سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :12

بوبنا ۽ ڄام جراڙ

 

[سنڌ جي سگهڙن سان ڪچهري ڪندي، اسان کي هن عشقيہ داستان بابت ڪي خاص معلومات مليا، جي ڪن عام روايتن ۾ موجود نه آهن. انهن اهڃاڻن جي اَڌار تي اسان شروع ۾ ”بوبنا ۽ ڄام جراڙ“ جي عنوان سان هن داستان جا ڪي خاص پهلو روشن ڪيا آهن، ۽ ان بعد هن قصي بابت مليل پنج روايتون سلسليوار ڏنيون ويون آهن.

انهن پنجن روايتن مان پهريون ٽي روايتون لاڙ ۽ ٿرپارڪر مان، ۽ چوٿين ۽ پنجين اُتر مان مليون. لاڙ ۽ ٿرپارڪر مان مليل روايتن جي قصي جي سٽاء ساڳي آهي، البته واقعن ۾ فرق آهي. مثلاً پهرين ۽ ٻي روايتون قدري تفصيلي ۽ سربستيون آهن، پر ٽئين روايت اڻپوري آهي. اُتر مان مليل روايتن ۾ قصي جي سٽاء، لاڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ رائج قصي جي سٽاء کان مختلف آهي. اُتر مان مليل پنجين روايت ”جلال ۽ مارک مير“ جي نالي سان ملي آهي*، حالانڪ اها ’بوبنا ۽ جراڙ‘ جي عشقيہ داستان سان تعلق رکي ٿي. ن-ب]

 

______

بوبنا ۽ ڄام جراڙ

 

غالباً ڄام جراڙ سمون هو، ۽ آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جي ڪنهن حصي تي حڪومت ڪندو هو. هڪ روايت موجب[1] هو دادو ضلعي جي آسپاس واري علائقي جو حاڪم هو. ”تحفة الڪرام“ ۾ ڄاڻايل آهي ته ”ڄام جراڙ، ڪڪرالي (ٺٽي ضلعي جي شاهبندر ۽ جاتي واري ايراضي) جو حاڪم هو، ۽ ’ڌراجا، جي والي راڻيٖ عبيد نڪامري جو همعصر هو. راڻو عبيد سنه 1000هه ۾ زندهه هو[2] ٿي سگهي ٿو ته ”بوبنا“ واري قصي سان تعلق رکندڙ ”جراڙ“ اڃان ئي ڪو ٻيو، ۽ ان کان آڳاٽي وقت جو هجي.

سنڌ جي سگهڙن وٽ ’ڳجهارتن‘ توڙي ’ست سُرين‘ ۾ ”بوبنا“ جو ”جراڙ“ جي محبت ۾ ماندي ٿيڻ جو ذڪر اچي ٿو. جيئن ته هيٺين مثالن مان ظاهر آهي.

ڳجهارتن مان مثال:

ڏيڻي:  بوبنا جراڙ لاءِ مال جي ٿي پئي،
سسئي پنهنجي ڪانڌ لاءِ مرون جي وٺيو وئي،
عمر مارئي پاڻ ۾، نرنانءَ ٿيا ٻئي.
مال جي = مادي
< ماندي. مرون جي = لَڪَ. نرنان = سُرهو < سَرها.

ڀڃڻي: بوبنا جراڙ لاءِ، ماندي ٿي پئي،
سسئي پنهنجي ڪانڌ لاءِ، لَڪَ وٺيو وئي،
عمر مارئي پاڻ ۾، سَرها ٿيا ٻئي.

 

ست سرن بيتن مان مثال:

بوبنا، جراڙ لاءِ، روئي رت نديون.
                                ---

لڳو برهه بوبنا کي، جنهن جو آٽي ٿو اندر.

 

بوبنا به بادشاهي گهراڻي جي هئي، ۽ تمام سهڻي هئي. مخلتف روايتن موجب بوبنا جو حسب نسب جدا جدا نموني ۾ ڄاڻايل آهي. هڪ روايت موجب بوبنا، مارک ڏاهريءَ جي ڌيءَ هئي، ۽ مارک ڏاهري ڪنهن علائقي جو حاڪم هو. ٻيءَ روايت موجب[3] بوبنا، ڏِتيٖ ڏوم جي ڌيءَ هئي، ۽ جراڙ اُٺن وارو هو. ڏِتو ڏوم مهار جي وَرَ جو قابل هو. جراڙ جي بوبنا سان محبت هئي. پوءِ جراڙ مهار جي وَرُ سکڻ لاءِ بهانو ڪري ڏتيٖ ڏوم وٽ ايندو هو. اهڙيءَ طرح سندن نينهن نِکڙيو. هيءَ پوئين روايت صحيح نٿي معلوم ٿئي، ڇاڪاڻ ته لاڙ جي ٻي هڪ مشهور روايت[4] موجب، بوبنا پنهنجي آتڻ ۾ ساهيڙين سان ويٺي هئي. کيس ڄام جراڙ جي جهوري هئي يا ملڻ جي سڪ هئي. سو جراڙ جي اچڻ جو وقت ٿيو ته بهانو ڪري چيائين ته: مونکي سيءُ ٿو لڳي، تنهنڪري باغ ۾ وڃي تِڙڪي تي ٿي ويهان. تڏهن ساهيڙين چيس ته:

اسين مرون اُس ۾، توکي ڪهڙو سيءُ ڍريو،
توکي ته جراڙ ڄام جو، آهي نرتئون نينهن لڳو.

 

انهيءَ جي معنيٰ ته بوبنا به سَٿ پَٿ واري، ۽ وڏگهراڻي ڇوڪري هئي؛ ڪا رواجي گهراڻي مان ڪانه هئي.

بوبنا تمام سهڻي هئي ۽ سندس سونهن هنڌين ماڳين مشهور هئي. هڪ روايت[5] موجب ڪن فقيرن، جراڙ سان بوبنا جي سونهن جي ساراهه هن طرح ڪئي:

بوبنا سندي روپ دي، هيٖ مِروانٌ جهنگ پچار،
جنهن جو مُنهن ته کنيٖ جيئن کِڙيٖ، نڪ ڪنڍا تلوار،
تارا زيارت ڪر ڳيا، چنڍ ڀي آوڻهار.

 

سڀني روايتن ۾ اهو تسليم ٿيل آهي ته جڏهن جراڙ، بوبنا جي سونهن جي تعريف ٻڌي، بوبنا جي شهر ۾ ويو، تڏهن هڪڙي ڪوريءَ سان سندس ملاقات ٿي. ان کان پڇيائين ته: دنيا ۾ ڪي سهڻا سُجهنئي؟ ڪوريءَ جواب ڏنو ته: سهڻا دنيا ۾ اڍائي آهن. هڪ سهڻو جراڙ، ٻي سامهون ماڙيءَ واري بوبنا، باقي اڌ سهڻو آءٌ به آهيان، جو بوبنا کي هڪ ڀيرو ڏٺم ته اڃان خمار چڙهيل اٿم.

جڏهن بوبنا پنهنجي باغ ۾ جراڙ کي ڏٺو، ۽ سندس عشق ۾ گرفتار ٿي، ۽ موٽي وئي؛ تڏهن ماءُ کيس ملول ڏسي چيو ته:

ڪنهن ماريئي، ڪنهن ڪُٽيئي، ڪنهن الايئي ويڻ،
هُڻ ڳَئِي هُئين چڱي ڀلي، تي ٽِمڻ لڳيٖ نِي نيڻ.

 

تڏهن بوبنا جواب ڏنس ته:

نا ماري آنٌ، نا ڪُٽي آنٌ، نه ڪنهن اَلايا ويڻ،
ڏٺم مرد پرايا باغ وچ، لڳا ڏوُن اکيان دا نيڻ[6].

 

بوبنا ۽ جراڙ جون قبرون مڪليءَ تي شاهه مراد واري مقام ۾ مڪاني طور مشهور آهن. تازو سال کن اندر اهي قبرون ڪراچي جي ڪنهن شخص اچي ٻڌايون آهن. ٿي سگهي ٿو ته نالا بدلائي اهي قبرون ڪن ٻين جي نالي سان منسوب ڪيون وڃن.

 

 

--��--

 

روايت [1]*

آڳٽي زماني ۾ سنڌ جي ڪنهن ٽڪر تي هڪ ترڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو. کيس ڄام ۽ نظام نالي ٻه پٽ هئا. ڄام وڏو هو، ۽ نظام ننڍو. هن جي مرڻ کان پوءِ اميرن ۽ وزيرن صلاح ڪري نظام کي تخت تي ويهارڻ جي رٿ رٿي، ڇاڪاڻ ته ڄام بالو ڀولو ۽ پر متڙيو هو، ۽ نظام تمام سياڻو هو. اها خبر جڏهن نطام کي پيئي، تڏهن ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. چئي: وڏي ڀاءُ هوندي، ننڍي به ڪڏهن پڳ ٻڌي! هوڏانهن ڄام کي جڏهن خبر ملي، تڏهن انهيءَ انتظار ۾ رهيو ته ڪڏهن ٿا پڳ ٻڌائين. آخر پڳ ٻڌڻ جو ڏينهن آيو. ان ڏينهن، اميرن وزيرن گڏجي، تخت ۽ تاج نظام جي حوالي ڪيو. ڄام ڪاوڙجي، پنهنجي ملڪيت ۽ نوڪر چاڪر ساڻ ڪري، اهو شهر ڇڏي، هڪڙي هنڌ وڃي پنهنجو راڄ ٻڌو.

ڄام جي وڃڻ کان پوءِ ، ڪن ماڻهن نظام کي طعنا ڏنا. تڏهن خيال ڪيائين ته ڪنهن به طرح ڄام کي پرچائي هتي آڻجي، ۽ پوءِ کيس تخت ڏيئي راضي ڪجي. اها ڳالهه ڳڻي سالم وزير سان صلاح ڪيائين، جنهن چيو ته: ڪو اعتبار جوڳو ۽ جهونو ماڻهو موڪلجي ته وڃي خبر وٺي اچي. پوءِ هڪڙي خاص ٻانهي ”ٻاليٖ پٺاڻ“ کي ڄام ڏي روانو ڪيائون. ٻالو جڏهن اتي پهتو، تڏهن سڌو ڄام وٽ لنگهي ويو. هن ڄام کي سلام ورايو، پر ڄام جواب نه ڏنو. اهو حال ڏسي، ٻالو گوڏا کوڙا ويهي رهيو. اهڙيءَ حالت ۾ ويٺي گهڻو وقت گذري ويس. ڳچ وقت کان پوءِ، ڄام ڪاوڙ مان پڇيس ته: ڪيئن آيو آهين؟ ٻاليٖ ٻانهون ٻڌي چيو ته: ڄام! نظام جي پاران معافي وٺڻ آيو آهيان. اهو ٻڌي ڄام باهه ٿي ويو، نوڪرن کي حڪم ڪيائين ته: هن کي وٺي وڃي ماري ڇڏيو. نوڪر، ٻالي کي جهنگ ۾ وٺي ويا ۽ اتي مٿس قياس آڻي ڇڏي ڏنائون؛ ۽ انجام ورتائون ته وري هن طرف ڪڏهن به نه ايندين. ٻالو اتان سڌو نظام وٽ پهتو، ۽ کيس سڄي خبر ٻڌايائين. نظام کي اعتبار ئي نه آيو. اٽلندو ڪاوڙجي ٻالي کي چيائين ته: تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، ۽ ضرور ڪو جهيڙو جاڳائي آيو آهين. سو کڻي قيد ۾ هنيائينس.

وري سالم وزير کي اوڏانهن موڪليائين، تنهن سان به ساڳي حالت ٿي، ۽ هو به ڄام جي نوڪرن کي قيمتي شيون ڏيئي، جند ڇڏائي اچي نظام وٽ پهتو. سالم وزير سياڻو هو، سو اٽڪل ڪري چيائين ته: ڄام چوي ٿو ته نظام جيڪڏهن پاڻ مون وٽ اچي، ته پوءِ کيس معاف ڪندس. نظام يڪدم سالم وزير ۽ ڪجهه نوڪر چاڪر ساڻ وٺي، ڄام ڏي روانو ٿيو. جڏهن اتي پهتو ته ڄام هن کي به مارائڻ جو حڪم ڏنو، پر اڳيان سالم وزير به هوشيار هو، سو حرفت سان نظام کي بچائي موٽي آيو. اها حالت ڏسي نظام، سالم کي چيو ته: جڏهن ڄام جي انهيءَ سازش جي توکي خبر هئي ته تڏهن مون کي هتي ڇو وٺي آئين؟ تنهن تي سالم جواب ڏنو ته: جيڪڏهن ائين نه ڪريان ها ته اوهان کي ڪڏهن به اعتبار ڪين اچي ها، ۽ مون کي به ٻاليٖ پٺاڻ سان گڏ بند ڪيو وڃي ها. نظام اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٻالي کي آزاد ڪيائين.

ان بعد نظام جي حڪومت ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي رهي، ۽ ڄام به نظام خلاف سٽون سٽيندو رهيو. نظام کي مال متاع هوندي به وڏو ڏک هيءُ هو ته هن کي اولاد ڪونه هو. سڀ هن کي نِپُٽو ڪري چوندا هئا. آخرڪار هن هڪ ڏينهن ڪنهن نجوميءَ کي گهرائي اولاد بابت پڇيو. هن حساب ڪري چيو ته: سائين! اڃان ستن سالن تائين اوهان کي اولاد ڪونه ٿيندو. اها خبر ٻڌي بادشاهه کي ڏاڍو ڏک ٿيو. بادشاهه کي غمگين ڏسي، سالم وزير چيو ته: سائين! نجومي ڪوڙو آهي. آءٌ اوهان کي پڪ ٿو ڏيان، ته هڪ سال اندر اوهان کي اولاد ٿيندو. ائين نه ٿئي ته مون کي ڦاسيءَ تي چاڙهائي ڇڏجو.

هڪ رات نظام جي راڻي خاتون، خواب ڏٺو ته اتر طرف هڪ ڏينهن جي پنڌ تي، هڪڙي جبل ۾ ڪو فقير ويٺو آهي؛ جو چوي پيو ته: نظام! اچ ته الله کان پني توکي اولاد وٺي ڏيان. راڻيءَ اهو خواب بادشاهه کي ٻڌايو. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ صبح سان اوڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي آخر وڃي منزل تي پهتو. فقير هن کي دعا ڪري چيو ته: توکي پٽ ڄمندو، پر سندس نالو ”جراڙ“ رکج. قدرت الاهيءَ سان ٻارهن مهينن کان پوءِ پٽ ڄائس، جنهن جو نالو فقير جي چوڻ موجب ”جراڙ“ رکيائين.

وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه گذري. ڏينهن پٺيان هفتا، هفتن پٺيان مهينا ۽ ميهنن پٺيان سال گذري ويا. تان جو جراڙ اچي جوان ٿيو. سڄو وقت سير شڪار ۾ گذاريندو هو. کيس بادشاهيءَ جي اتر طرف وڃڻ کان منع هئي. ڪجهه ڏينهن ته هو انهيءَ چوڻ موجب اُتر طرف نه ويو، پر هڪ ڏينهن اڪيلوئي اڪيلو، اوڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي هڪڙي جابلو علائقي ۾ وڃي پهتو، جتي هڪڙي سهڻي جادوگرياڻي رهندي هئي. ان جڏهن هڪڙي جوان ۽ سهڻي شهزادي کي ڏٺو، تڏهن مٿس عاشق ٿي پيئي، ۽ مٺڙيون ڳالهيون ڪري، کيس پنهنجي باغ ۾ وٺي آئي. پوءِ ٻئي ڄڻا اتي رهڻ لڳا.

هوڏانهن جڏهن شام جو جراڙ واپس نه آيو، تڏهن سندس ڳولا هلي. ماڻهو کيس ڳوليندا ڳوليندا اچي جادوگرياڻيءَ جي باغ ۾ پهتا، ۽ جراڙ کي جادوگرياڻيءَ سان ويٺل ڏسي، هڪڙي نوڪر چيو ته:

منع وچان نڪري آئين، ڪونه ڪيئي ڪو ڄاڻ.
ٽڪِي رن رول وٽ، ڪڙم وڌئي ڪاڻ.

 

اهو ٻڌي جراڙ جواب ڏنس:

ڪاڻ پئي ڪارو ٿيس، هاڻ ڇڏيو سندم پچار،
آءٌ گذاريندس يار سان، هتي سڀ ڄمار.

 

تنهن تي نوڪر وري چيو:

سمجهه ڪر سياڻو ٿيءُ، اهڙا اکر مَ آک،
جنهن کي سمجهين حُور ٿو، سا آهي رَن تاک.

 

جراڙ پنهنجيءَ دوست جادوگرياڻيءَ لاءِ هڪڙي نوڪر جي واتان اهڙا خراب لفظ ٻڌي، ڪاوڙ مان چيو ته:

اڙي نوڪر ٽڪي جا، تون ويڻ مَ اَوَلا اَل،
وٺ واٽ، روانو ٿيءُ، نه ته بُهَه ڀرايئين کَل.

 

نوڪر يڪدم پوئتي موٽيا، ۽ نظام کي سموري حقيقت ٻڌايائون. نظام ڪاوڙجي حڪم ڪيو ته: کيس زوري هيڏانهن وٺي اچو... جي نه اچي ته ماري ڇڏيوس. نوڪر حڪم ملڻ شرط اوڏانهن روانا ٿيا ۽ جادوگرياڻيءَ جي باغ جي ٻاهران بيهي سڏ ڪيائون. جراڙ ٻاهر نڪري آيو. نوڪرن ٻڌايس ته: نظام جي حڪم موجب توکي وٺڻ آيا آهيون، جي نه هلندين ته ماري ڇڏينداسونءِ. جراڙ چيو ته: آءٌ هلان ٿو، ٿورو ترسو ته موڪلائي اچان. ائين چئي اندر ويو ۽ جادوگرياڻيءَ کان موڪلائڻ لڳو. هن چيس ته: اُتي وڃڻ سان بادشاهه توکي مارائي ڇڏيندو، تنهنڪري نه وڃ؛ آءٌ توکي هتي لڪائي ٿي ڇڏيان. پر جراڙ چيو ته: بابي جو حڪم آهي، سو هڪ دفعو ضرور ويندس. پوءِ مارائي ڇڏي ته به سندس مرضي. وڃڻ مهل جادوگرياڻيءَ کي چيائين:

قرب ڀليري ڪامڻي، تنهنجو نازن ڀريو نام،
آءٌ تنهنجو آهيان، آهم ايءُ انجام.

 

ائين چئي نوڪرن سان گڏجي روانو ٿيو. پيءُ جي روبرو ٿيو ته هن چيس:

ويهي رن واهيات وٽ، ڪيئي ڪَچو ڪم،
ڪٿي تنهنجو شان، ڪٿي هوءَ بيشرم!

 

پيءُ جي واتان اها ڳالهه ٻڌي، جراڙ جواب ڏنو ته:

جنهن کي چئو بيشرم، تنهن ۾ منهنجو ساهه،
جيئن ٿا اَوکو اَليو، تيئن وڌي منهنجو چاهه.

 

نظام گهڻوئي سمجهايس، پر هو پنهنجيءَ تان نه لٿو؛ ۽ جادوگرياڻيءَ ڏانهن وڃڻ جي موڪل گهريائين. نظام هن کي وڃڻ جي موڪل نه ڏني ۽ محلات تي پهرو بيهاري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن جراڙ ڪنهن طرح لِڪي ڇپي شهر ڇڏي جادوگرياڻيءَ ڏانهن روانو ٿيو. نظام کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن افسوس ۾ مري ويو. هن جي مرڻ جي خبر، ترت ئي جراڙ کي پهچايائون. هو خبر ٻڌڻ سان پوئتي موٽيو، ۽ پيءُ جو لاش ڏسي اوڇنگار ڏيئي چوڻ لڳو:

تون نه مرين ها ابل، مري ها جراڙ جوان،
ڏيو وڃين حياتيءَ ۾، تون سورن جا سامان.

 

هوڏانهن وري نظام جي مرڻ جو ٻڌي، ڄام به اچي پهتو، ۽ افسوس ظاهر ڪري جراڙ کان معافي ورتائين. ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد، جراڙ وري به جادوگرياڻيءَ ڏي سنبريو. تنهن تي ماڻس چيس: ابا! هاڻي تخت جو تون وارث آهين، تنهنڪري ويهي پنهنجو راڄ سنڀال. پر جراڙ اها ڳالهه قبول نه ڪئي، ۽ چيائين ته:

تون جي پرڻائين ڪا ترڪڙي، ته به منهنجي ليکي ماءُ،
دل هئي هڪ، سا به ويئي، باقي رهيو ڇا؟

 

ماءُ جڏهن ڏٺو ته جراڙ ڪنهن به طرح نٿو رهي، تڏهن دڙڪو ڏنائينس ته: جي ائين ڪندين ته زهر کائي مرنديس. پر جراڙ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، جادوگرياڻيءَ ڏي روانو ٿيو؛ ۽ راڄ ملڪ سڀ وساري، هن وٽ ويهي رهيو.

جراڙ جي وڃڻ کان پوءِ اميرن وزيرن جي ساڄي لڳي ويئي. جنهن کي جيئن اچي سو تيئن پيو ڪري. ملڪ جو اوهِي نه واهي. جراڙ جي ماءُ به زهر کائي پاڻ ماري ڇڏيو. ڄام اها حالت ڏسي اچي تخت تي قبضو ڪيو، ۽ شهر ۾ پڙهو گهمايائين ته: آءٌ سڀاڻي سؤ سوارن سان شهر گهمڻ نڪرندس. واٽ تي ڪوبه گهوڙي سوار سامهون آيو ته ان کي ماري ڇڏيندس. ٻئي ڏينهن سالم وزير گهوڙي تي چڙهي، ڄام جي سامهون آيو. هن کي سامهون ايندو ڏسي، ڄام چيس ته: هاڻي مرڻ لاءِ تيار ٿيءُ. تنهن تي سالم وزير چيو: ڄام! ڦاسيءَ واري کي به ٻه ٽي اکر چوڻ جي موڪل ملندي آهي، مون کي به جيڪڏهن اجازت ملي ته ڪجهه چوان. ڄام اجزت ڏنيس. تڏهن سالم وزير چيو ته: منهنجي مرضي آهي ته آءٌ ڪنهن وڏي گهراڻي مان تنهنجي ۽ جراڙ جي شاديءَ جو بندوبست ڪريان، پوءِ ڀلي مون کي ماري ڇڏج. ڄام اهو ٻڌي هن کي جيئدان ڏنو، ۽ پڇيائين ته: تون ڪٿان اسان جي شادين جو بندوبست ڪندين؟ سالم جواب ڏنو ته: مون کي گهڻئي خاندان سجهن ٿا، پر سڀ کان اول ”ڪاڪ“ جو راجا ”مارک ڏاهري“ نظر ۾ اٿم. اتي ڪم ٿيو ته سڀ کان سٺو. پوءِ سالم وزير، ڄام کان اڇي ۽ ڳاڙهي جون خرزينون ڀرائي، ڪاڪ طرف روانو ٿيو.

مارک ڏاهريءَ کي ٻه ڌيئون هيون؛ هڪ ”ڪڪي“ ۽ ٻي ”بُوبنا“؛ جي پڻ اچي لائق ٿيون هيون. سو مارک ڏاهريءَ جو وزير به انهن لاءِ لائق وَرَ ڳولڻ لاءِ نڪتو هو. اتفاق سان ٻئي وزير واٽ تي هڪٻئي سان مليا. خبرون چارون ڏيئي ڏاڍا خوش ٿيا. آخرڪار ڪڪيءَ جي شادي ڄام سان ۽ بوبنا جي جراڙ سان طيء ڪري، ٻئي ڄڻا گڏجي ڪاڪ ۾ آيا؛ جتي سالم وزير، مارک ڏاهريءَ سان منهن مقابل ٿي، شاديءَ جي اجازت گهري. پوءِ شاديءَ جي تاريخ مقرر ڪري، سالم وزير اچي ڄام کي مبارڪ ڏني. ڄام چيو ته: پهرين ڪنوارن جون صورتون ٻڌاءِ. هن جواب ڏنو ته آءٌ ڪونه ڏسيندس، باقي شادي ٿئي ته پوءِ پاڻهي امين ٿيندين. ڄام کڻي ماٺ ڪئي. جراڙ ڏي قاصد موڪليائون ته ”جلدي اچ“ پر هو نه آيو، ۽ جواب موڪليائين ته: جراڙ کي وساري ڇڏيو. اها حالت ڏسي سالم وزير، نجوميءَ جو ويس ڪري، هڪ ڌُوتي ساڻ وٺي اتي پهتو. ڌُوتي روزانو جراڙ ۽ جادوگرياڻيءَ جون خبرون اچي سالم کي سڻائيندي هئي. آخر ان ڌُوتيءَ جي واتان جراڙ ۽ جادوگرياڻيءَ تائين نجوميءَ جي ناموس پهتي. هڪ ڏينهن جادوگرياڻي، نجوميءَ وٽ آئي ۽ پنهنجو ڀاڳ پڇيائين. نجومي ڍارو هڻي چيو:

ڍر ڍارا پئون ٻارهن، ڪر حقيقت هاڻ،
فقير ڪوڙ ڪري، ته به تون رهه سچ ساڻ.

 

ڍارو ڏسي نجوميءَ چيو:

ڍارو حقيقت ٿو ڪري، سئو سا ساري،
ته ڄام اوهان جو سڄڻ آهي، تنهن کي ويهو مَ وساري.

 

وري چيائين:

ڍارو سچو آهي، ڍاري هيءَ صلاح،
ته ڏينهن جمعي، ڄام جي شهر ۾،ٿيندو انهنجو نڪاح.

 

وري ٻڌايائينس:

سالم اَنهنجو دشمن آهي، سڄڻ اَٿيان ڄام،
انهنجي ڀلائي ان ۾، ته وڃي ڪريوس سلام.

 

نجوميءَ کان اها خبر ٻڌي، جادوگرياڻي ۽ جراڙ ڏاڍي خوشيءَ مان ڄام ڏي روانا ٿيا. اتي پهتا ته سالم وزير کين هڪٻئي کان جدا ڪري، جراڙ کي محلات ۾ وٺي آيو، ۽ سمجهايائينس ته: تون پنهنجو تخت تاج سنڀال، ۽ جادوگرياڻيءَ کي ڇڏ. جراڙ جواب ڏنو ته: مون اِهي سُور ٻولي کنيا آهن، سو مرڻ گهڙيءَ تائين انهن کي ڪين ڇڏيندس. پوءِ سالم وزير تجويز سان بوبنا جي سونهن جي تعريف اهڙي نموني ڪئي، جو جراڙ اڻ ڏٺو هن تي عاشق ٿي پيو ۽ سالم کي چيائين ته: ڌڻيءَ جي نالي ٻڌاءِ ته اها ڪير آهي؟ سالم چيو ته: اها خبر تڏهن ڏيندس، جڏهن جادوگرياڻيءَ تان هٿ کڻندين. جراڙ چيو ته: مون جادوگرياڻيءَ تان هٿ کنيو. ان بعد سالم وزير، جادوگرياڻيءَ تي بَڇ ڪرائي، مار ڏياري. لوڌئي ڇڏيو. هوءَ منهن مٿو پٽيندي رواني ٿي ويئي. سالم وزير انهيءَ ڪم کان آجو ٿي. هڪڙيءَ ڏيچيءَ تي جراڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي، ڪاڪ ڏانهن روانو ٿيو. رات پيٽ ۾ اچي ڪاڪ پهتا. صبح ٿينديئي شهر جي ٻاهران هڪڙي گهر جي در تي سڏ ڪيائين. اهو گهر ڪنهن ڪوريءَ جو هو، جنهن هنن جي ڏاڍي مرحبا ڪئي. جراڙ، بوبنا جي سونهن جي پڪ ڪرڻ لاءِ ڪوريءَ کان پڇيو:

اڙي ڪوري قرب ڀريا، سڻ تون کولي ڪن،
سهڻا ماڻهو جڳ ۾، توکي ڪهڙا ڪٿ سجهن؟

 

جراڙ جي سوال جو جواب ڪوريءَ هن طرح ڏنو:

هڪ بوبنا ڌيءَ مارک جي، ٻيو جراڙ پٽ نظام،
ٽيون حسن منهنجو، جو اُڻندي ورهيه لنگهيام.

 

ڪوريءَ جي واتان اهو ٻڌي جراڙ کي ويتر پڪ ٿي. ايتري ۾ ڪوريءَ جي زال ماني کڻي آئي. هن پنهنجي من جي ڳالهه، مائيءَ کي ٻڌائي، جنهن چيس ته تون صبر ڪري ويهه، جيئن لکيو هوندو تيئن ٿيندو:

عشق اڙانگو، آهي نانگو، سهسين ملن سور،
ڏکن پويان سک ملندا، ايءُ دنيا جو دستور.

 

شام جو ڪورياڻي، جراڙ کي وٺي، بوبنا جي باغ ۾ پهتي. هن کي سيکاري هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويهاري، پاڻ بوبنا وٽ ويئي. ان کي اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ٻڌائي باغ ۾ وٺي آئي. جڏهن ويجهيون آيون، تڏهن جراڙ، بوبنا جو حسن پسي، دانهن ڪري پٽ تي ڪري پيو. تنهن تي ڪورياڻيءَ، بوبنا کي چيو ته:

ٻيو آهي پٽ ۾، هو پرديسي جوان،
آهي اجهي تنهنجي، هو جسم تون جان.

 

ڪورياڻيءَ جا اهي گفتا ٻڌي، بوبنا ڪاوڙجي چيو:

ڌوتي رن ڌتارئين، هيءُ ڪهڙو کٖهلينٌ کيل؟
گدڙ به منهن مکين ها، جي سستو هجي ها تيل!

 

ڪورياڻيءَ جواب ڏنو:

تيل مهانگو، ملهه وڏو، ته به ڪي ته مکيندا منهن،
جراڙ جوڙ تنهنجو، آهي الله جو سُنهن.

 

اهڙيءَ طرح بوبنا کي ڌتاري، جراڙ تائين وٺي آئي. جراڙ جو حُسن ڏسنديئي بوبنا بيوس ٿي بيهي رهي. ڳچ وقت کان پوءِ جراڙ به اکيون کولي بوبنا ڏي ڏٺو. اکيون اکين سان مليون، عشق جي تير ٻنهي جي دلين کي گهائي وڌو. پوءِ بوبنا موٽي ويئي، ۽ جراڙ به ڪورياڻيءَ سان موٽي آيو.

قصو ڪوتاهه - ڪورياڻيءَ جي مدد سان جراڙ ۽ بوبنا روزانو باغ ۾ ملاقات ڪري، عشق جي رهاڻ ڪندا هئا. هوڏانهن جڏهن جادوگرياڻي مار کائي جراڙ جي شهر مان نڪتي، تڏهن سِٽون سٽڻ لڳي ته ڪنهن طرح جراڙ کي وري هٿ ڪجي. سو مردانا ڪپڙا ڪري، هٿراڌو ڏاڙهي مڇون ٺاهي، پاڻ تي ”ڇُٽو“ نالو رکائي، ڄام جي شهر ۾ آئي؛ ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڄام وٽ نوڪر بيٺي. ڄام هن جي چالاڪي ڏسي، کيس پنهنجو خاص صلاحڪار مقرر ڪيو. آخر جڏهن ڄام جو هن ۾ ويساهه ڄميو، تڏهن هڪ ڏينهن وجهه وٺي، ڄام کي چيائين ته: سالم وزير تنهنجو دشمن آهي، هو جلدئي توکي تخت تان لاهي، جراڙ کي تخت تي ويهاريندو. ڄام چيو ته: ان جي ثابتي ڪهڙي آهي؟ جادوگرياڻيءَ جواب ڏنو ته: اهو هن طرح جو اوهان ٻنهي جي شادي مارک ڏاهريءَ جي گهران ڪئي اٿس، تنهنجو مڱڻو مارک جي چريءَ ڌيءَ ڪَڪي سان ڪيو اٿس، ۽ جراڙ جو وري سهڻيءَ بوبنا سان. جي هو تنهنجو سڄڻ هجي ها ته ائين نه ڪري ها. تڏهن ڄام چيس ته: جي ائين آهي ته پوءِ ڪا اٽڪل ڪر، جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. هوءَ پوءِ وجهه ڳوليندي رهي. آخر کيس معلوم ٿيو ته جراڙ هميشہ جمعي جي رات ڏاچيءَ تي چڙهي، بوبنا سان ملڻ ويندو آهي. هڪڙيءَ رات جيئن جراڙ روانو ٿيو، تيئن جادوگرياڻي به سندس پٺيان لڳي، ۽ اچي بوبنا جي باغ ۾ پهتا. جادوگرياڻي اتي لڪي ويهي رهي. بوبنا ۽ جراڙ پاڻ ۾ حال احوال اورڻ لڳا. گهڻيءَ دير کان پوءِ ٻئي ڄڻا موڪلائي، هڪٻئي کان جدا ٿيا. جڏهن بوبنا پرڀرو نڪري ويئي، تڏهن جادوگرياڻي بيهوشيءَ جو تيل جراڙ تي هاري، کيس بيهوش ڪري آڻي ڳوٺ پهچايو.

جادوگرياڻي ۽ ڄام ٻئي ڏينهن اهو هُلايو ته جراڙ چريو ٿي پيو آهي. پوءِ جراڙ کي هڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائون. هن گهڻئي دانهون ڪوڪون ڪيون، پر سيکاريل حڪيمن سندس هڪ به ڪانه ٻڌي. چوٿين ڏينهن هنن جي شادي ٿيڻي هئي. شاديءَ جي ڏينهن ڄڃ تيار ٿي. انهيءَ موقعي تي ڄام، جادوگرياڻيءَ جي چوڻ تي، سالم وزير کي گرفتار ڪيو، ۽ ڄڃ جي اڳواڻ جادوگرياڻي مقرر ٿي. جڏهن ڪاڪ شهر ۾ پهتا، ته مارک ڏاهريءَ جو وزير، هنن جي آجيان لاءِ آيو. ايندي شرط سالم وزير جو پڇيائين. تنهن تي جادوگرياڻيءَ جواب ڏنو ته: سالم وزير مري ويو، اسان کي ٻڌائي ويو هو ته بوبنا جو مڱڻو ڄام سان، ۽ ڪڪي جو جراڙ سان ٿيل آهي. مارک جي وزير چيو ته: ائين نه آهي، بلڪ بوبنا جو مڱڻو جراڙ سان ۽ ڪڪيءَ جو ڄام سان ٿيل آهي. هڪڙيءَ تي جادوگرياڻي ۽ ٻيءَ تي وزير؛ نيٺ وزير وڃي مارک ڏاهريءَ کي خبر ٻڌائي، جنهن کڻي ماٺ ڪئي. بوبنا کي جا خبر پئي، سا پيءُ وٽ وڃي روئڻ لڳي. پيءُ گهڻوئي سمجهايس ته: جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو، هاڻي رضا تي راضي رهڻ چڱو آهي. پر بوبنا چيو ته: آءٌ ڄام سان ڪنهن به حالت ۾ شادي نه ڪنديس. تنهن تي مارک کيس دلاسو ڏيئي روانو ڪيو. مارک ڏاهري جڏهن ڏٺو ته ڄام ڏٺو وائٺو دولاب ٿو ڪري، تڌهن اٽڪل ڪري هن کي چوائي موڪليائين ته: اسان ۾ رواج آهي ته ڪنوار، گهوٽ جي بدران سندس بُت سان لانئون لهندي آهي. سو اوهان کي به رسم موجب هلڻو پوندو. ڄام لاچار اها ڳالهه مڃي، ۽ پوءِ ٻنهي ڪنوارن بتن سان لانئون لڌيون.

شاديءَ جي رسمن بعد، مارک ڏاهريءَ هنن جي مهماني جهلي. شام ٿيندئي ڄام، بوبنا جي طنبوءَ ۾ ويو. بوبنا هن کي ڏسي، ڪاوڙ مان منهن ٻئي پاسي ڪري ويهي رهي. هن جي اها هلت ڏسي ڄام چوڻ لڳو:

حق کان حياءُ ڪهڙو، ڪهڙي تاڻو تاڻ،
کلي ويهه کٽ تي، ته ڪريون روح رهاڻ.

 

اهو ٻڌي بوبنا جواب ڏنو:

ترڪن، ڏاهرين پاڻ ۾، ٿيندي ڪانه قيام،
چاچن ونيون هٿ ڀائٽين، ڀائٽين ونيون چاچن سام.

 

بوبنا جي جواب تي ڄام شرمندو ٿي اٿيو، ۽ وڃي جادوگرياڻيءَ کي سمورو احوال ٻڌايائين، جنهن چيو ته: هتي مائٽاڻي شهر ۾ ماڻا ٿي ڪري، پر جڏهن هُتي هلندي، تڏهن پاڻهي ٺهي ويندي. ٻئي ڏينهن ڄام، مارک کان موڪلائي روانو ٿيو.

هلندي هلندي واٽ تي رات پين، جنهنڪري اتي ئي منزل ڪيائون. رات ٿي ۽ سمهڻ جو وقت آيو، تڏهن ڄام وري بوبنا جي طنبوءَ ۾ ويو. پر بوبنا وري به بيرخيءَ سان منهن ٻئي پاسي ڪري ويهي رهي. تڏهن وري به چيائين:

حق کان مهڻو ڪهڙو، تون ڌري ڏس ڌيان،
مون سان سهڙڻ، سک سمهڻ، آهي تنهنجو شان.

 

تڏهن بوبنا جواب ڏنس ته:

ڇتو مَ ٿيءُ، اکيون پٽ، سولو ڌيان ڌر،
آءٌ زال جراڙ جي، تون ڇِتو ٿي مَ مَر.

 

بوبنا جو اهو جواب ٻڌي، ڄام باهه ٿي هن جي ويجهو آيو؛ تنهن تي بوبنا ”نادر پهلوان“ نالي پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪل ڪئي، جا اگهاڙي ترار هٿ ۾ کڻي بيهي رهي. ترار ڏسي ڄام وٺي ڀڳو، ۽ پنهنجي طنبوءَ ۾ وڃي ساهه پٽيائين.

صبح جو اتان ڪوچ ڪيائون. جادوگرياڻيءَ کي سموري حال جي خبر هئي، سو شهر جي ٻاهران ئي ڄام کي صلاح ڏنائين ته: پنهنجي محلات کي جراڙ جو، ۽ جراڙ جي محلات کي پنهنجو مشهور ڪجي ته پوءِ بوبنا پنهنجي محلات ۾ هلندي. انهيءَ تجويز سان بوبنا کي ڄام جي محلات ۾، ۽ ڪڪيءَ کي جراڙ جي محلات ۾ آڻي لاٿائون. ڄام جي خيال ۾ بوبنا جي شادي ساڻس ٿي هئي، تنهنڪري جراڙ ڪجهه به نٿي ڪري سگهيو، سو کيس آزاد ڪيائين. جراڙ رات جو پنهنجي محلات ۾ آيو ته بوبنا جي بدران چاچيءَ کي ويٺل ڏسي، شرمندو ٿي پوئتي موٽيو. هن کي موٽندو ڏسي، ڪڪيءَ چيو ته:

تڪڙ ڇڏ ترس اتي، جوڌا جوان جراڙ،
ماٺ مان ورندو ڪينڪي، ڪڍ مياڻ مان تراڙ.

 

جراڙ جواب ڏنو ته:

جيڪي لکيو لوح ۾، سو ٿو لوڙيان هاڻ،
رنجائي مائٽ پنهنجا، مون سور کنيا هئا ساڻ.

 

ائين چئي هو محلات مان نڪري ويو.

هوڏانهن جادوگرياڻيءَ اهو سڄو لقاءُ لڪي بيٺي ڏٺو، تنهن ڄام کي وڃي چيو ته: جراڙ ڪڪيءَ کي پنهنجي ڪاڪِي سڏي هليو ويو آهي؛ جيڪڏهن بوبنا اها خبر ٻڌي ته هيڪاري گهوڙا گهوڙا ڪندي؛ ڇو نه جراڙ کي ملڪ نيڪالي ڏيئي ڇڏجي، ته پوءِ هوءَ آخرڪار کيس وساري ڇڏيندي. ڄام هن جي چوڻ تي جراڙ کي يڪدم ملڪ نيڪاليءَ جو حڪم ڏنو.

ٻئي ڏينهن جراڙ ويچارو اباڻو ملڪ ڇڏي، بوبنا کي ياد ڪندو روانو ٿيو. هڪڙي هنڌ ڪي ڌنار ڇوڪرا گڏيس، جن چيس: مٺائي کاراءِ ته توکي بوبنا ڏيکاريون. هو ڊوڙندو ڳوٺ ۾ ڪنهن دڪان تي ويو، ۽ مٺائي وٺي آڻي ٻارن کي ڏنائين. هنن مٺائي کائي چيس ته: اسين بوبنا هن ٻير جي وڻ کي چوندا آهيون. اهو ٻڌي جراڙ وڃي اُن وڻ هيٺ ويٺو. ڌنارن اها ڳالهه وڃي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪئي، جا ڪنهن ڌوتيءَ به ٻڌي ورتي؛ سا ڊوڙندي اتي آئي، ۽ جراڙ کي چيائين ته: رُپيٖ جو ٿالهه ڀري ڏين ته توکي بوبنا سان ملايان. جراڙ اها ڳالهه قبول ڪري، اٿي پنڌ پيو، ۽ راتو رات وڃي پنهنجي شهر ۾ پهتو. اتي هڪڙي دڪاندار وٽ ويو، جو هن کي ڏسي ڊڄي ويو؛ ڇو ته هن کي نيڪالي مليل هئي. جراڙ پنهنجو مقصد ٻڌايس. تڏهن دوڪاندار هن تي قياس ڪري، رُپيٖ جو ٿالهه ڀري ڏنو. هيءُ اهو ٿالهه کڻي پوئين پير موٽيو، ۽ صبح سان اچي ڌوتيءَ کي ڏنائين. ڌوتيءَ ٿالهه وٺي هٿ ڪيو. ان بعد وڃي بوبنا کي چتائي آئي، ۽ ڄام کي مارک ڏاهريءَ جي پاران خط لکيائين ته بوبنا جون سهيليون گهمڻ لاءِ اچن ٿيون، جيڪي بوبنا کي توسان پرچائي ڇڏينديون. ڄام انهيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ جراڙ کي زنانو ويس پارائي، پاڻ سان گڏ وٺي وڃي بوبنا وٽ پهتي. بوبنا ۽ جراڙ هڪٻئي سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا.

رات جو جڏهن ڄام جي اچڻ جو وقت ٿيو، تڏهن بوبنا، جراڙ کي لڪائي ڇڏيو. ٿوري دير مس گذري ته ڄام محلات ۾ آيو ۽ چيائين:

ڀلا پرين ڀلائِي ڪر، ڀَلاءِ پنهنجو پاڻ،
ڇڏي رنج رسامو، ڪر اچي روح رهاڻ.

 

بوبنا جواب ۾ چيو ته:

منهنجي جان جراڙ سان، منهنجو روح اتي،
اٿم ياد اندر ۾، سو ويٺي ۽ سُتي.

 

تنهن تي ڄام ڪاوڙجي چيو ته:

جراڙ هن ملڪ مان، هاڻ وڃڻ کي ويو،
تون وساري ان کي، منهنجو مڃ چيو.

 

تڏهن بوبنا چيس ته:

انڌو ٿئين عشق ۾، تون سهرو آءٌ ننهن،
ڪين ٿينديس تنهنجي، آهيم الله جو سنهن.

 

بوبنا جو جواب ٻڌي ڄام اڳتي وڌيو، پر اڳيان ”نادر“ کي اگهاڙي ترار سان ايندي ڏسي پوئتي ڀڳو، ۽ جيئن محلات جي ڏاڪڻ تان تڪڙو هيٺ ٿي لٿو، تيئن پير کسڪي ويس، ۽ وڃي پٽ تي ڪريو ۽ چاڙي اُکڙي پيس. هوڏانهن جادوگرياڻيءَ کي شڪ پيو ته ڪجهه مڙئي آهي. سو جاچ ڪندي جڏهن جراڙ جو پتو پيس، تڏهن يڪدم ڄام کي ٻڌائي، صلاح ڏنائين ته جراڙ کي سمنڊ ۾ اڇلارائي ڇڏجي ته چڱو ٿيندو. ڄام ٻه جلاد موڪلي، جراڙ کي پڪڙائي، سمنڊ ۾ اُڇلارائي ڇڏيو؛ جو لڙهندو لڙهندو وڃي ڪن مهاڻن کي هٿ لڳو، جن کيس پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو.

جراڙ وڃڻ وقت بوبنا کي ٻڌايو هو ته: سالم وزير پنهنجو خير خواهه آهي، ان کي ڄام قيد ڪري ڇڏيو آهي. تنهن کي ڪنهن طرح آزاد ڪرائج. تنهنڪري جراڙ جي وڃڻ کان پوءِ، هن سالم وزير جي ڳولا شروع ڪئي. آخرڪار هڪڙيءَ جاءِ ۾ کيس تمام خراب حالت ۾ ڳولي لڌائين، جتان لڪ ڇپ ۾ کيس وٺي آڻي علاج شروع ڪيائين. سالم وزير تندرست ٿيڻ تي کيس سمورو قصو بيان ڪري ٻڌايو؛ وري جڏهن جراڙ جي گم ٿيڻ جو ٻڌائين، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس. هو نجوم جو به ماهر هو، سو پنهنجي علم جي وسيلي ڏٺائين ته جراڙ اڃان جيئرو آهي. پوءِ ته سڄي ملڪ ۾ پڙهو گهمايائين ته ”جيڪو ماڻهو جراڙ کي جيئرو هٿ ڪري ايندو، ان کي ڏهه هزار روپيه انعام ملندو“. پڙهو سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. ڄام حيران هو ته اهو پڙهو ڪنهن ڏياريو. جڏهن مهاڻن اهو ٻڌو، سي پڇا ڪندا، اچي ڄام جي شهر ۾ پهتا، ۽ سالم وزير کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي جراڙ سان ملايائون. هو مهاڻن کي انعام ڏيئي، جراڙ کي پاڻ سان وٺي ڳوٺ آيو، ۽ جراڙ جي خيرخواهه اميرن وزيرن سان ملي سڄو قصو ٻڌايائين. امير وزير ته اڳئي ڇُٽيٖ (جادوگرياڻي) ۽ ڄام مان ڪڪ هئا، تن سالم وزير کي چيو ته: تنهنجو جيئن حڪم هوندو، اُئين ڪنداسين. اسين سڀ تنهنجا مددگار آهيون.

ٻئي ڏينهن جراڙ، اميرن وزيرن سان گڏجي، ڄام جي ڪچهريءَ ۾ آيو. اتي سڀني فيصلو ڪيو ته: ڄام کي تخت تان لاهي، جراڙ کي تخت تي ويهارجي. پر جراڙ اهو فيصلو قبول نه ڪيو، ۽ اميرن وزيرن کي چيائين ته: تخت تاج ڀلي ڄام سنڀالي، ڇاڪاڻ ته هو وڏو آهي. جراڙ جي اها مروت ڏسي ڄام ڏاڍو شرمندو ٿيو. پوءِ جراڙ جي پيرن تي ڪري، کانئس معافي ورتائين ۽ چيائين:

مديون مونکي معاف ڪر، بوبنا لڳي منهنجي ماءُ،
هاڻ اسم اٿئي الله جو، مون کان ڪڪي ڪيم وڃاءِ.

 

جراڙ ڀاءُ کي ڀاڪر پائي، کيس سڀ خطائون بخش ڪيون؛ رڳو جادوگرياڻيءَ کي ڦاهي چاڙهائي ڇڏيائين، جنهن کيس دربدر ڪيو هو. پوءِ ٻئي ڀائر پنهنجي ڪنوارن سميت خوش گذارڻ لڳا.

 

 

--��--


*  انهيءَ عنوان سببان اها لوڪ ادب سلسلي جي ستاويهين ڪتاب ”لوڪ ڪهاڻيون-7، ڳاهن سان ڳالهيون“ ۾ درج ڪئي وئي آهي.

[1]  ڏسو ”تحفة الڪرام“، سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي بورڊ، سنه 1957ع، ص ص 624-625.

[2]  هيٺ ڏنل روايت نمبر 4 مطابق جراڙ، دادو ضلعي جي آسپاس واري علائقي جو حاڪم ڄاڻايل آهي، جو غالباً تاريخي اعتبار سان صحيح نه آهي.

[3]  راوي علي محمد اوٺو.

[4]  راوي حاجي محمد سوڍو بگهياڙ، ويٺل ميرپور ساڪرو

[5]  ۽

[6]  راوي ميرو ذات راهو، ويٺل ڳوٺ پانڌي هڱورو

*  هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمر ڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org