روايت [2]*
ڪنهن زماني ۾، سنڌ ملڪ تي ”نظام“ نالي هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو.
کيس هڪڙو ڀاءُ به هو، جنهنجو نالو ”ڄام“ هو. ٽيون
سندن ساٿي وزير صالح هو. اهي ٽيئي ڄڻا هر ڪم هڪٻئي
جي صلاح سان ڪندا هئا. انهيءَ ڪري ملڪ ۾ امن امان
۽ سُڪر لڳو پيو هو. رعيت ڏاڍي خوش هئي.
بادشاهه نظام کي ٻيو ته ڪوبه ڏک ڪونه هو، پر فقط هڪ ڏک هوس، جو
کيس اولاد ڪونه هو، جو کانئس پوءِ سندس گاديءَ جو
ڌڻي ٿئي. هڪڙي ڏينهن وزير صالح صلاح ڏنيس ته:
جيئندا قبلا! مون ٻڌو آهي ته پنهنجي ملڪ مان سامين
جو هڪ ساٿ مَٽڻ وارو آهي. چون ٿا ته انهن ۾ هڪ
پيرسن سامي آهي، جو وڏيءَ ڪرامت وارو آهي. اميد
آهي ته ان جي دعا سان اوهان جو مشڪل آسان ٿيندو.
بادشاهه ويچارو هو اولاد جو بکيو، سو وڃي شهر جي
دروازي تي بيٺو. نيٺ ڪجهه وقت کان پوءِ سامين جو
ساٿ آيو. بادشاهه سڀني کان جهوني ساميءَ جي پلؤ ۾
وڃي هٿ وڌو، ۽ چوڻ لڳو ته: اي سامي! دنيا ۾ ڪنهن
ٻيءَ شيء جي گهرج ڪانه اٿم، جيڪڏهن ڪو ڏک اٿم، ته
ان جي دوا به تون ڪري سگهين ٿو. سامي پنهنجا ٻئي
هٿ مٿي کڻي چيو ته: ابا! دنيا وارن جا ڏک سور ڌڻي
لاهيندو، آءٌ سندس بيوس بندو ڇا ڪري سگهندس... تون
چؤ، الله کي وڻي ته چڱو ٿيندو. بادشاهه چيس ته:
فقير سائين! اولاد جو اڃايل آهيان. سامي فقير ڪي
گهڙيون ويچاري چيو ته: تنهنجي شهر جي هڪڙي باغ ۾
ڪو فقير رهي ٿو، اهو تنهنجي من جي مراد پوري ڪندو.
ائين چئي پيرسن سامي پنهنجي راهه وٺي روانو ٿيو.
بادشاهه محلات ۾ موٽي آيو، ۽ يڪدم ماڻهو موڪليائين ته ڏسي اچو
ته ڪهڙي باغ ۾ فقير رهي ٿو. ماڻهو ڏسي آيا.
بادشاهه پنهنجي سر اڪيلو فقير ڏي ويو. ڏسي ته باغ
سڄو سڪو پيو آهي. وچ باغ ۾ هڪڙي ننڍڙي جهوپڙي آهي،
جنهن مان دونهون پيو نڪري. بادشاهه جهوپڙيءَ ۾
گهڙي ڏسي ته هڪڙو فقير اَگهور ننڊ ۾ پيو آهي، هڪ
ڪنڊ ۾ ڇيڻن جي دونهين پئي دکي. ڇيڻا به ٻري ٻري رک
ٿي ويا هئا. رڳو ٿورا ڇيڻا وڃي بچيا هئا. خيال
ڪيائين ته جيستائين فقير سجاڳ ٿئي، تيستائين ڇو نه
ڪجهه باهه کي مچائي وٺان، ۽ باغ کي به پاڻي ڏيان.
سو پاڻ جهنگ مان ڇيڻا آڻي باهه ٻاريائين. انهيءَ
ڪم کان واندو ٿي، باغ کي پاڻي ڏنائين. ائين ڪندي،
ڪي ڏينهن گذري ويس، پر فقير ستوئي پيو هو. نيٺ
هڪڙي ڏينهن، فقير ڪر موڙي اٿي کڙو ٿيو. اٿڻ سان
نظر وڃي باغ تي پيس، ته حيران ٿي ويو. ڇو ته اڳي
جڏهن به ننڊ مان اٿندو هو ته باغ سڪل هوندو هو، پر
اڄ باغ سائو ڏسي جهوپڙيءَ کان ٻاهر آيو. ڏسي ته
هڪڙو شخص ٻوٽن کي پاڻي پيو ڏئي. فقير هڪل ڪري
پڇيس: اي شخص! ڪير آهين ۽ هتي ايتري محنت ڪهڙي
مطلب تي پيو ڪرين؟ بادشاهه آواز تي ڪنڌ ڦيرائي
ڏٺو، ۽ فقير کي ڏسي ڊوڙي اچي پيرن تي ڪريو؛ چئي:
فقير سائين! اولاد جو اڃايل آهيان. فقير چيس ته:
تو اسان کي خوش ڪيو آهي، تنهنڪري ڌڻيءَ جي
مهربانيءَ سان پٽ ڄمندئي، پر پٽ جو نالو ”جراڙ“
رکجان، ۽ ان جو لکيو ”مارک ڏاهري“ جي ڌيءَ ”بوبنا“
سان آهي. بادشاهه تمام خوش ٿي محل ۾ موٽي آيو.
ڪن ڏينهن کان پوءِ، راڻي اميدواري ٿي. ٻارڙو ڄائو، ۽ نالو، فقير
جي چوڻ موجب ”جراڙ“ رکيائونس. جراڙ اڄ ننڍو، سڀاڻ
وڏو، اچي جوان ٿيو. شڪل چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙي
هئيس. هڪ دفعو جيڪو کيس ڏسندو هو، سو سندس ساراهه
مان ڍاپندو ئي ڪين هو. هو اڙٻنگ جوان هو. سڄو
ڏينهن شيل شڪار پيو ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي
باغ ۾ لنگهي ويو. گهمندي ڦرندي هڪڙي ٻاري ۾ ڏسي ته
ڪا سداملوڪ نينگري پئي گل چونڊي. ڏسڻ سان ئي مٿس
موهت ٿي پيو. ۽ هوءَ به شهزادي جراڙ کي ڏسي دل جان
سان مٿس عاشق ٿي پئي. ڳالهيون ٻولهيون ڪندي هن کي
پتو پيو ته اها سهڻي نينگري[1]
بادشاهي باغ جي مالهڻ آهي ۽ نالو ڇَتي اٿس. شهزادي
کي اها ڇَتي اهڙي ته وڻي ويئي جو اڳيان پويان آسرا
لاهي اتي ئي ويهي رهيو. بادشاهه نظام کي جڏهن اها
سڌ پيئي، تڏهن فقير جو چوڻ ياد آيس ته جراڙ جو
لکيو مارک ڏاهريءَ جي ڌيءَ بوبنا سان ٿيندو؛ سو
يڪدم پنهنجي وزير صالح کي پنهنجي ڀاءُ ڄام ۽ پٽ
جراڙ جون تصويرون ڏئي، مارک ڏاهريءَ ڏي اماڻيائين
ته وڃي ٻنهي جي لاءِ سڱ جي گهر ڪري. مارک ڏاهري،
شهزادي جراڙ جو سنڱ بوبنا سان ۽ ڄام جو ڪڪيءَ سان
سڱ قبوليو. صالح وزير کي سوکڙيون پاکڙيون ڏئي واپس
ڪيائين. صالح وزير جي اچڻ تي شاديءَ جا سانباها
ٿيڻ لڳا.
خدا جي قدرت سان نظام بادشاهه پٽ جي پرڻي کان اڳ گذاري ويو.
نظام جي مرڻ کان پوءِ پڳ جو حقدار جراڙ هو، پر هن
کي ”ڇتي مالهڻ“ مان ايتري واندڪائي ڪٿي هئي، جو
اچي بادشاهي سنڀالي. هڻندي ڌڻندي آخر مالهڻ، جراڙ
کي انهيءَ ڳالهه تي بيهاريو ته ”ڀلي ڄام پڳ ڌڻي
ٿئي ۽ تون مون وٽ رهه.“ نيٺ ڄام پڳ ٻڌي، تخت تي
ويٺو ۽ جراڙ، ڇتيءَ مالهڻ وٽ ويهي رهيو. ڇتيءَ کي
سڌ هئي ته جراڙ لاءِ بوبنا جو سڱ ڇڪايل آهي، سو
هرهنڌ بڇڙيون تصويرون لڳرائي ڇڏيين، جن جي هيٺان
لکيل هو ته ”هيءَ بوبنا جي تصوير آهي.“
هڪ ڏينهن شهزادو جراڙ شڪار تي ويو. هلندي هلندي وڃي بوبنا جي هڪ
نقلي تصوير وٽ بيٺو. بڇڙي تصوير ڏسي ڏاڍو حيران
ٿيو، ۽ ويچارڻ لڳو ته ماڻهو ته بوبنا جي حسن جي
ڏاڍي تعريف ٿا ڪن، پوءِ هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي! سو
انجام ڪيائين ته هڪ ڀيرو بوبنا کي ضرور ڏسبو. اهو
خيال ڪري، شڪار جي پچر ڇڏي، پنهنجي سنگتي ”ڳاڙهُو
جت“ وٽ آيو؛ ۽ ان کان هڪ تيز رفتار اُٺ وٺي، مارک
ڏاهري جي ڳوٺ اچي پهتو. شهر ۾ هڪڙي ڪوريءَ[2]
جي در تي هٿ هڻي، پيئڻ لاءِ پاڻي گهريائين. ڪوريءَ
ته ڏانهنس ڏٺوئي ڪين، پر پنهنجيءَ زال کي چيائين
ته: هن کي پاڻي پيار. ڪورياڻي پاڻيءَ جو وٽو ڀري
کڻي آئي؛ اڃان جراڙ تي اک پيس ته پاڻي هٿن مان
ڇڏائجي ويس، ۽ تڪڙي تڪڙي موٽي مڙس وٽ آئي. چئي: هن
ملڪ ۾ حسن وارا ماڻهو گهڻا؟ ڪوريءَ جواب ڏنو ته:
جملي اڍائي... هڪ نظام بادشاهه جو پٽ جراڙ، ٻي
مارک ڏاهريءَ جي ڌيءَ بوبنا، اڌ آءٌ، جو هڪ دفعو
بوبنا کي ڏٺو اٿم ۽ سندس سونهن جي نشي ۾ اڃان ٻڏل
آهيان. جوڻس چيو ته: ڀلا ٿورو دروازي تي بيٺل
همراهه ته هلي ڏس. ڪوري اٿيو ۽ در تي اچي جراڙ کي
ڏٺائين. بس، همراهه ڏسڻ شرط غش ٿي ڪري پيو. آخر
جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن جراڙ کي وٺي گهر ۾ آيو. جڏهن
حال احوال ورتائين، ۽ هن کان خبر پيس ته اهو جراڙ
آهي، تڏهن وڌيڪ عزت ڏيڻ لڳس. هاڻي ڪوري روز جراڙ
جو اٺ چارڻ وٺي ويندو هو، ۽ هو گهر ۾ ويٺو هوندو
هو.
هڪڙي ڏينهن جراڙ، ڪوري جي زال کي پنهنجي دل جي مدعا ٻڌائي، ته
هن سبب ڪري سفر سٺو اٿم. مڄاڻ اها ڪورياڻي ڪا
بوبنا جي ساهيڙي هئي. سو جواب ڏنائينس ته: جراڙ!
تو ڪست ته وڏو ڪيو آهي، ڇو جو بوبنا جتي رهي ٿي،
اُتان نر پکي پيو هڪلجي. فقط اٺين اٺين ڏينهن
بوبنا باغ ۾ ايندي آهي. تڏهن به جيڪو گاڏيءَ وارو
آهي، ان جون اکيون ٻڌي ڇڏيندا آهن. پر چڱو... آءٌ
مڙئي ڪا اٽڪل ڪنديس... پوءِ هڪ ڏينهن بهانو ٺاهي
بوبنا کي باغ ۾ وٺي آئي، ۽ جراڙ کي چئي ڇڏيو
هئائين ته فلاڻي وقت اُٺ تي چڙهي، ڀت ٽپي باغ ۾
اچجئين. قصو ڪوتاهه؛ ڪورياڻي جي چوڻ موجب جراڙ ڀت
ٽپي باغ ۾ داخل ٿيو. گهمندي ڦرندي جڏهن بوبنا جي
سامهون آيو، تڏهن اُن کي ڏسڻ شرط بيهوش ٿي ڪري
پيو. بوبنا جي ڀيڻ ڪڪي، جا ڄام جي نالي ٿيل هئي -
۽ بوبنا جون ٻيون ساهيڙيون وٺي ڀڳيون، پر بوبنا ۽
ڪورياڻي اُتي ترسي پيون. بوبنا ڪورياڻيءَ کان پڇيو
ته: هي ڪير آهي، ۽ مون کي هتي ڇو آندو اٿئي؟
ڪورياڻي چيو ته: هوندو ڪو غريب، پر هل ته کيس
اُٿاري پوءِ هلون. نيٺ جراڙ کي سجاڳ ڪري هليون
ويون، ۽ هو انهن کي ڏسندو ئي رهجي ويو.
شهزادي جراڙ باغ ۾ اچڻ وقت اُٺ کي ڇڏي ڏنو هو، جو موٽي پنهنجي
ملڪ ۾، ڳاڙهُوءَ وٽ وڃي پهتو. انهيءَ وچ ۾ هوڏانهن
ڇتي بقالڻ سمجهي ويئي ته لاشڪ جراڙ، بوبنا وٽ وڃي
گرفتار ٿيو سو مردانو ويس ڪري، ڳاڙهوءَ کي دڙڪا
ڏيئي، اُٺ تي چڙهي، اچي مارک ڏاهريءَ جي شهر ۾
پهتي. اُٺ انهيءَ باغ جو هيراڪ هو، سو اندر باغ ۾
ٽپي ويو. ڇتي بقالڻ اُٺ تان لهي باغ جو واءُ سئاءُ
وٺڻ لڳي. گهمندي ڦرندي ڏسي ته شهزدو جراڙ هڪڙي وڻ
جي ٽاري جهليو بيٺو آهي، ۽ بيٺو ”بوبنا بوبنا“
ڪري. اهو حال ڏسي هن وٺي کڻي اُٺ تي ويهاريس. اُٺ
هلندو رهيو، پر جراڙ کي ”بوبنا“ جي وائي وات هئي.
نيٺ اچي پنهنجي باغ ۾ رسي. اُتي انب جي وڻ جي هڪ
ٽاري هٿ ۾ ڏيئي بيهاري ڇڏيائينس. هو ايترو ته مست
هو، جو ائين ئي بيٺو رهيو؛ ڄڻ ته بوبنا جي باغ ۾
بيٺو هجي.
ڇتي بقالڻ روزانو اچي جراڙ کي پاڻ ڏانهن مائل ڪندي هئي؛ پر جنهن
جا هوش حواس بوبنا وڃائي ڇڏيا هئا، سو ڪٿي ٿو سندس
ڳالهه ٻڌي. آخرڪار اُتان نااُميد ٿي، مردانو ويس
ڍڪي، پاڻ تي ”ڇتو“ نالو رکي، اچي ڄام کي پاسو
ڏنائين. چئي: تنهنجي مڱ ڪڪي ڪنهن ڪم جي ڪانهي،
بوبنا سونهن جي پتلي آهي، تون اُن سان پرڻج. ڄام
چيس ته: اهو ڪيئن ٿي سگهندو... جڏهن بوبنا، جراڙ
جي مڱ آهي ۽ وڏي ڳالهه ته صالح وزير جي هوندي ائين
ڪڏهن به ڪونه ٿي سگهندو! ڇتيءَ چيو ته: انهيءَ جو
آءٌ اهڙو بندوبست ٿو ڪريان، جو پاڻهي اميد ٿيندين.
هاڻي تون صالح وزير کي حڪم ڏي ته: مون سان گڏ
خزانو کڻي، هلي مون کي پرڻاءِ. پوءِ جڏهن خزانو
کوليندو ته پاڻ پيتيون کڻي، صالح کي ڌڪ هڻي ڪيرائي
اندر بند ڪنداسين. آءٌ تنهنجو وزير ٿي هلندس ۽ هلي
توکي پرڻائيندس. ڄام هن جي چوڻ موجب يڪدم صالح کي
بند ڪري، خزانو کڻي، ڄڃ وٺي اچي مارک جي شهر ۾
پهتو.
مارک ڏاهريءَ هنن کان جراڙ ۽ صالح جو پڇيو. هنن چيو ته: جراڙ کي
حڪومت سنڀالڻ لاءِ ڇڏي آيا آهيون ۽ باقي ويچارو
صالح وزير، سو گذاري ويو. پر مرڻ وقت چيائين ته،
بوبنا جي شادي ڄام سان ۽ ڪَڪي جي شادي جراڙ سان
ٿيندي. مارک ڏاهري پهرين ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن
ڪئي، پر پوءِ قبول ڪيائين. شاديءَ جون تياريون ٿي
ويون. مارک ڏاهري، ڄام کي چيو ته: اسان ۾ رواج آهي
ته اسين گهوٽ کي لانئون پهرين ڪاٺ جي ٿنڀ سان
ڏياريندا آهيون. تڏهن هنن به جراڙ جي بدران ڪاٺ جو
ٿنڀ کنيو، جنهن سان ڪڪيءَ لانئون لڌيون ۽ ڄام به
ڪاٺ جي ٿنڀ سان لانئون لهي اُٿي کڙو ٿيو[3].
بوبنا ته ڏيکاريائونس ئي ڪانه. جڏهن پنهنجي ملڪ ٿي
موٽيا، تڏهن مارک ڏاهريءَ، بوبنا جون ٻه
ساهيڙيون-جن ۾ هڪڙي ڪورياڻي به هئي-بوبنا سان گڏي
ڇڏيون، جن کي پورا هٿيار پنوهار پهريل هئا. واٽ تي
هڪڙي منزل تي ڪورياڻي، ڄام کي بوبنا سان ملڻ نه
ڏنو. جڏهن ڄام، ڇتي سان اها خبر ڪئي، تڏهن هن چيو
ته: پنهنجي شهر ۾ پهچي، پاڻهي سڌي ٿيندي. پنهنجي
حڪومت ۾ پهچي، ڇتيءَ جي صلاح سان ڪڪيءَ کي جراڙ
واري محلات ۾، ۽ بوبنا کي ڄام واري محلات ۾
لاٿائون.
هوڏانهن جراڙ وڻ جي ٽاري جهليو ”بوبنا، بوبنا“ پيو تنواريندو
هو. ڇتي، جڏهن کان ڄام جي وزير ٿي هئي، تڏهن کان
باغ اُجاڙ ٿي ويو هو. هڪڙي ڀيري ٻه ڪاٺير، ڇتيءَ
جي باغ ۾ آيا؛ سي باغ جي حالت ڏسي هڪٻئي کي چوڻ
لڳا: بلي، بلي! جڏهن ڇتي بقارڻ هئي، تڏهن ته هن
باغ جا ڏاڍا اوج هئا، پر هاڻي جڏهن ڇتو وزير ٿيو
آهي، ۽ ڄام، بوبنا سان شادي ڪئي آهي، تڏهن کان باغ
سُڃو ٿي ويو آهي. اهي گفتا ٻڌي، جراڙ جا نشا ئي
ٽُٽي پيا؛ ۽ سجاڳ ٿي، سڄي خبر وٺي، محلات ۾ پهتو.
ڪَڪيءَ کي ڏٺائين، جنهن چيس ته: بوبنا، ڄام واري
محلات ۾ آهي، آءٌ سنديس ڀيڻ آهيان. جراڙ اوڏانهن
ويو، پر ڇتي بقارڻ پهري جو انتظام ڪري ڇڏيو هو،
تنهنڪري اتي پهچي نه سگهيو.
هاڻي جراڙ پنهنجي پيءُ جي دوستن ڀرڳڙين سان وڃي حال ڪيو. هنن
صلاح ڪئي ’ڄام بادشاهه کي چوائي ٿا موڪليون ته
اسين ٻارن ٻچن سان مبارڪي ڏيڻ اينداسين. پوءِ توکي
زنانو ويس ڍڪائي، محلات ۾ موڪلينداسين.‘ انهيءَ
صلاح موجب يڪدم قاصد موڪليائون. ڄام کي ڇتيءَ
بقارڻ سجاڳ ڪيو ته: خيال ڪجئين، انهيءَ ۾ ضرور ڪا
حرفت هوندي. قصو ڪوتاهه-ڀرڳڙي اچي پهتا. جراڙ به
زناني ويس ۾ انهن سان گڏ هو. جنهن مهل گهوڙن تان
لٿا، تنهن وقت ڇتيءَ مرداني وک سڃاتي، ۽ شڪ پيس؛
پر جراڙ اندر وڃي بوبنا وٽ پهتو. پوءِ ڀرڳڙي ڪجهه
وقت اُتي ترسي، جراڙ کي اُتي ئي ڇڏي موٽي ويا.
ڇتيءَ کي اچي شڪ پيو، سو ڄام کي انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪيائين ته
اندر وڃي. پر هوءَ ڪنهن به حيلي سان اندر نه پهچي
سگهي. نيٺ ڇتي پاڻ زنانو ويس ڪري اندر ويئي.
ڏٺائين ته جراڙ، بوبنا سان گڏ، هڪڙي پلنگ تي ستو
پيو آهي. ڇاڪيائين جو جراڙ جا ڊگها وار، پلنگ جي
پاڳي سان ٻڌي ڇڏيائين، ۽ ٻاهر وڃي ڄام کي وٺي آئي.
يڪدم جراڙ کي ٻَڌائي ٻاهر نيائون. جراڙ اُتي وڃڻ
وقت بوبنا کي چيو ته: صالح وزير کي خزاني واري
ڪوٺيءَ ۾ نهارج؛ جي اهو هوندو ته بچنداسين نه ته
هاڻي بچڻ ڪونهي. پوءِ هنن جراڙ کي درياءَ تي نيئي،
پٿر ٻڌي کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلايو. پر فقيرن جي دعا ڏنل
هئي، سو پٿر به کيس سڻيهه ٿي پيام، ۽ بچي وڃي
ڪناري تي پهتو. جراڙ جي وڃڻ کان پوءِ بوبنا، ڄام
کان خزاني جون چاٻيون گهريون. ڄام کيس راضي ڪرڻ
لاءِ چاٻيون ڏنيون. بوبنا وڃي خزاني جي ڪوٺي کولي.
خزاني جون پيتيون کوليندي، هڪڙي پيتيءَ ۾ صالح
وزير کي ڏٺائين، جنهن ۾ اڃان ڪجهه دم هو. بوبنا
کيس پنهنجي محلات ۾ وٺي آئي ۽ لڪچوريءَ سندس خدمت
ڪري، کيس چاق ڪيائين.
هوڏانهن وري جراڙ ٽلڪي ٽلڪي وڃي ڀرڳڙين وٽ پهتو، جن سندس گهڻي
خدمت ڪئي. جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن سڄو قصو ڪري
ٻڌايائين. ڀرڳڙين کيس پنجاهه پهلوان ڏنا ته وڃي
ڄام کان پنهنجو حق وٺي. ٻئي طرف جڏهن صالح وزير
چاق ٿي نڪتو، تڏهن ڇتيءَ جا ڇيهه ئي ڇڄي پيا. صالح
وري يڪدم حڪومت تي قبضو ڪيو، ۽ ڄام کي محلات کان
ٻاهر هڪ پاسي ويهاري ڇڏيائين. پوءِ پاڻ ماڻهو وٺي
جراڙ جي ڳولا ۾ نڪتو. واٽ تي جراڙ به پنجاهه ماڻهن
سان پئي آيو. ٻئي ڄڻا دوبدو مليا. پوءِ صالح کيس
تخت تي ويهاري، وري نئين سر سندس شادي بوبنا سان ۽
ڄام جي شادي ڪَڪيءَ سان ڪرائي ڇڏي.
--��--
روايت [3]*
ترڪ سلطان بادشاهه کي ٻه پٽ هئا. هڪ ڄام ٻيو نِدام (نظام). ڄام
وڏو هو ۽ موڳو هو. نِدام ننڍو پر عقل وارو هو.
سلطان بادشاهه وفات ڪئي. ڀائرن چيو ته نِدام کي پڳ
ٻڌايون، سو صالح وزير جي صلاح سان پڳ کڻي نِدام جي
ڪچهريءَ ۾ آيا. صالح وزير چيو ته: ڀائرن کان پڇو
ته ڪيئن آيا آهيو؟
السلام عليڪم سپرين، وَ عليڪم السلام،
ڀلي ڪري آيا يارو! جيءُ به چوانوَ جوان،
جيڪا ڳالهه اندر سندي، کولي ڪريو بيان.
صالح وزير جواب ڏنو:
ڀائرن چڱي من ۾، ٻي مدي نه ڪندو الله،
ڀائر ڀليري راڄ جا، تو لئي پڳ کڻي آيا،
اٿي ٻڌ پاڳڙي، آنٌ جا گولا ٿيون غلام،
چڙهي ويهه تخت تي، تون وڏو ٿي سلطان.
تڏهن نِدام چيو ته: ڀائرو! ڀلي ڪري آيا، پر وڏي ڀاءُ هوندي،
ننڍي تي پڳ جائز ڪانهي. اوهان پڳ مون لاءِ آندي،
پر آءٌ ٿو ڄام کي ٻڌايان. ڀائرن چيو ته: اهو رهيو
پنهنجي جاءِ تي. نِدام چيو ته: آءٌ ٿو سڏايانس.
پوءِ چيائين ته: ننڍي وزير عاقل خان امير کي ٿا
موڪليون.
عاقل خان، ڄام جي اوطاق تي پهتو. نوڪرن، ڄام کي اطلاع ڏنو. هو
ويچارو هڪ ته موڳو هو، ٻيو پر متڙيو، تنهن کي
نوڪرن چاڪرن اڳئي نِدام جي خلاف خبرون ٻڌائي
برغلائي ڇڏيو هو، سو چيائين: ڀلي اچي، پر ڳالهه
ڪري بس ڪري، ۽ آءٌ بڇ ڪريان ته اُڦٽ ماري وجهجوس.
عاقل خان اندر آيو ته نه ڪنهن سلام جهليس، نه
گهوڙو ورتائونس. اتي ئي بيهي پيغام ڏنائين.
اڄ ڀاءُ ڀليري، توکي سڏيو نِدام آهه،
ڀائر سڄي راڄ جا، تو لئي پڳ کڻي آئيا.
هلي ٻڌو پاڳڙي، آنٌ جا گولا ٿيون غلام،
چڙهي ويهه تخت تي، وڏو ٿيءُ سلطان.
پيغام ڏيئي بس ڪيائين ته ڄام بڇ ڪرائي. هيءُ اڳيئي هوشيار ٿيو
بيٺو هو، ۽ گهوڙي جي واڳ به هٿ ۾ هيس، سو ٽپي
چڙهيو گهوڙي تي ۽ مس مس گهوڙو ڀڄائي اچي ندام وٽ
پهتو. ندام ۽ صالح وزير خبرون پڇيس. هن سموري خبر
ٻڌائي. ندام ڪاوڙجي چيو ته: تون ۽ ٻيا وچ وجهي
ڀائر ٿا ويڙهايو. پوءِ ان کي ڪاٺ ۾ هڻايائين، ۽
صالح وزير کي چيائين ته تون وڃي ڄام کي وٺي آءُ!
صالح وزير سهي سنڀري ويو. هڪڙي ماڻهو هن کي پريان ايندو ڏسي،
ڄام کي چيو ته: صالح وزير پنجاهه مڙسن جو مَٽ، اچي
پيو. ڄام وري به پنهنجن ماڻهن کي سيکاري ڇڏيو.
صالح وزير اوطاق جي در تي بيٺو. نوڪر ڄام کي اطلاع
ڪيو. هن کي به نه ڪنهن سلام ورايو، ۽ نڪي گهوڙو
جهليائونس. سهي ڪيائين ته اڄ خير ڪونهي، سو گهوڙي
کي واڳ کان وٺي، پريان ئي ڄام کي نياپو ڏنائين.
اڄ ڀاءُ ڀليري، توکي سڏيو ندام آهه،
ڀائر ڀليري راڄ جا، تو لاءِ پڳ کڻي آئيا.
هلي ٻڌ پاڳڙي، آنٌ جا گولا ٿيون غلام،
چڙهي ويهه تخت تي، تون وڏو ٿيءُ سلطان.
هن به پيغام ڏئي بس ڪيو، ته ساڳيءَ طرح ڄام هن تي به بڇ ڪرائي.
هي پهلوان مڙس هو، وڙهي، ڪي ماري، جان بچائي ڀڳو.
ندام وٽ پهچي، خيال ڪيائين ته جي سچي ڳالهه ڪندس
ته ندام مون کي به عاقل وزير وانگر ڪاٺ ۾ وجهندو؛
سو ندام کي چيائين ته: مون پيغام ڏنو، ته ڄام روئي
ڏنو، ۽ چيائين ته جي اَدي کي صحيح سچي پڳ ٻڌائڻي
آهي ته پاڻ اچي. وچان ماڻهو ڇو پيو موڪلي!
ندام بادشاهه چيو ته: ادي جي اها ڳالهه سچي آهي؛ مون کي پاڻ وڃڻ
گهرجي. پوءِ سهي سنڀري گهوڙي تي چڙهڻ جي تياري
ڪيائين ته صالح وزير چيس ته: پنجاهه پهلوان ساڻ
کڻجو. پڇيائين ته: لڙائي آهي ڇا؟ صالح وزير چيو
ته: نه اها شان ۽ عزت جي ڳالهه آهي. سو پنجاهه
پهلوان ۽ صالح وزير ساڻ ڪري، چڙهي روانو ٿيو. جڏهن
ڄام جي ڪچهريءَ کي ويجها ويا ته نه ڪنهن سلام ڪيو،
نه گهوڙو جهليو. اتي ندام بيهي ڄام کي چيو:
السلام عليڪم سپرين، اي ڀائر ڀليرا،
هلي ٻڌ پاڳڙي، چڙهي ويهه تخت مٿان.
ڄام ورندي ڪانه ڏني. ڀانيائين ته ڪو رنج اٿس، سو وري چيائين:
ڀاءُ ڪوٺينم ڪيني، ته متان سيري ٽڪر ڏئينم،
ٽڪر ڏئنم ڪينڪي، ته تنهنجي گهوڙن گاهه ڪريان،
گهوڙن گاهيو نه ڪرين، ته متان شهر نيڪالي ڏئينم،
مان ڪنين سڻان ائين، ته منهنجي بابل تخت وسي.
اهو سڻي ڄام بڇ ڪرائي. صالح وزير پنجاهه پهلوانن سان تيار هو.
لڙائي ڪندي هٽي ٻاهر نڪتا. جڏهن پنهنجي جاءِ تي
پهتا، تڏهن صالح وزير، ندام کي چيو ته: پڳ، راڄ
جنهن کي ٻڌائي... جي تون نه ٻڌندين ته ٻئي کي
ٻڌنداسون. بهرحال ندام بادشاهه پڳ ٻڌڻ قبول ڪئي.
ڀيريون وڳيون، ۽ ندام بادشاهه پڳ ٻڌي. اتي ڄام کي
به کٽڪو ٿيو.
ندام بادشاهه ته بنيو پر کيس اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو. هڪ ڏينهن
صالح وزير کي چيائين ته: بدشاهي بيپرواهي لڳي پئي
آهي، پر اولاد ڪونه ٿو ٿئي. ”مُلي وِرڌني“ کي
گهرايو ته ڍارو هڻي ڏسي ته اولاد ٿيندو يا نه.
مُولو ورڌني آيو. صالح وزير ان کي چيو ته: سولو
جواب ڏج. جڏهن ٻوڏ چوين ته سوڪ ٿئي، جڏهن سوڪ چوين
ته ٻوڏ ٿئي. مولي ورڌني پوٿي ڏسي حساب ڪري ندام کي
چيو ته: اَٺن سالن ۾ توکي پٽ ڪونه ٿيندو. اهو ٻڌي
ندام کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ڪڇيو پڇيو ڪين، ماٺڙي ڪري
ويهي رهيو. اتي صالح وزير خيال ڪيو ته: مُولي کي
ائين چوڻ نه کپندو هو، سو بادشاهه جي دک لاهڻ لاءِ
مُولي کي چيائين ته: اڙي مُولا! ٻارهن مهينن ۾
بادشاهه کي اولاد ٿيندو. مولي چيو ته: ائين ٿئي ته
آءٌ سِر لکي ٿو ڏيان، نه ته تون لکي ڏي. صالح ۽
مولي شرط لکي، صحيحون ۽ مهرون ڪري، هڪٻئي کي سِر
لکي ڏنا.
ان بعد ندام اولاد جي غم ۾ ملول رهندو هو. هڪڙيءَ رات سندس زال
”خاتون“ ڪو خواب ڏٺو. ڇرڪ ڀري اٿي ته محلات جو
دروازو کليل ڏٺائين. صبح جو سڄو حال ندام بادشاهه
سان ڪيائين ته:
ستي لڌم سپنو، ۽ ستي لڌم خواب،
خواب سنديون خبرون، ٿو ڄاڻي هڪ الله،
ڪنهن فقير جا ڳايس، ستي ننڊ منجها،
سوا جريب زمين ۾، آهي جنهن جي وڄا،
اترئين ڪنڊ تي وڃي، سيوَل پڇائجا،
آڌيءَ مهل تان اُٿي، مون در پٽيل ڏٺا.
(خاتون چيو ته مون خواب ڏٺو ته سيوَل فقير آيو آهي، ۽ مونکي
چيائين ته ندام بادشاهه کي مون ڏي موڪل ته سندس من
جي مراد پوري ٿئي. ڇرڪ ڀري جاڳيس ته دروازو پٽيل
ڏٺم).
ندام بادشاهه، راڄ ڀاڳ صالح وزير جي حوالي ڪري چيو ته: آءٌ
ٻارهن مهينا اندر محلات ۾ ويهي ورد ڪمائيندس. پوءِ
اڌ رات جو گهوڙو پلاڻي پنڌ پيو.
--��--
روايت [4]*
چون ٿا ته دادو ضلعي ۾ ”مرکپور“ نالي شهر جو حاڪم ”ڄام مرک“ هو.
کيس ”بوبنا“ نالي ڌيءَ هئي؛ جنهن جي سونهن هنڌين
ماڳين مشهور هئي. ڄام مرک، شهر جي ٻاهران ڍنڍ جي
ڪپ تي، کيس هڪڙو عاليشان محلات اَڏائي ڏنو هو،
جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ساهيڙين ۽ ٻانهين سميت رهندي
هئي. ڍنڍ جي ڪپ تي سهڻو باغ هو. بوبنا گهڻو ڪري
ساهيڙين سميت باغ ۾ راند روند ڪندي هئي، پوءِ گڏجي
ڍنڍ ۾ وهنجنديون هيون.
جراڙ نالي هڪ نوجوان، هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي، وڳر کان وڇڙي، ڄام
مرک جي حڪومت ۾ اچي نڪتو، ۽ ڍنڍ جي ڪپ تي باغ ڏسي
آرام ڪرڻ لاءِ اتي لهي پيو. ٿڪ ڀڃي، پهريائين پاڻ
پاڻي پيتائين، ۽ پوءِ گهوڙي کي پاڻي پيارڻ لڳو ته
ايتري ۾ بوبنا به ساهيڙين سميت ڍنڍ تي وهنجڻ لاءِ
آئي. ٻئي ڄڻا هڪٻئي کي ڏسندي دل کسائي ويٺا. پوءِ
ٻانهيءَ جي معرفت ملڻ جو انجام پڪو ڪيائين[4].
محلات تي بيٺل پهري مان بچي، بوبنا تائين وڃڻ آسان ڪم نه هو،
تنهنڪري جراڙ جهنگ مان هڪڙي سرنگهه هڻائي، جا سڌي
بوبنا جي محلات تائين پهتي. انهيءَ سرنگهه مان
جراڙ روزانو رات جو بوبنا سان ملڻ لاءِ ايندو هو،
۽ صبح ٿيڻ کان اڳ موٽي ويندو هو.
هڪ ڀيري جراڙ، بوبنا جي ڪوٺيءَ ۾ ويٺو هو ته اوچتو ٻاهران ڄام
مرک جي اچڻ جو پتو پيو. بوبنا يڪدم جراڙ کي لڪائڻ
لاءِ ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو. ٻانهي به تڙتڪڙ ۾ جراڙ
کي هڪڙي پيتيءَ ۾ سمهاري، پاڻ پيتيءَ جي مٿان چڙهي
ويٺي. جراڙ جي پڳ پلنگ تي رهجي ويئي. ڄام مرک جيئن
اندر گهڙيو ته پڳ ڏٺائين. ڪجهه شڪيو ته ڪو مرد
ماڻهو ضرور هتي موجود آهي، سو پڇيائين ته: هيءَ پڳ
ڪٿان آئي؟ بوبنا ٺهه ٺپ جواب ڏنو ته: اها پڳ مون
ٻڌي آهي. ڄام مرک عجب ۾ پئجي چيس ته: چڱو ڀلا، وري
ٻڌي ڏيکار! بوبنا کي اچي ڊپ ورايو ته اجها ٿي
ڳالهه پڌري ٿئي پر وري به ويچار ڪري پيءُ کي
چيائين ته: بابا! اوهان جي منهن تي پڳ ٻڌندي
ڦِڪائي ٿي ٿئيم، سو گهڙي کن ٻاهر بيهو ته آءٌ پڳ
ٻڌي اوهان کي ڏيکاريان. ڄام مرک، جراڙ جي ٻڌل پڳ
ڊاهي، پاڻ ٻاهر ٿي بيٺو. بوبنا يڪدم دروازو بند
ڪري جراڙ کي پيتيءَ مان ڪڍيو؛ جو پڳ ٻڌي، وري
پيتيءَ ۾ لڪي ويو. ان بعد بوبنا پيءُ کي سڏ ڪري پڳ
ڏيکاري. ڄام مرک ٻڌل پڳ ڏسي کڻي ماٺ ڪئي، ۽ بوبنا
سان خبرچار ڪري موٽي ويو.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڄام مرک وري به اوچتو بوبنا جي محلات ۾
آيو. ٻانهيءَ، جراڙ کي وري به پيتيءَ ۾ لڪايو، ۽
پاڻ پيتيءَ تي چڙهي ويٺي. ڊپ کان جراڙ پيتيءَ ۾
ڏڪڻ لڳو، تنهن تي ٻانهيءَ جراڙ کي تنبيهه ڪئي ته:
ٺَڙڪ ڦَڙڪ نه ڀؤنٌرا، پريت نه هوئي ايءُ،
جي سکن ڀائي آهين، ته دکن ڀائي به ٿيءُ.
ڄام مرک، پيتيءَ ۾ جراڙ جو آواز، ۽ ٻانهيءَ جي واتان ڳالهه ٻڌي
شڪجي پيو، سو هن کي چيائين ته: مون کي کولي
سمجهاءِ ته اهو ڇا چيئي، ۽ ڪنهن جي لاءِ چيئي؟
ٻانهيءَ هٿ ٻڌي، ڏڪندي ڏڪندي ڄام مرک کي چيو ته:
سائين! آءٌ ڪالهه باغ ۾ ويس ته اتي ڏٺم ته هڪڙو
ڀؤنٌر، ڪنول جي گل تي ويٺو ته گل ٻُوٽجي ويو، ۽
ڀؤنٌر ويچارو مري ويو. اها ڳالهه ياد آيم، تڏهن
ڏنيم. ڄام کي اعتبار ئي نه آيو، سو چيائينس ته:
هل، هلي ڏيکار... جي اها ڳالهه سچي نه نڪتي ته
ڦاسي چاڙهائي ڇڏبئي. ٻانهي ويچاري ڳالهه ڪرڻ کي ته
ڪري ويٺي، پر هاڻي اچي سر سان لڳس. پوءِ ته ڏڪندي
ڏڪندي ڄام مرک سان گڏجي باغ ۾ آئي، ڍنڍ جي ڪپ تي
ڪنول جا گل بيٺا هئا. انهن مان هڪڙي گل کي جو
کوليائين، ته ان مان مئل ڀؤنٌر نڪري آيو. ٻانهي
ويچاريءَ جي پيٽ ۾ ساهه پيو؛ ۽ ڄام به اهو لقاءُ
ڏسي موٽي ويو.
قصو ڪوتاهه، بوبنا ۽ جراڙ جون ملاقاتون پيون ٿينديون هيون.
چوندا آهن ته ”عشق ۽ مشڪ لڪڻو ئي ناهي“، سو هنن جي
عشق جو چوٻول به آخر وڃي ڄام مرک جي ڪَن تي پيو؛
تنهن ماٺ ميٺ ۾ بوبنا جي محلات تي هيڪاري گهڻو
پهرو بيهاري ڇڏيو. جراڙ ته ايندوئي سرنگهه مان هو،
تنهن کي پهرو ڇا ڪندو؟ سو دستور موجب روزانو رات
جو بوبنا سان ملڻ لاءِ پيو ايندو هو. ڄام مرک ڏاڍا
حيلا هلايا ته ڪنهن طرح خبر پوي ته جراڙ ڪهڙيءَ
طرح محلات ۾ اچي ٿو؛ پر پتو ڪونه پيو.
هڪڙيءَ رات اتفاق سان جراڙ جي ڪُتِي به، ساڻس رَلجي ويئي، جنهن
جي جراڙ کي خبر ڪانه هئي. هو ته ماڙيءَ تي بوبنا
سان رهاڻ ڪري، صبح جو پنهنجي ماڳ موٽي ويو، پر
ڪُتِي محلات ۾ ئي رهجي ويئي. صبح جو چوڪيدارن ڪتي
ڏسي، سڃاتي ته جراڙ جي آهي؛ سو يڪدم ڄام کي اطلاع
ڪيائون. ڄام خيال ڪيو، ڪُتي ته برابر جراڙ جي آهي،
پر هتي محلات ۾ ڪيئن آئي؟ تڏهن حڪم ڏنائين ته
ڪُتيءَ کي هڪالي ڀڄايو. ڪتيءَ کي ڀڄايائون ته
اوڏانهن وڃڻ لڳي، جتان آئي هئي. يعني ڊوڙي وڃي
سرنگهه ۾ گهڙي. اتي ڄام کي خبر پئي ته جراڙ ڪيئن
ٿو محلات ۾ اچي. هاڻي ته ويريءَ کان وير وٺڻ سولو
هئس، سو ڪجهه سپاهي سرنگهه جي منهن تي بيهاري
ڇڏيائين.
سج لٿي کان پوءِ جڏهن لوڪ لقاءُ ستو، تڏهن دستور موجب جراڙ به
سرنگهه مان سٽيندو آيو. جيئن ئي بوبنا جي محلات ۾
پهچڻ لاءِ، سرنگهه ما ٻاهر نڪتو. تيئن سپاهي کيس
پڪڙي ڄام مرک وٽ وٺي آيا. جنهن کيس مارائي، سندس
لاش ڍنڍ ۾ اڇلارائي ڇڏيو[5].
لاش به لڙهندو لڙهندو صبح جو اچي انهيءَ هنڌ
اٽڪيو، جتي بوبنا ۽ سندس سهيليون، وهنجڻ ۽ راند
روند ڪرڻ اينديون هيون. بوبنا سڄي رات انتظار ۾
ويٺي رهي. کيس ڪهڙي خبر ته ساڻس ڪهڙو ويل وِهايو
اٿن. صبح جو ٻانهي ڊوڙندي آئي، جنهن سموري حقيقت
بوبنا کي ٻڌائي. هوءَ واويلا ڪندي ڍنڍ تي آئي؛
جراڙ جو لاش ڏسي، دانهن ڪري ڍنڍ ۾ ڪري پئي، ۽ اتي
ئي ساهه ڏنائين.
--��--
روايت [5]*
ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي هڪ حصي تي ’مارک مير‘ نالي بادشاهه حڪومت
ڪندو هو. کيس ’جلال‘ نالي ڀائٽيو هو، جو سندس هم
عمر هو. ٻنهي جي پاڻ ۾ ڀائرن جهڙي پريت هئي. چاچو
ڀائٽيو ٻئي ڄڻا هڪٻئي کان پل به جدا نه ٿيندا هئا.
خدا جي قدرت جو سندن شادي به هڪڙي ئي ڏينهن گڏ ٿي
هئي. شوق شڪار کان سواءِ سندن سرندي ڪانه هئي.
ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ، مارک مير جي زال مري ويئي، جنهنڪري ڀر
واري بادشاهيءَ مان ’بوبنا‘ نالي شهزاديءَ سان
شادي ڪيائين. بوبنا اهڙي ته سهڻي هئي، جو آسپاس جا
ڪئين شهزادا ۽ امير ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ آتا هئا؛
پر قدرت جي لکئي موجب بوبنا جي شادي مارک مير سان
ٿي.
جلال پڻ بوبنا جي سونهن جي ساراهه ٻڌي مٿس پرپٺ عاشق ٿي پيو هو؛
سان جڏهن پرڻجي مارک مير جي محلات ۾ آئي، تڏهن هو
محلات ۾ گهڻي اچ وڃ ڪرڻ لڳو. بوبنا به جڏهن جلال
جي پهلواني ۽ سونهن کي ڏٺو، تڏهن اها به کيس ڀانئڻ
لڳي. اهڙيءَ طرح ٻنهي جو پاڻ ۾ عشق ٿي ويو. جلال
جي محلات ۾ گهڻي اچ وڃ، بوبنا سان ڳجهين ملاقاتن،
مارک مير کي شڪ ۾ وجهي ڇڏيو. آخر ٻانهين مان خبر
پيس ته بوبنا ۽ جلال جو پاڻ ۾ عشق ٿي ويو آهي. اهو
ٻڌي، مارک مير ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. يڪدم
پنهنجي ڪوٽ ۽ محلات جي چوڌاري سخت پهرو بيهاري،
جلال کي ڪوٽ ۾ اچڻ کان منع ڪري ڇڏيائين.
قدرت سان جلال کي هڪڙي اهڙي سرنگهه جي خبر هئي، جنهن جو هڪڙو
منهن ڪوٽ کان ٻاهر هو ۽ ٻيو منهن محلات ۾ اندر هو.
جلال روز رات جو لڪي سرنگهه مان وڃي ’بوبنا‘ جي
محلات ۾ ساڻس محبت ونڊي، فجر جو هليو ايندو هو.
اهڙيءَ طرح ڪو وقت گذري ويو.
چوندا آهن ته خون ۽ کٿوري لڪڻوئي ڪونهي، سو هڪڙي ڏينهن اتفاق
سان مارک مير کي بوبنا ۽ جلال جي ملاقات جي خبر
پئجي ويئي. پنهنجي ڀائٽيي جلال تي اهڙي ڪاوڙ آيس،
جو فيصلو ڪيائين ته هن کي جيئري قبر ۾ پورائي
ڇڏجي. پوءِ پنهنجا سپاهي موڪلي جلال کي پڪڙائي،
حڪم ڏنائين ته: جلال کي ڪوڏر هٿ ۾ ڏيو ته پنهنجي
قبر پاڻ کوٽي. وزير، جلال کي هڪڙي سخت زمين تي وٺي
ويو. جتي کيس هٿ ۾ ڪوڏر ڏيئي قبر کوٽڻ لاءِ
چيائين. مارک مير پنهنجي وزير کي هلندي مهل چئي
ڇڏيو هو ته قبر کوٽيندي جيڪڏهن جلال ڪو بيت چئي ته
ڇڏي ڏجوس.
قبر کوٽيندي کوٽيندي جلال جا هٿ ڦٽجي پيا ۽ رت ريلا ڪري وهڻ
لڳو. تڏهن وزير چيس ته: سائين! هٿن مان رت ڇو ٿو
وهي؟ ان جو جواب جلال بيت ۾ ڏنو:
مارک ۽ جلال، کڏون ڪين کوٽيون،
يا واڳون ٽيڪ لڳيون، يا ڳوريءَ ڳل ٻانهون.
(مارک ۽ مون ڪڏهن به کڏون ڪونه کوٽيون. اسان جي هٿن ۾ يا ته
سدائين گهوڙن جون واڳون رهيون، يا ته سهڻين عورتن
کي ڀاڪرن ۾ جهليندا هئاسين، انهيءَ ڪري ڪوڏر
منهنجا هٿ ڦٽي وڌا آهن)
جلال جي بيت ڏيڻ تي وزير هن کي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ ته مارک مير جو
حڪم ائين هو. وزير کيس ائين به ٻڌايو ته آئيندي
بوبنا سان ملڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪري، نه ته مارک
مير کيس مارائي ڇڏيندو. جلال پنهنجي گهر موٽي آيو،
پر خيال ڪيائين ته بوبنا سان ملاقات اَوس ڪبي،
پوءِ کڻي سر ڇو نه هليو وڃي؛ سو راتين جو لڪي لڪي؛
پهريدارن کان پاڻ بچائي، ڪنهن حيلي سان وڃي بوبنا
سان ملندو هو.
هڪڙي ڏينهن مارک مير شڪار تي وڃڻ جو ارادو ڪري، ڪجهه لشڪر پاڻ
سان وٺي روانو ٿي ويو. ساڻس گڏ جلال به هو. مارک
مير ۽ جلال پنهنجن سامونڊي گهوڙن تي سوار هئا.
هلندي هلندي سج لٿي مهل، پنهنجي بادشاهي ڇڏي وڃي
هڪڙي رڻ پٽ ۾ پهتا. مٿان اچي رات پيئي، سو خيال
ڪيائون ته هاڻي موٽڻ ڪهڙو، رات اتي ئي گذاري صبح
جو موٽي هلنداسون. پوءِ هڪڙو هرڻ شڪار ڪري، باهه
تي پچائي کائي سمهي رهيا. مڄاڻ انهيءَ رات جلال جو
بوبنا سان ملڻ جو انجام هو ۽ ڪيئن به ڪري کيس اتي
رسڻو هو. سڄي ڏينهن جي پنڌ ۽ ٿڪ سببان مارک مير
توڙي سندس همراهن کي جلد ئي ننڊ اچي ويئي، پر
ويچارو جلال پاسا ورائيندو رهيو. آخر جڏهن پڪ ٿيس
ته سڀ سمهي رهيا آهن، تڏهن آهستي آهستي اُٿي هڪڙي
سامونڊي گهوڙي تي چڙهي وٺي اُڏاڻو. اڌ رات کان اڳ
وڃي بوبنا وٽ پهتو. رهاڻ ڪري وري جو گهوڙي کي
پِيلڪ ڏنائين ته پرهه ڦٽيءَ کان اڳ اچي رڻ پٽ ۾
پهتو ۽ ساٿين سان گڏ سمهي رهيو.
صبح جو ٻيا سڀ سويل اٿيا، پر جلال اوجاڳي جو ماريل هو، سو نه
اُٿيو. آخر گهڻيءَ دير کان پوءِ مس مس سجاڳ ٿيو.
سڀني کي هن جون اکيون ننڊا اکڙيون ۽ ڳاڙهيون نظر
آيون. ويتر جو گهوڙي کي لٽ ۾ ڀريل ڏٺائون سو
هيڪاري پڪ ٿين ته جلال رات جو ڪيڏانهن ويو هو.
مارک مير کي يڪدم شڪ پيو ته هي شايد بوبنا سان
ملاقات ڪرڻ ويو هوندو، پر وري خيال ڪيائين ته
منهنجو ملڪ هتان ٿيو سڄيءَ رات جو پنڌ، جلال ڪيئن
هڪڙيءَ رات ۾ وڃي موٽي آيو؟ پر تڏهن به پڪ ڪرڻ
لاءِ جلال کان پڇيائين ته:
اکيون تنهنجون ڪام ڪهيون، اهي بنان ڪات،
سچ چئو ڙي جلاليا! ڪيسر هئين رات.
(اڙي جلال! تنهنجون اکيون اوجاڳي سبب رت جهڙيون ڳاڙهيون آهن سچ
ٻڌاءِ ته رات ڪٿي هئين.؟)
جلال ٺهه پهه جواب ڏنس ته: تنهنجي بوبنا ماڻي آيس. اهو جواب ٻڌي
مارک مير ڪاوڙ مان سڄو ڪاراٽجي ويو. رت جو ڍڪ ڀري
ماٺ ڪيائين، ۽ ملڪ ڏانهن موٽي آيو.
ملڪ ۾ پهچي مارک مير خيال ڪيو ته جيستائين جلال جيئرو هوندو،
بوبنا جي پچر نه ڇڏيندو ۽ بوبنا به ساڻس عشق ڪندي
رهندي، تنهنڪري ڇو نه جلال کي مارائي ڇڏجي. اهو
خيال ڪري وزير کي حڪم ڏنائين ته: ڪهڙيءَ طرح به
جلال کي پڪڙائي، شهر جي ٻاهران وڃي مارائي ڇڏيو.
حڪم موجب وزير، سپاهين کي ساڻ ڪري وڃي جلال کي
جهليو ۽ پوءِ کيس شهر کان ٻاهر وٺي ويا. ان مهل
مارک مير کي جلال جا ٽي پٽ ويندي نظر آيا. جن کي
پيءُ جي مارجڻ جي کڙڪ پئجي ويئي هئي. سي پيءُ کي
ڇڏائڻ لاءِ پٺيانئس ٿي ويا. مارک مير انهن کي سڏي
چيو ته: انهيءَ طرف نه وڃو، جو اوڏانهن ڏاند ٿا
ڪُهن، تنهن تي انهن مان هڪڙي جواب ڏنس ته:
منهنجي پيءَ جلال کي، ڏاڏا! چئو مَ ڏاند،
ڄائو هو ته ڀلي مئو، پر هو تنهنجي جوءِ جو ڪانڌ.
(ڏاڏا! اسان جي پيءُ کي ڏاند نه چئو؛ جو ڄائو آهي، سو اَوس
مرندو، پر ماڻهو ائين چوندا ته جلال تنهنجي جوءِ
بوبنا جو مڙس هو).
مارک مير اهو طعنو ٻڌي سڙي ويو. ڪاوڙ ۾ اچي ڇوڪرن کي پڪڙڻ جو
حڪم ڏنائين. جلال جا پٽ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا، تن
مارک جي سپاهين سان ڏاڍي ويڙهه ڏني، پر آخر وڙهندي
وڙهندي اتي ئي مارجي ويا. هوڏانهن جلال کي وزير
مارائي سندس ۽ پٽن جا لاشا درياءَ ۾ لوڙهائي ڇڏيا.
بوبنا پنهنجي محلات جي دريءَ مان اهي لاشا لڙهندا
ڏٺا، تڏهن ٻانهيءَ کان پڇا ڪيائين، جنهن سموري
حقيقت ٻڌايس. جلال جي مارجڻ جو ٻڌي، بوبنا پاڻ به
درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي، ٻڏي مري ويئي.
|