تي، شوق رکي ٿي شاهه،
شاعر! شرم نه توکي ٿيو، آهين هردم منجهه هواءِ،
ويهي وڃايئي ڏينهڙا، ڪرت نه ڪئڙي ڪاءِ،
مرڪي ڪهڙو منهن کڻي ڏيندين سوال صباح،
موٽي نه آهن ملڻا، جي ويٺي وقت وياءِ،
شابس آهي شاهه کي، جنهن جيئري شرط ڇڏيا،
مردن جي مجلس ۾ سو ٻڌندو سيف صلاح،
مجلس ۾ تت ميڙهي ٿيندو، جوڳين جي جت جاءِ،
ماکيءَ کان جت کاڄ مٺو، ويس وصالي واهه!
سالم سنگتي سؤ ڄڻن ٿيا حاڪم سين همراهه،
پرس لکين پهلوان پنگل سڀ دل گهريا داناهه،
جن کي سڪ صفاءَ، سي ويندا منهن محبوبن جي.

 

41-    ويندا منهن محبوبن جي، سالڪ منجهه سَون،
صدقو ڪندي ساهه برابر مانجهي ڪين مڙن،
اوڏو آڻي عشق اندر ۾، شاهه نه شرڪ رکن،
”ڪل نفس ذائقة الموت“ سمجهه اها سامين،
برهه برابر بار مٿي تي، کيل کيڏاري ڪن،
”محمد“ ملڪ الموت جو فاني سکيا فن،
سوڀون سي کٽن، جن سانگو لاٿو ساهه جو.

 

42-    سانگو لاٿو ساهه جو، سي مانجهي مڻيادار،
ڇڏي جوف جهان جي، ڪيئون واحد سين وهنوار،
پند ڏنائون پيٽ کي، ٿا ڄاڻن طعام ترار،
لانگوٽا سي لُنگ ٻڌي وڃي ماڻيئون ملڪ ملار،
ٿيا سرها وٽ سردار، هت جوڳين کي هئي جس ملي.

 

43-    جوڳين کي جا جس ملي، سي جوڳي شال جيئن،
توڪل ترها تن ٻڌا سندرا سچ سڀن،
عشق انهن کي پار رسائي، ڪري پاڙيچو پري،
مڻين کنيائون مال جا، تن ڀري بار مَيَن،
ويس وڳن لئي ويهون هرڪنهن تاڪ مليا ڪپڙن،
سون رپي جا ساز سنڀائيا، گهوٽ سندا گهوڙن،
توڏن کي تن تاڙ وجهي، ڪيا قابو ڪل جتن،
ملهه متا مستان ميا، جي ڀؤنٌرا منجهه برن،
قابو ڪيا ڪرمن، نه ته جت جهلڻ جا ڪين هئا.

 

44-    جت جهلڻ جا ڪين هئا، البيلا البت،
هلن اوچي ڳاٽ سين پهلواني پربت،
ڏاگها ڪنهين ڏانٌءُ سين، هئا ڏيندڙ ڪين سنوت،
ڪُڻڪ نه ڪيائون ڪڏهن، جڏهن جبرا ملين جت،
ماريا مِڙ محبت، پين مهارون منهن ۾.

 

45-    پين مهارون منهن ۾، سينڌ برابر سيلهه،
”ٽالپر“ ٽيڻا ٽَنگ پيا، اور پرانهون پيل،
ويهن ساڻ وقوف جي، ڍاٽي ڍاريو ڍيل،
پايو گوڏا پيٽ ۾، چونگ نه چورين چيلهه،
پُٺيءَ پوش پلاڻ پيا، تنگ ڇڪيائون تيل،
ناکو تنهن تي نينهن چڙهيو، جنهن راهه وٺايس ريل،
ڪري کيڏاريءَ کيل، چانگو چنگن چاڙهيو.

 

46-    چانگو چنگن چاڙهيو، جنهن تي چڙهيو جت جواڻ،
وتين واٽ وصال جي، تنهن کي سونهون ڪيو سرواڻ،
وڃي مثل واءَ جي، تند نه سهي تاڻ،
توڏو لنگهيو تڪڙو، پهرئين ٽپ پراڻ،
ٿيو راسو منجهه رهاڻ، ڪرهو ڪچهريءَ وچ ۾.

 

47-    ڪرهو اکر ڪُل جو، ڪو سمجهي سمجهڻ هار،
چوڻ ٿيڻ جي وچ ۾ آهي تفاوت تار،
پرکين پرولي پارکو، مانجهي ملهه مڻيار،
”محمد“ کڻي ماٺ ڪر، ڇو گِهل ٻڌئي گفتار!
ڪر عاشق کي اظهار، ڇو وسارين وچ ۾!

 

48-    ڪين وساريان وچ ۾، ٿو ڪريان بات بيان،
ڇڏي وير وطن کي، ڪيو سانباهو سلطان،
وٺي آندائون واڳ مان، مَيا ڪل مستان،
منهن مهارون پٽ جون، ٻيا نُڪتا نيڪ نيشان،
پُٽ مٿي پيا پاکڙا، گاشن جا گهمسان،
ڀري بار مَيَن تي، رکيئون سون رپا سامان،
ويس وڇاڻا ريشمي طنبو ۽ طولان،
ميڙي مرد ملوڪ کنيا، ڪل عقل جا اخوان،

پوري لکڻٖين پارکو، پرس پهي پهلوان،
تل نه تفاوت تن ۾، ڪل آزمودي ارڪان،
ٻيا جود برابر جوان، هئا جمعدار جتن ۾.

 

49-    جمعدار جتن ۾، ٻيا سئس سندا گهوڙن،
نيلا، نقرا، ناز پري، سامونڊي، ساڄن،
سرخا صاف سنجاف هئا، بور ڇُٽا بهرن،
ڪارا ڪٺ ڪميت گهڻا، مشڪي رنگ منجهن،
اسپ عراقي، مڪڙا، ايراني، عربن،
سڀ سونهري سنج ٿيا، ٻيا گاشا گلبدن،
ڪلانٌداري قيمتي هيرا منجهه هَنن،
تازي طنبيلن، ڇوها سڀئي هئئون ڇوڙيا.

 

50-    ڇوها سڀئي هئئون ڇوڙيا، ترت ڪيا تن تيار،
آيا انهي وقت ۾ يڪدل هئا جي يار،
”محمد“ پنهنجي موت جو، جن هئين وڌو کڻي هار،
ڇڏي جوف جهان جو ڪيئون ننگ جي ڪانه نهار،
جي سخن چيا سردار، سي ڪُلني ات قبوليا.

 

51-    ڪُلني ات قبوليا، جي سخن چيا سلطان،
تن تي ڏينهن قيام جي راضي ٿيو رحمان،
جتي سڀ جڳٽ جو ميڙهه ٿيندو مهمان،
اتي مانجهي ملهه اچي ٿيندو ”محمد“ مهربان،
جن جي پاس اهڙو پهلوان، سي لوڏون ڪن مر لاڏڪا.

 

52-    لوڏون ڪن ڀل لاڏڪا، جن جو ساٿ ڌڻي سالار،
ثابت رکندو سڀ سلامت ڪوٺي ڪل قطار،
امت ان جي آسري ڀلي سُهج ڪري سينگار،
گهوٽ چڙهيو تڏهن گهوڙي تي، ڪيئون تازي تنهن لاءِ تيار،
مدد تنهن جي مصطفيٰ ٿيو ملڪ سندو مختيار،
آهي قسمت وس ڪلتار، جنهن واريس واڳ وطن مان.

 

53-    واريس واڳ وطن مان، تڏهن گام ڇڏيائين گهر،
محل ماڙيون بنگلا، ٿڌي ڇانوَ ڇمر،
پلنگ، ڇٽ ۽ پالڪيون، آيس نانگ سڀ نظر،
بنيا باغ ”بلوچ“ چئي، ٿيا راجا راهه گذر،
ملڪ ڏورانهين ڏيهه ٿيو، جت واٽ وراڪا ور،
ڪئين هِت قابل ڪيترا ويا ڪنبندا ڀر ڪلر،
جو سجهي سخت سفر، سو سولو سائين تون ڪرين.

 

54-    سائين! سولا تون ڪندين، سي هليا خان کلي،
ڀيڙا بانڪا ساڻ ٿيا، هئا منجهان رس رلي،
پايو وڃن پاڻ ۾ گهوڙا ڳاٽ ڳلي،
ڪاڇي سندي قلب مان تن ڪڍيو قرب ڪلي،
اوسانبا اولاد جا ۽ دوکا درد دلي،
آين جان جُهلي، سبز سناسي ڪپڙا.

 

55-    سبز سناسي ڪپڙا پهريا پهلوانن،
مونگهٽ ٻڌائون مولهيا، ڪستا ڪٺ ڪلهن،
اوچل سندي ڪوٽ جو تيرٿ مڃيو تن،
واريا ڪين ورن، جن کي اڪنڊ اوچل ڪوٽ جي.

 

56-    جن کي اڪنڊ اوچل ڪوٽ جي، سي هليا هوڪاري،
ڇڏيائون ڇلنگيون ڪري، سڀ ڪرها قطاري،
منزل مٽيو مهند تي وڃيو وير لهن واري،
رسد تن جا راس ٿيا، جت اچن اوتاري،
منزلون ماري، آيا اوڏا اوچل ڪوٽ کي.

 

57-    اوڏا اوچل ڪوٽ کي، ڪيون تياري جلد تمام،
چڙهيو ڏاڍي چاهه مان، داناهه ساڻ دمام،
واٽ ويندي منجهه قافلي، پيو واڻيو منهن وريام،
تنهن کان پڇي پيش ٿو خبرون ڀوريءَ گام،
هندوءَ وڏو هل ڪيو، سڻندي ساڻ ڪلام،
پاڻ پڇاڙيئين ڌوڙ ۾، ڪيئين رڙ وڏيءَ سان رام،
نه آهي مجالت ڪنهن جي، جو وٺي ڀوريءَ نام،
خصلت اَهنجي خام، آهيو ماڻهو اوڇي ملڪ جا.

 

58-    ڏسي حال هندوءَ جو، ماٺ لڳي ويئي مير،
رکي رائي نياز سين پاند وڌائين پير،
ميان کڻي ماٺ ڪر، سڻ تون سوز سرير،
آءٌ راجا پنهنجي راڄ جو، آهيان حاڪم پاڻ همير،
جيڪس منهنجي باب ۾ توڙ لکيو تقدير،
قسمت آندو آهيان، ڪيم ڦيري ويس فقير،
سچيون سڻائج ڳالهڙيون، آهين ويٺل گام وزير،
توڙئون ڏس تدبير، ڀوريءَ سندي باب جي.


*  هن داستان جا 111 بيت سگهڙ عيسب پٽ لونگ لاشاري (ويٺل ڳوٺ روحل لاشاري، لڳ ٻنون تعلقو ميرپور بٺورو ضلعو ٺٽو) کان مليا، پر سڄو قصو کيس ياد نه هو. ان بعد خوش قسمتيءَ سان اسان کي هن قصي جا ٻه ڇاپا لنڊن ۾ برٽش ميوزيم ۽ انڊيا آفيس جي ڪتبخاني مان هٿ آيا. پهريون ڇاپو ”ڪتاب ڀوري جو“ عنوان سان، سنه 1917ع ۾ ’مالڪن‘ خود (يعني ته شاعر محمد خان ٽالپور؟) جي ڪوشش سان مسافر ۽ آرين پريس ڪچهري روڊ حيدرآباد مان ڇپيو؛ ۽ ٻيو ڇاپو ”ڦل ۽ ڀوري“ جي عنوان سان سنه 1929ع ۾ مسلمان پريس ميرپورخاص مان جناب حاجي سهراب خان مري (اسپيشل مئجسٽريٽ ۽ زميندار کپرو) جي سعيي سان ڇپيو. هن متن جو مدار پهرئين ڇاپي تي آهي، جنهن ۾ ڏنل نثر وارو مهاڳ پڻ هت قائم رکيو ويو آهي.

            هن قصي جي پهرئين ڇاپي جي آخري ورق تي شاعر جو نالو هيٺينءَ طرح ڄاڻايل آهي: ”جناب مير ميان محمد خان ولد مرحوم مير مراد خان ٽالپر گُهراماڻي ساڪن شهر مراد خان ٽالپر تعلقي ٽنڊي باگي جو“. محمد خان ٽالپور لاڙ جو مشهور شاعر هو ۽ هن عبارت مان ظاهر آهي ته 1917ع ۾ حيات هو. مراد خان ٽالپور جو ڳوٺ تلهار اسٽيشن کان 3 ميل اوڀر طرف واقع آهي.

[1]  اصل ۾: گفتار.

[2]  اصل ۾: جوابه.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org